محمد ادريس صديقي
موهن جي دڙي وارن جو مذهب
سنڌو ماٿريءَ جي رهواسين جي مذهبي عقيدن جي باري ۾ ڪجهه چوڻ کان
اڳ ٻن ڳالهين کي نظر ۾ رکڻ ضروري ٿي ٿو پوي. هڪ
اها ته سنڌو ماٿريءَ جي ڪنهن به بستيءَ مان اهڙو
ڪوئي دستاويز، ڪتبو يا تحرير نه لڌي آهي، جنهن جي
آڌار تي اتان جي ماڻهن جي مذهبي عقيدن جي باري ۾
ڪوئي يقيني فيصلو ڪري سگهجي. تنهنڪري انهن بستين
مان لڌل مجسما، مهرون، پٿر ۽ نقش ئي انهيءَ ڏس ۾
اسان جي رهنمائي ڪن ٿا ۽ اهي ئي انهيءَ سلسلي ۾
اسان جي قياس آراين جا آڌار آهن. ٻي مکيه ڳالهه
اها آهي ته سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب برصغير هنڌ- پاڪ
۾ آرين جي اچڻ کان اڳ جي تهذيب آهي. پر حيرت آهي،
جو اهي لڌل باقياتي نشان برصغير هند- پاڪ جي جن
تمام پراڻن مذهبن ۽ عقيدن تي روشني وجهن ٿا. انهن
عقيدن جو چڱو حصو ويدڪ لٽريچر ۽ ويد جي زماني جي
پوءِ جي ادب ۾ به اسان کي ملي ٿو. آرين جي شروع جي
عقيدن جي خبر اسان کي سندن قديم ترين ڪتاب ”رگ
ويد“ مان پوي ٿي، جنهن جي لاءِ مغربي لسانيات جي
ماهرن جو خيال آهي ته اهو صحيفو 1500 ۽ 1000 ق.م
جي وچ ۾ لکيو ويو آهي.
سنڌوماٿريءَ جي ڪنهن به بستيءَ ۾ نه ته ڪو ئي مندر مليو آهي ۽
نه ڪو عبادت خانو. موهن جي دڙي جو اسٽوپا برابر هڪ
مذهبي عمارت آهي. پر هيءَ 200 سال مسيح کان پوءِ
جي تعمير آهي ۽ ان جو سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب سان
ڪوئي واسطو ڪونهي. تحقيق ڪندڙن جو خيال آهي ته
جيڪڏهن هتان جي ماڻهن جو ڪو عبادت خانو هوندو به،
ته اهو اسٽوپا جي هيٺان دفن هوندو، ڇو ته تاريخ
شاهد آهي ته زورآور قوم پنهنجي وڏائي ظاهر ڪرڻ
لاءِ گهڻو ڪري هار کاڌل قوم جي عبادت خانن مٿان
پنهنجن عبادت گاهن جو بنياد رکيو آهي. ٿي سگهي ٿو
ته جڏهن اسٽوپا ڪري يا تباهه ٿئي، تڏهن اسان سنڌو
ماٿريءَ جي رهاڪن جا عبادت خانا لهي سگهون.
بت پرستي:
سنڌو ماٿريءَ جا رهاڪو بت پرست هئا. هتان هڪ ديويءَ جو بت گهڻن
هنڌن تان لڌو ويو آهي، جنهن کي رڳو چيلهه مٿان
ڪپڙي جي پٽي ٻڌل آهي، باقي سڄي عريان آهي. انهن
بتن جي ڳچيءَ ۾ زيورن جون مالهائون تمام گهڻيون
پيل آهن. سندن مٿي تي وڃڻي جي شڪل جو هڪ انوکو
اوڍڻو پيل ڏسجي ٿو ۽ ڪنن وٽ ڪٽورين جهڙا ٻه ڍڪ الڳ
ڳنڍيا ويا آهن. ڪن بتن جي هنن ڪنن جي ڪٽورين ۾
دونهين جا نشان ڏٺا ويا آهن، جنهن مان معلوم ٿو
ٿئي ته لوبان يا ڪنهن ٻي سڳنڌ واري شيءِ جو واس
ڌوپ ڏيندا هئا، ته ديويون خوش ٿين ۽ پوڄارين جي دل
جا عرض اگهائين. هنن مجسمن جي پٺي سنئين سڌي نه
آهي. جنهن مان پتو پوي ٿو ته گهرن جي ڀتين ۾ يا
طاقن ۾ انهن مورتين کي مٽيءَ سان ليپي بيهاري
ڇڏيندا هئا. انهن مجسمن کي ”ڌرتي ماتا“ يا ”ماتا
ديوي“ جا بت سڏيو ويو آهي.
سنڌوماٿريءَ جي تهذيب ۾ ”ماتا“ مان عقيدت جي شاهدي هڪ چورس مهر
مان به ملي ٿي جنهن ۾ هڪ عورت جي شبيهه مٿو هيٺ ۽
پير مٿي ڪيو بيٺي آهي ۽ سندس رحم مان وڻ نڪري رهيو
آهي. اها مورت مهر جي پٺيان کاٻي ڪناريءَ تي اڪريل
آهي. ان جي ساڄي ڪناري تي تصويري تحرير جي چئن
اکرن کان پوءِ ٻن راڪاسن جي شڪل ٺهيل آهي. مهر جي
ٻئي پاسي به ساڳي تصوير تحرير آهي ۽ ڀرسان هڪ مرد
۽ هڪ عورت جي تصوير اڪريل آهي، جنهن ۾ مرد جي هٿ ۾
ڏاٽي جي شڪل جو چاقو آهي ۽ عورت هن جي اڳيان مٿي
هٿ ڪيو ويٺي آهي. ائين ٿو معلوم ٿئي ڄڻ عورت مرد
کان جان جي امان ٿي گهري ۽ مرد هن کي قتل ڪرڻ ٿو
چاهي. هن مهر جي ڏسڻ سان هيءُ نتيجو ڪڍجي سگهجي ٿو
ته هن ۾ انساني قرباني ڏيکاريل آهي ۽ ان عورت جو
ڌرتي ماتا جي اڳيان ٻليدان ڏنو پيو وڃي.(1)
ڌرتي ماتا سان گڏ هڪ ديوتا جي مورتي به سنڌو ماٿريءَ ۾ گهڻي ڏٺي
وئي آهي. سر جان مارشل ان کي شِوَ سان مشابهت
رکندڙ چئي ٿو. ممڪن آهي ته سنڌو ماٿري وارا ان جي
ڪنهن ٻئي نالي سان پوڄا ڪندا هجن. پر هندو ديو
مالا ۾ شو کي هڪ خاص درجو حاصل آهي ۽ ڪيتريون
خاصيتون هن جي مورتي سان وابسته آهن. هڪ مهر مٿان
هن جي شڪل تمام صاف ۽ چٽي اڪريل آهي. جنهن ۾ هن
جا ٽي منهن آهن ۽ هوهڪ چوڪيءَ تي آسڻ ڄمايو ويٺو
آهي.
هن مهر جي ٻي اهم خصوصيت شو جو يوگ آسڻ آهي. تاريخي دور جي
عقيدي مطابق شو دراصل يوگين جو پيشوا آهي. ۽ تپسيا
۽ نفس ڪشيءَ جو پهريون استاد ۽ مظهر آهي. انهيءَ
ڪري کيس ”مهاتپا“ ۽ ”مهايوگي“ به چيو ويندو آهي.
شِوِ جانورن جو پڻ پالڻهار مڃيو ويو آهي ۽ انهي ڪري هن کي پسو
پتي،به سڏيو ويندو آهي مٿين مهر تي هاٿيءَ، گينڊي
۽ چيتي جي نڪتل تصويرن مان هن جي ”پسو پتي“ روپ جو
اشارو ملي ٿو. تاريخي دور ۾ ”پسو پتي“ لقب جي
معنيٰ ”چوپائي مال جو آقا“ ڪئي ويئي آهي.
شو جي صورت ڪيترين ئي مهرن تي اڪريل آهي. ٻن مهرن تي هي ديوتا
سنگهاسن تي بيٺو آهي. هڪ مهر تي زمين تي بيٺو آهي،
پر ٽنهي تصويرن ۾ سواءِ لنگوٽ جي سندس بدن تي ٻيو
ڪو به ڪپڙو ڪو نه آهي. ٻن مهرن تي هن جا ٻه منهن
آهن ۽ ٽينءَ تي رڳو هڪ. ٽنهي مهرن تي هن جي مٿي تي
سڱ آهن. ٻن مهرن ۾ هن جي سڱن جي وچ ۾ گل ۽ پتيون
نڪتل ڏيکاريل آهن. شايد اهو ظاهر ڪرڻ لاءِ ته شو
نباتات جو ديوتا به آهي.
سندس سٻنڌ ناچ سان به آهي، ڇو ته هندن جي ڪيترن ئي مجسمن ۾ هو
نچڻ جي دلڪش ادا ۾ ڏيکاريل آهي. هن کي انهيءَ ڪري
”نٽ راج“ به چوندا آهن. حقيقت ۾ انهي ناچ مان
ڪائنات جي نظام جي باقائده لئي يا تال (2) ڏانهن
اشارو آهي. هڙاپا مان لڌل هڪ مجسمي جي باري ۾ به
اهو خيال آهي ته اهو شو جي ”نٽ راج“ جو (3) روپ
آهي.
وڻن جي پوڄا:
سنڌو ماٿريءَ ۾ اهڙي قسم جا ڪيترائي ثبوت ملن ٿا، جن مان اندازو
لڳائي سگهجي ٿو ته اتي جا رهاڪو وڻن کي پاڪ ڪري
ليکيندا هئا. لڌل مهرن تي اڪريل نقشن مان اهو به
معلوم ٿو ٿئي ته اتي جا ماڻهو وڻن کي شايد پوڄيندا
پڻ هئا. هڪ مهر جي ساڄِي پاسي واريءَ ڪنڊ تي هڪ
ٿالهه جي شڪل نڪتل آهي. جنهن ۾ ٻه ٽاريون پپر جون
پيل آهن. انهن ٻنهي ٽارين جي وچ ۾ هڪ ديويءَ جي
شڪل نڪتل آهي، جنهن جي مٿي تي سڱ آهن. هڪ عورت
انهيءَ ديويءَ کي مٿو ٽيڪي رهي آهي.
هڪ ٻي مهر تي وڻن جي هڪ ٽاري محراب جي شڪل وانگر نڪتل آهي، جنهن
مان پن نڪري رهيا آهن. انهيءَ ٽاريءَ جي اندر هڪ
ديوي بيٺي آهي. اهي نقش اهڙيءَ طرح نڪتل آهن جهڙوڪ
ڪنهن بت کي پنن جي فريم ۾ بيهاريو ويو هجي. ڪن ٻين
مهرن تي به وڻ ۽ ديوين جون مورتون اڪريل آهن.
پنجن مهرن تي وڻن جون شڪليون ڏاڍيءَ محنت ۽ خبرداريءَ سان ڪڍيل
آهن. انهن مان ڪن وڻن جي آسپاس چلها ٺاهيا ويا
آهن. اهڙي قسم جا چلها اوائلي تاريخي دور ۾ پاڪ
وڻن جي چوڌاري ئي ٺاهيندا هئا. مٽي جي ٿانون تي پڻ
پپر جي پنن جون تصويرون نڪتل آهن. ڪن مهرن تي نم
جو وڻ به نڪتل آهي. ممڪن آهي ته وٽن پپر کان سواءِ
ٻيا وڻ به متبرڪ سمجهيا ويندا هجن.
هڪ مهر تي ٻن ماڻهن جي شڪل نڪتل آهي، جن جي هٿن ۾ نم جا وڻ آهن.
وڻن جي وچ ۾ ديوي جي مورتي آهي. جنهن جا ٻئي هٿ
کليل آهن. انهن وڻن جون پاڙون جدا جدا آهي. ۽ خيال
آهن ته اهي وڻ ان ديوي جي تقدس ۾ لڳايا پئي ويا،
ڇو ته مقدس وڻن جو پوکڻ به پراڻي زماني ۾ هڪ مذهبي
فرض هو ۽ وڻن پوکڻ وارو ثواب جو حقدار سمجهيو
ويندو هو. انهيءَ مهر جي ٻئي پاسي هڪ ماڻهوءَ جي
تصوير آهي، جو نم جي وڻ کي سجدو ڪري رهيو آهي.
