باب نائون
مير محمد نصير خان ”الغازي“
سنڌ جا سرحدي واقعا:
مير نورمحمد خان جي وفات کان پوءِ سندس ڀاءُ مير
محمد نصير خان ”الغازي“ جو پڙهيل، داناءَ ۽ مسلم
الثبوت قابليت رکندڙ هو. حيدرآباد جي تخت تي ويٺو.
سنه 1258هه/1842ع ۾ ڪالرا جي موذي مرض سنڌ ۾ منهن
ڪڍيو. شاهي خاندان جا گهڻائي شهزادا ديرن سميت
حيدرآباد جي قلعي کي ڇڏي ٻاهر ڳوٺن ۾ وڃي رهيا.
اٽڪل ٽن مهينن تائين بيماري سنڌ ۾ رهي. سنڌ جي
سرحدن تي امن ۽ امان ڪرڻ لاءِ مير مير نور محمد
خان جوڳو انتظام رکي ويو هو، جيئن انگريزن کي
آئينده لاءِ ڪا شڪايت نه رهي. کوسا، جي ٿرپارڪر
ضلعي جي سرحد ٽپي ڪڇ ۾ ڦرون ڪندا هئا، تن جي سردار
بهادر خان کي مير ثريا جاه بهادر ٿر مان لڏائي اپر
سنڌ ۾ رهڻ لاءِ حڪم ڏنو هو. ٿر جي راڻي جڳت سنگهه
تي ٽالپري فوج چڪاس رکڻ لڳي.
سنڌ کي انگريزن پنجاب، بلوچستان ۽ راجپوتانا کان
ڇني بلڪل ڌار ڪري رکيو هو. سنڌ جو انگريز ريزيڊنٽ
ميجر آئوٽ رام سنڌ ۽ بلوچستان جي نگراني ڪرڻ تي
مقرر هو. سرحدي بلوچ مري، بگٽي، ڊومڪي، جکراڻي جن
ڪابل جي جنگ وقت انگريز قافلن کي لٽيو هو تن کي
قلات جي مير نصير خان ثاني امن امان ۾ رهڻ لاءِ
صلاح ڏني. حالانڪه مير محراب خان جي شهيد ٿيڻ کان
پوءِ بلوچستان جي سڀني بلوچن ۾ انگريزن خلاف عام
ناراضپو هو. مير شير محمد خان ماڻڪاڻي، لهڙي جي
ڊومڪي سردار کي دعوت ۾ لکي موڪليو ته جيڪڏهن هو
دره بولان تي ڪاهه ڪندو ته پنج هزار ماڻڪاڻي لشڪر
سندس مدد ڪندو. انگريز ايجنٽن کي مٿين خطن جي پوري
خبر هئي. سندن معرفت خان پنهنجي ڍاڍر جي نائب مولا
بخش معرفت ڊومڪين جي سردار کي صلح ۾ رهڻ لاءِ صلاح
ڏني. خان پاران افتار خان رند هٿياربند بلوچ دستن
سان دره جي حفاظت ڪرڻ لڳو. روجھاڻ جو قلعو جيڪو
شڪارپور کان 26 ميل ۽ خانڳڙهه کان ڏهن ميلن تي
بليدين جو صدر مقام هو ۽ جاني ديري جون زرخيز
زمينون بروهين ڦٻائي ورتيون بلڪه مامول جي جھنگ تي
قبضي ڄمائڻ لاءِ اهي منتظر هئا. 11 جولاءِ 1842ع ۾
مير نصير خان شهداداڻي، ميجر آئوٽ رام کي سنڌ ۽
بلوچستان جي حدن کي مقرر ڪرڻ لاءِ لکيو. مگر
انگريز سرحدي بلوچن کي هر طرح سان ٺارڻ جي ڪوشش
ڪرڻ لڳا جيئن قنڌار جو رستو سندن ضد کان آزاد رهي.
سنه 1838ع ۾ ڪابل جنگ وقت مرين، بگٽين ۽ ٻين سرحدي
بلوچن جي هڪڙي ليوي پوليس قافلن جي سنڀال لاءِ کڙي
ڪئي هئي.
17 جولاءِ 1842ع ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جو پوليٽيڪل
ايجنٽ ڊومڪين جي سردار بجار خان ۽ جکراڻي سردار
دريا خان جو پاڻ ۾ صلح ڪرايو هو، مگر مري ٻنهي
قومن جا دشمن هئا. انگريزن سان کين خاص عداوت هئي.
ڪابل فتح ٿيڻ ڪري انگريز ريزيڊنٽن کي اقتدار حاصل
هو. مير نورمحمد خان جي پٽ مير حسن علي خان ۽ مير
شهداد خان جو پاڻ ۾ ملڪيت تان تڪرار ٿيو. نواب ولي
محمد خان لغاري جو پٽ سردار احمد خان جي اشاري تي
مير صوبدار خان شهزادي حسين علي خان کي ڀڙڪائڻ
لڳو. سندن فيصلو مير محمد نصير خان ميجر آئوٽ رام
معرفت ڪرايو.
ڪابل ۾ انگريزن جي تباهي ۽ شجاع جو قتل ٿيڻ:
لارڊ آڪلنڊ جنهن مفت سنڌوندي پريان هڪ هزار ميلن
جي مفاصلي تي ڪابل جي جنگ ڪئي هئي تنهن جو خميازو
انگريزن کي ڀوڳڻو پيو. شاهه شجاع جنهن فرنگين کي
افغانستان ۾ آندو، سندس روش ڪري عام افغانن ۾
ناراضپو پئجي ويو. سمورا افغان امير دوست محمد خان
جي پٽ اڪبر خان جي جھنڊي هيٺ جنگ استقلال ۾ شامل
ٿيا. 27 جون 1839ع ۾ 57 ورهين جي عمر ۾ رنجيت
سنگهه انتقال ڪري ويو. سندس مرڻ کان پوءِ خالصن جو
زوال شروع ٿيو. سندس وزيرن ۽ سردارن ۾ نفاق پئجي
ويو. رنجيت سنگهه جنهن ڪابل جي مهم ۾ انگريزن کي
مدد ڏني هئي سا مدد سندس مئي کان پوءِ ختم ٿي
ويئي. سنه 1840ع ۾ روسين خيوا خلاف قدم کنيو. توڙي
جو خيوا جي مهم ۾ روسي ڪامياب ٿي نه سگهيا مگر
ايشيا ۾ انگريز ۽ روس ٻه زبردست طاقتون هيون جيڪي
وچ ايشيا ۾ دخل ڏيڻ لڳا. سينٽ پيٽرسبرگ ۽ ڪورٽ
آوسينٽ جيمس وچ ۾ سياسي ڇڪتاڻ شروع ٿي. اڻويهين
صدي جي سڄي عرصي ۾ انگريز هندستانين کي مفت روسي
ڀوت جو خوف ڏيارڻ لڳا. حالانڪه افغانستان يا
بلوچستان جھڙن جابلو ملڪن کي ٽپڻ روسين لاءِ ڏکيو
ڪم هو. روس فقط هڪڙو بهانو هو جنهن جي اوٽ وٺي
انگريز سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب، ڪابل جي آزادي کي
سلب ڪرڻ لڳا. شاهه شجاع جنهن لاءِ افغانن کي نفرت
هئي سو بالا حصار قلعي ۾ ڏيڍ سو زالن سان عيش ۾
مشغول هو. مئڪناٽن ۽ اليگزينڊر برنس افغانستان تي
بادشاهي هلائي رهيا هئا. ٻن سالن تائين سنگين جي
نوڪ تي حڪومت هلائڻ ۾ ڪامياب ٿيا. اهي هٿيارن جي
زر تي مطمئن زندگي بسر ڪري رهيا هئا. انگريز
عملدارن مئڊمون به گهرايون هيون ته ڀل ڪابل جي
لطيف هوا ۽ لذيذ ميون کان گل اندام ڀوريون لطف
اندوز رهن. ڪابل جو بالاحصار قلعو جتان هڪ هزار
سولجرن سان انگريز ڪنهن به مصيبت کي منهن ڏيئي پي
سگهيا سو شاهه شجاع زنان خاني رکڻ ڪري کانئن خالي
ڪرايو هو. اُهي کلي ميدان ۾ ڇانوڻي جوڙي ويٺا هئا.
مگر کين اها خبر ڪانه هي ته جنهن زمين تي هو
آشيانو جوڙي ويٺا هئا سو ظاهري جيترو فرحت افزا ۽
گلريز هو اوترو ئي اندروني هڪڙي آتش فشان پهاڙ
وانگر هو جو ڦاٽڻ تي هو. ستاويهه مهينن جي قبضي
کان پوءِ منجھانئن دونهون نڪرڻ شروع ٿيو ايتري قدر
جو فضا غبار ۾ ڍڪجڻ لڳي. گل اندام مئڊمون جيڪي شام
جو پيانو جي سريلن ترانن سان فضا کي ترنم خيز
بڻائينديون هيون. هينئر فضا جي رخ بدلجڻ ڪري سندن
رقص ۽ سرود جي روزمره محفلن ۾ خاموشي ڇانئجڻ لڳي.
مير آزاد خان نوشيرواني جو قلات فتح ڪرڻ:
انگريز لشڪر کي خيبر ۽ بولان درن کان سامان پهچندو
هو سي افغانن ۽ بلوچن جي ڦرلٽ لاءِ شڪار گاهه هئا.
انگريزن بلوچستان کي پنهنجي فولادي چنبي ۾ دٻائي
رکڻ لاءِ 1841ع ۾ سون مياڻي کان قلات تائين ڪپتان
لي ميسوريئر کي ملڪ جي سروي ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو.
مگر براهوئي سراواني سردارن مان پهريان سردار محمد
خان شهواڻي فرنگين خلاف بغاوت جو جھنڊو بلند ڪيو.
خاران جي نامور نواب مير آزاد خان نوشيرواني جي
اڳواڻي هيٺ ٻن هزار براهوئي جانبازن سان قلات جي
قلعي تي گهيرو ڪيو.
ليفٽيننٽ لوڊي قتل ٿي ويو. مير شاهنواز خان جنهن
شاه شجاع وانگر انگريزن جي زور تي قلات تي قبضو
ڪيو هو، تنهن جان بچائي نڪري سنڌ ۾ پناهه ورتي.
ميجر آئوٽ رام هن لاءِ ساليانو هڪ هزار رپيا وظيفو
مقرر ڪري پهريان لاڙڪاڻي ۾ پوءِ شڪارپور ۾ رهايو.
