محمد ادريس صديقي
موهن جي دڙي جون بستيون
۽ شهري اڏاوت جي رٿابندي
سنڌوماٿريءَ جي تهذيب هڪ هزار ميلن کان وڌيڪ علائقي ۾
پکڙيل هئي. ان جي اثر جو دائرو بابلي تهذيب کان
چوڻي ۽ مصري تهذيب کان ٻيڻي علائقي تائين پکڙيل
هو ۽ جيئن جيئن باقياتي کوجنا اڳتي وڌندي رهي ٿي،
تيئن تيئن ان جا پلاند پري کان پري تائين پهچندا
رهن ٿا. ان وسيع علائقي ۾ هزارين بستيون آباد
رهيون هونديون، جن مان ڪيترين جا پار پتا لڌا ويا
آهن. انهن بستين ۾، باقياتي دريافت جي خيال کان،
موهن جو دڙو، هڙاپا، چانهوءَ جو دڙو، ستڪاجن جو
دڙو، علي مراد، آمري، دبر ڪوٽ ۽ ڪوٽ ڏيجي وڌيڪ
مکيه آهن.
موهن جو دڙو :
موهن جي دڙي جو مقامي نالو ”مئن جو دڙو“ آهي (1).
کوٽائي ڪرڻ وارا ماڻهو مڪاني زبان نه ڄاڻندا هئا،
تن کي ”موهن“ لفظ وڌيڪ سهڻو لڳو تنهنڪري انهن
”مئن“ جي بجاءِ ”موهن“ جو لفظ استعمال ڪيو. هينئر
اُهو ايترو ته عام ٿي ويو آهي، جو اصل نالي جي
اهميت ئي نه رهي آهي. سنڌ ۾ باوجود هِن جي ته
اڳينءَ حڪومت جي سرڪاري گزيٽ ۾ اصل نالي کي قانوني
حيثيت ڏني ويئي هئي. پر جيڪو غلط استعمال عوام ۾
عام ٿي ويو، سو اڄ مشهور آهي ۽ بين الاقوامي شهرت
حاصل ڪري چڪو آهي.
موهن جو دڙو اُتر سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي ۾، ڪراچي ڪوئيٽا
ريلوي لائين ڏوڪري اسٽيشن کان 6 ميل پري آهي.
ڏوڪريءَ کان موهن جي دڙي تائين پڪو رستو آهي. سنڌو
درياءُ ان جي اوڀر طرف وهي ٿو. ڪنهن مٿاهينءَ جاءِ
تي بيهي، جيڪڏهن سڄيءَ بستيءَ تي نظر ڦيرائي وڃي
ته معلوم ٿيندو ته هن بستيءَ ۾ ڇهه ست محلا هئا ۽
هر هڪ محلو اتر ڏکڻ 1200 ۽ اوڀر اولهه 700 فوٽ
ايراضيءَ ۾ پکڙيل هو. انهن محلن کي ڪشادا رستا هڪ
ٻئي کان جدا ڪندا هئا. هيءُ شهر شڪل ۽ صورت جي
لحاظ کان برطانوي ٻيٽن جي شڪل سان ملندڙ جلندڙ آهي
۽ جهڙيءَ طرح آئرلينڊ جو سمنڊ انگلينڊ ۽ آئرلينڊ
کي جدا ڪري ٿو. اهڙيءَ طرح شايد سنڌو درياءَ جي
ڪنهن اوائلي ليٽ هن جي بستيءَ جي اسٽوپا ايراضي کي
ٻين ايراضين کان جدا ڪري ڇڏيو آهي ۽ هينئر اُهي
کنڊر ٻن وڏن حصن ۾ يعني ”مٿيون شهر“ ۽ ”هيٺيون
شهر“ ۾ ورهايل آهن. ”مٿيون شهر“ هڪ بيضوي شڪل جي
دڙي تي قديم آباديءَ جي اولهه واريءَ ڪنڊ جي مُنهن
وٽ آهي انهيءَ ۾ اسٽوپا هڪ وڏو حوض، جامعه يا
مدرسو ۽ ٿنبن وارو هال گهڻو مشهور آهن.
”هيٺئين شهر“ ۾ رهڻ جون جايون، دوڪان، ڪشادا رستا ۽
ڳليون آهن. شهر جو هيءُ حصو ايڇ. آر. ايريا (2)
وي. ايس ايريا (3) ۽ ڊي.ڪي ايريا (4) جي مختلف
نالن سان بيان ڪيو ويندو آهي.
اسٽوپا:
اسٽوپا ٻڌ زماني جي عمارت آهي، جنهن جي بلنديءَ ۽ ڪشش آثار
قديمه جي ماهرن جو ڌيان ڇڪايو. ڄڻ ته ان عظيم
الشان تهذيب جي دريافت جو سبب ئي هيءَ عمارت آهي.
اسٽوپا زمين جي سطح کان ستر فوٽ مٿي آهي. ان جو
گنبذ ڪري پيو آهي ۽ سندس ڍانچي جو باقي اڌ حصو وڃي
بچيو آهي، جو عمارت جي بنياد کان 8 فوٽ 4 انچ
مٿانهين چبوتري تي قائم آهي. انهيءَ ڍانچي جو قطر
33 فوٽ 6 انچ آهي. اهو اندران خالي ۽ پورو آهي.
ڪنهن زماني ۾ ڪنهن شخص هيرن جواهرن جي تلاش ۾ ان
جي اندران چوڏهن فوٽ اونهي کڏ کوٽي هئي ۽ شايد
انهيءَ شخص کي اتان سنگ جراحت جو ٺهيل هڪ خاڪدان
مليو هو، جنهن کي بيڪار ڄاڻي، ان جا ٽڪر هن اتي ئي
اڇلائي ڇڏيا هئا، جي پوءِ آثارِ قديمه جي محڪمي
طرفان کوٽائي ڪندڙن کي مليا. هتان ئي ڪنول جي گل
جي آسن تي ويٺل مهاتما ٻڌ جي پٿر جي مورتيءَ جا به
ڪجهه ٽڪر مليا هئا. اسٽوپا جي عمارت سنڌو ماٿري جي
قديم عمارتن جي سِرن ۽ گاري وغيره مان تيار ڪيل
آهي. ڏکڻ پاسي جتي ان جو بنياد ڏسڻ ۾ ٿو اچي، اهو
صاف نظر ٿو اچي، ته ان جي تعمير سنڌو ماٿريءَ جي
قديم عمارتن جي بنياد تي مٿان بيهاريل آهي.
وِهار (مَٺَ) جي چؤطرف هڪ ويڪرو پڌر آهي، ان جي پاسن
کان ڀڪشن جي رهڻ لاءِ پڪ سرا حجرا ٺهيل آهن. انهن
حجرن ۾ ٻه حصا آهن، جن مان اندريون حصو شايد سمهڻ
لاءِ ٻاهريون حصو ويهڻ ۽ ٻئي ضروري ڪم لاءِ هو.
انهن حجرن مان چوڪنڊا سِڪا به لڌا هئا. اُهي سڪا
ڪُشان دور جي راجا واسديو (173-156ع) جي زماني جا
آهن ۽ غالباً سنڌ ۾ ئي ٺاهيا ويا آهن، ڇو ته جهڪر
(ضلعي لاڙڪاڻي) ۾ موهن جي دڙي کان سواءِ اهڙا سڪا
برصغير هند-پاڪ ۾ ٻئي ڪنهن هنڌان نه لڌا آهن.
وڏو حوض:
اسٽوپا جي اُتر اوڀر واريءَ ڪنڊ کان اسين هيٺ حوض ۾
لهون ٿا. اسٽوپا ۽ حوض جي وچ ۾ هڪ ڳلي آهي، جنهن
کي ”شاهراهه الهايه“ (5) چون ٿا. هيءُ حوض سنڌو
تهذيب جي وچ واري دور جي عمارت آهي. هِن جو نقشو
تمام سادو آهي. مستطيل شڪل جو آهي ۽ 29 فوٽ ڊيگهه
۽ 23 فوٽ ويڪر اٿس. منجهس اندر لهڻ لاءِ اتر ۽ ڏکڻ
کان ڏاڪا ٺهيل آهن. حوض ۾ پاڻيءَ جي نيڪال جو
پوريءَ طرح ۽ باقاعده انتظام هو. هڪ زير زمين نالي
اُن جي ڏکڻ اولهه واريءَ ڪنڊ ۾ واقع آهي، جنهن جي
اوچائي تقريباً 6 فوٽ 6 انچ آهي. حوض جي چئن پاسن
کان ورانڊو آهي. ورانڊي جي اُتر ڏکڻ ۽ اوڀر پاسي
مختلف ڪمرا ۽ دالان آهن. ڏکڻ واريءَ ڊگهيءَ
گئلريءَ جي ٻنهي پاسن وارا ۽ اوڀر پاسي وارا ڪمرا
ننڍا آهن. انهن ڪمرن جي وچ واري ڪمري، جنهن کي
ڪمرو نمبر 16 چون ٿا، هڪ کوهه آهي، جنهن تي ٻٽي پڳ
تعمير ڪئي ويئي آهي. اندازو ڪيو ويو آهي ته انهيءَ
کوهه جي پاڻيءَ سان حوض ڀريو ويندو هو، پر ٿي سگهي
ٿو ته حوض ڀرڻ سان ٻين کوهن جو پاڻي استعمال ڪيو
ويندو هجي.
حوض جو پاڻي ويڪريءَ وڌاوڙي
(Corbelled)
ناليءَ رستي ٻاهر ڪڍيو ويندو هو. هيءَ نالي، جيئن
مٿي ٻڌايو ويو آهي. ڏکڻ اولهه واريءَ ڪنڊ کان آهي.
ڪمري نمبر 19 مان هڪ ڏاڪڻ مٿي وڃي ٿي ۽ مٿينءَ
منزل جي پاڻي هيٺ آڻڻ وارين نالين جا ڀتين تي، جي
اڃا سوڌا نشان بيٺا آهن. انهن مان ظاهر ٿو ٿئي ته
اها عمارت ٻه ماڙ هئي. حوض جي ٺاهڻ ۾ ڪافي محنت
کان ڪم ورتو ويو آهي. سرون ڇلي چڱيءَ طرح مصالحو
لڳائي، جڙيون ويون آهن. انهن کي جڙڻ لاءِ گاري جي
پلستر بجاءِ ڦٽو ڪم آندو ويو آهي. پوسل ۽ پاڻيءَ
کان بچڻ لاءِ فرش جي هيٺان هڪ انچ ٿلهو پلستر
وڇايو ويو آهي.
وڏي حوض جي ڏاکڻي پاسي، ٿورو پريان، ٻه فوٽ ويڪري ڳليءَ
جي ٻنهي پاسن کان ساڍا 9 فوٽ ڊگها ۽ 11 فوٽ ويڪرا
اَٺ غسلخانه ٺهيل آهن. انهن جا فرش وڏيءَ
خبرداريءَ سان مضبوط ٺاهيا ويا آهن. انهن غسلخانن
جي ٺاهڻ ۾ پرده داريءَ جو خاص خيال رکيو ويو آهي.
هڪ ٻئي جي آمهون سامهون هئڻ جي باوجود انهن جا
دروازا اهڙيءَ طرح کلن ٿا. جو بي پردگي نه ٿي ٿئي
۽ ڳليءَ جي هڪ پاسي وارن غسلخانن جي درن ۾ بيهي
ڳليءَ جي ٻئي پاسي وارن غسلخانن ۾ نٿو ڏسي سگهجي.
هر غسلخاني ۾ مٿي وڃڻ لاءِ هڪ ڏاڪڻ آهي. ڇاڪاڻ ته
انهن جون ڀتيون ٿلهيون آهن، تنهنڪري اِهو اندازو
ڪيو ويو آهي ته جايون ٻه ماڙ هيون. انهن غسلخانن
جو ميرو پاڻي ڳليءَ ۾ هڪ ناليءَ ۾ گڏ ٿي مٿي ذڪر
ڪيل وڌاوڙي واريءَ نالي ۾ وڃي پوندو هو.
ائين معلوم ٿو ٿئي ته هي غسلخانا وڏي حوض جي سلسلي جو
هڪ حصو آهن. گهڻو ڪري انهن ۾ خاص خاص ماڻهو، مثلاً
پنڊت ۽ پوڄاري، تڙ پاڻي ڪندا هوندا. ٿي سگهي ٿو ته
هي پروهت مٿينءَ ماڙ تي رهندا هجن. موهن جي دڙي ۾
گهڻو ڪري هر وڏيءَ جاءِ ۾ غسلخانا موجود آهن، جنهن
مان اهو اندازو لڳايو ويو آهي ته انهيءَ زماني جا
ماڻهو تڙ پاڻي جو خاص خيال رکندا هئا. ڪن محققن جي
هيءَ راءِ به آهي ته هندن ۾ جا روزانه شنان ڪرڻ جي
رسم آهي، اها وٽن سنڌو تهذيب جو ئي ورثو آهي
جامعه:
ذڪر ڪيل غسلخانن ۽ اسٽوپا جي وچ ۾ هڪ تمام وڏي عمارت
آهي، جا وڏي حوض جي عمارت کان وڌيڪ وڏي ويڪري آهي،
جنهن جي ڊيگهه 235 فوٽ 7 انچ ۽ ويڪري 78 فوٽ 15
انچ آهي. انهيءَ جو وڏو در اولهه پاسي هو. ايئن ٿو
خيال ڪيو وڃي ته هيءُ يا ته ڪنهن وڏي پنڊت جو هو
يا ڪنهن پروهت جو، يا ته ڪو وڏو پاٺ شالو هوندو.
ان جا ايترا گهڻا ڪمرا، خاص بيٺڪ جي ٿَلهن جون
ٿلهيون ۽ مضبوط ڀتيون ۽ خاص طرح ٻاهريون ڀتيون جي
ڪن ڪن هنڌن تان ته 4 فوٽ ٿلهيون آهن، سي سڀ انهي
ڳالهه جو ثبوت ٿيون ڏين ته هيءَ عمارت ٻه ماڙ يا
ٽه ماڙ هوندي. وڏي در مان لنگهي اچجي ته هڪ هال
ايندو جو 23 فوٽ ڊگهو ۽ چار انچ ويڪرو آهي. انهيءَ
جي کاٻي پاسي هڪ ويڪري در کانپوءِ هڪ فوٽ اڱڻ آهي،
جنهن کي چئن ئي طرفن کان ڀتيون آهن. انهيءَ جي چئن
پاسن کان وري گهڻا ئي ڪمرا آهن، جي شايد ڪنهن
زماني ۾ پاٺ شالي جي پرنسپال جي رهائش جا ڪمرا
هوندا. هال جي سڄي پاسي کان ٻه ڳليون آهن. هڪ ننڍي
اڱڻ طرف ٿي وڃي، جنهن جي چئن ئي پاسن کان وري ننڍا
ننڍا ٻه ماڙ ڪمرا آهن. انهيءَ ئي پاسي ڪيترا ٻيا
به اڱڻ ۽ ڪمرا آهن جن ۾ شايد شاگرد رهندا هوندا.
مٿينءَ ماڙ تي وڃڻ لاءِ ٻه ڏاڪڻيون آهن. سمجهيو
وڃي ٿو ته پروهت جي اچ وڃ لاءِ ڏاکڻي ۽ اولهه پاسي
در هوندا.
هيٺيون شهر:
اسٽوپا ايراضيءَ کان هڪ رستو ڏکڻ اوڀر طرف ٿو وڃي، جو
ٿورڙو ئي پري وڃي، اوڀر پاسي مُڙي، اوڀر واري
وڏيءَ سڙڪ سان ملي ٿو. اوڀر واري وڏي سڙڪ کوٽيل
علائقي کي ٻن حصن ۾ ورهائي ٿي. سڙڪ جي ڏکڻ پاسي
ايڇ. آر ايراضي آهي ۽ اتر طرف وي. ايس ايراضي آهي.
مشرق واريءَ وڏيءَ سڙڪ کي پهرين وڏي سڙڪ گوني ڪنڊ
تي ڪاٽي ٿي ۽ وي. ايس ۽ ايڇ. آر ايراضين کي ٻن حصن
۾ ورهائيندي، ڊي.ڪي ايراضيءَ تائين وڃي ٿي.
انهن علائقن ۾ هزارين گهر، تمام گهڻيون ڳليون ۽ بيشمار
کوهه آهن. هي گهر خاص بيهڪ جا آهن. ايڇ. ار
ايراضيءَ جي گهر نمبر 8 جي بناوت ڏاڍي دلچسپ آهي.
هيءُ هڪ وچولي درجي جو گهر آهي ۽ موهن جي دڙي جي
وچين دور جي اڏاوت آهي ۽ هاءِ لين (6) تي واقع
آهي. ان گهر جي اوچائي 75 فوٽ ۽ ويڪر 97 فوٽ آهي.
ان جون ٻاهريون ڀتيون 4-5 فوٽ ٿلهيون ۽ ٻاهرئين
پاسي کان مخروطي آهن. انهي جو وڏو در پهريائين ڏهه
فوٽ ويڪرو هو، پر پوءِ ان جي ڀر واريءَ ڪنڊ ۾ هڪ
ٿنڀو ٺاهيو ويو هو، جنهن ڪري در جي ويڪر 7 فوٽ 6
انچ باقي بچيل آهي. وڏي در ۾ داخل ٿيندي وقت بُهه
گڏيل مٽيءَ سان پلستر ڪيل اولهه واريءَ ڀت جو ٽڪرو
ڏسبو، جو جيئن جو تيئن اڃا بيٺل آهي. در جي ٺيڪ
سامهون ٿورو پريان هڪ ننڍو ڪمرو آهي، جنهن جو در
ٻاهر واري وڏي دروازي جي آمهون سامهون آهي. ان جي
اندر ساڄي هٿ تي 32 چورس فوٽ اڱڻ آهي، جو سِرن جو
ٺهيل آهي. فرش جي پاسي کان اتر کان اولهه طرف زمين
جي اندر هڪ نالي آهي، جنهن جي اتر واريءَ ڪنڊ سان
مٿينءَ ماڙ جو ميرو پاڻي آڻيندڙ نالي اچي ملي ٿي ۽
عجب جي ڳالهه آهي، جو انهيءَ ناليءَ جو پاڻي ڳليءَ
جي ڪنهن ناليءَ ۾ ڪونه ويندو هو پر اڱڻ ۾ هيٺ زمين
۾ اندر پوريل هڪ مٽي جي مَٽ ۾ وڃيو پوندو هو. اڱڻ
جي چئن ئي پاسن کان ڪمرا آهن. ڏکڻ اوڀر واري پاسي
جي ڪمري ۾، جنهن کي ڪمرو نمبر 6 چيو ٿو وڃي، هڪ
کوهه آهي. ڀرسان واري ڪمري جي وچينءَ ڀت ۾ هڪ کليل
دري آهي، جنهن مان پاڻيءَ جو ٿانءُ هڪ پاسي کان
ٻئي پاسي وڃي اچي سگهي ٿو. هيٺئين طبقي جا سڀئي
ڪمرا گهڻو ڪري سامان رکڻ ۽ بورچي خاني وغيره جي ڪم
ايندا هوندا. مٿينءَ ماڙ جا ڪمرا جن ۾ پهچڻ لاءِ
ڏاڪڻ ٺهيل آهي. سمهڻ ۽ آرام ڪرڻ لاءِ استعمال
ٿيندا هوندا.
پهرينءَ وڏي سڙڪ جي ٻئي پاسي بيضوي شڪل جو هڪ بَٺو آهي.
هي 7 فوٽ ڊگهو ۽ 5 فوٽ ويڪرو آهي ۽ ان جو منهن، جو
ڏکڻ طرف آهي تنهن جي ويڪر 13 انچ آهي. ايڇ. آر
ايراضيءَ جي اتر ۾ اوڀر واري سڙڪ آهي جنهن جي وري
ٻئي پاسي کان وي. ايس ايراضي آهي. هن سڙڪ جي ڪناري
کان فرش تي پڪ سِرا گول ٿالهه جي شڪل جا ٽڪرا ٺهيل
آهن. جن ۾
V
شڪل جون سِرون جڙيل آهن. هي سرن جا ٿالهه موهن جي
دڙي جي انهن مٽن رکڻ لاءِ ٺهرايا ويا هئا، جن جا
تَر چهنبائتا هوندا هئا. ڪن جو خيال آهي ته هيءُ
ڪو ميخانو هو ۽ ڪِن جو چوڻ آهي ته هيءَ ڪا سبيل
هئي. ان جي ڀرسان هڪ کوهه آهي، جنهن جو قطر 6 فوٽ
8 انچ آهي ۽ اٽڪل 35 فوٽ اونهو آهي. انهيءَ ۾ پڻ
V
شڪل جون سرون ڪم آندل آهن. ان کوهه جو پليٽ فارم
ڏاڍيءَ خبرداريءَ سان ٺهيل آهي ۽ ان جي سِرن جي
اوساري نهايت مضبوطيءَ ۽ خيال سان ڪئي ويئي آهي.
کوهه جي گهاٽ تي گهڻي وقت تائين پاڻيءَ ڇڪڻ ڪري، رسن
رڳڙ جا نشان اڄ به موجود آهن. ان سان گڏ کوهه جي
ڪنارن واري فرش تي دلن رکڻ جا نشان به موجود آهن.
انهيءَ کوهه تان پاڻي ڀرڻ وقت جيڪو پاڻي ڇلڪي ڪري
پوندو هو، اُهو انهيءَ پليٽ فارم يا پڳ هيٺان هڪ
پڪ سري حوض ۾ جمع ٿيندو هو ۽ اُتان وري هڪ ناليءَ
رستي ٻاهر نيڪال ڪيو ويندو هو!
وي.ايس ايراضيءَ جي اُتر ۾ ٿورو پريان ڊي. ڪي ايراضي
آهي. هيءُ علائقو شايد هتان جي اميرن جي بستي هئي.
هِن جي تعمير ٽن جدا جدا دورن ۾ ٿي. شروع، وِچين ۽
آخري دور جا آثار صاف نظر اچن ٿا ۽ عجب ڳالهه ته
هيءَ آهي جو اسين جڏهن شروع واري زماني جي
تعميراتي ڪم جي آخري دور جي تعميرات سان ڀيٽ ڪريون
ٿا ته خبر پوي ٿي ته شروعاتي تعميري فن درجي بدرجي
بگڙندو پئي ويو آهي! هِن ايراضيٰ ۾ تمام گهڻيون
ڪشاديون، وڏيون ۽ ويڪريون جايون آهن، جتي
مٿانهينءَ سطح کان اٽڪل 35 فوٽن تائين کوٽائي ڪيل
آهي، هتي تمام وڏيون اوچيون ڀتيون ۽ ڳليون ڏسڻ ۾
اچن ٿيون. هن علائقي ۾ بيشمار کوهه آهن، جن جي چئن
ئي پاسن جي مٽي کوٽائي ڪندي ڪڍي ويئي آهي ۽ هينئر
اُهي زمين کان ٻاهر ڪارخانن جي چمنين وانگر بيٺا
نظر اچن ٿا.
گذريل ڪن سالن جي کوٽائيءَ ۽ کوجنا جي نتيجي ۾ سنڌو
ماٿريءَ جي قديم رهواسين جو ڪافي بي مثل ورثو
دريافت ٿيو آهي ۽ ورثي جي روشنيءَ ۾ ان قديم تهذيب
جون ڪيتريون ئي خوبيون ۽ خصوصيتون کلي ظاهر ٿيون
آهن. خاص طرح سندن اڏاوت جي فن جا ڪيترائي اهڙا
پهلو اڄ اسان کي معلوم آهن، جن تي پوري غور ڪرڻ
بعد اسين آسانيءَ سان چئي سگهون ٿا ته هي ماڻهو
اڏاوت جي ڪم ۾ وڏي قابليت رکندا هئا. سندن گهر،
دڪان، مڪتب، کوهه، رستا مطلب ته سڀ اڏاوتي ڪم
پوريءَ رٿا هيٺ عمل ۾ ايندا هئا. موهن جي دڙي جي
کنڊرن ۾ شهري اڏاوت جي هنن شاندار نشانن کي ڏسي،
جيڪي اڄ به جديد کان جديد پيا لڳن. هڪ انگريز مصنف
ايئن لکڻ لاءِ مجبور ٿي پيو ته هن اُتي بيهي ايئن
ٿي محسوس ڪيو ڄڻ هو اڄ جي لنڪا شهر جي کنڊرن ۾
بيٺو هو. وڌيڪ چيائين ته موهن جي دڙي جي شاهراهه
اول (7) ۽ شاهراهه مشرق (8) جي ميلاپ وارو هنڌ ته
کيس آڪسفورڊ سرڪس جو چوراهو (9) ٿي معلوم ٿيو.
(10) ڏسڻ ۾ ته هي ڳالهيون ڄڻ خوش فهميءَ واريون
پيون ڀائنجن، پر حقيقتن جي اونهيءَ اڀياس مان پتو
پوي ