سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: موهن جو دڙو

باب:

صفحو: 7

جين فيئرلي

موهن جي دڙي وارو ملڪ

هيءَ اڻويهين صديءَ جي ڳالهه آهي ته برٽن نالي هڪ انگريز انجنيئر پنجاب ريلوي جي پٽڙي وڇائي رهيو هو جيڪا ملتان کان لاهور تائين اچ وڃ لاءِ ڪم آڻڻي هئي. سندس چوڻ مطابق: کيس ڪو ڀاڳ ڀيڙو ڏنو جو دال مان سيرو ٿي پيو. ريل پٽڙيءَ ڀرسان کيس هڪ دڙو ملي ويو، جنهن مان لڌل پراڻيون سرون ڀڃي پٽڙي تي ڪانڪريٽ طور ڪم آنديون ويون هيون. ان کان فقط ستر سال پوءِ قديم آثارن جي ماهرن ڏٺو ته برٽن جن کي پراڻيون قديم سرون سمجهي رهيو هو، سي ڪنهن شهر جي تعمير جون باقيات هيون. اهو ماڳ هڙاپا آهي جيڪو راويءَ جي ڪٺار سان ملتان ۽ الهور جي وچ تي آهي.

هڙاپا سن 1921ع ۾ دريافت ٿيو. ان کان هڪ سال پوءِ سنڌوءَ جي ڪنٺار سان موهن جو دڙو دريافت ڪيو ويو، جيڪو هڙاپا کان ڏکڻ-اولهه طرف آهي، جنهن کي مئل ماڻهن جو دڙو به سڏيو ويندو آهي. هندستان اندر اهڙيون روايتون جام ملنديون ته هتان جي تهذيب ۽ ثقافت تاريخ کان اڳ واري دور سان واسطو رکي ٿي. ثبوت نه هجڻ سبب  عالم اهڙيون ڳالهيون هڪ ڪن کان ٻڌي ٻئي مان ڪڍي ڇڏيندا آيا، پر نيٺ اهڙو ثبوت ملي چڪو هو. ڇاڪاڻ ته موهن جودڙو ۽ هڙاپا ان اڻ ڄاتل پر مڪمل تهذيب ۽ ثقافت جون اهڙيون سچيون شاهديون هئا، جن ۾ شڪ ڪرڻ جو ڪو سوال ئي ڪو نه هو جيڪا اڄ کان چار هزار سال اڳ پنهنجي اوج تي پهتل هئي.

هن کان پوءِ مختلف سالن ۾ ٻيون به ڪيتريون دريافتون ٿيون. هاڻي پنجاب کان وٺي سامونڊي ڪناري تائين ستر کن پراڻا ماڳ مليا آهن، جيڪي راوي ۽ ستلج جي ڪنارن سان هزار ميلن ۽ سامونڊي ڪناري سان چار سؤ ميلن ۾ پکڙيل آهن. پکيڙ جي لحاظ کان اها تمام وڏي ايراضي آهي. اڃا ڪي اهڙا ماڳ به آهن جيڪي اڳتي هلي دريافت ٿيندا. ڪي ماڳ اهڙا به آهن جيڪي دريافت ته ٿيا آهن پرانهن جي کوٽائي ۽ کوجنا ڪا نه ٿي آهي. مثال طور موهن جو دڙو آهي جنهن جو هيٺيون تهه جَرَ جي پاڻيءَ ۾ ٻڏل آهي. ان جي کوٽائي ۽ کوجنا فقط تڏهن ممڪن ٿي سگهي ٿي جڏهن ٽيوب ويلن ذريعي ان پاڻيءَ کي ٻاهر ڪڍي پاڻي جي هيٺئينءَ سطح کي اڃا به گهڻو هيٺ نه ٿو ڪيو وڃي. تنهنڪري پتو ڪونه آهي ته سندس صفا هيٺيون حصو ڪهڙي دور سان واسطو رکي ٿو. هن قديم شهر جي تعمير ٿيل هڪ جهڙين جاين، شهرن جي رٿابندي، ڳهن ڳٺن، مهرن، رانديڪن، بتن، مورتين ۽ ٻين شين مان لڳي ٿو ته اهي هڪ ٻئي کان پرڀريون اڏيل انساني وسنديون وڻج واپار، انتظامي ۽ سياسي نقطه نظر کان پاڻ ۾ ڳنڍيل هيون. تازا لڌل قديم شهر موهن جي دڙي ۽ هڙاپا کان وڏا ڪونه آهن. اُن مان معلوم ٿئي ٿو ته اهي ٻئي شهر اتر ۽ ڏکڻ صوبن جون راڄڌانيون هئا. اهو پتو ڪونه ٿو پوي ته سندس نظام حڪومت ڪهڙو هو. هتي ڪنهن مقبري جو نانءُ نشان ڪونه آهي يا ٻيو ڪو اهڙو اهڃاڻ ڪونه آهي، جنهن مان محسوس ٿي سگهي ته هتي بادشاهي نظام حڪومت هو. اهڙيون مورتيون ضرور لڌيون ويون آهن جن کي پنڊت-راجا (King priest) چئي سگهجي ٿو. جن هتان جي وسيع ايراضيءَ تي پکڙيل ننڍن وڏن شهرن تي هڪ هزار سالن تائين حڪومت ڪئي هئي. قديم آثارن جا ماهر هن تهذيب کي 2500 ق.م  کان 1500 ق.م قديم سمجهن ٿا. ٿي سگهي ٿو ته، اهي گهٽ قديم هجن ۽ سندس واسطو 2300 ق.م کان 1750 ق.م تائين هجي، پر ايئن سمجهڻ لاءِ اڃا به ڪن اهم شاهدين جي ضرورت آهي.

