غلام قادر بروهي
سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب
موهن جو دڙو
موهن جو دڙو جي ڳولا هڪ اتفاقي ڳالهه هئي. مسٽر رکلداس بئنرجي
دراصل ٻڌ ڌرم جي مندرن ۽ سڪندر اعظم جي ٺهرايل ٺلن
جي تلاش ۾ نڪتو هو. بئنرجي جڏهن موهن جي دڙي جي
سرزمين تي پهتو تڏهن هن هڪ اونچي دڙي تي هڪ ٻڌ ڌرم
جو مندر ڏٺو. جنهن جي چوڌاري پوڄارين جون ڪوٺيون
ٺهيل هيون ۽ لهڻ چڙهڻ لاءِ ڏاڪڻيون به هيون.
بئنرجي پنهنجي بوٽ جي نڪي سان زمين کي رهنڊان ڏنيون، جنهن مان
هن کي ٿانون ٿپن جا ٽڪر ٽوٽا هٿ لڳا جن تي نهايت
عمدو ۽ عجيب ڪم ٿيل هو. ڪي پٿرن جون ڇريون به
دستاب ٿيون، جي پٿر واري زماني
(Stone age)
جون هيون. کيس ڪهڙي خبر ته سنڌ جي پيٽ ۾ پنج هزار ورهيه پراڻي
بي مثال تهذّيب پوريل آهي. هن سپورنج سڀ ڪجهه
سمجهي ورتو. دڙي جي کوٽائي جو ڪم هن 23- 1922ع جي
سياري ۾ شروع ڪرايو. ڪوڏر جي پهرين لپي دنيا کي
لوڏي ڇڏيو ۽ هر ڪو حيرت ۾ پئجي ويو. 1925ع کان
اڳتي دڙي جي کوٽائي جو ڪم سر جان مارشل، جو ان وقت
آرڪيالاجي کاتي جو ڊائريڪٽر جنرل هيو، پنهنجي زير
نگرانيءَ ۾ ڪرايو، جو ڪيئي سال جاري رهيو ۽ ساڳئي
وقت هڙاپا جي کوٽائيءَ جي رپورٽ سر جان مارشل تيار
ڪرائي جيڪو ان وقت (1920ع کان وٺي 1931ع تائين)
آرڪيالاجي جو ڊائرڪيٽر جنرل هو. کوٽائي اَٺ، ڏهه
سال هلي. ٻيون آرڪيالاجي کاتي جون شخصتيون
(Archaeologists)
جن کوٽائيءَ ۾ بهرو ورتو سي هيا: (1) مسٽر ايم.ايس
وئٽس (2) ڪي-اين ڊڪشٽ (3) مسٽر ارنيسٽ مئڪي (4)
مسٽر اين-جي مجمدار (5) سر مارٽيمر ويلر (6) ڊاڪٽر
ڊيل.
سر مارٽيمر ويلر 1924ع ۾ آرڪيالاجيءَ جو ڊائريڪٽر جنرل مقرر ٿيو
جنهن خاص ڪري 1950ع ۾ موهن جي دڙي جي هڪ حصي مان
کوٽائي ڪرائيندي ان جو ڀانڊو
(Granary)
ظاهر ڪيو.
هڪ واقعو نهايت افسوس سان بيان ڪرڻو ٿو پوي ته 1938ع ۾ مسٽر
مجمدار جو سنڌ ۾ مختلف هنڌن تي کوٽائي ڪرائي رهيو
هيو ته کيرٿر جبلن کان ايندڙ بروهي ڌاڙيلن کيس قتل
ڪيو. مجمدار جي مارجي وڃڻ کان پوءِ سنڌو تهذيب جي
نروار ٿيڻ کي ڪاپاري ڌڪ لڳو. موهن جي دڙي جي وڌيڪ
کوٽائي رڪجي وئي. سنڌ ۾ چاهونءَ، جهڪر جي دڙي ۽
ٻين هنڌن تي جيڪي کوٽايون 36-1935ع ۾ شروع ٿيون
هيون اهي سڀ روڪجي ويون.
