سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ ۾ هندڙ بلوچ قبيلا

باب:

صفحو:3 

باب ٽيون

بلوچن جي خودمختياري

اسلامي دنيا اندر جڏهن ڪو سياسي انقلاب ايندو هو ته بلوچ پنهنجي جنگجو طبيعت ڪري اُن ۾ حصو وٺندا هئا. هشام بن عبدالملڪ جي زماني ۾ اسلامي سلطنت اندر ٽي سازشي جماعتون قائم ٿي چڪيون هيون. 1. شيعا، جن کي اهلبيت سان همدردي هئي. 2. بني اميه جا حامي، جيڪي حجاز ۽ شام ۾ رهندا هئا. 3. خارجي، جيڪي مٿين ٻن جماعتن کي وڙهائي تماشو ڏسندا هئا. بلوچ پهرين ۽ پوئين جماعتن سان شامل هئا. ڪابه انقلابي تحريڪ عراق ۾ مٿو ڪڍندو هئي ته اُن جو اثر خراسان ۽ بلوچستان تي پوندو هو. بڪير بن ماهان پهريون بلوچ هو جو عباسي تحريڪ جو داعي ۽ نقيب هو. سندس اشاري تي سنڌوندي کان وٺي فرات تائين رهندڙ قومن کي عباسين سان همدردي پيدا ٿي. (1) وري جڏهن 128هه ۾ ابو مسلم خراسان ۾ عباسين جي جھنڊي کي بلند ڪيو، تڏهن بلوچن جديع ڪرماني جي سرڪردگي هيٺ ابو مسلم جي طرفداري ڪئي. منصور بغداد جي بنياد وجھڻ کانپوءِ بلوچن کي پيادل فوجن ۾ ڀرتي ڪيو. بغداد جي شهر جو هڪڙو دروازو ”باب خراسان“ سندن نالي تي سڏجڻ لڳو. (2) امين ۽ مامون جي جنگ ۾ طاهر ذواليمين جي مدد سان مامون تخت هٿ ڪيو هو. سنه 205هه ۾ طاهر خراسان ۾ خودمختيار حڪومت قائم ڪئي، جنهن جون حدون سنڌ تائين هيون. طاهر منوچهر جي اولاد مان هو. هن وقت بلوچستان ۾ خاران جي رياست جنهن جا نواب نوشيرواني سڏجن ٿا ۽ بلوچ آهن پهريان بلوچ هئا، جن عباسين کان خودمختياري حاصل ڪئي هئي. (3) مگر طاهريه سلطنت سنه 249هه تائين قائم رهي، پوءِ صفاريه حڪومت جو يعقوب بن ليث پايو وڌو. سنڌ به سندس ماتحت هئي. مگر هي سلطنت به سنه 254هه/867ع کان سنه 290هه/903ع تائين قائم رهي. ان وچ ۾ منصوره جي رياست سان ميڊ وقت بوقت لڙندا رهيا.

بلوچي ۽ قرامطه:

عمان ۽ بحرين بلوچستان ۽ سنڌ کي ويجھا هئا. هتان خارجي ۽ قرامطه تحريڪون بلوچستان ۽ سنڌ تائين پکڙجي ويون. مٿين تحريڪن مان قرامطه زور ورتو. سنه 278هه ۾ ڪوفي ۾ هڪڙي شخص حمدان (قرامطه) جوغالي شيعو هو، تنهن نئون مذهب کڙو ڪيو. (1) سنه 281هه قرامطي معتقدن مان يحييٰ بن مهدي بحرين ۾ وارد ٿيو. سنه 286هه ابو سعيد جنابي کلي طرح بحرين وارن کي نئين مذهب جي دعوت ڏني. 287هه ۾ هن شامي لشڪر کي شڪست ڏئي، بصره ۽ حجر تي قبضو ڪيو. سنه 291هه ۾ يمن تائين پکڙجي ويا. سنه 311هه ۾ قرمطين ابوطاهر سليمان بن ابي سعيد جنابي مڪي تي ڪاهي ”حجر الاسود“ به ساڻ کڻي ويا. سنه 313هه ۾ حج صفا بند ٿي ويو. آخر خليفي مطيع بالله کين وڏي رقم ڏيئي حجر اسود خانه ڪعبه ۾ هڻايو. (2) سنه 355هه آل بويه وارن عمان تي ڪاهي قرمطين کي شڪست ڏني. پوءِ بحرين، عمان کان نڪري هنن مڪران جي بندر ڪلما کي مرڪز جوڙيو هو، جو اڄ تائين سندن نالي تي ڪلمت سڏجي ٿو.

بلوچن سان قرمطين جي مائٽي:

قرمطي عرب هئا تنهنڪري رند بلوچن سان سندن مائٽيون ٿي ويون. سندن تحريڪ ڪري سراوان جا ڪرد ويندي نوشڪي ۽ سيستان تائين رهندڙ بلوچ هن تحريڪ ۾ شامل ٿيا. هنن مڪران جي ميڊن کي شڪست ڏئي زير ڪيو. عمان کان وٺي ڪوڪن ۽ ملبار تائين سمنڊ تي جھاز ڦرڻ لڳا. قرامطين (ڪلمتين) جهاز راني ۾ ميڊن کانپوءِ گهڻي ترقي ڪئي. (1) شيراز جا ديلمي ملوڪ به شيعا هئا. ماوراءِ النهر جي ساساني حڪومت کانسواءِ سڄي اسلامي دنيا تي شيعن جو قبضو هو. سنه 375هه قرامطين بلوچن جي مدد سان منصوره تي قبضو ڪيو.

منصورھ ۽ ملتان جي قريشي حڪومتن جو خاتمو:

ساڳي سال قرامطين ملتان تي قبضو ڪيو. اڳ ٻنهي رياستن ۾ بغداد جي خليفي جو خطبو پڙهندا هئا. قرامطي مصر جي فاطمي خليفن جي نالن تي خطبو جاري ڪيو. اسلامي دنيا ۾ مصر ۽ بغداد ٻه زبردست سلطنتون هيون، جن جي پاڻ ۾ چؤطرف چپقلش جاري هئي. منجھانئن عباسي سلطنت ڪمزور ٿي چڪي هئي. اسماعيلي فاطمين جو دور شباب هو. مگر بخارا جا سماني سلاطين يا چوٿين صدي هجري ۾ غزني جا سلاطين، تنهن کانپوءِ پنجاهه ورهيه پوءِ سلجوقين جو ظهور ٿيو، مٿيون حڪومتون توڻي جو طاقتور هيون. پر بغداد جي عباسي شهنشاهت جون معتقد هيون. ان ڪري مشرق ۾ اسماعيلي فاطمين جو اثر گهٽجي ويو.

محمود غزنوي جو سنڌ تي قبضو:

سنه 391هه/1000ع ۾ سلطان محمود غزنوي. ناصرالدين (سبڪتگين) سنه 367هه/966ع ۾ سراوان، ڪوئيٽا- پشين ۾ خضدار تي قبضو ڪيو هو. جهالاوان جي رياست خارجي ۽ مڪران جي قرامطي هئي. سلطان محمود کي بغداد جي خليفي امين الملته ۽ يمين الدوله جا خطاب ڏنا. خلف بانوصفاريه خاندان جو پويون سيستان جو حاڪم هو. قرامطي هئڻ ڪري سلطان محمود هن کي قيد ڪيو. ياد رکڻ گهرجي ته سلطان محمود جي والده سيستان جي بلوچ خاندان مان هئي. (2) سلطان محمود غزنوي هندستان تي ڪُل سترنهن ڪاهون ڪيون. سندس فوجن ۾ افغان، ايراني، توراني، بلوچ شامل هئا. چست خاندان جي سرخيل خواجه ابو احمد ابدال ؒ جو هرات کان ٻن منزلن تي چست جي ڳوٺ ۾ رهندو هو، تنهن عام جھاد جو اعلان ڪيو هو. سلطان الهند خواجه معين الدين چشتي، جنهن سنه 583هه ۾ اجمير ۾ سڪونت اختيار ڪئي هئي ۽ ستين صدي جو مجدد شمار ٿئي ٿو، سو هن خاندان جو اولياءَ هو. (1) بلوچ جھاد جي دعوت تي سلطان جي فوج ۾ ڀرتي ٿيا. ٻيو وڏو سبب ته هندستان جي شهرن کي فتح ڪرڻ کانپوءِ سلطان فوجن کي ٽن ڏينهن تائين لٽڻ جو حڪم ڏيندو هو. هندستان جي ڪاهن مان اسلامي لشڪر کي ايترا هندو غلام ۽ هندو عورتون هٿ لڳيون هيون جو ايران ۽ بلوچستان ۾ غلامن جي وڪري لاءِ مارڪيٽ کلي ويا هئا، جتي هڪڙي هندو غلام جي قيمت فقط ڏيڍ رپيو هئي.(2) هندستان جي مندرن ۾ ديو داسين دوشيزه ڇوڪرين جو رواج هو. سومناٿ جي مندر تي سنه 1026ع ۾ سلطان قبضو ڪيو. هت پنج سؤ دوشيزه ديو داسيون هيون. (3) سومناٿ کان موٽندي سنه 416هه سلطان منصوره تي قبضو ڪيو. (4) تنهن کان اڳ سنه 402هه ۾ سلطان ابو الفتح دائود قرمطي ملتان جي والي تي ڪاهه ڪئي. ڇاڪاڻ جو هن غزنوي طاقت کي روڪڻ لاءِ پنجاب جي راجا انندپال کي مدد گهري هئي. ابوالفتح دائود بن نصير بن شيخ حميد کي غور جي قلعي ۾ قيد رکيو. (5) بلوچ ڊگهن وارن کي غزنوي فوجن ”سياه جيوش“ سڏبا هئا.

