ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
سنڌ جي اوائلي ٻولي
قديم دور اٽڪل چوٿين صدي عيسوي ۽ ان کان اڳ وارو زمانو آهي،
جنهن کي ”سنڌ جي ٻولي يا ٻولين وارو دور“ چئي
سگهجي ٿو. ان وقت سنڌ جي ٻولي يا ٻوليون ضرور
هيون، مگر ”سنڌي ٻولي“ جنهن جي اسان کي علمي ڄاڻ
آهي، سا اڃا ناپيد هئي. هن عرصي ۾ سنڌ ديس جي ٻولي
يا ٻولين تي سامي، دراوڙي ۽ آريائي ٻولين جو اثر
پيو.
”مئن جي دڙي“ جي آثار قديمه مان مليل مواد ۽ معلومات جي بناءَ
تي چئي سگهجي ٿو ته،”سنڌ جي قديم ٻولي“ شايد ڪا
”سامي“ زبانن جي سٿ مان هئي، جنهن تي دراوڙي ۽
پوءِ آريائي ٻولين جو اثر پيو. انهن آريائن ٻولين
مان، هن قديم زماني ۾ ”سنڌي جي ٻولي“ تي گهڻي ۾
گهڻو اثر ايراني ۽ دراوڙي ٻولين جو پيو، ۽ ان بعد
پالي پراڪرت جي ذريعي سنسڪرت جو. اسان جي تحقيق جي
لحاظ سان اهو صحيح نه آهي ته سنڌي ٻولي ڪو سنئون
سڌو ”سنسڪرت“ مان نڪتي. هن غلط فهمي جا ٻه ٽي ڪارڻ
آهن: اول ته لسانيات جا يورپي عالم، پنهنجي
ابتدائي ۽ اجنبي تربيت سببان، هن اثر هيٺ رهيا ته
هندستان جون جملي ٻوليون سنسڪرت مان نڪتل آهن.
انهيءَ گمان هندوستاني زبانن بابت سندن جانچ پڙتال
تي اثر وڌو. هنن هر زبان ۾ سنسڪرت جي عڪس کي ڏسڻ
جي ڪوشش ڪئي، سنڌي ٻولي جي سنسڪرت مان نڪتل لفظن
جي بناءَ تي هنن سنڌي کي سنسڪرت مان نڪتل قرار
ڏنو. سنڌي صرف نحو جي نرالي ۽ ڳوڙهي سٽا، جا هن
ٻولي کي سنسڪرت خواهه ان جي پوٽين توڙي ڏهٽين کان
ممتاز ڪري ٿي ۽ سنڌي ٻولي کي هڪ جدا اصليت ۽ مستقل
حيثيت ڏئي ٿي. توڙي ٻولي جون ٻيون ”انفرادي
خصوصيتون“، تن کي انهن يورپي محققن، مستثنات (EXCEPTIONS)
جو نالو ڏيئي، ٽاري ڇڏيو. ازانسواءِ انهن محققن
جيڪي دليل دلائل سنڌي جي سنسڪرت سان نسلي نسبت
بابت ڏنا آهن، تن مان گهڻا رڳو گماني آهن: باقي
جيڪي علمي آهن، سي به تنقيد جا محتاج آهن، ۽ اڃان
زياده تحقيق طلب آهن. ٻيو ڪارڻ، سنڌي جي سنسڪرتي
نسل واري نظريي جو، ڪن هندن صاحبن جون لکيتون آهن،
جن جي اڪثريت هن خيال جي وڏي تائيد ڪئي، مگر انهن
لکيتن جي حيثيت تبليغي چئي سگهجي ٿي، ۽ نه علمي ۽
تحقيقي، ٽيون ڪارڻ، سنڌي جي سنسڪرتي نسل جو، هڪ
عام غلط فهمي آهي، ته سنڌي ٻولي يا ته سنسڪرت مان
نڪتي آهي يا ته عربي مان: جنهن صورت ۾ عربي زبان
ٻاهران آئي، تنهن صورت ۾ سنڌي ٻولي پڪ سنسڪرت مان
نڪتي هوندي ۽ اڪثر مسلمان صاحبن کي وري هيءُ حسن
ظن آهي ته سنڌي ٻولي عربي مان نڪتل آهي.
