احمد شاهه سنڌ جي حڪومت ميان نور محمد جي حوالي
ڪري کيس ”شاهنواز خان“ جو لقب ڏنو. ميان جا ٻه پٽ
جن کي بطور يرغمال جي نادر شاهه پاڻ سان خراسان
وٺي ويو هو، اُهي سنڌ پهتا. شروعات ۾ احمد شاهه
خراسان جي جنگين ۾ رڌل هو، تنهنڪري موقعو ڏسي ميان
ويهه لک رپيا سالياني ڍل ڏيڻ بند ڪئي. سنه 1754ع ۾
غازي احمد شاهه سنڌ تي ڪاهه ڪئي. ميان نور محمد
خوف کان جيسلمير ڏانهن ڀڄي ويو. جتي سنه
1168هه/1755ع ۾ هن وفات ڪئي. سندس جنازي کي موري
کان 12 ميلن جي مفاصلي تي دولتپور ۾ دفنايو ويو.
ميان محمد مرادياب خان:
ميان جو وڏو پٽ محمد مرادياب خان پيءُ جي گادي تي
ويٺو، پنهنجي وزير ديوان گدومل معرفت احمد شاهه کي
خراج ڏيڻ منظور ڪيو. مٿين اطاعت ڪري قنڌار جي
درٻار مان کيس ”سر بلند خان“ جو خطاب مليو. مغولي
علائقو جنهن جون حدون اُتر ۾ روجهاڻ ۽ ڪشمور کان
شروع ٿي ڏکڻ ۾ مديجي تائين هيون. جنهن ۾ سکر، بکر،
شڪارپور اچي وڃن ٿا، سي قنڌار حڪومت پنهنجي قبضي
هيٺ رکيا.
ڪلهوڙن جي حڪومت جو ٽيون دور سنه 1739ع کان شروع
ٿئي ٿو، جڏهن سنڌ ايران ۽ قنڌار جي ماتحت ٿي وڃي
ٿي.
ميان غلام شاهه:
ميان محمد مرادياب خان ٽالپري اميرن سان چڱا پير
ڪين کنيا. تنهن کان سواءِ ڀائرن ۾ نااتفاقي پيل
هئي. ميان عطر خان پهريان قنڌار کان مدد
گهرڻ ويو. اُتان نااُميد ٿي موٽڻ بعد بهاولپور جي
دائودپوٽن کان مدد گهرڻ ويو. بهاولپور جي خيرياڻي
سردارن مان بهادر خان، سبزل خان، علي مراد خان،
محمود خان، قائم خان، علي خان کيس مدد ڏني. ٽالپر
امير ميان غلام شاهه جو طرفدار هو. جنهن ۾ حڪومت
هلائڻ جي صلاحيت هئي. اُٻاڙه جي جنگ ۾ دائودپوٽن
شڪست کاڌي ۽ ميان عطر خان قيد ٿي ويو. سندس ڏهه
هزار سپاهين مان 3 هزار بلوچن هٿان مارجي ويا.
ميان غلام شاهه کي به ڪي زخم رسيا. عطر خان
بهاولپور ڏانهن ڀڄي ويو. ميان غلام شاهه خزاني تي
قبضو ڪري ورتو.
سندس ماءُ گلان نالي هڪڙي رقاصه هئي، جا هر جمعي
ڏينهن سنڌ جي نامياري بزرگ ۽ جاويد شاعر شاهه
عبداللطيف حسيني ڀٽائيؒ اڳيان حاضري ڀريندي هئي.
هڪڙي ڏينهن سيد خوش ٿي کيس هن ريت دعا ڪئي:-
”گلان مان گل پيدا ٿيندو، ڪي ٽڙيو ڪي ٽڙندو“.
سيد جي دعا ستت سازگار ٿي. ميان نور محمد گلان سان
شادي ڪئي. جنهن مان کيس هڪڙو فرزند ڄائو، مٿس غلام
شاهه نالو رکيو ويو. ميان غلام شاهه اڻپڙهيل هو،
مگر حڪومت هلائڻ جي منجهس خداداد صلاحيت هئي. غازي
احمد شاهه پاران کيس ”شاهه وردي خان“ جو خطاب
مليو. هو سنه 1762ع ۾ تخت تي ويٺو. سندس حڪومت جو
زمانو ڪلهوڙن جي صاحبي جو اوج جو زمانو هو.
ڪڇ تي ڪاهه:
سنه 1763ع ۾ ميان غلام شاهه بلوچي لشڪر سان ڪڇ تي
ڪاهه ڪئي. جراه جي معرڪي ۾ راءِ شڪست کاڌي، سندري
جو بندر جو علي بندر کان ويهن ميلن جي مفاصلي تي ۽
لکپت کان ٽيهن ميلن جي مفاصلي تي هو ۽ راءِ جو
مضبوط قلعو هو، تنهن تي ميان قبضو ڪيو. بستا ۽
لکپت جا بندر به ميان جي قبضي هيٺ اچي ويا. جنگ
کان فارغ ٿي ڪري، هن موري وٽ پراڻ کي بند ڏياريو،
جنهن ڪري ٿر جي آبادي ۾ اضافو ٿيڻ لڳو. سنه 1819ع
۾ زلزلي ڪري بند ٽٽي ويو.
حيدرآباد تختگاهه:
ڪلهوڙن جو تختگاهه حيدرآباد خداآباد کان پوءِ ٿيو.