اردو زبان جي ابتدا:

هجري پهرين صدي عيسوي ستين ۾ عربن سنڌ فتح ڪئي. سندن فوجن ۾ عراقي، شامي هئا. تنهن کانسواءِ سوداگرن جيڪي اُبله، سيراف، تيز ۽ شيراز کان آيا، تن جي زبان فارسي هئي. سنه 133هه ۾ عربي تختگاهه شام کان منتقل ٿي عراق آيو. سنڌ جي پنڊتن کي بغداد ۾ عهدا مليا. عربي علمائن قرآن مجيد جو هندي ۾ ترجمو ڪيو. عربي ۽ فارسي لفظ سنڌي زبان ۾ پيوست ٿي ويا. سنڌي خط به ٺيٺ عربي خط ۾ آهي. سنه 421هه سلطان محمود سومناٿ تي ڪاهه ڪئي. منصوره ملتان غزنوي حڪومت ماتحت ٿي ويا. هيءَ سلطنت سنه 366هه/976ع کان شروع ٿي ۽ سنه 582هه/1186ع ۾ ختم ٿي. ٻه سؤ سالن جي عرصي ۾ ايرانين، ترڪن، افغانن جي اچڻ ڪري عربي، سنڌي، فارسي، هندي، ملتاني، پنجابي زبانن بلوچي جي ميل ميلاپ ڪري هڪ نئين زبان سنڌ ۾ جنم ورتو، جا پوءِ دهلي پهچي اُردو سڏجڻ ۾ آئي. غزنوي دور جي شاعرن جهڙوڪ حڪيم سنائي، مسعود سعد سليمان جي اشعار ۾ هندي الفاظ نظر اچن ٿا. جيڪي مؤرخ اُردو جي ابتدا کي دکن کان شمار ڪن ٿا، سي غلط آهن. (ڏسو طبقات ناصري: قاضي سراج منهاج، ص 152، ڪلڪتو)

سومرا:

منصوره ۽ ملتان جي عربي رياستن جي زوال کان پوءِ سنڌ ۽ سندس گردنواح علائقن ۾ هندو رياستون ٻيهر قائم ٿيون. سنه 543هه/1148ع ۾ غوري سلطنت جو پايو پيو. سنه 1186ع ۾ شهاب الدين غوري پوئين غزنوي تاجدار خسرو ۽ سندس پٽ کي لاهور مان قيد ڪري فيروز ڪوه قلعي ۾ قيد ڪيو.

بلوچن جي جيسلمير تي ڪاهه:

بلوچن جون بيٺڪون مستقل طور سنڌ ۽ ملتان تائين عربن جي ڪاهه وقت قائم ٿي چڪيون هيون. هندستان ۾ راجپوتن جا راڄ هئا. دهلي تي تومارن، اجمير ۾ چوهاڻن، قنوج تي راٺوڙن، گجرات تي واگهيلن جي حڪومت هئي. سنه 1156ع ۾ راول جئيسل ڀاٽيءَ جيسلمير جو شهر تعمير ڪرايو. سندس حدون اراولي تائين هيون. سندس پوٽي سالاباهن جي ڏينهن ۾ بلوچن مير خضر خان جي هٿ هيٺ سنڌوندي ٽپي جيسلمير تي ڪاهه ڪئي. سالاباهن ٽي سؤ جوڌن سميت مارجي ويو. بلوچن ڏراور جي قلعي تي قبضو ڪيو. بلوچ سنڌ جي پهرين قوم هئي، جنهن راجپوتن سان هٿ ڳنڍيو(1).

سنڌ تي غورين جو قبضو:

بلوچ مير سيد جلال الدين ڪرمانيؒ جي دعوت تي سلطان شهاب الدين جي فوجن ۾ ڀرتي ٿيا(2). سنه 1176ع ۾ غوري سلطان دره بولان کان بلوچن جي مدد سان اُچ پهتو. هتان سنڌ ۽ گجرات تي قبضو ڪري ملڪ کي لٽيو.

دهلي ۽ قنوج تي قبضو:

سنه 587هه/1190ع ۾ سلطان جي سپهه سالار ضياءَ الدين تولڪي دهلي جي راجا پرٿوي راج کان شڪست کاڌي. ڇاڪاڻ جو راجپوتن وٽ 2 لک سپاهي ۽ ٽي هزار هاٿي هئا. ان وچ ۾ قنوج جي راجا چئچند جي ڌيءَ سميتڪا کي سئيمبر جي رسم ادا ڪرڻ وقت راجائن جي روبرو کليءَ درٻار مان پرٿوي ڀڄائي ويو، جنهن ڪري راجپوتن ۾ اڻبڻت پئجي ويئي. سلطان شهاب الدين موقعو ڏسي سنه 1193ع ۾ سرسوتي نديءَ جي ڪپ تي ٿانيسر جي جنگ ۾ شڪست فاش ڏني. هن جنگ ۾ بلوچن جو تعداد 12 هزار هو، جن وٽ يمن جون آبدار تلوارون هيون. مسلمانن قرآن جو قسم کنيو هو ۽ هندن گنگا جو. پرٿوي راج جو ڀاءُ کانبديراءِ مارجي ويو ۽ پرٿوي قيد ٿيو، جنهن کي سلطان مارائي ڇڏيو. سنه 1194ع ۾ قنوج جي راجا چئچند اسلامي لشڪر هٿان شڪست کاڌي. دهلي، قنوج ۽ اجمير تي مستقل اسلامي حڪومت قائم ٿي(3). سلطان جي هڪڙي سپهه سالار سنه 1190ع ۾ بهار ۽ سنه 1203ع بنگال هوگليءَ تائين فتح ڪيو. بنگال جو راجا لڇمي سين اوڙيسا ڏانهن ڀڄي ويو، جتي جي مندر جگناٿ ۾ پروهت ٿي رهيو(1).

بلوچن جي جيسلمير تي ڪاهه:

سنه 1200ع ۾ ڏيڍ هزار بلوچن ٻيو دفعو سنڌوندي ٽپي جيسلمير تي ڪاهي کاڏل جي شهر کي لٽيو. سالاباهن جي پٽ راول ڪيولن ست هزار راجپوتن سان بلوچن کي شڪست ڏيئي موٽايو. مير خضر هن جنگ ۾ شهيد ٿي ويو(2).

ناصرالدين قباچه:

سنه 602هه/1206ع ۾ سلطان شهاب الدين غوري هڪڙي شرير گکڙ کان شهيد ٿي ويو. هو پنهنجي جيئري غزني تي پنهنجي غلام تاج الدين يلدوز کي دهلي ۽ لاهور تي ٻي هڪڙي ترڪي غلام قطب الدين ايبڪ کي ملتان ۽ سنڌ تي ٽين ترڪي غلام ناصرالدين قباچه کي مقرر ڪري ويو، جنهن جو تختگاهه اُچ هو.

سنڌ جون هندو رياستون:

ناصرالدين قباچه جي ڏينهن ۾ عربن واري زماني جون هيٺيون ست رياستون سنڌ ۾ موجود هيون:-

1.      درٻيلو، جنهن جو حاڪم راڻو ڀنر سهتو راٺوڙ هو، سندس گادي جو هنڌ ديرو هو.