مئن جي دڙي جي ٻولي:
سرزمين سنڌ کي جن ماڻهن اول اول اچي آباد ڪيو، سي الهندي وارن
ملڪن مان آيا ۽ انهن سنڌو درياءَ جي الهندي ڪناري
واري ايراضي ۾ پنهنجون بيٺڪون قائم ڪيون. سندن
تمدن جي انتهائي ترقي ”مئن جي دڙي“ واري تهذيب جي
صورت اختيار ڪئي. ”مئن جي دڙي“ جي آثار قديمه جي
انڪشاف مان قطعي ثبوت ملي ٿو ته سنڌ جو هي قديم
تمدن، مغربي ”دريائي تمدن“ يعني ته دجله ۽ فرات
دريائن جي سمير ۽ بابلي تمدن جو ساٿياري آهي. سر
جان مارشل جي تحقيق موجب، ”سنڌ، سمير ۽ بابل جي
تهذيبن جي وچ ۾ ڪافي هڪجهڙائي هئي: خصوصاً سنڌ ۽
عراق جي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهاٽي اچ وڃ هئي، جا
سمنڊ توڙي سيستان ۽ ايران مان خشڪيءَ ذريعي جاري
هئي“ (1) ازانسواءِ سنڌ جو هيءُ قديم تمدن هڪ قسم
جو ”غير آريائي تمدن“ آهي (2) ۽ انهيءَ ڪري چئي
سگهجي ٿو. قديم سنڌي تمدن جي ٻولي به ڪا غير
آريائي، يا ”سامي- صفت“(3) زبان هئي، جا سنڌ ملڪ
جي اوائلي زبانن مان هئي. انهيءَ ٻولي جا مسخ شده
نشان ”مئن جي دڙي“ مان لڌل مهرن تي موجود آهن. ڪن
لکندڙن جي خيال مطابق ”مڻ“، ”ڪنجهو، ۽ هنجهه“
بابلي زبان جا الفاظ آهن؛ جيڪڏهن اهو صحيح آهي ته
پوءِ غالباً اهي الفاظ سنڌي ۾ هن اوائلي دور ۾
داخل ٿيا. تازي تحقيق موجب قديم عراق جي ”سمير
تمدن“ جي قديم لکيتن ۾ لفظ ”ادا“ بمعني ”پيءُ“ جي
ملي ٿو ۽ ساڳيو لفظ، فقط سنڌي ٻولي ۾ ئي اڄ ڏينهن
تائين ”ڀاءُ، جي معني ۾ رائج آهي.
انهي دور ۾ سنڌ جي هن ”سامي- صفت“ زبان جي سنڌ جو امڪان هڪ طرف
دراوڙي زبانن سان، ٻئي طرف ايراني زبانن ته ٽئين
طرف ”ملتان کان ڪشمير“ ”وارين سنڌ وادي ٻولين“ سان
ٿي سگهي ٿو. ازانسواءِ هندستان جي اتر- اولهه وارن
پهاڙي لڪن مان به اتي جي داردي قومن جو ڪشمير کان
ملتان تائين رهندڙ ماڻهن سان، اصل آريائي قرابت
توڙي مسلسل هجرت ۽ آمدرفت سببان تعلق رهيو، جنهن
ڪري هن سڄي اتر_ اولهه خطي تي داردي ٻولين جو پڻ
اثر پيو. انهيءَ ڪري ڪشميري ملتاني ۽ سنڌي ٻولين
جو رنگ ڍنگ ٻين هندي_ آريائي ٻولين کان نرالو ٿيو
۽ انهن ٽنهي ٻولين ۾ هڪ بنيادي نسبت پيدا ٿي.
آرين جي اچڻ کان اڳ دراوڙي ٻوليون هن برصغير جي گهڻي ڀاڱي ۾
رائج هيون. سنڌ سان لاڳو بلوچستان جي ڀاڱي ۾
”بروهڪي ٻولي“ دراوڙي ٻولين جي قبيلي مان آهي.
انهيءَ مناسبت سان ڪن جو گمان آهي ته شايد ”مئن جي
دڙي“ واري ٻولي پڻ ”دراوڙي“ دفعي جي هجي. اسان مٿي
چئي آيا آهيون ته ”مئن جي دڙي“ جي ٻولي شايد سامي
سٿ مان هئي، ۽ ان دور جي پاڙيسري دراوڙي ٻولين سان
ان جي لهه وچڙ ممڪن ٿي سگهي ٿي. دراوڙي اصليت وارا
الفاظ جهڙيءَ طرح ٻين موجوده عوامي ٻولين ۾ ملن
ٿا، اهڙيءَ طرح سنڌي ۾ پڻ موجود آهن.