خداآباد کي هر وقت آبڪلاڻي ڪري خطرو رهندو هو.
مٿين شهرن کان سواءِ ڪلهوڙن مرادآباد، شاهه ڳڙهه ۽
الله آباد نالي شهر به تعمير ڪرايا هئا. سنه 1768ع
۾ ميان غلام شاهه سنڌوندي جي کاٻي ڪپ تي نيرن ڪوٽ
جي پراڻي شهر ڀرسان گنجي ٽڪري جي هڪڙي شاخ تي پڪين
سرن سان هڪڙو عظيم الشان قلعو تعمير ڪرائي، مٿس
حيدرآباد نالو رکي تختگاهه مقرر ڪيو. خداآبادي
هندو واپاري به اچي هن شهر ۾ ويٺا. ٺٽي جو زور
گهٽجندو ويو ۽ حيدرآباد زور وٺڻ لڳو.
جوکين جي سرداري:
جوکيا لسٻيلي جي بلفتن (برفتن) جي هڪڙي شاخ آهن.
اصل راجپوت آهن. اُهي شاهه بلاول جي اُتر ۾ ڪنگارا
واري جابلو علائقي ۾ رهندا هئا. مغلن خلاف بلوچن
جيڪي به فساد ۽ جنگيون ڪيون، تن ۾
جوکين بلوچن
جي طرفداري ڪرڻ ڪري بلوچ ڪنفيڊريسي ۾ شامل ٿي ويا.
لسٻيلي کان نڪرڻ کان پوءِ حب ۽ ملير ندين جي وچ
واري زمين تي بيٺڪون جوڙي ويٺا. تنهن کان پوءِ
قرمطين جي زمينن کي والاريندا ويا. ڇاڪاڻ جو
ڪلمتين ۽ بلفتن جي پاڻ ۾ عداوت هئي. بلوچي شاعري ۾
ڪلمتين ۽ بلفتن جي باهمي جنگ جو ذڪر ڏنل آهي.
جوکين جا سردار ڄام سڏبا هئا. ڪلمتين کي ملير ندي
مان لوڌڻ کان پوءِ هنن نومڙين کي حب وارين زمينن
مان لوڌي ڪڍيو ۽ گهاري تائين علائقي تي قبضو ڄمائي
ڪراچي کان ٺٽي ڏانهن ويندڙ قافلن کان محصول اوڳاڙڻ
لڳا. ميان غلام شاهه جي ڏينهن ۾ سندن سردار ڄام
بجر خان ساڪري سويري جي هندوراڻي ڄام ارجن کي قتل
ڪري مٿيون ملڪ ميان جي حوالي ڪيو. ڪلهوڙن جي صاحبي
۾ جوکين جي سرداري مستقل طور قائم ٿي. سندن ٻه
پاڙا ٻاٻڙائي ۽ حملاڻي، سايه ناڻي سرداري هيٺ هئا.
خوانين قلات، شاهي زئي مينگل، بلفتن (برفتن) ۽
مڪران جي گچڪي سردارن سان سندن مائٽي هئي.
شمس الدولت جو لقب:
13- جنوري 1761ع ۾ غازي احمد شاهه پاڻي پٽ جي ٽين
جنگ ۾ مرهٽا ڪنفيڊريسي کي سخت شڪست ڏني. هن هولناڪ
جنگ ۾ ٽيهه هزار مرهٽا قتل ٿيا، ويهه هزار زالن
سميت قيد ٿيا، ٻه لک چوپايو مال، ڪيترا هزار اُٺ،
پنج سؤ هاٿي، بيشمار خزانو ۽ جواهرات مجاهدن کي هٿ
لڳا. پوءِ دهلي ۽ مغل اميرن کي لٽي قنڌار ڏانهن
موٽيو. هن جنگ ۾ بلوچ خان قلات مير نصير خان جي
جهنڊي هيٺ مرهٽن سان لڙيا هئا.
عالمگير ثاني جي ڌيءَ سان غازي احمد شاهه پنهنجي
پٽ شهزادي تيمور جي شادي ڪرائي. حضرت بيگم سان جا
محمد شاهه جي 16 سالن جي ڌيءَ هئي، احمد شاهه شادي
ڪئي. غازي احمد شاهه ابدالي هندستان تي ڪل ڏهه
ڪاهون ڪيون. جن مان پاڻي پٽ جي ٽين جنگ مشهور آهي.
هن جنگ کان پوءِ مرهٽن جي طاقت جي چيلهه ڀڄي پئي.
جهنگ کان وٺي ملتان تائين علائقو غازي احمد شاهه
مير نصير خان جي حوالي ڪيو، پر خان قلات وٺڻ کان
انڪار ڪيو. ديره جات جا بلوچ اڪثر سرڪشي ڪندا هئا،
تنهنڪري غازي احمد شاهه سمورو پرڳڻو ميان غلام
شاهه جي حوالي ڪيو. سنه 1768ع ۾ ديره جات جي ناهرن
سرڪشي اختيار ڪئي. ٽالپرن ناهرن کي شڪست ڏئي ميان
پاران نائب مقرر ڪيو. ڪڇ ۾ ميان جيڪي سوڀون ڪيون
هيون، تن جي عيوض غازي احمد شاهه ميان کي ”شمس
الدولت“ جو خطاب ڏنو. سنه 1770ع ۾ ميان صاحب ڪڇ جي
راءِ جي سؤٽ راءِ کنگهار جي ڌيءَ سان ڏاڍي ڌام ڌوم
سان شادي ڪئي. هن ناتي کان پوءِ بستا ۽ لکپت جا
بندر موٽي راءِ کي مليا.