ڪاٿوڪيو ويو آهي ته هڙاپا ۽ موئن جي دڙي جا ٻئي شهر گهيري (Circumference)
۾ ٽن ميلن کان مٿي هئا. خاص ڪري پوئين دور ۾ موهن
جو دڙو گهاٽيءَ آباديءَ وارو (Thickly
Populated) هنڌ هيو. هڪ ننڍي گهر جي اڱڻ جي ايراضي 28 30 فوٽ هئي. ڊاڪٽر
مئڪيءَ جو انومان هيو ته رهڻ جون توڙي ٻيون جايون
گهڻو ڪري ٻه ٻه ٽي ٽي ماڙ هيون.
موهن جي دڙي جي آدم شماري بابت عالمن جو اختلاف راءِ (Controversy)
آهي. رهڻ جون جايون ڳتيل آهن ۽ عموماً انهن کي
دريون ڪو نه آهن، ان مان اندازو آهي ته آبهوا
موافق هئي ۽ جايون پڻ ٻه ٻه ماڙ ۽ ٽي ٽي ماڙ هيون،
ان ڪري ماڻهو تمام گهڻا رهندا هوندا. عالمن جو
اندازو آهي ته موهن جي دڙي جي آدمشماري هڪ لک جي
لڳ ڀڳ هئي ۽ اهڙيءَ طرح هڙاپا جي به آدمشماري لک
جي قريب هئي.
خوراڪ ۽ زراعت (Food & Agriculture)
:
هاڻوڪي دور وانگر اوائلي زماني ۾ به واديءِ سنڌ جي رهاڪن جو وڏو
حصو ٻهراڙين ۾ رهندو هيو، جو پوک راهه تي گذران
ڪندو هو. هي ماڻهو ڪڻڪ، جَوَ، ڪپهه ۽ کجور پوکيندا
هئا ۽ ڳئون، ڏاند، مينهون، ٻڪريون، رڍون، اٺ،
گهوڙا، گڏهه ۽ ڪتا پاليندا هئا. ڪپهه مان ڪپڙو
ٺاهي پهريندا هئا.
موهن جي دڙي مان ڪڻڪ جا داڻا، ڪتل جون ککڙيون، ڪپڙي جا ٽڪر ۽
هڙاپا مان ڪڻڪ، جَون ۽ ترن جا داڻا مليا آهن.
تاريخ کان اڳ جي زماني ۾ پوکي جي مکيه مند ربيع جي
هوندي هئي، جا سيلابي نموني جي هوندي هئي. سيلابي
پوک ۾ ڇا ٿيندو آهي ته درياءَ جي چاڙهه ڪري پاڻي
پاسي وارا حصا (ڪچو) ٻوڙي ڇڏيندو آهي ۽ جڏهن وري
پاڻي لهي ويندو آهي تڏهن انهن هنڌن تي ٻج ڇٽبو
آهي. اهڙيءَ ريت سڄيءَ ڪارروائيءَ ۾ نه ته ڪو گهڻو
هنر پورهيو ڪرڻو پوين پيو ۽ نه ئي وري اوزارن جو
استعمال.
انَ جي پيهڻ جا جنڊ موهن جي دڙي مان تمام گهڻا لڌا آهن. ان مان
مسٽر مئڪيءَ اهو انومان ڪڍيو آهي ته اَنَ جي پوکي
گهڻي ٿيندي هئي. ماڻهو ڪڻڪ، جَوَ ۽ کجور کائيندا
هئا ۽ ان سان گڏ گوشت مڇي به مزو ڪري کائيندا هئا.
اَنَ جا ڀانڊا (Granary)
:
سر مارٽيمر ويلر موهن جي دڙي تي ملٽري جي ڪوٽ (Military
Fortification)
واري حصي مان ڀانڊو دريافت ڪيو، جنهن مان ملڪ جي
اقتصاديات تي روشني پوي ٿي. ڀانڊي کي ملٽريءَ جي
ڀتين سان گڏ رکيو ويو آهي، جنهن مان ان جي اهميت
جو پتو پوي ٿو. اهڙو ئي ڀانڊِو ان کان اڳ هڙاپا
مان لڌو ويو هيو.
اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته گهٽ ۾ گهٽ ڍل جنس ۾ ورتي ويندي هوندي
۽ رياست عملدارن کي پگهار به جنس ۾ ڏني ويندي
هوندي. اهو بندوبست هڪ بي ناڻي دور ۾ اڻ ٽر ٿي
سگهي ٿو. پر ٽالپرن جي صاحبي ۾ به سنڌ اندر ساڳيو
دستور رهيو. ويندي انگريزن جي حڪومت جي پهرين ڏهن
سالن ۾ ڪنهن حد تائين اهو بندوبست رهيو.
موهن جي دڙي ۾ انَ جي ڀانڊي جي فرش جي جاءِ 12 هزار چورس فوٽ
هئي. جڏهن ان جي اونهائي 10 فوٽ ورتي وڃي ته سڄي
ڀانڊي ۾ اٽڪل 85 هزار مڻ ان ماپي ويندو. اهو ڀانڊو
جڏهن سڄو ڀريل هوندو تڏهن موهن جي دڙي جي ڪل
آدمشماريءَ ۾ جنهن جو انگ اڳي ئي 25 هزار وٺي چڪا
آهيون. هر ماڻهوءَ کي سوا ٻه مڻ ان ملي سگهندو
هوندو.
جيئن موهن جي دڙي ۾ هڙاپا جا ڪافي حصا رهيل آهن جن جي کوٽائي ڪا
نه ٿي آهي. ٿي سگهي ٿو ته انهن هنڌن تي اڃا ان جا
ڀانڊا لڀن.
درياهه جي ڪناري لڳ بندرگاهه (Port
on the Indus)
:
موهن جي دڙي جي ويجهو رهندڙ دوستن مان اهو معلوم ٿيو آهي ته
تقريباً 25-30 سال اڳ جڏهن درياهه ڪجهه پرڀرو
وهندو هيو، ته هڪ ڀت اتر کان ڏکڻ تقريباً 4 سؤ فوٽ
ڊگهي پڪن سرن جي ظاهر ٿي پئي هئي ۽ ان دڪي جي
ويجهو ڪانو پور جو ڳوٺ هيو جو هن وقت درياهه جي
پيٽ ۾ آهي. اندازو ٿئي ٿو ته اها ڀت پراڻي
بندرگاهه جي هئي جيڪو موهن جي دڙي جي اوڀر ۾ وهندڙ
درياهه تي هلندڙ ٻيڙن جي لنگر انداز ٿيڻ ۽ مال
لاهڻ چاڙهڻ لاءِ دڪي يا گهاٽ (Docks)
جو ڪم ڏيندو هيو. خبر نه آهي ته اهو دڪو هن وقت
درياهه جي واريءَ هيٺ دٻيل آهي يا ان کي ڪنهن
ويجهي دور ۾ درياهه پائي کڻي ويو آهي.
ماڻهو (People)
:
موهن جي دڙي، هڙاپا ۽ ٻين هنڌن تي کوٽائي ڪرڻ کان پوءِ اڄ تائين
فقط 40 لاش مليا آهن. انهن هڏائن پڃرن جي معائني
ڪرڻ کان پوءِ محققين هن نتيجي تي پهتا ته سنڌو
ماٿريءَ جي باشندن جو قد ننڍو، مٿو وڏو، وار
گهنڊيدار ۽ رنگ ڪارو هيو. نڪ ويڪرو ۽ چپترو هين،
چپ ٿلها ۽ هيٺ لڙڪيل هين ۽ مجسمن مان اهو به معلوم
ٿيو آهي ته هنن جو ڪنڌ ٿلهو ۽ اکيون ننڍيون هيون.