2.     روپاهه، جنهن جو حاڪم راڻو سينهڙو ولد ڌماچ ڪوريجو سمو هو. گادي جو هنڌ ٽانگ هو.

3.     ماڻڪ تاره، جنهن جو حاڪم جيسر ولد ججه سولنڪي ماڇي هو.

4.     رياست سوي (سيوهڻ)، جنهن جو حاڪم وخيه ولد پنهون هو. چنابياس راجپوت هئا.

5.     ڀاڳناڙي، جنهن جو حاڪم چنون ولد ڏيٿو هو.

6.     همه ڪوٽ، جنهن جو حاڪم جيو ولد درياه هو، گادي جو هنڌ جهم هو.

7.     برهمڻ آباد، جنهن جو حاڪم جسوڌن اُگره هو، اهي راٺوڙ هئا.

سنڌ تي غلام گهراڻي جي حڪومت:

دهلي جي غلام بادشاهن مان قطب الدين کان پوءِ شمس الدين التمش چڱو نالو ڪڍيو. سنه 607هه/1210ع ۾ سندس وزير نظام الملڪ اُچ تي ڪاهه ڪئي. ناصرالدين بکر جي قلعي ۾ لڪو. اُتان ٻيڙين جي وسيلي ڀڄڻ وقت خزانن سميت سنڌونديءَ ۾ ٻڏي مئو. سنڌ تي غلام سلاطين کان پوءِ خلجين ۽ تغلقن پاران وقت بوقت گورنرن حڪومت ڪئي. سومرا قوم جي سنڌ ۾ وڏا زميندار هئا، سي گورنرن جي ڪمزوري مان فائدو وٺي خودمختيار ٿي رهندا هئا. وري جڏهن دهلي جا سلاطين زور وٺندا هئا ته سومرا جهڪي ويندا هئا. حقيقت ۾ عربن کان پوءِ پنج سؤ ورهين تائين سنڌ جي تاريخ اونداهي ۾ پيل آهي. جيڪي بيان تاريخن ۾ ڏنل آهن، سي آکاڻين وانگر آهن.

سومرا ڪير هئا؟

سومرن سنڌ تي سنه 700هه/1300ع کان 843هه/1449ع تائين حڪومت ڪئي. مؤرخن جا هن قوم بابت جدا جدا بيان آهن. تحفة الڪرام ۾ لکيل آهي ته سومرا عراق جي شهر سامره جا عرب آهن. عباسين جي زماني ۾ بني تميم وارا جڏهن ٻي صدي ۾ سنڌ جا گورنر ٿي آيا، تڏهن سومرا ساڻن سامره کان ساڻ آيا هئا(1). بيگلارنامه ۾ لکيل آهي ته تميم قبيلي کان پوءِ ٿورن ڏينهن اندر سومره قوم سنڌ تي قبضو ڪيو. هنن پنج سؤ ورهيه سنڌ تي حڪومت ڪئي. سندن تختگاهه مهاتم تور هو. تاريخ طاهري جو بيان افساني جيتري وقعت رکي ٿو. مصنف لکي ٿو ته سومرا هندو هئا، جن سنه 700هه کان 843هه تائين حڪومت ڪئي. سندن تختگاهه الور جي ويجهو محمد تور هو(2). مير معصوم باب ٻي ۾ لکي ٿو ته سلطان عبدالرشيد بن محمود غزنوي جي سلطنت عياشي ڪري سنڌ ۾ ڪمزور ٿي، ان مان فائدو وٺي سومره قوم ٿري جي شهر ۾ گڏ ٿي، سومره نالي هڪڙي شخص کي تخت تي ويهاريو. جنهن سعد نالي هڪڙي زميندار جي ڌيءَ سان شادي ڪئي، جنهن مان ڀونگر ڄائو(1). ابن بطوطا جو سنه 734هه ۾ سنڌ ۾ آيو، لکي ٿو ته سومره حجاج بن يوسف جي زماني ۾ سنڌ ۾ آيا. اُهي سنڌ جا حڪمران هئا، مگر دهلي جي سلاطين جي ماتحت هئا. اڳتي هلي بيان ڪري ٿو ته سومره نه ڪنهن سان گڏ کائن ٿا نه وري ٻيءَ قوم مان شاديون ڪن ٿا(2). حقيقت ۾ سومرن بادشاهن جا ڪي نالا هندي آهن ۽ ڪي عربي آهن. ايبٽ جي جديد تحقيقات مان ظاهر آهي ته سومرا راجپوت هئا، ڪڇ، گجرات ۽ سورت تي سندن حڪومت هئي(3).

ايبٽ کان پوءِ مولوي نجم الغني رامپوري پنهنجي ڪتاب ”وقائع راجسٿان“ ۾ سومرن متعلق جيڪا جديد تحقيقات ڪئي آهي، سا هن ريت آهي:-

سومرا سورج بنسي خاندان مان آهن. اُهي پرمار (پنور) راجپوت آهن. ڪي چون ٿا چندر گپت جو اولاد آهن، ڪن جو بيان آهي ته ائوڌ جي راجا رامچند جي پٽ سپومتر جي شاهي نسل مان آهن. پرمارن جي نون راجائن ستلج کان وٺي دکن تائين چوڏهن حڪومتون کڙيون ڪيون. سندن چوڏهن تختگاهه هن ريت هئا:- مهيشور، ڌار، مانڊو، اُجين، چندرڀاگا، چتوڙ، آبو، چندراوتي، موميدنه، پرماوتي، امرڪوٽ، بکر، لوه دره، پٽن. مٿين شهرن مان هنن ڪي فتح ڪيا هئا ۽ ڪي تعمير ڪرايا هئا. پرمار خاندان جون ڪُل 35 شاخون آهن. منجهانئن ”اُمره سومره“ ڇهون خاندان هو، جنهن اسلام اختيار ڪيو(1). منتخب التواريخ جي مؤلف ويهن سومرا حاڪمن جي فهرست هن ريت ڏني آهي:

1.   سومره

445هه

11. خيرو ثاني

652هه

2.  ڀونگر

446هه

12. دودو ثالث

553هه

3.  دودو

461هه

13. طائي

677هه

4.  سنجر

485هه

14. چنيسر

700هه

5.  خفيف

500هه

15. ڀونگر ثاني

718هه

6.  عمر

533هه

16. خفيف ثاني

733هه

7.  دودو ثاني

573هه

17. دودو رابع

751هه

8.  باهو

587هه

18. عمر ثاني

776هه

9.  خيرو

620هه

19. ڀونگر

811هه

10.              محمد طور

636هه

20. حمير(2)

 

سومرا پهريان قرمطي فرقي جا پابند هئا، پوءِ مخدوم شيخ بهاؤالدين زڪريا ملتانيؒ جي اُچ شريف جي مريد سيد جلال بخاريؒ جن کي مخدوم ولايت سنڌ مرحمت فرمائي هئي، تن جي پوٽي سيد جلال الدين حسين بخاريؒ جن جو زمانو 700هه کان 800هه تائين آهي ۽ اُچ ۾ قيام پذير هئا، تن جي هٿ تي اُچ ۾ سومره بيعت ڪئي(3).

سومرن جا تختگاهه:

سومرن جو پهريون تختگاهه محمد طور سکر وٽ هو. تنهن کان پوءِ ڏاکڻي سنڌ ۾ ٿري جي ڳوٺ ۾ هنن سومره کي پنهنجو اڳواڻ چونڊيو. ايلٽ لکي ٿو ته محمد طور جو شهر ديرڪ پرڳڻي ۾ هو. ديرڪ پرڳڻو هاڻوڪو ڇاڇري ۽ بدين تعلقن جي هنڌ تي يعني پارڪر ۽ ونگا بازار جي وچ ۾ ٿر جي وارياسي ميدان ۾ هوندو هو. اهو ديرڪ پرڳڻو ٿر جي وارياسي ميدان کان وٺي هاڻوڪي ٺٽي شهر تائين ليکيو ويندو هو. ٿري جو شهر بدين نزديڪ هو. سومرن جو ٻيو تختگاهه وجيه ڪوٽ (ويگهه ڪوٽ) لاڙ پرڳڻي جي موجوده پراڻ ڍوري جي ڪناري کان پنجن ميلن جي مفاصلي تي هو. جنهن جا ڦٽل نشان موجود آهن. محمد طور کان پوءِ سومرا سمن سان گڏ سما قوم جي قديم شهر ساموئي ۾ اچي رهيا،  جو هاڻوڪي ٺٽي کان ٽن ميلن جي مفاصلي تي ڏکڻ طرف هو.