جارج شرٽ ”سنڌي ٻولي جي بنياد“ بابت سن 1878ع ۾ هڪ مضمون لکيو،
جنهن ۾ سنڌي جي مستقل لغوي ذخيري ۽ ٻين جداگانه
نحوي خصوصيتن کان متاثر ٿي، هن سنڌي جي سنسڪرت مان
نڪرڻ واري نظريي کان منهن موڙيو ۽ ان جي بجاءِ
”سنڌي جي دراوڙي بنياد“ واري نظريي جي پٺڀرائي
ڪئي. سندس مضمون ”سنڌي ۾ دراوڙي جُز جا اهڃاڻ“ جي
عنوان سان ”انڊين آينٽر ڪئري“ ۾ ڇپيو (3) جنهن ۾
اهو نئون نظريو پيش ڪيائين.
سنسڪرت ۽ سنڌي ٻولي:
هن قدم دور جي علمي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته جنهن وقت آريائي
قبيلا اول اول هندستان ۾ داخل ٿيا، ان وقت اسان جي
هاڻوڪي سنڌ جو هيٺيون ڏاکڻيون ڀاڱو (لاڙ ۽ ٿر)
شايد سمنڊ هيٺ آيل هو، ۽ سنڌو درياءَ جو دو-آبو
(ڊيلٽا) به مٿي وچ ڌاري هو، انهيءَ ڪري غالباً
اوائلي آرين جون جيڪي بيٺڪون ٿيون، سي هاڻوڪي سنڌي
خطي ۾ نه، بلڪه سنڌو نديءَ جي مٿئين ڀاڱي ۾ پنجاب
واري ڪناري جي آسپاس ٿيون. ان بعد، اهي آريائي
قومون اڀرندي طرف وڌيون، گنگا جمنا دوآبي ۾ سندن
مستقل قيام جي دور ۾ ئي سنسڪرت زبان آهستي آهستي
جوڙي راس ٿي. ملتان کان ڪشمير واري ايراضي جون
پنهنجيون ساڳيون اصلي ٻوليون رهيون، جيڪي پوءِ هن
خطي ۾ مسلسل لڏ پلاڻ ۾ ”ايراني- آرين“ جي هندستان
طرف هجرت هڪ اهم واقعو هو، جنهن ڪري هتي جي ٻولين
تي قديم ايراني ٻولي جو به اثر پيو.
ڌيان طلب ڳالهه هيءَ آهي ته هن قديم دور ۾، جنهن وقت گنگا جمنا
دوآبي جي اردگرد، سنسڪرت پنهنجون ابتدائي ۽ آخري
منزلون طئي ڪري رهي هئي، ۽ اتي جون پراڪرت زبانون
ان جي زير اثر وڌي ويجهي رهيون هيون، ان وقت
”ڪشمير کان سنڌ“ واري خطي جي لساني نوعيت جداگانه
هئي. اهو خطو پهريائين ”هند ايراني“ ۽ پوءِ ”هند
آريائي“ ۽ دارديءَ زبانن جي زيراثر رهيو.