مرد ننڍيون ڏاڙهيون رکائيندا هئا. مڇون ڪن جون
ڪوڙيل ته ڪن جون رکيل هيون. ڪي ڍانچا بحر روم جي
اوڀارين ڪناري جي باشندن سان ملن پيا ۽ هڪ ڍانچو
ڪنهن منگول جو به آهي. انهيءَ مان پتو پوي ٿو ته
گهڻن ئي قسمن جون قومون رهن پيون ۽ هنن جو ميل
جول، وڻج واپار، اچڻ وڃڻ ۽ اٿڻ ويهڻ پوري دنيا جي
ماڻهن سان هيو.
موهن جي دڙي ۽ هڙاپا واريءَ تهذيب کي ڪانجهي جو دور
(Bronze age)
چئجي ٿو. ڪانجهي جي تهذيب جو انداز فڪر ۽ احساس
گهڻو ترقي يافته هيو،
ڇو ته ڪانجهي جي دور ۾ پيداواري اوزارن ۾ گهڻي
ترقي ٿي ٿئي. زرعي پيداوار ۽ آدمشماريءَ ۾ خاصو
اضافو آيل هيو. ڪمن جي ورهاست
(Divison of Labour) ۾ ڪافي سڌارو ۽ واڌارو اچي چڪو هيو. پٿر جي زماني
(Stone age)
جو معاشرو خانه بدوش ۽ شڪاري نوعيت جو هيو. ڪانجهي
جو دور زرعي ۽ هنري معاشرو هيو. مصر، يونان، وادي
دجله، فرات، واديءِ سنڌ، وادي گنگا، جمنا ۽ ايران
جون پراڻيون تهذيبون ڪانجهي جي دور
(Bronze age)
جون تهذيبون هيون. انهن جي عظيم الشان تخليقي
ڪارنامن کي بيان ڪرڻ لاءِ وڏا دفتر درڪار ٿيندا.
ڪانجهي جي دور جو انسان ڏاندن ۽ هر جي مدد سان پوک
راهه ڪندو هيو. ان کي اهو تجربو ٿي ويو هيو ته
جيڪو پوکيندس اهو لڻندس. زمين کي کوٽڻ لاءِ هَرُ،
ٺِڪر جي ٿانو ٺاهڻ لاءِ ڪنڀر جو چڪ، ڦيٿي واريون
گاڏيون، سُٽُ ۽ ڪتڻ جا ايٽ، ڌاتن کي ڳارڻ، ڪپڙا
اُڻڻ، عمارتون ٺاهڻ، شهر ٻڌڻ ۽ ٺِڪرن، وڻن جي پنن،
جانورن جي کلن تي تحريري علامتون نقش ڪرڻ (فن
تحرير جي ايجاد) انهن جو هنر رهيو. قصو ڪوتاهه ته
انسان پهريون ڀيرو ڪانجهي جي دور ۾ قسمن قسمن جي
مادي تخليقات تي خود قادر ٿيو. گويا هو پهريون
ڀيرو صحيح معنيٰ ۾ انسان بڻيو.
زوال (Decline):
هڙاپا ۽ موهن جي دڙي جي تهذيب اٽڪل هڪ هزار سال (2500 ق. م کان
1500 ق. م تائين) وڏي اوج تي هئي. تنهن کان پوءِ
سندن ترقي ۽ واڌاري ۾ ڪمي اچڻ سان گڏ زوال شروع
ٿيڻ لڳو. اهڙي ثابتي هڙاپا، موئن جي دڙي ۽ ڪالي
بگن جي کوٽاين مان ملي آهي. ان پوئين دور ۾ جاين
جي اڏاوت جو ڪم ڪنهن جامع منصوبه بندي سان ڪو نه
ڪيو ويندو هو. وڏي اهميت واريون جايون تباهه ٿي
چڪيون هيون ۽ انهن هنڌن تي ننڍيون ۽ معمولي جايون
ٺهڻ لڳيون. ڏيساور کي به ڏاڍو ڌڪ لڳو. ٻاهرين
سوداگري سست ٿي وئي ۽ گهرو هنر به گهڻو گهٽجي ويو.