انگريزن کي واپار جي اجازت:
هندستان ۾ ٽي يورپين طاقتون قسمت آزمائي رهيون
هيون. پورچوگيزن جي طاقت گهڻو گهٽجي وئي هئي. سنه
1668ع ۾ بمبئي جو بندر پورچوگيزن کان انگريزن کي
مليو. باقي ڊچ جن 1602ع ۾ ڊچ ايسٽ انڊيا ڪمپني
برپا ڪئي هئي، تن مشرقي ٻيٽن کان سواءِ هندستان ۾
سيلون، ڪوچين، ڪانانور تي قبضو ڄمايو هو. تنهن کان
سواءِ ناگا پٽم، ڪئليڪٽ، چنشورا ۽ سدراس ۾ سندن
واپاري ڪوٺيون هيون. مگر سنه 1781ع ۾ آمريڪا جي
جنگ آزادي ۾ ڊچن انگلينڊ جي خلاف آمريڪا جو طرف
ورتو. سنه 1783ع ۾ ورسيلز جي معاهدي موجب هنن
سموريون تجارتي ڪوٺيون انگريزن جي حوالي ڪيون. فقط
ٽرمڪوملي ۽ سيلون پنهنجي قبضي ۾ رکيائون، جن تي
آخر سنه 1796ع ۾ انگريزن قبضو ڪيو. ڊچن وانگر
فريچن سنه 1604ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني برپا ڪئي. ڊچن
وانگر هندستان اندر کين مختلف هنڌن تي واپاري
ڪوٺيون هيون.
سنه 1701ع ۾ فرئنسز مارٽن فرانس پاران هندستان ۾
ڊائريڪٽر جنرل مقرر ٿي آيو، جنهن ڏکڻ هندستان ۾
پانڊيچري کي فرينچن لاءِ صدر مقام مقرر ڪري ڏکڻ
هندستان اندر فرنچين جي اقتدار کي زور وٺرايو. سنه
1741ع ۾ ڊيوپلي فرينچن جو ڊائريڪٽر جنرل ٿي آيو.
هن ديسي سپاهي پنهنجن فوجن ۾ ڀرتي ڪيا. بعض ديسي
نوابن کي فوجي امداد ڏيڻ لڳو. سنه 1774ع ۾
ٽرمڪوملي، ماهي، سورت، پانڊيچري، مسلي پٽم،
چندرنگر ۾ سندن واپاري ڪوٺيون برپا ٿيون. اُهي
انگريزن وانگر ظاهري واپارين جي لباس ۾ هئا. مگر
ڊيوپلي جو خاص ارادو هندستان اندر فرينچ حڪومت
برپا ڪرڻ لاءِ هو. مطلب ته 18هين صدي اندر هندستان
۾ ٻه سفيد فام قومون انگريز ۽ فرينچ هئا. جڏهن به
يورپ ۾ طرفين ۾ ڪا جنگ لڳندي هئي ته ٻئي ڌريون
هندستان ۾ پاڻ ۾ جنگ سان مقابلو ڪنديون هيون.
مغليه شهنشاهت جي زوال کان پوءِ سڄي هندستان اندر
راجائون ۽ نواب خودمختيار هئا. انهن جي جڏهن به
پاڻ ۾ جنگ لڳندي هئي ته فرينچن ۽ انگريزن کان مدد
وٺندا هئا. خاص ڪري دکن پهريون ميدان هو، جتي
فرينچن ۽ انگريزن پاڻ ۾ زور آزمائي شروع ڪئي. جنهن
لاءِ ڪرناٽڪ جون جنگيون شاهد آهن. فرينچن جي
ڪمزوري جو وڏو سبب هن ريت هو ته فرانس سرڪار
پنهنجن عملدارن کي وقت سر پوري مدد ڏيئي ڪانه
سگهي. ٻيو ته فرينچن جي هندستان ۾ پاڻ ۾ ٻڌي ڪانه
هئي. انگريزن جي بحري قوت سمنڊن تي مضبوط هئي.
اُهي پنهنجن عملدارن کي هر طرح لشڪر ۽ خزانن سان
همٿائڻ لڳا. فرينچن اچڻ سان جيڪو هندستان ۾ ڌاڪو
ڄمايو هو، سو گهٽجندو ويو.
سنه 1757ع ۾ ڪلائيو انگريزن جي مهندار فقط ٻن هزار
سپاهين سان جن ۾ انگريز فقط 900 هئا، بنگال جي
نواب سراج الدوله کي جنهن وٽ پنجاهه هزار پيادل ۽
18 هزار سوار فوج هئي ۽ پنجاهه توپون هيون، پلاسي
جي خونخوار معرڪي ۾ شڪست ڏيئي انگريزي سلطنت جو
هندستان ۾ پايو وڌو. ويهه لک اشرفيون مير جعفر
غدار انگريزي جنرل کي سوکڙي طور پيش ڪيون. دهلي جي
ڪمزور مغل شهشاهه شاهه عالم، اوڌ جي نواب شجاع
الدوله ۽ بنگال جي نواب مير قاسم ٽنهين 1764ع ۾
پاٽنا ۽ بڪسر جي جنگين ۾ انگريزن هٿان شڪست کاڌي.