سنسڪرت پنهنجي ڪلاسيڪي (پراڻن واري) قالب ۾ بند ٿي چڪي هئي ۽ ان
جي زير اثر عوام جون ٻوليون پنهنجو اوائلي پراڪرتي
دور ختم ڪرڻ واريون هيون. سنڌ ۾ انهيءَ ڪلاسيڪي
سنسڪرت، توڙي اوائلي پراڪرت جي اثر جي نه پهچ هئي
۽ نه گنجائش، ڇو ته انهيءَ ساڳئي وقت سنڌ جي ”موئن
جي دڙي“ واري دريائي تمدن جي ”سامي- صفت“ زبان سنڌ
۾ رائج هئي. ان بعد سنڌ تي تقريباً 600 ورهيه قبل
مسيح تائين جيڪو اثر پوندو رهيو، سو ڪشمير-ملتان
واري خطي مان داردي ٻولين جو، ۽ سنسڪرت جو. انهيءَ
ڪري ئي بنيادي طورسنڌي ٻولي، داردي ٻولين سان قريب
تر رهي. (5) داردي ٻولين ۾ ٻن حرف علتن جي وچ ۾
ايندڙ ”ت“ مٽجي نٿي، اها ”داردي“ خصوصيت اڃا تائين
”سنڌو ماٿر وارين ٻولين“ (سنڌي، لهندا، پنجابي
(لهندا جي اثر هيٺ) ۽ ڪوهستاني) ۾ موجود آهي. انهن
ٻولين ۾ ”پيتو“، لاتو“، ”ڪيتا“، ”سيتا“، وغيره
مروج آهن، حالانڪه ٻين هند- آريائي ٻولين ۾ اهي
الفاظ ”پيا،“ ”لايا“، ”سيا“ بنجي چڪا آهن. (6) سنڌ
کان ڪشمير تائين ”سنڌو ماٿر وارين ٻولين“ ۾
”اسين“، ”اسان“، ”اسي“، وغيره مشترڪ الفاظ ”اسمي“
مان نڪتل آهن ۽ نه سنسڪرت لفظ ”ويوئم“ مان (جنهن
سان انگريزي لفظ
we
به لاڳاپيل آهي.) اهو لفظ ”آسمي“، سنسڪرت کان اڳ
يا سنسڪرت واري زماني جي پراڪرت جو آهي، جنهن کي
جيڪڏهن ”پروٽو پراڪرت“ (proto-prakit)
چئجي ته مناسب ٿيندون بهرحال، اهڙا الفاظ ”سنڌو
ماٿر وارين ٻولين“ جي مشترڪه مگر سنسڪرت کان هڪ
الڳ سرچشمي جو پتو ڏين ٿا.
سنڌ جي قديم تمدن جي زبان شايد سامي صفت هئي. ان تي جيڪي اوائلي
اثرات پيا هوندا، سي خاص طرح منڊا، دراوڙي ۽
ايراني زبانن جا، ۽ بعد ۾ داردي زبانن جا. سنڌ جي
ٻولي يا ٻولين تي سنسڪرت جو اثر دير سان پالي
محاوري جي واسطي سان پيو، مگر انهيءَ عرصي ۾،
مغربي ۽ شمالي زبانن. جهڙوڪ: ايراني، يوناني،
ترڪي ۽ داردي جو پڻ اثر پيو. انهن اثرن جي علاوه.
سنڌ جي ٻولي يا ٻولين“ مان اسريل ”سنڌي ٻولي“ جي
ذاتي اصليت خواهه تاريخي حقيقت، سنسڪرت ۽ ان جي
پراڪرت ٻولين جي ڀيٽ ۾ هڪ نرالي نوعيت ورتي. ٻيون
پراڪرت ٻوليون، جيڪي پنهنجي ئي ارتقائي دور مان
گذري وڌيڪ بگڙيون، انهن ٻولين کي آڳاٽين نحوين
”اپڀرنش“ سڏيو يعني ”معيار کان ڪريل“ انهن نحوين
جي پرک جو معيار هو. ”سنسڪرت سان ويجهائپ ۽ مناسب“
مگر سنڌي ٻولي، جيڪا پنهنجي اصولن سنجٽ ۽ سٽاءَ ۾
نرالي هئي، ۽ جنهن تي هندستان پراڪ ترن جي ڀيٽ ۾
مغربي ۽ شمالي ٻولين جا اثر زياده پيا هئا. سا
انهيءَ معياري پرک موجب ته ”گهڻو گهڻو بگڙيل“ هئي.
انهي ڪري ڪن محققن جي چوڻ موجب، جنهن ٻولي کي انهن
نحوين ”وراچڊ اپڀرنش“ يعني ”گهڻو گهڻو بگڙيل“ سڏيو
ويو سا سنڌ جي ٻولي هئي حقيقت ۾ ”وراچڊ اپڀرنش“ جو
نالو سنڌ کان گهڻو مٿي اتر واري خطي جي ڪنهن ٻولي
تي اچي سگهي ٿو، ۽ نه سنڌي ٻولي تي، ڇا ڪاڻ ته
”وارچڊ اپڀرنش“ جي اصطلاح ۾ به ”سنسڪرت سان مناسب“
ملحوظ آهي. سنڌي ٻوليءَ جو ته معيار ئي انوکو هو.
انهي ڪري پراڪرت ويا ڪرڻ جي جوڙيندڙ مارڪڻڊيه جو
قول ته وراچڊ کان به سنڌ جي ٻولي گهڻو ڦريل آهي.
