سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: موهن جو دڙو

باب:

صفحو: 5

محمد يوسف ابڙو ”شاڪر“

موهن جو دڙو يا موئن جو دڙو؟

دنيا جي هن تختي تي قادر ڪيئي قومون پيدا ڪيون. سڪندر مقدوني، چنگيز خان، نادر ايراني ۽ مدد خان پٺاڻ جهڙا ڪي ئي ظالم، ڪلاليو، ويلسلي ۽ ٻين فرنگي قومن جهڙا لالچي ۽ دغاباز پيدا ٿيا، جن پنهنجي ظلمن، ڏاڍاين ۽ چالاڪين سان ڪيترن ئي آباد ۽ وسندڙ شهرن ۽ بستين کي لٽي، ماري، ڦري رهاڪن مان ڪنِ کي قتل ڪري ۽ گهڻن ماڻهن کي ڀڄائي گهرن کي باهيون ڏيئي کنڊر ۽ دڙا بنائي ڇڏيا. هن اسان جي سنڌڙيءَ ۾ به اهڙا بيشمار دڙا آهن جي اڄ به اکين وارن لاءِ عبرت جو عڪس بنيا بيٺا آهن. رڳو اسان جي تعلقي ٽنڊي الهيار يا ڀرپاسي ۾ اهڙن ڦٽل شهر جا 15-20 دڙا آهن، جن مان نصرپور جي پراڻي شهر جا دڙا، ابُل جو دڙو، ليلا جو لهوڙ، اگهاماڻي جا دڙا، توُرڙيءَ جو دڙو، ماريجي ديهه جو مارو، ڀوريءَ جو ڀڙو (دڙو) مشهور آهن. ساڳيءَ طرح سنڌ ۾ موهن جو دڙو (صحيح نالي جي خبر نه آهي) ڪاهوءَ جو دڙو، اروڙ، برهمڻ آباد، رڪڻ جو ٺل، سڏ سڏيرن جو دڙو، ڏولرن، هڱورن جون ماڙيون ۽ ٻيا ڪيترائي ڦٽل شهرن جا نشان آهن، جي يا ته ڪن  ظالمن جي ظلم جو نشان بنجي پنهنجو فرياد آسمان وارن اڳيان پيش ڪري رهيا آهن، يا اتي جي رهاڪن جا ظلم ۽ اڍنگا ڪم حد کان وڌي ويا جنهن ڪري قدرت جي قهر جو نشان بنجي پاڙيوارن لاءِ عبرت جا آثار بنيا بيٺا آهن. هنن سڀني مان موهن يا موئن جو دڙو گهڻو آڳاٽو ۽ مشهور آهي، جنهن جي هاڪ ۽ واکاڻ مشرق کان نڪري مغرب تائين پهچي چڪي آهي. تازو اقوام متحده پاران به ڪي وڏا عالم ۽ ڄاڻو هن ماضي بعيد جي نشان کي قائم رکڻ لاءِ ڪجهه رٿون رٿڻ ۽ پاڪستان حڪومت کي صلاح مصلحت ڏيڻ لاءِ آيا هئا. اهڙي جڳ مشهور يادگار کي ڪو صحيح ۽ بامعنيٰ نالو نه هجي، تنهن لاءِ جيترو افسوس ڪجي سو ٿورو آهي.

(1) موهن جو دڙو نالو سڏڻ بلڪل غلط آهي، ان متعلق عالمن جو بحث پيش ڪجي ٿو:

هڪ هندو ليکڪ ڀائي دوارڪا پرساد روچيرام شرما پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جو پراچين اتهاس“ ڀاڱو ٻيو صفحو 47 تي لکي ٿو ته ”سنڌ جي هن قابل فخر کنڊر تي مهن جو دڙو نالو ڪيئن پيو؟ سنسڪرت جي انهيءَ مش اکر کي پراڪرت ڀاشا ۾ مهه چيو ٿو وڃي. مهه عدد واحد آهي. هن جي جمع کي ماهن يا مهن چيو ٿو وڃي. انهيءَ آڌار تي ”مهن جو دڙو“ معنيٰ قتل ٿيل ماڻهن جو دڙو يا ڍير. هن معنيٰ کي قبول ڪرڻ کان پوءِ اسان کي اهو ئي انومان ڪڍڻو پوندو ته هن کنڊر تي مهن جو دڙو نالو انهيءَ ڪري پيو، جو ماڻهن جي دلين ۾ اهو وشواس ويٺل هو ته انهيءَ کنڊر ۾ قتل ٿيل (مهن) موجود آهن. باقي هيءُ جو اڄڪلهه عام ريت سنڌ جي هن جهوني کنڊر کي موهن جي دڙي جي نالي سان سڏيو ٿو وڃي سو سراسر غلط آهي. سر جان مارشل، مسٽر بئنرجي، ڊاڪٽر مئڪي وغيره سڀني ودوالن هن کنڊر کي مئل ماڻهن جو دڙو ظاهر ڪيو آهي، انهن حالتن هيٺ به ان کي موهن جو دڙو چوڻ سراسر غلط ٿيندو.“ هيءُ ٽڪر مٿي ڄاڻايل ڪتاب جي 47 ۽ 48 صفحن جي تيرهن سٽن جو هوبهو نقل آهي، جنهن موجب موهن (شري ڪرشن مهراج جي هڪ نالي) يا ٻئي ڪنهن به اهڙي هندو راجا وغيره جي ”نالي جو دڙو“ چوڻ بلڪل غلط آهي.

        اسان جي سنڌڙيءَ تي آريه سماج هلچل جو به گهڻو اثر پيو. پهرين مهاڀاري جنگ ختم ٿيڻ تي ترڪي خلافت جي ختم ٿيڻ سبب سڄي ملڪ ۾ خلافت هلچل گهڻو زور وٺي ويئي ان وقت جي مسلمان ليڊرن جي اثر رسوخ سان هندو اڳواڻ به گهڻي ڀاڱي مسلمانن سان ملي ويا. انگريزن ان هندو-مسلم اتحاد کي ٽوڙڻ لاءِ آريه سماجي هلچل کي زور وٺايو ۽ فساد ڪرائي ٻنهي قومن جي وچ ۾ ويڇن کي وڌايو. ان وقت هندو آريه پاڻ کي هٽلر وانگر دنيا جي سڀني قومن کان اوچي ۽ سڌريل قوم (قديم آريه قوم) سمجهندا هئا ۽ دنيا جي هر ملڪ ۽ شهر کي آرين جو يادگار ثابت ڪرڻ تي زور ڏيندا هئا. آئرلئنڊ کي آريه لئنڊ، ايران کي آريان، پشاور کي پرشرام پور، سبيءَ کي شوي، سيوهڻ کي شوآستان وغيره نالا ڏيئي دل خوش ڪندا هئا. اهڙيءَ طرح ان وقت ڌاري (1925-1930) هيءُ دڙو به شري ڪرشن مهراج جي ٻئي نالي پٺيان موهن جو دڙو بنجي ويو جنهن کي خود هڪ هندو ودوان دليلن مان ثابت ڪري رهيو آهي.

        باقي رهيو مئن (قتل ٿيلن جو ڍير) جو دڙو، ان لاءِ ساڳي ڪتاب جي 48 ۽ 49 صفحن تي لکيل آهي ته ”پر جيڪڏهن انهيءَ افواهي ڳالهه کي اتهاسڪ ڪسوٽيءَ ته ڪسيو ويندو ته اها ڳالهه بنهه بي بنياد پيئي نظر ايندي. ڇاڪاڻ ته هن کنڊر جي کوٽائي ڪندي سواءِ ٻن-ٽن هنڌن جي ٻئي ڪنهن هنڌان ڪنهن حادثي ۾ مري ويل ماڻهن جا هڏا نه لڌا ويا آهن. جيڪڏهن عام ماڻهن جي چوڻ موجب راجا دلو راءِ جي ظلمن سبب هڪ ئي رات ۾ طوفان لڳڻ ۽ ڌرتيءَ ڌٻڻ تي هيءُ وسندڙ شهر غرق ٿي ويو هجي ته هوند ان جي هر ڪنهن گهر، گهٽيءَ ۽ پاڙي مان اڻپوريل لاش نظر اچن، پر هتي اهڙي ڳالهه نظر ڪانه ٿي اچي. سنه 1925ع ۽ 1926ع ۾ هن کنڊر کي کوٽائي ڪندڙ مسٽر هار گريوز ۽ مسٽر وٽس هڪ وڏي ڪمري ۾ چوڏهن ۽ هڪ گهٽيءَ مان ڇهن ماڻهن جا لاش هٿ ڪيا.....ٻي هڪ عورت جو لاش لڌو ويو، جنهن گهٽي کي پار ڪيو هو، مگر ڏاڪڻ جي اڌ تي مري ويئي هئي.“ هاڻي هيڏي ساري ايراضيءَ ۾ ستن تهن ۾ هيٺ مٿي پکڙيل شهر مان لاشا نڪرن ڳاڻ ڳڻيا، تنهن کي مُهن جو دڙو (قتل ٿيل ماڻهن جو ڍير) يا موئن (مري ويل ماڻهن جو دڙو) سڏڻ ڪيتري قدر صحيح ٿيندو، سو فيصلو پڙهندڙ پاڻ ڪن.