        سنڌو تهذيب جي هڪ مڪمل تصوير ٺاهڻ لاءِ ڪافي مواد کوٽجي ٻاهر آيو آهي. سندس اهم خاصيت اها آهي ته منجهس اعليٰ قسم جي تنظيم موجود هئي. موهن جو دڙو ۽ هڙاپا ٻئي هڪ جهڙا ماڳ آهن جيڪي شهر جي منصوبه بندي جي افاديت جا اعليٰ مثال آهن. سڀ گهٽيون ۽ بازارون هڪ ٻئي سان گوني ڪنڊ تي ملن ٿيون. ننڍڙو قلعو، اناج جا گدام ۽ وهنجڻ جا حوض بلڪل مناسب جاين تي تعمير ڪيا ويا آهن. گهر پڪين سرن سان اوساريل نظر ايندا ۽ اهي سرون ماپ ۽ شڪل شبيهه ۾ بلڪل اهڙيون آهن جهڙيون موجوده دور ۾ سنڌ ۽ پنجاب ۾ ڪتب آنديون وينديون آهن. ڪاريگر، هنرمند ۽ پورهيت طبقي لاءِ شهر ۾ هڪ جدا علائقو مخصوص هو ۽ اهي ننڍن گهرن ۾ رهندا هئا. سکيا ستابا ڌن دولت وارا ماڻهو شهر جي ٻئي حصي ۾ رهندا هئا ۽ سندن گهر ڪشادا هوندا هئا. کوهه تمام گهڻا هوندا هئا ۽ ماڻهو حوضن ۽ انهن جي پاڻيءَ جي نيڪال جي بندوبست کان بلڪل مطمئن هئا. گهرن تي ڪا به سنجٽ ۽ چٽسالي ڪا نه آهي، پر گهڻن جي حوضن ۽ دڪن تي ٺهيل پُيلون (Lavatories) هيون. گندي پاڻيءَ جي نيڪال واسطي پڪيون ناليون ۽ صفائي جي نظرداري لاءِ ڍڪيل پوڻ (Traps) تعمير ٿيل هئا. اهڙيون گنديون ڍڪيل ناليون هر گهٽيءَ جي پاسي سان ٺاهيون ويون هيون. شهر جي ميونسپل اختيارين طرفان ڪرفتي جي نيڪال واسطي موريون ٺاهيل هيون، جن جي صفائي جو به جوڳو بندوبست هوندو هو. پاڪستان جي مصنف لکيو آهي ته ”گندي پاڻيءَ جي نيڪال واريون ناليون گهڻو ڪري سٺيون ڪو نه هونديون آهن پر سنڌو ماٿري جا قديم شهر انهن ڳالهين ۾ کيرون لهڻن.“ هنن شهرن ۾ ڪو خالي ميدان يا پبلڪ پارڪ نه وري ٿيئٽر يا عوامي وندر لاءِ ڪا جڳهه ڏسڻ ۾ اچي ٿي. هر شيءِ مان محنت جو اهڃاڻ ملي ٿو ۽ اهو محسوس ٿئي ٿو ته سنڌو ماٿريءَ وارو سماج باضابطه زندگي گذاري رهيو هو. برطانيه جي قديم آثارن جي هڪ ماهر پنهنجي خيالن جو هن ريت اظهار ڪيو آهي:

”انهن بيشمار گهٽين جو اندازو لڳايو، ساڙيندڙ سج جي گرميءَ تي ويچاريو. اهي ماڻهو ماڪوڙين جي ميڙ جيان منظم هئا. هر ڪم ۾ ڦڙت ۽ چالاڪ هئا. مٿن هڪ مرڪزي ۽ طاقتور حڪومت نظرداري ڪري رهي هئي. هڪ اهڙي تهذيب جنهن ۾ عيش عشرت گهٽ پر پورهئي ۾ ايمان وڌيڪ هو. مادي شين جي تيار ڪرڻ ۽ انهن کي حاصل ڪرڻ جو منجهن ڄڻ جنون هو. جديد دور ۾ اهڙيون نشانيون ملي سگهن ٿيون پر اهو زمانو ق. م جو هو.“

هنن وڏن شهرن جي کاڌي خوراڪ جو دارومدار پنهنجي ڏيهي اپت تي هو. ڪڻڪ، جَوَ، کارڪون، ڪپهه ۽ کنڊ هتان جي مکيه پيداوار هئي جن جو ڏيهي طور واپار به هلندو هو ۽ انهن جنسن جي ٻاهرين تجارت به قائم هئي. سنڌو سڀيتا سان تعلق رکندڙ مهرون، ڪاري پٿر جا لسايل تور جا وَٽَ ۽ ٺڪر جا ٿانوَ ايراني نار ۽ عراق مان لڌا ويا آهن. سامونڊي ڪناري ڀرسان قائم ڪيل اهڙا شهر انهن جنسن جي ٻاهرين تجارت جي مقصد سان اڏيا ويا هئا. پتو نه آهي ته سنڌو ماٿريءَ جي شهرن جي رهواسين جو مذهب ڪهڙو هو. ڇاڪاڻ ته هتي ڪنهن مندر يا تيرٿ جو اهڃاڻ ڪو نه ٿو ملي، پر ڪي مٽيءَ جون پڪل مورتيون مليون آهن. جن مان ڀانئجي ٿو ته ماتا ديويءَ جي پوڄا ڪئي ويندي هوندي. ان کان علاوه گهڻين ٻانهن وارن ديوتائن جون پڻ مورتيون آهن، جيڪي ممڪن آهي ته هندو ڌرم جي هاڻوڪن ديوتائن جي قديم شڪل هجن. هڪ مورتيءَ جو ڌڙ لڌو ويو آهي جنهن لاءِ قديم آثارن جي ماهرن جو خيال آهي ته اهو پنڊت- راجا جو مجسمو آهي جنهن کي ڏسي ماڻهو ڏاڍو متاثر ٿي ويندو آهي، پر اهو ايڏو دلڪش ڪو نه آهي. مٿو ويٺل، چپ ٿلها، مڇون ڪوڙيل، سهڻي صاف ننڍڙي ڏاڙهي، وچ تي سينڌ، پاسن وارا وار ڪنن ڏانهن موڙيل ۽ مٿي چوڌاري ٻڌل پٽي. وڏيون چيروليون اکيون- اهو ماڻهو ڪير به آهي پر ڏسڻ ۾ ڏاڍو هٺيلو، ڪٺور ۽ ظالم لڳي ٿو.

