موهن جي دڙي جي ٻولي
اسڪوپارپولا
سنڌو لکيت جو اڀياس
اڄ کان پوءِ هڪ سو سال اڳ، 1875ع ۾، سر اليگزانڊر ڪننگهام
”هڙپا“ مان لڌل هڪ ”عجيب و غريب چيز“ جي باري ۾
مضمون شايع ڪيو. اها چيز دراصل سنڌو تهذيب جي
اولين مهر هئي. جا پنجاب جي آثار قديمه هڙپا مان
هٿ ڪئي، جتي ڪننگهام 1953ع ۽ 1856ع ۾ ويل هو. هن
پنهنجي مضمون ۾ ڄاڻايو ته ”ڪتبو ڇهن مختلف نوعيت
وارن اکرن ۾ اڪريل آهي. جن جي مون کي ڪا ڄاڻ نه
آهي، پر هي خاطري سان چئي ٿو سگهجي ته اهي ڪنهن به
هندستاني ٻوليءَ جا اکر نه آهن، ڇاڪاڻ ته جنهن ڍڳي
جي تصوير اکرن سان گڏ اڪريل آهي، ان جو ڪلهو اڀريل
نه آهي. ان ڪري آءٌ هن نتيجي تي پهتو آهيان ته اها
مهر هندستان سان نه، بلڪه ڪنهن ٻئي غير ملڪ سان
تعلق رکي ٿي.“ ٻن سالن پڄاڻان، 1877ع ۾، هن پنهنجي
اڳ ڄاڻايل خيال تي نظر ثاني ڪئي ۽ سردست مهر تي
اڪريل اکرن جي پڙهڻي پڻ پيش ڪئي، جا سندس راءِ
مطابق ”لا.ڇ.م.يا“ هئي. ان سلسلي ۾ هيءَ راءِ قائم
ڪيائين ته مهر جي لکڻيءَ جو تعلق اهڙي ڪنهن قديم
هندستاني ٻوليءَ سان هو، جا اڄڪلهه مروج نه آهي ۽
ان زماني سان واسطو رکندڙ هئي، جيڪو ”ٻڌ“ جي لڳ ڀڳ
هو. سن 1884ع ڌاري هڪڙي ٻي مهر پڻ ڳولي ڪڍي ويئي.
جنهن تي ساڳي نوعيت جا پنج اکر اڪريل هئا، ليڪن
اکرن سان گڏ ڪنهن به ڍڳي جي شۡڪل اڪريل نه هئي.
مذڪوره مهر، جي هاروي (j.harvey)
طرفان هڙپا مان دريافت ڪئي ويئي ۽ ان بنسبت هڪ
مضمون، ايم لانگورٿ (M.longworth)
طرفان سن 1886ع ۾ شايع ڪيو ويو هو. هن صاحب 1912ع
ڌاري ساڳي نوعيت واري ٽين مهر پڻ هڙپا مان دريافت
ڪئي، جيڪا هن برطانوي عجائب گهر (british
museum)
کي تحفي طور ڏني، جتي اڳ جون لڌل مهرون پڻ محفوظ
ٿيل آهن، انهن ٽنهي مهرن جا تفصيل ۽ عڪس ساڳئي سال
1912ع ۾ مسٽر جي ايف فليٽ (j.f.fleet)
طرفان شايع ڪرايا ويا هئا.
ليڪن هڙپا جي کنڊرن جي باقاعدي کوٽائيءَ جو سلسلو، سر جان مارشل
(sir
johan marshal) جي اصرار تي ديارام ساهنيءَ طرفان 1921ع ڌاري شروع ڪيو
ويو. ابتدائي آزمائشي کوٽائي ۾ ئي ڪيتريون مهرون،
نيون دريافت ڪيون ويون، جنهن مان اهو صاف ظاهر هو
ته اهي مهرون ڪنهن اهڙي نئين تهذيب سان تعلق رکندڙ
هيون، جيڪا “موريا“ گهراڻي واري زماني کي گهڻو
پٺتي ڇڏي ٿي ويئي، حالانڪه موريا گهراڻي واري دور
کي هندستان جي تاريخ ۾ نهايت ئي پراڻو۽ قديم تصور
ڪيو ٿي ويو.
اهو به هڪ عجيب اتفاق هو جو ساڳئي وقت، سن 1922ع ڌاري، راءِ
بهادر بئنرجي، سنڌ ۾ ”موهن جي دڙي“ جي کوٽائي شروع
ڪئي، آثار قديمه جي هن پراڻي کنڊر جي ڄاڻ ته ڪافي
ايامن کان هئي، ليڪن سمجهيو ائين ٿي ويو ته هن دڙي
جو تعلق عيسوي سن جي شروعاتي دور سان آهي، ڇاڪاڻ
ته دڙي جا ڪنگرا، جيڪي ڍير مٿان ظاهر آهن، سي گوتم
ٻڌ جي ٺل ۽ ٻڌ عبادت گاهه جي نشاندهي ڪن ٿا ۽
عمارت سازي ۾ جيڪي سرون ڪتب آنديون ويون هيون، سي
انهن سرن کان گهڻو مختلف نه هيون، جي ويجهڙائي
واري دور جي دڙن مان مليون هيون.
کوٽائيءَ دوران بئنرجي کي ڪجهه تعداد ۾ مهرون مليون. هن يڪدم
سڃاتو ته اهي هڙپا مان دريافت ڪيل مهرن واري نوعيت
جون هيون. اهڙي کوجنا بعد سن 1931ع ۽ 1934ع ڌاري
”هڙپا“ ۽ ”موهن جي دڙي“ جي وڏي پئماني تي کوٽائي
شروع ڪرائي ويئي. کوٽائيءَ دوران جيڪا معلومات
حاصل ڪئي ويئي، تنهن کي جامع صورت ۾ 1931ع، 1938ع
۽ 1940ع ۾ ستن جلدن ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. انهن
مضمونن ۾ تقريباً اڍائي هزار مهرن جا تفصيل، عڪس ۽
مختلف ٺپن تي آڳاٽي سنڌي ٻوليءَ جا جيڪي مختلف اکر
اڪريل هئا، تن جو ذڪر ڪيو ويو. حقيقت هي آهي ته
انهن مهرن قديم سنڌو تهذيب جي کوجنا ۾ هڪ اهم ۽
مرڪزي ڪردار ادا ڪيو آهي.
حالانڪه کوٽائي ۽ کوجنا ذريعي هن وقت تائين آثار قديمه جي اڍائي
سؤ کن کنڊرن جو جائرو ورتو ويو آهي. تڏهن به موهن
جي دڙي ۽ هڙپا کان گهڻا ننڍا فقط ٽي شهر اهڙا مليا
آهن، جن ۾ مهرن ۽ ٻين ڪتبن جو مناسب انداز هو.
انهن مان هڪ ”چنهون جو دڙو“ آهي، جو مسٽر ارنيسٽ
مئڪي سن 36-1935ع ۾ کوٽايو هو ۽ کوٽائي جي رپورٽ
1943ع ۾ شايع ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ اهو به ڄاڻايو
ويو هو ته اسي (80) کن ڪتبا ملي سگهيا آهن. ٻيو
”لوٿل جو کنڊر“ جيڪو گجرات ۾ آهي، تنهن جي کوٽائي
ايس. آر. راءِ سن 61-1954ع ۾ ڪئي هئي. کوٽائيءَ جي
نتيجي ۾ ٻين چيزن سان گڏ هن 81 کن مهرون پڻ ڳولي
لڌيون. جن جي هڪ پاسي تي (سٽ جي) نڙانڊين ۽ ڌاڳي
جا نشان، ۽ 12 اهڙيون مهرون جن جي پٺئين طرف
هڪجهڙي قسم جا نقش اڪريل هئا. اهي سڀ نادر چيزون
هڪ سڙيل گدام جي ڍير مان دريافت ڪيون ويون. هن وقت
تائين سرسري طور ستر کن ڪتبن متعلق اڌو گابريون
رپورٽون لکيون ويون آهن. آخري مڪمل رپورٽ ۽ ڪجهه
ڪتبن جي اشاعت اڃا رهيل آهي، ان رپورٽ جو تعلق
انهن کوٽاين سان آهي، جيڪا بي. بي. لال ۽ بي.
ڪي.ٿپر، طرفان راجستان جي ”ڪالي بنگن“ ايراضيءَ ۾
ڪيون ويون هيون. ان هنڌ تي 145 اهڙا ڪتبن وارا ٺپا
پڻ مطالعي جي لحاظ کان رکيا ويا آهن.
مٿي ڄاڻايل ٽنهي شهرن جي کنڊرن مان اٽڪل ٻه سؤ کن مهرون مليون
آهن. انهن جو تعداد سنڌو تهذيب جي جملي ڳولي لڌل
مهرن ۽ ڪتبن جو سٺ سيڪڙو آهي، ان کان سواءِ
پندرنهن کن ٻين ننڍڙين ايراضين مان، جن جو تعلق
هڙپا تهذيب سان آهي. 34 کن ڪتبا مليا آهن، جيڪي
جملي تعداد جو هڪ سيڪڙو مس آهن. ازانسواءِ ڪيترا
ٻيا اهڙا کنڊر پڻ ڏٺا ويا آهن، جيڪي نوان هئڻ سان
گڏ وڏي رقبي تي پکڙيل آهن، جن جي کوٽائي پڻ قدري
شروع ڪئي ويئي آهي. ان مان صاف ظاهر آهي ته آڳاٽين
مهرن ۽ ڪتبن جو هن وقت تائين جيڪو تعداد گڏ ڪيو
ويو آهي. تنهن ۾ رفتي رفتي اضافي ٿيڻ جو ڪافي
امڪان آهي. خاص ڪري ”موهن جو دڙو“ هن ڏس ۾ انتهائي
زرخيز ثابت ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته دڙي جي وڏين
ايراضين کي بلڪل هٿ نه لاٿو ويو آهي. سنه 1954ع ۾
جارج ڊيل طرفان جيڪا هڪ مختصر ۽ معمولي کوٽائي ڪئي
ويئي هئي، ان جي نتيجي ۾ پڻ 22 کن ڪتبا برآمد ٿيا
هئا، جن متعلق رپورٽ هاڻي زير طبع آهي.
آثار قديمه جي وقت بوقت رپورٽن ۽ رسالن ۾ جيڪي فوٽو گراف شايع
ڪيا ويا آهن انهن کان علاوه فقط هڪ ڪتاب موجود
آهي، جنهن ۾ اصلي عبارتون شامل آهن. اهو ڪتاب
1929ع ۾ لکيو ويو آهي، جڏهن جي. آر هنٽر طرفان
سندس عالمانه مقالو مڪمل ڪيو ويو، جيڪو ”هڙپا ۽
موهن جي دڙي جي ٻولي ۽ سندس ٻين ٻولين جي لپين سان
تعلق“ جي نالي سان مشهور آهي. هن ڪتاب ۾، جيڪو پنج
سال پوءِ 1934ع ۾ ڇپايو ويو، هنٽر پنهنجا دستخط،
جي هن موقعي تي دڙي ۽ هڙپا جي ميوزيم ۾ مارچ ۽
اپريل 1927ع دوران ڪيا هئا، تن جا نقل پڻ شايع ٿيل
آهن. ان وقت تائين فقط 800 کن ڪتبا ڳولي لڌا ويا
هئا. سن 1964ع ۾ جڏهن مون ۽ منهنجي دوستن، سنڌوءَ
جي ڪتبن جو مطالعو شروع ڪيو، تڏهن اسان کي اهو
پورو احساس ٿيو ته هن ڏس ۾ اها اسان جي ابتدائي
ڪوشش ٿيندي ته جو ڪجهه مواد في الحال موجود آهي،
اهو هڪ هنڌ گڏ ڪري ڪتابي صورت ۾ ترتيب ڏنو وڃي ته
جيئن اڳتي هلي هڪ قابل اعتبار فهرست جو ڪم ڏئي
سگهي. هن ڪم جي پورائي ۾ ڪافي رنڊڪون حائل آهن.
انهن ۾ هڪ رڪاوٽ هي آهي ته صحيح ۽ درست پڙهڻيءَ جي
خاطري ڪرڻ لاءِ، جن شايع ٿيل فوٽن جي ضرورت آهي،
اهي اڪثر اڻپورا آهن يا وري کٽل آهن.
اهڙي صورتحال هئڻ ڪري اسين انهي لاءِ مجبور ٿياسون ته اسان وٽ
جيڪي لکتون موجود آهن، تن کي انهن اصلي دستاويزن
سان ڀيٽي خاطري ڪريون، جيڪي هندستان خواه پاڪستان
جي عجائب گهرن ۾ رکيل هئا. اختياريءَ وارن جي
اجازت سان مون هندستان ۽ پاڪستان جي انهن جملي
دستاويزن کي نظر مان ڪڍيو، جن جي مون کي ڄاڻ ۽
سڃاڻ هئي. اهو قدم نهايت سودمند ثابت ٿيو، ڇاڪاڻ
ته نه فقط بي يقينيءَ واري ڪيفيت ختم ٿي، پر اٽڪل
پنج سؤ کن اهڙا دستاويز جيڪي هيل تائين گمناميءَ ۾
هئا، سي نڪري نروار ٿيا. انهن مان اڪثريت اهڙن
دستاويزن جي هئي، جي موهن جي دڙي ۽ هڙپا جي نگران
عملدارن طرفان ڪيل محدود کوٽاين ۾ دريافت ڪيا ويا
هئا، ۽ جن متعلق آثار قديمه جي ”سروي آف انڊِيا“
وارين ساليانين رپورٽن ۾ مختصر خبر چار پڻ شايع
ڪئي ويئي هئي. مون کي قوي اميد آهي ته آءٌ، هاڻ
انهن هڪ هزار کن دستاويزن جو آسانيءَ سان مطالعو
ڪري ٿو سگهان، جن بنسبت 1971ع ڌاري فقط اهڙي به
معلومات ڪا نه هئي ته اهي دستاويز ڪٿي موجود آهن.
اهڙين سهولتن جي ميسر هئڻ ڪري هاڻي اهڙي تفصيلي
فهرست تيار ڪري سگهجي ٿي، جا جلد شايع ڪئي ويندي.
اهڙي فهرست ۾ دستخطي خواهه ڪمپيوٽر جون ترتيب ڏنل
ڪاپيون پڻ شامل ڪيون وينديون. هيءَ تجويز پڻ خيال
۾ رکي ويئي آهي ته اهڙي ڪتاب ۾ ڪجهه وقت بعد اهڙا
فوٽو شامل ڪيا ويندا جي سموري مواد جا نئين سر
ورتل هجن. رٿيل ڪتاب ”يونيسڪو“
(uNESCO) جي زير سرپرستي شايع ڪيو ويندو. هن وقت تائين مون انهن
چاليهارو ڪن دستاويزن جو ذڪر نه ڪيو آهي، جي سنڌو
جي تهذيب سان نسبت رکن ٿا، جيڪي مشرق قريب کان
مليل آهن. انهن مان ڪجهه دستاويز ته سنڌو تهذّيب
جي انهيءَ کوجنا کان ڪافي اڳ دريافت ڪيا ويا هئا،
جڏهن سر جان مارشل سڀ کان پهرين اهڙو اعلان 20
سيپٽمبر 1924ع تي لنڊن جي مشهور اخبار ”السٽريٽيڊ
ويڪلي“ ۾ ڪيو هو. انهن شين جي سڃاڻپ وقت ئي اهو
محسوس ڪيو ٿي ويو ته سندن ميسوپوٽيميا جي تهذيب
سان ڪو واسطو نه هو، ڇاڪاڻ ته اهي شيون زمين جي
مٿاڇري واري سطح مان لڌيون ويون هيون. مثال طور
سنڌو جي هڪ مهر، جا ڪش (kish)
مان ارنيسٽ مئڪي کوٽي ڪڍي هئي، تنهن ذريعي سنڌو
سڀيتا جي اوج واري زماني متعلق نهايت اهم خبر چار
مهيا ٿي سگهي. جنهن جي بنياد تي ۽ ٻين اهم ڪسوٽين
جي مد نظر هيءَ اندازو لڳايو ويو آهي ته اهو زمانو
2500-1800 سال قبل مسيح جو آهي. ياد رهي ته اهو
ارنيسٽ مئڪي ساڳيو ئي آثار قديمه جو ماهر آهي جنهن
بعد ۾ موهن جي دڙي ۽ چنهون جي دڙي ۾ کوٽايون
ڪرايون هيون.
هڪ مضمون جيڪو سموپارپولا، رابرٽ. ايڇ. برونسوگ جونيئر ۽ مون
ترتيب ڏنو آهي، ۽ ترت شايع ڪيو ويندو، تنهن ۾ اسان
هي دستاويزي ثبوت پيش ڪيو آهي ته لاگاس ۾ ڪافي
ايامن کان يعني 21 صدي ق.م ڌاري ميلوها جي هڪ
ڪالوني آباد هئي. ان کان علاوه اهڙي دستاويز ۾
اسان کي ميلوها جي رهاڪن جا شخصي نالا پڻ ڏسجڻ ۾
اچن ٿا، حالانڪه اهي سميرين جا نالا هئڻ ڪري اسان
جي نراسائي جو سبب بڻجن ٿا، ليڪن ساڳئي وقت اهو
مسئلو دلچسپيءَ کان به خالي نه آهي، ڇاڪاڻ ته ان
مان هي ثابت ٿئي ٿو ته اهي ميلوها جا باشندا سمير
۾ ايتري طويل عرصي کان رهائش اختيار ڪندا رهيا
هئا، جو سندن رهڻي ڪهڻي ۽ تهذيب پڻ سمير جي رهاڪن
جهڙي ٿي ويل هئي. انهي صورتحال جي مدنظر اهو هڪ
لازمي امر هو ته سندن طرفان سميرن جون ٻيون مقامي
روايتون پڻ نقل ڪيون وڃن. مثلاً اهڙين مهرن جو
استعمال جيڪي ويلڻ يا نڙانڊي جي شڪل جيان هيون.
جيڪڏهن مشرق قريب ۽ هڙپا ٻنهي جي جملي دستاويز
مواد جي باريڪ بينيءَ سان مڪمل چڪاس ڪئي ويندي ته
اهي سميرن جا نالا هن خيال تي جي. آر. هنٽر جي
انهيءَ عالمانه راءِ جنهن جو اظهار سندس طرفان
1932ع ۾ ڪيو ويو هئو. پٺڀرائي ڪن ٿا ته ”مشرق قريب
هڙپا جا نقش حالانڪه سنڌو لکت ۾ اڪريل آهن، تڏهن
به هڪ ٻئي کان ايتريقدر مختلف آهن جو محسوس ايئن
ٿو ٿئي ته ڄڻ جدا جدا ٻولين ۾ لکيل آهن. مثال طور
سنڌو لکيت جو هڪ تصويري نشان جيڪو چوڏهن سئو
(1400) دفعا استعمال ڪيو ويو آهي ۽ ٻين اکرن جي
مقابلي ۾ جلي هٿ آيل نشانن جي ڏهه سيڪڙي برابر
آهي، اهو اُر (ur)
۾ تلاش ڪيل مهرن ۾ فقط هڪ گول مهر ڏٺو ويو آهي، جو
پنهنجي همشڪل سان گڏ اڪريل آهي، گول مهر تي اهڙي
لاثاني نقش جا نمونا مشرق قريب جي اهڙن هم چورس
مهرن جي ڀيٽ ۾ عجيب محسوس ٿين ٿا، جن تي سنڌو
ماٿريءَ جا بلڪل عام ۽ معمولي نمونا چٽيل آهن.
علاوه ان جي انهيءَ مهر جي نقش جي ٻولي سميرن ڏسجڻ
۾ اچي ٿي. انهيءَ ڪري ٿي سگهي ٿو ته اهي گول مهرون
اڳتي هلي شايد سنڌو لکيت جي ڳجهارت حل ڪرڻ ۾ وڏي
آزمائش جو باعث ثابت ٿين.
”هيءَ معلومات ملڻ دلچسپيءَ جو باعث ٿيندي ته ”ڪتبي“ جي معنيٰ ۽
مطلب ڇا آهي.“ اهو سوال مسٽر لانگ ورٿ ڊيمس طرفان
هڙپا وارين مهرن جي سلسلي ۾ 1886ع ڌاري اٿاريو ويو
هو. انهن ڪتبن جي ٻولي سمجهڻ لاءِ هن وقت تائين
جيڪي ڪوششون ڪيون ويون آهن، تن جو فقط ذڪر ڪرڻ ئي
نهايت طويل ٿيندو، يا وري اهو سمجهائڻ ته سنڌوءَ
واري لکت براهمي يا ايسٽر جزيره واري لکت سان ڪهڙي
سبب لاڳاپو نه ٿي رکي، جيئن ڪن ماهرن جو خيال آهي،
مون کي دراصل پاڻ کي هڪ محدود انتخاب تائين پابند
رکڻو آهي. هن ڏس ۾ جا تازي تبديلي يا نئين صورتحال
پيدا ٿي آهي، سا هيءَ آهي ته 1974ع ۾ شام جي آثار
قديمه جي ماهر جي.وي. ڪنيئر طرفان هڪ مطالعي کي
ڪتاب صورت ۾ شايع ڪيو ويو جنهن کي ”انڊو سميرين“
چيو وڃي ٿو. هن سنڌو لکيت جي مختصر ليڪن سان
شروعات ڪئي جيڪي ”الف“ جيان اڀا لکيا ٿي ويا ۽ جن
ليڪن کي الان، ايس. سي. راس 1938ع ۾ انگن جي حيثيت
سان سڃاتو ٿي. ڪنيئر ولسن جو رايو هي آهي ته سنڌو
لکيت جا ڪي نمونا وڏي انداز جي انگن سمان ڪتب آندا
ويا آهن، سي بطور ڪيترين شين جي ماپ جي. هن لکت
سمجهڻ جو طريقو هي آهي ته سنڌو لکيت جي نشانن کي
ساڳي شڪل جي سميرين نشانن سان ڀيٽيو وڃي ۽ سنڌو
لکيت جي مضمون وارن انگن جي ساڳي نوعيت واري
سميرين معيشيت وارن مضمونن سان ڀيٽ ڪئي وڃي، جن ۾
انگ پڻ شامل آهن، بنيادي عنصر هي آهي ته ٻئي لکتون
ڪنهن قديمي زماني ۾ هڪ ئي جڙ مان ڦٽي نڪتل آهن،
انهيءَ ڪري اصليت ٻنهي لکيتن ۾ هڪجهڙائي موجود ۽
محفوظ ٿيل آهي. انهن لفظن جي آواز تي مبني اچار
سميرين وارا ڏنا ويا آهن.
جيستائين عنوان جو تعلق آهي ته مسٽر ڪنيئر انهيءَ پراڻي بحث کي
دهرايو ٿي، جو جان مارشل جي 1924ع واري اعلان بعد
شروع ٿيو هو. هڪ هفتي بعد لنڊن جي ”السٽريٽيڊ
ويڪلي“ ۾ مسٽر اي. ايڇ. سائس جو هڪ مختصر خط شايع
ٿيو، جنهن ۾ سنڌوءَ جي مهرن ۽ ٺڪر جي ٿانون کي
ايلامائيٽ جي ٺپن سان ۽ سوسا ۾ جيڪو ڪاشيءَ جو
سامان تلاش ڪيل هو، تنهن سان ڀيٽيو ويو هو، ۽ ان
لاءِ دليل هي ٿي پيش ڪيو ويو ته ٻئي عملي طور
هڪجهڙا هئا. ان کان هڪ هفتي بعد ساڳئي هفت روزه ۾
مسٽر سي. جي. گلڊ ۽ سڊني سمٿ طرفان هڪ مضمون شايع
ڪرايو ويو، جنهن ۾ هنن سنڌو ميسوپوٽيميا جي تهذيب
جي ڪيترن پهلوئن درميان ڀيٽ ڪئي هئي، جنهن ۾ سنڌو
۽ سميرين شڪليون پڻ ڄاڻايون هيون، جن کي هنن بطور
”ڳوڙهي رشتي واري“ ثبوت جي پيش ٿي ڪيو. بمشڪل هڪ
سال بعد ۾ يعني 1925ع ۾، مسٽر ايل. اي. وئڊل طرفان
146 صفحن تي مشتمل هڪ ڪتاب ڇاپيو ويو، جنهن جو
ٽائيٽل هو”هند ۽ سميرين مهرن جي لکيت جو راز فاش“
۽ ان کان بعد ننڍي سرخي هيءَ هئي ته ”سنڌو ماٿريءَ
جي سميرين جي بطور فونيڪن، براتس، ڳوٺ ۽ مشهور
ويدن جي زماني وارا آريا، جيڪي 2300-3100 ق.م هئا،
جي کوجنا“ اها سرخي ان ڪتاب جي مضمون ۽ مواد جي
ڪافي سڃاڻپ هئي، ۽ ڪتاب جي نامعلوم ٿيڻ جوصحيح سبب
هو. ليڪن توڙي جو ڪنيئر ولسن جو ڪتاب ان کان علحده
سطح تي آهي، تڏهن به سندس بنيادي نظريي جو قابل
قبول هئڻ مشڪل آهي. حالانڪه جان مارشل 1926ع ۾
سنڌو تهذيب لاءِ انڊو سيمرين جو حوالو استعمال ڪيو
هو. ليڪن هن ان ۾ هڪ شرط به شامل ڪيو هو ته اهڙو
اصطلاح هن ڪري ڪتب آندو وڃي ٿو ته جيئن ”فقط
سنڌوءَ جي قبل از تاريخ تهذيب ۽ سمير جي قديمي
تاريخ درميان جيڪي گهاٽا ثقافتي تعلقات هئا، تن کي
عيان ڪيو وڃي ۽ نه هن مقصد لاءِ ته انهن ٻنهي
تهذيبن جا ماڻهو هڪ ئي نسل جا هئا يا وري ساڳي
ٻولي ڳالهائيندا هئا.“
هن اهو صاف طور تي ظاهر ڪيو هو ته جيڪا ڀيٽ ڪيل هئي، ان کي
انهيءَ ثبوت طور ڪڏهن به تسليم ڪري نه ٿو سگهجي ته
سنڌو تهذيب جا ابا ڏاڏا سميرين هئا يا وري، ان جي
ابتڙ، سميرين تهذيب سنڌوءَ واري تهذيب کان جنم
ورتو. 1931ع ڌاري مارشل، انڊو-سميرين جو نالو
هميشه جي لاءِ ترڪ ڪري ڇڏيو. موجوده وقت جا آثار
قديمه جا ماهر پڻ انهيءَ راءِ جا آهن. ان کان
علاوه گذريل زمانن دوران اهو چٽيءَ طرح تي واضح ٿي
چڪو آهي ته سنڌو تهذيب انهن قديمي سنڌو تهذيبن جي
هڪ شاخ جي عروج جي نمائندگي ڪري ٿي. جي پاڻ ڳتيل
هيون، پر مقامي طور تفاوت رکندڙ هيون ۽ تقريباً
ساڳي ايراضي ۾ آباد هيون. ليڪن 3000 هزار سال کان
2500 سال ق.م دور ۾ اهي ثقافي رجحان ڪئلڪولٿڪ
تهذيب جي اوڀر واري اڀريل شاخ جي نمائندگي ڪن ٿا،
جي ترڪستان جي ڏکڻ ۾ نمودار ٿيا هئا ۽ سندن شروعات
قديمي ميسولٿڪ ۽ نيولٿڪ روايتن ذريعي ٿي هئي، ليڪن
اهي اولهه ايران ميسوپوٽيميا جي اثرات کان البت
آزاد هئا، حالانڪه انهيءَ طرح کين اهم ثقافتي تاثر
ميسر ٿي سگهيا ٿي.
ترڪستان جي زرخيز تهذيب واري اضافي حصي گيوڪيسر، سيستان، ڏکڻ
اوڀر افغانستان، اتر بلوچستان ۽ سنڌو ماٿري ڏانهن
لڏ پلاڻ ڪئي پر ننڍي پئماني تي، جيڪا روز بروز
وڌندي ٿي رهي. آثار قديمه جا هڪجهڙا مثال ۽ ريڊيو
ڪاربان سائنسي طريقي جيڪي تاريخون ملن ٿيون، اهي
صاف ثابت ڪن ٿيون ته ٽين صديءَ جي شروعات ۾ چوٿين
صديءَ جي آخر ڌاري (ق.م) انهن ٻنهي ايراضين درميان
سيستان، جيڪو ان ثقافتي دائري ۾ ڏکڻ اولهه واري
سرحد هئي ۽ ڏکڻ ايران، جو ايلان ۽ ميسوپوٽيميا
واري ثقافتي اثر جي قربت ۾ هو، ٻنهي ملڪن درميان
لاڳاپي هئڻ جو ڪو ثبوت موجود نه آهي، سنه 3000 ۽
3500 ق. م درمياني حالتن ۾ ڦيرو آيو ۽ وسيع سنڌو
علائقو ترڪستان کان ثقافتي طور علحده ٿي ويو ۽
سندس ثقافتي تعلقات ڏکڻ اولهه ۽ ميسوپوٽيميا ڏانهن
بدلجي ويا. آثارقديمه جي اها صورتحال، جيڪا جارج
ايف. ڊيل هڪ مضمون ذريعي 1972ع ڌاري شايع ڪئي، اهو
ڪنيئر ولسن جي مقالي خلاف واحد دليل نه آهي. مون
قريب مشرقي سنڌوءَ جي مهرن واري ثبوت جو ذڪر اڳ ۾
ئي ڪيو آهي ۽ هن راءِ جو اظهار ڪيو آهي ته هڙپا جي
ٻولي سميرين زبان کان بلڪل مختلف آهي. ليڪن ان کان
وڌيڪ اهم هي اعتراض آهي ته جيڪي سنڌوءَ جا ڪتبا
ڪنيئر ولسن استعمال ڪيا هئا، انهن پٿر جي ٺهيل
مهرن مٿان نقش ٿيل آهن جن لاءِ هي گمان غالب ٿئي
ٿو ته انهن تي انفرادي طور ماڻهن جا عهدا يا نالا
يا ادارن جا نالا اڪريل آهن ۽ انهيءَ سبب جي ڪري
سمير وارن اقتصادي لکتن سان ڀيٽي نه ٿا سگهجن، جي
مٽيءَ جي ٺپن تي لکيل آهن. ان کان سواءِ سميرين ۽
سنڌوءَ واري اکري شڪلين ۾ برابري ۽ هڪجهڙايون بلڪل
ٿوريون ۽ مبهم آهن ۽ اهي اهڙيون خاطريءَ جهڙيون نه
آهن جو کين ۽ ”عام بنياد هئڻ“ جي ثبوت طور قابل
اعتبار سمجهيو وڃي. خاص طرح جڏهن منجهن جيڪو فرق
آهي، ان کي ويچار ۾ آندو وڃي ته جيڪڏهن سنڌو لکيت
ڪنهن ٻيءَ لکيت سان واسطو رکندڙ آهي ته پوءِ گهڻي
قدر اصلي يا اوائلي ايلامائيٽ جي تصديق ٿئي ٿي، جو
ٽپي يحيٰ تائين اوڀر ۾ پکڙيل آهي، جنهن سان قديم
سنڌو تهذيب لاڳاپي ۾ پئي رهي آهي، جنهن جو ثبوت
اهي ٻاهران آيل گلدان آهن، جي موهن جي دڙي جي
اوائلي تلاش مان دستياب ٿيا هئا. ليڪن ڏسجڻ ۾ هي
ٿو اچي ته سنڌو لکيت گهڻي ڀاڱي آزاد تخليق آهي.
جيتري قدر اصلي اکري شڪلين جو تعلق آهي، ان لکيت
جي قبل از تاريخ واري حيثيت جو مسئلو تڏهن حل ٿي
سگهندو جڏهن موهن جي دڙي واري هيٺين سطح جيڪا هاڻي
زير زمين پاڻيءَ جي سطح برابر آهي، تنهن جي کوٽائي
ڪئي ويندي، تنهن هوندي به سنڌوءَ واري لکيت جي
اصليت تي ڪافي روشني وجهي سگهجي ٿي. جيڪڏهن قديم
سنڌو تهذيب واري دور جي تهن کي کوٽيو وڃي جنهن
متعلق محمد رفيق مغل جي قول مطابق ڪافي مواد اڳ ۾
ئي تيار ڪيل آهي ۽ شايع ٿيڻ وارو آهي.
جيڪڏهن سميرين وارو حل قابل قبول نه آهي ته ڇا ان کان بهتر ٻيو
ڪو وسيلو آهي؟ 1968ع ڌاري به سنڌوءَ لکڻي کي پڙهڻ
۽ سمجهڻ لاءِ ڪوششون ڪيون ويون هيون. اهي ٻين
ماهرن ۽ سر مارٽيمر ويلر جي نقطهء نظر موجب
ناڪامياب ۽ بيڪار هيون. ”بقول مسٽر ويلر جي هن وقت
اسين فقط ان سلسلي ۾ ڪي ٺلها اصول ئي تجويز ڪري
سگهون ٿا. جيڪڏهن اسان انهيءَ ڳالهه جو ڌيان رکيو،
مثلاً لکيت ۾ لفظن جو رخ وغيره.“ ان کان اڳ 1930ع
ڌاري هنٽر گاڊ ۽ سمٿ طرفان ڪافي خيالن جو اظهار
ڪيو هو، جن مطابق هي خاطري ضرور ٿي ته سنڌو لکڻي
عام طور سچي کان کاٻي طرف لکي ويندي هئي. 1961ع ۾
ان حقيقت جي ثابتي بي.بي.لار طرفان ڏني ويئي، جنهن
سڀ کان پهرين ٺڪر جي انهن ٻن ٿانون متعلق اعلان
ڪيو، جن مٿان سينگار ۽ سهڻائي وارو رنگ روپ موجود
آهي ۽ اهي ٿانو”ڪالي بنگن“ جي کوٽائي ذريعي تازا
هٿ آيل هئا. اهي ۽ بعد ۾ لڌل هڪ ٽيون نمونو پڻ
مليو، جنهن ۾ باهه ڏيئي پچائڻ کان اڳ ۾ آلي مٽيءَ
تي رهڙون ڏنل هيون، انهيءَ ڪري سنڌوءَ جي نشانن
مٿان سندن عڪس اچي چڪو هو، ازانسواءِ انهن نشانين
مان لکڻ جو رخ صاف پئي بکيو، ليڪن جيستائين مڪمل
پڙهڻي جي مسئلي متعلق بلڪل نااميدي آهي، جنهن جو
اظهار مسٽر جانيسس فريڊرڪ طرفان 1966ع ۾ ڪيو ويو،
جو قديم لکيتن پڙهڻ ۾ وڏو ماهر آهي، سندس خيال
مطابق سنڌو لکيت سمجهه ۾ اچڻ ناممڪن آهي، جيستائين
ان سلسلي ۾ ڪو نئون مواد مهيا نه ٿو ٿئي، هڪ ته ڪي
به ڪتبا ٻن زبانن ۾ لکيل نه آهن، ٻيو هي ته ٻولي
جي خبر نه آهي ته ڪهڙي آهي ۽ ڪتبن جي عبارت بلڪل
مختصر آهي، يعني سراسري پنج نشانين وارو آهي.
انهيءَ حيثيت جو ته بنان دير اعتراف ڪري سگهجي ٿو
ته جيڪڏهن سنڌوءَ وارن ڪتبن جي ٻولي واقعي نامعلوم
ٻولي آهي. انهيءَ خيال کان ته اها ٻولي ٻي ڪنهن به
ڄاتل ٻولي جي ويجهي لڳ لاڳاپي ۾، جا ٻين ذريعن
وسيلي عام جام هجي ته پوءِ ان جي (آواز واري)
پڙهڻي ناممڪن آهي، جيتوڻيڪ اهو اڃان به ممڪن ٿي
سگهي ته لفظن جي مفهوم مطابق ڪجهه ڌڪا هنيا وڃن يا
خيال آرائي ڪئي وڃي ته وري انهن جي چڪاس هرگز ٿي
نه سگهندي ۽ اهڙا رايا هميشه لاءِ خيالي رهندا،
اهو ايترسڪان جي ڪتبن واري حالت ۾ ثابت ٿي چڪو
آهي، جي ڪافي حد تائين سمجهه ۾ اچن ٿا، حالانڪه
اهي هڪ آسان پڙهڻي واري ”الف بي“ ۾ لکيل آهن ۽
جنهن جا اڻ ڳڻيا ترجما لاطيني زبان ۾ موجود آهن،
پر جيڪڏهن هڙپا واري ٻولي يا رشتيدار ٻولين جا
اهڃاڻ مناسب انداز ۾ تاريخي دورن تائين محفوظ رهيل
آهن ته پوءِ سنڌوءَ واري لکيت جي محدود پڙهڻي
سمجهڻ لاءِ اميد افزا موقعا ميسر ٿي سگهن ٿا. اهو
ذهن ۾ رکڻ بلڪل ضروري آهي ته سڀئي مسئلا فقط چند
قديم ڪتبن جا حل ڪڍيا ويا آهن، تنهن هوندي به اڪثر
حالتن ۾ مطالعي لاءِ جيڪو مواد موجود پئي رهيو
آهي، اهو سنڌو لکيت واري حالت کان ڪافي زياده
انداز ۾ آهي، سنڌو لکيت وارن نشانن ۾ وڏو انداز
انهن نشانين جو آهي، جي ايڪڙ ٻيڪڙ استعمال ڪيا ويا
آهن، ۽ انهن ۾ به گهڻائي انهن جي آهي جي شايد
هميشه لاءِ ڳجهارت رهن، توڙي جو ان ڏس ۾ وڏي ڀاڱي
ڪاميابي حاصل ڪئي وڃي.
عام طرح هن ڳالهه تي چڱي انداز ۾ اتفاق ڪيو وڃي ٿو ته رگ ويد ۾
جي ڌاريا لفظ ۽ ڌاري ٻوليءَ جي جيڪا ساخت استعمال
ڪئي ويئي آهي. اهي ثابت ڪن ٿا ته ٻه هزار سال ق.م
جي آخري صدين دوران سنڌو ماٿريءَ ۾ هڪ دراوڙي قسم
جي ٻولي استعمال ۾ هئي، موجود وقت ۾ اهڙي قسم جي
ٻي ٻولي ڪا به وجود ۾ نه آهي، جا تاريخي يا
جاگرافيءَ جي ورڇ مطابق سنڌو تهذيب جي ٻولين جي
قريبي موافقت ۾ هجي. اهڙي دراوڙي ٻوليءَ واري
نظريي جا 1926 کان وٺي ڪافي حمايتي پئي رهيا آهن.
جڏهن کان سر جان مارشل اهڙي راءِ جو پهريائين
اظهار ڪيو. هن مثال طور بروهيءَ ٻوليءَ جو ذّڪر
ڪيو جا دراوڙي زبان آهي ۽ بلوچستان جي جابلو
علائقن ۽ افغانستان ۾ اڄ ڏينهن سوڌو هلندي رهي
آهي. ممڪن آهي ته اها زبان آرين کان به اڳ واري
زماني کان شروع ٿيندي اڄ سوڌو محفوظ رهي هجي. بعد
۾ مٿي ذڪر ڪيل دليل کان سواءِ ٻيا به ڪيترا دراوڙي
نظريي جي حمايت ۾ سبب پئي ڄاڻايا ويا آهن، ليڪن
اهي اهڙا ڪمزور نوعيت جا آهن،جو ذهن تسليم ڪري نه
ٿو سگهي.
1934ع ۾ پيرو ميريگي طرفان هڪ مضمون شايع ڪيو ويو، جنهن ۾ سندس
نقطئه نظر بروهي (براهوئي) واحد زبان هئي، جنهن جو
امڪان مناسب ٿي سگهي ٿو، ليڪن هن به اچارن جي مطلب
سمجهڻ متعلق مايوسيءَ جو اظهار ڪيو، ڇاڪاڻ ته
گذريل چئن هزارن سالن دوران بروهي زبان ڪافي حد
تائين تبديليءَ جو شڪار ٿي چڪي آهي. انهيءَ ڪري هن
فقط مفهوم جي مدنظر مطلب پروڙڻ جي ڪوشش ڪئي ۽
چاهيو ٿي ته مضمون واري گرامر جو سٽاءُ ۽ خاڪو
سمجهه ۾ اچي وڃي. ڇو ته ان بعد جملن جي بناوت ظاهر
ٿي پوندي. ان کان سواءِ اکري نشانن واريون شڪليون
انهن مورتن ذريعي واضع ٿي ڪيائين جي اکرن جي پس
منظر ۾ اڪريل هيون. ليڪن جيئن ته سنڌوءَ واري لکيت
هڪ انتهائي مقرر ۽ محڪم پيماني واري هئي، انهيءَ
ڪري انهن شڪلين جي سڃاڻپ نهايت مشڪل ڪم آهي، جي
نشانن ذريعي ذهن تي اچن ٿا. جيتوڻيڪ ميريگي جو
مطالعو ڪافي خوبين وارو آهي، ليڪن هن جيڪي نتيجا
ڪڍيا آهن، سي محض تصوراتي ۽ قياسي آهن.
هينري هيراس طرفان سندس مضمونن جو هڪ سلسلو، جنهن آخر وڃي ڪتابي
شڪل تي ڇيهه ڪيو، جيڪو 1953ع ۾ شايع ڪيو ويو، ان
جو نالو هو ”اوائلي انڊو مڊيٽرينن تهذيب جو
مطالعو“. هن ڪتاب ۾ مصنف جي طرفان هڪ خيال ذهن ۾
رکندي ته بنيادي طور ٻولي دراوڙي آهي سنڌوءَ واري
لکيت جي پڙهڻي سمجهڻ لاءِ ڪوشش ڪئي وئي، هيراس
پنهنجي ان قياس ۾ بلڪل صحيح هو ته موجود ه دراوڙي
ٻوليءَ جي ڀيٽ سان ان قديم ۽ گم ٿيل ٻوليءَ جي
دوباره تشڪيل ممڪن ٿي سگهندي. جا سڀني ٻولين جو
بنياد هئي جنهن مان سڀ زبانون ڦٽي نڪتيون
هيون.حالانڪه لکت جي پڙهڻي لاءِ خود پاڻ جيڪا
اوائلي دراوڙي زبان استعمال ڪرڻ جون ڪوششون
ڪيائين، سي غلط هيون.
ياد رکڻ گهرجي ته ٽي هزار سال ق.م لکڻ جا جيڪي سرشتا عروج هئا
سڀ اهڙي نموني جي اکرن ۾ هئا، جنهن جي هر اکرن جون
ٻه چار يا وڌيڪ معنائون هيون. ٻه هزار سال ق.م
جيڪي اکر رائج هئا. تن ۾ فقط چونڊيل اکر هئا هڪ
هزار سال ق.م وري انهن بجاءِ الف بي جيان حرف رائج
هئا. جيڪي گڏجي هڪ لفظ جوڙيندا هئا. انهيءَ
صورتحال جي مد نظر هيراس طرفان جيڪو ٻيو اصول طئي
ڪيو ويو، اهو گهڻي قدر مناسب هو. مثال طور هن
ڄاڻايو ته موهن جي دڙي وارا نشان اکرن طور استعمال
ٿيل نه آهن ۽ نه وري آلاپ يا آواز جي اچار لاءِ
ڪتب آيل آهن، بلڪه سمورين لفظن جو اظهار آهن. ان
جي معنيٰ هي آهي ته اهو قديم هئنئر کان به گهڻو
اڳڀرو آهي. ڇاڪاڻ ته هن سنڌو لکيت جي ڪجهه نشانن
کي اچارڻ واري زير زبر سمجهندي اها راءِ قائم ڪئي
هئي ته اها اکري نشان حرف علت جون علامتون آهن
جيئن علامتي لکت ۾ اهڙي ترتيب موجود آهي هن به
لئنگڊن جي پيروي ڪندي هي ٿي سمجهو ته براهمي ٻولي
سنڌو لکت ۾ ڦٽي نڪتي آهي، جا سندس غلطي هئي. ڪتبن
جي آخر ۾ سنڌو لکيت وارن جيڪا نشاني عام طور ۽
گهڻو ڪري نظر اچي ٿي. ان کي هيراس حرف اضافي ٿي
سمجهيو ۽ سندس اهڙي خيال سان سنڌو لکت جي ماهر ان
جي اڪثريت شامل راهه هئي. انهي سلسلي ۾ هيراس
طرفان زماني واري هندستاني مهرن جو مثال پيش ڪيو
ٿي ويو. جن جي لکت عام طور تي حرف اضافيءَ سان ئي
ختم ٿئي ٿي. اهڙيءَ علامت کي هن ”اتو“ پڙهڻي قرار
ڏنو، جا سندس نقطئه نظر موجب اوائلي دراوڙيءَ جي
حرف اضافت هئي. اهڙي حالت ۾ هن علامت کي مڪمل لفظ
هرگز نه سمجهڻ گهرجي، جيئن هيراس ڄاتو ٿي، ان کي
مرڪب يا مشترڪه محاوري واري لفظ تصور ڪرڻو آهي، جو
اهو طريقو محاوري لکيت جي طريقي سان لازم ملزوم
آهي.
انهي واحد مثال کان سواءِ هيراس طرفان سنڌو لکڻي وارين نشانين
سان يا ته انهن دراوڙي لفظن جا اچار منصوب ڪيا ٿي
ويا، جي علامتن جي شڪل سان ٺهڪي ٿي آيا، مثال طور
هي نشان جو مڇيءَ جي شڪل وانگر آهي ۽ جنهن جو
دراوڙي لفظ ’من‘ يعني مڇي آهي، يا وري اهڙن لفظن
جا اچار ۽ پڙهڻيون لاڳو ٿي ڪيون، جي ٻن شڪلين
وارين لکيتن جون هيون، جيئن ته سميرين مصري، هندي
۽ چينائي ٻولين لاءِ کيس غلط فهمي هئي ته اهي نسلي
طور سنڌو واري لکت سان واسطو رکندر هيون. ظاهر آهي
ته ٻين ٻولين جي لفظن کي هن طرف گهلي آڻڻ هڪ بي
قاعدي ڪوشش آهي. جيڪڏهن ڪو به ماڻهو سنڌو واري لکت
جي ان مفهوم کي نظر مان ڪڍندو جيڪو هيراس طرفان
ڄاڻايو ويو هو ته اهو بخوبي سمجهي سگهندو ته ڪهڙي
سبب هيراس واريون پڙهڻيون قابل قبول نه سمجهيون
ويون. مثال طور سندس پڙهڻيون هن طور هيون ”سال جي
وچ مرڪز واري ماءُ گهمي رهي ٿي ماڪوڙيءَ مثل“ يا
”برساتي بادل جي ڦولدار درختن ۾ آهن ۽ اهي وڻ
ملايم ملبار جا آهن.“ يا اڃا به وري ”ان جڳهه ۾ ڪا
مجلس نه آهي جا ميناس جي ملڪ ٻاهرين آهي.“ ۽ ٽي
مڇيون ان گندي علائقي جي جو ڪاٺ ڪٽي جو وطن آهي.
ليڪن هيراس جي ناڪاميابيءَ جو هروڀرو اهو مطلب
هرگز نه آهي ته جو ڪجهه منجهس شامل آهي، تنهن کي
يا وري مٿي بيان ڪيل دراوڙي حل کي ڪنهن اهميت لائق
ئي نه سمجهڻ گهرجي.
مائيڪل وينٽرس 1952ع ڌاري جيڪو ليڪن واريءَ لکت جو حل تلاش ڪيو،
اهو ڏيکاري ٿو ته ڪنهن به پراڻي لکيت کي، سواءِ
ڪنهن ٻي ٻولي موجود هئڻ جي يا وري سواءِ ان ٻوليءَ
جي اڳواٽ ڄاڻ هئڻ جي، جان ان لکيت جو بنياد آهي،
پڙهڻ ممڪن ٿي سگهي ٿو. ان ۾ ساخت جي ڍانچي جي جاچ
پڙتال ڪرڻ کي خاص اهميت ڏني ويئي آهي، مگر تحقيق
ڪرڻ وقت ان ٻوليءَ متعلق اڳواٽ ڪي خيال ذهن ۾ هرگز
نه رکڻ گهرجن. انهيءَ ڳالهه جو احساس ذهن ۾ رکندي
ته نشانن جي اچارن جو مجموعو هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ، جيئن
ليڪن واري لکيت جي طريقي ڳولڻ وقت ڪيو ويو هو،
سنڌوءَ واري لکيت جي حالت ۾ ممڪن نه آهي، ڇاڪاڻ ته
اهو گهڻي ڀاڱي اهڙو منجهيل اکرن وارو سرشتو آهي،
جو ليڪن واري لکيت کان زياده مشڪل آهي، انهيءَ ڪري
جو ان ۾ اهڃاڻ ظاهر هئا ۽ هن ڪري پڻ ته جيڪي ننڍا
۽ مختصر حوالا هوندا آهن، تن ۾ اهڙا اشارا هوندا
ئي نه آهن جي وينٽريس طرفان استعمال ڪيا ويا هئا.
انهيءَ صورتحال جي مدنظر اسان جي فنش تحقيق واري
جماعت پاڻمرادو ڇيد ڪرڻ وارو هڪ مشيني طريقو ڳولي
ڪڍيو آهي، جنهن ۾ ڪمپيوٽر مشينن ذريعي مضمون جي
اکري نشانين وارين مختلف علامتن ۽ اکرن جي شڪل
شبيهه کي ڀيٽيو ويندو ۽ سندس انفرادي ماپ جو حساب
ڪتاب ڪيو ويندو، اهو مطالعو جيڪو 1970ع ۾ شايع ڪيو
ويو هو، سو ڪنهن حد تائين ته ڪامياب رهيو، ڇاڪاڻ
ته ان طريقي سان آسان ڪم تڏهن ٿي ٿيو، جڏهن ان کي
مختلف لکيتن وارن سرشتن جي انهن نمونن سان لاڳو ٿي
ڪيو ويو، جن کي مناسب ۽ موزون اکري خاڪا موجود
هئا.
لکيت جي تحقيق لاءِ انهي عملي جاکوڙ سان گڏ اسان اهڙن
طريقن جي تلاش شروع ڪئي، جي جديد طرز جا هجن ۽
زياده موزون ثابت ٿين. بنست نشاني جي فهرست ۽
نشانين وارن ڪتابن جي، جيڪي چاليهه سال اڳ لئنگڊان
گاڊ، سمٿ، هنٽر ۽ وئش طرفان ترتيب ڏنا ويا هئا،
سنڌو لکيت وارن ڪتبن جي اکري جوڙن جي فهرست، جا
1973ع ۾ شايع ٿيل هئي، ان کي ڪتابي سلسلي ۾ اولين
جلد جي صورت ڏني ويئي آهي ۽ ان ڪتابي سلسلي جي ٻين
جلدن ۾ راءِ زني ۽ اعداد شمار وارا حصا پڻ شامل
هوندا. سنڌو لکيت جي حل تلاش ڪرڻ ۽ ڪتبن جي تحقيق
ڪرڻ لاءِ اسين جيڪي ڪوششون ڪيون ٿا، سي هن طرح
آهنِ: خودمختيار (ليڪن) جي سڃاڻپ-اهي نشان جي هڪ
ماڻهوءَ ٻئي جي حيثيت ۾ چٽيا آهن-ڳنڍيندڙنشانن جا
جزا ۽ سندس علامتن جي سمجهه-ڪتبن جي خودمختيار
حرفن ۾ تقسيم- ڏنگن ۽ نيم گولائي وارن اکرن کي
علحده رکڻ-همشڪل ۽ هم جنس نمونن جا نقشا ليڪڻ-ڪتبن
جي دائري اندر جي مختلف حيثيتن ۾ آهن، انهن جي
موافقت وارا اُچار علحده ڪرڻ ۽ ڪتبن جا جيڪي مختلف
نمونا آهن، تن سان لاڳاپو رکندڙ لفظن کي جدا ڪرڻ.
بناوت واري تحقيق جو جيڪو خاڪو مٿي پيش ڪري چڪا آهيون،
تنهن ذريعي اسان سنڌو ٻوليءَ جي گرامر واري سٽاءَ
جي تشريح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ان جي نتيجي ۾
جيڪي لچڪيدار ۽ ميلاپ واري ٻوليءَ جو اندازو ٿئي
ٿو، جا دراوڙي نموني جي آهي، ليڪن ٻئي هر ڪنهن
امڪان کي نظر انداز ڪري ٿي. ان کان سواءِ اسان هي
پڻ ڪوشس ڪئي ته ڪن شڪلين جي اصلي مقصد ۽ مطلب کي
سندن حوالن جي تحقيق ۽ جن لکيتن جي اسان کي ڄاڻ
آهي، انهن جي مشابهت رکندڙ حوالن سان ڀيٽ ذريعي
سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون. خاص طور سميرين ۽ هندوستاني
مهرن جي ڪتبن وسيلي اهڙي ڪوشش ڪارگر ٿيڻ جي قوي
اميد آهي. ان کان پوءِ اسان انهن شڪلين سان جيڪا
معنيٰ آزمائشي طور وابسته ڪئي هئي. تنهن جي خاطري
ڪرڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي. جيڪڏهن ڪو به نشان اهڙي نموني
۾ استعمال نه ڪيو ويو آهي، جنهن کي سڌيءَ طرح ڪو
اچار آهي ئي ڪونه، يعني جنهن چيز کي ڄاڻايو ويو
آهي، تنهن جو سڌو سنئون نشان، پر قديم لکيتن جي
شڪلين ذريعي شين جا نالا ڄاڻائڻ واري اصول جي
موافقت ۾-جنهن مطابق هر ٻيو لفظ بغير ڪنهن معنيٰ
جي ائين ٿي اچاريو ويو. ڄڻ ته اهو ئي ان چيز جو
نالو هو-ته پوءِ اچار واري تفسير سمجهڻ لاءِ اميد
ٿي سگهي ٿي ليڪن ان لاءِ ڪنهن اهڙي ٻوليءَ جي
سڃاڻپ ضروري آهي، جنهن ۾ اچار واري مشابهت، لفظن
کي مختلف معنيٰ سان ميلاپ ۾ آڻي ٿي ۽ خاص طور اهڙي
هڪ ٻوليءَ جا عبارت مان اصل مقصد واري معنيٰ جو
اظهار ڪري ٿي ۽ ٻي شڪلين واري ٻولي جا مورتين وارن
نشانن ذريعي استعمال ڪئي ويندي هجي. اسان جي خيال
مطابق دراوڙي اهڙين ڪيترين تشريح لاءِ بنياد پيدا
ڪري سگهي ٿي. اهي تشريحون حالانڪه ڪيتري قدر به
قياسي ڇو نه هجن، وجود ۾ رهن ٿيون، ان وقت تائين
جيستائين منجهن الڳ رهڻ جي قوت آهي، پر جيڪڏهن
مختلف تعبير هڪ نقطي تي رسن ٿا ۽ پاڻ ۾ چڱي سمجهه
پيدا ڪن ٿا ته پوءِ کين اهڙي جائز حيثيت ميسر ٿئي
ٿي، جنهن جو اختياريءَ ۾ جيئن جيئن ميل ميلاپ يا
هم مرڪز وڌندا رهندا، تيئن تيئن اضافو ۽ ترقي
ٿيندي رهندي. ليڪن ان لاءِ هي ضروري شرط آهي ته هر
هڪ تشريح هر نقطهء نگاهه کان قابلِ قبول هئڻ گهرجي
۽ اها تشريح انهن شين جي مطابقت ۾ هئڻ گهرجي، جن
تي ڪتبا لکيا ويا آهن ۽ سنڌو تهذيب جي تاريخي
سلسلي سان همڪنار هجي.
1964ع ۾ روسي ماهرن جي هڪ جماعت سنڌو لکيت جو مطالعو ڪرڻ شروع
ڪيو، جنهن جو اڳواڻ يورجي ڪنوروزوف هو. 1950ع ۽
بعد جي چند سالن دوران، ڪمپيوٽر جي مدد سان ماين
MAYAN
شڪلين واري ٻولي جي تشريح ڪئي هئي. روسي جماعت پڻ
ساڳئي زماني ۾ تحقيق جو ڪم شروع ڪيو، جڏهن اسان
واري جماعت به ان ڪم ۾ رڌل هئي. روسي جماعت 1965ع
۾ پنهنجي ابتدائي رپورٽ جاري ڪئي جا روسي زبان ۾
هئي. تقريباً ساڳئي وقت يعني جنوري 1966ع ۾ اسان
پنهنجي ڪيل ڪوشش کي سائيڪلو اسٽائيل ٿيل ڪاپين جي
صورت ۾ تيار ڪري، اهي ڪاپيون ماهرن جي محدود دائري
اندر ورهايون. انهيءَ هوندي به اسان جي روسي دوستن
1968ع کان به پوءِ پنهنجي حاصل ڪيل نتيجن تي
نظرثاني ڪري انگريزي ٻوليءَ ۾ رپورٽ شايع ڪئي،
اسان ٻنهي جي هڪ ٻئي سان واقفيت ۽ هڪ ٻئي جي
اشاعتن جي ڄاڻ 1969ع ڌاري ٿي. انهن ٻنهي آزاد طور
ٿيل تحقيقن جي ڀيٽ مان ظاهر آهي ته ٻنهي جوعام
رجحان ۽ تحقيقات جو اهم نتيجو ته ”ٻولي دراوڙي
آهي“ بلڪل هڪ جهڙو آهي جيستائين ڪم ڪرڻ جي طريقي
جو سوال آهي ته انهيءَ سلسلي ۾ راءِ زني ڪرڻ جي
ڪافي گنجائش آهي. انگن کان علاوه اسين اچارن واري
تشريح سان پڻ اتفاق ڪريون ٿا. جيئن ته
=
نشاني جا مڇيءَ جهڙي آهي ۽ سندس هيراس واري پڙهڻي
تسليم ڪريون ٿا، جا دراوڙي لفظ ”من“ آهي، جنهن جي
معنيٰ مڇي آهي، پر ساڳئي وقت ستارو پڻ آهي.
روسي رپورٽ، جنهن جون سڌاريل اشاعتون 1970ع-1972ع ۾ ڇپيون آهن،
تنهن ۾ مفيد ۽ قيمتي مشورا ڏنل آهن. اهو نهايت
دلچسپيءَ جو باعث ٿيندو ته آيا اسان جا روسي دوست
هن ڳالهه لاءِ تيار آهن يا نه، ته جي تشريحن جا
سلسلا، جن کي آءٌ اسان جي اهم تريم پيشڪش تصور
ڪريان ٿو، اهي کين قبول آهن، خاص طور مڇيءَ وارين
نشانين جي پڙهڻي، اختلاف رکندڙ سڌارا ۽ محڪم
ميلاپ، جيئن دراوڙي ستارن جا نالا، خاص طرح سيارن
جا نالا، جي آءٌ سمجهان ٿو ته هڙپا جي ديوتائن جي
نمائندگي ڪن ٿا.
آخر ۾ ذڪر ڪيل تشريحون، جيڪي ستارن ۽ سيارن متعلق آهن، تن مون
کي ان تي آماده ڪيو ته آءٌ هندوستاني جوتش (ستارن
جو علم) ۽ ڌرم جي دراوڙيءَ ۽ هڙپا جي ابتدائي
نقطهء نظر جي تحقيق ڪريان. انهن مطالعن جا ڪجهه
سودمند نتيجا 1970ع ۽ 1973ع دوران ظاهر ڪيا ويا
آهن ۽ اهو تحقيق جو سلسلو بدستور جاري آهي. هن
تحقيق جي بدولت منهنجو ڌيان پڻ انهن وسيلن ڏانهن
ڇڪيو آهي، جن جي طفيل هڙپا جون روايتون بعد جي
نسلن کي حاصل ٿينديون رهيون. انهيءَ سبب ۽ ڪن ٻين
ڳالهين جي ڪري مون اها ڪوشش ڪئي آهي ته اوائلي
تاريخ جي ٻن مکيه ذريعن کي ملائي هڪ سطح تي آڻيان.
اهي ٻئي ذريعا ساڳئي سرشتي جا حصا ۽ پاڻ ۾ هڪ ٻئي
سان لاڳاپيل چيزون آهن. اهي آهن آثارِ قديمه ۽
ٻوليون واريون ثابتيون، جي ادبي ۽ مذهبي مشاهدن
سان تعلق رکندڙ آهن. هن مطالعي جو شروعاتي نظريو
جيڪو 1973ع کان وٺي پريس ۾ زيرِ اشاعت آهي، سو هي
آهي ته ڪي به مکيه وجود يا چيزون، سواءِ ڪنهن نشان
يا ثبوت اسان جي ذريعن ۾ ڇڏڻ جي، ڪڏهن به صفحهء
هستيءَ تان مٽجي نه ويون آهن. ٻين ڳالهين کان
سواءِ هت آءٌ هي ڄاڻائڻ ٿو گهران ته سنڌوتهذيب
دوران جا ٻولي رواج ۾ هئي، اها اوائلي هئي، جا وري
قديم سنڌو ثقافتن جي اوائلي دراوڙي نسل مان ڦُٽي
نڪتي هئي، جيئن اوائلي مرڪزي دراوڙي جيڪا لال قلعي
جي او.بي.پي سامان سان تعلق رکندڙ آهي ۽ اوائلي
ڏاکڻي دراوڙي، جيڪا دکن جي (نيولٿڪ) پٿر جي آخري
دور ۾ مروج هئي.
سنڌي ٻوليءَ سان دراوڙي رشتيداريءَ جو وڌيڪ ثبوت هي آهي جو ٻنهي
ٻولين جا اشتقاق ساڳيا آهن، جي قديم تامل جي ڪن
اهڙن محاورن ۾ محفوظ آهن، جي شهر ۽ ڳوٺن جي سڃاڻپ
لاءِ نالو رکڻ ۾ استعمال ڪيا ويندا هئا، جيئن ته
”ٽامي لڪم“ يعني ”ٽامي وارو علائقو“ ويجهڙائيءَ ۾
اهڙي راءِ جو اظهار منهنجي ۽ سميرن نالي ”ملوها“
جو پڻ ذڪر ڪيل آهي، جيڪو سنسڪرت لفظ ”مليپا“ ۽
پالي زبان ۾ ”ملاکا“ آهي، اهو دراوڙي آرين ۽ آريا
دراوڙن جا لقب القاب آهن. هڪ ٻئي اهڙي مضمون
ذريعي، جو پڻ پريس ۾ زيرِاشاعت آهي، مون هن حقيقت
ڏانهن ڌيان ڇڪايو آهي ته هڙپا ايراضين جي ڪيترن
شهرن جي نالن ۾، بعد واري زماني جا پڻ اهڙا عنصر
موجود آهن، جن جا اشتقاق دراوڙي آهن، جي خاص طرح
لفظ ڪوٽ ۾ اظهر من الشمس آهن. ”ڪوٽ“ لفظ پاڪستان ۾
بلڪل عام نالو آهي ۽ سنڌوءَ جي پراڻن آثارن جي
نالن ۾ پڻ موجود آهي، ڇاڪاڻ ته ان نالي کي دراوڙي
معنيٰ ۾ ”اولهه“ سان نسبت آهي، جنهن سبب اسان کي
هن سوال جي مناسب وضاحت حاصل ٿئي ٿي ته هڙپا جي
عالم پناهه ۽ مورچن وارين آبادين جا قلعا هميشه
الهندي رُخ ۾ تعمير ٿيل آهن. شهرن ۽ ڳوٺن جي نالن
رکڻ جي سلسلي ۾ آءٌ پنهنجي هڪ وڌيڪ مضمون جو ذڪر
ڪندس جنهن ۾ هي ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ ۾ چنهوءَ
واري دڙي جي شهر جو اوائلي نالو ”پوتالا“ هو، جيڪو
نالو اڃان سوڌو ان ايراضيءَ جي پسگردائيءَ ۾ زندهه
آهي. هي نتيجو ان شڪل واري تشريح جي بنياد تي
منحصر آهي، جو نشان چنهوءَ جي دڙي وارن ڪتبن جو 15
سيڪڙو آهي. ليڪن ٻئي ڪنهن به هنڌ ان نشان جو ڪو
پتو ڪونه ٿو پوي، حالانڪه سنڌو لکت جا هزارها نشان
لڌا ويا آهن.
مون کي هن ڳالهه جو پورو پورو احساس آهي ته هن جائزي ۾ مون گهڻو
ڪجهه شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ان حد تائين جو
مضمون کي منجهائي ڇڏيو اٿم، ليڪن هڪ ڳالهه جا صاف
نظر اچي ٿي، اها هي آهي ته سنڌو لکيت جي مطالعي ۾
هاڻ نهايت دلچسپيءَ ۾ ڪيترا ۽ نئين قسم جا ڪارگر ۽
اثرائتا قدم کنيا ويندا ته جيئن سنڌو لکيت جي
ڳجهارتن کي گوشهء راز مان ٻاهر ڪڍي صفحهءِ هستي تي
نروار ڪيو وڃي. |