هرات ۽ قنڌار ۾ افغانن جي فسادن ڪري انگريزن کي
ناڻو پاڻي وانگر وهائڻو پيو. قنڌار جي اتر اوڀرندي
وارا غلزئي به انگريزن جي ناڻي تي پلجڻ لڳا. مٿين
خرچن جو ٻوجھ ڪلڪتي تي پوڻ لڳو. ڇاڪاڻ جو ڪابل جي
مقيم انگريز فوجن جو ساليانو خرچ ڏيڍ ڪروڙ رپيا
هو. نتيجو اهو نڪتو جو ڪمپني جي ڊائريڪٽرن جي ڪورٽ
سنه 1840ع ۾ شمله حڪومت کي لکيو ڪابل جي حڪومت
انگريز لشڪر جي موجودگيءَ کان سواءِ جٽاءُ ڪرڻ کان
عاجز آهي. گورنر جنرل سر وليم مئڪناٽن برٽش ڪابل
جي ايلچي کي خرچن گهٽائڻ لاءِ هدايت ڪئي. برٽش
سفير سردارن کي اطلاع ڏنو. اطلاع ملڻ شرط ٻرندڙ
جبل ڦاٽ کاڌو، افغان قافلن کي ڦرڻ لڳا. انگريز
لشڪر کي کاڌ خوراڪ جي ڪمي سبب پريشاني محسوس ٿيڻ
لڳي.
برٽش سفارت جي ميمبرن جو قتل:
مئڪناٽن کي بمبئي جو گورنر مقرر ڪيو ويو. 20 نومبر
1841ع ۾ هن کي ڪابل ڇڏڻو هو پر حالتون بدلجڻ
لڳيون. 20 نومبر تي فسادين سر اليگزينڊر برنس کي
بنگلي اندر شهر جي وچ ۾ ڪُٺو. ساڳي وقت شاهه شجاع
جو خزانچي ڪپتان جانسٽن افغانن هٿان مارجي ويو، ٻه
لک رپيا فسادين (مجاهدن) کي سندس بنگلي مان هٿ
لڳا. برٽش فوجن جو ڪمانڊر جنرل ايلفنسٽن راڻي
وڪٽوريه جي فوجن جو پراڻو سپاهي هو پر هينئر سندس
عقل ڪم نه پيو ڪري. مئڪناٽن جلال آباد ڇانوڻي جي
ڪمانڊر رابرٽ سيل ۽ قنڌار جي ڪمانڊر سر ڊبليو ناٽ
کي مدد موڪلڻ لاءِ پيغام موڪليا پر مجاهدن رستا
بند ڪري ڇڏيا هئا، ان ڪري ڪابل پهچڻ هنن لاءِ محال
هو، هوڏانهن انگريز لشڪر کي کاڌي جو سامان ڪابل ۾
ملي نه پي سگهيو. مئڪناٽن اڪبر خان کي ٽيهه لک
رپيا ڏيارڻ جو انجام ڏنو مگر بيسود. 23 ڊسمبر تي
سر وليم مئڪناٽن ٽن آفيسرن ۽ 16 باڊي گارڊن سان
اڪبر خان کي گڏجڻ ويو. غازين سڀني کي ٽڪرا ٽڪرا
ڪري ڇڏيو.
15 هزار لشڪر جي تباهي ۽ مئڊمن جي گرفتاري:
4 جنوري تي ميجر پاٽينجر جنهن هرات کي بچايو هو
تنهن جي معرفت جنرل ايلفنسٽن ڪابل کان نڪري وڃڻ
لاءِ اڪبر خان سان عهدنامو ڪيو. 6 جنوري 1842ع ۾
سخت برف باري جي موسم ۾ 15 هزار انگريزي لشڪر
سامان ڇڏي ڪابل کان هندستان ڏانهن روانو ٿيو. بت
خاڪ ۽ تيزان جي وچ ۾ ڪابل خورد نالي سوڙهي پيچري
کان لنگهڻ وقت (جو پنجن ميلن ۾ آهي) 3 هزار سپاهي
غلزئي غازين جي گولين جو شڪار ٿي ويا. هت وري اڪبر
خان انگريزي عملدارن کي سوڙهو ڪيو ۽ کين بچاءُ جو
دلاسو ڏنو. ليڊي مئڪناٽن، ليڊي سيل، 9 ٻيون
عملدارن جون مئڊمون ٻارن سميت ۽ اٺن عملدارن کي
نظربند ڪيو ويو. انگريز لشڪر ۾ فقط 450 انگريز
سولجر ۽ ڪي آفيسر وڃي بچيا هئا. جد لڪ وٽ وري اڪبر
خان کين سوڙهو ڪيو ۽ جلال آباد خالي ڪرڻ لاءِ جنرل
ايلفنسٽن، برگيڊيئر شيلٽن ۽ ٻين انگريز عملدارن کي
پاڻ وٽ نظربند رکيو. گدامڪ پهچڻ وقت فقط ويهه
عملدار ۽ 45 سولجر بچيا باقي غازين جي گولين جو
شڪار ٿي، آخر سمورا ناس ٿي ويا. 15 هزارن مان فقط
هڪڙو ڊاڪٽر برائڊن سلامتي سان جلال آباد پهتو جنهن
ڪابل جي لشڪر جي هولناڪ قتل جي انگريزن کي خبر
ڏني. اهڙي شڪست هندستان ۾ انگريز لشڪر ڪڏهن به
ڪانه کاڌي هئي.
فرنگين جي دٻدٻي کي هندستان ۾ ڪاپاري ڌڪ لڳي ويو.
11 مئڊمون، 15 انگريز بار ۽ 94 انگريز عملدار اڪبر
خان وٽ قيد هئا. لارڊ آڪلنڊ شرم کان بچڻ لاءِ ظاهر
ڪيو ته شڪست عارضي آهي. شاهه شجاع جنهن لاءِ
انگريزن هيترا ڪشالا ۽ خرچ ڪيا سو ڪابل جو تخت
ماڻي نه سگهيو. بلڪه غازين هٿان مارجي ويو. ظاهري
اهي پڌرايون ڪرڻ لڳو اندروني سندس توڻي ڪمانڊر
انچيف سر جئسپر نڪلس جي اها مراد هئي ته جنرل سيل
۽ جنرل ناٽ جي فوجن کي سلامتي سان قنڌار ۽ جلال
آباد خالي ڪري موٽي هندستان اچڻ گهرجي. مگر سوال
اهو هو ته بدنامي ڪيئن مٽجي.
سرحدي بلوچن جي بغاوت:
ڪابل ۾ انگريزن جي شڪست ڪري بروهين، ڪاڪڙن، مرين ۽
ٻين سرحدي بلوچن انگريزن خلاف هٿيار کنيا. ملتان
جي نائب ديوان سانوڻ مل جا ايلچي دودا خان مري وٽ
گڏيل محاذ قائم ڪرڻ لاءِ پهتا. ميجر ڪلبرن ڪاهان ۾
مرين هٿان شڪست کاڌي. مير نصير خان ثاني قلات جو
تخت هٿ ڪري چڪو هو. مير نصير خان ٽالپر بگٽين جي
سردار بيبرڪ کي لکيو ته انگريزن خلاف هٿيار کڻڻ جو
هينئر موقعو آهي. بليدي ۽ ڊومڪي جن کان انگريزن
زمينون کسي ڪهيرين کي ڏنيون سي مير شير محمد خان
ماڻڪاڻي سان ٻٽ هئا. انگريزن جي ايجنٽن کي انهن
سمورين ڪاراوئين جي خبر هئي.
لارڊ ايلنبرو جي پاليسي:
هندستاني توڻي انگريز سوسائٽي ۾ انگريزي شڪست جون
ڳالهيون هلي رهيون هيون پر هندستانين کي خبر هئي
ته انگريزن جا پير هندستان ۾ مضبوط آهن. 28
فيبروري سنه 1842ع ۾ ٻن ڪروڙن جي کوٽ ۽ ڪمپني کي
قرض هيٺ آڻڻ کان پوءِ آڪلنڊ بدنامي جو داغ پيشاني
تي هڻي ولايت ڏانهن اُسهيو.
سندس جاءِ تي لارڊ ايلنبرو گورنر جنرل ٿي آيو، ان
۾ شڪ ڪونهي ته ڪمپني جي ڊائريڪٽرن جي بورڊ ۾ ڪم
ڪرڻ ڪري هندستان جي صورتحال کان واقف هو پر
مسلمانن سان کيس ازلي وير هو. ڇاڪاڻ ته سندس مئڊم
دمشق جي هڪڙي عرب بدوي شيخ امير مجول الضرب سان
آشنائي رکندڙ هئي.
هندستان ۾ سندس اڳيان مکيه ٽي ڪم هئا. (1) ڪابل جي
جنگ کي ختم ڪرڻ (2) هندن کي خوش رکڻ (3) انگريزن
جي پيشاني تان شڪست جي سياه داغ کي مٽائڻ لاءِ
صدقي جي ٻڪري سنڌ کي قربان ڪري مٿين داغ کي مٽائي.
پهرين افغان ويڙهه جو خاتمو:
لارڊ آڪلنڊ وڃڻ کان اڳ 4 جنوري 1842ع ۾ جنرل پالڪ
جي اڳواڻي هيٺ 3 هزار لشڪر خيبر جي رستي کان ڪابل
ڏانهن روانو ڪيو ويو هو. سکن پاران گلاب سنگهه
ڊوگري به لشڪر سان انگريز جنرل کي مدد ڏني. 15
اپريل مٿين فوج جلال آباد پهتي جت سر رابرٽ سيل
لشڪر سميت موجود هو، قنڌار کان جنرل ناٽ ڪابل تي
ڪاهه ڪئي. 12 آڪٽوبر تي انگريزن ڪابل فتح ڪيو.
اڪبر خان شڪست کاڌي. فرنگين ڪابل جي مشهور بازار
چار ڇته جيڪا غازي اورنگزيب جي يادگار هئي، تنهن
کي باه ڏيئي ساڙايو. پوءِ انگريز قيدين کي هٿ ڪري،
شاهه شجاع مقتول جي زنان خاني ۽ غازي سلطان محمود
غزنوي جي مقبري جي دروازن سميت انگريز لشڪر
هندستان ڏانهن موٽيو. گورنر جنرل ايلنبرو هندو
راجائن کي خوش ڪرڻ لاءِ اعلان ڪيو ته سومناٿ جا
دروازا جيڪي افغان فاتح اٺ سو ورهيه اڳ مندر کان
پٽرائي غزني ڏانهن کڻي ويو هو، سي جنرل ناٽ موٽائي
آندا آهن. مگر جڏهن هندن دروازن کي ڏٺو ته اُهي
پراڻا نظر نه آيا جن کي گورنر جنرل آگره جي قلعي ۾
ڦٽا ڪرايا. امير دوست محمد خان جيڪو هن وقت ڪلڪتي
۾ نظربند هو جنهن لاءِ آڪلنڊ 2 لک رپيا ساليانو
وظيفو مقرر ڪيو، سندس بلند شخصيت کان انگريز
عملدار واقف هئا، تنهن کي لارڊ ايلنبرو آزاد ڪري
ڪابل ڏانهن راونو ڪيو، النبرو اعلان ڪيو ته
انگريزن کي وڌيڪ ملڪ هٿ ڪرڻ جي ضرورت ڪانهي. پهرين
افغان ويڙهه جو
ڊرامو هتي ختم
ٿيو.