ٻين مورتين جي چهرن تي کل خوشيءَ جو احساس معلوم ٿئي ٿو. هڪ جهونڙي جي مورتي آهي جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته اهو ڏاڍو شرير ۽ چالاڪ آهي. ڪنجهي جي ٺهيل ڇوڪريءَ جي هڪ مورتي آهي جنهن کي ناچڻي سمجهيو ويندو آهي. جنهن کي ڏسي ايئن ڀائنبو آهي ڄڻ سندس ڍاڪون ناچ ڪندي ٿڙڪي ۽ ڦڙڪي رهيون هجن. ڪيتريون مورتيون ٿلهيون بي ڊوليون به آهن. ڪي رانديڪا ته ڏاڍي ڏاهپ ۽ سچيتائي سان ٺاهيا ويا آهن. ڏاند جي مورتيءَ ۾ پاتل سڳي کي جيڪڏهن ڇڪبو ته ان جي منڍي لڏڻ شروع ڪري ڇڏيندي. پکين جي ننڍڙين مورتين کي سيٽيءَ جيان وڄائي سگهجي ٿو. ڏاند گاڏي جهڙو هڪ رانديڪو آهي، جنهن کي ڏاندن جو جوڙو ڇڪي رهيو آهي. اهڙيون گاڏيون اڄ به سنڌ اندر استعمال هيٺ آهن جن جي ڪنڊن تي ڪلا لڳل آهن. انهن مان ڪيتريون کليل آهن ۽ ڪي وري کارين جيان واڻيل آهن. موهن جي دڙي مان هٿ آيل رانديڪن مان معلوم ٿئي ٿو ته گاڏين جا پير نهرا آهن. شايد مٽي جي ڦيٿن کي سوراخ ڪڍڻ يا اڪر ڪرڻ ڏکيو هو. ڇاڪاڻ ته ڪاٺ جي ڦيٿي جي سرائي واري سوراخ جي ٻن پاسن کان ڦيٿي وارين ونگين جي وچ تي اندرين پاسي ٻه ڳڙکا هوندا آهن جيڪي مٽيءَ واري ڦيٿي ۾ ڏسڻ ۾ ڪو نه ٿا اچن. قديم دور جي ڏاند گاڏي جيان ڪاٺ مان ٺهيل حقيقي گاڏي جا ڦيٿا سرائي وسيلي پاڻ ۾ گڏيل هوندا. هلڻ وقت اها سرائي ڦيٿن سان گڏ ڦرندي آهي. جن کي جهلي بيهڻ لاءِ هيٺيان ڪاٺ جا ٻه ڪلا (جهالو ۽ ڇيڪو) لڳل هوندا آهن ۽ گاڏي جو بار به کين جهلڻ ۾ مدد ڪندو آهي. جيڪڏهن گاڏيءَ کي مٿي کڻبو ته ٻه ڦيٿا ۽ سرائي هڪ ئي شڪل ۾ الڳ ٿي پوندا آهن. گاڏي جڏهن هلندي ۽ ڦيٿن سان گڏ سرائي ڦرندي آهي ته ڏاڍا چيڪاٽ ٿيندا آهن. سنڌ جي هر ڪچي ۽ پڪي رستي سان صبح سويل ۽ سانجهيءَ مهل گاڏين جا چيڪاٽ سدائين پيا ٻرندا آهن.

هن قديم شهر جا ماڻهو عام هڏن، عاج، سنکن ۽ مٽيءَ مان ٺهيل پڪا ڳهه پائيندا هئا. ڇڪي جي مدد سان شطرنج جهڙي راند ڪندا هئا جنهن جي چال ۾ ڳوٽون يا ساريون ڪم آنديون وينديون هيون. ان راند جي بساط چورس هوندي هئي جيڪا وري هم چورس خانن ۾ ورهايل هئي. ٿالي ۽ ڪنجهي مان ٿانو ۽ مورتيون ٺاهڻ جا ماهر هئا.

        سنڌو سڀيتا جي باقيات ۾ پون پٿر (Stealite Stone) جون ٺهيل مهرون به آهن جن جي ماپ اڌ انچ هم چورس ٿيندي. مٿن سنڌو لکت جون نشانيون اڪريل آهن جن کي اڃا ڪير به سمجهي ڪونه سگهيو آهي. انهن مان گهڻن تي ساهوارن جهڙوڪ: چيتي، هڪ سڱي ڍڳي، هرڻ، واڳونءَ، مينهن ۽ هاٿيءَ وغيره جون شڪليون آهن، تنهنڪري چئي سگهجي ٿو ته اهي ڌاريل آهن. هن وڏي جانور کي ايتري قديم دور ۾ دنيا جي ڪنهن به قوم ڌارڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي آهي. مهرن جو ڪارج ڪهڙو هو؟ تنهن جو پڻ اڃا تائين پتو پئجي ڪونه سگهيو آهي. ممڪن آهي ته انهن کي ڪنهن مال تي هڻڻ لاءِ ڪتب آندو ويندو هجي يا اهو به ٿي سگهي ٿو ته انهن کي شخصي سڃاڻ جي مقصد سان استعمال ڪيو ويندو هجي. سنڌو ماٿريءَ جي ماڻهن جو قديم لکت جي نقطئه نگاهه کان فقط انهي قسم جو مواد تباهه ٿيڻ کان رهجي ويو آهي ۽ دنيا جا ماهر اها ڳجهارت ڀڃڻ لاءِ گذريل پنجاهه سالن  کان مٿا مونا هڻي رهيا آهن. هاڻي تازو سنڌو لکت کي پرکڻ جي موضوع تي هڪ مقالو آيو آهي، جنهن جو عنوان آهي ”سنڌو لکت جي ڀاڃ“ (Indus Script Deciphered) جن مان معلوم ٿئي ٿو ته اها لکت (Crosscoord Puzzle) جيان هڪ لفظ جي ڳجهارت مثل آهي. اها ڀاڃ لفظن جي ٻٽين معنائن تي بيٺل آهي. ساڳيءَ لکت جو نمونو تصويرن سان گڏ به ڏسڻ ۾ اچي ٿو. اهڙي ڳالهه دل سان ڪانه ٿي آئڙي هت ايڏي سڌريل ۽ ترقي يافته ثقافت جيڪا راندين کان وٺي صفائي ۽ سٺائي ڏانهن توجهه ڏئي ٿي ۽ گندي پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ ڍڪيل ناليون ٺاهي ٿي تنهن وٽ پنهنجي لکت ايتري منجهيل هوندي.