جانورن جي پوڄا:
وڻن جي پوڄا وانگر جانورن جي پوڄا به پراڻي رسم آهي، جنهن جو
گهڻو ڪري هر ملڪ ۾ رواج هو. سنڌو ماٿريءَ ۾ حيوانن
جي پوڄا جو رواج وڻن جي پرستش کان وڌيڪ هو. ان جو
ثبوت مهرن تي اڪريل جانورن جي تصويرن ۽ مٽيءَ ۽
پٿر جي ٺهيل جانورن جي بتن مان به ملي ٿو. سر جان
مارشل انهن جانورن کي ٽن حصن ۾ ورهايو آهي.(1) هڪ
خيالي يا ڏند ڪٿائي جانور.(2) اهي جانور جن ڏند
ڪٿائي حيثيت شڪي آهي ۽ (3) قدرتي جانور.
پهرئين قسم جا جانور تشبيهي ۽ مرڪب جانور آهن، مثال طور اهڙا
جانور، جن جو هڪ حصو ٻڪريءَ يا دنبي جو، ٻيو اڌ
ڍڳي جو ۽ منهن ۽ مٿو انسان جهڙو اٿن. موهن جي دڙي
مان لڌل هڪ مهر تي عجيب و غريب جانور جي تصوير
نڪتل آهي. هن جانور جا ٽي مٿا آهن. هڪ مٿي تي
سانهه جا سڱ اٿس. ٻئي مٿي تي هرڻ جا ۽ ٽئين مٿي جا
سڱ بجاءِ اندر مڙيل هئڻ جي ٻاهر مڙيل اٿس. هن
جانور جو جسم ۽ کر ڍڳي جا آهن. اهڙي قسم جون ٽي
سسيون هڪ ٻي مهر تي به نڪتل آهن. هڪ مهر تي شينهن
جون ٽي سسيون نڪتل آهن. ٿي سگهي ٿو ته انهن ٻنهي
مهرن جي تصوير جو پاڻ ۾ ڪو تعلق هجي. هڪ ٻي مهر تي
اڌ انسان ۽ اڌ ڍڳي جهڙي جانور جي تصوير اڪريل آهي،
جو شينهن تي حملو ڪري رهيو آهي.
ٻين قسمن جي جانورن ۾ هڪ سڱا (4) ڍڳا آهن، جن جون شڪليون ڪيترين
ئي مهرن تي چٽيل آهن. پر اهڙي قسم جي جانور جو
وجود ڪٿي به ثابت ڪو نه آهي. ٿي سگهي ٿو ته اهو
خيال گينڊي کي ڏسي ذهن ۾ آندو ويو هجي. ان جانور
جي ڪلهي تي هڪ زين ڏيکاريل آهي، ڪن مهرن ۾ ته ان
جي گلي ۾ پٽا ۽ ماهنڊ وڌل ڏيکاريل آهن. ان جي منهن
وٽ هڪ عجيب نموني جو ٿانو رکيل آهي. ٿي سگهي ٿو ته
اها لوبان داني هجي. انهن لوبان دانين جو هئڻ انهن
جانور جي مذهبي حيثيت کي ثابت ٿو ڪري.
انهن کانسواءِ گهيٽا، سوئر، ڪتا، ڀولڙا، رڇ، سيهڙ ۽ نوريئڙا به
دريافت ٿيا آهن، پر مهرن تي انهن جون تصويرون چٽيل
نه آهن. انهن جا مجسما ٽامي جي پٿرن تي نڪتل آهن
يا وري مٽيءَ جا ٺهيل آهن. ايئن ٿو ڏسڻ ۾ اچي ته
اهي ٻارن جا رانديڪا هئا. انهن کان سواءِ مٿي ذڪر
ڪيل ٻين جانورن جي حيثيت ڪجهه ڪجهه طلسمي ٿي لڳي.
مهرن تي اڪريل انهن جا نقش گهڻو ڪري هر گهر مان
لڌا آهن. انهن جو مقصد ڇا ٿي ٿو سگهي؟ انهيءَ لاءِ
ڪجهه چوڻ مشڪل آهي. اهڙي قسم جي ٻين مهرن تي ديوين
۽ ديوتائن جون تصويرون به آهن، جنهن مان اهو
اندازو ٿئي ٿو ته حقيقي،غير حقيقي يا نيم حقيقي
جيترا به جانور آهن، انهن جي حيثيت هنن ماڻهن وٽ
ٿوري يا گهڻي مذهبي ضرور هئي، پر انهن جي انهيءَ
مذهبي اهميت ۽ رتبي جو تعين ڪرڻ مشڪل آهي. نٿو چئي
سگهجي ته ڪهڙو جانور وڌيڪ مقدس سمجهيو ويندو هوندو
۽ ڪهڙو گهٽ. ان لاءِ اسان وٽ ڪي به مضبوط دليل نه
آهن! تنهن کان سواءِ ڪنهن شيءِ جي مذهبي تقدس يا
اهميت ۽ ان جي پوڄا ڪرڻ لازم ملزوم نه آهن، ڇو ته
ڪنهن به جانورن کي سدورو يا ندورو سمجهي سگهجي ٿو،
پر ضروري نه آهي ته ان جي پوڄا به ڪئي وڃي.
پر اهو گمان ڪرڻ غلط نه ٿيندو ته مرڪب جانورن جون مورتيون (جن
جا منهن ماڻهن جهڙا آهن)، ٽه منهيون مورتيون ۽ وڻن
جون ديويون پوڄيون وينديون هيون. اهڙيءَ طرح وڏا
جانور مثال طور هڪ سڱ وارو ڍڳو، سانُهه، چيتو،
هاٿي، گينڊو ۽ واڳون وغيره کي ديوتا سمان سمجهيو
ويندو هو. باقي ٻيا جانور ڪنهن نه ڪنهن وهم جي ڪري
به مذهبي اهميت رکندا هئا.
حوالا ۽ حاشيا
marshall- mOhen-jo-daro, vol:I.P.5.
casmic rythem
vedic age, p.181
(4) ڪن مهرن تي اهڙن جانورن جا ٻه سڱ به ڏيکاريل
آهن. ايئن به ممڪن آهي ته جيئن ته هنن جانورن جون
شڪليون پاسيريون نڪتل آهن، تنهنڪري ٿي سگهي ٿو ته
هڪ سڱ اوٽ ۾ اچي وڃڻ سبب پڌرو نه ڪيو ويو هجي.
(ترجمو: شمس سرڪي)
ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر
سنڌي ثقافت جو سرچشمو
موهن جو دڙو
قديم آثار:
تاريخ جي ورق گرداني سنڌ جي قديم ثقافتي ورثي کي سمجهڻ
۾ معاون ۽ مددگار نه به هجي، تاهم آثارِ قديم جي
ماهرن، قديم شهرن جي مٿان چڙهيل لَٽُ ۽ مٽيءَ کي
هٽائي ثقافتي ورثي کي سائنسي بنيادن تي پرکي ان کي
سمجهڻ ۾ اسان سان وڏي مدد ڪئي آهي. (1) هيل تائين
سنڌ مان جيڪي آڳاٽا آثار لڌا ويا آهن، اهي آهن:
موهن جو دڙو، الور، برهمڻ آباد، ڀنڀور، سيوهڻ،
سمانگر، ڪاهوءَ جو دڙو، هاڪڙي جي پيٽ وارا ويران
شهر وغيره. (2) مگر انهن سڀني ۾ مرڪزي سنڌ جي شهر،
موهن جي دڙي جو ته مٽ ئي ڪونهي! (3) جنهن مان لڌل
باقيات ۽ زندگيءَ سان واسطو رکندڙ شين جي تجزيه،
اسان کي اهو يقيني علم مهيا ڪيو آهي ته سنڌ جا
ماڻهو عيسوي سن کان اڍائي هزار ورهيه اڳ هڪ
عاليشان ۽ سڌريل زندگي گذاري رهيا هئا.
دراوڙ ۽ آريا:
هن دڙي جي ثقافتي شين جي انڪشاف کان اڳ تاريخدان ايئن
وسهندا هئا، ته تاريخ جي ابتدا يونان کان ٿي، يورپ
جا ڪي ليکڪ وري انهيءَ خوش فهميءَ ۾ مبتلا هئا ته
برصغير جا ماڻهو تيسين جهالت ۽ اڻ ڄاڻائي جي چادر
تاڻيو سمهيا پيا هئا، جيسين يورپي قومن جي ڏاڏي
پوٽن (cousins)
آرين غفلت جي ننڊ مان کين سجاڳ نه ڪيو. (4)
حالانڪه سنڌ ۾ آرين جي آمد کان تاريخ بلڪل بي خبر
آهي. (5)
بعض تاريخ نويس ان خيال جا آهن ته: ”جيڪڏهن فرضي طور آرين جي
آمد کي سنڌ ۾ قبول به ڪجي ته پوءِ به اهي چوڏهن سؤ
(1400) سال قبل مسيح ۾ آيا هوندا. (6) جڏهن ته
موهن جي دڙي جي عظيم ثقافت جو بنياد ٽي هزار
(3000) سال قبل مسيح ۾ پئجي چڪو هو، جو آهستي
آهستي اڍائي هزار (2500) سال قبل مسيح اها ثقافت
هڪ عاليشان تهذيب جي صورت اختيار ڪري چڪي هئي.(7)
مورلينڊ
(moreland)
جو رايو آهي ته ”جيڪڏهن نام نهاد آرين جو وجود“
سنڌ ۾ فرضي طور قبول به ڪيون ته پوءِ به ايئن چوڻو
پوندو ته اهي سنڌو ماٿر جي عاليشان بادشاهت جي
تباهيءَ جا ذميوار هئا ۽ نه ان کي بنائڻ ۽ جوڙڻ جا
مالڪ هئا. (8)
ڪن تاريخ نويس آرين کي مهذب ۽ شريف
(nobleman)
به سڏيو آهي. (9) ليڪن منير وليم
(miNier william)
”آريا“ لفظ جو ڌاتو، سنسڪرت زبان جي ”ري-آر“
(ri-ar)
معنيٰ هر هلائڻ، ليٽن زبان جي ”ايراٽروم“
(Aratrum)
معنيٰ هر هلائڻ ۽ ايريا
(Area)
ورتو آهي. (10) هن نظريي موجب: آرين جو مطلب شريف
يا مهذب
(nobleman)
ڪونه آهي، پر هاري ماڻهو آهي يعني اهي ماڻهو جيڪي
هر هلائن، کيتي ڪن ۽ چوپايو مال ڌارين. (11)
مورلينڊ ڊبليو، ايڇ
(moreland w.h) بحث ڪندي ٻڌائي ٿو:
”اهو واضح ٿي چڪو آهي، ته آريا به دراوڙن جيئن ٻوليءَ جو هڪ
اصطلاح آهي ۽ نه نسلي امتياز (12)
ڀيرومل به آرين متعلق بحث ڪندي، پروفيسر ملر
(max maeller)
جي حوالي سان آرين کي هاري سڏيو آهي (13)،
پر سندس عقيدت کيس مجبور پئي ڪيو آهي ته هو هروڀرو به آرين کي
”شريف يا وڏ گهراڻو“ سڏي. (14)
ڀيرومل ساڳئي ئي ڪتاب ۾ دراوڙن کي به سٺو سڏي ٿو، مگر سندسن
انداز غير اندازي يقيني آهي. هو لکي ٿو:
”جيڪڏهن هيءَ ڳالهه قبول ڪجي ته مُهن جي دڙي واري سڀيتا دراوڙن
جي آهي، ته پوءِ هنن بابت جيڪي تاريخن ۾ پڙهيو
اٿئون سو سڀ وسارڻو پوندو ۽ قديم هندستان جي تاريخ
وري نئين سر تيار ڪرڻي پوندي. (15)
ڀيرومل اهو به قبول ٿو ڪري ته : ”يورپ وارن هندستان جون تاريخون
غلط لکيون آهن ۽ هندو عالم به يورپي عالمن سان
انهيءَ ڳالهه ۾ شامل راءِ هئا. جو هندو آڳاٽن آرين
مان آهن ۽ سڀاويڪ طرح پنهنجي نسل جو فخر اٿن. (16)
ڊاڪٽر بلوچ نبي بخش خان به ٻاهرين محققن ۽ عالمن لاءِ ساڳي راءِ
رکي ٿو. هو آثارِ قديمه تي ٿيل ٻاهرين عالمن جي
تحقيق تي پنهنجي راءِ ڏيندي لکي ٿو:
”آثارِ قديمه جا ماهر ٻاهريان صاحب هئا. جن کي مقامي حالتن جي
پوري سُڌ ڪانه هئي. جيڪڏهن ڪنهن ملڪ جا پنهنجا
ماڻهو تحقيق نه ڪندا آهن، ته پوءِ ٻاهريان پنهنجا
اندازا لڳائڻ شروع ڪندا آهن.......