ميرن خلاف انگريزن جا ارادا:
سنه 1839ع ۾ سر وليم مئڪناٽن جا شرط قبول ڪري مير
صاحب پنهنجون ٽيئي حڪومتون وڃائي ويٺا هئا. ڇاڪاڻ
جو برٽش ريزيڊنٽ جي صلاح ۽ مشوري کان سواءِ حڪومت
هلائڻ هنن لاءِ محال هئي. ڪابل جي شڪست ڪري قدرتي
طور سنڌين ۽ پنجابين ۾ هڪڙي اُميد جي جھلڪ ۽ لهر
موجون هڻڻ لڳي. مگر ٽن سالن جي افغان ويڙهه جي
عرصي ۾ مير صاحب انگريزن سان بلڪل وفادار رهيا.
انگريز لشڪر کي سامان پهچائيندا رهيا. سندن آگبوٽن
کي ٻارڻ لاءِ ڪاٺين وڍڻ جي اجازت ڏني. انگريز لشڪر
جي تباهي کان پوءِ به ڍڳي گاڏين ۽ ٽي هزار اُٺن
سان ٽالپر سرڪار جنرل ناٽ جي مدد ڪئي، جن جي مدد
سان هو قنڌار کان ڪابل پهتو. انگريز ريزيڊنٽ ميجر
آئوٽ رام مير صاحبن جا بعض خط گورنر جنرل کي پيش
ڪيا جيڪي هنن بلوچ سردارن کي بلوچي تنظيم لاءِ
لکيا هئا يا خان قلات مير محراب خان مير نصير خان
کي مدد لاءِ لکيا هئا. ميجر آئوٽ رام جي مرضي هئي
ته ٽالپرن سان فقط نئون عهدنامو ڪجي. مگر لارڊ
ايلنبرو جنهن کي مسلمانن سان بدترين دشمني هئي سو
ڪابل مان واندو ٿيڻ کان پوءِ ميرن جي صاحبي کي ختم
ڪرڻ لاءِ محڪم ارادو ڪيو.
ڍاڍر جي فوجي ايجنٽ ڪپتان راس بيل رپورٽ ۾ ڏيکاريو
ته سردار رشيد خان، محمد صادق ۽ مير محراب خان
شهيد مير نصير خان ٽالپر ڏانهن مدد ڏيڻ لاءِ خط
روانا ڪيا هئا پر ان نازڪ وقت ۾ ٽالپرن، خان قلات
کي ڪا مدد ڪانه ڏني.
ميجر جان جيڪب، جو پهرين افغان ويڙهه ۾ خان ڳڙهه
کان دره بولان جي حد مٿان قافلن جي حفاظت تي بي
قاعده سوار فوج مٿان عملدار هو، تنهن خان قلات ۽
ٽالپرن جي سرحد متعلق ميجر آئوٽرام کي روجھاڻ جي
قلعي جو معائنو ڪرايو. 29 جون 1842ع ۾ خان قلات
پاران وڪيل بجار خان ڊومڪي ۽ دريا خان جکراڻي ۽
خيرپور سرڪار جي وڪيلن سان گڏيا. برٽش حڪومت کي
معلوم ٿيو ته روجھاڻ جو قلعو ۽ مومل جو جهنگ اصل
ٽالپرن جي ملڪيت هئا جن تي ناجائز طور خان جي فوجي
عملدارن قبضو ڄمايو هو مٿيان ٻئي هنڌ ٽالپرن کي
موٽي مليا.
انگريز فوجي عملدارن ۽ گورنر جنرل جي ارادن متعلق
چارلس ڊلڪي ان زماني ۾ اخبار ”گريٽر برٽن“ ۾
ڏيکاريو هو ته ”انگريز فوجي عملدار جڏهن مانيءَ جي
ميز تي ويهن ٿا، تڏهن اها گفتگو ڪن ٿا ته ڪهڙي
ديسي راجا يا نواب کي لٽجي، اهڙي لٽ مار ڪرڻ لاءِ
هو وجھ ڳولين ٿا.“ سنڌ متعلق هن هيٺيون بيان شايع
ڪيو هو:
1.
فرنگي عملدارن کي خبر هئي ته ٽالپر مالدار آهن،
وٽن سون، ڏوڪڙن کان سواءِ گهڻي جواهرات آهي.
2.
سنڌ تي قبضي ڄمائڻ ڪري هڪ ته لشڪر ۽ هٿيارن کي اتر
هندستان پهچائڻ ۾ کين آساني ٿيندي، ٻيو سنڌ جا
بندرگاهه سندن نظر ۾ گهڻو ڪارائتا هئا.
لارڊ ايلنبرو جي مرضي هئي ته سنڌ جي ڊيلٽا کان وٺي
فيروزپور تائين ملڪ تي انگريزن جو قبضو رهي. هن
ڪمپني جي ڊائريڪٽرن کي ستن آگبوٽن رواني ڪرڻ لاءِ
لکيو. ڪراچي، سکر، بکر تي قبضي هئڻ ڪري گهڻائي
بلوچ سردار جيڪي اڳ مير صاحبن جا دوست ۽ بازو هئا،
سي ٽالپرن کي مدد ڏيڻ کان وڍجي ڌار ٿي ويا. جون
1842ع ۾ لارڊ ايلنبرو ڊيوڪ آوويلنگٽن کي خط ۾ لکيو
ته ايندڙ زماني ۾ ڪراچي جو بندرگاهه برٽش شهنشاهت
لاءِ ڪارگر بندرگاهه ثابت ٿيندو. لارڊ ايلنبرو
جنهن پڌرائي ڪئي هئي ته افغان جنگ جي خاتمي کان
پوءِ ڪمپني سرڪار ملڪ گيري جي حوص ڇڏي ملڪ جي
اندروني سڌارن لاءِ اُپاءُ وٺندي. اهڙي پڌرائي غلط
ثابت ٿي ڇاڪاڻ جو ڇهن مهينن گذرڻ بعد سنڌ ڏانهن
مخالفاڻا قدم کڻڻ لڳو. سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ جو خاص اهو
مطلب هو ته هندستان رعايا برٽش فوجي طاقت کان
مرعوب رهي، هن ميجر آئوٽ رام ۽ ڪپتان راس بيل جي
رپورٽن تي ڪو ڌيان نه ڏنو.
چارلس نيپئر جو سنڌ ۾ وارد ٿيڻ:
مڙيل نڪ سان عقابي اکين وارو سرچارلس نيپئر سنه
1782ع ۾ لنڊن جي وائيٽ هال ۾ ڄائو هو. نيپئر نالي
چار ڀائر هئا جي چارئي انگريزي فوجي ۾ نوڪر هئا.
منجھانئن فاتح سنڌ سرچارلس نيپئر شاعراڻي طبيعت
رکندڙ هو. بعض انگريز مؤرخ لکن ٿا ته سندن شعر
ادبي لحاظ سان وارن هيسٽنگس ۽ سرجان مالڪوم کان
بهتر هئا.
منجھانئن وليم نيپئر ”تاريخ جنگ“ تصنيف ڪئي هئي جا
سنه 1828ع ۾ شايع ٿي. ٽئين ڀائر اين. ايف. پي
نيپئر ڪتاب ”فتوحات سنڌ“ تصنيف ڪيو جو 1825ع ۾
شايع ٿيو. چارئي ڀائر نيپولين بونا پارٽ جي جنگين
جي زماني ۾ ڊيوڪ آوويلنگٽن ۽ سرجان موئر جي اڳواڻي
هيٺ اسپين ۾ فرينچن سان وڙهيا هئا. سرچارلس نيپئر
کي ڊيوڪ آوويلنگٽن هندستان جي فوجن لاءِ چونڊي
روانو ڪيو هو.
سنه 1841ع ۾ هو انگلينڊ کان بمبئي پهتو ۽ پونا
لشڪر مٿان عملدار ٿي رهيو. ان وقت سندس عمر سٺ
ورهيه هئي. توڙي جو پيرسن هو مگر تجربيڪار، اڻٿڪ،
تندمزاج، شوخ طبع ۽ دل جو ڪٺور هو. لارڊ ايلنبرو
جو چوڻ هو ته سرچارلس نيپئر هڪڙو جھنگلي هاٿي آهي
جنهن کي سڌارڻ لاءِ ڏهه، ويهه سيکاريل هاٿي کپن.
ڪابل جي ويڙهه ختم ٿي چڪي هئي، روسين ۽ ايرانين جي
ڪاهه جا افواهه سرد پئجي چڪا هئا، برطانوي ٻيڙو
ايران نار تي قابض هو. ڪرنل سٽيسي جي ڪوشش سان خان
قلات مير نصير خان ثاني سان انگريزن ٺاهه ڪيو هو.
رنجيت سنگهه جي مُئي کان پوءِ خالصا سردارن جي پاڻ
۾ اڻبڻت هئي. انگريزن کي خالصن کان ڪو خطرو نه هو.
هندستان جي ڪنهن به نواب يا راجا کي مجال نه هئي
جو انگريزن سان هٿ اٽڪائي سگهي. بلڪه لارڊ ايلنبرو
ڏيهي حڪمرانن کي صاف لفظن ۾ ذهن نشين ڪرايو هو ته
قبضو ڪبو. هندستاني فوجون فارغ هيون.
ايلنبرو مسلمانن جو دشمن هو، هن ميجر آئوٽ رام
جھڙي صلح پسند ريزيڊنٽ کي هٽائي سرچارلس نيپئر
جهڙي سفاڪ کي مڪمل اختيار ڏيئي سنڌ وڃڻ لاءِ حڪم
ڏنو. بلڪه کيس اهو تاڪيد ڪيائين ته بلوچي امير
عهدنامي جي شرطن تي سختي سان پابند آهن ان ڪري وڃڻ
شرط اهڙو قدم کڻي جيئن مير صاحبن کي جوش اچي ۽ جنگ
ڪرڻ تي مجبور ٿين. مير علي مراد خان جي ڀائرن سان
اڻبڻت هئي، سرچارلس نيپئر سان ڪارگر ڇاڙتو ٿي ڪم
ڪرڻ لڳو.