        هن سنڌو ماٿري جي سڀيتا جي ماڻهن جي اصليت جو به پتو ڪونه ٿو پوي، اهي هتان جا هئا يا ڪٿا لڏپلاڻ ڪري هتي پهتا هئا. گهڻو ڪري اهي جابلو پوٺن تان اولهه کان آيا ٿا ڀانئجن. جيڪي ندين جي ڪنڌين ڪناري سان سکي ستابي ۽ سڪر سڻائي واري جوءِ ڏسي هتي آباد ٿي ويهي رهيا. موهن جي دڙي کان هڪ سؤ ميل کن اولهه پاسي مڪران ۾ پاڻيءَ جا اهڙا پراچين ڪَس آهن جيڪي اونهن کوهن سان ڳنڍيل آهن. رستي ۾ جيڪڏهن جبل اچي ويو آهي ته  ان مان سرنگهه هڻي ڪس کي اڳتي وڌايو ويو آهي. امڪان آهي ته ڪس تعمير ڪندڙ هي قوم سنڌو ماٿريءَ وارن ماڻهن جي ابن ڏاڏن مان هجي. ڇو ته جيڪا قوم درياءَ جي ڪنٺار سان رهندي آهي، سا ڀر واري علائقي ۾ پوکي راهي جي مقصد سان درياءَ جي ٻوڏ واري پاڻيءَ کي بند ڏئي، پاڻي پاسي واري ٻنيءَ ڏانهن وهائڻ جي ڪوشش ڪندي آهي. سر مورٽيمر ويلر سنڌو ماٿري جي ڪيترن ٿرڙن (کنڊرن) جي کوٽائي ڪئي آهي. سندن بيان آهي ته، ”انساني سوسائٽي جيڪا ميداني علائقي مان فائدي وٺڻ جا جتن ڪندي تنهن کي ضرور سوچ ۽ سمجهه به هوندي، تنهن ضرور ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ وارو وايو منڊل پيدا ڪيو هوندو ۽ ان جي شروعات ئي ايئن ٿي هوندي. سنڌو سڀيتا لاءِ ايئن چئي ڪونه ٿو سگهجي ته اها سست رفتاري ۽ ماٺار واري ماحول ۾ اڳتي وڌي هوندي. سندس فتحن جا موقعا به ان مسئلن جيان هڪ ئي وقت پيدا ٿي پيا هوندا. هن قسم جي فتحن جو جيڪو قديم آثارن جي ماهرن اشارو ڏنو آهي سو هن بنياد تي بيٺل نظر اچي ٿو ته سنڌو سڀيتا جي وجود ۾ اچڻ کان ٿورو پهريان ميسوپوٽاميا ۽ مصر جون تهذيبون قائم ٿي چڪيون هيون. خيالن کي به پکين جهڙا پر هوندا آهن. سنڌو سڀيتا جي بنياد رکندڙ شروعاتي ماڻهن پنهنجن مسئلن کي منهن ڏيڻ واسطي هنن مصر يا ميسوپوٽاميا ڏانهن ڏٺو هوندو ته هُنن اهڙن مسئلن کي نبيرڻ واسطي ڪهڙا طريقا ڪتب آندا هئا ۽ کين اهو شعور هو ته اهڙا مسئلا يا انهن جهڙا ڪي ٻيا مسئلا اڳي به حل ٿي چڪا آهن.“

        اٽڪل 1500 ق.م يا ان کان ٿورو پهريائين سنڌو سڀيتا پنهنجي زوال کي پهتي هئي. اهڙي صورتحال کان اڳ هن ڪيتريون هيٺ مٿايون به ڏٺيو هونديون. گهٽ ۾ گهٽ موهن جي دڙي ۾ ته ضرور ايئن ٿيو هوندو ڇاڪاڻ ته اتان جي جڳهن جي تعمير جي فن ۾ زوال جا ٽي مرحلا چٽا آهن. اهڙي تعمير جي طريقي ڪار ۽ طرز ۾ موجود فرق کان سواءِ ڪي طبعي اهڃاڻ به ملن ٿا. اڌ ڊزن کن انساني ڍانچا اهڙا ڏسڻ ۾ اچن ٿا جن تي ڪيل تشدد جي ثابتي ملي ٿي. ڪو به ماڻهو پڪ سان ٻڌائي ڪونه ٿو سگهي ته سنڌو سڀيتا جي زوال جا ڪهڙا ڪارڻ هئا. ان زوال جا ڪيترا سبب ٻڌايا به ويا آهن. زوال جي آخري جهٽڪي سان گڏ ڪي قدرتي عنصر به ڏسڻ ۾ اچن ٿا جيڪي سنڌو درياءَ سان لاڳاپيل معلوم ٿين ٿا. معلوم ٿئي ٿو ته ان ساڳئي دور ۾ موهن جي دڙي کان 200 ميل هيٺ سامونڊي ڪناري سان ڌرتي ڌڏي هئي ۽ ان کان پوءِ هيءُ ماڳ هميشه لاءِ ڀڙڀانگ ٿي ويو. جيڪڏهن سنڌوءَ جي ڇوڙ وارن ڦاٽن کي ٿوري وقت لاءِ بند ڪبو ته ان کان مٿئين پاسي سنڌو وسيع علائقي ۾ هڪ خطرناڪ قسم جي ٻوڏ آڻي ڇڏيندي.

        معلوم ٿئي ٿو ته جڏهن موهن جي دڙي واري شهر جو بنياد رکيو ويو هو ته ان زماني ۾ سنڌو درياءُ ان جي بلڪل ڀرسان وهندو هو. هاڻي اهو وهڪرو هن ماڳ کان ٽي ميل اوڀر آهي. درياءَ جي رخ مٽائڻ ڪري هن شهر جي زراعتي اقتصاديات ضرور متاثر ٿي هوندي سنڌوءَ ۾ ان وقت جيڪا درياهي تجارتي اچ وڃ جاري هئي تنهن کي به ڪاپاري ڌڪ رسيو هوندو. سڪر ۽ سڻائي واري زماني ۾ هن شهر جي آبادي تمام گهڻي وڌي وئي هوندي. ڏڪار وارن ڏينهن ۾ سندن کاڌي خوراڪ جو ڏچو پيدا ٿي پيو هوندو. شهر جا ماڻهو ڏکن ۽ ڏوجهرن ۾ وڪوڙيل هوندا ته بلوچستان ۽ مڪران جي جبلن ۾ رهندڙ ماڻهن هنن مٿان اچي حملا ڪيا هوندا. هنن جابلو قبائلين جي موهن جي دڙي جي ماڻهن ۾ اڳي ئي اک هوندي هئي، جيڪي سنڌوءَ جي ڪنٺار سان موجوده ڀلين ٻنين ۾ پوکي راهي ڪري رهيا هئا. سندن ڪمزوريءَ کي محسوس ڪندي هن سندن ٻنين ۽ چوپائي مال تي قبضو ڪيو هوندو. اهو به امڪان آهي ته سرندي وارن ماڻهن شهر جي خراب حالت ڏسي ڪنهن ٻئي هنڌ وسڻ جو خيال ڪري اتان لڏپلاڻ ڪئي هجي. موهن جي دڙي مان جيڪي انساني پڃرا لڌا ويا آهن سي ٻارڙن ۽ ٻڍڙن جا آهن. جڏهن موهن جي دڙي واري شهر کي ڇڏي نڪرڻ جو آخري فيصلو ڪيو ويو هو ته اتان جا ماڻهو ٻارڙن ۽ ٻڍڙن کي پوئتي شهر ۾ ڇڏي پاڻ سر بچائڻ خاطر تڪڙ ۾ ڇڏي هليا ويا هئا. ٻئي پاسي، اتر-اولهه طرف کان آرين به وڏي تعداد ۾ اچڻ شروع ڪيو هو. امڪان آهي ته انهن هٿيارن جي زور تي سنڌوءَ جي ڪنٺار سان آباد انهن شهرن جي والار ڪئي هجي پر جيڪڏهن اها حقيقي ايئن هجي ها ته انساني پڃرا ايترا ٿورا ڇو هجن ها جن جو اٽڪل اندازو چاليهه کن مس آهي. اهو به نظر اچي ٿو ته اهي انساني پڃرا فوجي ماڻهن جا به ڪونه آهن.