بنگال، بهار ۽ اوڙيسا جي ديواني شاهه عالم ڪلائيو
کي لکي ڏني. ڪلائيو انگريزن پاران گورنر ۽ ڪمانڊر
ان چيف مقرر ٿيو. مٿئين بيان جو سنڌ جي تاريخ سان
ڪو تعلق ڪونهي، فقط پڙهندڙن کي معلوم هئڻ گهرجي ته
ڏيڍ سؤ سالن اندر انگريزن هندستان ۾ ڪيتري طاقت
حاصل ڪئي. سندن قوت اڳيان سنڌ جي ڪهڙي سياسي
پوزيشن هئي.
ڪپتان ڪوڪ:
اسين اڳ لکي چڪا آهيون ته سنه 1662ع ۾ ڏڪر ڪري
ايسٽ انڊيا ڪمپني جو واپار سنڌ ۾ بند ٿي ويو هو.
سنه 1748ع ۾ ائڊورڊ ڪوڪ ٺٽي پهتو، پر پهچڻ سان مري
ويو. سندس قبر مڪليءَ تي آهي.
رابرٽ سمپسن:
ميان غلام شاهه جي ڏينهن ۾ سنڌ ۾ امن امان ۽
آسودگي جو دور هو. ايسٽ انڊيا ڪمپني سان ميان نور
محمد خان جا دوستاڻا لاڳاپا هئا. مغربي سفيد فام
درندن کي جڏهن ولايت مان نئون جنگي سامان پهچندو
هو ته پراڻو ديسي نوابن ۽ راجائن کي نيڪال ڪندا
هئا. ميان نورمحمد مدراس جي قلعه سينٽ جارج مان ڪي
توپون خريد ڪيون هيون. ميان غلام شاهه کي ڪمپني کي
سهوليتون ڏيڻيون پيون. ڇاڪاڻ جو سنڌ جي سرڪاري
ڪارخانن کي هٿيار ٺاهڻ لاءِ شيهي، پتل ۽ فولاد جي
ضرورت هئي. مشرقي حڪمران واپار کي ملڪ لاءِ خير ۽
برڪت تصور ڪندا هئا، مگر سفيد فام فرنگين جي لغت ۾
تجارت جي معنيٰ مشرقين لاءِ موت لکيل هئي. سنڌ جي
واپار جي ترقي لاءِ غازي غلام شاهه نئون بندر
شاهبندر تعمير ڪرايو.
هت انگريزن ڪلمي شورو صاف ڪرڻ جا ڪارخانا کوليا
هئا. ميان غلام شاهه کي ڪمپني تي ناراضگي هئي. ڪڇ
تي ڪاهه ڪرڻ وقت هن ڪمپني کان جهازن جي مدد گهري
هئي، مگر سندس مطالبي تي سورت جي ڪائونسل ڪو ڌيان
ڪين ڏنو هو. ٻيو سبب هن ريت هو ته ميان جي سورت جي
ايجنٽ علي نواز خان ويهه هزار رپيا نقد، ست گهڙيال
۽ واچون، ڪي جارجيا جا غلام ۽ حبشي خريد ڪيل
ٻانهيون هضم ڪري ويو هو. ميان انگريزن کي لکيو هو
ته مٿيون سامان کانئس وٺي روانو ڪن، مگر ايسٽ
انڊيا ڪمپني جي عملدارن ڪو ڌيان ڪين ڏنو هو،
جنهنڪري ميان جي عملدارن اورنگا بندر تي ڪمپني جا
ڪي جهاز روڪي ڇڏيا هئا. ٺٽي ۾ واپار جاري ڪرڻ لاءِ
انگريزن رابرٽ سمپشن کي روانو ڪيو. هو فارسي زبان
جو ماهر هو. ساڻس روپچند نالي هڪڙو هندو وڪيل به
ساڻ هو. رابرٽ سمپشن ٺٽي ۾ ڪوٺي وڌي. انگريز
ريزيڊنٽ ميمڻ واپارين معرفت سنڌ مان فقط شورو خريد
ڪرڻ لڳو ۽ اوني ڪپڙو سنڌ ۾ نيڪال ڪرڻ لڳو. افغان
واپاري ساليانو ڏهه هزار رپين جو اوني ڪپڙو سنڌ
مان خريد ڪرڻ لڳا. مٿين ڪپڙي جي خراسان جهڙن سرد
ملڪن کي سخت ضرورت هئي. فرنگي واعدا ڪرڻ کان پوءِ
به هندستان جي ڪجهه بندرگاهن تي اوچتا حملا ڪندا
هئا، تنهنڪري ميان صاحب فوجن سميت 11- ڊسمبر 1758ع
۾ شاهبندر پهچڻ کان پوءِ هيٺيون فرمان جاري ڪيو:-
”طرفان شمس الملت خسرو دوران غلام شاهه بطرف رابرٽ
سمپسن ايجنٽ ڪمپني بهادر“
”مان (غلام شاهه) فوجن سميت شاهبندر پهتو آهيان.