سوال ٿو اٿي ته سنڌو ماٿريءَ جا شهر ڇو اهڙي تباهيءَ ۾ داخل
ٿيا؟ ان بابت ماهرن جو سخت اختلاف راءِ ((Fierce
Controversy آهي. گهڻي وقت کان وٺي عالمن جي اها راءِ هئي ته هن وسيع تهذيب
جي تباهي آريه قبيلن آندي هئي. ويجهڙائي ۾ کوجنا
مان پتو پيو آهي ته هنن شهرن جي تباهي ٻاهرين حملن
جي ڪري نه ٿي هئي ۽ اهو سڀ ڪجهه اندروني رخنن ۽
تبديلين جو نتيجو هيو جيئن ته زمين جي زرخيزي ختم
ٿي وڃڻ، درياهه جي اٿل (Floods)،
راجپوتانا بيابان جي حد دخلي (Enchroachment)
يعني سامونڊي حصو خشڪ ٿي وڃڻ ۽ سنڌو درياهه جي رخ
۾ تبديلي. مطلب ته هي درياءُ يا ته هنن شهرن کي
گهڻو پري ڇڏي، ٻئي هنڌان وهڻ لڳو هو. پوءِ هي شهر
سوڪ سبب تباهه ٿيا آهن، يا وري هنن شهرن کي ٻوڙي
دڙا ڪري ڇڏيو اٿس.
موهن جي دڙي جي زير زمين پاڻيءَ جي اڀياس (Hydrological
Research)
کان پوءِ، عالم انهيءَ نتيجي تي پهتا آهن، ته قديم
زماني ۾ اهو شهر ڌرتي ڌڏڻ جي مرڪزي لائين کان
ايترو پري ڪو نه هو. جو تباهه ٿي نه سگهي.
ٻيا ماهر وري انهيءَ خيال جا آهن ته ٻوڏون (Floods)
موهن جي دڙي جي تباهيءَ جو مکيه سبب هيون. درياهه
جي چاڙهه ڪري هي شهر ڪيترا ڀيرا ٻڏو هوندو جنهن
ڪري هتان جا ماڻهو گهر ڇڏي ٻئي پاسي هليا ويا
هوندا ۽ پاڻي هٽي وڃڻ کان پوءِ وري اچي شهر ٻڌو
هوندائون. اهو ممڪن هوندو ته ٻيا به ڪيترائي شهر
اهڙي نموني اٿل سبب نقصان هيٺ آيا هوندا.
ويجهڙائيءَ ۾ هڪ جديد متي (Theory)
جي وضاحت ڪئي وئي آهي، جنهن مطابق موهن جي دڙي جي
تباهيءَ جو ڪارڻ سنڌو درياءَ جي رخ ۾ تبديلي چئي
ويئي آهي، جنهن سبب سخت ڏڪر پيو هوندو. شهر واسين
جي حالت پست ٿي وئي هوندي جن تي ٻاهرين حملي آورن
آسانيءَ سان قبضو ڪري، انهن جو انت آندو هوندو.
هي سڀ متا (Theories)
ڪن خاص بينڪن ۽ شهرن سان واسطو رکن ٿا، پر اهو
واضع ڪو نه ٿا ڪن ته ڇو ارڙهين ۽ سترهين صدي ق. م
۾ سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب زوال طرف گامزن ٿي هئي.
اهو ممڪن آهي ته هڙاپا معاشري ۾ ڪافي تبديليون اچي
چڪيون هونديون، ڇو ته هن جون حدون (Teritories)
گهڻو وڌي ويون هونديون، جنهن ڪري خانه بدوش ماڻهو
گهڻا ٿي پيا هوندا ۽ پٺتي پيل علائقا به هن تهذيب
۾ شامل ٿي پيا هوندا.
هن شعبه ۾ هڪ وڌيڪ کوجنا ڪرڻ کپي ۽ تباهيءَ جي اصل سببن معلوم
ڪرڻ سان گڏ ملڪ جي تاريخ آثار قديمه جي آڌار تي
نئين سر مرتب (Reconotruct)
ڪئي وڃي ته نه رڳو گهڻو بهتر ٿيندو، پر ايندڙ نسل
جي لاءِ صحيح حقيقت جو آغاز ٿيندو.