        جهڙيءَ ريت هن سڀيتا جي زوال جي دور جو پتو ڪونه آهي تهڙي ريت هن جي شروعات جي زماني جي به معلومات ڪانه آهي ۽ ان جي اهڙي پڪ جوڳي معلومات ملڻ جا امڪان به گهٽ آهن. هن سڀيتا جي باقيات ۾ ڳتيل گهرن جي تعمير گونيءَ ڪنڊ تي پاڻ ۾ ملندڙ شهر جون سڌيون گهٽيون، وڏين عمارتن، وڏي حوض ۽ گندي پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ تعمير ٿيل نالن جا کنڊر ۽ بس. معلوم ٿئي ٿو ته هتي نظر ايندڙ ٻڌ اسٽوپا جي تعمير شهر جي ڦٽي وڃڻ کان هڪ هزار پوءِ واري دور سان تعلق رکي ٿي. هيءَ اڏاوت ڌرتيءَ جي مٿاڇري کان ستر فوٽ مٿي آهي. جيڪڏهن هتان بيهي ڏسڻ سان ته سنڌو جي چانديءَ جهڙي وهڪري تي مس نظر پوي ٿي جيڪو هتان کان اوڀر پاسو ڏئي وهي رهيو آهي. هن ماڳ جي چوڌاري سنئون سڌو پَٽُ آهي، جنهن ۾ ڪٿي ننڍا وڻ ۽ ڪٿي ڪلراٺي زمين جي اڇاڻ ڏسبي آهي. سنڌوءَ جي ڪنٺار ويجهو ٻين علائقن جيان موهن جي دڙي واري جوءِ کي به سم ۽ ڪلر ورائي ويو آهي. کوٽائي جي پهرئين مرحلي دوران جَرَ جي پاڻي جي ماپ ورتي هئي ۽ هاڻوڪي ورتل ماپ مان معلوم ٿئي ٿو ته اهو پاڻي پورا پندرنهن فوٽ مٿي چڙهي آيو آهي. ڪلر ته ايتري قدر وڌي ويو آهي جو جاين ۾ ڪتب آندل سرون ڀرنديون اٽو ٿينديون پيون وڃن. سر مورٽيمر ويلر جو خيال آهي ته موهن جي دڙي ۾ موجود ڪي يادگار ته ڪلر ڳاري ناس ڪري ڇڏيا آهن ۽ ٻين يادگارن جي حالت ڏاڍي خراب آهي. وقت جي اهم ضرورت اها آهي ته جر واري پاڻيءَ جي سطح کي گهڻو هيٺ رکيو وڃي. هن رٿا تي تمام گهڻو خرچ ايندو، پر جيڪڏهن ايئن ٿيو ته ڏاڍو فائدي وارو ثابت ٿيندو. ڇاڪاڻ ته هن پراڻي ماڳ جو قديم موجوده مٿاڇري کان ٽيهه فوٽ هيٺ آهي. جيڪو هينئر جر جي پاڻيءَ ۾ آهي. جيڪڏهن اهو هيٺ لهي ويندو ته ان هيٺئين تهه جي کوٽائي ممڪن ٿي پوندي ۽ ماڳ جي اصل قدامت جو صحيح پتو لڳي سگهندو.

        سنڌوءَ سڀيتا جا ڪي وڏا شهر ڪن قبائلي جابلو ماڻهن جي حملن جي ور چڙهي ويا ٿا ڀانئجن. جيڪي آرين لوڪن کان پهريائين اولهه کان وچ ايشيا مان آيا هئا. جڏهن آريا پنهنجن رٿن تي چڙهي هتي پهتا ته سڄي سڀيتا کي ڀيلي ڀينگ ڪري ڇڏيائون. هڙاپا کي موهن جي دڙي کان هڪ نسل پهريائين نهوڙي ناس ڪيو ويو هو. جڏهن آريا ڪنهن درياهه جي ماٿريءَ ۾ پهچندا هئا ته شهرن جي ڦرلٽ آخري مرحلي ۾ ڪندا هئا. آريا جهنگلي ۽ لاڏائو ماڻهو هئا. شهري زندگي کان واقف ڪونه هئا. سندن طبيعت جنگجو هئي. هتان جي آبهوا سان هوريان هوريان ڀيت ٿيا ۽ بعد ۾ پوکي راهيءَ جو ڌنڌو اختيار ڪيو هئائون. ننڍا وڏا ڳوٺ جوڙيائون ۽ اتر هندوستان ۾ پنهنجون حڪومتون به قائم ڪري ورتائون.