مغلن جون ڪاهون:

تاتاري يافث بن نوح جي نسل مان هئا. يافث جي وڏي پٽ جو نالو تورڪ (ترڪ) هو. ترڪ چوٿين پيڙهي مان اليجان خان کي ٻه پٽ تاتار ۽ مغل نالي هئا. جن جو اولاد تاتاري ۽ مغل سڏجڻ لڳا(1). سندن قبيلا چين جي اُتر اُلهندي ۾ جبل التائي جي کليل ميدانن ۾ رهندا هئا. يورپ وارا اُنهن کي تاتاري ۽ ايشيا وارا مغل سڏيندا هئا. يارهين صدي جي آخر ۾ سندن سردار تيموجن (چنگيز) هو، جنهن جو تختگاهه قراقرم هو. چنگيز خاقان چين کي شڪست ڏيڻ کان پوءِ فرغانه تي ڪاهه ڪئي. هڪ ڪروڙ چاليهه لک انسان ڪفارن هٿان مارجي ويا. سنه 664هه/1227ع ۾ چنگيز جي مرڻ کان پوءِ سندس عظيم الشان سلطنت سندس چئن پٽن اقطائي، طلوي، جوجي ۽ چغتائي ورهائي کنئي. بلوچستان مڪران سميت چغتائي جي هٿ ۾ اچي ويو. 1223ع ۾ تاتاري حڪومت جون حدون سنڌ سان لاڳو ٿي ويون. بخارا، سمرقند، نيشاپور، مروجي علوم ۽ فنون جا مرڪز هئا. تاتارين هٿان ويران ٿي ويا. چنگيز جي پوٽي هلاڪوءَ سنه 656هه/1258ع ۾ عروس البلداد بغداد جي سرسان سر وڄائي ڇڏي. المستعصم بالله ڀائرن سميت ڪفارن هٿان مارجي ويو. ايران، عراق، بابل، آرمينيا مغلن جي هٿ هيٺ اچي ويا(2). بلوچن تاتاري عورتن سان شاديون ڪيون. منجهن مينگلن جو ممتاز قبيلو اُن زماني جي انقلاب جو يادگار آهي(1). خاران ۾ ملڪ قنبر، پير بوبڪ ۽ شيخ حسين بلوچي مشاهير جون قبرون آهن، جي مغلن سان وڙهندي شهيد ٿي هئا. سنه 1228ع ۾ ڪمال الدين جنيدي سلطان التمش پاران سنڌ، جهالاوان ۽ مڪران جا علائقا فتح ڪيا(2).

مغلن جون سنڌ تي ڪاهون:

سنه 664هه/1266ع ۾ سلطان غياث الدين بلبن دهلي جي تخت تي ويٺو. سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان تي سندس پٽ شهزاده محمد جي حڪومت هئي. جنهن جو تختگاهه ملتان هو. تاريخن ۾ علم پروري ڪري ”قا آن الملڪ“ جي لقب سان مشهور آهي. مغلن جي خوف ڪري عراق، خراسان ۽ ترڪستان کان گهڻن ئي اميرن نڪري سلطان بلبن وٽ دهلي ۾ پناهه ورتي. سلطان هنن لاءِ سندن نالن تي جدا جدا محلا تيار ڪرايا. منصوره کان پوءِ ملتان اسلامي تبليغ جو مزڪر بڻجي پيو. امير خسرو شهزاده محمد جو درٻاري شاعر هو. شيخ عثمان مروندي لعل شهباز مڪران جي دشت، شهباز کان ملتان پهتو. تنهن کان سواءِ ٻيا مشائخ شيخ صدرالدين ابن سلطان المشائخ شيخ بهاؤالدين زڪريا ملتاني، شيخ بدرالدين غزنوي، سلطان المشائخ، شيخ فريد الدين شڪر گنجؒ هن زماني ۾ ٿي گذريا. مٿين بزرگن جي فيض ڪري هندو قومن جهڙوڪ سيال، ڀٽي، کوکرن، ماڇين، گهيٻن وغيره اسلام اختيار ڪيو. حضرت لعل شهباز ؒ سنڌ جي شهر سيوهڻ ۾ سڪونت اختيار فرمائي. سنه 683هه شهزاده محمد مغلن سان وڙهندي شهيد ٿيو. امير خسرو ”وسط الحيوة“ ۾ شهزادي جي شهيد ٿيڻ تي جيڪو مرثيه ڏنو آهي سو دردناڪ آهي. شيخ سعدي جو مرثيه بغداد جي زوال متعلق  مشهور آهي.

سسئي پنهون:

صغاري ۽ مظفري مَلڪن کان پوءِ ڪيچ مڪران تي هوتن جي حڪومت شروع ٿي. رندن جي ڏاڏي مير جلال خان جو اعملش رومي جي نسل مان هو، سو حلب کان نڪري سيستان، بمپور جي رستي مڪران ۾ وارد ٿيو. سندس جهنڊي مزار هيٺ چوئيتاليهه بلوچن جا بولخ هئا. بلوچستان ۾ هن رندن جي حڪومت جو پايو وڌو(1). سندس تختگاهه ڪيچ هو، جت هن قلعو تعمير ڪرايو. مير جلال خان ٻه شاديون ڪيون. سندس پهرين زال مرزا جهان بيگ مغل جي ڌيءَ هئي، جنهن مان 3 پٽ رند، لاشار، قرائي ۽ هڪ نياڻي جتو اولاد هئا. ٻي شادي هن مڪران جي هوتن مان عجوبه نالي هڪڙي رقاصه سان ڪئي. جنهن مان هڪڙو پٽ هوت ڄائو. هوت اصل سمينه راجپوت هئا. سندن وطن يوناني مؤرخ اورٽي لسٻيلي ۾ ڏيکاريو آهي. اُهي هنگلاج جي مندر جا محافظ هئا. سندن راجائن جو لقب راسل هو. سندن حڪومت جو خاتمو سنه 23هه/644ع ۾ ٿيو. جڏهن خلافت فاروقي جي زماني ۾ حڪم بن عمرو تغلبي پوئين سمينه راجا راسل کي شڪست ڏئي مڪران تي قبضو ڪيو هو. هوتن اسلام اختيار ڪيو(2). مير جلال خان جي وفات کان پوءِ هوت ڪيچ جو حاڪم ٿيو. ڪيچ انهن ڏينهن ۾ ملتان جيڏو شهر ۽ واپار جو مرڪز هو. هوتن جو لقب ”آري ڄام“ هو. اُهي سنڌ، گجرات تائين قافلن جي ذريعي واپار ڪندا هئا. هوت عيسوي ستين صدي ۾ ٿي گذريو. جڏهن علافين بغاوت کڙي ڪئي هئي. پنهون جنهن کي بلوچ ڀنون سڏين ٿا، سو هوتن جي سردار مير عالي هوت جو پٽ هو. مير عالي کي چار پٽ هئا. چنري، هوتي، نوتي، پنهون. سسئي پنهون جو قصو ڊاڪٽر گربخشاڻي جي بيان موجب سومرن جي حاڪم حمير جي ڏينهن ۾ ٿي گذريو(1). هن قصي مان بلوچن ۽ سنڌ جي تعلقات جي خبر پئجي سگهي ٿي. هن مشهور بلوچي قصي کي مير معصوم بکري مصنف تاريخ معصومي فارسي ۾ قلمبند ڪري مٿس ”مثنوي حسن و ناز“ نالو رکيو. تنهن کان پوءِ محمد شاهه دهلي جي مغل شهنشاهه جي ڏينهن ۾ کٽياڻن جي قاضي مرتضيٰ سورٺي هن کي ٻيهر فارسي ۾ نظم ڪيو. مير فتح علي شاهه ٽالپر ٽيون دفعو مولانا عبدالرحمان جامي جي يوسف زليخا جي طرز تي نئين سر فارسي ۾ نظم ڪرايو. پنجاب جي شاعر وارث شاهه جنهن کان مؤرخ روشني وٺن ٿا، تنهن پنجابي زبان جي قصي کي جامو پهرايو. سنه 1863ع ۾ سنڌ جي اسسٽنٽ ڪمشنر ميجر سر فريڊرڪ گولڊسمڊ پهريون دفعو انگريزي ۾ ترجمو ڪيو. سنه 1883ع ۾ ٻيو دفعو بمبئي سول سروس جي هڪڙي عملدار ٽي.هارٽ ڊيوس انگريزي ۾ ترجمو ڪيو(2). سسئي- پنهون متعلق بلوچي شعر راءِ بهادر هيتورام جي تاريخ بلوچستان ۾ ڏنل آهن. بلوچن سسئي جي يادگار لاءِ مري جبلن ۾ هڪڙي چوٽيءَ تي ڀنڀور نالو رکيو.