سرچارلس نيپئر اچڻ سان گورنر جنرل کي لکيو هو ته
سنڌ جي ٽالپر ميرن کي شڪست ڏيڻ آسان ڪم آهي مگر
جنهن صورت ۾ انگريز ڪابل ۾ رڌل هئا ان ڪري ٺاپر
هئي.
9 سيپٽمبر سنه 1842ع ۾ سر چارلس نيپئر پوني کان
زنوبيا جھاز ۾ سوار ٿي 14 سيپٽمبر ڪراچي پهتو. واٽ
تي جهاز ۾ ڪالرا جي بيماري پئي اٽڪل ٻه سو کان مٿي
سپاهي موت جو بک ٿي ويا.
کيس گورنر جنرل کان مڪمل اختياريون مليل هيون ان
ڪري هن گذريل عهدنامن جي ڪابه پرواهه ڪانه ڪئي.
سندس روش ڪري بلوچي غيرت جوش کاڌو ايتري قدر جو
نوبت جنگ و جدل کي پهتي.
سر وليم مئڪناٽن جنهن ٽالپرن تي 25 لک رپين جي چٽي
مڙهي هئي، تنهن مان 3 لک رپيا ڀري چڪا هئا. لارڊ
ايلنبرو جي مرضي هئي ته جيسين مير مٿين رقم ڀري
ڏين، تيسين سنڌوندي جي ٻنهي ڪپرن تي انگريزي فوج
رکي وڃي مگر سر چارلس نيپئر ڪنارن تي فوج رکڻ کان
سواءِ سکر، بکر ۽ ڪراچي تي قبضي ڪرڻ جو خيال ڪيو.
ڪراچي پهچڻ سان هن ميرن تي هيٺيان الزام مڙهيا:
1.
ٽالپر ميرن سنه 1839ع واري عهدنامي جي اسمن خلاف
ملتان جي ناظم لالا مولراج سان خط و ڪتابت ڪئي آهي.
2.
قلات جو براهوئي خان ۽ ٽالپر انگريزن کي عيسائي
سمجھي خفيه طور تياريون ڪري رهيا آهن.
3.
رنجيت سنگهه جي وفات کان پوءِ ٽالپر سکن سان ناتا
رکڻ شروع ڪيا آهن، انباري ۾ انگريزن ڪي خط هٿ ڪيا
آهن.
4.
حيدرآباد ۽ خيرپور درٻار تي خيرپور جي وزير فتح
محمد غوري جو اثر ويٺل آهي. ٽالپر ميرن مان مير
علي مراد خان ۽ مير صوبدار خان کان سواءِ ٻيا سڀ
مير انگريزن کي دشمن سمجھن ٿا.
مٿيان الزام محض بي بنياد هئا ان ۾ شڪ ڪونهي ته
مير صاحبن لاهور درٻار سان ملتان جي نائب لالا
مولراج معرفت دوستاڻي نموني ۾ خط و ڪتابت ڪئي هئي.
سنه 1839ع واري معاهدي جي اٺين اسم موجب ٽالپرن کي
پاڙيسري حڪومتن سان دوستاڻي خط و ڪتابت ڪرڻ لاءِ
اجازت هئي. قلات جي خوانين سان ٽالپرن جي مائٽي
هئي. مير محراب خان مير محمد نصير خان کي مدد لاءِ
لکيو هو پر شهداداڻي سرڪار قلات کي ڪابه مدد ڪانه
ڏني. فتح محمد غوري ايماندار وزير هو. اليگزينڊر
برنس، هينري پاٽينجر توڻي ميجر آئوٽ رام سان سندس
دوستي هئي. انگريز وٽس سوکڙيون آڻيندا هئا. مير
صوبدار خان ۽ مير علي مراد خان حيدرآباد ۽ خيرپور
۾ گويا انگريزن جا جاسوس هئا. ٻنهي ٽالپري فوجن جي
سردارن کي رقمن وٺي ڏيڻ جي لالچ ڏياري انگريزن جي
طرف ڦيري ڇڏيو هو.
لارڊ ايلنبرو ميجر آئوٽ رام کي لکيو هو ته ٽالپرن
تي زور وجھي جيئن اهي سبزل ڪوٽ ۽ ڀنگ ڀاڙي جا
علائقا نواب بهاولپور کي حوالي ڪن. مگر ميجر موصوف
گورنر جنرل جي ناانصافي واري پاليسي سان متفق ڪين
هو ان ڪري ايلنبرو هن کي هٽائي هڪڙي ضدي ۽ شوخ طبع
ريزيڊنٽ کي موڪليو هو.
نيپئر جا ميرن کي نوان شرط پيش ڪرڻ:
25 سيپٽمبر سنه 1842ع ۾ سرچارلس نيپئر حيدرآباد
پهتو. مير صاحبن دستور موجب سندس سواري عملي لاءِ
ريشمي پالڪي ۽ قيمتي اُٺ روانا ڪيا. درٻار ۾ وارد
ٿيڻ وقت مٺائي ورهائي ويئي. درٻار پهچڻ کان اڳ هن
هڪڙو سخت لفظن ۾ ميرن ڏانهن خط لکيو هو جنهن ۾ هن
ڄاڻايو هو ته ميرن جي ڪراچي واري نائب، اُتي جي
ڇانوڻي ۾ ماڻهن کي رهڻ کان منع ڪئي آهي، ٻيو ته
انگريزن جي مال تي ٽالپر عملدارن زوريءَ محصول
مڙهيو آهي وغيره وغيره. ميجر آئوٽ رام نئين
عهدنامي لاءِ جيڪي شرط تيار ڪري ايلنبرو ڏانهن
روانا ڪيا هئا، سي نرم هئا جن کي هن رد ڪري پاڻ
ٻيا شرط تيار ڪري خفيه طور سر چارلس نيپئر ڏانهن
روانا ڪيا هئا. سر چارلس نيپئر ٽالپرن جي فوج جو
تخميني طور سٺ هزار اندازو ۽ ٽيهه توبون شمار ڪيون
هيون. سندس مرضي هئي ته جنگ ڪرڻ کان اڳ ميرن جي
اجتماعي قوت کي ڀڃي ڪمزور ڪجي. سندس ارادو هو ته
پهريان سهراباڻي سرڪار کي ڪمزور ڪجي. هن ٽالپرن جي
حڪومتن سان جدا جدا عهدنامن ڪرڻ جو ارادو ڪيو.
سندس شرط هن ريت هئا:
1. ٽالپرن اڃا 23 لک رپيا ڪين ڀريا آهن، ان ڪري
ڪراچي، ٺٽو، سکر، بکر هڪدم انگريزن جي حوالي ڪن.
2. آنربل ايسٽ انڊيا ڪمپني جا رپيا سنڌ ۾ چالو
رهندا، ٽالپري سڪو برٽش سرڪار تيار ڪرائيندي جن تي
هڪڙي پاسي انگلينڊ جي راڻي جي تصوير هوندي.
3. سنڌوندي جي ٻنهي ڪنارن تي هڪ سو گز تائين
انگريزن کي ڪاٺ وڍڻ جي اختياري رهندي.
سهراباڻي سرڪار سبزل ڪوٽ، ڀنگ ڀاڙو هڪدم بهاولپور
جي نواب جي حوالي ڪري سکر، بکر ۽ ڀر وارا ٻيٽ هڪدم
انگريز سرڪار جي حوالي ڪري.
نيپئر جي امام ڳڙهه جي قلعي تي ڪاهه:
ڊسمبر 1842ع ۾ چارلس نيپئر ڀنگ ڀاڙي ۽ سبزل ڪوٽ تي
قبضي ڪرڻ لاءِ اُتر ڏانهن روانو ٿيو. سکر ڏانهن
ويندي شهداداڻي ميرن مان مير صوبدار خان، مير فضل
علي خان ۽ مير غلام شاهه اڳواٽ ساڻس ملاقات ڪئي.
مير صوبدار خان پاڻ کي حيدرآباد جي گاديءَ جو وارث
سمجھندو هو. مير علي مراد خان جنهن کي مير رستم
خان نونهار جي معاهدي موجب قرآن شريف تي لکي سندس
زمينون موٽائي ڏنيون هيون. سو هينئر پڳ لاءِ گهر
ڪرڻ لڳو. حالانڪه مير رستم خان پنهنجي پٽ مير محمد
حسن خان کي پڳدار مقرر ڪيو هو. چارلس نيپئر سکر
پهچڻ کان اڳ مير رستم خان کي لکيو هو ته اچي ساڻس
ملاقات ڪري. وري جڏهن فرنگي فرعون دماغ سکر پهتو
تڏهن مير علي مراد خان پنهنجي ڀاءُ جي خلاف وٽس
دانهن کڻي ويو. فرنگي کي سونهري موقعو هٿ لڳي ويو.
هن مير علي مراد خان کي تسلي ڏني ته سنڌ فتح ڪرڻ
کان پوءِ سندس حق کيس موٽائي ڏبو. ٻڍڙي مير رستم
خان کي اچي خوف لڳو. هو پنهنجي خزاني، حرم، چند
وفادارن سان ٿر جي ويران قلعي امام ڳڙهه ۾ وڃي
پناهه ورتي. مٿيون قلعو مير محمد خان جي جاگير ۾
هو منجهس فقط بارود رکيل هو. سهراباڻي سرڪار جا
جيڪي به نوعمر شهزادا هئا سي فرنگين جي خلاف هئا.
هنن هٿياربند دستا خيرپور جي پسگردائي ۾ کڙا ڪري
رکيا هئا جن ۾ گهڻو تعداد مرين، چانگن ۽ بليدين جو
هو. علي مراد خان گهر جو ڀيدي هو، سندس مدد سان
سرچارلس نيپئر بلوچي دستن کي شڪست ڏني. ٽالپرن کي
پڪ هئي ته جيڪڏهن هو انگريزن خلاف هٿيار کڻندا ته
سرحدي بلوچ توڻي براهوئي سندن مدد ڪندا، بلڪه
افغان به ڪاهي ايندا پر اهڙو خيال غلط هو جيئن
لوور سنڌ جا نومڙيا، ڪلمتي، جوکيا انگريزن جي طرف
هئا تيئن اوڀر سنڌ جا چانڊيا جن کي ٽالپرن سان
روايتي دشمني هئي سي اوڀر سنڌ ۾ انگريزن جا مددگار
ٿي بيٺا. ان هوندي به مير صاحبن فيصلو ڪيو هو ته
سردي گذرڻ بعد جنگ ڪندا. مير رستم خان ۽ سندس پٽ
مير محمد حسن خان وٽ امام ڳڙهه جي قلعي ۾ ٽي هزار
لشڪر، ست توبون هيون. وٽن بارود ۽ اناج جي ڪمي
ڪانه هئي. سندن اردو هو ته سنڌ جي حفاظت لاءِ قلعي
کي فوجي مرڪز جوڙي فرنگين سان لاڳيتي جنگ جوٽجي.