انهيءَ سلسلي ۾ ڪن ٻاهرين لکندڙن ديانتداريءَ کان به ڪم نه ورتو
آهي. (17)
موهن جي دڙي جي تهذيب جو بنياد جن ماڻهن وڌو، انهن لاءِ ڊاڪٽر
نبي بخش بلوچ جو خيال آهي ته اهي الهندي ملڪن کان
آيا، هو لکي ٿو:
”سرزمين سنڌ کي جن ماڻهن اول اول اچي آباد ڪيو، سي الهندي وارن
ملڪن مان آيا ۽ انهن سنڌو درياءَ جي الهندي ڪناري
واري ايراضيءَ ۾ پنهنجون بيٺڪون قائم ڪيون. سندن
تمدن جي انتهائيءَ ترقيءَ موهن جي دڙي واري تهذيب
جي صورت اختيار ڪئي.“ (18)
ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ مسٽر هال-آر-ايڇ
(Mr. Hall R. H)
جو بيان نقل ڪندي لکيو آهي ته: ”سميري ماڻهو، جن بعد ۾ بابل جي
سامي تهذيب جو بنياد رکيو، واديءِ سنڌ مان هجرت
ڪري عراق ڏانهن هليا ويا هئا (19) ميڪڊونال
(mecdonall)
کي يقين آهي ته اهڙي حيرت ڪن ثقافت سميري تهذيب جي
پيداوار آهي. (20)
وولي(wolley)
جو چوڻ آهي ته سميرين ۽ سنڌين اها ثقافت بلوچستان
جي ڪنهن خطي مان حاصل ڪئي هوندي. (21)
ڀڀرومل ڪافي بحث ڪرڻ کان بعد پنهنجو رايو ڏيندي لکي ٿو:
” سنڌ جي ماڻهن پنهنجي سڀيتا جو پايو پاڻ وڌو هو ۽ ٻين تان نقل
ڪونه ڪيو هئائون. (22)
مورلينڊ(Moreland)
پنهنجو قطعي رايو ظاهر ڪندي ٻڌائي ٿو: ”موهن جي
دڙي جا ماڻهو، جيڪي اڍائي هزار سال قبل مسيح ۾
اهڙي طرح شاندار زندگي بسر ڪري رهيا هئا. يقيناً
اهي سنڌي هئا، جن جي ثقافت ۽ زبان انفرادي حيثيت
جي مالڪ هئي. (23)
ول ڊيورانٽ(will
durant)
موهن جي دڙي جي ثقافت متعلق پنهنجو رايو ڏيندي
لکيو آهي، ته اها ثقافت ڪنهن به ٻاهرين قوم جي
ايجاد نه آهي، پر سنڌين جي ذهن جي پيداوار آهي،
خاص ڪري مهرون، جيڪي بابل مان به هٿ آيون آهن. اهي
سنڌين جون ٺهيل آهن. (24)
اسلام جي آمد کان اڳ، سنڌ جي ثقافت ۽ تهذيب جو دامن هڪ وسيع دور
تائين پکڙيل آهي، جنهن جو پتو تاريخي حقائق، آثارِ
قديم سنڌ جي سماجي قدرن، ريتن ۽ رسمن مان ملي ٿو.
سنڌ ۾ اسلام 711ع ۾ محمد بن قاسم جي سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ آيو.
مگر، ان کان اڳ ۾ هتي برهمڻ ازم، ٻڌ ڌرم به آيا
ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ پنهنجا پنهنجا اثرات ڇڏيو
ويا. انهن مذهبن جي اثرات کي جاچڻ کان اڳ، اهو ڏسڻ
به لازمي آهي ته سنڌ وارن جو ڪو پنهنجو عقيدو
ثقافتي سازو سامان به هيو؟ ۽ اهو مختلف مذهبن ۽
ثقافتن جي ميل جول کان پوءِ ڪيتري قدر متاثر ٿيو ۽
انهي قديم ورثي پنهنجي وجود جي انفرادي حيثيت
ڪيتري قدر باقي قائم رکي؟
مادي لحاظ کان ڏسجي ته: موهن جي دڙي مان هٿ آيل ساز و سامان،
جهڙوڪ: اڻڻ، ڪپهه ۽ ان مان تيار ٿيندڙ ڪپڙو، ڪڻڪ ۽
ان جي آباد ڪرڻ جو طريقو، ڪنڀر جو چڪ ۽ ان تي
ٺهندڙ ٺڪر جا ٿانءَ ۽ انهن جي چٽ سالي، ڏکڻ- منهان
گهر ۽ تن ۾ استعمال ٿيندڙ پڪيون سرون، ڳهه ڳٽا ۽
انهن جو جڙاءُ ڪاٺ جا ٻيڙا ۽ بيل گاڏيون ۽ زندگيءَ
جي سفر جو مڙوئي سازو سامان اڄ به سنڌ ۾ پنهنجي
وجود جون شاهديون پيش ڪري رهيو آهي ته ڌارين
ثقافتن انهن زندگي جي مادي شين ۾ ڪا به تبديلي ڪا
نه ڪئي.
غير مادي ثقافت، جنهن جي دائري ڪار ۾ روحاني، ذهني ۽ نفسياتي
لاڙا- جمالياتي ۽ جذباتي ڪيفيتون اوليت جون حامل
آهن. جيڪڏهن انهن جو جائزو وٺنداسون ته اهي به
مختلف ثقافتن ۽ مذهبن جي ميل جول جي باوجود،
هنگامه آرائيءَ جو شڪار ڪونه ٿيون. البته اهو ضرور
ٿيو ته جن ڳالهين کي بهتر ذهني هم آهنگيءَ جي قابل
ڄاتو ويو، يا جن روحاني ۽ اخلاقي قدرن ۾ قدرتي طور
جاذبيت ۽ موزونيت هئي. انهن جا نشان يقيناً سنڌ جي
ثقافت ۾ نمايان نظر ايندا. ليڪن بنيادي طور قديم
ورثي به پنهنجي وجود کي فنا ٿيڻ نه ڏنو، جو اڄ به
سنڌين جي فطرت ۾ موجود آهي.