انگريزن کان سندن آندل مال تي محصول ڪين وٺبو، پر
جيڪڏهن هتان مال ٻاهر روانو ڪندا ته دستور موجب
کين محصول ڏيڻو پوندو. توکي هن خط جي وسيلي منهنجن
ارادن جي خبر هجي. تون ڪو وڪيل روانو ڪر ته جيئن
هو واپار جي ڪوٺي وجهڻ لاءِ اچي هنڌ پسند ڪري.“
18- ڊسمبر تي ميان صاحب پنهنجن نائبن ڏانهن هيٺيون
فرمان صادر فرمايو:
”رابرٽ سمپشن جيڪو مال سنڌ ۾ آڻي کانئس محصول نه
وٺجو. کيس ڪوٺي وجهڻ ڏيندا ۽ ساڻس نرميءَ سان پيش
ايندا ته جيئن اسان جو واپار ترقي ڪري.“
رابرٽ ارسڪين:
سنه 1760ع ۾ رابرٽ سمپشن کان ٽي سال پوءِ بمبئي
حڪومت پاران رابرٽ ارسڪين ميان وٽ سندس شاهبندر جي
عملدارن خلاف شڪايت کڻي آيو. هن ميان سان تجارتي
عهدنامو ڪيو، جنهن موجب سفيد فام فرنگين مان فقط
انگريزن کي سنڌ ۾ واپار ڪرڻ جي اجازت ملي. سنه
1764ع ۾ 38526 رپين جو مال بمبئي کان شاهبندر
پهتو. انگريزن 1254 ڳوڻيون شوري جون جن جي قيمت
15884 رپيا هئي، اميرالبحر پوڪاڪ معرفت بمبئي
روانيون ڪيون. سراسري ساليانو ڪمپني ڏهه هزار مڻ
شورو سنڌ مان خريد ڪندي هئي. ساڳي سال مارچ مهيني
انگريزي ريزيڊنٽ ميان غلام شاهه سان شاهپور درٻار
۾ ملاقات ڪرڻ آيو. ميان صاحب ڪمپني جي ريزيڊنٽ کي
ڪمخواب جو چوغو، هڪڙي شال، پٽڪو، هڪڙو خنجر، هڪڙي
سون سان مڙهيل ترار، چاندي جي زين سان ايراني
گهوڙو سروپا طور مرحمت ڪيا. انگريزي ريزيڊنٽ هڪڙي
سوني اشرفي، هڪڙو مخمل جو ٿان، ڪي آرسيون ڪمپني
پاران سوکڙين طور پيش ڪيون. 29- مارچ تي ميان صاحب
انگريز ريزيڊنٽ کي 45417 رپين جي مال پهچائڻ لاءِ
حڪم ڏنو. مثال لاءِ 12 سؤ وال اوني ڪرمچي گرم
ڪپڙو، 45 وال ايراني ريشمي ڪپڙو، 15 سؤ وال ڪپڙو
في وال 4 رپين جي حساب سان. 12- اپريل ميان جو
هاٿي پاڻي پي موٽڻ بعد چريو ٿي پيو، درٻار جا ڪي
تنبو اکيڙڻ کان پوءِ گپ ۾ ڦاسي پيو. اٽڪل پنج سؤ
ماڻهن هن کي ڇڪي ڪڍيو.
ميان سرفراز خان:
ميان غلام شاهه نئين تختگاهه حيدرآباد جي قلعي تي
چار سال مس حڪومت ڪري سنه 1186هه/1772ع ۾ وفات
ڪئي. ميان عطر خان وڙهندي قيد ٿيو هو. ميان محمد
مرادياب خان کي قنڌار مان سند ملي چڪي هئي. مگر
ڪلهوڙن جي ترار ٽالپرن جي چيلهه سان ٻڌل هئي. بلوچ
امير تخت ۽ تاج سان وفادار هئا. اُهي جيڪو فيصلو
ڪندا هئا، سو سڀني کي منظور ڪرڻو پوندو هو، مير
بهرام خان ميان غلام شاهه جي فرزند محمد سرفراز
خان کي پڳ ٻڌائي گادي تي ويهاريو. ميان محمد
مرادياب خان دعويٰ تان هٿ کنيو. ساڳي سال غازي
احمد شاهه وفات ڪئي. سندس مقبرو قنڌار جي وچ شهر ۾
هڪڙي باغ ۾ آهي. مقبري جي گنبذ جي گولائي ٽيهه فٽ
۽ بلندي سٺ فٽ آهي. سندس ڪنڊن تي منارا آهن. مٿس
نوي هزار رپيا خرچ لڳو.
تيمور شاهه:
غازي احمد شاهه کي اَٺ پٽ هئا، جن مان ڇهن جا نالا
تاريخن ۾ ڏنل آهن: سليمان، تيمور، داراب، شهاب،
سڪندر ۽ پرويز. احمد شاهه جي وفات کان پوءِ وزير
شاهه ولي وڏي پٽ سليمان کي تخت تي ويهاريو. شاهه
ولي وڏو سياستدان هو. غازي احمد شاهه جي ڏهن ڪاهن
وقت شاهه سان همرڪاب رهيو هو. تيمور شاهه پيءُ جي
وفات وقت هرات ۾ هو. شاهه ولي جي پاليسي خلاف
پهريان قلات جي والي مير نصير خان، جنهن کي غازي
احمد شاهه ”بيگلر بيگي“ جو خطاب ڏئي ويو هو،
خودمختياري جو اعلان ڪيو. قنڌار درٻار جي اميرن
مان عبدالله خان ”ديوان بيگي“ شهزاده تيمور کي تخت
تي ويهاريو، جنهن شاهه ولي کي مارائي ڇڏيو.
تيمور شاهه ميان سرفراز خان ڏانهن خلعت سان گڏ
”خدايار خان“ جو خطاب سند ۾ لکي موڪليو، مگر ميان
غلام شاهه ڪلهوڙي جي وفات کان پوءِ ڪلهوڙن جي
صاحبي جو زوال شروع ٿيو. ڇاڪاڻ جو سنڌ جي درٻار جي
غير بلوچ اميرن، بلوچ اميرن ۽ ٽالپر اميرن سان
عداوت رکڻ شروع ڪئي.
خداآباد تختگاهه:
ميان سرفراز خان پنهنجن وڏن جي تختگاهه پراڻي
خداآباد جي يادگيري لاءِ هالن کان ڏيڍ ميل جي
مفاصلي تي اُتر طرف خداآباد جو شهر ٻڌرائي ان کي
پنهنجو تختگاهه مقرر ڪيو. ڪمشنرن جي رڪارڊ ۾ لکيل
آهي ته هي شهر ستن ميلن جي ايراضي ۾ هو ۽ ٺٽي کان
پوءِ سنڌ ۾ ٻيو نمبر شهر هو.
سنه 1186هه/1774ع ۾ تعمير ٿيو. ٿارنٽن جو بيان آهي
ته سنه 1814ع ۾ ويران ٿي ويو. سندس کنڊر ٻن چورس
ميلن ۾ آهن.
انگريزن جڏهن هن شهر کي ڏٺو اُن وقت منجهس هڪ سؤ
گهر هئا.
ٽالپر امير به هن شهر ۾ رهڻ لڳا.
بلوچن سان عداوت:
ميان سرفراز خان ڪمزور طبيعت جو حاڪم هو. سندس غير
بلوچ درٻاري امير سنڌي ۽ غير سنڌي جي سوال کي زور
وٺرائڻ لڳا. ان ۾ شڪ ڪونهي ته ٽالپر غير سنڌي هئا.
اُهي سنڌ ۾ خراساني سڏبا هئا ۽ سنڌ ۾ پنهنجي جنگي
ڪارنامن ڪري وڏا جاگيردار هئا. سرائن جا ته خاص
ڪري عقيدتمند مريد هئا. فوجي محڪمي توڻي درٻار ۾
کين وڏا عهدا مليل هئا. سندن ئي بازن جي قوت سان
ڪلهوڙن مغلن، دائودپوٽن ۽ قلات جي براهوئي خوانين
کي شڪستون ڏيئي ڪلهوڙن جي صاحبي سنڌ ۾ قائم ڪئي
هئي. بلوچن سان عداوت اُها چڻنگ هئي، جنهن سنڌ ۾
عباسي خرمن کي ساڙي آل مير جلال خان حلبي جي حڪومت
کي مسند حڪومت تي دعوت ڏني. مير بهرام خان ولد مير
شهداد خان جو ان وقت فوجن جو سپهه سالار هو تنهن
جي خلاف راڄو ليکي ميان سرفراز خان جا ڪن ڀرڻ لڳو.
ديوان گدومل جو ڪلهوڙن جي دسترخوان جو پراڻو نمڪ
خوار هو، جنهن جو اثر رسوخ خراسان ۽ قنڌار جي
درٻارن تائين هو ۽ ان وقت وزارت جو قلمدان سندس هٿ
۾ هو، تنهن نو عمر ميان کي ٽالپري اميرن سان ٺاهه
ڪرڻ لاءِ صلاح ڏني. مگر ميان صاحب راڄو ليکي جي
هٿن ۾ ڪٺ پتلي هو. وزير جي ڳالهه تي ڪوبه ڌيان نه
ڏيئي مير صاحب سان دشمني رکڻ لڳو. مير بهرام خان
کي نوعمر ميان جي ارادن جي خبر هئي. هڪڙي ڏينهن
پنهنجن ٻن پٽن مير صوبدار خان ۽ مير بجر خان کي
سڏي چيو:
”توهان کي خبر آهي ته اسين ميان سان وفادار رهڻ
لاءِ قرآن شريف تي قسم کنيو آهي ۽ ميان به قسم
کنيو آهي. مون کي پڪ آهي ته ميان هٿان منهنجو موت
ٿيندو، توهين ڀائر پنهنجي جان بچايو.“
مير بهرام خان ۽ مير صوبدار خان جو شهيد ٿيڻ:
سنه 1774ع ۾ مير بهرام خان جو وڏو پٽ مير بجر خان
حج بيت الله ڏانهن روانو ٿي ويو. سندس ٻيو پٽ مير
صوبدار خان جو حيدرآباد جي اميرن جو ڏاڏو هو، تنهن
پيءُ سان رهڻ ۽ مرڻ پسند ڪيو. هڪڙي ڏينهن ميان
سرفراز خان مير بهرام کي ڪچهري ڏانهن گهرايو. مير
صاحب ان ڏينهن ناچاڪ هو ته به ڪچهري ڏانهن روانو
ٿيو. ساڻس عرضي خدمتگار گڏ هو. واٽ تي مصري نالي
هڪڙي شخص مير صاحب کي چيو ته ميان جي درٻار ۾
تنهنجي مارڻ لاءِ سٽاءُ ٿي چڪو آهي، پر مير صاحب
هليو ويو. مير صوبدار کي پوءِ خبر پئي، هو ترار
کڻي ڪچهري ڏانهن روانو ٿيو. درٻار اڳيان عرضدار
اڳيئي موجود هئا، راڄي ليکي جو ڀائٽيو الله بخش
اڳيئي بيٺل هو. مير صوبدار خان سندس ترار وٺي
اٿلائڻ پٿلائڻ ۽ ڏسڻ لڳو. ميان سرفراز خان مير
بهرام خان کي هڪڙو خط پڙهڻ لاءِ ڏنو. مير صاحب خط
کي مير بجر خان جو خط سمجهي پڙهڻ لڳو، ته ميان جي
اشاري تي پٺيان حسين مرراڻي ترار جي هڪڙي ڌڪ سان
شهيد ڪري وڌس. عرضي خدمتگار اهو حادثو ڏسي روئندو
ٻاهر نڪتو، مير صوبدار خان جي مٿس نظر پئجي ويئي
حقيقت معلوم ٿيس. پهريان الله بخش ليکي جي سسي
سندس ترار سان لاهي وڌائين، پوءِ ترار کڻي درٻار ۾
گهڙيو. ميان سرفراز هڪدم ماڙي جي ڇت تي چڙهي گم ٿي
ويو. درٻارين مان ٽي ڄڻا ڪمال خان رند، غلام محمد
خان لغاري، شاد مان خان مير جا طرفدار ٿي بيٺا.
ميان جي درٻار جا ٻه مشهور پهلوان هاشم ۽ سپڙ خان
نالي مير صوبدار هٿان مارجي ويا. ڪل ٻاويهه ڄڻا
مئا، جن مان ويهارو کن مير صوبدار ۽ سندس بلوچ
رفيقن هٿان مارجي ويا. شادمان خان سخت زخمي ٿي
پيو، مگر جان بچيس. هن حادثي ۾ مير بهرام خان جي
وڏي ڀاءُ مير ڄام نندو جا ٻه پٽ مير شهداد جو ٽنگ
کان منڊو هو ۽ ٻيو ڄام فيروز ٻئي ڀائر ڪڙم جا ويري
بڻجي پنهنجي چاچي مير بهرام خان جو گهر لٽي صاف
ڪري ويا، فقط زنانيون چادرون ڇڏيائون. مير بهرام
خان ۽ مير صوبدار خان ڪلهوڙن هٿان شهيد ٿيا.
لغارين جو تمن:
سنڌ جي سرحد گاج جي علائقي ۾ لغاري تمن جا مالڪ
هئا. سنڌ ۾ سندن پنج شاخون بوزدار، عالياڻي،
برهماڻي، عيساڻي ۽ ڪچائي رهندڙ هيون. پڳ عالياڻين
جي مٿي تي هئي، پر بوزدار به سرداري رکندڙ هئا.
سندن شجرو هي آهي:-
سي سندن طرفدار هئا. مير بهرام خان جي شهيد
ٿيڻ وقت مير بجر حج تي ويو هو. سندس غير حاضري
۾ مير فتح خان وڏي مير وٽ بلوچي سردار ۽ ٽالپر
امير، روڄ راڙي ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا. مير فتح خان
ڪچهري ڏانهن مخاطب ٿي چيو:
”اڄ مرشدن (ڪلهوڙن) وٽان مريدن کي جيڪو فيض
پهچي چڪو آهي سو اوهين ڏسي رهيا آهيو. جيڪڏهن
اڃا به خاموش رهياسون ته اسان مان ڪوبه سلامت
نه رهندو. هاڻ روئڻ ۽ رڙڻ مان ڪجھ نه ورندو.
اسان کي مردانگي سان پنهنجن سردارن جي خون
ناحق جو ڪلهوڙن کان بدلو وٺڻ گهرجي.
ميان سرفراز خان جي فراريت:
بلوچن جي مڙي مٺ ٿيڻ کانپوءِ مير فتح خان جرار
بلوچي لشڪر سان ميان سرفراز خان جي نئين
تختگاهه خدا آباد تي ڪاهي ويو. هتان راتورات
ميان ٻيڙين وسيلي حيدرآباد جي قلعي ۾ پناهه
ورتي. بلوچن جي فساد کي ڏسي درٻارين کيس تخت
تان لاهي ميان محمد ابا خان کي راڄي ليکي گادي
تي ٿاڦيو، مگر منجھس حڪومت هلائڻ جي صلاحيت
ڪانه هئي. راڄي ليکي ۽ سندس ڇاڙتن گڏجي هن کي
تخت تان لاهي سندس چاچي ميان غلام نبي خان کي
سنه 1777ع ۾ گادي تي ٿاڦيو. بلوچن ۽ ڪلهوڙن جي
اڻبڻت کي ڏسي سنه 1775ع ۾ انگريزن کي ٺٽي جي
واپاري ڪوٺيءَ مان ٽپڙ سورڻا پيا.
لنياري جي جنگ:
ميان غلام نبي خان به مير بجر سان عداوت رکندو
آيو. مير بجر خان جڏهن حج تي ويو هو تڏهن ميان
غلام نبي خان ڪي لک رپيا مسقط جي امام کي مير
صاحب جي مارائڻ لاءِ آڇيا هئا. اهي جنسي خط
امام صاحب مير کي ڏنا هئا.
مسقط کان پوءِ هو قلات آيو. مير نصير خان مير
صاحب جي ڪمال همدردي ۽ مروت سان مهماني ڪئي.