        ڪتاب قديم مشرق جلد دوم (مڪتبه فريدي اردو ڪاليج، اردو روڊ ڪراچي طبع اول) صفحه 194 تي پڻ قبول ڪيل آهي ته ”چوڏهن لاش لڌا آهن.“ ڪتاب آئينه قديم سنڌ (مصنف شمس الدين رڪن الدين قريشي، ڇپائيندڙ آر-ايڇ احمد اينڊ برادرس حيدرآباد، دفعو پهريون 1956ع) صفحه 159-160 تي هن دڙي بابت لکي ٿو ته ”مئن جي دڙي کي کوٽيندي آرڪيالاجي وارن جو چوڻ آهي ته هيءُ دڙو ٽن شهرن جو کنڊر آهي.“.... بني اسرائيلن پنهنجي دور حڪومت ۾ ان کي تباهه ڪيو. تنهن کان پوءِ بني اسرائيل جي حڪومت ختم ٿيڻ بعد ٽيون شهر ٻڌو ويو. جو عربن جي زماني تائين قائم رهيل آهي. جنهن کي محمد بن قاسم ”موج“ شهر جي نالي سان سيوستان جو قلعو چئي فتح ڪيو. ابن حوقل ان شهر کي ”منج ابري“ ڪري لکيو آهي. جو لب درياءَ تي هو. هن شهر جي مٿئين سطح واري شهر جو اصل نالو مئوج يا منج چيل آهي، جنهن مان ”مهنج دڙو“ ٿيو. جو محاوري ۾ ”مهن جو دڙو“ ڪري سڏيو ويو ٿي، جنهن کي هاڻي پاڪستان سرڪار مئن جودڙو يعني مري ويلن جو دڙو نالو ڏنو آهي.“

        شايد ڪن ٻين پراڻين تاريخن ۾ به ڪي اهڙا احوال ڏنل هجن، جن تائين منهنجو هٿ پهچي نه سگهيو آهي، مگر منهنجي راءِ انهن سڀني حوالي کان ٻي طرح آهي منهنجو خيال آهي ته:

(1) ”موهن جو دڙو“ سڏڻ بلڪل غلط آهي، اهو نالو 25-1930ع يا ان کان پوءِ جو ايجاد ٿيل آهي.

(2) مئن جو دڙو (مري ويلن جو دڙو) سڏڻ به صحيح ڪونه ٿو لڳي، ڇو ته سنڌ ۾ اهڙا دڙا تمام گهڻا آهن، انهن سڀني مان ڪيترائي لاش هٿ آيا آهن پوءِ ته هر هڪ دڙي (برهمڻ آباد، اروڙ يا الور، ڪاهو، چِنُهه، جهُڪَر، اَبُل سڌ سڏيرين، ڪوٽ ڏيجي، آمري، وغيره جي دڙن يا کنڊرن کي به مئن جو دڙو سڏڻو پوندو. ڇو ته انهن سڀني مان لاشن (هڏن) جا پڃرا لڌا آهن. هن دڙي مان رڳو چوڏهن يا ٻه-چار وڌيڪ لاش ملي سگهيا آهن. منهنجي خيال ۾ هن دڙي جو ”ميهن جو دڙو“ (ميهه= مهاڻه قوم) جو ڦٽل شهر آهي. سنڌ ۾ قديم زماني ۾ ٻه وڏيون ۽ زبردست قومون رهنديون هيون. (1) هڪڙي جاٽ، جا اٺن جي وڳن سان سنڌ جي وارياسن ميدانن ۾ رهندڙ هئي، جا قوم هميشه عرب حاڪمن سان وڙهندي رهندي هئي. عربن هن قوم جي ڪيترن راڄن کي ديس نيڪالي ڏيئي ايران ۽ عراق جي ڪن ڀاڱن ۾ آباد ڪيو هو، جتان هيءَ قوم اڳتي وڌي يورپ تائين پهچي ويئي ۽ جت، زط، زوطي، جپسي، هيپي وغيره جي نالن سان سڏجڻ ۾ آئي ۽ ٻي مِهي يا ميد قوم جا دريائن ۽ سمنڊن تي مڇي مارڻ ۽ ٻيڙا ڪاهي واپار ڪرڻ ۾ مشغول رهندي هئي.