مارڪوپولو ابن بطوطه ابوالفدا دمشقي:

سومرن جي صاحبي جي آخري دور ۾ مارڪوپولو اٽالين سياح ڪيچ- مڪران بابت لکي ٿو ته بلوچ سمنڊ ۽ خشڪي رستي واپار ڪن ٿا. چانور، کير، گوشت سندن خوراڪ آهي. ابن بطوطه سنه 734هه ۾ ڪشمور رستي کان سنڌ ۾ وارد ٿيو. بلوچن جي گهوڙن ۽ ميوي جي واپار جو ذڪر ڏئي ٿو ته ملتان ۽ دهلي تائين مٿيون شيون پهچائين ٿا. ملتان مان ڪپڙو خريد ڪن ٿا.(1) ابو الفدا سنه 732هه/1331ع ۾ تقويم البدان ۾ بلوچستان جي بندر تيز جي واپار جو ذڪر ڏئي ٿو. سيراف، ابله جي بندرن وانگر مشهور هو. (2)

علاؤالدين جي سنڌ تي ڪاهه:

سنه 695هه/1295ع ۾ علاؤالدين خلجي سڪندر ثاني جي لقب سان دهلي جي تخت تي ويٺو. سندس ڏينهن ۾ دودي ثالث ۽ سندس ڀاءُ چنيسر جي تخت ۽ تاج تان پاڻ ۾ جنگ لڳي. علاؤالدين وڏي لشڪر سان سنڌ تي ڪاهه ڪئي. سومرن ٻار ٻچا ڪڇ ڏانهن روانا ڪيا. سندن سپهه سالار سپڙ سومرو مارجي ويو. علاؤالدين فتح جي يادگار لاءِ ڪي گنبذ ڪڇ ۾ تعمير ڪرايا. مير شهڪ، رندن جي سردار جڏهن ڪڇ جو علائقو فتح ڪيو، تڏهن سندس وصيت موجب کيس مٿين گنبذن مان هڪڙي ۾ دفنايو ويو. جنهن تي هيءَ عبارت لکيل آهي: ”گنبذ علاؤالدين گنبذ شهڪ شد“(3) علاؤالدين جي ڏينهن ۾ مغلن ڪاهون ڪيون، پر شڪست کائي موٽيا. سلطان پاران ملڪ نصرت ڏهه هزار فوجن سان بکر، سيوهڻ ۽ ٺٽي جي نگراني ڪرڻ لڳو. (4)

بلوچي علمائن کي درٻار ۾ مرتبا:

ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته سلطان علاؤالدين ظالم هو پر علم پرور به هو. قاضي عارف صدر جھان جي دعوت تي بلوچن سلطاني لشڪر ۾ حصو ورتو. سلطان بلوچي علمائن مان قاضي فخرالدين ڪرماني، مولانا علاؤالدين ڪڙڪ، مولانا ڪمال الدين ڪولدي، مولانا نظام الدين قلاني کي درٻار ۾ رتبا ڏنا. ناظرين سندن نالن مان سندن بلوچيت کي معلوم ڪري سگهندا. (1)

بلوچن جي جيسلمير سان فيصلائتي جنگ:

سنه 1276ع ۾ راول جئتسي جيسلمير جي گاديءَ تي ويٺو. سنڌ جي مال غنيمت سان اٽڪل 3 هزار گهوڙا ۽ خچر ڀريل بکر کان دهلي ڏانهن ويندي جئتسي جي پوٽي حمير سرڪاري خزانو لٽيو. سلطان جيسلمير تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ خراسان ۽ مڪران کان بلوچ سڏايا. اجمير وٽ طرفين جو مقابلو ٿيو. اٺن ورهين تائين بلوچي سپاهه راجپوتن جي قلعن تي گهيرا جاري رکندا آيا. هن ويڙهه ۾ کاڏل، ٻارمير ۽ ڍٽ جي ڍاٽين ۽ ناگور جي نوابن محبوب خان، محبت خان، علي خان ڀاٽين جو طرف ورتو. بلوچن کي منڊور کان جيڪو سامان رسد ملندو هو، سو راجپوت لٽيندا هئا. هن ويڙهه ۾ ست هزار بلوچ شهيد ٿيا. (2) سنه 1294ع ۾ جئتسي جو پٽ مولراج ثالث گاديءَ تي ويٺو. ويڙهه جاري هئي. نو هزار سلطاني لشڪر مارجي ويو، پر بلوچ گهيري کي جاري رکندا آيا. مولراج تنگ ٿي، پنهنجي وزيرن سهير ۽ بيڪمسي جي صلاح سان جوهر رسم ادا ڪئي. راجپوتن پنهنجن ٻارن کي قتل ڪري زالن کي سڙڻ لاءِ صلاح ڏني. اٽڪل اڍائي هزار جوان ۽ پوڙهين عورتن چکيا تي چڙهي جان ڏني. پوءِ مردن تلسي جي پوڄا ڪري گيڙو رتا ڪپڙا ڍڪي قلعي کان نڪري ميدان ۾ مقابلو ڪيو. ٽي هزار اٺ سؤ راجپوت بلوچن هٿان مارجي ويا. فقط گرسي ۽ ڪانور نالي ٻه راجڪمار بچيا، جن کي نواب محبوب خان برهمڻن جي حوالي ڪيو. ٻي ڏينهن بلوچن قلعي تي قبضي ڪيو. ديوراج، مولراج ۽ رتن سي ٽن سون يادو خاندان جي سردارن سان وڙهندي مارجي ويا. ناگور جي نوابن مان محبت خان ۽ علي خان به مارجي ويا. سنه 1295ع ۾ سلطان قلعو ڊهرائي دهلي ڏانهن موٽيو(1).

مغلن جي سنڌ تي ڪاهه:

سنه 1297ع ۾ ٻه لک سوارن سان مغلن واديء هيلمند کان نڪري سنڌ کي لتاڙي دهلي تي قتلق خواجه ابن دائود جي سرڪردگي هيٺ ڪاهه ڪئي. سلطان ٽي لک فوجن ۽ ٻن هزار هاٿين سان مغلن کي شڪست ڏني. سنه 1303ع ۾ ٻيو گهمرو مغلن طرغي خان جي هٿ هيٺ ڪاهه ڪئي. هن دفعي اٺ هزار مغلن جا سر وڍائي سلطان هڪڙو برج کڙو ڪيو. (2) ملڪ نصرت جي مئي کانپوءِ پنجاب، ملتان ۽ سنڌ سلطان پنهنجي پٽ غازي الملڪ جي حوالي ڪيا. گهڻن مغلن اسلام اختيار ڪيو، جن کي سلطان دهلي جي مغلپوري محلي ۾ رهايو. هڪڙي منجھان چاليهن هزارن کي قتل ڪري سندن زالون ۽ ٻار ٻين علائقن ڏانهن وڪري لاءِ روانا ٿيا. (3) سنه 1316ع ۾ علاؤالدين وفات ڪئي. دهلي تي پوءِ سنه 720هه/1321ع ۾ تغلقن جي حڪومت شروع ٿي.

الور جي بربادي:

الور ۽ محمد طور جي وچ واري پرڳڻي جو حاڪم هندو راجا دلوراءِ نالي هو، جو وڏو ظالم هو. هر رات هو ڪنهن نه ڪنهن ڪنواري ڇوڪري سان هم بستر ٿيندو هو. سندس ڀاءُ ڇٽو امراني (همراني) کيس هر وقت نصيحت ڪندو هو، پر ان تي ڪو اثر نه ٿيندو هو. هندستان جا مال سان ڀريل جهاز جيڪي ديبل ڏانهن ويندا هئا، تن جي سوداگرن کان اڌ مال محصول جي اُڳاڙيندو هو. قضا سان هڪڙو خدا رسيدو بزرگ سيف الملوڪ هندستان کان حج جي ارادي سان مڪي ڏانهن ٿي ويو. سندس زال بديع الجمال خوبصورت هئي. جنهن کي راجا جي عملدارن زبردستي راجا وٽ پهچائڻ لاءِ حيلا هلائڻ لڳا. سيف الملوڪ ٽن ڏينهن جي مهلت گهري. ان عرصي ۾ هن ڪاريگرن کان رات جو درياءَ کي پٿرن جو بند ڏياريو، جنهن ڪري درياه موجوده بکر ۽ سيوهڻ جو رخ اختيار ڪيو. الور ويران ٿي ويو(1).