چارلس نيپئر ساڍا ٽي سو سوار ۽ اڍائي سو سپاهي
اُٺن تي چاڙهي علي مراد خان کي ساڻ ڪري امام ڳڙهه
ڏانهن روانو ٿيو. هن لشڪر سان ڏهه اُٺ خوراڪ جي
سامان جا، اسي اُٺ پاڻي جا ڀريل هئا. رستي تي اٺ
منزلون ڪرڻ کانپوءِ اٺين ڏينهن امام ڳڙهه پهتو.
مير رستم خان پٽ، خزانن ۽ توبن سميت ٿر ڏانهن نڪري
ويو. فرنگي فاتح پهريان قلعي تي توبون هلايون.
پهرين توب ڀاءُ جي خلاف مير علي مراد خان ڇوڙي.
توبون هلائڻ کان پوءِ ميجر ويڊنگٽن چوويهن بارود
جي کاڻين کي باهه ڏيڻ کان پوءِ قلعي کي اڏائي
ڇڏيو. مير رستم خان ان وقت پيرسن هو ٿر جي مسافري
سخت هئڻ سبب شهزادي مير حسن خان جي والده جي اُٺ
تان ڪرڻ سبب ٻانهن ڀڄي پئي. هو بي يارومددگار جي
حيثيت ۾ دربدر پنهنجا زيور ۽ مڻيا وڪڻي گذر ڪرڻ
لڳا.
سرچارلس نيپئر جي مٿئين گناهه کي لڪائڻ لاءِ سندس
ڀاءُ امام ڳڙهه جھڙي ويران قلعي کي غير معمولي
اهميت ڏيندي سنڌ جو جبرالٽر لکي ٿو. فرنگي فرعون
مزاج فاتح ٽالپرن لاءِ جيڪو پروگرام رٿيو هو،
تنهنجو پهريون باب ختم ٿئي ٿو. لنڊن جي
دارالامراءِ ۾ ڊيوڪ آوويلنگٽن سرچارلس نيپئر جي
مٿئين ناجائز فعل کي ساراهڻ لڳو. دراصل امام ڳڙهه
جي ڪاهه مان فرنگي جي اها مراد هئي ته ٽالپرن کي
خبر پئجي وڃي ته انگريز لشڪر لاءِ ٿرن برن تي ڪاهه
ڪرڻ بلڪل آسان ڪم آهي.
مير رستم خان سلامتي سان حيدرآباد پهتو، سمورا
ٽالپر اچي ساڻس گڏيا ۽ کيس مدد ڏيڻ لاءِ انجام
ڪيائون. فقط مير صوبدار خان ۽ مير شهداد خان غير
حاضر رهيا. مٿيون واقعو سنه 12 جنوري سنه 1843ع ۾
ٿي گذريو.
بلوچن جي ريزيڊنسي تي ڪاهه:
امام ڳڙهه جي قلعي مان بچيل مال هٿ ڪري فوجن ۾
ورهائي 23 جنوري تي چارلس نيپئر حيدرآباد ڏانهن
روانو ٿيو. پنهنجي حڪم سان درياءَ جي ٻنهي ڪپن تا
ڪاٺيون وڍرائڻ لڳو حالانڪه ميرن کيس منع ڪئي هئي.
هن جواب ڏنو ته نه رڳو ٻيلن جون ڪاٺيون ساڙيندس
بلڪه راڄڌاني حيدرآباد کي به ساڙائيندس.
ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي خر دماغي چئجي؟ سنڌودرياءَ کي
هڪڙي ڀر واري ڳوٺ پير ابوبڪر وٽان شهداداڻين ۽
ماڻڪاڻين ميرن کي شرطن قبول ڪرڻ لاءِ لکيو ته اهي
پنهنجا ايلچي خيرپور ڳالهه ٻولهه لاءِ روانا ڪن.
ميجر آئوٽ رام جنهن کي لارڊ ايلنبرو سندس نرم
پاليسي ڪري بدلي ڪري ڇڏيو هو، سو سنڌي زبان جو
ڄاڻو هو ان ڪري چارلس نيپئر جي چوڻ تي گورنر جنرل
ٻيهر ريزيڊنٽ ڪري حيدرآباد موڪليو هو. بلوچن ۾
فرنگين خلاف طول ۽ عرض سنڌ ۾ عام ناراضپو هو تنهن
هوندي به مير محمد نصير خان پنهنجي آزمودگار وزير
مرزا خسرو بيگ کي اڳواٽ خردماغ انگريز جنرل ڏانهن
ڳالهين ڪرڻ لاءِ روانو ڪيو. مرزا صاحب چارلس نيپئر
کي ڀريا وٽ گڏيو ۽ کيس تسلي ڏنائين ته ٽالپر سندس
شرطن کي هر حال ۾ مڃَڻ لاءِ تيار آهن، بشرطيڪ مير
رستم خان کي سندس حق موٽي ملن، ڇاڪاڻ جو هو
بيگناهه آهي، بلوچي جرگي مٿيون فيصلو ڪيو آهي. مگر
فرعون دماع فرنگي جنرل، وزير جي ڳالهين کي غور سان
ٻڌڻ بدران اُٽلندو ڪاوڙ ۾ اچي جواب ڏنو ”ڏسان ڪيئن
بلوچي تراريون انگريزي بندوقن سان مقابلو ڪن
ٿيون.“ مرزا صاحب ترت جواب ڏنو ته بلوچن کان سنڌ
فتح ڪرڻ حلوو کائڻ ناهي. ان وچ ۾ چارلس نيپئر ميجر
آئوٽ رام کي آگبوٽ ۾ چاڙهي حيدرآباد ڏانهن روانو
ڪيو ته ٽالپرن کان روبرو وڃي شرطن منظور ڪرڻ لاءِ
گهُر ڪري، حيدرآباد پهچڻ شرط سڀني ميرن وٽس
سوکڙيون روانيون ڪيون مگر هن فقط مير صوبدار خان
جي سوکڙين کي قبوليت بخشي باقي ٻيون سڀ واپس ڪيون.
اهو محرم جو مهينو هو ان ڪري مير صاحبن ڏهين محرم
گذرڻ بعد معاهدي جي ڪاغذ تي صحيحن وجھڻ لاءِ
ريزيڊنٽ سان انجام ڪيو. حالانڪه مقربان بارگاهه
مان غلام محمد خان، اختيار خان لغاري، مير غلام
شاهه شهواڻي ۽ ٻين سردارن مير نصير محمد خان بهادر
کي فرنگين سان جنگ ڪرڻ لاءِ صلاح ڏني. وري آخوند
محمد بچل ۽ نواب محمد خان جنگ جي خلاف راءِ ڏني.
ان وچ ۾ ڪرنل آئوٽ رام ليفٽيننٽ برائون کي ساڻ ڪري
هڪ سو پنجاهه سولجرن جي دستي سان حيدرآباد پهتو.
محرم گذرڻ بعد معاهدي جي ڪاغذ تي صحيح ڪرڻ لاءِ
دستاويز مير صاحب ڏانهن موڪليا ويا. غلام محمد خان
لغاري جو ان وقت ڪچهري ۾ موجود هو، تنهن ڪاغذ وٺي
اُتي جو اُتي ڦاڙي ڦٽا ڪيا. هوڏانهن چارلس نيپئر
حيدرآباد ڏانهن ايندي واٽ تي بيگناهه حيات خان مري
کي مارائي ڇڏيو. مٿئين حادثي ڪري بلوچن ۾ عام طور
تاءُ پيدا ٿيو. اٽڪل ٽيهه هزار بلوچ گڏ ٿيڻ لڳا.
مير صوبدار خان ۽ مير محمد خان ڪڏهن انگريزن ڏانهن
ٿي ويا ڪڏهن بلوچن سان پي شريڪ ٿيا. 15 فيبروري تي
اٽڪل اٺ هزار بلوچن ريزيڊنسي تي ڪاهه ڪئي مگر ڪرنل
آئوٽ رام سولجرن جي سايه هيٺ جان بچائي آگبوٽ تي
چڙهي ڀڄي ويو. آگبوٽ اڳيئي تيار بيٺا هئا. مير
صاحب جي بورچي مشهدي ايراني جو گولا اندازي ڪرڻ ۾
ماهر هو، تنهن جهازن تي گوليباري ڪئي مگر فرنگي
سلامتي سان نڪري ويا.
مياڻي جي خوفناڪ جنگ:
ٽالپر مير جيڪي لک ترارين ۽ ڪهاڙين جا مالڪ هئا،
تن لاءِ غير ممڪن ۽ بلوچي روايتن خلاف هوته جنگ
کان پرهيز ڪن. فرنگين جي ناروا اُرهه زورائين ڪري
سندن صبر جو پيمانو لبريز ٿي چڪو هو. 16 فيبروري
سنه 1843ع ۾ جنرل سرچارلس نيپئر هالن کان مٽياري
پهتو. وٽس 28 سو سپاهي ۽ 12 توبون هيون. بلوچي
لشڪر 22 هزار 15 توبن سميت ڦليلي جي ڪپ تي مياڻي
وٽ گڏ ٿيو. ايڏي عظيم الشان لشڪر کي گولو بارود
پهچائڻ ڏکيو ڪم هو. فرنگي فوجن ۾ پوني، بمبئي،
مدراس، بنگال جا سپاهي هئا جن مٿان سرچارلس نيپئر،
ڪپتان جان جيڪب، ڪپتان هٽ، ميجر ڪلبرن، ميجر
جئڪسن، ليفٽيننٽ ويڊنگٽن، ميجر پيني فادر،
ليفٽيننٽ مڪمرڊو (سر چارلس نيپئر جو ايڊي ڪيمپ)
ميجر وائلي، ڪپتان ٽڪر، ليفٽيننٽ ڪرنل پئٽل، ميجر
سٽوري، ڪپتان ٿامس، ميجر مئڪفرسن (سرچارلس نيپئر
جو سيڪريٽري) ڪپتان ويمس، ڪپتان ڪوڪ سن، ليفٽننٽ
مارسٽن، ڪپتان گئرٿ ۽ ٻيا مکيه عملدار هئا. ٽالپر
لشڪر ۾ شهداداڻي، چاڪراڻي، خاناڻي، بجراڻي،
محمدداڻي شامل هئا، منجھانئن پويان ٻه عين موقعي
تي غير حاضر رهيا. مير نامدار ڪلمتي سردار، ملڪ
ابراهيم خان کي حڪم ڏنو هو ته جوکين ۽ نومڙين سان
گڏجي انگريزن سان جنگ ڪن. ڪلمتي سردار چئن سون جي
دستي سان جنگ ڪرڻ لاءِ نڪتو مگر جوکين ۽ نومڙين
وٽان ڪابه ڪمڪ وٽس ڪانه پهتي ان ڪري ماٺ ڪري وڃي
گهر ويٺو. جوکين جي سردار ڄام خان، مير صاحب جي
حڪم کي ٺڪرائي ڇڏيو. ماڻڪاڻي به غير حاضر رهيا.
بلوچي قبيلن مان نظاماڻي، باگراڻي، مري، جمالي،
چانگ، گوپانگ، جتوئي، قرائي، رند، لغاري، لاشاري،
ڇلگري، ڀرڳڙي وغيره ٽالپرن جي جھنڊي هيٺ هئا. غير
بلوچن مان کٽياڻ، کوکر، سومرا، خاصخيلي به سنڌي
لشڪر ۾ شامل هئا. پر بلوچن جي مقابلي ۾ سندن تعداد
ٿورو هو. سنڌ جا سادات به هن جهاد ۾ شامل هئا.
ٽالپرن جي فوج قاهره مٿان مير جان محمد خان
خاناڻي، مير غلام شاهه شهواڻي سپهه سالار هئا.
توبخاني مٿان هوش محمد قنبراڻي، سيد عبدالله شاهه،
ابراهيم خان، مشهدي ايراني ۽ مسٽر هاويل عملدار
هئا. لغارين جو اڳواڻ نواب احمد خان لغاري هو جنهن
برٽش ريذيڊنسي تي حملو ڪيو هو. ساڻس غلام محمد خان
۽ بختيار خان هم رڪاب هئا. رندن جو اڳواڻ بهاول
خان رند هو، ساداتن ۽ پيرن پاران سيد فتح محمد
شاهه لڪياري فوج سميت موجود هو. چانگن جي واڳ موري
خان جي هٿ ۾ هئي. ٽالپرن وٽ فوج ڪافي هئي مگر سندن
هٿيار فرنگين جي هٿيارن جي مقابلي ۾ اهڙا ڪارگر
ڪين هئا. توبن جي ڊيگهه ٽي فٽ ۽ گولائي 3 انچ هئي.
وري سپاهين وٽ پراڻي زماني جون منهن ڀرتيون
بندوقون هيون. جانبازن وٽ دوبدو جنگ لاءِ دمشقي ۽
شيرازي ترارون هيون. انگريزي فوجن ۾ وڏو تعداد
ديسي سپاهين جو هو. اهي فوجي قاعن جي لحاظ سان چست
۽ چالاڪ هئا. وٽن ڪلدار توبون ۽ بندوقون هيون. مير
صاحبن جنگ ڪرڻ کان انڪري پئي نٽايو جيئن گرمي جي
موسم شروع ٿئي ۽ انگريزي سپاهه کي تڪليف محسوس
ٿئي. ٻئي طرف سرچارلس نيپئر کي جلد جنگ ڪرڻ لاءِ
لوري لڳل هئي. سندس مرضي هئي ته سردي ۾ فيصلو ٿي
وڃي. سندس خيرپور کان رواني ٿيڻ وقت مير محمد نصير
خان غازي کيس چتاءُ ڏنو هو ته هن دفعي بلوچن ۾ سخت
جوش آهي. اڳ حڪومت جو مٿن ضابطو هيو، مگر هينئر هو
غيرت ڪري مجبور آهن. سرچارلس نيپئر کي پنهنجي
شيطاني هٿيارن تي ڀروسو هو. هن ڪنهن ڳالهه تي ڌيان
ڪين ڏنو. فقط جنگ ڪرڻ سندس واحد مقصد هو. هو جڏهن
سيد آباد کان هالن ڏانهن اچڻ لڳو تڏهن مير صاحب
کيس روڪڻ لاءِ حيدرآباد پهتو. 16 فيبروري سنه
1843ع ۾ ٻئي لشڪر مياڻي وٽ گڏ ٿيا. طرفين جي لشڪرن
۾ فقط هڪ سو گز جيترو مفاصلو مس هو. مير محمد نصير
خان سان مير رستم خان، مير حسين علي خان، مير
شهداد خان هم رڪاب هئا بلوچ لشڪر کي لڪڻ لاءِ
پٺيان جھنگ هو جو ڦليلي جي ٻنهي ڪپن تي هو. ڦليلي
ان وقت سڪل هو، سندس پيٽ يارهن سو گز ڪشادو هو.
17هين فيبروري صبح جو سوير جنگ جو طبل وڳو. پهريان
فرنگي لشڪر جو هڪڙو ننڍڙو دستو جنگ جي ميدان ۾
آيو، ان لاءِ ته جيڪو بلوچي لشڪر جهنگ ۾ لڪل آهي
سو نڪري نروار ٿئي. جنگ شروع ٿيڻ سان توبن ۽
بندوقن جي جنگ لڳي، هڪڙي پاسي ڪلدار توبون ۽
سنگينون هيون، ٻئي پاسي تراريون ۽ ڍالون هيون.
بلوچن نهايت مردانگي ۽ بي باڪي سان مقابلو ڪيو.
سندن سپهه سالار مير جان محمد خان شروعات ۾ اهڙي
سياڻپ ۽ بهادري ڏيکاري جو سرچارلس نيپئر کي جنگ
هارائڻ جي پڪ ٿي ويئي. مير موصوف جي بهادري سيد
احسان علي شاهه هڪڙي بيت ۾ هن ريت بيان فرمائي ٿو:
”پهرين حملي ۾ هٽائي ڪيائين فرنگي خسته جان
تير باران چؤطرف ميدان ۾ ڪيا پهلوان
چئي وڃي لشڪر مڙي ڪمڪ ڪري ٿي جان نشان
فتح هئي اسلام جي لشڪر جي بيشڪ بي امان“
توبزني ۽ بندوق بازي کان پوءِ فرنگين جي سوار فوج
ساڄي پاسي کان ڪاهه ڪئي. مير جان محمد خان بهادري
سان وڙهندي شهيد ٿيو. مير غلام شاهه ميدان ۾ ٽپي
لشڪر جون واڳون هٿ ڪيون. رسالدار جان جيڪب هڪ هزار
سوارن سان ڦليلي جي پيٽ ۾ ڪاهي آيو جت بلوچي لشڪر
بيٺل هو، پوءِ ڄاڻي واڻي موٽ کائي ڀڳو. بلوچن سندس
فوجي چال کان دوکو کاڌو. هنن سمجھيو ته انگريزن
ڀاڄ کاڌي آهي، ان ڪري سندس پٺيان بند ٽپي ويا.
جيئن بلوچن بند ٽپيو تيئن فرنگي توبخاني جو بند
پٺيان لڪل تيار هو، مٿن باهه وسائڻ شروع ڪئي. ٻن
پهرن تائين دوبدو جنگ جاري رهي. فتح ۽ شڪست جي ڪا
خبر پئجي نه سگهي. ٻن پهرن کان پوءِ پهريان لغارين
۽ ٺوڙهن ۾ ڀاڄ پئي تنهن کان پوءِ آتش فشان جو تاب
نه جهلي سردار بهاول خان رند بڳو. نواب احمد خان
لغاري جنگ جي نتيجي کي پنهنجي خلاف ڏسي مير صاحب
جي خدمتگار سومار کان جھنڊو کسي ميدان ڇڏي ڀڄي
ويو. پڇاڙي جو ڀرڳڙين ۾ ڀاڄ پئي. مير شهداد خان جو
مير نصير خان سان گڏ هو تنهن آخري دم تائين وڙهڻ
لاءِ صلاح ڏني. آخري حملي لاءِ چار هزار بلوچي
لشڪر اڳيئي تيار بيٺل هو پر جيئن جيئن دستن ۾ ڀاڄ
پوندي ويئي تيئن اهي چار هزار سوار سواءِ حڪم ملڻ
جي ميدان کان ڀڄي ويا ڇاڪاڻ جو فرنگين جي توبن ۽
بندوقن جي ٽي ڪلاڪ سانده شعله باري ناقابل برداشت
هئي. هڪڙو آتشي گولو مير محمد نصير خان ۽ مير
شهداد خان اڳيان اچي ڦاٽو. مير نامدار کي فولادي
زره پيل هئي، بچي ويو پر سندس خدمتگار سليمان
بروقت مري ويو. فرنگي لشڪر ٽالپرن جي توبخاني ۽
ميخ زين تي قبضو ڪري ورتو. ايئن پئي معلوم ٿيو ڄڻ
ٽالپرن جو لشڪر گهيري ۾ آهي. مير حسين علي خان به
ميدان ڇڏي ڀڳو. مگر اڃا چانگ، گوپانگ، مري ۽
نظاماڻي وفاداري ۽ شجاعت جا جوهر ڏيکاري رهيا هئا.
سٺ سالن جو پوڙهو سرچارلس نيپئر ذري گهٽ هڪڙي بلوچ
هٿان مارجي وڃڻ تي هو، ليفٽننٽ مارسٽن کيس جھٽ هڻي
بچائي ورتو. مير نامدار به آخر 12 سوارن جي مدد
سان ميدان کان نڪري سلامتي سان حيدرآباد پهتو.
فرنگين جي لشڪر مان ٽن ڪلاڪن جي جنگ ۾ فقط 270
سپاهي مارجي ۽ زخمي ٿي ويا. عملدارن مان ميجر
ٽيزڊيل، ميجر جئڪسن، ڪپتان ميڊي، ڪپتان ٽيو، ڪپتان
ڪوڪسن ۽ ليفٽننٽ ووڊ مارجي ويا. ليفٽننٽ پيني
فادر، ميجر وئلي، ڪپتان ٽڪر، ڪپتان ڪانوي، ليفٽننٽ
هارڊنگ ۽ فيري زخمي ٿيا. اٽڪل ويهه انگريز عملدار
مارجي ويا جن مان چار ميداني فوج جا آفيسر هئا.
ٽالپرن جي لشڪر مان اٽڪل 5 هزار شهيد ٿيا.