زياده وزندار ۽ قابل غور آهي. انهي قول جي تائيد
لاءِ هڪ اهم ثبوت موجود آهي. مثلاً: ”وراچڊ اپڀرنش
۾“ ”س“ جو اچار ڦيرائي ”ش“ ڪندا هئا، سنڌ جي ماڻهن
جي اها انوکي لساني خصوصيت پوءِ به ڪافي دير تائين
باقي رهي، جيئن ته شاعر ابو عطا سنڌي جي هيٺ ڏنل
مثالن مان ظاهر ٿيندو.
سنسڪرت، پراڪرت ۽ اپڀرنش:
”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخي حيثيت کي سمجهڻ لاءِ سنسڪرت پراڪرت ۽
اپڀرنش جي باهمي رشتي کي پڻ صحيح معنيٰ ۾ سمجهڻ
ضروري آهي: ڇاڪاڻ ته عموماً ائين ڄاتو ويو آهي ته
سنڌي اپڀرنش مان نڪتي آهي، اپڀرنش پراڪرت مان، ۽
پراڪرت وري سنسڪرت مان.
اپڀرنش ۽ سنڌي جو تعلق؛
سنڌي ٻولي جي تاريخ ۽ خصوصي حيثيت کي سمجهڻ لاءِ
”اپڀرنش“ ۽ سنڌي جي لاڳاپي واري نظريي کي صحيح طور
سمجهڻ پڻ ضروري آهي. انهيءَ سلسلي ۾ اول اهو ڄاڻڻ
ضروري آهي ته ”اپڀرنش“ ڪنهن هڪ خاص ٻولي جو مخصوص
نالو ڪونهي، بلڪه ساڳئي سلسلي جي ڀاشائن جومجموعي
نالو آهي: يعني ته ڪا به اها ڀاشا يا ٻولي، جيڪا
سنسڪرت جي صحيح معيار کان هٽيل هجي. انهيءَ لحاّظ
سان ”اپڀرنش“ برعظيم پاڪ هند جي عام مقبول زبانن
جو نالو آهي. (8) هيمچندر ۽ مارڪڻڊيه، جيڪي پراڪرت
جي نحوين ۾ خاص درجو رکن ٿا، تن ٻنهي اپڀرنش بابت
لکيو آهي. هيمچندر(1088-1176) آڳاٽو نحوي آهي ۽ هن
پنهنجي گرامر ”سڌءَ هيمچندر“ ۾ ”اپڀرنش“ کي هڪ
مجمل نالي طور استعمال ڪيو آهي. اپڀرنش بابت سندس
چوٿين نمبر قائدي موجب، اپڀرنش ۾ ڪ، ک، ٽ، پ، ڦ،
اُچار اڪثر ڦري گ، گهه، د، ڌ، ب، ڀ، ٿين ٿا.
انهيءَ قائدي جي بناءَ تي سنڌي کي ”اپڀرنش“ دفعي
جي ٻولي ثابت ڪرڻ مشڪل آهي. مارڪڻڊيه هڪ نامعلوم
مصنف جي حوالي سان سڄيون ساريون ستاويهه ٻوليون
”اپڀرنش“ جي دفعي ۾ شمار ڪري ٿو. مارڪڻڊيه
”اپڀرنش“ جا ٽي قسم ڄاڻايا آهن: هڪ ”ناگر“ جيڪا
مڙني ۾ مکيه آهي، ٻي وراچڊ جا ناگر مان نڪتي ۽
”سنڌو ديش“ ۾ جنم ورتائين ”سنڌو ديشي يو وراچڊ
وپڀرنشتيهه“ ٽين ”اپناگر“ جا ”ناگر“
۽ ”وراچڊ“ جي سنگم مان اسري. مارڪڻڊيه جي انهيءَ
بيان مان گريئرسن ۽ ٻين ائين سمجهيو آهي
ته”وراچڊ“، سنڌ ۾ اسري، موجوده سنڌي ”وراچڊ، مان
نڪتي ۽ وراچڊ ”اپڀرنش“ مان. حقيقت ۾ مارڪڻڊيه ۽
ٻين آڳاٽن لکندڙن جڏهن ”سنڌو“ يا ”سنڌو سووير“ جا
نالا کنيا آهن، ته ان مان مراد موجوده ”سنڌ“
ڪانهي، بلڪه ملتان ۽ ڏکڻ- اولهه پنجاب وارو خطو
آهي.(9)
انهيءَ ڪري اهو محض هڪ گماني نتيجو آهي ته موجوده سنڌ جي سنڌي
ٻولي ”وراچڊ“ مان نڪتي، ڇو ته انهيءَ قسم جي نتيجي
لاءِ ڪو به بنيادي عملي دليل ٿي نٿو سگهي. خود
مارڪڻڊيه جو ڏنل دليل غور طلب آهي: ”وراچڊ“ جي هڪ
لغوي خصوصيت مارڪڻڊيه اها ٻڌائي ٿو ته ان ۾ ”ج“ ۽
”چ“ اچارن آڏو ”ي“ جو اچار اسريو. سنڌي ۾ حرف ”ج“
جي آڏو ”ي“ جي اچار اسرڻ جو گمان نڪري سگهي ٿو
(جيڪڏهن اسان ”ج“ جي آڏو توڙي پويان ”ي“ کي ملائي
”يج“ يا ”جيا“ کي ”ڄ“ جي برابر سمجهون) پر ”چ“ جي
آڏو توڙي پويان”ي“ جي اچار اسرڻ جو سنڌي ۾ ڪو به
نشان ئي ڪونهي. مارڪڻڊيه هڪ ٻي خصوصيت هيءَ ٻڌائي
ته: ”ش“ ۽ ”س“ اچارڻ جو بدجلي وچان هڪ نئون اچار
بنجڻ. مگر اها ساڳي خصوصيت هو ”ماگڌي“ لاءِ پڻ
بيان ڪري ٿو. هڪ ٻئي نحوي ”پرٿوي ڌر“ اها خصوصيت
وري ”سنئه ڪار“، ٻولي جي ڄاڻائي آهي، جنهن جي معني
ته اها ”وراچڊ“ سان مخصوص ڪانهي.
آخر ۾ خاص توجهه طلب ڳالهه هيءَ آهي ته مارڪڻڊيه ڪويندر پنهنجا
ڪتاب ”پراڪرت سر وسئو“ سنڌ کان سوين ڪوهه پري،
اوڀر هندوستان (اوڙيسا) ۾ لکيو، جنهنڪري اولهه –
هندستان جي ٻولين بابت سندس راءِ کي ايترو وزن
ڏيئي نٿو سگهجي. ٻيو ته مارڪڻڊيه ڪو بنهه آڳاٽو
نحوي ڪونهي. هن پنهنجو ڪتاب ”راجا مڪند ديو“ جي
حڪمرانيءَ ۾ لکيو، جنهن جو سال ڪن محققن 1664ع ڪري
مڃيو آهي، مگر ڪن ٻين محققن جي راءِ موجب مارڪڻڊيه
بهر صورت 15 صدي عيسوي جي پهرين پنجويهن سالن کان
پوءِ ٿي گذريو، يعني ته 1425ع بعد ٿي گذريو. سنڌ ۾
اهو سمن جي بادشاهي جو پهريون دور هو، جنهن وقت
اسان کي سنڌي ٻولي جو شعر ”بيتن“ جي مڪمل صورت ۾
ملي ٿو. نه فقط ايترو پر مارڪڻڊيه واري عرصي کان
گهڻو اڳ سمن جي دور جي شروعات جا بيت پڻ ملن ٿا.
جن ۾ موجوده ”سنڌي ٻولي“ پنهنجي مڪمل صورت ۾ نظر
اچي ٿي. بلڪه ان کان به گهڻو اڳ سومرن جي پوئين
دور جي ٻولي جا خدوخال پڻ ”ڳاهن“ جي صورت ۾ چٽا
نظر اچن ٿا. جيڪڏهن موجوده سنڌي ٻولي ”وراچڊ“ مان
اسري هوندي ته اها سومرن جي اوائلي دور ۾ يا ان
کان به اڳ هيمچندر سومرن جي دور جي شروعات جو نحوي
آهي، پر هن صرف ”اپڀرنش“ جو ذڪر ڪيو آهي ۽ ”وراچڊ“
جو نالو به ڪو نه کنيو آهي.
مٿئين تجزيي ۽ تحيقيق، سدليلن ۽ مثالن جي بناءَ تي اسان هيٺين
نتيجن تي پهچون ٿا: سنڌ جي قبل از تاريخ قديم
تهذيب جي ٻولي جا آثار مئن جي دڙي جي کنڊرات مان
مليل مهرن ۾ محفوظ آهن. انهن قبل از تاريخي قديم
ٻولي جي حقيقت معلوم نه ٿي سگهي آهي، ٿي سگهي ٿو
ته اها ڪا سامي صفت ”ٻولي هجي جيڪا عراق جي قديم
سميري تهذيب“ جي ٻولي جي ساٿياري هئي. مقامي طور،
ان جي دراوڙي سلسلي سان نسبت ٿي سگهي ٿي.موجوده
سنڌي ٻولي سنئون سڌو سنسڪرت مان نڪتل ناهي،بلڪه
سنسڪرت کان اڳ واري مقامي پراڪرت يا پرا ڪريتن مان
اسري اها هند_ آريائي ٻولي آهي لهندا (سرائيڪي-
بهاولپور، ملتاني، ديري والي هندڪو) ڪشميري ۽
اترئين سنڌوماٿر جي داردي“ ٻوليون ان جون ڀينرون
آهن. بودو باش جي لحاظ سان اهي مڙيئي سنڌو ماٿر
جون آڳاٽيون هند- آريائي ٻوليون آهن، پر سٽاءَ
تاريخ ارتقاءَ جي لحاظ سان اهي هن عظيم جي ٻين
هنڌ- آريائي ٻولين کان نراليون آهن، ڇا ڪاڻ ته
انهن بناوت ۽ اوسر ۾ مندا ۽ دراوڙي ٻولين کان
سواءِ هند- ايراني ۽ اولهه کان ٻين داخل ٿيندڙ
ٻولين جي اثر کي پڻ دخل آهي. سنڌ انهي وراچڊ
اپڀرنش مان نڪتل ڪانهي جنهن جو اڳين نحوين ذڪر ڪيو
آهي. سنڌي جو خمير سنڌ جي سرزمين ۾ تيار ٿيو: ان
جو بڻ بيناد ان جي پنهنجو موروثي سرمايو ئي
آهي،جنهن جي تاريخ سنسڪرت کان اڳ واري پروٽو-
پيراڪرت يا پهرين پراڪرت تائين پهچي ٿي.
(اصل تان مختصر ڪيل)
حوالا ۽ حاشيا
1. جان مارشل: محڪمه آثار قديمه هند، ساليانه رپورٽ 27-1926ع.
2. ”غيرآريائي تمدن“(A
non-aryan civilization)
ڏسو اسٽار رچرڊ جو ڪتاب
Indus valley
potter.
ڇپيل پرنسٽن يونيورسٽي، برنسٽن، آمريڪا، 1941ع.
3. سرياني، عبراني ۽ حبشي عربيءَ کي علم لغات جي اصطلاح ۾ ”سامي
زبانون“ سڏيو ويو آهي. ”سامي صفت“ يعني انهن ٻولين
جهڙي.
Shirt, george: “traces of dravidian element in sindhi, the
indian antiquary, vol: 1878. ( issue of december
1878).
“sindhi, on the countrary, claims a much more clear
relationship to the dardic languages (which
influenced it from northern side) being
protected from the east by the desert of western
rajisthan.”
( grirson: linguistic survey of india, vol. viii, p-i)
grirson: liguisitic survey of india, vol. i, p – 14)
7. تصديق لاءِ ڏسو، پشيل جو ”پراڪرت ٻولين جو
تقابلي گرامر.“ جرمن مان انگريزي ترجمو، دهلي،
1957ع، ص ص7,6
I agree with senarth that all the prakrits go back to popular
dialects as thir source and thir all essential
elements originally developed from the living
speeches (p-7) this sanskrit was not eh basis of
the prakrit (p-4). the fact that all the new
indian languages do not go back to sanskrit
today needs no more proof (p-6) (R. pischel:
comparative grammar of the prakrit languages:
translated from german subhadra jha motilal
banarasidass publishers: delhi 1957, pp. 6-7)
8. تصديق لاءِ ڏسو، پشيل جو ”پراڪرت ٻولين جو
تقابلي گرامر“ ، انگريزي ترجمو، دهلي 1957ع. ص 13.
9. محقق بيروني صاف ڪري سمجهايو آهي ته قديم ”سووير، ساڳيو
ملتان وارو علائقو هو. (”سووير هوالمولتان“، ڪتب
ماللهند، حيدرآباد دکن ڇاپو، ص ص 253 ۽ 256ع.
|