سنڌو ماٿريءَ جي تاريخ ڪئين هزار سال پراڻي آهي جا اڃان دڙن
اندر دفن ٿيل آهي. ان ۾ شڪ نه آهي ته ڪيترن هنڌن
جي کوٽائيءَ کان پوءِ ڪو تاريخ جو نئون باب کلي
پوي ۽ ڪيترن ئي حقيقتن تان پردو هٽي وڃي ۽ ان سان
گڏ گهڻيون ئي غلط فهميون دور ٿي وڃن.
اوائلي تاريخ جوڙڻ لاءِ آثار قديمه هڪ اهم وسيلو سمجهيو وڃي ٿو.
هن شعبي ۾ ريڊيو ڪاربان وسيلي قديم دورن (Ancient
Ages)
جي دريافت ڪري سگهجي ٿي. هن وسيلي ڪنهن به قديم
دڙي مان لڌل شين جي عمر جو ڪاٿو ڪري سگهجي ٿو.
آثار قديمه جي ماهر ڊاڪٽر ايف اي خان، ڪوٽ ڏجي جي
دڙي بابت ٻڌايو آهي ته ڏکڻ ايشيا ۾ اها پهرين زرعي
وسندي هئي جيڪا موهن جي دڙي کان ٽي سؤ ورهيه اڳ
آباد هئي. اها تاريخ ريڊيو ڪاربان وسيلي هن کي
معلوم ٿي آهي. اسان چئي سگهون ٿا ته برصغير ته ڇا
پر سڄي دنيا ۾ زراعت جو وجود آڻيندڙ سنڌي ماڻهو
هئا.
هي حقيقتون سائنسي تجربن مان معلوم ٿيون آهن تنهنڪري غير يقيني
نه ٿيون ٿي سگهن. تنهنڪري اهو ضروري آهي ته سنڌ جي
تاريخ جوڙڻ لاءِ ڪوڙن قصن بيان ڪرڻ کان گريز ڪئي
وڃي، سائنسي کوجنا جي آڌار تي سچيون ۽ پوريون
حقيقتون قلم بند ڪجن، ٻيءَ حالت ۾ اڳئين وقت جا
ڳجهه ۽ غير يقيني قصا سنڌ جي تاريخ لاءِ نقصانڪار
ثابت ٿيندا.
هينئر سنڌ جي تاريخ جوڙڻ لاءِ تاريخ نويسن جو اهو فرض آهي ته
آثار قديمه جي مدد سان حقيقتاً جي ڇنڊڇاڻ ڪري صحيح
مواد پيش ڪن. سنڌ جي تاريخ ڪو 8 عيسوي صدي کان
شروع ڪا نه ٿي ٿئي، پر سنڌ جي تاريخ اڄ کان اٺ
هزار ورهيه پراڻي آهي ۽ سنڌي قديمي زماني کان مهذب
قوم هئا. موهن جي دڙي جي تهذيب کي 5 هزار ورهيه
پٺتي موٽڻو پوندو ۽ اهڙي تاريخ کي سهيڙڻ لاءِ اسان
کي اٽڪل اٺ هزار ورهيه پٺتي موٽڻو پوندو ۽ اهڙي
تاريخ ٺاهڻ لاءِ آثار قديمه لوڪ ادب، روايتون،
رسمون ۽ رواج، ثقافت ۽ انساني اڀياس جو علم (Anthropology)
تاريخ نويسن لاءِ مکيه وسيلا ۽ ڪچي مال جي حيثيت
رکن ٿا. ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ سنڌ تي تاريخي مواد
بلڪل گهٽ آهي ۽ ههڙي خال ڀرڻ لاءِ اسان جي نوجوان
طبقي کي وڏي جاکوڙ ڪرڻي پوندي.
(اصل مقالي جو اختصار)
|