موهن جي دڙي وارن جو مذهب :
آثار قديمه جي ماهرن موهن جي دڙي مان هٿ آيل مختلف مهرن تي
اڪريل تصويرن ۽ ڪن ٻين اهڃاڻن مان اهو اندازو ڪيو
آهي ته سنڌو ماٿر جا قديم رهاڪو، وڻن، جانورن،
پاڻي ۽ ماتا ديويءَ جي بت جي پوڄا ڪندا هئا. ان
لاءِ محمد ادريس صديقي لکي ٿو:
”دنيا جي ٻين تهذيب يافته قومن وانگر هنن جو به هڪ مذهب هو،
اندازو ڪيو ويو آهي ته ماتا ديوي جون مورتيون جيڪي
باهه ۾ پڪل مٽيءَ جون آهن ۽ هڪ اهڙي شڪل جنهن کي
شو جو ”تڙ ڏاڏو“ چئي سگهجي ٿو. انهن ماڻهن جا
ديوتائون هئا. جن جي هو پوڄا ڪندا هئا. بت پرستي
سان گڏ انهن ماڻهن جي عقيدي ۾ وڻن ۽ حيوانن جي
پوڄا ۽ ٻيا عقيدا پڻ شامل هئا. (25)
هن راءِ کي ڏسنداسون ته اهوهڪ مفروضو معلوم ٿيندو، جيڪو موهن جي
دڙي مان هٿ آيل مورتين، رانديڪن ۽ رگويد جي ڪجهه
حصن جي مطالعي مان قائم ڪيو ويو آهي، ڇو ته بعض
ماهرن جو خيال آهي ته: ”ويدڪ ڌرم ۾ ٺاڪرن جي
مورتين يا بتن پوڄڻ جي ڳالهه آهي ئي ڪا نه“ (26)
ان کان سواءِ ڪي ماهر ائين به چون ٿا ته: ”سنڌو
ماٿر جي ڪنهن به وسنديءَ مان نه ته ڪوئي مندر مليو
آهي نه ئي ڪو عبادت خانو“ (27)
بيشڪ دنيا جي مڙني قومن ۾ ”عبديت ۽ عبادت“ ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾
رائج رهيا آهن، پر ڇاڪاڻ ته بت جي پوڄا جي پس منظر
۾ بت تراشيءَ جو ذوق يقيناً غالب نظر ٿو اچي.
جيڪڏهن ايئن آهي ته پوءِ اهو طريقهءِ عبادت واديءِ
سنڌ جي حصي ۾ نٿو اچي سگهي. ڇاڪاڻ ته سنڌ جي
وارياسن ۾ چوني جي پهاڙن مان صنم جي تراش ۽ بت جي
بناوت تقريباً ناممڪن آهي. انهيءَ ڪري موهن جي دڙي
جي بهترين تعميرات جو تراشيل پٿر جي بجاءِ مٽيءَ
جون پڪل سرون نظر اچن ٿيون.
بتن کان علاوه، واديءِ سنڌ جي رهواسين لاءِ وڻن جي عبادت جو
مفروضو به آهي، مگر ان لاءِ به ٿورو ويچار ڪبو ته
وڻن جي عبادت جو مفهوم سنڌ جي تمدني تصور۾ سمائجي
نٿو سگهي. ڇاڪاڻ ته موهن جي دڙي جي آثارن مان ثبوت
ملي چڪو آهي ته اهي ماڻهو زراعت ۾ مهارت حاصل ڪري
چڪا هئا. هو فصل پوکڻ ۽ لڻڻ، باغ رکڻ ۽ انهن جي
ميون مان مزن ماڻڻ جا هيراڪ ٿي چڪا هئا ان ڪري
زرعي لحاظ سان ته اهو قابل قبول آهي ته وڻن پوکڻ ۽
انهن جي حفاظت جو گهڻو خيال ڪندا هئا، پر وڻن کي
هندستان جي ٻين قومن وانگر ديوتا جو روپ وٺرائڻ ۽
انهن جي پوڄا ڪرڻ سنڌين لاءِ موزون نٿو لڳي. وڻن ۾
گهڻو دليل پپل جي وڻ جو ڏنل آهي. (28) سنڌ جي
سموري ايراضي کي ڏسندا ته منجهس ڪنڊيءَ، ٻير ۽ کٻڙ
جا وڻ ته جام نظر ايندا، پر پپل جي وڻ کي ته ڄڻ
هيءَ زمين ڦٽائڻ کان به انڪار ڪيو بيٺي آهي، ان
کان سواءِ جيئن ٻين قومن ۽ مذهبن ۾ ڪنهن نه ڪنهن
وڻ کي مذهبي حيثيت حاصل آهي ۽ جنهن جو تقدس هزارن
سالن کان پوءِ به قائم رهيو آهي، مثال: هندن جو
”سوم“ ايرانين جو ”هوم“ نارڊڪ قوم جو ”ايش يگ
ڊرازل“ يهودين جو”شجر الحيات“ مسلمانن جو ”طوبيٰ“
۽ عيسائين ۾ ”ڪرسمس ٽري“ (29) اڄ به اهڙا اهڃاڻ
آهن، جن مان پتو پوي ٿو ته اهي قومون وڻن جي پوڄا
ڪنديون هيون، مگر انهن جي برعڪس سنڌو تهذيب ۾ اهڙو
ڪو به نشان زنده ڪونهي، جنهن مان خبر پوي ته هو
وڻن جي پوڄا ڪندا هئا.
جانورن جي پوڄا جو اهم دليل اهو ڏنو ويو آهي ته: ڪن جانورن جي
اڳيان کاڌي جا ڪونر رکيل آهن. (30) جن ۾ جانورن کي
کاڌو ڏنو ويندو هو. کاڌو اڄ به سنڌ ۾ جانورن کي
”ڪونرن“ ۾ ڏنو ٿو وڃي ۽ اهو جانورن جي بهترين
پالنا جو نمونو آهي، جو زرعي زندگيءَ ۾ وڏي اهميت
جو حامل آهي ۽ ان کي پوڄا جو نالو ڏيڻ قياس کان
ٻاهر ٿو نظر اچي.