ميد قوم کي سنڌ جي پراڻي تاريخ (جا عربن جي لکيل آهي) ۾ چور، ڌاڙيل، وغيره سڏيو ويو آهي (ڏسو فتح نامو سنڌ عرف چچ نامو ڇپايل سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، ڇاپو پهريون (1954ع).

چچ نامي جي ص 124 جي پوين سٽن ۾ هن قوم بابت لکيل آهي ته ”سرانديپ جي راجا جون سوکڙيون وغيره کڻي ويندڙ جهاز مخالف واءَ اٿڻ سبب توائي ٿي وڃي ديبل جي ڪناري کان نڪتا. هڪ چورن جو ٽولو جن کي نڪامرهه (2) چوندا هئا ۽ ديبل جا رهاڪو هئا، سي اٺن ئي جهازن کي پڪڙي ويا....“ ساڳئي صفحي تي هيٺ فوٽ نوٽ نمبر 2 ۾ -ن. ب: لڪامره، تنڪارمره،ح: لگامره، س: بکامره ڏنل آهي.“ صفحي 126 تي راجا ڏاهر حجاج بن يوسف جي خط جي جواب ۾ چيو آهي، ”هي ماڻهو چور آهن ۽ انهن کان وڌيڪ طاقتور ڪو ڪونه آهي. اسان جي پڻ تابعداري ڪانه ڪندا آهن“ صفحي 436-439 تائين فوٽ نوٽ نمبر 124(89) ۾ پڻ هن قوم بابت ڊگهو نوٽ ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ به هن قوم کي عرب فاتحن، چور ۽ ڌاڙيل ڪري لکيو آهي (بلاذري ص 435) هن ٽولي کي ميدن هڪڙي (قوم مِن ميد) ڪري ڄاڻايو آهي، جن ٻيڙين ۾ چڙهي حملو ڪري اچي جهاز ڦريو هو. اڳتي لکيل آهي ته ديبل بندر ميدن جو مرڪز هو. عرب مورخن جي لکتن مان سمجهجي ٿو ته مڪران، سنڌ ۽ ڪاٺياواڙ جي ڪناري تي رهندڙ اهي قومون، جن جو پيشو ئي سمنڊ تي هلندڙ ٻيڙيون ۽ جهاز ڦرڻ هو، تِن مڙني کي ”ميد“ جي نالي سان سڏيو ويو آهي.

چچ نامي جي هن ڊگهي نوٽ ۽ سنڌ جو پراچين اتهاس حصي ٻئي (ليکڪ دوارڪا پرساد) هن دڙي جي کنڊرن بابت اٽڪل هڪ سؤ کن صفحن ۾ بحث ڪندي جيڪي به لکيو آهي ان مان آءٌ چڱيءَ طرح وسهان ٿو ته هن ڦٽل شهر ۾ اصل هيءَ قوم (اصل سنڌي اچار مهاڻا، جنهن کي عربن بگاڙي نڪامره، وغيره ڪيو آهي) رهندي هئي. جنهن جون بستيون سنڌو نديءَ جي ٻنهي ڪنارن تي هيون ۽ هن جا ٻيڙا عربي سمنڊ تي مڪران، ملبار، سرانديپ کان ڦِرندا اُڀرندي وارن ٻيٽن تائين ويندا هئا. جنهن لاءِ شاهه جي رسالي جو سُر سامونڊي شاهد آهي. هيءَ بهادر ۽ باهمت قوم ميد جي نالي سان مشهور هئي. مي لفظ مي، مهي، ميه وغيره نموني به استعمال ٿيل آهي. جيئن شاهه جي رسالي سُر ڪاموڏ ۾ ڪيترين جاين تي ڪم آيل آهي، مثلاً:

* پسي ميئڪي ڌيءُ، متان ماڱر مٽئين،

* تون تماچي تڙ ڌڻي، آءٌ مهاڻي ميي،

عربن جي هن پاسي اچڻ کان اڳ يقيناً هيءَ قوم هندستان جي پوري الهندي ڪناري کان اُڀرندي وارن پٽن تائين سامونڊي واپار تي قابض هئي ۽ عربي سمنڊ تي هنن جا ئي ٻيڙا ۽ غوراب پنهنجون، ڌڄائون ڦڙڪائيندا رهندا هئا. عربن جي هن پاسي اچڻ کان پوءِ هن ئي قوم عربن جو مقابلو ڪيو هوندو، جنهن ڪري هيءَ سڄي قوم فاتحن جي نظر ۾ ذليل، چور، ڌاڙيل، باغي، غدار وغيره بنجي پئي. جيئن اڳي آرين جي اچڻ تي اصلوڪا رهاڪو مليڇ، شودر ۽ داس وغيره ٿيا يا گذريل ٿوري وقت ۾ فرنگين جو مثال تازو موجود آهي. انهن سفيد وحشي ۽ لالچي لٽيرن کي، جن به وطن دوست ماڻهن ملڪ مان ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي، سي انهن جي نظرن ۾ باغي هئا. نواب سراج الدولهه، سلطان ٽيپو شهيد ۽ ٻيا بيشمار شهيد مجاهد، مولانا فضل الحق خير آبادي، مولانا شريعت الله، تيتو مير شهيد، حضرت حاجي امداد الله مهاجرمڪي، محمد قاسم نانوتوي، رشيد احمد گنگوهي، ابوالڪلام آزاد، شيخ الهند محمود الحسن ۽ ٻيا ڪيترائي رباني عالم، بال گنگا ڌر تلڪ، مهاتما گانڌي، نهرو، بومس، ڀڳت سنگهه، هيمون ڪالاڻي وغيره آزاديءَ لاءِ جانيون قربان ڪندڙ سمورا بزرگ انگريزن جي رڪارڊ م باغي ۽ غدار هئا، ته پوءِ عرب فاتحن سنڌ جي هن باهمت ۽  دلير قوم (جا ورهين جا ورهيه سمنڊ تي عرب) سوداگرن سان ڀرپور مقابلو ڪندي رهي (اوچتا گوريلا نموني حملا ڪري کين تنگ ڪندي رهي) کي چور ڌاڙيل ڪري سڏيو ته ڪهڙي نئين ڳالهه ٿي پيئي. مي يا ميد قوم جو ڪم ئي هو مڇيون مارڻ يا مال جا ٻيڙا ڀرائي ڏورانهين ڏيهن تائين رسائڻ.

چچ نامي ۾ ص 438 تي لانگ ورٿس ڊيمس جي ڪتاب  ”بلوچ قوم“ ص 17 جي حوالي سان لکيل آهي ته ”ميهه يا ميڌ سنڌ ۽ مڪران جي (سامونڊي) ڪنارن جا قديم مهاڻا آهن ۽ نالو درياءَ جي مهاڻن سان لاڳو آهي ۽ اڪثر ”ميد ۽ ماڇي“ ٻيئي نالا گڏ استعمال ٿيندا آهن.“

ساڳئي صفحي تي ٿورو اڳتي لکيل آهي ته ”سنڌجا ميهه غالباً سنڌ جي سامونڊي ساحل جا ميربحر هئا. هاڻوڪو لفظ ميهه شايد ميد جي بدليل صورت هجي. اڃا تائين کاري طرف حقارتن چوندا آهن ته ”تون ته ڪو ميد آهين يا تون ڪو ميهه آهين.“ يا ” تون ڪو مي آهين.“

مطلب ته ميهه يا ميد اها ئي سامونڊي واپاري قوم آهي جا سنڌو ندي خواه عربي سمنڊ جي الهندي ڪناري تي وسندڙ هئي. هڙاپا ۽ ميهن جو دڙو سندن خاص مرڪز هئا. اهي ئي هئا جيڪي ٻيڙا ڀري جاوا ٻيٽن تائين کارو کيڙيندا هئا. هنن ئي عربن سان جهيڙا ڪيا ۽ سندن جهاز ڦريا وغيره. هنن جي مرڪزن تي وقت بوقت ٻاهرين ۽ ڌارين حملا ڪيا جن مان بني اسرائيلن جا حملا مشهور آهن. جيئن” آئينه قديم سنڌ“ ۾ ڏيکاريل آهي. مگر هنن ماڻهن هر بار موٽي اچي پئي شهر آباد ڪيو آهي. 22-24 صفحن جو هڪ ننڍو ماهوار رسالو جو ”سنڌي ساهت سوسائٽي“ جي ايڊيٽر لالچند امر ڏنومل جڳتياڻي جي نظرداريءَ هيٺ ڪراچيءَ مان نڪرندو هو ۽ اين- ايڇ پنجابي اينڊ ڪمپني بندر روڊ وارا ڇپائيندا هئا، تنهن جي ”سنڌي ٻولي“ (جو 1925ع جي ڪنهن مهيني ۾ نڪتل آهي) رسالي جي صفحي 20 تي ”سنڌي ساهته“ سري هيٺ هن دڙي کي ”مهي جي دڙي“ جي نالي سان لکيو آهي.

ازانسواءِ ٿورا ڏينهن ٿيندا ته سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ٻن –چئن دوستن سان ڪچهري ڪندي هن دڙي جي نالي بابت ذڪر نڪتو ته انهن ويٺلن مان هڪ دوست، جنهن جو شايد آثار قديمه سان واسطو هو، تنهن ڳالهه ڪئي ته هن دڙي مان جيڪي مهرون نڪتيون آهن ۽ جن تي اُن وقت جا اکر لکيل آهن. سي هن وقت جا ماهر پڙهي ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. انهن هيستائين جيڪي لفظ سمجهيا آهن، تن مان هڪڙو لفظ ”مي“ يا ”مهي“ معنيٰ مڇي آهي.

لساني تحقيق:

موهن جي دڙي مان لڌل مهرن وغيره جي ٻولي سمجهڻ جي دعويٰ ڪندڙ مسٽر سراج الحق ميمڻ پنهنجي تصنيف ”سنڌي ٻولي“ ڇاپو پهريون (اپريل 1964) صفحي 25 تي لکي ٿو ته ”ڊاڪٽر نوح ڪريمر جو اهو رايو منهنجي نظريي جي تائيد ڪري ٿو. موهن جي دڙي مان لڌل مهرن ۾ ٽي-چار مهرون اهڙيون آهن، جن تي منهنجي پڙهڻيءَ موجب ”ڪوٽ مون“ ”ڪوٽ ٺُل مون“ ۽ ”ڪوٽ مهن“ لفظ اچن ٿا. منهنجي خيال ۾ موهن جي دڙي جي پوئين دور ۾ ٻئي يا ٽئين تهه واري ڪنهن شهر کي ”ٺل مهن“ يا ”ٺل مون“ سڏيندا هئا، جنهن کي سميرين 1800 ق.م ۾ ”دل مون“ (دلمون) سڏيو ٿو ڀانئجي.“

ساڳئي مصنف ساڳئي ڪتاب ۾ صحفي 100 کان پڇاڙيءَ (158) تائين ٻن بابن ۾ هن دڙي جي ٻوليءَ بابت گهڻو بحث ڪيو آهي. صحفي 119 کان باب پنجون شروع ئي ”موهن جي دڙي جي نالي“ سان ڪيو اٿس. جيئن ڏسو ته هن باب شروع ڪرڻ کان اڳ هڪ ڳالهه ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ مناسب سمجهان ٿو ته اسان جي ڪن عالمن محض تنگدليءَ جي ڪري موهن جي دڙي جو نالو مٽائي ”موئن جو دڙو“ لکڻ ۽ چوڻ شروع ڪيو آهي. سندن استدلال اهو آهي ته تاريخي طرح موهن نالي ڪو به راجا سنڌ جي تاريخ ۾ نه گذريو آهي ۽ ٻيو ته ان دڙي کي اهو نالو هندن جو ڏنل آهي. ان ڪري اهو نالو مٽائي ”موئن جو دڙو“ رکڻ گهرجي. جنهن مان اها معنيٰ نڪرندي ته اهو مئل ماڻهن جو دڙو آهي. اهڙي قسم جي هلڪڙي مذهبي تنگدليءَ جي بنياد تي سنڌ جي تاريخ سان اهڙا ويل وهائڻ ڪا نئين ڳالهه نه آهي. هندن ان تاريخ کي هندو بنائڻ شروع ڪيو ۽ مسلمانن ان کي اسلام قبولايو. موهن جي دڙي ۾ ته هروڀرو هندو نالو ”موهن“ ڳولڻ جي تڪليف ورتي ويئي آهي. ان لفظ ”موهن“ جو هندو نالي ”موهن“ سان ڪو پري جو به واسطو ڪونهي. هي نالو اصل ۾ هڪ قبيلي جو نالو آهي ۽ ان دڙي جو اصل نالو هو ”مُهن جو دڙو،“ جو وقت گذرڻ سان اچار ۾ وڏي واڌ کائي مُهن- مُوهن – موهن بنيو آهي. مهن هڪ قبيلي جو نالو هو جو مڇيءَ تي گذران ڪندو هو ۽ ٻيڙين ذريعي وڏي توڙي ننڍي پيماني تي مڇي ماري پنهنجو گذر ڪندو هو. موهن جي دڙي ۾ جتي ڪٿي انهن جي لياتي نشاني (Totem) ملي ٿي. اهو ئي قبيلو هزارن سالن کان اڄ تائين سنڌ ۾ رهندو اچي. ان ساڳئي قبيلي کي شاهه ”مهاين“ جو قبيلو سڏيو آهي. ان قبيلي جون شاخون يا ذاتيون ”مي“ ”مهاڻا“ وغيره اوهان کي سنڌ ۾ اڃا تائين ملندا. اڄ تائين، ماڇر، دادو وغيره طرف ويٺل غريب مهاڻن جي ڪن ذاتين وٽ اوهان کي اها نياتي نشاني ٺڪر جي ٿانون ۽ ويندي ٻيڙين جي پاسن تي کوٽيل ۽ اڪريل ملندي. موهن جي دڙي جو تمدن ان قبيلي جي نالي پويان اسان وٽ ڪنهن طرح مشهور ٿي ويو. ان ڪري ئي اسان جي آڳاٽن ڪتابن ۾ ان کي ”مُهن جو دڙو“ سڏيو ويو آهي. جيئن مرزا قليچ بيگ جي ڪتابن ۾ ملي ٿو ۽ اڄ به ان نالي سان ڏوڪري ۽ ان جي آسپاس جا ماڻهو ان دڙي کي سڏين ٿا. ان ”مُهن“ جو هندو نالي موهن سان ڪو به واسطو نه آهي. ان جي باوجود، جيڪي صاحب محض تنگدليءَ جي ڪري موهن کي”موئن“ بنائڻ تي سندرو ٻڌي چڪا آهن. انهن کي  ٻيو نه ته به ايترو ته ضرور سوچڻ گهرجي ته پراڻين تهذيبن جا جيڪي به دفن ٿيل شهر سنڌ ۾ ملن ٿا، سي سمورا هڪ طرح سان مئلن جا ۽ موئن جا دڙا آهن. پوءِ انهن  سمورن دڙن کي ”ڪاهوءَ جي دڙي“ آمريءَ جي دڙي، بدران موئن جو دڙو نمبر ٻيو سڏڻو پوندو!“ (سنڌي ٻولي، سراج الحق ميمڻ).

مطلب ته پراڻين تاريخن ۾ هن قوم جو احوال پڙهي ۽ هن آثار قديمه واري دوست جي زباني ڳالهه ٻڌي منهنجي خيال موجب هي دڙو ۽ کنڊر سنڌ جي هڪ قديم زبردست ۽ باهمت قوم ”ميد“ جو مرڪز هئي جنهن کي ”مي يا مهي“ به سڏيو ويندو هو. تنهنڪري هن دڙي جو نالو ”ميهن جو دڙو“ هئڻ کپي.

وڌيڪ ڪو نوجوان عالم ۽ ٻولين جو ماهر هن سوال تي روشنيون وجهندو ته بهتر ٿيندو. مون رڳو پنهنجي ٿورڙي سمجهه ۽ معلومات موجب پنهنجي راءِ ظاهر ڪري هن قصي جي شروعات ڪئي آهي.

             (ورتل ٽه ماهي ”مهراڻ“ جنوري 1974ع).

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org