مؤرخن جون غلطيون:

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هاڪڙو سنڌوندي جي قديم شاخ هئي، جنهن تي الور، امرڪوٽ ۽ پاري نگر بندر هئا. جن ڏينهن ۾ سرسوتي ۽ دروشادتي ٻه نديون راجپوتانا مان وهنديون هيون. مؤرخ لکن ٿا ته هندستان جا جهاز الور کان ديبل ويندا هئا. ديبل ٺٽي کان هيٺ ڀرو هو. پوءِ ڪيئن جهاز ديبل پهچندا هئا؟ جيڪڏهن موجوده بکر کان درياءَ جو وجود نه هجي ها ته سڪندر مقدوني جا جهاز سيوهڻ ۽ نيرون ڪوٽ بدران جيڪر پارينگر پهچن ها. هاڪڙي جو وجود سڪندر مقدوني کان اڳ زلزلن ڪري مٽجي چڪو هو. سڪندر مقدوني تحقيقات لاءِ ماهرن جي هڪڙي جماعت ارسطو بيولس جي سرڪردگي هيٺ هاڪڙي جي قديم پيٽ جي ڳولا ڪرڻ لاءِ سنڌ جي اُڀرندي ڏانهن رواني ڪئي هئي جن هڪ هزار ڦٽل شهرن ۽ ڳوٺن جا نشان ڳولي لڌا هئا(2). سنڌونديءَ جي رخ بدلائڻ متعلق جيڪي به بيان ڏنل آهن محض قياسي آهن. راورٽي جي بيان موجب سنڌونديءَ سنه 335هه ۾ بکر ڏانهن رخ بدلايو. هن حساب موجب عيسوي سنه 941 ٿئي ٿو. يعني سلطان سبڪتگين کان 31 ورهيه اڳ. وري سنڌ گزيٽئر ۾ دلوراءِ جو زمانو سنه 1221ع ۾ ڏيکاريل آهي(3). جي ايبٽ 962ع سن ڏيکاريو آهي(4). الور جو آخري نشان اڪبر جي زماني تائين موجود هو. آئين اڪبري ۾ لکيل آهي ته ماٿيلو، سکر، بکر، الور جي ماتحت آهن جا بکر جي ماتحت هڪڙي محال آهي جتان مغليه سرڪار کي ساليانو 1132150 لک دام ٻه سؤ سوار ۽ پنج سؤ پيادا بطور خراج جي وصول ٿين ٿا. بديع الجمال لسٻيلي جي حڪمران شهزادي هئي، جنهن جو تختگاهه شهر روغان هو. چارلس ميسن پنهنجي سياحت جي زماني ۾ هن شهر جو معائنو ڪيو هو. هي شهر لسٻيلي کان نو ميل اتر طرف پورالي ندي تي ٽڪرين مٿان آهي جي پنجاهه فٽ بلندي تي آهن. مٿن پندرهن سؤ ويران عمارتن جا ڦٽل نشان موجود آهن. هڪڙي ويران مسجد به بيٺل آهي جا هتي جي روايتن موجب سيف الملوڪ جوڙائي هئي. ڪتبي تي سيف الملوڪ جو نالو لکيل آهي. ايئن معلوم ٿئي ٿو ته سيف الملوڪ عرب يا مصر جو واپاري هو نه ڪه هندستان جو، جيئن تاريخ طاهري ۾ لکيل آهي(1).

برهمڻ آباد جي ويراني:

الور جي ڦٽڻ کانپوءِ دلوراءِ برهمڻ آباد ۾ اچي رهيو. جنهن کي ٻانڀڻان به سڏيندا آهن. ڇٽو عمراني جو مڪي ويو هو، سو اُتان فاطمه نالي هڪڙي نيڪ بخت خاتون سان شادي ڪري آيو. دلوراءِ فاطمه کي بدنظر سان ڏسڻ لڳو. جنهن ڪري ٻئي زال مڙس سيوهڻ ۾ رهڻ لڳا. سندن نڪرڻ کانپوءِ زلزلي ڪري برهمڻ آباد جو شهر ناس ٿي ويو. ڇٽي امراني سيوهڻ ۾ وفات ڪئي. مٿس گنبذ شاهه جهان جي نواب ديندار خان تعمير ڪرايو، جنهن جو سال 1042هه لکيل آهي(2).

سومرن جو زوال:

سومرا اصل راجپوت هئا، منجھن ڪي هندڪيون رسمون رائج هيون. سندن ڪيترن حڪمرانن جا نالا اهڙا هئا جن ۾ عربيت جي بوءِ به ڪانه هئي. بلڪ چنيسر جو لاشو سندس معشوقه سان گڏ چکيا تي ساڙيو ويو هو. حڪمران قوم جي حيثيت ۾ زبردست قومن سان غرور سان هلت ڪندا هئا. پنهنجن غريب عزيزن ۽ زيردستن جي ڪلهن تي غلامي جا داغ هڻائيندا هئا. اهڙيون رسمون اسلام جي خلاف هيون. سندن زالن به بادشاهي ڪئي. دودي جي وفات کانپوءِ سندس پٽ سنگهار صغير هو، تنهنڪري ڌيڻس تارا ٻائي حڪومت هلائڻ لڳي. وري سنگهار جي وفات کانپوءِ ڳچ وقت ان جي زال هموٻائي درڪ جي قلعه ۾ حڪومت هلائڻ لڳي. عمر سومرو اخلاقي مجرم هو. انهي ڪري جو مارئي کي زبردستي ملير مان کڻي آيو هو. ٻيو گنگا ڇوڪري سان ارهه زورائي ڪري(1). سنه 1100ع ۾ سومرن جي صاحبي ۾ سنڌي زبان پراڪرت مان ڇڄي ڌار ٿي. سنڌي زبان جي قدامت معلوم ڪرڻ لاءِ ڪتاب ”پرٿي راج رسن“ آهي، جو لاهور جي شاعر چارڻ چند بردائي سنه 1200ع ۾ هنديءَ ۾ تصنيف ڪيو. منجھس دهلي جي پوئين چوهاڻ راجا پرٿيراج جي نسل ۽ ڪارنامن جو ذڪر ڏنل آهي. سومرن جا همعصر سما هئا جي سنڌ ۾ وڏا زميندار هئا. هنن سومرن جي ظلم کان تنگ ٿي، سندن پوئين حاڪم همير کي قتل ڪري سنڌ تي قبضو ڪيو. سيوهڻ ۽ بکر کي دهلي جي سلاطين جا نواب مضبوط جھليو بيٺا هئا. مٿين شهرن ۾ عربي مدرسا هئا. مرزا قليچ بيگ جي بيان موجب سيوهڻ الور ۽ برهمڻ آباد کان گهڻو جھونو شهر هو(2).

تغلق سلاطين بلوچ هئا:

تغلق سلاطين سنه 720هه/1321ع کان سنه 802هه/1399ع تائين دهلي تي حڪومت ڪئي. عام تاريخن ۾ لکيل آهي ته تغلق لفظ ”قنلغ“ مان نڪتل آهي. مؤرخ کين ترڪ لکن ٿا. سلطان بلبن جا غلام هئا. حقيقت ۾ تغلق نڪوداري خاندان مان هئا. سندن اصل وطن هيلمند هو(1). مغربي مؤرخن مان فقط اسٽئنلي لين پول تغلقن بابت لکي ٿو ته اُهي بلوچ هئا، جن تاتاري عورتن سان شاديون ڪيون هيون(2). تغلق اصل شتربان بلوچ هو، جو قسمت آزمائيندو سلطان علاؤالدين جي ڀاءُ سنڌ جي حاڪم الغ خان جي خادمن ۾ داخل ٿيو. ايمانداري ڪري پنجاب جو حاڪم ٿيو. هن ارڙهن دفعا مغلن کي شڪستون ڏيئي ”ملڪ غازي“ جو خطاب حاصل ڪيو. اُنهن ڏينهن ۾ پنجاب جو تختگاهه ديپالپور لاهور ۽ ملتان جي وچ ۾ ٽن ميلن ۾ هو. هي شهر راجا ديپال تعمير ڪرايو هو. يوناني مؤرخن مان بطليموس هن شهر کي ”ڊيداليا“ جي نالي سان لکيو آهي. غازي محمد بن قاسم هي شهر فتح ڪيو هو. هت 84 مسجدون هيون. خلجي ۽ تغلق سلاطين جي ڏينهن ۾ مغلن جي ڪاهن کي روڪڻ لاءِ هت وڏي ڇانوڻي هئي. بابر جي ڪاهن وقت موجود هو. سنه 720هه ۾ تغلق خان پوئين خلجي حاڪم ناصرالدين خسرو کي شڪست ڏئي دهلي تي قبضو ڪيو. هن تغلق آباد جو قلعو تعمير ڪرايو. سنه 725هه/1325ع ۾ سندس پٽ ابو المجاهد محمد شاهه جي لقب سان دهلي جي تخت تي ويٺو. بغداد جو خليفو الحاڪم بامرالله هو، جنهن جو سعيد صرصري سندس درٻار ۾ پهتو. سنه 751هه/1351ع ۾ سلطان جي هڪڙي غلام طغي ڪرنال ۾ فساد ڪري کنڀات ڏانهن ڀڄي ويو. اتان وري ٺٽي ڏانهن ڀڄي آيو. دهلي پاران قوام الملڪ سنڌ جو نواب هو. محمد شاهه گجرات کان ٺٽي آيو پر بيمار ٿي پيو. ڪندل جي ڳوٺ وٽ سندس بيگم به اچي ساڻس ملي، پر سندن ڏينهن ٿورا هئا. سنه 752هه/1351ع ۾ تپ وگهي درياءَ جي ڪپ واري منزل تي وفات ڪيائين. ساڳيءَ منزل تي سندس سؤٽ فيروز شاهه جي تاجپوشي جي رسم ادا ڪئي وئي. کيس بغداد جي درٻار مان ”سيد السلاطين“ جو خطاب مليو(1). هن بکر تي ملڪ رڪن الدين کي نائب مقرر ڪيو. ملڪ علي شير ۽ ملڪ تاج الدين ڪافوري سيوهڻ مٿان نائب مقرر ٿيا. اُهي بکر جي ماتحت هئا.

سلاطين مؤرخين جون غلطيون:

سمه سلاطين سنڌ تي سنه 752هه/1351ع کان سنه 923هه/1519ع تائين حڪومت ڪئي. اُهي ڪڏهن دهلي جي سلاطين جي ماتحت رهيا، ڪڏهن خودمختيار رهيا. مؤرخن هن قوم متعلق غلطيون ڪيون آهن. مير معصوم سمن کي عڪرمه بن عصام بن ابوجھل جي اولاد مان لکي ٿو. صاحب تحفته الڪرام سمن کي سام بن عمر بن هشام بن ابي لهب بيان ڪري ٿو(2). فرشتا جلد ٻي ۾ سمن کي جمشيد جي اولاد مان بيان ڪري ٿو ۽ لکي ٿو ته ان ڪري سندن لقب ”ڄام“ هو(3). حقيقت ۾ سما راجپوت چندربنسي هئا. اسين اڳ لکي چڪا آهيون ته آڳاٽا هندو سورج بنسي ۽ چندر بنسي خاندانن مان هئا. سورج بنسي ايوڌا ۾ ٿي گذريا. چندر بنسي خاندان وارن جون پنج حڪومتون هيون. 1. پارواز جيڪي اتر اولهه هندستان تي حڪومت ڪندا هئا. 2. يادو جيڪي اتر اولهه دکن ۽ الهندي هندستان تي حڪومت ڪندا هئا. 3. آنو پنجاب تي 4. دروهي جيڪي اتر الهندي هندستان واري ڪنڊ تي ۽ پريان حڪومت ڪندا هئا. 5. ترواسو جن جو تختگاهه هستناپور هو(4). ڪرنل جيمس ٽاڊ بيان ڪري ٿو ته دوارڪا جي راجا ڪرشن جي ستين زال ”جامبوتي“ جي وڏي پٽ سامبا سنڌونديءَ جي ٻنهي ڪپن تي حڪومت کڙي ڪئي جنهن جون حدون زابلستان تائين هيون. هيءَ سلطنت ”سنڌ سمه“ سڏبي هئي. سندس تختگاهه سمبانگري هو(1). سامبس هن خاندان جو راجا هو، جنهن سڪندر مقدوني سان جنگ ڪئي هئي. جامبوتي جي اولاد هئڻ ڪري سندن لقب ”ڄام“ هو. نوان نگر جي راجا جو لقب به ساڳيو آهي. سمه (سمنيه) ٻڌجا پوڄاري ۽ وڏا جاگيردار هئا. هنن برهمڻن خلاف حجاج بن يوسف کي سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ دعوت ڏني هئي. فتح سنڌ وقت غازي محمد بن قاسم حازم بن عمرو معرفت سندن سردارن کي انعام اڪرام ڏئي سندن جاگيرن کي بحال رکيو هو(2). سمن اسلام اختيار ڪيو. اُچ ۽ ملتان جي مشائخن جا معتقد ٿيا. هن خاندان جي سورهن حاڪمن حڪومت ڪئي:

1. ڄام اُنڙ

2. ڄام جونا

3. بابينا

4. تماچي-ڄام خيرالدين

5. صلاح الدين

6. نظام الدين بن صلاح الدين

7. علي شير

8. ڪرن

9. فتح خان بن سڪندر

10. تغلق بن سڪندر

11. مبارڪ ڄام تغلق جو مائٽ

12. سڪندر بن فتح خان

13. رئدان

14. سنجر

15. نندا

16. فيروز بن نندا

سمن جي ڪڇ تي حڪومت:

ڪڇ جا جاڙيجا به سمن جو اولاد آهن. سمن جي ڪڇ جي چاوڙا قبيلي سان اڳيئي مائٽي هئي جڏهن سومرن سمن کي ڪڇ ڏانهن ڀڄائي ڪڍيو هو، عيسوي اٺين صدي ۾ ٺٽي جي حاڪم لاکا گورا را کي ٻن راڻين مان اٺ پٽ هئا. کيس گر راڻيءَ جي بطن مان عمر نالي پٽ هو. ٻي راڻي جا چاوڙا قبيلي مان هئي، تنهن مان مور نالي پٽ هو. لاکا جي مرڻ کان پوءِ سندس وڏو پٽ عمر نالي گاديءَ تي ويٺو. سندس ڀائرن مان مور ۽ مڻيا ڀائي گادي هٿ ڪرڻ لاءِ عمر خلاف سازشون ڪرڻ لڳا. مور ناڪام ٿي اُلهندي ڪڇ ڏانهن پنهنجي ناناڻن ڏانهن ويو. جت پنهنجي مامي واگهم چاوڙا کي ماري الهندي ڪڇ تي قبضو ڪيو. مور جي نسل مان پوراجي تائين سندس خاندان حڪومت ڪئي. پوراجيءَ کي پٽ ڪين هو. سندس ٻه ننڍا ڀائر ليٿو ۽ ڏيٿو حڪومت هلائڻ جي لائق نه هئا. تنهن ڪري سندس بيواهه راڻي مورجي خاندان سمن مان جاڙيجي کي گهرايو جو پنهنجي ماٽيلي ڀاءُ لاکاڙا سان سنه 843هه ۾ ڪڇ ۾ آيو. لاکي جو اولاد جاڙيجا سڏجڻ لڳا. لاکي جو ٻيو نالو لاکا ڦلاڻي به هو. سندس پٽ ڄام رائدان سنه 1464ع ۾ ونجان جي شهر ۾ ڪڇ جو راءِ مقرر ٿيو(1).


(1) E. Gibbon: The Decline & Fall of the Roman Empire, Vol.X, P.30

(2) J.Hell: The Arab Civilization, Baghdad, Lahore, 1940

(3) C.F. Minchin: Kharan Gazetteer, CHP. History, Bombay, 1906

نوٽ: خاران جو نواب ڪياني ملڪ سڏجن ٿا. عمر بن عبدالعزيز جي زماني ۾ آتش پرستي ڇڏي مسلمان ٿيا.

(1) تاريخ فلسفه اسلام: ڊي بوئر، مترجم: ڊاڪٽر سيد عابد حسين، ص. 90 جامع مليه دهلي

(2) Amir Ali Syed: History of the Saraens, Kramatis.

(1) R. Hughes-Buller: Makran, CHP. Population, Kalmatis

(2) روضة الصفا: مير خوند بن خاوند شاهه هروي، جلد: 4، ص. 10، يورپ.

تاريخ هند: مولوي ذڪاءَ الله، جلد: 1، ص. 306

(1) تذڪرة السلوڪ: حڪيم نجم الغني، ص. 327، ذڪر چستيه خاندان

(2) Stanely lane – Poole: Mediaeval India, Mahmud of Ghaznvi P.25 London

(3) E.Gibbon: Roman Empire, Vol.X, Somnath. PP. 334-337

سومناٿ جو اصل نالو ديواپٽن هو. ڪرنل جيمس ٽاڊ 19 صدي ۾ هن شهر کي ڏٺو، ان وقت سندس آبادي 5 هزار هئي. سندس ڀرسان وڏو قبرستان هو. سنه 1300ع ۾ علاؤالدين خلجي هٿان ٻيو ڀيرو ناس ٿي ويو. هن وقت جھونا ڳڙهه رياست ۾ آهي.

(4) ابن اثير، جلد: 4، ص. 243 ليڊن

(5) فرشتا، جلد: 1، ص. 25-27، نولڪشور

(1) J.Tod: Amals & Antiqueties of Rajasthan, Vol. II, P. 239

(2) آئينه ائوڌ: سيد محمد ابوالحسن، ص 41-42، نظامي پريس لکنؤ.

(3) Stanely lane- Poole: Medieval India, Mahmud of Ghori, P. 49

Ami Flora Steel: India throngh ages, The Battle of thanesar

(1) Charles Stewart: History of Bengal from the fist Mohamedan invasion to 1757, P. 25, Calcutta, 1847

(2) J.Tod: Annals & Antiquities of Rajasthan, Vol. II, P. 239

(1) تحفة الڪرام: دفتر 3، ذڪر سومره

(2) تاريخ بحوالي ايلٽ، جلد 1، ص 26-484

(1) معصومي بحوالي ايلٽ، جلد 1، ص 215

(2) عجائب الاسفار: جلد 2، ذڪر شهر خوباني اردو ترجمو دهلي

(3) J.Abbot: Sindh A re-interpretation of the unhappy Valley, “Sumralis” P.P. 88-89, Karachi, 1907

(1) وقائع راجسٿان حڪيم مولوي نجم الغني، ص 51-52، همدرد پريس لکنؤ، 1927ع

(2) عجائب الاسفار: جلد 2، اردو ترجمو، لُب تاريخ: خداداد خان، ذڪر سومرا، امرتسر

(3) فرشتا: جلد 2، ص 416، نولڪشور، لکنؤ

نوٽ: جي ايبٽ جي بيان موجب محمد طور جو اوج سنه 900ع کان 1000ع تائين رهيو، پوءِ دلوراءِ جي ظلم ڪري ناس ٿي ويو.

(1) J.Hutton: Central Asia: “The Moghal” P. 67, London, 1875

(2) تاريخ شرقيه: سيد امير علي، ذڪر زوال بغداد، اردو ترجمو لاهور.

(1) R.Hughes-Buller: Imperial Gazetteer of India, Vol. Baluchistan, Calcutta, 1908

(2) Elliot: History of India, Vol. I, P. 491

نوٽ: خوارزم جي بادشاهه جلال الدين کي چنگيز خوارزم مان لوڌي ڪڍيو. هو لشڪر سميت سنڌوندي تائين پهتو. التمش سندس مخالفت ڪئي. هن سيوهڻ ڏانهن رخ رکيو، پر ناصرالدين قباچه هن کي مڪران ڏانهن ڀڄائي ڪڍيو، جتي هن وفات ڪئي. تاريخ ذڪاءَ الله.

(1) نوٽ: جيئن ترڪي قبيلن جي جهنڊن تي جانورن جون تصويرون نڪتل هيون، تيئن مير جلال خان جي جهنڊي تي چيتي جي تصوير نڪتل هئي. مزارين جو قبيلو مٿئين جهنڊي جي يادگار آهي.

(2) الفاروق: شبلي نعماني، ص 156-157، اعظم ڳڙهه. تاريخ بلوچستان: هيٿورام ذڪر رند.

(1) The Journal of the Sindh Historical Society, Vol.I, Studies in Indo Muslim History, pp 2-3, January, 1941, Karachi.

(2) The Journal Sindh Historical Society, Vol. III, Legends of old Sindh PP.29-36 December 1936.

نوٽ: وارث شاهه جو ٻيو قصو ”هير“ مشهور آهي. غازي احمد شاهه ابدالي 1745ع ۾ لاهور فتح ڪيو. ان وقت موجود هو.

(1) عجائب الاسفار: جلد: 2، مترجم: مولانا عطاءَ الرحمان. ابن بطوطا 1341ع محمد تغلق جي درٻار ۾ پهتو هو.

(2) Yule C.B: Morcopolo, Book II. Kesmacron, PP. 334

(3) دودي ثالث جو سنه علاؤالدين سان نه ٿو ٺهڪي، پر چچ نامه جلد 2 ۽ تاريخ بلوچستان ۾ مٿيون ذڪر ڏنل آهي.

(4) Frontier & overseas expeditions from India, CHP.II P.P. 21-22

(1) فرشتا: جلد اول، ص. 187-186، اُردو ترجمو نولڪشور.

(2) J. Tod: Aunals & Antiquities of Rajasthan, Vol.II. Annals of Jesulmer.

نوٽ: دهلي جي سلاطين کي جڏهن فوجين جي ضرورت ٿيندي هئي، خراسان ۽ مڪران مان بلوچن کي گهرائي ڀرتي ڪندا هئا. جيمس ٽاڊ بلوچن کي خراساني جي نالي سان لکي ٿو. فرشتا روهيلا لکي ٿو. ان سبب جي ڪري بلوچن جو نالو تاريخن ۾ گم آهي.

(1) J.Tod: Aunals & Antiquities of Rajastan Vol. II, CHP. III, PP 327-344

(2) فرشتا: جلد 1، ص 179

(3) Stenely lane Pole: Mediaval India, Rebellious, P. 98

(1) مٿيون بيان اي.ونسينٽ ۽ ايلٽ طاهري جي تاريخ تان ڏنو آهي، پر سن نه دارد.

(2) The Cambridge History of India, CHP. XVI, P. 403, Vol. I, 1922

نوٽ: يونانين سنڌ جي فصلن، رسمن، جانورن، واپار ۽ طبعي حالتن جو تحقيقات سان بيان ڏنو آهي. سندن ڏينهن ۾ هاڪڙو مٽجي چڪو هو. باقي مٿس جيڪي شهر آباد هئا، تن جا ڦٽل نشان موجود هئا.

(3) E.H. Aitken: Gazetteer of the Province of Sindh, p. 96

(4) J. Abbot, i.c.s: Sindh A Re-interpretation of the unhappy valley, The Alor Bund PP.75-76

(1) A.W. Huges: Baluchistan, CHP. Lasbella Ruins & Antiquities London 1877.

(2) Cousens, H: Antiquities of Sindh, PP. 80-81 (1929)   

(1) سومرن جي صاحبي جا قصا عمر ماروئي، چنيسر ليلان، مينڌرو مومل سنڌ ۾ مشهور آهن. مٿيان قصا تحفة الڪرام جلد-3 ۾ ڏنل آهن. ماروئي مارو قوم مان هئي، مومل گجر قوم مان هئي. ماروئي جي قصي کي سيد محمد طاهر نسياني ۽ مومل مينڌري کي ملامتيم فارسي ويس پهرايو. (تحفة الڪرام: دفتر ٽيون ذڪر سومره)

(2)  قديم سنڌ: مرزا قليچ بيگ، ص. 339

(1) C.F. Minchin: Baluchistan Distric Gazetteer, Vol. VII A, Kharan, History, P.30 Bombay, 1907.

(2) Stanely lane-poole: Mediaval India, P.122 London, 1917.

(1)  شيخ ابن بطوطه سلطان محمد تغلق جي درٻار ۾ ڪجھ وقت وزير رهيو. فيروز شاهه تغلق وڏي دٻدٻي سان حڪومت ڪئي. هن فيروز آباد جو شهر تعمير ڪرايو.

تاريخ فيروز شاهي: ضياء برني، ص. 523-525 ڪلڪتو.

(2)  تحفته الڪرام: دفتر، 3 ذڪر سمگان.

(3)  فرشتا: جلد: 2، ذڪر سمگان.

(4) Bhandarkar Commerative essays, Ancient Indian Genealogies, PP. 107-110 Poona, 1917.

(1) J. Tod: Amals & Antiquities of Rajasthan, Vol. II, P. 212

(2) Kalichbeg Fredunbeg: Chachnamah, PP. 174-175

نوٽ: فرشتا ۾ خيرالدين بدران ڄام ماني لکيل اهي. سراج عفيف 18 بادشاهن جا نالا ڏنا آهن.

(1) John Wilson: History of the Suppression of Infauticide in western India, PP. 167-168, Bombay, 1855

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org