ماهر اهو به قبول ٿا ڪن ته: ڪنهن شيءِ جي اهميت ۽ قدر ڪرڻ، ان
جي پوڄا ڪرڻ جو اهڃاڻ نه آهي. ڪنهن جانور کي سدورو
يا ندورو سمجهي سگهجي ٿو، پر لازمي نه آهي ته ان
جي پوڄا به ڪئي وڃي!(31)
رگويد جي ابتدائي حصن ۾ لکت مان معلوم ٿيو آهي ته دراوڙ ۽ آريا
فطري شين جا پوڄاري هئا. سندن عبادت جو طريقو محض
حمد و ثنا هيو، سندن خيال هيو”فطري قوتون روح جون
حامل آهن ”ان ڪري انهن ماڻهن فطري قوتن کي معبود
بنايو. (32)
فطري قوتن مان جنهن قوت کي قديم سنڌين معبود جي حيثيت سان قبول
ڪيو، اهو هيو پاڻي. (33) سنڌو درياهه هزارن سالن
کان هن خطي جي رهندڙن جي قسمت کي سنوارڻ ۽ بگاڙن
جو هڪ اهم ذريعو پئي رهيو آهي، ان ڪري هتي جي
ماڻهن جي فطرت ۾ اهڙي ڪا اهميت حاصل ڪري ويو، جو
ان جي پوڄا ڪرڻ شروع ڪري ڏنائون. ماهرن کي ڪن اهڙن
نشانن مان معلوم ٿيو آهي ته آڳاٽا سنڌي پاڻيءَ جي
پوڄا ڪندا هئا. (34) ان لاءِ محمد ادريس صديقي پڻ
لکيو آهي ته:
”هيءَ راءِ بي بنياد ٿي نٿي سگهي ته سنڌو ماٿرجا ماڻهو پڪ ئي پڪ
سنڌو درياهه کي پوڄا جي لائق سمجهندا هئا.“ (35)
جنهن جا اهڃاڻ اڄ به سنڌي ثقافت ۾ موجود آهن. الله ڏنو، رب ڏنو
۽ قادر ڏنو وغيره اهڙا نالا آهن، جي اسلامي ثقافت
جي اثر جي نمائندگي ڪن ٿا، پر دريا خان، درياهه
ڏنو، درياهه خاتون وري اهي اهڃاڻ آهن، جيڪي قديم
سنڌين جي ڀرم جي دلالت ڪن ٿا ۽ اهي نالا اڄ به
سنڌين جي زندگيءَ ۾ موجود آهن. جن تي ڪو به اعتراض
نٿو ڪيو وڃي ۽ اهي پويان نالا مسلمانن توڙي هندن ۾
يڪسان موجود آهن.
فطري شين ۾ پاڻيءَ کان علاوه ٻي شيءِ جيڪا قديم سنڌ جي ماڻهن وٽ
قابل پرستش هئي، اها هئي ”ڌرتي ماتا“، برصغير ۾
”ماتا“ جو تصور قديم زماني کان هڪ بنيادي عقيدو
رهيو آهي. (36) جنهن ڌرتي تي انسان رهي ٿو، اها
ڌرتي هن جي حياتيءَ جي بقا لاءِ هڪ مهربان ماءُ
وانگر ان ۽ جل ڏئي ٿي، تنهنڪري اوائل کان وٺي زمين
جي پوڄا شروع ٿي۽ پوءِ ان کي ”ڌرتي ماتا“، ”ماتا
ديوي“، ”مادر فطرت“ وغيره جي نالن سان سڏيو ويو.
(37) بعد ۾ اهوعقيدو ساري دنيا تي عالمي حيثيت
حاصل ڪري ويو. (38)
موهن جي دڙي وارن ”ماتا ديوي“ جو به ڪو اهڙو خوبصورت بت ٺاهي،
ان جي پوڄا ڪا نه ڪئي البته آثارن مان هڪ ٺڪر جي
مورتي لڌي وئي آهي، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اها
مورتي ماتا ديويءَ جي آهي. (39) حالانڪه ٻين
رانديڪن وانگر اهو رانديڪو به ٿي سگهي ٿو.
آرين مذهب:
موهن جي دڙي وارن مهذب ماڻهن جي زندگيءَ ۾ پهريان پهريان خلل
وجهندڙ ”آريا“ چيا وڃن ٿا. محققن جو چوڻ آهي ته:
”آريا اڻ سڌريل ۽ وحشي هئا، پر جنگي جوڌا هئا. هنن جڏهن برصغير
پاڪ تي حملو ڪيو، تڏهن هتان جا رهاڪو جي نهايت
سڌريل سٻاجها ۽ امن پسند هئا، سي هنن جي حملي کي
منهن ڏيئي نه سگهيا ۽ هٿيار اڇلائي ڇڏيائون. جنگ
کان پوءِ جڏهن فاتح ۽ مفتوح ۾ ميلاپ شروع ٿيو،
تڏهن جيتيل قوم جو بلند اخلاق ۽ انهن جي تهذيب
آرين جي وحشتپڻي تي اثرانداز ٿيڻ لڳي. تان جو ٻئي
قومون ملي هڪ ٿي ويون ۽ هنن جي سنجوڳ مان هندو ڌرم
جو بنياد پيو، جنهن جا اڪثر عقيدا سنڌو ماٿر جي
رهاڪن جي عقيدن سان ملن ٿا. (40)
هي سنجوڳ ته گهڻو بعد جو آهي پر جڏهن آريا برصغير ۾ داخل ٿيا ته
پاڻ سان ڪي عقيدا به هنن آندا، جن ۾”اگني“ (باهه)
ديوتا کي مڃڻ جو عقيدو اهم هيو، آريا سرد علائقن
جا رهواسي هئا (41) انڪري باهه جهڙي قدرتي عنصر جي
کين سخت ضرورت هئي. ان ئي باهه کي برقرار رکڻ سان
سندن گهر گرم رهي سگهيا ٿي. باهه جا اڪثر آتش ڪده
به انهن ئي سرد علائقن ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا.(42)
سنڌ هڪ گرم علائقو هيو. هتي باهه کاڌي تيار ڪرڻ لاءِ ته ڪارگر
ٿي سگهي ٿي، پر پاڻيءَ وانگر زندگيءَ کي دوام بخشي
نه پئي سگهي. ان ڪري اڄ به سنڌ جي سماجي زندگيءَ ۾
”باهه لڳڻ“ ”باهه جو ساڙي وڃڻ“ ”اهو هنڌ سڙي، جتي
باهه ٻري“ ۽ ”هوڏانهن باهه، هوڏانهن ڀت ڪاڏي
وڃجي!؟“ اهي اهڙا اصطلاح آهن، جو چڱي مفهوم ۾
استعمال ڪو نه ٿيندا آهن. ان ڪري قديم سنڌين کي
آرين جا ديوتائون ايترو متاثر ڪونه ڪري سگهيا
جيترو هتي جي قديم رهواسين جي ديوتائن آرين کي
متاثر ڪيو.
تحقيق مان پتو پوي ٿو ته وقت گذرڻ سان انهن وحشي آرين مقامي
ماڻهن جي ديوتائن جي پوڄا ڪرڻ شروع ڪئي. سندن
عقيدا سنڌو ماٿر جي اعتقادن کان بلڪل الڳ هئا، پر
پوءِ هن سر زمين تي ڳچ صديون رهڻ ۽ آباد ٿيڻ کان
پوءِ سندن عقيدن ۾ زبردست انقلاب آيو ۽ اهي ”اندر“
جا پوڄاري آخر ”شو“ جي پوڄا ڪرڻ لڳا. (43)
محققن جو رايو آهي ته: ”سنڌو ماٿري جي اعتقادن ۽ روحاني تصورات
هن برصغير کي اهڙو ته ورثو ڏنو، جنهن جوغلبو اڄ
تائين ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ هتي هن سر زمين تي
موجود آهي. (44)
حوالا
1.rAPSON e.j. “THE CAMBRIDGE HISTORY OF INDIA” VOL.1,
CAMBRIDGE UNIVERSITY PRESS, LONDON, 1922, P-57
2. مولائي شيدائي رحيمداد خان، ”جنت السنڌ“ سنڌي
ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ، 1985ع ص: 24.
3. مغل محمد رفيق- ڊاڪٽر ”مقالو“ ”سنڌ ۾ تهذيب جي شروعات“
”ماهنامه نئين زندگي“ پاڪستان پبليڪيشن، ڪراچي،
سنڌ، فيبروري 1975ع، ص: 75.
4. WILL DURANT: “THE STORY OF CIVILIZATION” PART
I. OP:
5. GILES P. the CAMBRIDGE HISTORY OF INDIA” VOL:I eDT: BY:
e.J RAPSON, OP:-P-72
6. IBID. P-72
7. ايم-رفيق مغل، ڊاڪٽر، ”مقالو“ ”سنڌ ۾ تهذيب جي
شروعات“ ماهنامه نئين زندگي، حوالو اڳ ۾ ڏنل.
ص:75.
8. MORE LAND W.H “a SHORT HISTORY OF INDIA”
ILONGMANS LONDON, 1936, P-10.
9. IBID. P-73
10. MONIER WILLIAMS: “TAKEN FROM, THE STORY OF CIVILIZATION.”
11.IBID. P-397
13. آڏواڻي، ڀيرومل مهر چند، ”قديم سنڌ“ سنڌي ادبي
بورڊ حيدرآباد سنڌ 1980 ص: 211
14. ايضاً-ص: 211.
15. ايضاً-ص: 211.
16. آڏواڻي، ڀيرومل مهر چند، ”قديم سنڌ“ حوالو اڳ ۾ ڏنل. ص:
168.
17. بلوچ نبي بخش خان، ڊاڪٽر، ”مقالو“ ”ڀنڀور-ديبل جو اصل ماڳ“
ڀنڀور نيشنل سئمينار 1983ع ۾ پڙهيل مقالن جو
مجموعو، ايم-خان پرنٽنگ پريس، حيدرآباد سنڌ. 1986ع
ص:9.
18. بلوچ نبي بخش خان ”ڊاڪٽر“ ”سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ“ زيب
ادبي مرڪز حيدرآباد سنڌ. 1980ع.
19. h.R HALL:``ancient history of the near east
(1954), p-174.
20. maedonall: a.a “india past:” taken from “history of
civilization foot note, p-395, by Will durant.
21. ibid. p-395.
22.آڏواڻي، ڀيرومل مهرچند: ”قديم سنڌ“ حوالو اڳ ۾
ڏنل آهي ص: 111.
23. moreland w.h “a short history of india: op:
cit: p-10.
24. will duRANT, THE STORY OF “CIVILIZATION” PARTONE, OP:
CITl
FOOT NOTE, P- 395
25. صديقي محمد ادريس: ”سنڌو ماٿر جي سڀيتا“ (سنڌي) سنڌي ادبي
بورڊ حيدرآباد سنڌ، 1979ع. ص 193.
26. more muller prof: chips from a german
workshop, p-38.
27. ڀيرومل جي ڪتاب ”قديم سنڌ“ ص: 472 تان ورتل.
28. صديقي محمد ادريس ”سنڌو ماٿر جي سڀيتا“ (سنڌي) حوالو اڳ ۾
ڏنل.
29. غلام رسول چوڌري: ”مذاهب-عالم ڪا تقابلي مطالعه“ (اردو)
علمي تب خانه، لاهور، 1978ع ص: 60.
30. صديقي محمد ادريس: ”سنڌو ماٿر جي سڀيتا“ حوالو اڳ ۾ ڏنل.
146.
31. ايضاً-147.
32. ايضاً-131.
33. غلام رسول چوڌري: ”مذاهب-عالم ڪا تقابلي مطالع“ (اردو)
حوالو ڏنل آهي: ص: 61.
34. مولائي شيدائي رحيمداد خان: ”تاريخ تمدن سنڌ“ سنڌي ادبي
بورڊ حيدرآباد سنڌ. 1959ع ص: 237.
35. صديقي محمد ادريس: ”سنڌو ماٿر جي سڀيتا“ حوالو ڏنل آهي. ص:
151-152.
36.ايضاً.
37. ايضاً-135.
38. غلام رسول چوڌري ”مذاهب-عالم ڪا تقابلي مطالعه“ (اردو)
حوالو اڳ ۾ ڏنل آهي. ص: 59.
39. حوالو پهريون ص: 133.
40. صديقي محمد ادريس: ”سنڌو ماٿر جي سڀيتا“ ’سنڌي‘ حوالو ڏنل
آهي. ص: 132.
41. غلام رسول چوڌري، ”مذاهب-عالم ڪا تقابلي مطالع“ (اردو)
حوالوڏنل آهي. ص: 100 ۽ ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي:
”قديم سنڌ“ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد سنڌ، ص: 114.
42. غلام رسول چوڌري، ”مذاهب-عالم ڪا تقابلي مطالع“ حوالو ڏنل.
ص: 116.
43. صديقي محمد ادريس: ”سنڌو ماٿر جي سڀيتا“ (سنڌي( حوالو ڏنل. ص: 198 ۽ ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، ”قديم سنڌ“
حوالو اڳ ۾ ڏنل آهي. ص: 189.
44.ايضاً: 198.
|