سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: موهن جو دڙو

باب:

صفحو: 1

 

سنڌوسڀيتا جو عظيم ورثو

موهن جو دڙو

 

 

ترتيب ۽ تلخيص: احسان دانش

 

ڇپائيندڙ پاران

’سنڌو سڀيتا جو عظيم ورثو- موهن جو دڙو‘ ڪتاب دنيا جي قديم تهذيب، تمدن ۽ ثقافت جي عظيم اهڃاڻ (موهن جو  دڙو) جي تاريخ تي مشتمل هڪ اهم تاريخي ۽ معلوماتي دستاويز آهي. جنهن ۾ موهن جي دڙي جي تهذيب، تمدن، ثقافت ۽ ٻوليءَ تي ڏيهي ۽ پرڏيهي عالمن ۽ محققن جا مقالا شامل آهن.

هِن ڪتاب ۾ سنڌو ماٿر جي هِن اوائلي تهذيبي ورثي متعلق ٽڙيل پکڙيل مواد کي احسان دانش صاحب وڏي محنت سان يڪجا ڪري قديم دور جي ثقافتي تاريخ کي محفوظ ڪيو آهي.

سنڌي ادبي بورڊ جي اِها شروع کان ئي ڪوشش رهي آهي ته، تاريخ تي مشتمل اعليٰ درجي جا معياري ڪتاب اداري طرفان شايع ڪرايا وڃن، ته جيئن تاريخ جي مختلف دورن جا باب محفوظ ٿي سگهن.

هيءُ ڪتاب آءٌ پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ اداري طرفان شايع ڪري سُرهائي محسوس ڪري رهيو آهيان. جنهن لاءِ آئون جناب مخدوم جميل الزمان صاحب چيئرمن سنڌي ادبي بورڊ، جو تهدل سان شڪر گذار آهيان، جنهن پنهنجي مفيد مشورن سان منهنجي رهنمائي ڪري اشاعتي مرحلي کي آسان ڪيو.

اميد آهي ته، اسان جو هيءُ پيار ڀريو پورهيو تاريخ سان دلچسپي رکندڙن وٽ مانُ لهندو.

 

26 ربيع الثاني 1433هه                              (الهڏتو وگهيو)

20- مارچ 2012ع                                       سيڪريٽري

 

 

انتساب

 

 

ان شخصيت جي نالي

جنهن جي رهنمائي منزلن جي رسائي ممڪن بڻائي

جنهن جي پيار، جيون گهارڻ جو سليقو بخشيو

جنهن جي ئي وجود سان آءٌ آهيان

اها شخصيت منهنجو والد ۽ سنڌ جو ناميارو محقق آهي

ڊاڪٽر بشير احمد شاد

جنهن جي محبت کي لفظن ۾ ماپائڻ مشڪل آهي.

 

احسان دانش

 

ٻه اکر

هن ڪتاب ۾ موهن جي دڙي جي تهذيب، تمدن، ثقافت ۽ ٻولي جهڙن موضوعن تي نهايت ڪارائتا مقالا شامل آهن، جيڪي ڏيهي توڙي پرڏيهي عالمن ۽ محققن جي تحقيق جو نچوڙ آهن. انهن مقالن مان ڪي انگريزي ۽ اردو ٻولين مان ترجمو ڪيل آهن. پر منهنجي شعوري ڪوشش اها ئي رهي ته آءٌ هن ڪتاب ۾ ”موهن جي دڙي“ جي حوالي سان ”سنڌ“ جي عالمن جي ٽڙيل پکڙيل ڪم کي سميٽي اوهان جي سامهون آڻيان، ان جا ٻه سبب آهن: 1. اسان جي عالمن ۽ محققن کي اڪثر اها شڪايت رهي آهي ته سنڌ جي تاريخ توڙي قديم آثارن تي اڪثر ڌارين ڪم ڪيو آهي ۽ هميشه هنن پنهنجن مفادن مطابق اسان تي پنهنجي ڳالهه مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. 2. سنڌ جا عالم ۽ محقق جن جو تعلق هن ڌرتيءَ سان آهي، موهن جي دڙي بابت انهن جي نقطهء نگاهه کي اوهان جي سامهون آڻجي.

مقالن جي غير معمولي طوالت ۽ هن ڪتاب ۾ ورجاءَ کي مدنظر رکندي ڪافي مقالن کي ضرورت آهر مختصر به ڪيو آهي ۽ ڪوشش ڪئي آهي ته ان اختصار سان مقالن جو روح به برقرار رهي. تنهن جي باوجود به اگر ائين ڪرڻ سان ڪنهن ليکڪ جي دل آزاري ٿي آهي ته آءٌ اڳواٽ معذرت خواهه آهيان. ڪتاب ۾ شامل مقالا توڙي جو نوان نه آهن، پر انهن جي اهميت کان انڪار ممڪن نه آهي. انهن ٽڙيل پکڙيل ۽ اهم مقالن کي سهيڙڻ ۽ سميٽڻ جي سنڌي ٻوليءَ ۾ هيءَ پهرين ڪوشش آهي، جنهن کي سنڌي ٻوليءَ ۾ موهن جي دڙي تي هن وقت تائين ٿيل تحقيق جي پهرين ڪڙي تصور ڪرڻ کپي. اهڙي طرح ٻي ٽين ۽ چوٿين ڪڙيءَ ذريعي اڄ تائين ٿيل تحقيق کي سامهون آڻي سگهجي ٿو..... جيئن مٿي ذڪر ٿيو ته هن ڪتاب ۾ مقامي محققن جي تحقيقي ڪم کي اوليت ڏيندي سندن مواد شامل ڪيو ويو آهي، پر تنهن جي باوجود ڪجهه ٻاهرين ليکڪن جا اهم مقالا پڻ شامل ڪرڻ ضروري سمجهيا اٿم.

هتي آءٌ هڪ وضاحت جنهن کي ٻين لفظن ۾ اعتراف به چئي سگهجي ٿو ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان ته منهنجو آرڪيالاجي جي شعبي سان ڪوئي تعلق نه آهي، ها البته تحقيق طرف طبيعت مائل هجڻ ڪري وقتاً فوقتاً اهڙو مطالعو رهيو آهي، جنهن ڪري اهو موضوع مون لاءِ اهميت جو ڪارڻ رهيو آهي. جڏهن مون هن ڪم ۾ هٿ وجھڻ جو سوچيو ته مون کي اندازو نه هيو ته ان لاءِ مون کي رُڪ جا چڻا چٻڻا پوندا، بظاهر هي سهيڙ ڀل سولي لڳندي هجي، پر مون کي ان ڪم ۾ ڀريا ٽي ورهيه لڳا. ان وچ ۾ هن سموري مواد کي سهيڙيندڙ ڪيئي معاملا ۽ مونجهارا پيدا ٿيا. بهرحال هن وقت ڪتاب اوهان جي هٿن ۾ آهي، آءٌ انهن معاملن ۽ مونجهارن کي سلجهائڻ ۾ ڪيتري قدر ڪامياب ويو آهيان، اهو اوهان خود اندازو لڳائي سگهو ٿا.

هن ڪتاب کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي: 1. موهن جي دڙي جي تهذيب ۽ تمدن 2. موهن جي دڙي جي ٻولي. ٻنهي حصن ۾ شامل سمورا مقالا پنهنجن موضوعن جي حوالي سان نهايت جامع آهن.

پهرين حصي ۾ دنيا جي مڃيل محقق ايڇ-ٽي ليمبرڪ جو مقالو سنڌ ۾ تهذيب جي ڦهلاءَ عروج ۽ زوال جي ڪهاڻي ٻڌائي ٿو. سنڌ جي صحرائن جي مسافر تاج صحرائيءَ جو مقالو سنڌ جي قديم آثارن متعلق سندس تحقيق جو نچوڙ آهي، جنهن ۾ هن دليلن سان ثابت ڪيو آهي ته سنڌو سڀيتا جا اڏيندڙ ڪي ڌاريا نه پر خود هتان جا مقامي رهندڙ يعني سنڌي هئا. محمد يوسف ابڙي موهن جي دڙي جي نالي جي اصليت ۽ حقيقت تي محققانه بحث ڪيو آهي. اردو جي عالم سبط حسن پنهنجي مقالي ۾ سنڌو ماٿر جي عظيم سڀيتا جا نغما ڳايا آهن.

انگريز مصنف جين فيئرلي جنهن سنڌو درياهه تي هڪ اهم ڪتاب ”سنڌو شينهن درياهه“ لکيو آهي، تنهن جو مقالو موهن جي دڙي جي پس گردائي ۽ تهذيب تي روشني وجهي ٿو. ڊاڪٽر غلام رسول سومرو لاڙڪاڻي ضلعي ۾ تهذيبي اوسر تي ڳالهائيندي موهن جي دڙي جي اهميت ۽ افاديت اجاگر ڪري ٿو. سنڌ جو وڏو محقق ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ کان وٺي سنڌ ۾ عظيم سڀيتا جي اجاگر ٿيڻ تائين مرحلي وار معلومات مهيا ڪئي آهي. ناليواري عالم ۽ محقق ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جي تحقيقي مقالي ۾ موهن جي دڙي جي قدامت ۽ اهميت تي روشني وجهندي، موهن جي دڙي کي اصحاب الرس جي حوالي سان کوهن وارو شهر ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اردو ٻوليءَ ۾ آثار قديمه جي حوالي سان ڪم ڪندڙ  برک محقق محمد ادريس صديقي جنهن موهن جي دڙي جي تهذيب ۽ تمدن جي حوالي سان هڪ اهم ڪتاب ”وادئ سنڌ ڪي تهذيب“ لکيو آهي، ان جا هن ڪتاب ۾ ٻه مقالا شامل آهن، جن مان پهرين مقالي ۾ هن موهن جي دڙي جي سائيٽ بابت تفصيلي احوال لکندي ان دور جي انسان کي سلام پيش ڪيو آهي.

سنڌ جي شيدائي رحميداد مولائي شيدائي موهن جي دڙي جي چئن تهن مان لڌل مختلف شين جي باري ۾ تفصيلي ڄاڻ ڏيندي ان زماني جي ماڻهن جي ”لاش دفنائڻ جي رسم“ جو پڻ احوال ڏنو آهي. غلام قادر بروهي جي مقالي ۾ موهن جي دڙي ۾ خوراڪ ۽ زراعت، ان جي ڀانڊن، درياهه جي ڪناري لڳ بندرگاهه، اتي رهندڙ ماڻهن جي اصل نسل ۽ زوال جي سببن تي سٺو مواد موجود آهي. نوجوان محقق آصف رضا موريو، موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ مان لڌل مختلف موتين ۽ پٿرن مان ٺهيل زيورن، ڦڻي، آئيني توڙي ٻئي سامان جي موجودگيءَ مان تاريخي حوالن سان ثابت ڪيو آهي ته موهن جي دڙي جا ماڻهو ئي دنيا ۾ سينگار جا اولين خالق هئا.

هندستاني محقق جمنا داس اختر قديم سنڌ جي دنيا جي ٻين ملڪن سان رابطن يا پرڏيهي واپار تي ڀرپور نموني لکيو آهي. ساڳي ئي موضوع تي هڪ قدم اڳتي ناليواري سنڌي محقق ۽ تاريخدان دادا سنڌي پنهنجي مقالي ۾ وضاحت سان لکيو آهي. هن ڪتاب ۾ محمد ادريس صديقيءَ جو ٻيو مقالو موهن جي دڙي وارن جي مذهب بابت بهترين ڄاڻ مهيا ڪري ٿو. سنڌ جي هڪ ٻئي محقق ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر جي مقالي ۾ وري اهو ثابت ڪيل آهي ته موهن جو دڙو سنڌ جي ثقافت جو سرچشمو آهي. شاهه لطيف يونيورسٽي جي آرڪيالاجي ڊپارٽمينٽ سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ شر جو مقالو بنيادي طور هڪ فني اڀياس آهي. جنهن ۾ هن موهن جي دڙي ۾ عمارت سازي تي 1987ع تائين ٿيل تحقيق جو تنقيدي جائزو ورتو آهي. ڪتاب جي پهرين حصي جو آخري مضمون سنڌ جي سيلاني ۽ سنڌوءَ جي مسافر بدر ابڙو جو آهي جنهن ۾ هن موهن جي دڙي مان لڌل مهرن ۽ ٻين تصويرن پٺيان مروج ديو مالائي قصن ۽ ڪهاڻين کي اجاگر ڪيو آهي. هن مضمون ۾ قديم سنڌوماٿريءَ جي ڏند ڪٿائن جي حوالي سان هڪ دلچسپ پهلو کي اجاگر ڪيو ويو آهي.

ڪتاب جي ٻي حصي ۾ پنج مقالا شامل ڪيا ويا آهن، جيڪي پنهنجي پنهنجي موضوع جي حوالي سان تمام وڏي اهميت رکن ٿا ۽ حقيقت ۾ انهن مقالن جي مطالعي کان سواءِ قديم سنڌي ٻولي ۽ لکت کي سمجهڻ محال آهي. هن حصي جو پهريون مقالو فنلئنڊ سان تعلق رکندڙ مشهور ماهر لسانيات ۽ محقق آسڪو پارپولا جو آهي، جنهن ۾ هن سنڌو لکت تي ٿيل مرحليوار تحقيق جو فني جائزو پيش ڪيو آهي. هي هڪ ڳوڙهو علمي مقالو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي عظيم محقق ۽ دانشور شمس العماءُ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي مقالي جو اختصار به هن حصي ۾ شامل آهي، ڊاڪٽر صاحب جي هن مقالي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد ۽ موهن جي دڙي جي ٻوليءَ جي حوالي سان نهايت ڪارائتو بحث ٿيل آهي.

موهن جي دڙي واري ٻوليءَ تي سنڌ جي مشهور ماهر لسانيات ڊاڪٽر غلام علي الانا جي مقالي جو اختصار به پنهنجو مٽ پاڻ آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر صاحب سنڌي ٻوليءَ جي قدامت ۽ اهميت تي ڀرپور روشني وڌي آهي. ساڳي طرح معروف ليکڪ سراج الحق ميمڻ جنهن ”سنڌي ٻولي“ جي عنوان سان ڪتاب لکي، سنڌي ٻوليءَ جي اصليت ۽ حقيقت تي پنهنجي جدا راءِ ڏني هئي، جو مقالو پڻ هن حصي ۾ شامل ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ هن سنڌي ٻوليءَ متعلق پيش ڪيل مختلف نظرين تي ڳالهائيندي پنهنجو موقف پيش ڪيو آهي. آخر ۾ سنڌي ساهت جي سدا روشن ستاري بهترين ڪهاڻيڪار ۽ محقق انيس انصاري جو اهو مقالو شامل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ هن سنڌي ٻولي، خاص طور موهن جي دڙي واري ٻوليءَ جي باري ۾ الڳ الڳ ڏيهي پرڏيهي عالمن ۽ ٻوليءَ جي ماهرن جا حوالا ڏئي سنڌي ٻوليءَ جي پراچين رسم الخط تي ڀرپور نموني لکيو آهي.

آخر ۾ آءٌ انهن مڙني دوستن ۽ مهربانن جي دل جي گهرائين سان ٿورائتو آهيان جن هن ڪتاب کي اوهان جي هٿن تائين پهچائڻ ۾ ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان منهنجي مدد ۽ همت افزائي ڪئي، خاص طور تي ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، ڊاڪٽر بشير احمد شاد، رياضت ٻرڙو، فياض لطيف، دين محمد ڪلهوڙو، وفا اسلم ۽ رضوان گل جون مهربانيون مڃڻ مان پاڻ تي فرض ٿو سمجهان. وڏا وڙ سنڌي ادبي بورڊ جي انتظاميه جا جن منهنجي هن پورهيي کي قبوليت جو شرف بخشيو.

 

    ليڪچرار-شعبو سنڌي                                                احسان دانش

گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو                                       3431374-0300

 

 

 

 

احسان دانش

مقدمو

        هي سڄي ڪائنات راز ۽ ڳجهه آهي. ان ڳجهه کي کولڻ لاءِ انسان کي عقل ۽ ادراڪ جون دريون کولڻيون پونديون. خلائن ۾ ڪهڪشائن کان وٺي ڌرتيءَ تي واريءَ جي ذرن تائين سموري ڪائناتي سچ کي پرکڻ ۽ پروڙڻ لاءِ نگاهه جي گهرائي ۽ شعور جي روشني ضروري آهي. ڪائنات جي قدامت ۽ ڌرتيءَ جي ڪهنائپ بابت ڪيتريون ئي ڪهاڻيون اسان جي ڪنن ۾ گونجيون آهن. تخليق ڪائنات جو سلسلو ۽ دنيا جو وجود سائنسي نظريي کان وٺي مذهبي نظريي تائين مختلف حوالن سان ثابت ٿي چڪو آهي، پر قومن جي وجود توڙي تهذيب ۽ تمدن جي سلسلي ۾ اڃا تحقيق هلندڙ آهي. محققن جي تحقيق موجب دنيا جي قديم ترين مهذب قومن ۾ ايراني، عراقي، بابلي، لاطيني، يوناني، مصري، هندي، سنڌي وغيره شامل آهن.

        قديم تهذيبن جي جاچنا جي سلسلي ۾ آثار قديمه جي ماهرن تحقيق بعد ڪنهن به خطي جي عمر جي ڪٿ جي حوالي سان ڪي اصول قائم ڪيا آهن، جن جي بنياد تي اسين ڪنهن به خطي جي تاريخ، تهذيب ۽ قدامت جي ڄاڻ حاصل ڪري سگهون ٿا. اهڙي ڄاڻ جا اهم وسيلا الڳ الڳ جاين تان مليل قديم زماني جي پٿرن ۽ ڌاتن مان ٺهيل اوزار آهن. انهي طرح مختلف قسم جي پٿرن ۽ جدا جدا ڌاتن مان اوزارن جي پرک جي بنياد تي قديم آثارن جي ماهرن قديم دورن کي الڳ الڳ نالا پڻ ڏنا آهن. جهڙوڪ قديم پٿر وارو دور/قديم پاهڻي دور (Old Stone Age)، نئون پاهڻي دور (New Stone Age)، ٽامي وارو دور (Copper Age)، ٽامي ۽ قلعي وارو دور (Bronze Age)، لوهه وارو دور (Iron Age)، ۽ ڪلن جو دور (Machine Age). سنڌو ماٿريءَ جي تهذيبي تاريخ جا ورق ورائڻ سان مذڪوره سمورن دورن جا آثار ۽ اهڃاڻ نظر اچن ٿا.

        شين جي پرک ۽ عمر جي ڪٿ جي حوالي سان جديد سائنسي طريقي ريڊيو ڪاربن وسيلي پڻ مدد ورتي ويندي آهي. سر مورٽيمر وهيلر لکيو آهي ته ”1949ع ۾ قديم حيواني ۽ نباتاتي شين جي سندن ريڊيو ڪاربن جز (C14) جي بنياد تي نتيجو طئي ڪرڻ جي طريقي سان تاريخ کان اڳ ۽ غير تاريخي آثار قديمه جو تعين وقت جو هڪ نئون اسلوب وجود ۾ آيو هو. جيتوڻيڪ  ان طريقي ۾ به غلطيون ۽ غير يقيني عنصر موجود آهن، پوءِ به ان سان نوان معيار دستياب ٿيا آهن، جن جي وسيلي اسين وڏي پئماني تي ۽ ملائي سلائي ڪافي صحيح طور تي گذريل 40 هزار سالن ۾ انسان جي ڪارنامن متعلق پنهنجي زاويهء نگاهه کي ٺيڪ ڪيو آهي.“ (1)

        تمدن اتي ترقي ڪندو آهي جتي انسان ۽ فطرت جي وچ ۾ متمدن زندگيءَ جي لاءِ زبردست ڪشمڪش هوندي آهي. موسمي فضا (Atmosphere)، پاڻيءَ واري فضا (Hydrosphere)، جابلو فضا (lithosphere)، حياتياتي فضا (Biosphere) کيس زندگيءَ ۾ ترقي ڪرڻ ۾ يا ته مدد وٺائين ٿا يا ته روڪين ٿا... نيل وادي، ايجن ٻيٽ (Agean Island)، اردن جي ماٿري، دجله ۽ فرات جي ماٿري، ايران جو مٿاهون پَٽُ، ڪئپسٽن اَرال جي دريا گذار وادي، سنڌو ماٿري، گوبي علائقو ۽ يانگسي ماٿري (yangtse Velly) انهن سڀني علائقن پنهنجي پنهنجي زميني مٿاڇري (Soil) ۽ آبهوا مطابق نرالي قسم جون مخصوص تهذيبون پيدا ڪيون آهن ۽ هر علائقي ٻي علائقي کي انساني تمدن پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڪئي آهي. (2)

سنڌ ۾ تهذيبي اوسر ۽ قديم آثار:

        سنڌو ماٿر جي تهذيب دنيا جي قديم ترين ۽ متمدن تهذيبن مان هڪ آهي. سنڌ جي ڌرتيءَ هيٺان اڄ به هزارين ۽ لکين سال پراڻين تهذيبن جا آثار لڪل آهن، جيڪي آثار قديمه جي ماهرن، محققن ۽ پارکن جي نظرن جا منتظر آهن. سنڌ هونءَ به برصغير جو هڪ وڏو تهذيبي خطو رهي آهي، جنهن جي گواهيءَ لاءِ اهي آثار ۽ اهڃاڻ ئي ڪافي آهن جيڪي هن وقت تائين ٿيل کوٽائين جي نتيجي ۾ دنيا جي اکين اڳيان آيا آهن.

        سنڌ جي مختلف علائقن ۾ تاريخ کان گهڻو اڳ واري دور ۽ پٿر واري دور سان تعلق رکندڙ اوزار پڻ هٿ آيا آهن. هينري ڪزنس لکيو آهي ته ”تاريخ کان اڳ جي تمام پراڻي دور سان لاڳاپيل پٿر جي پوئين دور سان واسطو رکندڙ پٿر جا اوزار جهڙوڪ ڏنگريون (Cores) ۽ پاساڙا (Flakes) جن مان پهرين کي مڏا ۽ پوئين کي تکي ڌار وارا اوزار سڏيو ويندو آهي. پٿر جا اهڙا اوزار سنڌو ماٿريءَ، خاص ڪري سکر ۽ روهڙي جي آس پاس، نمولائتي چُنَ جي پٿر مان ملندڙ چقمقي پاهڻ مان ٺهيل مليا آهن. هي احوال ڪلڪتي جي تاريخ کان اڳ وارن آثارن بابت ٺهيل ميوزيم جي ڪئٽالاگ مان ورتو ويو آهي. سنڌ ۾ سکر ۽ روهڙيءَ جي آس پاس چقمقي پٿر مان ٺهيل  ڏنگرين Cores ۽ پاساڙن (Flakes) جا ڪي نمونا مليا آهن، جيڪي نمولائتي پٿر مان جڙيل آهن. انهن مان گهڻيون ڏنگريون ٽن کان چئن انچن تائين ڊگهيون آهن. ڪجهه ننڍيون پر وڌيڪ ڍنگائتيون ۽ موزون ڏنگريون، سکر وٽان سنڌو درياءَ جي پيٽ مان لڌيون ويون آهن. (3)

        دنيا جون سڀئي وڏيون تهذيبون اڪثر دريائن جي ڪپرن ۽ ڪنارن يا ڀرپاسي جي ماٿرين ۾ ئي اسريون ۽ اڀريون آهن. اهو ئي سبب آهي جو هن وقت تائين سڄي دنيا ۾ قديم آثارن جي کوجنا جا مرڪز دريائن جا پراڻا وهڪرا ۽ ڪنارا ئي رهيا آهن، ساڳي طرح سنڌ ۾ به قديم تهذيب جي دريافت جي حوالي سان گهڻي ۾ گهڻا آثار سنڌو درياءَ توڙي هاڪڙي جي ڪنارن سان ئي مليا آهن، جنهن جو وڏو مثال موهن جو دڙو آهي. حقيقت ۾ سنڌوءَ جو ڪپر سنڌ ۾ عظيم تهذيبن جي جنم ڀومي آهي.

        نامياري تاريخ نويس ول ڊيورانٽ لفظ ”هندو“ کي سنڌي ٻوليءَ جي لفظ ”سنڌو“ مان نڪتل ڄاڻايو آهي. هو لکي ٿو ته ”مغربي پنجاب جي سرزمين کي هڪ هزار ميل طويل درياءِ سنڌ سيراب ڪري ٿو. ان جو نالو مقامي زبان جي لفظ ”سنڌو“ يعني دريا مان ورتل آهي. ايراني قوم سڄي اتر هند کي سنڌو جڏهن ته هند کي ”هندوستان“ يعني ”دريائن جي سرزمين“ جي نالي سان سڏيو آهي. وقت سان گڏوگڏ لفظ سنڌو مان لفظ ”هندو“ نڪتو ۽ حمله آور يونانين انهيءَ لفظ مان ”انڊيا“ اخذ ڪيو.(4)

        قديم دور ۾ سنڌ جا اڪثر ڪري سڀئي اهم ۽ مرڪزي شهر، قلعا ۽ ڪوٽ گهڻي قدر سنڌو درياءَ جي ڪناري سان آباد ڪيل هئا. انهن جي آبادي جو سڀ کان وڏو ڪارڻ اهو هو، جو جنهن هنڌ اها بستي ۽ شهر آباد ڪيو ويندو هو، ته سڀ کان پهريان اهو ڏسندا هئا ته انهيءَ هنڌ جي آس پاس وارو علائقو زرخيز ۽ شاداب هجي ۽ انساني ضرورتن جون سڀئي گهرجون سولائيءَ سان ميسر ٿي سگهن. ساڳي وقت آمدرفت ۽ وڻج واپار جا ذريعا به آسان هجن، انهيءَ لحاظ سان دريائي وَٽِ وارا علائقا سڀ کان موزون ڪري سمجهيا ويندا هئا، انهي ڪري سنڌ جي قديم رهاڪن وڏا شهر، قلعا، ڪوٽ ۽ بستيون سنڌوءَ جي ڀِڪَ سان آباد ڪيا هئا. سنڌ جي انهي قديم تهذيبي ۽ تمدني ورثي مان اها ساک ٿي ملي ته جڏهن دنيا ۾ هر طرف کان جهالت ۽ اونداهي ڇانئيل هئي ته عين انهيءَ وقت سنڌ ۾ هڪ عظيم تهذيب ۽ تمدن جو سورج روشن هو، جنهن جي شعاعن سڄي دنيا کي منور پئي ڪيو.“ (5)

        سنڌ اندر هن وقت تائين آثارِ قديمه جي کوٽائي توڙي تحقيق جي حوالي سان جوڳو ڪم ٿي نه سگهيو آهي. جيڪو ٿورو گهڻو ۽ ابتدائي ڪم ڪيو ويو آهي، سو به گهڻو ڪري غيرملڪي محققن ئي ڪيو آهي. ملڪي سطح تي قديم آثارن جي رڳو چند ماهرن جا ئي نالا ڳڻائي سگهجن ٿا. بهرحال اڄ ڏينهن تائين ان سلسلي ۾ جيڪو ۽ جيترو به ڪم ٿيو آهي، رڳو ان جي بنياد تي ئي اسين سنڌو ماٿر جي سڀيتا ۽ اتهاس تي نظر وجهنداسين ته هن خطي ۾ اهڙا ڪيئي قديم آثار نظر ايندا جن جي مٽيءَ مان هزارين سالن جي تاريخ جو هڳاءُ ملندو. هتي پهريان آءٌ سنڌ جي قديم ۽ ڦٽل شهرن، اهم ڪوٽن ۽ قلعن جو ذڪر ڪندس جنهن بعد سنڌو ماٿري جي عظمت جي گواهي ڏيندڙ نمايان دڙن ۽ ڀڙن بابت ڪجهه ڄاڻ مهيا ڪندس.

سنڌ جا قديم ڦٽل شهر ۽ اهم ڪوٽ ۽ قلعا:

        هتي آءٌ سنڌ جي انهن عظيم ۽ قديم شهرن توڙي ڪوٽن ۽ قلعن جو ذڪر ڪندس جن جو سنڌ جي تهذيبي تاريخ ۾ اهم حصو رهيو آهي، مختصر طور انهن جي قدامت ۽ اهميت تي پڻ روشني وجهڻ جي ڪوشش ڪندس. سنڌو ماٿري جي تهذيب جي پکيڙ جي حوالي سان محمد ادريس صديقي لکي ٿو ته ”سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب هڪ هزار ميلن کان وڌيڪ علائقي ۾ پکڙيل هئي، ان جي اثر جو دائرو بابلي تهذيب کان چوڻي ۽ مصري تهذيب کان ٻيڻي علائي تائين پکڙيل هيو ۽ جيئن جيئن باقياتي کوجنا اڳتي وڌندي رهي ٿي، تيئن تيئن ان جا پلاند پري کان پري تائين پهچندا رهن ٿا. ان وسيع علائقي ۾ هزارين بستيون آباد رهيون هونديون جن مان ڪيترين جا پار پتا لڌا ويا آهن. (6)

دنيا جو پهريون نقشو بطليموس تيار ڪيو، جنهن مان قديم سنڌ جي خبر پوي ٿي، ان نقشي جو ڪجهه حصو لنڊسي صاحب (Lindsay) ”تاريخ قديم جهاز راني ۽ واپار“ ۾ ڏيکاريو آهي. مٿين نقشي ۾ سنڌ ۾ فقط پٽالا بندرگاهه جو نالو ڏيکاريل آهي. مشهور ۽ خاص سنڌ ۽ گجرات جو نقشو ابن حوقل بغدادي سنه 343هه/ 943ع ۾ تيار ڪيو. مٿيون نقشو ايلٽ صاحب کي ائوڌ جي ڪتب خاني مان هٿ لڳو. سندس نقل علامه سيد سليمان ندوي پنهنجي ڪتاب ”عرب وهند ڪي تعلقات“ ۾ ڏنو آهي. مؤرخن جو مٿين نقشي متعلق چوڻ آهي ته گجرات ۽ سنڌ جو دنيا ۾ هي پهريون نقشو ليکجڻ ۾ اچي ٿو. پوئين نقشي مان سنڌ جي بندرگاهن مان اسان کي ڇهن جي آسانيءَ سان خبر پئجي سگهي ٿي، جي اتر کان ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ جي ڪپ تائين يا سنڌو نديءَ جي ڇوڙ تائين هيٺين نالن سان ڏيکاريل آهن: 1. الور 2. بلري 3. منصوره 4. امنجابري 5. نيرون 6. دابيل. (7)

الور (اروڙ):

        الور يا اروڙ سنڌ جي قديم ترين شهرن مان هڪ آهي. جيڪو روهڙيءَ کان ڇهن ميلن جي فاصلي تي واقع آهي. هن شهر جو وڏو حصو سنڌ جي ٻين قديم ۽ تاريخ کان اڳ وارن شهرن وانگر هن وقت مٽيءَ جو ڍير بڻيل آهي.

        ابن خردازبه سن 250هه ڪتاب ”المسالڪ و الممالڪ“ ۾ الور کي ”وور“ جي نالي سان ڏيکاري ٿو، ڪي ”الرور“ لکن ٿا. سنڌ جون حدون ان زماني ۾ قنڌار ۽ ڪشمير تائين هيون ۽ هي شهر سنڌ جي سلطنت جو مرڪز ۽ تخت گاهه هو. ابو الفدا الور بابت لکي ٿو ته هي وسيع شهر ملتان جيڏو هيو. (8)

        قديم زماني ۾ هي شهر هاڪڙو درياء جي ڪناري آباد هيو. درياء جي رخ تبديل ڪرڻ يا ڪن ٻين سببن جي ڪري هي شهر ويران ۽ برباد ٿيو. معلوم ٿئي ٿو ته  هي شهر سنڌ جي ٻين قديم ماڳن وانگر هڪ کان وڌيڪ ڀيرا برباديءَ جو شڪار ٿيو آهي. ڇو ته محقق هن شهر جي قدامت جي حوالي سان پيرو کڻندي پٿر واري زماني (Stone Age) تائين پهچن ٿا.

        آثار قديمه مان معلوم ٿئي ٿو ته اروڙ واري سرزمين پٿر واري دور کان آباد رهندي آئي آهي. درياء جي تري مان ۽ ٽڪرين مان پٿر جي دور جون شيون هٿ آيون آهن. نه فقط ايترو پر هتي جا رهاڪو هتي جي پٿرن مان ڪپ گهڙي ٻاهر موڪليندا هئا، ڇا ڪاڻ ته ان زماني ۾ وڍڻ جون شيون به مضبوط پٿر مان ٺاهيون وينديون هيون. آثار قديمه جي ماهر ليفٽيننٽ ٽيو ملو اندازو لڳايو آهي، ته هيءَ سرزمين پٿر واري دور ۾ به آباد هئي ۽ هتي هڪ وڏو وسندڙ شهر آباد هو. ٻي ماهر ڊاڪٽر بئفورڊ جو خيال آهي، ته هتان لڌل شيون هندستان ۾ ٻين هنڌن تان لڌل اهڙي قسم جي شين کان وڌيڪ خوبصورت آهن ۽ ميڪسيڪو جي قديم تهذيب سان مشابهت رکن ٿيون. (9)

        روهڙي شهر کان لڳ ڀڳ اڍائي ميلن جي فاصلي تي ”هڪڙا“ نالي قديم آباديءَ جا آثار پڻ موجود آهن. هڪڙا جيتوڻيڪ سنڌ جو هڪ قبيلو يا ذات به آهي، پر محققن ان نالي کي قديم درياءَ هاڪڙي سان منسوب ڪيو آهي. جيڪو ڪنهن زماني ۾ ان علائقي کي آباد ڪندو هو. 1955ع ۾ ڪئپٽن ڪيرڪلي هڪڙا جي قديم آثارن بابت لکيو آهي ”وڏو نارو واهه کوٽائيندي، وڏي ايراضيءَ ۾ پڪين سرن جا ڍڳ نظر آيا. ڏهن فوٽن جي کوٽائيءَ تي ڪيترن ئي گهرن جا بنياد ظاهر ٿيا. اهي بنياد پٿرن سان ٺهيل هئا، يا انهن ۾ سرون ۽ پٿر گڏ ڪتب آندل هئا. اهي بنياد اهڙي نموني جا هئا، جهڙا اروڙ ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. هتان ڪيتريون ئي شيون لڌيون ويون. جهڙوڪ ٺڪر جا ٿانو، پاڻي پيئڻ جا ڪپا، دلا، مٽ ۽ وڏي مقدار ۾ ٻارن جا رانديڪا. معلوم ٿئي ٿو ته هي شهر ٽڪريءَ تي اڏيل هيو.“ (10)

ڪوٽ ڏيجي:

        ڪوٽ ڏيجي خيرپور ميرس کان ڏکڻ طرف 20 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي قومي شاهراهه تي واقع آهي. هي سنڌ جي قديم آباد شهرن مان هڪ آهي، ڪوٽ ڏيجيءَ جون ٽڪريون ۽ دڙا اڄ به پنهنجي اندر ڪيئي قديم آثار ۽ اهڃاڻ رکن ٿا. هتان پٿر جي دور سان تعلق رکندڙ ڪيتريون ئي شيون جهڙوڪ وڍ ڪُٽَ ۽ شڪار جا اوزار، رانديڪي طور ٺاهيل ٺڪر جون بيل گاڏيون، عورتن جا هار، چوڙيون وغيره لڌيون ويون آهن. هي شهر قديم هاڪڙي درياءَ جي ڪپر تي آباد هيو ۽ ان وقت سنڌ جي اهم تهذيبي مرڪزن ۾ شمار ٿيندو هيو. ڪوٽ ڏيجي جي پهاڙن جي گود ۾ هزارين سالن جي تاريخ دفن آهي.

        اشتياق انصاري لکيو آهي ته ”ان پهاڙن جي دامن ۾ هڪ اهڙي وستيءَ جا آثار به هٿ آيا آهن، جيڪي ڪوٽ ڏيجيءَ جي قديم تهذيب کان به اڳ جا لڳن ٿا. اهڙيءَ طرح ڪوٽ ڏيجي جي آس پاس قدم قدم تي انساني ارتقائي دور جا نشان موجود آهن. سنڌ جي ان حصي کي تهذيب جو پينگهو به چئي سگهجي ٿو. ڪوٽ ڏيجي قلعي جي ڀرسان تاريخ کان پنج هزار سال پراڻا آثار 57-1955ع ۾ کوٽي هٿ ڪيا ويا آهن. هي کنڊرات ڊيگهه ۾ ڇهه سؤ فٽ ويڪر ۾ چار سؤ فٽ ۽ زمين کان چاليهه فٽ کن بلنديءَ تي آهن.(11)

        هن جڳهه تي آباديءَ جا 16 تهه ڏسڻ ۾ آيا آهن، جن مان آخري ٽي تهه خاص طور تي سنڌ جي تهذيب جي نمائندگي ڪن ٿا. چوٿون تهه گڏيل سڏيل آهي باقي هڪ تهه قديم ترين تمدن جي نشاندهي ڪري ٿو، جنهن کي خاص طور ڪوٽ ڏيجي تمدن جونالو ڏنو ويو آهي. 5730 سالن جي اڌ زندگي (Half life)  جي بنياد تي ڪوٽ ڏيجي جي هڪ پوءِ واري زماني جو تهه (مٿان کان نمبر 14) ڪاربن 14 جي طريقي سان قبل مسيح 1600+140 سال پراڻو مڃيو ويو آهي ۽ تهه نمبر 14 جي تاريخ قبل مسيح 2600+145 تعين ڪئي وئي آهي... ڪوٽ ڏيجي جو تمدن آس پاس ۾ هڙپه يا سنڌو ماٿري جي تمدن جي اچڻ کان ڪافي عرصو پوءِ تائين به وجود ۾ رهيو. (12)

        ڪوٽ ڏيجي  جي قديم کنڊرن جي سامهون قومي شاهراهه جي ٻئي پاسي هڪ عظيم الشان قلعو تعمير ٿيل آهي، جيڪو ٽالپرن جي دور جو يادگار آهي. ان قلعي کي ”ڪوٽ ڏيجي جو قلعو“ سڏيو وڃي ٿو.

سيوهڻ وارو قلعو (ڪافر قلعو):

        سيوهڻ ننڍي کنڊ جي پراڻن شهرن مان هڪ آهي. مختلف دورن ۾ ان هنڌ جا جدا جدا نالا رهيا آهن. ايرانين ان کي سيوستان ۽ سجستان، يونانين سندو ماتا ۽ سنڊيمانا، ٽالمي، پسڪا ۽ پيسيڊا، آرين شوستان ۽ شروستان، عربن سهبان، سندوسان، سيوي، سنڌوستان، يورپين سيوان، ميهواڻ ۽ سيوهڻ سڏيو آهي. سيوهڻ لاءِ پڪي طرح چئي سگهجي ٿو ته ويدن جي زماني کان به اڳ آباد رهندو آيو آهي. (13)

        سيوهڻ شهر جي اتر طرف پنهنجي شاندار ماضيءَ جي ڪهاڻي ٻڌائيندڙ قلعو نظر اچي ٿو، جنهن کي مقامي ماڻهو ڪافر قلعو پڻ ڪوٺيندا آهن. اهو قلعو هن وقت نهايت زبون حالت ۾ هڪ دڙي جي روپ ۾ موجود آهي. مرزا قليچ بيگ لکيو آهي ”جڏهن سڪندر بادشاهه پنجاب ۽ سنڌ ۾ آيو هو تڏهن سنديمانا شهر، جنهن جو بادشاهه سامبس نالي هو، سو سندس پيش وڃي پيو. ڀائنجي ٿو ته اهو شهر سيوهڻ جو هو ۽ سامبس ڪو سمو بادشاهه هو. اهو قلعو به انهن ڏينهن جو آهي جو انهيءَ کي ڪافر قلعو سڏيندا آهن، جو عربن جي فتح کان اڳي جو آهي. (14)

برهمڻ آباد:

        برهمڻ آباد سنڌ جو قديم ڦٽل شهر آهي، جنهن جا کنڊر اڄ به هزارن سالن ۽ ڪيئي صدين جي تاريخ بيان ڪن ٿا. برهمڻ آباد سنڌو درياهه جي اوڀر ڪناري شهدادپور ريلوي اسٽيشن کان 8 ميلن جي پنڌ تي ۽ حيدرآباد کان 43 ميلن جي فاصلي تي اتر اوڀر پاسي واقع آهي.

        هي شهر، جو ڀانڀرا لکڻ ۾ ٿو اچي، سو شايد ٻانڀڻاه آهي، يعني ٻانڀڻن جو شهر يا برهمڻ آباد، جو قديم نالو هيس. ڪن جو چوڻ آهي ته اصل ان جو نالو بهمن آباد يا بهمينه هو نه برهمن آباد، جو بهمن اسفنديار جو ٻڌايل هو ۽ عيسوي سن کان اٽڪل پنج سؤ ورهيه اڳي هو. اهو شهر سنڌو نديءَ يا هاڪڙي درياء جي ڪنڌيءَ تي هو. عربن جي ڏينهن ۾ انهيءَ قديم شهر جي جاءِ تي منصوره شهر ٻڌايو ويو، جو ملتان کان به زياده آباد ۽ وڏو هو. محمود غزنويءَ جي ڪاهن کان پوءِ اهو منصوره شهر به گم ٿي ويو. ليڪن اڪثر چوڻ ۾ ائين ٿو اچي ته جڏهن هندو راجائن جي ڏينهن ۾ الور گاديءَ جو هنڌ هو، تڏهن برهمڻ آباد وڏو وسندڙ ۽ قلعي وارو شهر هو، جو عربن جي هٿن ۾ اچڻ کان پوءِ ويران ٿي ويو.(15)

        سنڌ جو هي قديم ماڳ هن وقت ان حد تائين ڦٽي چڪو آهي جو هاڻي اهو ڪنهن دڙي جو ڏيک ڏئي ٿو، هن شهر جي کنڊرن مان ڪيئي شيون لڌيون ويون آهن جهڙوڪ ٺڪر جا کينهو، ٻاراڻا رانديڪا، شيشي ۽ پٿر جا مڻيا، شيشي جي ٿانون جا ٽڪرا، ٽامي جا سڪا، ڀڳل مورتيون وغيره.

        هن ڦٽي (برهمڻ آباد) جي اونهي کوٽائيءَ اها ڳالهه ظاهر ڪئي آهي ته، هن پراڻي شهر کي آباد ڪرڻ جا گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڌار ڌار دور آهن. مٿين تهه جي ڀتين جا بنياد، ننڍي تختيءَ وارين سرن سان جوڙيل آهن، جن کي مسلمان سر جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. ڪٿي وري ٻنهي کي گڏائي ڪم آندو ويو آهي. پر هندو سر جو في سيڪڙو استعمال تمام ٿورو رکيو ويو آهي، جنهن جو عرب حملي کان اڳ ۾ عام رواج هو. (16)

نيرون ڪوٽ:

        نيرون ڪوٽ حيدرآباد جو اوائلي نالو آهي. هي سنڌ جي قديم ماڳن ۾ شمار ٿئي ٿو. هي دراصل سنڌ جو هڪ قديم بندر رهيو آهي، جنهن کي پٽالا جي نالي سان پڻ سڏيو ويندو هو. مولائي شيدائي لکيو آهي ته ”سن 327 ق.م ۾ جڏهن اسڪندر مقدوني سنڌ تي ڪاهه ڪئي، تڏهن پٽالو موجود هو. هتي جي راجا موڪوسيس اسڪندر جي آڻ مڃي. اسڪندر هن بندرگاهه کي پنهنجو بحري مرڪز جوڙي پنهنجي سردار نيرڪوس کي جهازن جو دستو ڏيئي عربي سمنڊ رستي ايراني نار ڏانهن ڏياري موڪليائين. اسڪندر کانپوءِ مصر تي بطليموس خاندان وارن حڪومت ڪئي، تن جا جهاز هن بندرگاهه جي وسيلي هندستان سان واپار ڪندا هئا. شراب، شيشي جو سامان، ڌاتو ڏيئي هتان سوٽي، ريشمي ڪپڙو ۽ مسالا خريد ڪندا هئا.“ (17) شيدائي صاحب وڌيڪ لکي ٿو ته ”علامه شمس الدين محمد بن محمود شهروزي ڪتاب ”نزهته الارواح و روضة الافراح في تاريخ الحڪماءَ المتقدمين والمتاخرين“ ۾ نيرون کي ”بيرون مدينته بالسند“ ڏيکاريو آهي. مورخ ۽ جاگرافي نويس ابو الفدا سنڌ جي هن بندرگاهه کي ”بيرون“ سڏيو آهي. علامه بلاذري مشهور ڪتاب ”فتوح البلدان“ ۾ نيرون کي ”بالنون“ سڏي ٿو. لکي ٿو ته هي شهر سنڌو نديءَ جي اولهندي ڪناري ديبل ۽ منصوره جي وچ ۾ آهي. ڪپتان ميڪمروڊ ۽ سر چارلس ايليٽ ڪافي تحقيقات سان بيان ڪن ٿا ته هن شهر جو نالو بيرون هو، جنهن  کي غلطيءَ سان عربي جاگرافيدانن بالنون نالي ڏيکاريو آهي. اڳتي هلي ايليٽ لکي ٿو ته هن شهر جي جاءِ وقوع ان سڙڪ تي آهي جا ٺٽي کان حيدرآباد ڏانهن وڃي ٿي. ابن حوقل جي نقشي تي جيڪڏهن غور ڪبو ته هي شهر اسان کي ديبل ۽ منصوره جي وچ ۾ نظر اچي ٿو.“ (18)

        نيرون ڪوٽ جي باري ۾ مرزا قليچ بيگ جي راءِ ڪجهه هن ريت آهي ”اصل هندو راجائن جي راڄ ۾ نيرون شمني نالي اُتي حاڪم رهندو هو ۽ اتي به هڪڙو ڪوٽ هوندو هو، جيئن ڪن ٻين وڏن شهرن ۾ ڪافر قلعا هوندا هئا. جڏهن محمد بن قاسم آيو، تڏهن هنن قلعي جا در کولي هن کي ڏنا ۽ معافي ملين. نيرون ڪوٽ درياءَ جي ڪناري تي هو، پر درياء ان جي اڀرندي کان وهندو هو.“ (19)

ديبل:

        ديبل، جنهن کي ديول، دابل ۽ ٻين نالن سان سڏيو ويو آهي، سنڌ جي قديم بندرگاهن مان هڪ هيو. فرانسيسي محقق موسيو سيديو لکيو آهي ته ”عرب ۾ کنڀات ۽ سنڌ ۾ ديبل ٻه مکيه بندر هئا.“ هي اهو ئي ڦٽل بندر آهي جنهن کي يوناني جاگرافيدان ٽالمي باربري ۽ پيرپلس جي لکندڙن باربريڪان ڪري لکيو آهي. ڪراچيءَ کان سمنڊ رستي چاليهه ميل ۽ خشڪيءَ رستي 35 ميل اوڀر ۾ قومي شاهراهه کان ٽي ميل پري ٺٽي ضلعي جي گهارو کاري جي ساڄي ڪپ تي هي کنڊر موجود آهن. ديبل جي برباديءَ کانپوءِ ساڳي جاءِ تي سنڌ جو تاريخي شهر ڀنڀور اڏيو ويو. جنهن کي سسئيءَ جو شهر چيو وڃي ٿو. شاهه لطيف جي ڪلام ۾ سسئي پنهون وارن سرن ۾ هن شهر جو ڪافي ذڪر آيل آهي. گهڻن محققن کي ان راءِ تي اعتراض آهي ته ڀنڀور ئي اصل قديم بندرگاهه آهي، پر تازي کوجنا ۽ تحقيق مان اهو ثابت ٿي ويو آهي ته ڀنڀور ئي اهو قديم بندرگاهه آهي، جيڪو اسلامي دور کان اڳ ۾ موجود هو.

        ديبل جي جاءِ وقوع واري بحث کي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ”ڀنڀور نيشنل سيمينار 1983“ جي موقعي تي ڪيل تقرير ۾ ڏاڍي سهڻي نموني سلجهايو آهي، فرمائي ٿو ”هن کان اڳ ديبل تي لکڻ وارا آثار قديمه جا ماهر ٻاهريان صاحب هئا، جن کي مقامي حالتن جي پوري سڌ ڪانه هئي... انهن ۾ اليٽ (Elliot)، هيگ (Haig)، ڪرو (Crow) ۽ ڪزنس (Cousens) شامل آهن، جن مان ڪنهن چيو ته ڪراچي ديبل آهي ته ڪنهن واگهوڏر ديبل بنايو. ڪنهن چيو ته ساڪرو جي ڀرسان آهي، ته هيگ چيو ته ٺٽي جي ديهه ڪاڪڙ بڪيرا ۾ ديبل واقع آهي! پر اهي سڀ گماني ڳالهيون هيون. انهن صاحبن جي نظر آڳاٽن مستند عربي ماخذن ۽ تاريخن تي نه هئي، جنهن ڪري هو پوري تحقيقي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ کان قاصر رهيا..... سمنڊ جي ڪناري/کاڙي تي هيءُ ڀنڀور وارو ئي هڪ ماڳ آهي جيڪو آڳاٽو آهي.... ڪزنس جيڪو آثار قديمه جو سرڪردو هو، تنهن ڀنڀور جي شاهي کنڊرن کي هڪ ننڍڙو ۽ رواجي ماڳ چئي نظر انداز ڪري ڇڏيو! بحرحال هن وقت پاڪستان جي آثار قديمه جي کاتي جي ڪيل تحقيق جي بنياد تي اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته هي ماڳ (ڀنڀور) اهو ئي تاريخي شهر ديبل آهي... آءٌ به ان نتيجي تي پهتو آهيان ته هن ماڳ (ڀنڀور) کان سواءِ ٻيو ڪو به ماڳ ”ديبل“ نه ٿو ٿي سگهي.“ (20)

        ڀنڀور جي کوٽائيءَ بعد مليل قديم آثارن جي قدامت ۽ تاريخ تي روشني وجهندي ڊاڪٽر ايف-اي خان لکيو آهي ”وڏي پيماني تي ٿيل ڀنڀور جي کوٽائيءَ مان قلعي واري بندر-شهر جا چٽا اهڃاڻ مليا آهن، جنهن مان چئن مختلف تهذيبن جا آثارِ قديمه، هنر، فن ۽ ٻيون متفرق شيون مليون آهن. قلعي جي کوٽائي جي نتيجي ۾ مختلف دور تاريخي (Chronological) ترتيب سان مليا آهن. جيڪي مسلمان اميه ۽ عباسي دور، هندو-ساساني دور ۽ سٿين پارٿين دور تي مشتمل آهن، ۽ تيرهين صدي عيسوي کان ٻي صدي قبل مسيح تائين ڦهليل آهن. (21)

سنڌ ۾ ٻڌ اسٽوپا ۽ قديم دڙا:

        سنڌ اندر قديم زماني ۾ ٻڌ ڌرم جو راڄ رهيو آهي، جن جا اثر ۽ اهڃاڻ اڄ به سنڌ ۾ مختلف ماڳن تي ٻڌ اسٽوپا يا ٻڌڪن دڙن جي روپ ۾ موجود آهن. اهڙن دڙن يا اسٽوپا مان موهن جي دڙي تي ٺهيل اسٽوپا قدري وڌيڪ اهميت وارو آهي. موهن جو دڙو اهو ماڳ آهي جتان سنڌ ۾ قديم ۽ عظيم تهذيب جو سورج طلوع ٿئي ٿو. ان اسٽوپا جي تعمير ٻي صدي عيسوي ۾ ٻڌائي وڃي ٿي. جڏهن ته سنڌ اندر ٻڌ دور جا ڪي اهڙا اسٽوپا پڻ ملن ٿا، جن جو تعلق پهرين صدي عيسوي يا ان کان به گهڻو اڳ سان آهي. سنڌ تي ٻڌ ڌرم جو راڄ ڪئي صدين تائين رهيو، جنهن جو آغاز عيسوي صدي کان سوين سال اڳ نظر اچي ٿو. گوتم ٻڌ جي زماني کان مشهور راجا اشوڪ، جيڪو لڳ ڀڳ اڍائي سو سال ق.م گوتم ٻڌ جو پوئلڳ هيو، ان تائين سنڌ اندر ٻڌ ڌرم ڇانئيل رهيو، جنهن بعد ان جا اثرات مختلف دڙن (اسٽوپا) ۽ ٺلن جي روپ ۾ ستين صدي عيسوي تائين به نظر اچن ٿا.

        تاريخي لحاظ کان سنڌ پرڳڻي تي عيسوي سن کان اٽڪل ٻه هزار ورهيه اڳ ڌارين حملا ڪيا هئا. جنهن جو اثر سنڌ تي تمام گهڻو پيو هو. انهن ڌارين جا حملا مذهبي روپ ۾ هئا، جن جي مذهب ۽ راڄ نيتي ڳالهين جو اثر سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن تي تمام گهڻو پيو. ان مان سڀ کان وڌيڪ ’جين ڌرم‘ ۽ ’ٻڌ ڌرم‘ جو لاڳاپو ۽ واسطو سنڌ سان ڪافي رهيو هو. تاريخ جي عالمن جو رايو آهي ته عيسوي سن کان 467 يا 477 کان اڳ جين ڌرم جو پايو وجهندڙ ’آچاريه مهاوير‘ هندستان جي بهار صوبي جي وئشالي نالي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو.... ڊاڪٽر سمٿ جو قول آهي ته مهاوير 527 ق.م وفات ڪئي، مگر دوارڪا پرشاد شرما جو چوڻ آهي ته مهاوير 900 ق.م کان اڳ ٿي گذريو آهي. سندس نئون پنٿ ’جين‘ اڪثر گهڻي تعداد ۾ گجرات، راجپوتانا ۽ بهار جي علائقن ۾ ڦهليو ۽ سنڌ ۾ به ان جو ڪافي اثر رهيو. انهي ساڳي دور ۾ ”ٻڌ ڌرم“ ڪن ٿورن سالن جي وڇوٽيءَ سان وجود ۾ آيو. گوتم ٻڌ ان مذهب جو باني هيو.... چندر گپت جي دور ۾ ”مئگسٿينز“ سياح جو چوڻ آهي ته گوتم ٻڌ سنڌ ۾ به آيو هو ۽ هتي ٻڌ ڌرم جي زور شور سان پرچار ڪئي هئائين. (22)

        ستين صدي عيسوي ۾، هن ستيانگ ٻڌائي ٿو ته سنڌ ۾ ست سو ’سنگهارام‘ آهن، جن ۾ ڏهه هزار شمني رهن ٿا ۽ ننڍي چڪر جو پاٺ ڪن ٿا. هو وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته جڏهن ’ٽاٿا گاتا‘ (گوتم ٻڌ) زنده هو، ته هن ملڪ ۾ عام جام پيو ايندو هو، ۽ جتي جتي اشوڪا، هن مقدس انسان جي اچڻ جا نشان ڏٺا ته هن اتي اسٽوپا تعمير ڪرڻ جو حڪم ڏنو. اهڙي ريت سنڌ ۾ سوين اسٽوپا بڻجي ويا. (22)

        گوتم ٻڌ جي مرڻ کان پوءِ ان مذهب جو پرچارڪ (’نٿ گت‘) سنڌ ۾ آيو هو ۽ سنڌ جي ڪيترن ئي اهم ۽ مرڪزي شهرن ۾ ٻڌ ڌرم جون مڙهيون، مندر ۽ ٺل قائم ڪيا هئائين.... 900 ق.م سنڌ ’ادين‘ نالي هڪ چڪرورتي راجا ٻڌ ڌرم اختيار ڪيو هو. چون ٿا ته هي پاڻ جين ڌرم جي باني مهاوير جو ڀاڻيجو هو. هن جي راڄ ڌاني ’وتڀيا پتن‘ هو، جو سنڌو درياهه جي ڪناري تي هو. سوامي دوارڪا پرشاد شرما جو قول آهي ته ”شايد اهو ” موهن جي دڙي“ وارو ملڪ هجي.“ مگر سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ ’ٻُڌ ڌرم‘ جو زور راجا اشوڪ جي دور ۾ ٿيو. راجا اشوڪ گوتم ٻڌ جون هاٺيون سنڌ ڏانهن ڏياري موڪليون هيون، جن جي مٿان وڏا شاهي مندر، ٺل ۽ مڙهيون قائم ڪيون ويون. (24)

        هتي آءٌ سنڌ جي اهڙن اسٽوپا ۽ ٻين ڦٽل دڙن ۽ ڀڙن جو ذڪر ڪندس جن کي سنڌ جي قديم آثارن ۽ تهذيبي تاريخ جي حوالي سان وڏي اهميت حاصل آهي. ذڪر هيٺ ايندڙ قديم دڙن مان ڪافي اهڙا آهن جيڪي دراصل سنڌ جا قديم ۽ وسندڙ شهر هئا، جيڪي وقت جي طوفان سان مليا ميٽ ٿي هاڻي مٽيءَ جي ڍير جي صورت ۾ نظر اچن ٿا.

چانهون جو دڙو:

موهن جي دڙي کان ڏکڻ جي پاسي لڳ ڀڳ 80 ميلن جي فاصلي تي چانهون جو دڙو نظر اچي ٿو. جيڪو سڪرنڊ جي قريب ڳوٺ جمال ڪيريو لڳ واقع آهي. هتي ڦٽل آثارن مان ٽي دڙا واضح نظر اچن ٿا. انهن دڙن کي چانهونءَ جا دڙا ڪوٺيو وڃي ٿو. مٿن اهو نالو ڪئين پيو تنهن لاءِ مقامي ماڻهن جا مفروضا پنهنجي جاءِ تي، پر ڪا اطمينان جوڳي وضاحت يا حقيقت سامهون نه آئي آهي. سنڌ جي ٻين قديم ۽ ڦٽل شهرن وانگر هي شهر پڻ سنڌوءَ جي ڪپ تي آباد هيو. محققن جو خيال آهي ته چانهونءَ جا ٽئي دڙا پهريان گڏيل هئا، جيڪي وقت بوقت ٻوڏن اچڻ ڪري جدا جدا ٿي ٽن دڙن جو روپ وٺي بيٺا.

چانهونءَ جو دڙو سنڌ جي قديم دڙن مان هڪ آهي، هن دڙي کي موهن جي دڙي ۽ هڙپا جيترو قديم ڄاڻايو ويو آهي. 1931 ۽ 36-1935 ڌاري هن دڙي جي مرحليوار کوٽائين کان پوءِ هتان ڪيئي اهڙيون شيون هٿ آيون، جيڪي ان جي قدامت کي ظاهر ڪن ٿيون. هن دڙي جي عمر موهن جي دڙي ۽ ان جي بربادي کان بعد واري دور تائين ٻڌائي وڃي ٿي.

هتان(چانهونءَ جو دڙو) جو خاص دڙو ٺل نمبر 2 آهي. هن ۾ سنڌو تهذيب جي دور جا ٽي جدا جدا تهه موجود آهن، جن مان پتو پوي ٿو ته هيءَ بستي گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڀيرا ٻوڏ هيٺ اچي تباهه ٿي ۽ ٻه ڀيرا وري آباد ڪئي وئي، ان دور کانپوءَ ڪجهه عرصو پوءِ هي بستي غير آباد رهي، ۽ پوءِ وري ان کي ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ مٽيءَ جي ڪچين سرن جو ٿلهو ٺاهي ٿورو مٿي ڪيو ويو، ۽ پوءِ ان ٿهلي مٿان گهر ٻڌا ويا. کوٽائي ڪيل حصي جون عمارتون 25 فوٽ ويڪري سڙڪ تي آهن....هتان ڪُٽِ، ٽامي، سپيءَ ۽ عاج جو سامان ٺاهڻ جون شيون به گهڻي تعداد ۾ لڌيون آهن. هتان ٽامي جا اوزار ۽ غير مڪمل ڌاتوءَ جا پگهاريل ٽڪرا به تمام گهڻا لڌا آهن. ٻي ٺل جي مٿين تهه تي هڪ اهڙي دور جون باقيات مليون آهن، جي سنڌ جي جهڪر جي دڙي واري تهذيب سان مشابهت رکڻ ٿيون ..... باقياتي شهادتن مان هي اندازو ٿئي ٿو ته هي ماڻهو سنڌو تهذيب جي پوئين دور (Post Urban phase) ۾ هتي اچي آباد ٿيا.(25)

ڪاهوءَ جو دڙو:

ڪاهوءَ جو دڙو ميرپورخاص شهر جي قريب واقع آهي. هي دڙو پنهنجي کنڊرن اندر هڪ وسندڙ ۽ آباد شهر جي ڪهاڻي رکي ٿو. آثار قديمه جي ماهرن مطابق هي هڪ قديم ٻڌ اسٽوپا آهي. 1910ع ۾ هينري ڪزنس هن دڙي جي کوٽائي شروع ڪئي ۽ منجهس ڪيئي اهم شيون دريافت ڪيون، جن مان سڀ کان اهم مهاتما گوتم ٻڌ جون ڪيئي مورتيون ۽ مٽيءَ جي سرن/ ڦرهين تي چٽيل تصوريرون شامل آهن. ان کان علاوه هتان ڪافي تعداد ۾ ٽامي جا سڪا پڻ لڌا ويا آهن. ڪزنس کان پوءِ هن دڙي جي باقي کوٽائي ڀنڊارڪر ڪرائي جنهن کي خاص طور ”ٻُڌ ستاوا“ جو وڏو بيٺل بت مليو جيڪو چيرولي جو ٺهيل هو ۽ مٿس سون جو پَٽُ چڙهيل هو.

ڪاهوءَ جي دڙي جي قدامت جو هن وقت تائين صحيح اندازو نه لڳايو ويو آهي پر ڪجهه محققن ان دڙي کي 400 عيسوي کان پوءِ جو ڄاڻايو آهي. ان سلسلي ۾ هينري ڪزنس جي راءِ آهي ته ”هر شيءِ کي ڌيان ۾ رکندي، مون کي سمجهه ۾ ڪونه ٿو اچي ته هن ميرپورخاص واري اسٽوپا (ڪاهوءَ جو دڙو) کي 400 عيسويءَ کانپوءِ واري دور سان ڪيئن ڳنڍجي؟ ممڪن اهو آهي ته هن اسٽوپا جي اڏاوت ڪنهن اڳين پراڻي اسٽوپا جي بنياد تي ٿي آهي، جنهن کي اشوڪا تعمير ڪرائڻ جو حڪم ڪيو هو، جنهن ۾ خود مهاتما ٻڌ جا تبرڪ رکيل هئا. ٻيا تبرڪ جهڙوڪ چمچيءَ برابر رک جيڪا دوباره تعمير وقت ان سان گڏ رکي وئي هئي، پر اهي سڀ انومان ۽ اندازا آهن. اها به هڪ حقيقت آهي ته هن اسٽوپا جي چؤڦير مڙهيون هيون، جن جا اڄ کنڊر موجود آهن. اهي کڏون جن مان سرون بڻائي ڀتين لاءِ ڪڍيون ويون آهن، سي گنڌارا جي مڙهين جي نقشن جي ياد ڏيارن ٿيون.“ (26)

سڌيرڻ جو ڀڙو/ٺل:

هي ڀڙو لاڙ ۾ نوراني ريلوي اسٽيشن ۽ گاجيا واهه جي قريب آهي. هن ٺل کي ٻُڌ ڌرم جي اسٽوپائن سان منسوب ڪيو وڃي ٿو. پري کان هي هڪ مٽيءَ جي دڙي وانگر ئي نظر اچي ٿو، جنهن جي وچ تي مٽيءَ جي سرن ۽ گاري سان اسٽوپا ٺهيل آهي.