        سنڌ ۾ آريا سنڌو جي ڪنٺار سان اچي آباد ٿيا هئا. امڪان آهي ته انهن اولهه سان تجارتي ناتا قائم ڪري ورتا هجن. سنڌو سڀيتا جي زوال ۽ عرب حملي جي وچ ۾ ٻن هزارن سالن جي وڏي وٿي موجود آهي. هندو ڌرم جي مندر ۽ ٻڌن جي اسٽوپائن جا هنڌين ماڳين کنڊر نظر ايندا. اهڙي تباهي ماڻهن هٿان به ٿي آهي ۽ قدرت به پنهنجو ڪم ڏيکاريو آهي. قديم آثارن جي ماهرن کي تحقيق لاءِ ضروري فنڊ مهيا ڪيا ويا ته ممڪن آهي هو گند ڪچري جي ڍيرن مان اهڙي سڀيتا کي ضرور دريافت ڪرڻ ۾ سوڀارا ٿيندا، جيڪا نيل ۽ فرات جي تهذيبن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهڻ جهڙي هوندي. هن معاملي ۾ ڏسجي ٿو ته سنڌوءَ جي وهڪري واري هيٺئين پاسي ڏانهن ڪنهن به قسم جو ڌيان ئي ڪونه ڏنو ويو آهي. اسڪائيليڪس جي کوجنائي سفر کان پوءِ ايران جي شهنشاهه سنڌوءَ جي روائتي بدران حقيقي ضابطي رکڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. سڪندر ۽ نيرڪس جي سفر جي احوالن مان پتو پوي ٿو ته سنڌ جي ماڻهن ساڻن ڏاڍيون جنگيون ڪيون ۽ انهن به سنڌ مان گذرڻ وارو سارو وقت جنگين ۾ مصروف گذاريو هو. سنڌ وارن جي ڪپڙن کي ڏسڻ جو ٿورو وقت ضرور ملي سگهيو هو. سندس بيان مان معلوم ٿئي ٿو ته هندستاني ماڻهو سوٽي ڪپڙا به پهريندا هئا ۽ اها ڪپهه وڻن ۾ ٿيندي هئي. هتان جي ڪپهه ٻين ملڪن جي  ڀيٽ ۾ وڌيڪ سفيد هئي. ممڪن آهي ته هتان جا ماڻهو سانورا هئا، تنهنڪري سندس پاتل سوٽي ڪپڙن جو رنگ وڌيڪ اڇو نظر ايندو هجي. لباس ٻن حصن ۾ ورهايل هو. هيٺيون حصو مُرن کان ٿورو مٿي تائين پڄندو هو. جڏهن ته مٿيون ڪپڙو ڪلهن کان هيٺ هوندو هو ۽ ان جو ڪجهه حصو مٿي سان ٻڌل هوندو هو. هتان جا ماڻهو ڪنن ۾ عام جام عاج جا والا پائيندا هئا، پر اهڙا ڳهه سرندي وارا ڪتب آڻيندا هئا. گرميءَ کان بچڻ لاءِ ڇٽيون به استعمال ڪندا هئا. پيرن ۾ جتيون پائيندا هئا، جيڪي سفيد چمڙي جون ٺهيل هيون. جن جي ڪَٽَ ڏاڍي سهڻي نموني ڪئي ويندي هئي. انهن جا ترا ڏاڍا ٿلها هئا ۽ جُتي پائڻ سان ماڻهو وڌيڪ قد آور لڳندو هو. هڪ چيني سياح يوان چواگ به سن 640ع ڌاري سنڌ منجهان گذريو هو. سندس بيان آهي هتان جو ملڪ آزاد هو جنهن ۾ چار صوبا شامل هئا. امڪان آهي ته اهي پنجند تائين پکڙيل هجن. ملڪ ۾ اناج جام پيدا ٿيندو هو. ڌاتو به  گهڻو لڀندو هو. ڳائو، ريڍو ۽ اوٺو مال بيشمار ۽ خچرن جو تعداد به تمام گهڻو هو. هن جن شهرن جو بيان ڪيو آهي تن جو پتو ڪونه ٿو پوي. ان کان پوءِ سن 711ع ۾ عربن سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي کان سنڌ تي حملو ڪيو جن جو احوال پڙهڻ سان سنڌ جي حالتن جو پورو پتو پئجي سگهي ٿو.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org