ڇاڪاڻ جو پاڙيسري حڪومتن کي ڪلهوڙن جي ظلم جي
خبر هئي. مير بجر جڏهن خداآباد پهتو تڏهن بلوچ
ڪارن لباسن ۾ وٽس حاضر ٿي گذريل حادثن بابت
ساڻس غمخوار ٿيا. حاضرين ۾ هيٺيان ٽالپر امير
شامل هئا: 1. مير بجر خان سندس نوجوان پٽ
عبدالله خان 2. مير صوبدار خان جا ٻه فرزند
مير فتح علي خان ۽ مير غلام علي خان 3. مير
فتح خان ماڻڪاڻي ۽ سندس ٻه نوجوان پٽ مير ٺارو
خان ۽ امير الهيار خان 4. مير بهرام خان جو
ڀائٽيو مير سهراب خان 5. مير فتح خان جي سؤٽ
مير جاڙي خان جو پٽ مير مرزو خان ۽ سندس پٽ
مير باگو خان 6. مير شهر علي خان. نوجوان
اميرن ۾ پاڙي جھاڙي وٺڻ جو گهڻو جوش هو. سڀ
مير بجر خان جي ادب ڪري جوش دٻايو بيٺا هئا.
راڄو ليکي مير صاحب جي خوف کان سندس اچڻ کان
اڳ زهر کائي خودڪشي ڪري چڪو هو. سندس پٽ تاجي
ليکي جو درٻار تي اثر هو، جو فتني فساد ۾ پيءُ
کان ٻه رتيون اڳتي هو ۽ وزارت جو قلمدان سندس
حوالي هو. ميان غلام نبي، الله بخش جنجڻ ۽
وزير جي چوڻ تي مير بجر خان ڏانهن هڪڙو خط
لکيو، جنهن ۾ سنڌ ڇڏي وڃڻ لاءِ حڪم لکيل هو.
مگر مير صاحب ان خط تي ڪوبه ڌيان نه ڏنو هو،
بلڪه عمرڪوٽ جو قلعو کوسن کان خالي ڪرائي اُتي
رهڻ لڳو. توڙي جو وٽس بلوچن جو چڱو خاصو لشڪر
هو، مگر الله بخش جنجڻ ڪنهن ترتيب سان مير
صاحب کان قلعو خالي ڪرائي کوسن مان فوج گڏ ڪري
پاڻ قبضو ڄمائي ويٺو. کوسا ڪلهوڙن جي طرف هئا.
کوسن جي سردار روحل خان جي پٽن مان راڄو خان
ميان نور محمد وٽ اهلڪار هو ۽ شير خان ميان
غلام شاهه جي نڪ جو وار هو. شير خان جي پٽن
مان روحل خان کي ميان غلام نبي خان جاگير ڏني
هئي.مير بجر سمجهي ويو ته ميان سان جنگ ڪرڻ
ڌاران ٻيو ڪو رستو ڪونهي. ميان جو سپهه سالار
فيروز خان پتافي ميان صاحب پاران شهدادپور
تعلقي جي لنياري ڳوٺ وٽ اَسي هزار لشڪر گڏ ڪرڻ
لڳو. مير صاحب چار هزار جرار بلوچي لشڪر سان
مقابلي ڪرڻ لاءِ نڪتو. سخت خونريز جنگ ۾ فيروز
پتافي مارجي ويو. ڪلهوڙن جي لشڪر ۾ ڀاڄ پئي.
ميان غلام نبي يارو فراش هٿان سخت زخمي ٿي
واهه جو پيٽ ڏيئي ڀڳو پئي ويو ته مير سهراب
خان پڪڙي مير بجر خان وٽ آندس ۽ اُتي زخمن
وگهي روبرو دم ڏنائين. سيد عظيم الدين ٺٽوي
”فتح سنڌ“ ۾ لکي ٿو ته جنگ ۾ شڪست کائڻ
کانپوءِ ميان غلام نبي خان صلح ڪرڻ لاءِ قرآن
شريف ميڙ ڪري مير بجر خان وٽ آيو ٿي ته تاجي
ليکي ترار هڻي شهيد ڪري وڌس. جنگ کان پوءِ
تاجو ليکي ۽ الله بخش جنجڻ به قيد ٿي ويا. مير
صاحب پاران هيٺين ماڻهن تيغ زني جو ثبوت ڏنو:
مير فتح خان، مير فتح علي خان، مير سهراب خان،
مير الهيار خان، مير مرزو خان، مير باگو خان،
اسماعيل خان کٽياڻ، دلاور خان لغاري، هئبت خان
جمالي، دريا خان، فضل خان، ٻيڙو خان کوکر،
عرضي خدمتگار، يارو فراش، سلطان خان ۽ زنگي
خان مري وغيره. مرين جو شجرو هن ريت آهي:
حاجي زئي مري:
سنڌ جي مرين مان حاجي زئي مري ٽالپرن کي سڱ
ڏيڻ ڪري سري ۽ لاڙ سنڌ ۾ وڏن رتبن کي پهتا
هئا. سندن پيشو فن سپهه گري هو. حاجي زئن جو
مورث اعليٰ حاجي خان مير رند جي چوڏهين پيرهي
مان هو. کيس ٻه ديرا هئا. 1. ٻڊاڻي، 2.
لوهاراڻي. هرهڪ ديري مان کيس چار پٽ هئا. شجرو
هن ريت آهي:-
|