هن دڙي جي نالي پٺيان هڪ عجيب ڏند ڪٿا ٻڌائي وڃي ٿي ڪزنس مطابق ”چيو وڃي ٿو ته نيرو نالي هڪ هندو راجا هو، جيڪو حيدرآباد تي راڄ ڪندو هو. ان ڪري سندس نالو نيرون ڪوٽ آهي. هتي عوام ۾ مشهور هڪ ڏند ڪٿائي عشقيه ڪهاڻي هيئن آهي ته: سڌيرڻ نالي بادشاهه جو هڪ ڀائٽيو هو، جيڪو بادشاهه جي راڻيءَ سان محبت ڪندو هو. جڏهن اها ڳالهه پڌري ٿي پئي ته شهزادي سڌيرڻ محلات ڇڏي ڀڄي اچي هن جڳهه ۾ پناهه ورتي. پوءِ زمين جو دڙو ان مٿان وري ويو ۽ سڌيرڻ جو دڙو مشهور ٿي ويو. وقت گذرڻ کان پوءِ ماڻهن جو عام زيارت گاهه بڻجي ويو. راڻي جنهن کان اهو گناهه ٿيو هو، سا به ان دڙي جي ڀرسان هڪ ننڍڙي دڙي ۾ دفن ڪئي وئي. هن دڙي جي حيثيت جيروشلم جي ڀرسان ابوشلم جي ٺلهه وانگر هئي، جنهن کي زيارتي روزانو ڀترن ۽ پٿرن سان چٽيندا هئا. سچيءَ ڳالهه جي ثابتي اهو دڙو آهي. (27)

سڌيرڻ جي دڙي جي کوٽائي بعد منجهائس گوتم ٻڌ جون مورتيون پڻ لڌيون ويون. ان کان علاوه ڊاگوبا پڻ هٿ آيو، جيڪو زمين جي اندرين تهه ۾ هڪ ننڍڙي قبر جي صورت ۾ هيو. ڊاگوبا کي کوٽڻ سان منجهائس ڪاٺ جو ٻورو هٿ آيو. ڪزنس جي خيال ۾ ”ممڪن آهي ته گوتم ٻڌ جون هاٺيون ان ڊاگوبا جي تري ۾ رکيون ويون هجن.“ ڊاڪٽر غلام علي الانا آثارِ قديمه جي ماهرن جا حوالا ڏيندي لکيو آهي ته ”جهونا ڳڙهه جي بوريا اسٽوپا مان گوتم ٻڌ جون هاٺيون ساڳي حالت ۾ لڌيون ويون هيون، جهڙي حالت ۾ سڌيرڻ جي ٺل مان لڌيون ويون هيون. انهي ڪري هي ٺل راجا ڪنشڪ جي زماني جو ئي ٿي سگهي ٿو، ۽ هن جي تعمير پهرين صدي عيسوي ۾ ئي ٿي هوندي.“ (28)

مير رڪڻ جو ٺل/دڙو:

هي قديم دڙو نوابشاهه ويجهو سنڌو درياء جي هڪ پراڻي وهڪري جي الهندي ڪناري ريلوي اسٽيشن ٻانڌي کان اولهه ڏکڻ طرف 22 ڪلو ميٽر ۽ دولت پور کان ڏکڻ اوڀر پاسي تقريباً 14 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آهي. هي دڙو اٺن ايڪڙن ۾ پکڙيل آهي. ڪزنس مطابق ’سنڌ ۾ هي اڪيلو ئي اسٽوپا آهي، جنهن کي ڪنهن حد تائين پورو چئي سگهجي ٿو.‘ محققن جو چوڻ آهي ته هي هڪ ٻوڌي اسٽوپا آهي.

مير رڪڻ جي ٺل جي نالي جي حوالي سان مقامي ماڻهن وٽ مختلف ڏند ڪٿائون مشهور آهن. لڳي ٿو ته هن ماڳ جو اصل نالو ڪو ٻيو هوندو، جنهن کان گهڻو گهڻو پوءِ ان تي اهو نالو پيو هوندو. جيئن ڪزنس چيو آهي ته ’ان جو نالو مسلمانڪو ٿو لڳي.‘ هن پنهنجي ڪتاب “The Antiquities of Sind” ۾ مسٽر گبس جو حوالو ڏيندي لکيو آهي ته ”اهي کنڊر پري کان پُرڪشش ۽ من موهيندڙ آهن...(هي ٺل) اٽڪل 60 فوٽ کن اوچو آهي. هن جي ٻاهرين تعمير اعليٰ قسم جي پڪين سرن سان ٿيل آهي.“ (29) هن ٺل ۾ جيڪي سرون ڪتب آنديون ويون آهن تن تي خوبصورت نقش ونگار ۽ اُڪر جو نفيس ڪم ٿيل آهي.

ستڪاجن جو دڙو:

هي دڙو ڪراچي کان ٽي سؤ ميلن جي فاصلي تي اولهه طرف عربي سمنڊ جي پتڻ کان لڳ ڀڳ 25 ميل اتر طرف واقع آهي. کوٽائي بعد هتان قديم دور جا ڪيئي آثار پڌرا ٿيا. جن مان اوائلي دور جون انيڪ ٺڪريون، ٿانو، پٿر جا چاقو، پٿر مان ٺهيل تير جو منهن، ٽامي جي ٺپيل ڪارائيءَ نموني واري ڪهاڙي ۽ مٽيءَ مان ٺهيل ٻيون شيون جهڙوڪ چٽساليءَ وارا ۽ سوراخدار ٿانو به مليا آهن. ان قسم جا سوراخدار ٿانو هڙاپا مان به لڌا ويا آهن، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هي درو ساڳي تهذيب سان لاڳاپو رکي ٿو.

بدين ضلعي ۾ قديم دڙا:

لاڙ سنڌ جو انتهائي زرخيز خطو آهي، جتي آثار  قديمه جي حوالي سان وڏو ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. محمد سومار شيخ لاڙ کي دڙن جي دنيا سڏيو آهي. بدين لاڙ جو مرڪزي ۽ اهم ضلعو آهي، هن ضلعي جي پس گردائي ۾ جيترا دڙا ۽ ڀڙا آهن اوترا شايد ئي سنڌ جي ڪنهن ٻي ضلعي ۾ نظر اچن. اهڙن ڦٽل دڙن جو انگ 100 جي قريب آهي، پر افسوس جو اهي ماڳ آثار قديمه جي ماهرن جي توجهه جو مرڪز نه رهيا آهن، هيٺ ايندڙ دڙن مان يقينن ڪي اهڙا به آهن جن جو تعلق موهن جي دڙي ۽ هڙپا جي تهذيبن سان جوڙي سگهجي ٿو، اهڙي شاهديءَ لاءِ انهن دڙن مان لڌل ٺڪر جا ٿانو ۽ سون چاندي ۽ ٽامي جا سڪا، مختلف قسم جون مهرون، بت ۽ اهڙيون ٻيون شيون ڪافي آهن.

بدين ضلعي اندر مختلف قسم جا دڙا نظر اچن ٿا، جن مان ڪجهه زمين ۾ غرق ٿيل آهن ته ڪي وري الڳ الڳ ماپ ۾ زمين کان ٻاهر ظاهر آهن. محمد سومار شيخ پنهنجي ڪتاب ”بدين ضلعي جي ثقافتي تاريخ“ ۾ مذڪوره دڙن جو مختصر ذڪر ڪيو آهي، جنهن تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ذڪر هيٺ ايندڙ دڙن مان اڪثر تي ڪنهن بزرگ يا اوليا جي تڪيي سبب سندس نسبت سان نالو رکيو ويو آهي يا وري ڪنهن مقامي ذات يا ڀرپاسي جي ڳوٺ جي حوالي سان مٿن اهڙا نالا پيا آهن.

اهي دڙا جيڪي زمين دوز آهن تن ۾ آهيرن جو دڙو، ناٿ فقير جو دڙو وغيره اچي وڃن ٿا. 3 فوٽ مٿي نظر ايندڙ دڙن ۾ ستين جو دڙو، درس ٻاگهل جو دڙو، سهڻيءَ جو دڙو، راهوءَ جو دڙو، ڪانگڻيءَ جو دڙو، وڄڻو دڙو، رتو ڀڙو، وغيره. 4 فوٽ مٿي نظر ايندڙ دڙن ۾ تاجن جو دڙو، جياٺ، ڦاڙهن نوتيارن جو دڙو، شاهه ڌراهه ۽ کڏ. 5 فوٽن کان مٿي وارن دڙن ۾ شهاب الدين جو دڙو، اوٺن جو دڙو، هبيءَ جو دڙو، ڪوڪل جو دڙو، مرکان جو دڙو وغيره. جيڪي دڙا زمين کان 8 فوٽ مٿي آهن تن ۾ ڀٽونءَ جو دڙو، توت جو دڙو، ساميءَ جو دڙو، شيخ پير قرهيو ڀنڊاري، اوڍ جو دڙو، ککرن جو دڙو وغيره. 10 فوٽ مٿي نظر ايندڙ دڙن ۾ ڀلو خاصخيليءَ جو دڙو، پني جو دڙو، آرڻيءَ جو دڙو، آڏت جو دڙو، رڙيءَ جو دڙو وغيره. جيڪي دڙا 12 فوٽ اوچا آهن تن ۾ ڪاٺ ٻانڀڻ، نم جو دڙو، مانجهيءَ جو دڙو، ٺري وغيره. زمين کان 15 فوٽن جي اوچائيءَ وارن دڙن ۾ دلن جو دڙو، بديڻ، ٿڌي ماڃاڻيءَ جو دڙو ۽ لنجاريءَ جو دڙو شامل آهن. جڏهن ته بدين ضلعي ۾ ڪجهه اهڙا دڙا به آهن، جن جي اوچائي 20 کان 25 فوٽ تائين به آهي. انهن دڙن کي بدين ضلعي جي وڏن ۽ اهم دڙن ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو. اهڙن دڙن ۾ مالهين جو دڙو، روپا ماڙي، اگهاماڻو، ٺري، لڊاڻو ۽ ٻيا ڳڻي سگهجن ٿا. بدين جي مذڪوره دڙن جي آثار قديمه جي حوالي سان وڏي اهميت آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انهن قديم کنڊرن جي کوٽائي ڪرائي منجهن لڪل ڳجهه ظاهر ڪيا وڃن.

بهم جو ڀڙو:

هي ڀڙو ضلعي نوابشاهه جي شهر ٻانڌي جي ڏکڻ ۾ ٻن ميلن جي فاصلي تي مين ريلوي لائين ۽ امر جي واهه جي درميان واقع آهي. بهم جو ڀڙو جنهن کي مقامي ماڻهو ڀڙو ڀنگو، ڀڙو بهم ۽ ڳاڙهي ڀڙي به چوندا آهن، تنهنجي ڪل ايراضي 24 ايڪڙ ٻڌائي وڃي ٿي، پر هن ماڳ جا آثار اتر اولهه پاسي وڌيڪ چئن ايڪڙن جي ايراضيءَ ۾ پکڙيل آهن. روينيو رڪارڊ مطابق هن ڀڙي جي ايراضي 40 ايڪڙ ٻڌائي وڃي ٿي.

ڊِاڪٽر قريشي حامد علي خانائي مطابق ’ڀڙو بهم‘ جو مطلب آهي ’غير معروف دڙو‘..... بهم جي ڀڙي مان اهي آثار ۽ شيون ملن ٿيون، جي موهن جي دڙي ۽ چانهونءَ جي دڙي ۽ سنڌ جي ٻين ڪيترن پراڻن برباد ٿيل شهرن مان هٿ آيون آهن. چٽسالي ٿيل ٺڪر جا ٿانو، چوڙا، سڪا ۽ ٻيون اهڙيون شيون ثابت ڪن ٿيون ته سنڌ جي قديم سڀيتا اتر کان ڏکڻ واري حصي تائين ساڳي رنگ ۽ ڍنگ ۾ موجود هئي. (30) آثار قديمه جي ماهر ڊاڪٽر محمد رفيق مغل جي تحقيق مطابق ’ڀڙو بهم‘ جي سموري وستي باهه لڳڻ جي ڪري تباهه ٿي هئي........ ڀڙو بهم مان ڪيل چڪاس مان ثابت ٿيو آهي ته اها وستي اٽڪل اٺين صدي عيسوي کان جڏهن ان جو بنياد پيو هو، قلعي يا ڪوٽ اندر هوندي. اتي گهٽ ۾ گهٽ پنج سؤ سالن تائين ڪنهن به وڏي ثقافتي تبديليءَ جو اهڃاڻ نه ٿو ملي......... ان ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته اٺين صدي عيسوي جي شروعاتي دور ۾ بهم جو ڀڙو جي پس گردائي واري ايراضيءَ ۾ ٻوڌي ماڻهو رهندا هئا. تنهنڪري بهرو ور ڀڙو ضرور بهم جي ڀڙي ويجهو هوندو. (31)

        نوابشاهه ضلعي ۾ مورو شهر کان 5 ميلن جي فاصلي تي ’گچيرو‘ نالي هڪ قديم ماڳ جا نشان پڻ ملن ٿا، ان کان علاوه هن ضلعي ۾ ’رتوڀڙو‘ ۽ ٻيا قديم آثار پڻ نظرِ تحقيق جا طالب آهن.

 

ضلعي سانگهڙ جا قديم دڙا:

        ضلعي سانگهڙ ۾ پڻ ڪيئي قديم ماڳ مڪان، دڙا ۽ ڀڙا نظر اچن ٿا، جن مان ماڙي سبڙ، دلور جا دڙا، ڏيپر گهانگهرو، رتو ڪوٽ، سون چڙي جو ڀڙو وغيره اهم آهن. مذڪوره دڙن مان ڪن کي تاريخ کان اڳ واري دور سان پڻ منسوب ڪيو ويو آهي.

ماڙي سبڙ:

        ماڙي سبڙ ضلعي سانگهڙ جي تمام قديم ماڳن مان هڪ آهي. عبدالله ملاح لکيو آهي ته هن جاءِ تي ڪيترائي عالم ۽ محقق آيا ۽ هنن قديم آثارن جو معائنو ڪيو. 1924ع کان اڳ ۾ پاڪستان جي محڪمه آثار قديمه وارن هنن دڙن جو معائنو ڪيو هو. سندن چوڻ موجب ”هي دڙا ديهه ماڙي سبڙ ۾ نوان ڏاهري ريلوي اسٽيشن جي ڀر ۾ آهن. چوڌاري پوک هيٺ آيل زمين اٿس، جنهن جي وچ ۾ ٽي سؤ فوٽ ۽ ٻه سؤ فوٽ ويڪرو پنجن فوٽن جي اوچائيءَ جو دڙو آهي، جنهن جي مٿان سرون ۽ ٺڪراٺو پکڙيل آهي، جتان ڳاڙهين ٺڪرين تي ڪاري رنگ جي استعمال جا نمونا ۽ هڪ ڍڳي جي شڪل جو رانديڪو هٿ ڪيا ويا، جيڪي هڙپا ۽ موهن جي دڙي جي تهذيب سان تعلق رکن ٿا.“ (32)

دلور جا دڙا:

هي دڙا ٽنڊي آدم کان اٽڪل 10 ميل اوڀر طرف جمڙائو واهه جي کٻي ڪناري تي موجود آهن. هي دڙا راجا دلوراءِ جي نالي پٺيان مشهور آهن. مسٽر اي. ايف بيلاسس ۽ سي ڊبليو رچرڊسن جڏهن 1954ع ۾ هن دڙي تي اچي ابتدائي طور ڪجهه کوٽائي شروع ڪئي ته هنن ان ماڳ کي سنڌ جو قديم شهر برهمڻ آباد قرار ڏنو.

        1892ع ۾ راورٽي پنهنجي ڪتاب ’مهراڻ آف سنڌ‘ جي مجمل التواريخ جي نظريي جي حمايت ڪئي ته ايران جي بادشاهه بهمن سنڌ جي ٻڌ پرڳڻي جو علائقو فتح ڪري، اتي هڪ شهر بهمن آباد جي نالي سان آباد ڪيو. ليمبرڪ ۽ ڊاڪٽر بلوچ انهي نظريي جي حمايت ڪئي آهي ته هي آثار ان بهمن آباد جا آهن، جنهن کان پوءِ برهمڻ آباد سڏيو ويو.... محڪمه آثار قديمه جي گذريل سالن جي کوٽائيءَ مان گهرن جي ڪمرن مان ٻريل ڪاٺ ۽ سڙيل شين جي لڀڻ سان ٻاهرين حملي آورن جي تباهي جا آثار نمايان آهن، جيڪي پڪ سان محمود غزنويءَ جي هٿان منصوره جي تباهي ۽ وڙهڻ کي ثابت ڪن ٿا. (33)

ڏيپر گهانگهرو:

        هي دڙن جو هڪ سلسلو آهي جيڪو تعلقي سنجهوري ۾ جهول کان ٽي ميل ڏکڻ اوڀر طرف ٽنڊي آدم واري رستي جي ٻنهي پاسي نظر اچي ٿو. ان مقام کي ڏيپر جو ٺل پڻ ڪوٺيو ويندو آهي. ڏيپر گهانگهرو، دلور جي دڙن جو ئي تسلسل محسوس ٿئي ٿو. انهن ٻنهي دڙن جي وچ ۾ رڳو پنجن ڇهن ميلن جو فاصلو آهي، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته متان اهي ٻئي ڪنهن هڪڙي ئي پراڻي شهر جا آثار هجن.

        1954ع ۾ بيلاسس ۽ رچرڊ سن دلور جي دڙن سان گڏ هنن دڙن جو پڻ معائنو ڪيو ۽ کوٽائي ڪرائي، سندن خيال ۾ هتي وزيرِ اعظم جي رهائش هئي ۽ مرڪزي حاڪم جو تخت گاهه برهمڻ آباد دلور جي دڙن تي هوندو هو. 1884 ۾ راروٽي خيال ظاهر ڪيو ته ڏيپر گهانگهري واري جاءِ تي ٻڌ ڌرم جي عبادت گاهه ’نووهار‘ هئي. ممڪن آهي ته هيءَ جاءِ برهمڻ آباد هجي.... ڊاڪٽر بلوچ صاحب به مٿئين نظريي جي حمايت ڪري ٿو ۽ ڏيپر گهانگهري کي ئي برهمڻ آباد جا قديم آثار مڃي ٿو. (34)

نهٽو/ڳاڙهو ڀڙو:

        ٿر پارڪر ضلعو به سنڌ جي قديم آثارن، ماڳن مڪانن، ڪوٽن ۽ قلعن، دڙن ۽ ڀڙن جي حوالي سان وڏي اهميت رکي ٿو. خاص طور عمرڪوٽ ۽ نئون ڪوٽ جي وچ واري علائقي ۾ اهڙا ڦٽل آثار ۽ اهڃاڻ گهڻا ملن ٿا. جن ۾ ملير جي ڀٽ،کيجداڙي، راڄهاري، نهٽو (ڳاڙهو ڀڙو)، لاليءَ جو ڀڙو، آرياڻيءَ جو دڙو، ڳاڙهيارو ڀڙو وغيره قابلِ ذڪر آهن. مٿين دڙن تي آثار قديمه واري کاتي طرفان ڪا تحقيقي نظر نه وڌي وئي آهي ۽ نه ئي وري ڪا کوٽائي ٿي آهي. نهٽو تي ٿورو گهڻو ڪم ٿيو آهي پر اهو به ناڪافي آهي.

        تعلقي مٺي ۾، نبي سر کان ڇهه ميل ڏکڻ طرف، ڍوري ناري (هاڪڙي) جي کاٻي ڪپ تي واقع آهي.... ڀٽن سان لاڳاپيل دڙي تي هڪ ڪوٽ جا چٽا اهڃاڻ پڻ آهن، هي ڪوٽ پوئين زماني جو آهي. هتي پکڙيل ٺڪراٺو، تاريخ کان اڳ واري دور جي ٺڪرين جهڙو آهي، جن مان ڪجهه جهڪر واري زماني جون لڳن ٿيون. هي دڙو پنجن ڇهن ايڪڙن تي پکڙيل آهي ۽ اوچائي اٽڪل پنجويهه کن فوٽ اٿس ۽ سڄو پڪل مٽيءَ جي ٺڪرن ۽ انهن مان ڇڻيل ڳاڙهي مٽيءَ سان ڍڪيو پيو آهي. هن جي مٿاڇري تي ٽنگر ٿانو، ٺڪر جا ڪنگڻ، چقمقي پهڻ جا مختلف تکا اوزار، گهٽ قيمتي پٿرن جا ٽڪر، ٽامي جون تارون ۽ ڌاتوءَ جا ٽڪر جام ملن ٿا. ڪجهه ٿانون جي ٺڪرين تي چٽسالي ۽ گل ٻوٽا ٺهيل آهن.... معلوم ٿئي ٿو ته نهٽو، سنڌو تهذيب جي زماني جي وسندي آهي، جنهن کي چانهونءَ جي دڙي وانگر، جهڪر ۽ جهانگار وارن ماڻهن اچي والاريو. (35)

ٿرڙيءَ جو دڙو:

           شڪارپور سنڌ جي قديم ۽ تاريخي شهرن مان هڪ آهي. هي شهر صدين کان آباد آهي. شهر جي آس پاس ڪيئي ڦٽل ماڳ نظر اچن ٿا، جتان مليل شيون ڏسي شڪارپور واري خطي جي قدامت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، پر انهن سڀني مان اهميت وارو ماڳ آهي ’ٿرڙيءَ جو دڙو‘.

تاج صحرائي لکيو آهي ته ”ضلعو شڪارپور اڄ کان ڊڄي ڊڄي به جيڪڏهن چوان ته ساڍا ٽي ۽ چار هزار سال قديم ورثي جو مالڪ ۽ وارث آهي. اهو قديم ورثو انڊس هاءِ وي تي ڳڙهي ياسين ۽ ڊکڻ جي وچ ۾، رستي سان لڳ، اولهه طرف ابن اوڍي جي ڳوٺڙي وٽ ’ٿرڙيءَ جي دڙن‘ ۾ دفن ٿيل آهي. اتان جيڪي اسان کي وستيون مليون سي موهن جي دڙي جي مٿين تهن مان حاصل ٿيڻ جهڙين قديم وستين جهڙيون آهن. اهي نادر ۽ وڏي ملهه واريون وستيون مون قديم آثارن جي ڪن ماهرن کي ڏيکاريون آهن ۽ انهن سڀني صاحبن ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته واقعي دڙي جو تعلق تاريخ کان اڳ واري دور سان آهي ۽ جهڪر جي دڙن جو هم عصر ٿيندو، يعني موهن جي دڙي واري تهذيب جو پورو دور (1800_1500 سال ق.م)..... دڙو اولهه کان اوڀر طرف ساڍا ست سؤ فوٽ  ڊگهو ۽ اتر کان ڏکڻ طرف چار سؤ فوٽ موڪرو ٿيندو. دڙو آس پاس جي زمينن کان اٽڪل ٽيهه فوٽ اوچو آهي.(36 )

لاڙڪاڻي ۽  ڀرپاسي جا قديم آثار ۽ دڙا:

تهذيبي ۽ تاريخي حوالي سان لاڙڪاڻو سنڌو ماٿر جو انتهائي مهذب قديم خطو آهي، موهن جو دڙو ۽ جهڪر جو دڙو جا آثار اڄ به هن خطي جي هزارن سالن جي تاريخ جي گواهي ڏئي رهيا آهن، پر مذڪوره معروف دڙن (جن جي ٺڪرن ۾ بيشڪ وڏي تهذيبي ورثو سمايل آهي) کان علاوه به لاڙڪاڻي ۽ ڀرپاسي واري علائقي ۾ لاتعداد دڙا، ڀڙا، ٺل ۽ ٻيا قديم آثار موجود آهن، جن تي آرڪيالاجي کاتي طرفان تحقيق جي ضرورت آهي. لاڙڪاڻي جي اردگرد گهڻو ڪري ڏوڪري، رتوديرو، وارهه، قنبر ۽ شهدادڪوٽ تعلق ۾ قديم آثارن جا اهڃاڻ ۽ ڦٽل آبادين جا دڙا وڏي انگ ۾ نظر اچن ٿا. موهن جي دڙو متعلق اوهان کي اڳتي گهڻو ڪجهه پڙهڻ لاءِ ملندو، تنهنڪري هتي لاڙڪاڻي جي ٻئي اهم دڙن يعني ”جهڪر جي دڙي“ کان علاوه انهن قديم دڙن جو ذڪر ڪبو جن تي ڪو جوڳو تحقيقي ڪم نه ٿي سگهيو آهي.

جهڪر جو دڙو:

جهڪر جو دڙو، موهن جي دڙي واري تهذيب جو تسلسل ۽ قدامت جي لحاظ کان سندس همعصر آهي. هي دڙو لاڙڪاڻي کان اولهه طرف وڳڻ ڏانهن ويندڙ روڊ تي 18 ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي ساڄي طرف ڳوٺ ’منو ديرو‘ لڳ نظر ايندو. هن دڙي جو ڏيل ئي پنهنجي عظمت جي ڪهاڻي ٻڌائي ٿو. 63 فوٽ اوچي هن دڙي جي نالي بابت عجيب ڏند ڪٿائون منسوب آهن. ڪن جو چوڻ آهي ته هتي جهڪر نالي راجا رهندو هو، تنهن جي پٺيان مٿس اهو نالو پيو. ڪي چون ته هي شهر دلو راءِ جي زماني جو آهي، جنهن هتي پنهنجو خزانو پوريو هو، تنهن ڪري مٿس خزاني وارو شهر يعني جهڪر نالو پيو. بهرحال جيترا وات اوتريون ڳالهيون. ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ لکيو آهي ته ”حقيقت هي آهي ته هي شهر ”ار“ کان آيل قوم آباد ڪيو.“ (37)

قديم زماني ۾ سنڌ کان ٻاهرين ملڪن ڏانهن ويندڙ چئن عظيم شاهراهن مان هڪ ’مولا لڪ‘ جيڪا بلوچستان کان ٿيندي سنڌ ۾ داخل ٿيندي هئي، اها شاهراهه لاڙڪاڻي مان جهڪر جي دڙي ڀرسان گذرندي هئي، جنهن وسيلي قديم زماني ۾ تجارت جو سلسلو هلندو هو ۽ ايران ۽ افغانستان جا ماڻهو واپاري قافلن جي صورت ۾ انهيءَ شاهراهه ذريعي سنڌ ۾ ايندا هئا.

1935ع ۾ هن دڙي جي کوٽائي آثارِ قديمه جي ماهر اين-جي مجمدار ڪرائي. کوٽائي دوران هتان ڪيئي اهڙيون شيون مليون، جيڪي تاريخ کان اڳ واري دور سان تعلق رکن پيون. ان کوٽائيءَ مان ٺڪر جا ٿانو، ٽامي جا سڪا، مهرون، ٽامي جي هڪ ڀالي جو منهن ويره هٿ اچڻ کانپوءِ جڏهن انهن شين جي عمر جو ڪاٿو لڳايو ويو ته اهي ٽي کان چار هزار سال ق.م يعني موهن جي دڙي واري دور سان تعلق رکن پيون. آثارٻڌايئن ٿا ته جهڪر جو شهر موهن جي دڙي جي تباهيءَ کان گهڻو بعد تائين به آباد رهيو، جنهن جي ثبوت طور هتي پنجين صدي عيسوي ۾ رائج سڪا پڻ هٿ ڪيا ويا آهن. جهڪر جي دڙي وارو اسٽوپا اڄ به ڪافي حد تائين سالم آهي، محققن هن کي ٻڌ دور جو اسٽوپا سڏيو آهي.

لاڙڪاڻي ۽ ڀرپاسي وارن ڦٽل شهرن ۽ دڙن جي حوالي سان ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ ۽ هدايت منگي جو ڪافي حد تائين کوج وارو ابتدائي ڪم ٿيل آهي، جيڪو مضمونن جي شڪل ۾ اخبارن ۽ ڪتابن ۾ ملي ٿو، پر ان ڪم کي اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آهي، ڇو ته هنن صاحبن ڪجهه اهڙن دڙن جي به نشاندهي ڪئي آهي، جن تي اڃا قديم آثارن جي ماهرن جي نظر ئي نه وئي آهي. هيٺ لاڙڪاڻي جي ڪجهه دڙن جو مختصر ذڪر ڪجي ٿو، جنهن مان اندازو ٿيندو ته هي خطو قديم آثارن جي حوالي سان ڪيڏو مالا مال آهي.

چوٽياريون/راڻيءَ جو دڙو:

        هي دڙو جهڪر جي دڙي جي بلڪل ويجهو آهي. هتان مليل ٺڪراٺي ۽ ٻين شين کي ڏسي گمان ٿئي ٿو ته اهو ماڳ جهڪر جو ئي همعصر آهي.

        انڊس هاءِ وي تي لاڙڪاڻي کان 7 ڪلو ميٽر اولهه ڏکڻ ۾ جهڪر جي دڙي کي هن ايراضيءَ جو اڪيلو قديم ماڳ نه سمجهڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته جهڪر جي ڏکڻ ۾ به انڊس هاءِ وي جي الهندي پاسي نمايان نظر اچن ٿا. جهڪر کان رڳو ٻه ڪلو ميٽر ڏکڻ اولهه طرف بڊا ڳوٺ وٽ چوٽياريون يا راڻي جي دڙي جا 6-5 ايڪڙن ۾ وڏا دڙا انتهائي اهم آهن، جن مان الهندو دڙو 45 کن فوٽ اوچو 50-60 فوٽ ويڪرو آهي ۽ باقي ڏکڻ وارو حصو ڪجهه گهٽ اوچائيءَ ۾ آهي، جڏهن ته اڀرندو ننڍو دڙو پنهنجي ساخت سبب قائم ۽ دائم آهي.... هي دڙو ڏسڻ وٽان آهي، جتان جهڪر جي ٺڪرين سان مشابهه ٺڪراٺو ۽ ڌاتو جا ذرا وڏي تعداد ۾ اڃا ملي رهيا آهن. دڙو روڊ کان ڪل هڪ ڪلو ميٽر پري آهي، پر آرڪيالاجيءَ جا صاحب اڃان ان تي نه پهتا آهن ۽ نه ئي ان جو ڪٿي ذڪر ملي ٿو. (38)

خيرپور جوسو وارو دڙو:

        هي دڙو لاڙڪاڻي جي ڳوٺ خيرپور جوسو جي سامهون اوڀر واري پاسي ڦٽل آثارن جي صورت ۾ نظر اچي ٿو. هي آثار ڪافي وڏي ايراضيءَ ۾ پکڙيل  نظر اچن ٿا.

        هنن دڙن تان مليل ٺڪراٺو موهن جي دڙي جي وڏن ٿانون جي ٽڪرن جهڙو آهي. دڙن جي اوچائي 40-45 فوٽن کان به مٿي ڏسجي ٿي. ڌاتوءَ جا ساوا ٽڪر پڻ هنن دڙن تان ملن ٿا... ڏسجي ٿو ته جهڪر جي زماني جي ڪا وڏي وستي هئي. (39)

روجهاڻ:

        هي پڻ لاڙڪاڻي جو هڪ قديم ماڳ آهي، جيڪو هاڻي ڦٽل دڙي جي صورت ۾ موجود آهي. هن دڙي تي اهو نالو ڪيئن پيو، تنهن جي ڪا سڌ نه آهي. هن دڙي بابت هدايت منگي ڪافي تفصيلي ڄاڻ ڏني آهي. هو لکي ٿو ته ”لاڙڪاڻي کان نصير آباد وايا رشيد وڳڻ روڊ تي لاڙڪاڻي کان ڏهاڪو ڪلو ميٽرن جي پنڌ تي خيرپور جوسي ويندڙ روڊ تي کاٻي پاسي عثمان سامٽيه ڳوٺ ڀرسان هڪ اوچو ۽ هاڻي 5-6 ايڪڙن ۾ پکڙيل دڙو، ساريال جي ٻنين جي وچ ۾ موجود آهي. جنهن کي علائقي جا ماڻهو روجهاڻ جي نالي سان سڏين ٿا. هن دڙي کي مينهن ننڍن وڏن دڙن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي ورنه هڪ ڪرو دڙو نظر ٿو اچي. موهن جي دڙي جي وڏن ٺيڪري ٿانون سان مشابهه ٺيڪراٺو هن دڙي جي اهميت کي وڌائي ٿو ڇڏي. دڙي سان لڳو لڳ اتر ۾ اولهه کان اوڀر ويندڙ ڪنهن پراڻي، اوائلي سڻڪ جا نشان به ملن ٿا، جنهن سان مقامي ماڻهو بيل گاڏيون زمينن ڏانهن ڪاهي وڃن ٿا. هي شاهي رستو روجهاڻ، خيرپور جوسي جي دڙن، جهڪر سان اولهه ۾ ۽ اوڀر ۾ دودائڪي دڙي سان تڏهوڪين وسندين کي ملائيندڙ هوندو، يا ٿي سگهي ٿو ته اهو بلوچستان جي تڏهوڪين وسندين سان رابطي جو ذريعو به هجي. هي دڙو خيرپور جوسي کان هن طرف ايندڙ رستي وسيلي 4-5 ڪلو ميٽرن تي ٻنهي ماڳن کي پاڻ ۾ هاڻي به ملائي ٿو. 2 ڪلو ميٽرن جي پنڌ تي نصير آباد روڊ جي الهندي پاسي گهٽ ۾ گهٽ اهڙا 3-4 اوائلي دڙا موجود آهن، جن جي چوڌاري هاڻي ساريال فصل جون ٻنيون اچي ويون آهن.“ (40)

تعلقي وارهه جا دڙا:

        تعلقي وارهه ۾ ڪيئي ڦٽل آثار ۽ دڙا نظر اچن ٿا، جن جي خاڪ هيٺان تاريخ دفن ٿيل آهي. اهڙن دڙن ۾ چنهڙ جو دڙو (نصير آباد)، ولهيءَ جو دڙو، ڊانبيءَ جو دڙو، ڏنگ ڀٽ جو دڙو، بڊام جو دڙو، سريمڻ جو ڪوٽ/دڙو، نانگ جو دڙو، راٻاڙي ۽ دوپٿي جا دڙا ۽ ليلا جي ماڙي وغيره شامل آهن. مٿين دڙن مان ڪن جي اوچائي 15 کان 20 فوٽن تائين ۽ ڪن جي ان کان گهٽ آهي. انهن دڙن تي ڪا خاص تحقيق نه ٿي سگهي آهي. مذڪوره دڙن مان راٻاڙي ۽ دوپٿي دڙا پنهنجي نالن جي اعتبار کان منفرد آهن. انهن دڙن بابت ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي لکي ٿو ”راٻاڙي جو اشتقاق  هن طرح آهي: را=راجا+ٻاري= ڪچهري. يعني راجا جي ڪچهريءَ واري جڳهه. دوپٿي جواشتقاق هن طرح آهي دو= ٻه+ پٿي = ميدان يعني ٻن ميدانن وارو دڙو. هي دڙو بڊام ڍنڍ جي اتر ڪناري تي موجود آهي. وارهه تعلقي جي سڀني دڙن کان اوچو ۽ ويڪرو آهي. دڙي جي نالي مان معلوم ٿئي ٿو ته هيءَ دڙو سنڌ ۾ راءِ گهراڻي جي ڪنهن راجا جي ڪچهريءَ جي جڳهه هئي. هن دڙي سان گڏ ٻيو دڙو به موجود آهي، جنهن کي دوپٿي جو دڙو چيو ويندو آهي. (41) نوجوان محقق دين محمد ڪلهوڙي راٻاري جي دڙي جي لوڪيشن يونين ڪائونسل ديري جي ديهه جاگير-6 ۾ قنبر کان 30 ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي ڄاڻائي آهي.

        تعلقي نصيرآباد جي دڙن مان چنهڙ جي دڙي کي به خصوصي اهميت حاصل آهي، جيڪو نهايت پراڻن دڙن ۾ شمار ٿئي ٿو. مسٽر مجمدار سنڌ ۾ آثارِ قديمه جي کوج جي حوالي سان جن دڙن جو معائنو ڪيو، تن ۾ چنهڙ جو دڙو به شامل آهي. هي دڙو ضلعي قنبر-شهدادڪوٽ جي تعلقي نصير آباد جي شهر جي قريب واقع آهي. هن دڙي تي مقامي ماڻهن ڪيئي قبرون ٺاهي ڇڏيون آهن، هن وقت مٿاهينءَ تي فقط هڪ دڙو نظر اچي ٿو، جنهن تي پڻ قبرون آهن.

        مٿاڇري تي قديم زماني جو ٺيڪراٺو به ملي ٿو ۽ اولهه اتر ۽ ڏکڻ اولهه ۾ هن دڙي سان لاڳاپيل ڍير به موجود آهن. هي اهڙو دڙو آهي. جيڪو جهڪر، دودائڪي، موهين ۽ ٻين دڙن کان 20 کان 30 ڪلو ميٽر پري اڪيلو بيٺو آهي. (42)

قنبر تعلقي جا دڙا:

        قنبر تعلقي ۾ پڻ ڪيئي قديم دڙا نظر اچن ٿا، جن جي پنهنجي پنهنجي اهميت آهي. اهڙن ڦٽل دڙن ۾ ڪاروهر جو دڙو، ڏانديهڙ جو دڙو، راٻاري دڙو، نوزمان جو دڙو، نونرن جو دڙو، دانو جو دڙو، يارو جو دڙو، ڌيروءَ جو دڙو وغيره قابلِ ذڪر آهن. هنن مان اڪثر دڙا ڪن شخصيتن جي نالن يا ذاتين پٺيان مشهور آهن. مٿين دڙن مان ڏانديهڙ جو دڙو قدامت جي لحاظ کان خصوصي اهميت جو حامل آهي.

        هي دڙو (ڏانديهڙ دڙو) قنبر جي اولهه ۾ 40 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي واقع آهي. پراڻي زماني جو ڦٽل شهر ٻڌايو وڃي ٿو، وڏي ايراضيءَ تي پکڙيل آهي. هن جي کوٽائيءَ مان مورتيون ۽ ٺڪر جا ٿانو ملن ٿا. ڀائنجي ٿو ته هي سنڌ ۾ اسلام جي آمد کان اڳ جو ماڳ آهي. شايد زميني زلزلي سبب تباهه ٿيو. (43)

شهدادڪوٽ تعلقي جا دڙا:

شهدادڪوٽ تعلقي ۾ جيڪي پراڻا دڙا ڏسڻ ۾ اچن ٿا، تن ۾ بگو دڙو، سون دڙو، شاهپور جمالي جو دڙو، ڪڙڪ جو دڙو، غفور شاهه وارو دڙو، ڌڱ جو دڙو ڪافي اهم آهن. هنن دڙن بابت ڪو جوڳو تحقيقي مواد نه ٿو ملي، مقامي ماڻهن وٽ انهن دڙن متعلق رڳو ڏند ڪٿائون ۽ مفروضا آهن. آرڪيالاجي کاتي وارن به انهن دڙن تي ڪو توجه نه ڏنو آهي. البت هدايت منگي پنهنجي اندازي مطابق شاهپور جي دڙي کي ٻه هزار سال پراڻو ڪوٺيو آهي، پر ان لاءِ هن ڪو دليل نه ڏنو آهي. هو لکي ٿو ته ”هي (شاهپور جمالي جو دڙو) هڪ نه بلڪ ويهارو ايڪڙن تي مشتمل دڙن جي هڪ قطار آهي، جيڪا شهدادڪوٽ، ڳڙهي خيرو روڊ تي، شهدادڪوٽ کان 6-7 ڪلوميٽر اتر طرف ۽ روڊ جي اوڀر ۾ آهي.... ڏکڻ ۾ چاليهه فوٽ کن اوچا دڙا اٽڪل ٻه هزار سال پراڻي دؤر جا ڀاسن ٿا. ٺڪر ٺوٻر مان ان دور جو اندازو ٿئي ٿو.(44)

رتوديرو تعلقي جا دڙا:

رتوديرو تعلقي ۾ ٻه اهم ۽ نهايت قديم دڙا ملن ٿا. 1. ٻنڀرو 2. پنجو دڙو. هنن مان ٻنڀرو دڙو قديم آثارن جي ماهرن جي نظرن مان گذريو آهي. 1929ع ۾ جڏهن اين. جي مجمدار سنڌ جي قديم ماڳن جي کوٽائيءَ وارو ڪم هٿ ۾ کنيو هو ته مذڪوره دڙي جو پڻ معائنو ڪيو هو. هن پنهنجي مشهور ڪتاب ”ايڪسپلوريشنس ان سنڌ“ ۾ هن ماڳ جو سرسري ذڪر ڪيو آهي.

ٻنڀرو دڙو آرڪيالاجيڪل سائيٽ ۾ شامل، سنڌو تهذيب جو هڪ اهم ماڳ آهي. هي دڙو نئون ديرو، رتوديرو روڊ سان خانواهه اسٽاپ جي اولهه ۾ لٻاڻن جي ڳوٺ جي ڀرسان موجود آهي. هن ماڳ کي ’ٻنڀرو‘ يا ’ڀنڀور دڙو‘ پڻ سڏيندا آهن. وسيع ايراضيءَ ۾ ڦهليل هي دڙو، سنڌ ۾ ٻڌ دور جي اهم باقيات ۾ شامل آهي....ٻنڀري دڙي کي مسٽر مجمدار ميهڙ جي ڀرسان ’ناسو دڙو‘ ۽ نصير آباد لڳ ’چنهڙ دڙي‘ کان به وڌيڪ پراڻو سمجهي ٿو. هن دڙي مان ڪيترائي سڪا، ٿانو، مڻيا، زيورن جا ٽڪرا، هڏا ۽ ٺڪراٽو لڀن ٿا. چون ٿا ته هتان هڪ خوبصورت مورتي به لڌي وئي هئي. (45)

ڏوڪري تعلقي جا دڙا:

لاڙڪاڻي جو تعلقو ڏوڪري آثار قديمه جي حوالي سان وڏي اهميت رکي ٿو. دنيا جي قديم ۽ عظيم تهذيب موهن جو دڙو پڻ هن ئي تعلقي ۾ اچي ٿو. ڏوڪري تعلقي ۾ مختلف قسم جا دڙا ۽ ٻيا قديم ماڳ موجود آهن، جن ۾ دودائڪو دڙو، ڌامراهن‌/ ڪانڌڙن جا دڙا، ٺلهي، سارنگ قبرستان، آڍاٽ وغيره شامل آهن. جن مان مکيه ٻن دڙن جو هتي مختصر ذڪر ڪجي ٿو.

دودائڪو دڙو:

رشيد وڳڻ، نصير آباد روڊ سان وڃي محراب سنديلي ڳوٺ کان کاٻي لهڻو پوندو، جتان دودائڪو دڙو ٻه اڍائي ڪلو ميٽر آهي. خير، دودائڪو دڙو، جهڪر ۽ روجهاڻ جي دور جو ئي هڪ دڙو ڀاسي ٿو. جنهن کي ڏکڻ ۾ هاڻي ساريال جون ٻنيون سوڙهو ڪري ويون آهن، پوءِ به 15 کن ايڪڙن ۾ 25-30 فوٽ اوچو هيءُ دڙو هيٺ مٿاهين سميت موجود آهي. مٿين دڙن سان مشابهه هن دڙي جون ٺڪريون ان کي انهن جو سهيوڳي ثابت ڪن ٿيون... کڏن اندر ڪنهن سڙيل دور جي مٽيءَ جا ٻه تهه پڻ ڍيرن ۾ نظر اچن ٿا. دڙي جي اتر ۾ ويهه ويهه فوٽ ڊگهيون قبرون ان ڳالهه جي تصديق ڪن ٿيون ته ڳيريلي جي هن علائقي ۾ جنگ و جدل جا معرڪا ٿيا آهن، جن جا شهيد اجتماعي قبرن ۾ پوريا ويا آهن. (46)

ڌامراهن/ڪانڌڙن جا دڙا:

        تعلقي ڏوڪري جي شهر باڊهه جي ڏکڻ ۾ پراڻي عظيم سڻڪ کان ڇهن ستن ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي ڪانڌڙن جي ڳوٺ ۾ هي قديم دڙن جو سلسلو نظر اچي ٿو. اين. جي مجمدار به هنن دڙن جو معائنو ڪيو هو. وڏي ايراضيءَ ۾ پکڙيل هنن دڙن جي قدامت موهن جي دڙي واري پوئين دور جيتري سمجهي وڃي ٿي، ڇو ته هنن دڙن تان مليل ٺڪر ٺاٻر موهن جي دڙي مان لڌل ٺڪرن ۽ ٿانون جهڙا ئي آهن، ٻيو ته هي دڙو موهن جي دڙي کان اوڀر اولهه ڪنڊ تي رڳو 10 ميلن جي فاصلي تي آهي، تنهنڪري به محققن جو سندن قدامت جي حوالي سان گمان پڪ ۾ مٽجي ٿو.

        هنن (دڙن) تي پهچڻ جا هاڻي ٽي رستا آهن. هڪ باڊهه کان بوٿرو روڊ سان، ٻيو نصيرآباد کان ميهڙ روڊ وٺي ڌامراهه واهه جي کاٻي ڪپر سان، ٽيون باڊهه کان رائيس ڪئنال وٺي ڌامراهه ريگيوليٽر وٽان ڪانڌڙن ڏانهن ڌامراهه واهه جي ڪپر سان... هنن دڙن جو به عجيب اسرار آهي. اٽڪل هڪ ڪلوميٽر چورس جي پکيڙ ۾ ڦهليل هنن دڙن ۾ اهي وڏا اجگر ٿانو مٽيءَ ۾ پوريا پيا آهن، جيڪي موهين جي ميوزم ۾ رکيل آهن. انهن وڏن ٿانون جا مُنهن لٺين ڪهاڙين سان ماڻهن ڀڃي به ڇڏيا آهن، پر ڪي ته صفا سڄا به پوريا پيا آهن جيڪي مٿان نظر ٿا اچن. اتر واري حصي ۾ ’ٺڪر جي هڪ نالي‘ سڌي شهر کان ٻاهر ويندي محسوس ٿئي ٿي، جيڪا اڃا پوريل آهي. اڀرندي پاسي ٻه اوچا دڙا ٺڪرن، ڀڳل سرن ۽ سڙيل مٽيءَ جي ڪيڪن توڙي سرن جي ڀور سان سٿيل نظر ٿا اچن. (47)

موهن جو دڙو:

        دنيا ۾ جڏهن به متمدن قومن جي تهذيب ۽ تاريخ تي تحقيقي روشني وڌي وئي آهي تڏهن موهن جي دڙي جي تهذيب ۽ تمدن کي اهميت واري نگاهه سان ڏٺو ويو آهي، ڇو ته موهن جو دڙو نه رڳو سنڌ پر سڄي جهان لاءِ عظيم تهذيب، تمدن ۽ ثقافت جو اهڃاڻ آهي. سنڌو ماٿر جي هن وڏي تهذيبي ورثي موهن جي دڙي تي پهرين تحقيقي نظر مسٽر آر. جي بئنرجي، جي پئي، جنهن 1922ع ۾ هن دڙي جي کوٽائي جو ابتدائي ڪم شروع ڪري، دنيا اڳيان هڪ حيران ڪندڙ تهذيبي سرمايي کي متعارف ڪرايو. هن 1918ع کان 1922ع تائين سنڌ ۽ پنجاب جي انهن علائقن ۾ پنڌ ڪيو، جن علائقن مان سڪندرِ اعظم 326 ق.م اڳ گذريو هو ۽ الڳ الڳ جڳهن تي هن 12 ٿنڀا لڳرائي مٿن يوناني ۽ هندستاني زبانن ۾ ڪتبا لکرايا هئا. بئنرجي کي اصل انهن ڪتبن جي ئي ڳولا هئي، ان بهاني سان هن سنڌ جي هزارين سال پراڻي تهذيب ڳولي لڌي.

        مسٽر بئنرجي بهاولپور رياست کان وٺي جتان هاڪڙي نديءَ جو وهڪرو معلوم ٿئي ٿو، ويندي کيرٿر جبل جي قطارن تائين 18 جاين تي سنڌو نديءَ جي جهوني وهڪري جا رخ معلوم ڪيا. اپر سنڌ جي سکر ۽ لاڙڪاڻي ضلعن ۾ 28 وڏن ۽ 53 ننڍن ويران ڳوٺن جو پتو ڪڍيو، جن کي محڪمه آثارِ قديمه وارا ٻڌ ڌرم جي زماني جا ڳوٺ سڏين ٿا. (48)

        موهن جي دڙي جي باقي کوٽائي سر جان مارشل تڏهوڪي ڊائريڪٽر جنرل محڪمه آثارِ قديمه، مقامي مزدورن وسيلي پنهنجي نگراني ۾ ڪرائي. هن وقت تائين هن دڙي جي مرحليوار کوٽائي جي نتيجي ۾ سموري ايراضيءَ جو فقط 10 سيڪڙو کوٽائي مس ٿي سگهي آهي، جيڪڏهن باقي 90 سيڪڙو کوٽائي ٿئي ته هوند دنيا آڏو هن قديم شهر جي تهذيب ۽ تمدن جا ڪيئي راز کلي سامهون ايندا، تنهن جي باوجود اڄ سوڌو موهن جي دڙي جي حوالي سان جيڪا به تحقيق ٿي آهي، ان مان هن خطي کي هڪ وڏو متمدن خطبو ثابت ڪرڻ ۽ دنيا جون اکيون کولڻ لاءِ ڪافي معلومات ملي آهي.

اسين سنڌ جا ماڻهو ان حد تائين خوش نصيب ضرور آهيون ته اسين دنيا جي ان عظيم تهذيب جا وارث آهيون جيڪا پنج هزار سال اڳ به پنهنجي اوج تي هئي، انهن ماڻهن کي اٿڻ ويهڻ جو ڍنگ هيو ۽ صلح جو ۽ امن پسند هئا، اسين ان تهذيب جي پونئير هجڻ ناتي پنهنجو سر فخر سان اوچو ته ڪيون ٿا. پر افسوس جو هن وقت تائين موهن جي دڙي تي تحقيقي حوالي سان اوترو ڪم نه ڪري سگهيا آهيون، جيترو ڪرڻ کپي. اسان جي عام ماڻهوءَ وٽ ته اڃا اها ساڃاهه به ڪونهي ته ”موهن جي دڙي جي اهميت ڪهڙي آهي!“ ۽ اهي اگر ان کي بچائڻ لاءِ ڪجهه نه ٿا ڪري سگهن ته ان کي وڌيڪ برباد ڪرڻ ۾ ته ڀاڱي ڀائيوار نه ٿين. اسين اڃا موهن جي دڙي جي نالي وارو سُٽُ به ڪو نه سلجهائي سگهيا آهيون. جيترا وات اوتريون ڳالهيون، ڪن پنهنجي سمجهه ۽ ساڃاهه آهر ته ڪن وري روايتن ۽ مفروضن جي بنيادن تي نالي جي اصليت ۽ حقيقت تي راءِ زني ڪئي آهي.

دڙي جو اصل نالو:

موهن جي دڙي جي نالي جي حوالي سان مختلف عالمن جي مختلف راءِ رهي آهي ۽ الڳ الڳ دليلن وسيلي هنن پنهنجي ڳالهه کي صحيح ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. نتيجي ۾ هن دڙي جا ڪيئي نالا پڙهڻ ۾ اچن ٿا، جن ۾ موهن جو دڙو، موئن جو دڙو، مئن جو دڙو، معن جودڙو، موعين جو دڙو، مُهن جو دڙو، مُهين جو دڙو، مهي جو دڙو وغيره شامل آهن.

ڀيرومل مهر چند آڏواڻيءَ جي تحقيق مطابق هن دڙي کي عام طرح ”مُهن جو دڙ،“ سڏجي ٿو. آرڪيالاجي کاتي وارن انهي نالي جي معني ڄاڻائي آهي ”Mound of the Dead “ هن دڙي مان ظاهر آهي ته هو سمجهن ٿا ته اهو نالو اصل ۾ آهي ”مئن جو دڙو“ ۽ رڳو چُڪ کان “مئن“ بدران ”موهن“ لکيو اٿن. سرزمين تي وڃي ڪو پڇا ڪندو ته پڪ ٿيندس ته صحيح اچار آهي ”مُهن جو دڙو“ ۽ ڪي ”مهين جو دڙو“ به چون ٿا. ٻنهي جي معني آهي ”مات ٿيلن جو دڙو“. 49

موهن جي دڙي ڀرسان ڳوٺ ٻلهڙيجي جو رهاڪو ناميارو ليکڪ انور پيرزادو هن دڙي کي ”مُهين جو دڙو“ سڏيو آهي ۽ ان لاءِ پنهنجا دليل پڻ ڏنا آهن. هن لکيو آهي ته 1922ع ۾ انگريزن جڏهن هن دڙي جي اوسي پاسي ۾ ڳوٺ ٻلهڙيجي، حسن واهڻ، بگي ۽ ٻنڊيءَ مان معلوم ڪيو هوندو ته اتي جي ماڻهن کين ٻڌايو هوندو ته اهو ”مُهين جو دڙو“ آهي. اسان چوندا آهيون ”مهون“ هتان ٻه ڪلوميٽر آهي، وڃون ٿا ”مهين“، تي، وغيره وغيره .....اهو ٻڌي انگريزن ان نالي کي انگريزيءَ ۾(Mohen jo |Daro) لکيو هوندو. ان مان موهن لفظ جي معني وٺڻ نه گهرجي، ڇاڪاڻ ته موهن Mohan انگريزيءَ ۾ ٻئي طريقي سان لکيو ويندو آهي. 50

      ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ لکيو آهي ته موهن جو دڙو اصل ۾ ”معن جو دڙو“ آهي، يعني معن قوم جو ڊٺل شهر. معن قوم عرب الباعده ۾ شامل آهي، جن عربستان مان نڪري دنيا جي مختلف ملڪن تي حڪومت ڪئي آهي. ڪتبن مان ظاهر آهي ته معن تبع ۾ سباجي قومن جو هن کان سواءِ سنڌ، ايران، عراق ۽ حبش (ائبيسينا) تي راڄ هو.(51)

محمد ادريس صديقي لکي ٿو ته ”موهن جي دڙي جو مقامي نالو ”مئن جو دڙو“ آهي. کوٽائي ڪرڻ وارا ماڻهو مڪاني زبان نه ڄاڻيندا هئا. ”تن کي ’موهن‘ لفظ وڌيڪ سهڻو لڳو، تنهنڪري انهن موئن جي بجا ’موهن‘ جو لفظ استعمال ڪيو. هينئر اهو نالو ايترو ته عام ٿي ويو آهي، جو اصل نالي جي اهميت ئي نه رهي آهي. سنڌ ۾ باوجود هن جي ته اڳين حڪومت جي سرڪاري گزيٽ ۾ اصل نالي کي قانوني حيثيت ڏني وئي هئي، پر جيڪو غلط استعمال عوام ۾ عام ٿي ويو، ”سو اڄ مشهور آهي ۽ بين الاقوامي حيثيت حاصل ڪري چڪو آهي.“(52 )

ڀائي دوارڪا پرساد روچيرام شرما دڙي جي نالي بابت هن طرح لکيو آهي ”سنڌ جي هن قابل فخر کنڊر تي مهن جو دڙو نالو ڪيئن پيو؟ سنسڪرت جي انهي مش اکر کي پراڪرت ڀاشا ۾ مهه چيو ٿو وڃي. انهيءَ آڌار تي مهن  جو دڙو معنيٰ قتل ٿيل ماڻهن جو دڙو يا ڍير. هن معنيٰ کي قبول ڪرڻ کان پوءَ اسان کي اهو ئي انومان ڪڍڻو پوندو ته هن کنڊر تي موهن جو دڙو نالو انهيءَ جي ڪري پيو، جو ماڻهن جي دلين ۾ اهو وشواس ويٺل هو ته انهي کنڊر تي قتل ٿيل (مهن) موجود آهن. باقي هي جو اڄڪلهه عام ريت هن جهوني کنڊر کي موهن جي دڙي جي نالي سان سڏيو ٿو وڃي سو  سراسر غلط آهي.(53)

هن دڙي جي اصلي نالي جي کوج جي حوالي سان سراج ان بحث کي هنن لفظن ۾ سلجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ”اسان جي ڪن عالمن محض تنگ دليءَ جي ڪري موهن جي دڙي جو نالو مٽائي موئن جو دڙو لکڻ ۽ چوڻ شروع ڪيو آهي. سندن استدلال اهو آهي ته تاريخي طرح موهن نالي ڪو به راجا سنڌ جي تاريخ ۾ نه گذريو آهي ۽ ٻيو ان دڙي کي اهو نالو هندن جو ڏنل آهي، ان ڪري اهو نالو مٽائي ’موئن جو دڙو‘ رکڻ گهرجي. جنهن مان اها معنيٰ نڪرندي ته اهو مئل ماڻهن جو دڙو آهي. اهڙي قسم جي هلڪڙي مذهبي تنگدليءَ جي بنيادي تي سنڌ جي تاريخ سان اهڙا ويل وهائڻ ڪا نئين ڳالهه نه آهي. هندن ان تاريخ کي هندو بنائڻ شروع ڪيو ۽ مسلمان ان کي اسلام قبولايو. موهن جي دڙي ۾ ته هروڀرو هندو نالو ”موهن“ ڳولڻ جي ته تڪليف ورتي وئي آهي. ان لفظ ”موهن“ جو هندو نالي ”موهن“ سان ڪو پري جو به واسطو ڪونهي. هي نالو اصل ۾ هڪ قبيلي جو نالو آهي ۽ ان دڙي جو اصل نالو هو. ”مهن جو دڙو“ جو وقت گذرڻ سان اچار ۾ وڌي واڌ کائي مهن ”موهن“ بنيو آهي.  مهن هڪ قبيلي جو نالو هو جو مڇيءَ تي گذران ڪندو هو ۽ ٻيڙين ذريعي وڏي وڏي توڙي ننڊي پيماني تي مڇي ماري پنهنجو گذر ڪندو هو.“(54 )

مٿين راين جي روشني ءَ ۾ هتي آءٌ پنهنجي راءِ رکڻ به مناسب ٿو سمجهان، ڇو ته منهنجو تعلق موهن جي دڙي جي قريبي ۽ موجوده وڏي شهر لاڙڪاڻي سان آهي، تنهنڪري نه رڳو موهن جي دڙي متعلق مقامي ماڻهن جون ڏندَ ڪٿائون ۽ مفروضا ٻڌا آهن پر ڪيترائي دفعا دڙي تي وڃڻ ۽ آس پاس جي ڳوٺن ۾ رهڻ جو موقعو به مليو آهي. مٿي جن محققن ۽ عالمن جا رايا پيش ڪيا ويا آهن تن مان ڪيترائي رايا بي وزن آهن ۽ انهن محققن جا دليل قابل قبول نه آهن. محترم محمد ادريس صديقي مطابق ”کوٽائي ڪرڻ وارا ماڻهو مڪاني زبان نه ڄاڻيندا هئا، تن کي ’موهن‘ لفظن وڌيڪ سهڻو لڳو، تنهنڪري انهن موئن جي بجاءِ ’موهن‘ جو لفظ استعمال ڪيو.“ منهنجي خيال ۾ اهو ڪو پختو دليل نه آهي، هونءَ به ’موهن‘ ۽ ’موئن‘ ۾ تلفظ جي لحاّظ کان ڪو گهڻو فرق نه آهي، جيڪڏهن انگريز لفظ ’موهن‘ اچاري سگهن پيا ته سندن لاءِ لفظ ’موئن‘ اچارڻ ڪو ڏکيو نه هو.

محترم سراج الحق ميمڻ جي راءِ ۾ ”مسلمانن ’موهن جو دڙو‘ نالو ان ڪري نه قبوليو آهي جو اهو ڪنهن هندوءَ جو نالو ٿي سگهي ٿو.“ ايترو ضرور آهي ته ڪن عقيدتمندن يا انتها پسند هندن موهن لفظ کي شري ڪرشن مهراج جي هڪ نالي ’موهن‘ سان ملائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر مٿي بيان ڪيل راين خود ٻين هندو ليکڪن ڪاڪي ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي ۽ دوارڪا پرساد شرما  ”موهن جو دڙو“ واري نالي کي رد ڪيو آهي. دوار ڪا پرساد ته اڳتي هلي ان ڳالهه جي شديد لفظن ۾ ترديد ڪئي آهي ته لفظ ’موهن‘ جوشري ڪرشن مهراج جي نالي ’موهن‘ سان ڪو به تعلق نه  آهي. تنهن ڪري ان نالي پٺيان مذهبي تنگ دليءَ واري ڳالهه مناسب نه آهي. ها البته سراج صاحب جو اهو امڪان قابل توجهه ۽ قابل تحقيق آهي ته پراڻي زماني ۾ ان شهر تي اهو نالو پيو.

آءٌ ذاتي طور انور پيرزادي جي راءِ سان سهمت آهيان، هن جيڪي دليل ڏنا آهن انهن ۾ وزن آهي، موهن جي دڙي جي آس پاس وارن ڳوٺن مان اڄ به اگر ڪوئي هن دڙي جو نالو پڇندو ته مقامي ماڻهو کيس اهو ئي چوندا ته اهو ’مهين جو دڙو‘ آهي، ۽ ان کان علائقي ۾ اهو نالو صدين کان وٺي رائج آهي، مان سمجهان ٿو تحقيق  جي حوالي سان زميني حقيقتن کي ڪافي اهميت هوندي آهي تنهن  ڪري هن دڙي جو اصل نالو ’مهين جو دڙو‘ سمجهڻ کپي، هتي ٻي ڳالهه پڻ توجهه لائق آهي جنهن جو اشارو محترم سراج الحق ميمڻ پڻ ڏنو آهي سا اها ته ٿي سگهي ٿو ته هن دڙي تي ڪنهن پراڻي قوم جي نالي پٺيان نالو پيو هجي. تاريخ جا ورق ورائي ڏسبو ته سنڌ ۾ قديم دور کان ٻن قومن جو تاريخن ۾ ذڪر اچي ٿو،1. جاٽ ۽ 2 مهي يا ميد. اهو امڪان به رد نه ٿو ڪري سگهجي ته مهي قوم جنهن جي گذران جو اهم وسيلو مڇي مارڻ هو، سا اڳتي هلي مهي مان نون جي اضافي سان منهن بڻجي وئي هجي، اهڙي طرح اڳتي هلي ان قوم ۽ شهر جي برباديءَ کان پوءِ اهو هنڌ مقامي ماڻهن وٽ ’مهين جو دڙو‘ جي نالي سان مشهور ٿي  ويو هجي..... پر ڇو ته هن دڙي کي هن وقت عالمي سطح تي ”موهن جو دڙو“ جي نالي سان شهرت ملي چڪي آهي تنهنڪري غلط العام يا غلط العوام ئي صحيح قبول ڪرڻو پوي ٿو، جيئن سيوستان کي سيهوڻ الور کي اروڙ طور قبول ڪيو ويو آهي.

قدامت ۽ اهميت:

موهن جي دڙي جي قدامت ۽ اهميت کان ڪنهن کي به انڪار ناهي، سنڌ ڌرتيءَ تي صدين کان ڪر کنيون بيٺل دڙي (شهر) جي عظيم تهذيب ۽ ثقافت هزارين سال اڳ هن ڌرتيءَ تي رهندڙ ماڻهن جي مهذب ۽ شائسته هجڻ جي گواهي ڏئي ٿي. فن عمارت سازيءَ کان وٺي، فن مجسمه سازي ۽ فن مصوريءَ کان وٺي فن تحرير تائين هن تهذيب جي مختلف پهلوئن کي پڻ اجاگر ڪيو ويو آهي. هتي موهن جي دڙي جي قدامت ۽ اهميت تي مختصر طور روشني وجهڻ کان اڳ مناسب ٿيندو ته هن عظيم تهذيب جي ذڪر سان گڏوگڏ سندس ڪلهي جوسي ڪن ٻين تهذيبن جو پڻ مختصر طور ذڪر ڪجي ۽ معلوم ڪجي ته دنيا جي ڪهڙن خطن ۾ تهذيب جا ابتدائي سلا اڀريا. انهيءَ سلسلي ۾ جان مارشل ڪافي تفصيل سان لکيو آهي. هو لکي ٿو ته ”عالمن کي کوجنائون ڪرڻ سان معلوم ٿيو آهي ته ڪي ئي هزار ورهيه اڳي اهڙا سڻاوا هنڌ ايشيا ۽ آفريقا ۾ فقط ٻه چار هئا، جتي تهذيب ۽ سڀيتا جا سلا اول اڀريا، جي پوءِ وڌي وڻ ٿيا. هڪڙو مصر ملڪ ۾ نيل نديءَ واري ماٿري، ٻيو ميسوپوٽيميا ڏي فرات (يوفريٽس) ۽ دجله ٽائگرس) ندين جي ماٿري، ٽيون چين ولايت ۾ هوئنگ هو ۽ يانگٽسيڪانگ واري ماٿر ۽ چوٿون پنجاب ۽ سنڌ ۾ سنڌو نديءَ واري ماٿر. مطلب ته دنيا ۾ چار بختاور قومون آهن، جن جي اوائل ۾ پاڻيءَ جو سهنج هو، جنهن ڪري ٻين قومن کان اڳ ترقي ڪيائون. انهن مان هڪڙي آريه قوم هئي، جنهن جو اولاد اڄ تائين هندستان، ايران، وچ ايشيا ۽ يورپ جو ڳچ ڀاڱو والاري ويٺو آهي. ٻي توراني قوم هئي، جنهن جو اولاد چين، جپان ۽ ٿٻيٽ ۾ آهي. ٽين سيميٽڪ قوم هئي، جنهن جي هٿ ۾ عربستان ۽ ايشيا جو الهندو طرف به هو، چوٿين هيميٽڪ قوم هئي، انهن چئن بختاور قومن مان اسان جو وڏو واسطو آريه قوم سان آهي، جنهن رگ ويد واري قديم زماني ۾ سنڌو ماٿر وسائي ۽ انهيءَ قوم جو اولاد هندستان جا ڪيترائي هندو آهن ۽ آڳاٽن هندن مان هن وقت ڪيترا مسلمان آهن. هاڻي چڱيءَ طرح سمجهڻ ۾ ايندو، ته قديم دنيا ۾ سڀيتا جا جيڪي اوائلي ماڳ هئا، تن مان هڪ سنڌو ماٿر هئي، جنهن جهڙي وسيع ۽ ڀري ڀاڱي ماٿر سڄي ايشيا کنڊ جي ڏاکڻي ڀاڱي ۾ ٻي ڪانهي.(55(

دنيا جي تهذيبن جي تاريخ تي نظر وجهندي سنڌو ماٿر جي قديم تهذيب جي حوالي سان جڏهن تاريخ کان اڳ واري دور ۾ سندس واپاري ۽ تجارتي تعلقات کي جاچي ڏسبو ته مليل شهادتن مان معلوم ٿئي ٿو ته قديم دور ۾ سنڌ جي ماڻهن جا سندس ئي ڪلهي جوسي تهذيبن مان ڪيترين سان ويجها لاڳاپا هئا. ميڪڊونيل لکي ٿو ته ”ماهرن جو اندازو آهي ته موهن جو دڙو جي تهذيب ان وقت عروج تي پهتل هئي جڏهن پهريون اهرام مصر تعمير هيٺ هيو، سندس سميري ۽ بابلي تهذيبن سان تجارتي، مذهبي ۽ فني رابطه موجود هئا. (56) خاص طور عراق (ميسوپوٽيما) جي ماڻهن سان سندن گهرو واپاري تعلق هيو.

کوجنائن ذريعي ميسوپوٽيما ۽ سنڌو ماٿر ۾ واپاري لاڳاپن جو پتو پيو آهي. درياهه ذريعي سوين اقتصادي ۽ مذهبي ڳانڍاپن جو پتو ’ار‘ ۽ ’اڪاد‘ جي حڪمران سارگن کان وٺي ”آئزن لارسا جي“ دؤرن 2370-1900 ق.م) تائين ملي ٿو.(57 )

تاريخ جي زماني کان اڳ جيڪو موهن جي دڙي ۽ عراق جي سامي تهذيب جو پاڻ ۾ گهرو تعلق هو تنهن کي پهريان ”انڊو سامي“ تهذيب نالو ڏنو ويو. مگر پوءِ ان جي بجاءِ ’انڊس‘ نالو رکيو ويو ، ڇو ته عراق سان سنڌ جو تعلق نه فقط تمدن جو هو پر واپار ۽ ٻين حالتن جي ڪري به هو..... ار ]عراق ۾ هڪ شهر جو نالو جتي حضرت ابراهيمؑ  پيدا ٿيو هو[ جي کوٽائي مان مسٽر ولي کي گهرن جو هڪ محلو هٿ لڳو، جي موهن جي دڙي وارن گهرن سان لڳ ڀڳ نظر آيا ٿي جنهن مان ڏکڻ عراق ۽ سنڌ جي تعلقات جي وڏي ثابتي ملي آهي.(58 )

سنڌو لوڪن ۽ ڏکڻ ميسوپوٽيما ۾ واقع ار جي ماڻهن جي درميان واپاري تعلقات جي موجودگيءَ جي حقيقي صورت ۾ انتهائي اوائلي شهادت، ار جي شهري رياست وارن آڳاٽن بادشاهن جي شاهي قبرستان مان، جيڪي 2700 سال ق.م کان به اڳي اتي حڪومت ڪندا هئا، هڪ اهڙي مڻڪي جي دستيابيءَ جي صورت ۾ ملي آهي، جيڪو مخصوص ’سنڌو‘ ساخت جو آهي.... پروفيسر پگٽ جو رايو آهي ته سنڌو لوڪن جو سمير وارن سان واپار ڏکڻ بلوچستان ۾ واقع ’ڪلي‘ لوڪن سان ناتن هئڻ جي ڪري وڌيو جن جا سمير سان قديم گهراڻن واري دور ۾ پنهنجا سڌا تعلقات قائم ٿيل هئا.(59)

سنڌو ماٿر جي رهاڪن ٻين جي سڀيتا تان نقل ڪو نه ڪيو، پر پاڻ ٻين ڪيترين قومن  وٽائن پرايو، جنهن ڪري سنڌ جي اوائلي تاريخ ڪيتري قدر دنيا جي تهذيب جي شروعات جي تاريخ ڪري  سمجهڻ گهرجي.(60 )

موهن جي دڙي جي قدامت جي حوالي سان ول ڊيو رانٽ  ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر، محمد رفيق مغل ۽ ٻين محققن جي تحقيق جي روشنيءَ ۾ لکي ٿو ته هن دڙي جي ثقافتي شين جي انڪشاف کان اڳ تاريخدان ائين وسهندا هئا، ته تاريخ جي ابتدا يونان کان ٿي، يورپ جا ڪي ليکڪ وري انهيءَ خوش فهميءَ ۾ مبتلا هئا ته برصغير جا ماڻهو تيسين جهالت ۽ اڻ ڄاڻائي جي چادر تاڻيون سمهيا پيا هئا، جيسين يورپي قومن جي ڏاڏي پوٽن (cousins) آرين غفلت جي ننڊ مان کين سجاڳ نه ڪيو. حالانڪ سنڌ ۾ آرين جي آمد کان تاريخ بلڪل بي خبر آهي. بعض تاريخ نويس ان خيال جا آهن ته جيڪڏهن فرضي طور آرين جي آمد کي سنڌ ۾ قبول به ڪجي ته پوءِ به اهي چوڏهن سؤ (1400) سال قبل مسيح ۾ آيا هوندا. جڏهن ته موهن جي دڙي جي عظيم ثقافت جو بنياد ٽي هزار (3000) سال قبل مسيح ۾ پئجي چڪو هو، جو آهستي آهستي اڍائي هزار (2500) سال قبل مسيح تائين اها ثقافت هڪ عاليشان تهذيب جي صورت اختيار ڪري چڪي هئي.(61)

موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته اهو بار بار ويران ۽ آباد ٿيندو رهيو آهي. ماهرن جو خيال آهي ته گهٽ مان گهٽ 7 شهر انهي هنڌ هڪ ٻئي جي مٿان آباد ٿيا آهن. انهن جو زمانو 7 حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. هڪ تازو زمانو ۽ ٻيو وچون ۽ ٽيون تمام جهونو (تاريخ کان به اڳ جو) زمانو. پڪين سرن جي عمارتن مان پتو لڳي ٿو ان وقت ماڻهو آسودي حال هئا. سر جان مارشل جو خيال آهي ته 3250 ۽ 2750 عيسوي سن کان اڳ واري زماني ۾ اهو شهر آباد هو، ۽ انهيءَ جو لاڳاپو ڌاتوءَ ۽ پٿر جي تهذيب جي زماني سان چيو وڃي ٿو ۽ اهو زمانو بلڪل اوائلي نه چئبو مگر ان هوندي به ايستائين پهچڻ ۾ هن کي ڪيترو ئي عرصو لڳو هوندو. ڪن جو هيءَ چوڻ آهي ته اها تهذيب 7 هزار ورهيه جهوني آهي. (62)

موهن جي دڙي جي عظيم سڀيتا، جنهن ڏانهن دنيا ڀر جا عالم ۽ محقق هميشه متوجه رهيا آهن، جي اهميت ۽ افاديت کان ڪو به انڪار نه ٿو ڪري سگهي. ڇو ته موهن جي دڙي جي قديم آثارن کي ئي تهذيب جي پهرين گهر جو درجو پڻ حاصل آهي.

موهن جي دڙي جي کنڊرن ۾ شهري اڏاوت جي هنن شاندار نشانن کي ڏسي، جيڪي اڄ به جديد کان جديد پيا لڳن، هڪ انگريز مصنف ائين لکڻ لاءِ مجبور ٿي پيو ته هن اتي بيهي ائين ٿي محسوس ڪيو ڄڻ هو اڄ جي لنڪا شهر جي کنڊرن ۾ بيٺو هو. وڌيڪ چيائين ته موهن جي دڙي جي شاهراهه اول ۽ شاهراهه مشرق جي ميلاپ وارو هنڌ ته کيس آڪسفورڊ سرڪس جو چوراهو ٿي معلوم ٿيو. ڏسڻ ۾ ته هي ڳالهيون ڄڻ خوش فهميءَ واريون پيون ڀائنجن، پر حقيقتن جي انهيءَ اڀياس مان پتو پوي ٿو ته اهي دلڪش تشبيهون بي بنياد نه آهن. (63)

عظيم تهذيب:

موهن جو دڙو دنيا جي عظيم تهذيب جو گهوارو آهي. هن ڦٽل شهر جون ديوارون ۽ گهٽيون سندس عظمت جون ڪهاڻيون ٻڌائين ٿيون. هن خاموش ڦٽل شهر جو نظارو عجيب طلسماتي ڏيک ڏئي ٿو. موهن جي دڙي جي کنڊرن اڳيان بيهي ٿوري دير لاءِ اکيون بند ڪري سوچجي ٿو ته هن عظيم شهر جي آبادي ۽ خوشحالي جو منظر اکين اڳيان ڦري اچي ٿو. جتي پورهيتن جي مٿن تي سائي گاهه جون ڀريون نّظر اچن ٿيون، ڏاند گاڏين جا چيڪاٽ ٻڌڻ ۾ اچن ٿا، هڪ پاسي نازڪ نفيس ۽ حسين نرتڪين جو ناچ ۽ ٻي پاسي کوهه تان پاڻي ڀريندي جيڏين سرتين جا ٽهڪ ..... سندن چيلهه ۽ مٿي تي رکيل گهاگهرون ڪيڏيون نه سونهن ٿيون، هڪ طرف نيروليءَ جي دڪان تي رنگن جي ڌنڪ ۽ رونق آهي ته ٻئي پاسي اناج جي گودامن ۽ بازارن ۾ ماڻهن جي پيهه.... پر اکيون کلڻ تي هڪ لک آباديءَ واري ان شهر ۾ هر طرف موت جهڙي خاموشي آهي....... موهن جي دڙي جو اسٽوپا، گهٽيون، دڪان، کوهه، وڏو تلاءُ، گهر، آڳر ۽ رستا اداسيءَ جو ويس اوڍيل نظر اچن ٿا. انهن ويران ۽ اداس کنڊرن کي ڏسي، سنڌو ماٿر جي انهن اوائلي انسانن کي دنيا ۾ تهذيب جي باني چوڻ ۾ ڪا هٻڪ نه ٿي ٿئي. موهن جي دڙي جي واسين جي مهذب زندگيءَ کي ڏسندي هن دور جي ماڻهوءَ جي شعور جا پردا کلن ٿا ۽ تاريخي حوالي سان انسان جي تهذيبي، معاشي، معاشرتي ۽ ذهني ارتقا جو به پتو پوي ٿو.

سر جان مارشل جو چوڻ آهي ته ماڻهن جي ڪوٺيدار ۽ چڱي نموني ۾ ٺهيل گهرن ۽ عياشي ءَ جي اسباب ۽ صفائي جي بلند اصولن ۽ لڌل شين جي نوعيت مان معلوم ڪري سگهجي ٿو ته سوشل ۽ شهري زندگي عراق ۾ مصر جي رهاڪن کان گهڻي قدر اتم ۽ اعليٰ درجي جي هئي.  جيتري قدر مون کي معلوم آهي ته نه مصر ۽ نه سامي قومون عيسوي سن کان ٽي هزار ورهيه اڳ اهڙي درجي واري گهرن ۾ رهنديون هيون جي اڄڪلهه سنڌ جي کوٽائي مان مليا آهي. ان کان پوءِ ٻن سالن جي تحقيقات بعد سر جان مارشل لکي ٿو ته موهن جي دڙي جي رهڻ  وارن گهرن ۽ دڪانن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اتي جي ماڻهن جي زندگي ان وقت بابل (عراق) وادئ نيل (مصر) جي رهاڪن کان تمام گهڻي اڳتي وڌيل هئي.....وري 1931ع ۾ سر جان مارشل لکي ٿو ته ”اسان هن چوڻ ۾ حق تي آهيون ته موهن جي دڙي جو تلاءُ ان جا ڪشادا ’صحت بخش گهر‘ کوهن ۽ پاڻيءَ جي نيڪال ڪرڻ وارا سسٽم ظاهر ڪن ٿا ته شهر جا معمولي ماڻهو به هڪ اهڙي آرام ۽ عيش سان زندگي گذاريندا هئا جا ان وقت جي مهذب دنيا ۾ ڪٿي به نظر ڪا نه ٿي اچي.(64)

موهن جي دڙي جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي يا معياري زندگي صفائي سٿرائي جي پابندي، نظم و ضبط ۽ پر امن زندگي گذارڻ وارن اصولن توڙي عمارت سازي (آرڪيٽيڪچر) مجسمه سازي، اعليٰ درجي جو ڪپڙو تيار ڪرڻ ۽ ٻين هنرن مان سندن متمدن زندگيءَ جو عڪس پسي سگهجي ٿو. موهن جي دڙي جا ماڻهو موجوده دؤر جي ترقي يافته ملڪن وانگر پاڙيسري ۽ ٻين ملڪن سان درآمدي ۽ برآمدي واپار ڪندا هئا. معدنيات ۽ گهٽ قيمتي پٿر پري پري کان گهرائيندا هئا. ڪاٺياواڙ، افغانستان ۽ ايران کان مختلف قسم جا پٿر  جهڙوڪ فيروزه لاجورد وغيره ۽ چاندي درآمد ڪيا ويندا هئا. سائي ۽ نيري رنگ جا پٿر تبت ۽ وسطي ايشيا مان، قعلي خراسان مان ۽ ڪاٺ هماليه مان طلب ڪيو ويندو هيو. اهڙيءَ طرح سنڌ مان مختلف قسم جا ڌاتو الڳ الڳ ملڪن ڏانهن برآمد ڪيا ويندا هئا.

جان مارشل دعويٰ ڪئي آهي ته ڪپهه جي پيداوار پهرين پهرين سنڌو ماٿريءَ ۾ ٿي، يعني دنيا ۾ ڪپهه پهرين پهرين سنڌ ۾ پيدا ڪئي وئي. ڪپهه ٽاڻڻ، ڪپڙي اڻڻ ۽ ڪپڙي سازيءَ جو هنر سنڌ کان شروع ٿيو.... هتي ’سنڌڻ‘ جي نالي سان هڪ قسم جو بهترين ڪپڙو ٺاهيو ويندو هو، جيڪو مغرب طرفان ميسوپوٽيما ڏانهن روانو ڪيو ويندو هو، ۽ ماهرن اها به دعويٰ ڪئي آهي ته مصر جي بادشاهن جون مميون (لاش) ’سنڌڻ‘ ڪپڙي ۾ ويڙهي دفن ڪيون وينديون هيون. (65)

سنڌو تهذيب جي دلچسپ خاصيت، ان جون طويل عمر واريون روايتون آهن، جي اڄ به زندهه آهن. موهن جي دڙي جي آس پاس رهندڙ ڪنڀر اڄ به اهڙا ٿانو ٺاهين ٿا، جي سندن وڏڙا قديم دور ۾ ٺاهيندا هئا، گهڻو وزن ڍوئيندڙ گاڏيون (ڏاند گاڏيون) اڄ به سڄي سنڌ ۾ ڏسجن ٿيون. هي گاڏيون موهن جي دڙي جي پڪل رانديڪن جو ڏيک ڏين ٿيون. جيتوڻيڪ اڄ اسان وٽ موهن جي دڙي واري ڏاند گاڏيءَ جو اصلي نمونو موجود ڪونهي، پر پوءِ به يقين آهي ته رانديڪي واري ڏاند گاڏي ان سان ڪافي هڪ جهڙائي رکي ٿي. ڪپڙي جي ڇُر جون علامتون به سنڌو سڀيتا واري دور کان هلندڙ آهن. موهن جي دڙي جي ڦولدانيءَ واري چٽسالي سنڌ جي کيس جهڙي آهي، جيڪو آڏاڻن تي تيار ڪيو ويندو آهي. (66)

قديم عراق، سمير، شام، قبرص، ايشياءِ ڪوچڪ، وسط ايشيا، يونان ۽ خليج جي رياستن ۾ جيڪي کوٽايون ٿيون آهن انهن مان معلوم ٿئي ٿو ته قديم سنڌ جا واپاري خشڪيءَ ۽ سمنڊ جي رستن جو استعمال ڪندي انهن ملڪن سان واپار ڪندا هئا. دجله ۽ فرات جي ڪنارن جي ويجهو سامرا، فرات جي قريب ’باغوت‘ نالي هڪ جاءِ تي ۽ نينوا ۾ چار هزار سال اڳ جا ٽي ٿانو مليا آهن جن تي مورن جون تصويرون آهن، انهن مان چار مور وات ۾ ڦريون جهلي بيٺا آهن ۽ وچ ۾ ’سواستيڪا‘ جو نشانو ٺهيل آهي. انسائيڪلوپيڊيا برٽينڪا جي بيان مطابق مور برصغير جو پکي آهي. ان جو مطلب ته ڇهه هزار سال پهريان سنڌ جا متمدن تاجر مغربي ايشيا ۾ ٻين شين کان علاوه مور به برآمد ڪندا هئا. (67)

مختصر طور ائين چئجي ته سنڌو ماٿر جي تهذيب ۽ موهن جي دڙي جي ماڻهن پنهنجي هنر، ڪاريگري ۽ ذهانت وسيلي سوين صديون اڳ ئي دنيا تي هڪ اهم ۽ نمايا قوم طور پنهنجي ڇاپ ڇڏي ۽ تهذيبي تاريخ ۾ پنهنجي عظمت جا نشان قائم ڪيا. اهو ئي سبب آهي جو اڄ به تاريخ عالم شاهد آهي ته موهن جي دڙي جي تهذيب، تمدن ۽ ثقافت دنيا جي مڙني متمدن قومن ۾ مرڪزي حيثيت رکي ٿي.

ٻولي:

دنيا جي ڪنهن به خطي جي تاريخ، تهذيب، ثقافت، معاشي ۽ معاشرتي حالتن، علمي، ادبي ۽ سياسي چرپر ۽ ان خطي جي ماڻهن جي ذهني ۽ شعوري ارتقا جو اندازو لڳائڻ لاءِ ان خطي جي ٻولي جي ڄاڻ ۽ اڀياس ضروري آهي. ٻين لفظن ۾ ٻولي جي سرت ۽ سمجهه کان سواءِ ڪنهن به سماج جو مطالعو سمجهه ۽ ساڃاهه هڪ اوکو ڪم آهي. ڇو ته ٻولي اهڙي روشني آهي جيڪا پنهنجي دور جي ڌنڌلي تاريخ کي اجرو ڪري پيش ڪري ٿي، اهو ئي سبب آهي جو دنيا جي قديم تهذيبن مان جنهن جنهن خطي جي ٻوليءَ کي عالم ۽ لسانيات جا ماهر پڙهڻ ۾ ڪامياب ويا آهن، ان خطي جا وڏا راز جهان آڏو نروار ٿيا آهن، پر موهن جي دڙي جي ٻولي اڃان تائين دنيا اڳيان هڪ ڳجهه ئي رهي آهي. جنهن ڏينهن ان ڳجهه جي ڳنڍ کلي وئي، تنهن ڏينهن يقينن اسان جي اڳيان سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب جا نوان رخ سامهون ايندا.

موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ مان لڌل مهرن تي اڪريل مختلف علامتن ۽ اکرن جي روشنيءَ ۾ ڏيهي توڙي پرڏيهي محققن ۽ ٻوليءَ جي ماهرن جي دنيا جي ڪيترين ئي قديم ٻولين سان تقابلي جائزو وٺندي، موهن جي دڙي جي ٻوليءَ کي پڙهڻ جي ڪوشش جي حوالي سان ابتدائي ڪم ڪيو آهي. هتان مليل مهرن تي لکيل اکرن جي باري ۾ محققن الڳ الڳ رايا ڏنا آهن ڪن ۾ انهن تحريرن کي بي معنيٰ تحريرون يا تعويذ وغيره سمجهي نظر انداز ڪيو ته ڪن وري انهن سيلن تي لکيل اکرن کي فلڪيات جي علم ڏانهن لاڙڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ سندن چوڻ هو ته اهي موسم، آب هوا يا ستارن تي مبني پيش گوئين جو هڪ رڪارڊ به ٿي سگهن ٿا. موهن جي دڙي مان مليل انهن مهرن تي ڪجهه اهڙا اکر به ملن ٿا جيڪي قديم چيني، مصري ۽ يوناني تهذيبن ۾ پڻ مروج رهيا آهن. لڌل مهرن جي اکرن کي پهرين سٽ ۾ سڄي کان کٻي ۽ ٻي سٽ ۾ کٻي کان سڄي پڙهيو وڃي ٿو.

آسڪو پارپولا موهن جي دڙي جي دريافت ۽ مهرن ملڻ بابت لکي ٿو ته ”کوٽائيءَ دوران بئنرجي کي ڪجهه تعداد ۾ مهرون مليون. هن هڪ دم سڃاتو ته اهي هڙاپا مان دريافت ڪيل مهرن واري نوعيت جون هيون. اهڙي کوجنا بعد سن 1931ع ۽ 1934ع ڌاري ’هڙپا‘ ۽ ’موئن جي دڙي‘ جي وڏي پيماني تي کوٽائي شروع ڪرائي وئي. کوٽائيءَ دوران جيڪا معلومات حاصل ڪئي وئي، تنهن کي جامع صورت ۾ 1931ع، 1938ع ۽ 1940ع ۾ ستن جلدن ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. انهن مضمونن ۾ تقريباً اڍائي هزار مهرن جا تفصيل، عڪس ۽ مختلف ٺپن تي آڳاٽي سنڌي ٻوليءَ جا جيڪي مختلف اکر اڪريل هئا، تن جو ذڪر ڪيو ويو. حقيقت هيءَ آهي ته انهن مهرن قديم سنڌو تهذيب جي کوجنا ۾ هڪ اهم ۽ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو  آهي.“ (68)

موهن جي دڙي مان هٿ آيل مهرن مان ڪن تي جيڪي اکر لکيل آهن، تن تي الڳ الڳ شين جهڙوڪ مختلف جانورن مڇي، ڍڳي، ڪتي وغيره جي تصويرن ۽ انوکين شڪلين وارو روپ نظر اچي ٿو. اهڙي تصويري لکت دنيا جي ٻين قديم کنڊرن جي کوٽائي مان به مهرن توڙي مختلف قسم جي ڦرهين تي هٿ آئي آهي.

اهي ماڻهو (موئن جي دڙي جا ماڻهو) لکڻ جي فن کان چڱيءَ ريت واقف هئا، پر شايد وڻن جي ڇوڏن يا پتن تي لکندا هئا. اهو ئي سبب آهي جو عراق ۽ مصر جي ابتڙ هتي هڪ به باضابطه تحرير نه ملي آهي ۽ نه ئي وري آئينده ڪائي اميد آهي، البته مٽيءَ تي کوٽيل لفظ ضرور ملي سگهيا آهن. انهن نقشن جو تعداد ٻن هزارن جي لڳ ڀڳ آهي ۽ انهن تي تقريباً ٽي سؤ علامتون موجود آهن. ٽي حصا علامتون اهڙيون آهن جن جو تڪرار ڏهه ڀيرا ٿيو آهي، ٻه ڊزن علامتن جو سؤ دفعا البته هڪ علامت اهڙي آهي جنهن جو تڪرار 800 ڀيرا ٿيو آهي. اهي تاجرن جون ذاتي مهرون هيون، جن سان سندن مال اسباب جي سڃاڻپ ٿيندي هئي. انهن مهرن تي ڍڳي، هاٿي، گينڊي، هرڻ، مڇيءَ جي ڪنڊي، ڏانداري، جهاز، تير، ڪمان، ڪپهه جي گل، ڦڻي، دهل، هٿ، ڦيٿي، جبل وغيره جون علامتون ٺهيل آهن. ان کان علاوه ڪجهه رسمن جي نشاندهي به ڪئي وئي آهي. انهن رسمن جو تعلق پوکن جي واڌ ويجهه سان هيو.(69)

موئن جي دڙي جي مهرن تي اڪريل مختلف علامتن کي جدا جدا عالمن الڳ الڳ ٻولين ۾ پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ”سر اليگزينڊر ڪننگهام، ڊاڪٽر ڪي. پي جيسوال ۽ راءِ بهادر بشن انهن نشانين کي سنسڪرت چئي ان زبان ۾ پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر ڪاربن 14 ۽ ٻين تجربن ثابت ڪيو آهي ته موئن جي دڙي جي سڀيتا آرين جي هندو پاڪ ۾ اچڻ کان اڳ جي آهي. ان ڪري آر لينڊ زائڊ پڻ تاريخي بنياد تي ان لکت  کي سنسڪرت سان ڳنڍڻ غلط قرار ڏنو آهي....... مهاديون لکي ٿو ته سنڌي لکت کي سائنسي طريقن سان چڪاسيندي ان فيصلي تي پهچجي ٿو ته اها پنهنجي بناوت مان ئي غير هند يورپي زبان آهي ۽ سندس لاڳايو دراوڙي زبان سان ٿي سگهي ٿو. پروفيسر اسٽيفن لينگڊن ۽ سي. جي گئڊ جي خيال مطابق سنڌي لکت جا نشان سميري لکت سان ملي اچن ٿا، ان ڪري ڊاڪٽر ايل. اي ويڊل انهن مهرن کي سميري رسم الخط جي مدد سان پڙهڻ جي دعويٰ  ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته سنڌ سميري نو آبادي هئي. آرلينڊ زائڊ ان دعويٰ کي غلط چيو آهي ۽ کيس تاريخ کان ناواقفيت ۽ غير سائنسي قرار ڏنو آهي.... ڊاڪٽر پران ناٿ سنڌي لکت کي برهمي حرفن سان مشابهت ڏئي ڪن مهرن کي پڙهڻ جي دعويٰ ڪئي آهي ۽ ان ۾ ديوي ديوتائن جا نالا پڙهيا آهن، جن مان ڪن جو سميري قوم سان تعلق هو ۽ ڪن جو پراڻ ۽ نانترڪ مذهب سان. ان ڳالهه جي ترديد ۾ اهو چوڻ آهي ته نانترڪ ۽ پراڻن جو مذهب سنڌو تهذيب جي وڌڻ وسڻ کان سوين سال پوءِ جو  آهي.“ (70)

1965ع ۾ سوويت يونين جي ٻن محققن ڪجهه علامتن کي پڙهيو ۽ انهيءَ مفروضي جي بنياد تي ته سنڌو ماٿريءَ جي زبان دراوڙي هئي، ان نتيجي تي پهتا ته مڇي جي علامت لفظ ’مِن‘ جي نمائندگي ڪري ٿي ۽ ان جي معنيَ آهي مڇي، ستارو ۽ چمڪڻ. اهڙي طرح ڪپهه جي علامت ’اِل‘ (ڪپهه يا گهر) عورت جي علامت ’اما‘ (ماءُ، سرخ يا ديوي) ڦڻيءَ جي علامت ’پنتي‘ (ڦڻي يا عورت) ڏانداريءَ جي علامت ’ميتي‘ (هر، پوک، سردار) جي نمائندگي ڪري ٿي، پر نقشن جو تعداد ايڏو گهٽ آهي جو انهن جي مدد سان هتان جي قديم ٻوليءَ جي آوازن ۽ لفظن جو تعين نه ٿو ڪري سگهجي ۽ نه ئي وري ان جي لغت يا گرامر ترتيب ڏئي سگهجي ٿو. ان لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ڏهه هزار نقش گهربل هوندا. (71)

اٽليءَ جي هڪ عالم پيرو ميرگي 1934ع ۾ شايع ٿيل پنهنجي هڪ مضمون ۾ قديم سنڌي لکت کي بروهي ٻوليءَ ۾ هجڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي. جڏهن ته پارپولا ان ڳالهه جي نفي ڪندي لکي ٿو ”گذريل چئن هزار سالن جي دوران بروهي ٻولي ڪافي حد تائين تبديليءَ جو شڪار ٿي چڪي آهي، ان ڪري ان ٻوليءَ جي موجوده سٽاءَ مطابق سنڌي لکت کي پڙهڻ اجايو آهي.“ (72)

قديم سنڌي ٻوليءَ جي حقيقت ۽ موئن جي دڙي جي لکت جي حوالي سان اڄ تائين جيڪا تحقيق ٿي آهي يا جيئن مٿي ڪجهه عالمن جا رايا ڏنا ويا آهن، تن مان اڃان ان ٻوليءَ متعلق ڪو پختو ۽ ٺوس دليل نظر نه ٿو اچي پر مٿي بيان ڪيل قياس آرايون پڻ اهميت رکن ٿيون، جن جي بنياد تي موهن جي دڙي جي لکت تي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ ۾ مدد ملندي. سنڌ جي عالمن ڪاڪو ڀيرو مل، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، سراج الحق ميمڻ ۽ ڪجهه ٻين سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد جي حوالي سان اهم ڪم ڪيو آهي ۽ الڳ الڳ نظريا پيش ڪندي موهن جي دڙي جي لکت بابت پنهنجي پنهنجي راءِ ڏني آهي ۽ ناليواري محقق ۽ مترجم عطا محمد ڀنڀري موهن جي دڙي جي ٻوليءَ کي پڙهڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي آهي. پر سنڌو ماٿر جو هي عظيم ورثو خاص طور سنڌ جي عالمن ۽ محققن جو اڃان به وڌيڪ توجهه گهري ٿو.

 

حوالا

سر مورٽيمر وهيلر ”واديءِ سنڌ اور تهذيبن“ (ترجمو: زبير رضوي) بڪ هوم لاهور سيپٽمبر 2003ع، ص 71

پروفيسر ماڻڪ پٿاوالا ”سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب“ ڪتاب A Physical and Economic Geograpy of Sind  جي هڪ باب جو ترجمو (سنڌيڪار: شمس الدين عرساڻي) ٽه ماهي ”مهراڻ“ نمبر 1 ۽ 2-1966ع، ص 105

هينري ڪزنس ”سنڌ جا قديم آثار“ (ترجمو: عطا محمد ڀنڀرو) سنڌي ادبي بورڊ 1995ع، ص 76

40 Wil Durant Story of civilization vol 1 our oriental Heritage Page 16

قريشي حامد علي خانائي، بهم جو ڀِڙو- ڳاڙهو ڀڙو مقالو) ٽه ماهي مهراڻ 3-1985ع، ص 205

محمد ادريس صديقي سنڌو ماٿر جي سڀيتا (ترجمو: شمس سرڪي) سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 1995ع، ص 37

مولائي شيدائي، سنڌ جا قديم بندرگاهه (مقالو) الوحيد ”بمبئيءَ کان سنڌ آزادي نمبر“ سيپٽمبر 1979ع، ص 79

ساڳيو، ص 80

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، هاڪڙي درياءَ جي ماٿري ۽ ان جا قديم شهر (مقالو) مندوار ”سنڌ“ (ڇهون ڪتاب) ص 149

ساڳيو، ص 151

اشتياق انصاري سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا سنڌيڪا 1996ع، ص 378

سر مورٽيمر وهيلر ”وادئ سنڌ اور تهذيبين“ (ترجمو؛زبير رضوي) بڪ هوم لاهور سيپٽمبر 2003ع، ص 45

اشتياق انصاري (حوالو مٿي ڏنل ساڳيو) ص 95

مرزا قليچ بيگ ”قديم سنڌ ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو“ سنڌي ادبي بورڊ 1981ع، ص 22

ساڳيو، ص 75

هينري ڪزنس (حوالو مٿي ڏنل)، ص 86

مولائي شيدائي (حوالو مٿي ڏنل)، ص 80

ساڳيو

مرزا قليچ بيگ (حوالو مٿي ڏنل)، ص 58-59

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڀنڀور- ديبل جو اصل ماڳ (تقرير) ڪتاب ”ڀنڀور ۽ ديبل“ (سهيڙيندڙ: عبدالقادر منگي) ٿر پبليڪيشن مٺي 1993ع، ص 4-5

ڊاڪٽر ايف-اي خان، ڀنڀور-ديبل جو ماڳ (مقالو) ڪتاب ”ڀنڀور ۽ ديبل“ (سهيڙيندڙ: عبدالقادر منگي) ٿر پبليڪيشن مٺي 1993ع، ص 14

قريشي حامد علي خانائي (حوالو ساڳيو)، ص 14-213

هينري ڪزنس (حوالو ساڳيو)، ص 166

قريشي حامد علي خانائي (حوالو ساڳيو)، ص 214

محمد ادريس صديقي (حوالو ساڳيو)، ص 52-53-54

هينري ڪزنس (حوالو ساڳيو)، ص 169

ساڳيو، ص 178

ڊاڪٽر غلام علي الانا، لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي 1977ع، ص 109

290 Henry Cousens, M.R.A.S, The Antiquities of Sind (With Historical Outlines) Calcutta :Government of India Central Publication Branch 1929 p.167

قريشي حامد علي خانائي (حوالو ساڳيو)، ص 212

ڊِاڪٽر محمد رفيق مغل، بهم جي ڀڙي جا قديم آثار (مقالو) (ترجمو: مراد علي مرزا) ٽه ماهي ”مهراڻ“ 2-3 1991ع، ص 77-79-80

عبدالله ورياهه ضلعي سانگهڙ جا قديم آثار (مقالو) ڪتاب ”سانگهڙ صدين کان“ (مرتب: عبدالله ورياهه) سانگهڙ هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل سوسائٽي 1992ع، ص 183

ساڳيو ص 87-185

ساڳيو ص 88-187

عبدالله ورياهه نهٽو، ٿر جو هڪ قديم ماڳ (مقالو) ڪتاب ”ٿر“ (مرتب: عبدالقادر منگي) ٿر پبليڪيشن مٺي 1993ع، ص 81-79-178

تاج صحرائي ٿرڙيءَ جو دڙو شڪارپور ضلعي جو قديم آثار (مقالو) ڪتاب ”شڪارپور صدين کان“ (مرتب: ڊاڪٽر عبدالخالق ”راز“ سومرو) شڪارپور ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي 1988ع، ص 137

ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ ”لاڙڪاڻو-ماضي ۽ حال“ (مرتب: بدر ڌامراهو) موهن جودڙو پبلشنگ ايجنسي لاڙڪاڻو 2001ع، ص 70

هدايت منگي ”ٻه هزار سال اڳ واري سنڌ جا آثار“ (مقالو) روزاني ”عوامي آواز“، اربع 8 سيپٽمبر 1993ع

ساڳيو

ساڳيو

ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ (حوالو ساڳيو)، ص 72

هدايت منگي (حوالو ساڳيو)

دين محمد ڪلهوڙو ”قنبر جا تاريخي ماڳ ۽ مڪان“ (مقالو) ڪتاب ”لاڙڪاڻو-تاريخي ۽ تحقيقي مطالعو“ (مرتب: احسان دانش) لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي 2005ع، ص 149

هدايت منگي ”ٻه هزار سال اڳ واري سنڌ جا آثار“ (مقالو) روزاني ”عوامي آواز“ اربع 7 سيپٽمبر 1993ع

امام راشدي ”رتيديري جا قديم ماڳ“ (مقالو) ڪتاب ”لاڙڪاڻو-تاريخي ۽ تحقيقي مطالعو“ (مرتب: احسان دانش) لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي 2005ع، ص 72-171

هدايت منگي (حوالو ساڳيو) 8 سيپٽمبر 1993ع

ساڳو

”سنڌ جي قديم تاريخ ۽ قديم تهذيب _موهن جو دڙو“ الوحيد اسپيشل ايڊيشن ’سنڌ آزاد نمبر‘، ص 5

ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي ”قديم سنڌ“ سنڌي ادبي بورڊ 1980 ع، ص 78

انور پيرزادو ”متان وساريو “ انور پيرزادو اڪيڊمي 2007ع، ص 60

انيس انصاري ”سنڌو ماٿريءَ جو پراچين رسم الخط“ ڪتاب ”لاڙڪاڻو صدين کان“ (مرتب:ڊاڪٽر بشير احمد شاد) 1995 ع، ص 70

محمد ادريس صديقي (حوالو ساڳيو)، ص 37

ڀائي دوارڪا پرساد روچيرام ”سنڌ جو پراچين اتهاس“ ڀاڳو ٻيو، ص 47

سراج ”سنڌي ٻولي“ ڇاپو پهريون اپريل 1994ع، ص 20_119

Sir John Marshall (Mohen jo Daro and Indus civilization) vol.1 p.94

Will Durant Story of Civilization vol.1 (our oriental Heritage)p. 17

Mallowan. M., The Mechanics of Ancient Trade in Western Asia Iraq (111) London 1965 p.p1-9

”سنڌ جي قديم تاريخ ۽ تهذيب-موهن جو دڙو“ الوحيد اسپيشل ايڊيشن ”سنڌ آزاد نمبر“، ص 7 ۽ 10

ايڇ.ٽي لئبمرڪ ”سنڌ_ مسلمان جي فتح کان اڳ“ (ترجمو: سومار علي سومرو) سنڌي ادبي بورڊ 1984ع، ص 38_37

ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي (حوالي ساڳيو)، ص 50

 ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر ”سنڌي ثقافت ۽ شاهه لطيف“ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز 1991ع، ص 82-81

”سنڌ جي قديم تاريخ ۽ قديم تهذيب، موهن جو دڙو“ الوحيد اسپيشل ايڊيشن ”سنڌ آزاد نمبر“، ص 8-7

محمد ادريس صديقي (حوالو ساڳيو)، ص 57 56

 ”سنڌ جي قديم تاريخ ۽ قديم تهذيب_ موهن جو دڙو“ الوحيد اسپيشل ايڊيشن ”سنڌ آزاد نمبر“، ص 8-7

قريشي حامد علي خانائي (حوالو ساڳيو)، ص 186

660 Bunting, Ehel-jane w., sindhi tombs and textiles-The Persistence of pattern,university of Mexico press U.S.A p.65

جمنا داس اختر ”قديم سنڌ اور اس ڪي روابط“ جنگ مڊويڪ ’مهران رنگ‘ 12 اگسٽ 1987ع، ص 10

 آسڪو پارپولا  ”سنڌو لکت جو اڀياس“ ڪتاب ’سنڌ صدين کان‘ (مرتب:ممتاز مرزا) شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز 1982ع، ص 22-121

سبط حسن ”پاڪستان مين تهذيب ڪا ارتقا“ مڪتبه دانيال ڪراچي (ٻارهون ايڊيشن) 1999ع، ص 71

انيس انصاري (حوالو ساڳيو) 69_69_67

سبط حسن (حوالو ساڳيو) 71_72

انيس انصاري (حوالو ساڳيو) 71

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org