مير جان محمد خان ٽالپر، نظاماڻين مان تلاه خان،
غلام حسين خان، عبدالله خان، علي بخش خان، سردار
گوهر خان حاجي زئي، سردار نصير خان چانگ، مير غلام
شاهه، مير مبارڪ بهراڻي، وغيره جنگ جي ميدان ۾
شهيد ٿيا. منجھانئن مير جان محمد خان جي قبر مياڻي
۾ آهي. ٽالپرن جي شڪست متعلق ليڊي برٽن جو بيان
آهي ته انگريزن ميرن جي توبچين کي ڏوڪڙ ڏيئي
پنهنجو ڪيو هو. اُنهن جنگ جي ميدان ۾ توبن جا منهن
مٿي ڪري گولا ڇوڙيا هئا. ٻيو ته فوجن جا سردار عين
جنگ جي موقعي تي ميدان ڇڏي ڀڳا هئا.
مياڻي جي شڪست جي ٻئي ڏينهن ڏهه هزار بلوچي لشڪر
جنگ جي ميدان ۾ ٻيهر گڏ ٿيو ۽ اٽڪل ڏهه هزار مسلح
بلوچ ڀر وارن ڳوٺن ۾ موجود هئا پر جنهن صورت ۾ مير
صاحبن هٿيار ڦٽا ڪيا هئا تنهن ڪري موٽي ويا.
مياڻي جي جنگ فقط 3 ڪلاڪ هلي پر ان جو شمار
هندستان جي خونريز ۽ فيصلا ڪن جنگين ۾ ٿئي ٿو.
فرنگين جو حيدرآباد قلعي ۾ داخل ٿيڻ:
18 فيبروري صبح جو سوير سرچارلس نيپئر مير صاحبن
کي پيش پوڻ لاءِ چوائي موڪليو. هن ڌمڪي ڏني ته
جيڪڏهن مير پيش نه پوندا ته حيدرآباد جي قلعي کي
امام ڳڙهه جي قلعي وانگر مسمار ڪبو. مير محمد نصير
خان شاهي خاندان جي پنجن شهزادن سان فرنگي جنرل
اڳيان تراريون لاهي پٽ تي رکيون. فاتح فرنگي
تراريون کين موٽائي ڏنيون بلڪه سندن ڪمر سان ٻڌي
کين تسلي ڏني ته 25 ڏينهن اندر سندن فيصلو ڪيو
ويندو ۽ سندن ملڪ کين موٽائي ڏبو. ميجر آئوٽ رام
به ملاقات وقت موجود هو. ٻن ڏينهن کان پوءِ آئوٽ
رام فيصلي لاءِ بمبئي ڏانهن روانو ٿيو. مير صاحب
ريزيڊنسي جي ڀر ۾ نظربند رکيا ويا ۽ مٿن پهرو
بيهاريو ويو. 21 فيبروري سرچارلس نيپئر پنهنجي
منشي علي اڪبر کي ميرن ڏانهن موڪليو ته هو قلعو
ڏسڻ گهري ٿو. مير نصير خان آخوند محمد بچل، ديوان
ميٺا رام ۽ بهادر خدمتگار کي سرچارلس نيپئر سان
ساڻ ڪري قلعي ڏانهن روانو ڪيو.
فرنگي فاتح ٻن ريجمنٽن سان قلعي ۾ داخل ٿيو.
پهريان برٽش جھنڊي کي کڙي ڪرڻ جي رسم ادا ڪئي
ويئي. پوءِ خزانا لٽيا ويا جن لاءِ انگريز عملدار
گهڻي عرصي کان منتظر هئا. فرنگي عملدار مير ڪرم
علي خان جي حرم ۾ داخل ٿي وفادار وزير مرزا خسرو
بيگ کي ڳچيءَ کان جھلي ساڻس بدسلوڪي سان پيش آيا.
مستورات جي بيحرمتي ۽ لُٽ مار:
شاهي حرم جي عورتن فرعون دماغ فرنگي جرنيل کي
چوائي موڪليو ته کين ٽن ڪپڙن اندر پاليڪن ۾ شهر
کان نڪري وڃڻ لاءِ اجازت ڏني وڃي پر هن مغروري سان
انڪار ڪري منشي علي اڪبر سميت زبردستي زنان خانه ۾
گهڙي ويو. کين اُتي جيڪي زيور، ڪپڙا، سون ۽ چاندي
جا برتن هٿ لڳن سي لٽيا ويا. زالن جا زبردستي زيور
لاٿا ويا. اٽڪل 15 لک رپين جو مال لٽيو ويو.
عورتون خوف کان حرم ڇڏي ڀڄي ويون. پنجن ڪوهن جي
پيادل مسافري ڪرڻ کان بعد هڪڙي ڳوٺ ۾ وڃي پناهه
ورتي، تنهن کان پوءِ مير نورمحمد خان جي حويلي ۾
گهڙي ساڳيءَ طرح لٽ مار ڪئي ويئي، زائفائن پيدل
وڃي کتڙ ۾ دم پٽيو. 22 فيبروري سنه 1843ع ۾ مير
محمد خان کي قلعي مان ڪڍي ٻين ميرن سان گڏ نظربند
رکيو ويو پوءِ سندس حرم کي لٽيو ويو. مير صوبدار
خان جي زالن جا زيور لهرائي سندس پٽ شهزادي فتح
علي خان جي هٿن مان ٻه قيمتي ڪنگڻ به لاٿا ويا.
حرم جي عورتن جي ڀڄڻ وقت هڪڙي عورت جي ڪمر مان ڪجھ
ڏوڪڙ ڀڄڻ مهل ڪري پيا جنهن تي هن کي گرفتار ڪري
سندس ڪمربند وڍيو ويو. تنهن کانپوءِ هر هڪ عورت کي
ڌار ڌار ڪري سندن نڪ، ڪنن مان زيور لاٿا ويا.
فرنگي فاتح قلعي اندر اچڻ جي منع ڪئي. مرحوم مير
نور محمد خان ۽ مير نصير خان جا ديرا اڃا قلعي
اندر هئا، مير نصير خان جا پٽ مير حسين علي خان ۽
مير عباس علي خان تن وٽ پيئڻ لاءِ پاڻي نه هو. هنن
سرچارلس نيپئر کي پاڻي لاءِ عرض ڪيو مگر فرعون
دماغ ڪوبه ڌيان نه ڏنو. آخر شهزادن جي تقاضا ڪرڻ
تي نون ماڻهن لاءِ هڪڙي پاڻي جي مشڪ رواني ڪئي
ويئي جنهن مان فقط حلق کي آلو ڪرڻ لڳا، جن حويلين
جا خوف ڪري عورتن در ڪين پٽيا هئا، تن کي فرنگي
سپاهين ڪهاڙين سان ڀڃي زبردستي حويلين اندر لنگهي
پرده نشين عورتن کي لٽيو ويو. بلڪه سندن ريشمي وڳا
بدن تان لهرايا ويا. مير نور محمد خان جي بيواهه
هڪڙي ٻانهي کي ڪي ڪپڙا ڏيئي بازار روانو ڪيو ته
اُنهن کي وڪڻي کاڌو آڻي. مگر دروازي تي محمد حسين
نالي هڪڙي منشي هن کان ڪپڙا ڦري هن کي مار ڏني.
تنهن کان پوءِ فرنگي فاتح ٻه عورتون قلعي جي در تي
مقرر ڪيون جي لنگهندڙ عورتن جي تلاشي وٺڻ لڳيون.
ميرن کي يا شهزادن کي پهرين ڏينهن جيڪي تراريون
موٽائي ڏنيون ويون هيون سي کانئن کسيون ويون. تنهن
کانپوءِ مرزا خسرو بيگ جو گهر لٽيو ويو ۽ کيس قيد
ڪيو ويو. فاتح فرنگي مٿس الزام مڙهيو ته هو ڪپتان
مئڪفرسن جي سامهون ٿيو هو. کيس ايتري مارڪٽ ڪئي
ويئي جو هو بيهوش ٿي ڪري پيو. پوءِ مذاق طور
سرچارلس نيپئر کيس حلوي جي ٿالهي کائڻ لاءِ گهرائي
ڏني. وزير صاحب جواب ڏنو ”دنيا جو حلوو مردار آهي،
مون وٽ روحاني حلوو موجود آهي“ تنهن کان پوءِ کيس
نوڙيءَ سان ٻڌو ويو ان لاءِ ته ڪرم علي خان مرحوم
جي مخفي خزانن جو ڏس ڏي. حالانڪه هن کي اهڙي ڪابه
خبر ڪانه هئي. حاصل ڪلام ته مير صاحبن وٽ قلعي ۾
جيڪي موجود هو، سو لٽيو ويو. سراج الدوله بنگال جي
نواب جي خزاني مان ڪلائيو کي 8 لک پائونڊ هٿ لڳا.
حيدرآباد جي قلعي مان چارلس نيپئر ڏهه لک پائونڊ
لٽيا جواهرات تنهن کان سواءِ، هر هڪ انگريز سولجر
۽ ديسي سپاهي کي لٽمار مان ڪافي حصو مليو. سرچارلس
نيپئر کي ستر هزار پائونڊ حصي ۾ مليا. مرزا قليچ
بيگ لکي ٿو ته اُن شام جو حيدرآباد جي ماڻهن آسمان
تي پڇڙ تارو ڏٺو جو گهڻائي ڏينهن نڪرندو رهيو،
پوءِ آهستي آهستي مٽجڻ لڳو. هن سماوي علامت مان هر
ڪنهن ائين ڄاتو ته ميرن جي صاحبي سنڌ ۾ ختم ٿي ۽
فرنگي راڄ شروع ٿيو.
دُٻي جي خونريز جنگ:
مير شير محمد خان ماڻڪاڻي فاتح سنڌ سرچارلس نيپئر
جي جگر ۾ ڪنڊي وانگر هو ڇاڪاڻ جو مير صاحب 25 هزار
جرار فوجن سان حيدرآباد کان 6 ميلن جي مفاصلي تي
ڇانوڻي هنيون ويٺو هو. نواب احمد خان لغاري ۽ هوش
محمد قنبراڻي توبچي جن جون دليون انتقام وٺڻ لاءِ
بي چين هيون سي مير شير محمد خان سان اچي گڏيا.
دُٻي جي جنگ کان اڳ 18- مارچ 1843ع ۾ سرچارلس
نيپئر حيدرآباد جي ميرن کي ڌمڪي ڏيندي چيو هو،
”مون کي وڌيڪ تڪليف نه ڏيو ۽ مير شير محمد خان جو
طرف ڇڏي ڏيو نه ته اوهان کي قيد ڪري جهاز تي چاڙهي
ٻاهر روانو ڪبو ۽ اها سزا اوهان لاءِ جوڳي ٿيندي.
اوهان کي خبر هوندي ته جيڪڏهن هار کاڌل فاتح خلاف
قدم کڻندا ته فاتح کي گهڻو غصو لڳندو.“ فرنگي فاتح
کي شڪ جاڳيو ته حيدرآباد جا نظربند مير ۽ شهزادا
ڳجهي طرح مير شير محمد خان کي مدد ڏيئي رهيا آهن.
انڪري سڀني ميرن کي هن هڪڙي آگبوٽ ۾ چاڙهي وچ
درياءَ ۾ بيهاريو هو. مير شير محمد خان سرچارلس
نيپئر کي لکيو ته ”لشڪر سميت اچي پيش پئي آڻ مڃ نه
ته بهادر بلوچي لشڪر هٿان برباد ٿي ويندين“ مياڻي
جي جنگ کان پوءِ هڪ هفتو سرچارلس نيپئر مير
شيرمحمد خان جي نقل و حرڪت متعلق خبرچار معلوم ڪرڻ
کان پوءِ ڇهن مهينن جو سامان گڏ ڪري هڪڙي ايلچي
هٿان مير شير محمد خان کي چوائي موڪليو ”سڀاڻي
توتي ڪاهه ڪندس بهتر آهي ته سواءِ ڪنهن شرط جي آڻ
مڃ. آءٌ توکي عزت سان گڏبس“ 24- مارچ 1843ع تي
پرهه ڦُٽي جو سرچارلس نيپئر پنهنجي لشڪر جي صف
آرائي ڪئي. ان وقت لارڊ ايلنبرو جو قاصد وٽس پهتو
۽ هڪڙو مهربند لفافو جنرل کي ڏنو. هن زباني جنرل
کي چيو ته ٻن مهينن تائين سنڌ جي سرحدن کي مضبوط
جهليو جيئن ميرن کي ڪابه بيروني امداد ملي نه
سگهي. پيرسن جنرل ڏڪندي لفافو کوليو، جنهن ۾ لکيل
هو ته مياڻي جي جنگ متعلق توکي فوج سميت مبارڪباد
ڏجي ٿي، اوهان مان هرهڪ کي وڏا خطاب ملندا. جنرل
فوجن اڳيان خط پڙهيو جنهن تي سپاهين نعرا هنيا
پوءِ طوفان وانگر اٺ ميل لتاڙي صبح جو اٺين وڳي
پنج هزار لشڪر سان دُٻي وٽ پهتو. مير شير محمد خان
جو لشڪر هڪڙي سڪل واهه جي پيٽ ۾ ٻن خندقن ۾ بيٺل
هو. هر هڪ خندق ويهه ۽ ٻائيتاليهه فٽ ويڪري هئي.
بلوچي توبخاني مٿان هوش محمد قنبراڻي اڳواڻ هو،
جنهن مياڻي جي جنگ ۾ بهادري ڏيکاري هئي. پيادل
لشڪر مٿان نواب احمد خان لغاري سپهه سالار هو،
جنهن مياڻي جي جنگ ۾ فضا جو رُخ بدليل ڏسي فرنگين
کان آخري انتقام وٺن لاءِ هينئر دُٻي جي فوجن جو
اڳواڻ هو. فرنگي لشڪر پهريان کاٻي پاسي توبزني ڪئي
۽ سندس سوار فوج بلوچن تي ڪاهه ڪئي. سرچارلس نيپئر
هن دستي سان شريڪ هو. سڪل ناري جا ڪپ ڦليلي جي ڪپن
کان گهڻو مٿي هئا. بلوچي لشڪر کي مٿي پهچڻ وقت
گهڻي دقت پيش ٿي، هوڏانهن انگريز لشڪر جي سوارن
لاءِ سڪل واهه ۾ ٽپڻ ۽ نڪري اچڻ محض راند هئي.
بلوچن جي شڪست:
مياڻي وانگي هيءَ جنگ به ٽي ڪلاڪ گهمسان سان لڳي.
فرنگي توبن جي گولي باري ڪري سڄو آسمان دونهي سان
ڍڪجي ويو. مير شير محمد خان بلوچي لشڪر کي ٻن حصن
۾ ورهائي جنگ جي ميدان کي گرم رکيو. مگر مسلسل
گوليباري ۽ آتشبازي ڪري بلوچي صفن ۾ ڀاڄ پئي. پوني
۽ بنگال جا سوار ميلن تائين بلوچن جي پٺيان ڪاهي
پيا. اٽڪل پنج هزار جانباز داد شجاعت ڏيندي شهيد
ٿيا. هوش محمد قنبراڻي مير صاحب کي ميدان ڇڏي وڃڻ
لاءِ صلاح ڏني مگر هن انڪار ڪيو. آخر نواب احمد
خان لغاري جي چوڻ کي مصلحت سمجهي نواب سميت ميدان
مان سلامتي سان نڪري ويو. هوش محمد هڪڙي آئرش
سولجر هٿان شهيد ٿي ويو.
ماڻڪاڻين جو جهنڊو ڪپتان ڪوٽ جي هٿ چڙهي ويو.
ويجهڙائي جا زميندار جن کي بلوچن سان عداوت هئي.
تن فرنگي جرنيل سان ملاقات ڪئي. کيس تسلي ڏنائون
ته بلوچ ڀڄي ويا. انگريزن کي ويجهڙائي جي ڳوٺن مان
گهڻائي زخمي مجاهد هٿ لڳا جن جي ڊاڪٽرن ملم پٽي
ڪئي. ميرپورخاص جي قلعي ۾ مير شير محمد خان تازه
دم لشڪر گڏ ڪرڻ لڳو. هي قلعو حيدرآباد کان چاليهن
ميلن جي مفاصلي تي ماڻڪاڻين جو تختگاهه هو.
حيدرآباد کان هڪ سؤ ميلن تي عمرڪوٽ جو مضبوط قلعو
هو. مگر ٽالپرن جي مسلسل شڪستن سبب سنڌ جا آبادگار
اکيون بدلائڻ لڳا. فرنگين جي هئبت جو سڪو سندن
دلين تي ڄمي ويو، مير شيرمحمد خان رعايا جون اکيون
ڦريل ڏسي ضروري سامان سميت عمرڪوٽ جي قلعي ۾ پهتو،
جتان هڪ هفتي تائين مقابلو ڪندو رهيو. پوءِ ٿر
ڏانهن نڪري ويو فرنگي فوجن عمرڪوٽ تي قبضو ڪيو.
31- اپريل 1843ع ۾ سرچارلس نيپئر مياڻي ۽ دُٻي جي
ڇهن ڪلاڪن جي جنگين کان پوءِ باب اسلام (سنڌ) کي
فتح ڪيو. مگر پوڙهي فرنگي جي دل اڃا بي آرام هئي
ڇاڪاڻ جو سنڌ جو شير سندس هٿن کان نڪري ويو هو.
مقربان خاص مان نواب احمد خان لغاري آقا سان هر
حال ۾ شريڪ هو. سنڌو درياهه جو سمورو ساڄو ڪنارو
لغارين جي هٿ هيٺ هو. هنن نظاماڻين وانگر گهڻو
نقصان سَٺو هو. لغارين مان غلام شاهه بوزدار جنهن
جي سرداري لاءِ پوءِ ڪپتان پيلي سفارش ڪئي هئي، سو
مياڻي جي جنگ کان اڳ شهداداڻي سرڪار پاران بطور
سفير جي ڳالهين ڪرڻ لاءِ ويو هو. لغارين جي نوابي
سنڌ ۽ پنجاب تائين قائم هئي ان ڪري سرحدي بلوچن ۾
کين گهڻو اثر رسوخ حاصل هو. سندن نوابي چوٽي ۾ اڃا
قائم آهي.
اٽڪ کان وٺي بارکان تائين سندن راڄ پکڙيل هئا.
خالصا سرڪار جا معاون ۽ مددگار هئا ان ڪري لاهور
درٻار تائين سندن اثر رسوخ هو.
ديوان سانوڻمل کان پوءِ سندس پٽ لالا مولراج سان
گورچاڻين ۽ کوسن خلاف ٻٽ هئا بلڪ قلات درٻار تائين
لغاري سردار کي اثر رسوخ حاصل هو.
دُٻي جي جنگ کان پوءِ بنگالي لشڪر وڌيڪ جنگ ڪرڻ
کان نٽائڻ لڳو. فرنگين جي عسڪري قوت جو مدار بمبئي
جي لشڪر تي منحصر هو. سنڌ ۾ افواهه گشت ڪري رهيا
هئا ته خالصا ۽ سنڌيا جا لشڪر گڏجي انگريزن تي
ڪاهه ڪندا. انڪري نواب احمد خان لغاري سنڌ جي
سرحدي بلوچن کي فرنگين کان انتقام وٺڻ لاءِ ڀڙڪائڻ
لڳو.
سرچارلس نيپئر کي فڪر لڳل هو ته متان مير شير محمد
خان سنڌ کان ٻاهر نڪري نه وڃي. سندس ناڪه بندي ڪرڻ
لاءِ هن به لشڪر ٻن عملدارن جي اڳواڻي هيٺ
درياءَ جي ٻنهي ڪپن کان سکر ۽
روهڙي ڏانهن روانا ڪيا. جرنل رابرٽ سکر کان سيوهڻ
ڏانهن روانو ٿيو. جاسوسن فرنگي فاتح
کي خبر ڏني هئي ته مير شير محمد خان وٽ اڃا ڏهه
هزار لشڪر آهي. حالانڪ مير صاحب وٽ چار هزار بي
قاعده سپاهي ۽ فقط 3 توبون هيون. سرچارلس نيپئر
ڪپتان جان جيڪب کي ٻن توبن ۽ گڏيل دستي سان هالن
ڏانهن روانو ڪيو. اتان 17 ميلن جي مفاصلي تي مير
صاحب هڪڙي قلعي ۾ مقيم هو. مير صاحب جو ڀاءُ مير
شاهه محمد خان سيوهڻ کان 14 ميلن جي مفاصلي تي
منحصر بلوچي لشڪر سان خندقن ۾ جنگ ڪندي قيد ٿي
ويو. 14- جون 1843ع ۾ هڪڙي واهه جي ڪپ تي مير شير
محمد خان مردانگي سان لڙيو پر پوءِ ميدان جو رُخ
بدليل ڏسي نواب احمد خان جي رهنمائي هيٺ اُتر سنڌ
جي بليدين، ڊومڪين ۽ جمالي براهوئين جي ڳوٺن مان
ٿيندو پنجاب ڏانهن نڪري ويو.
|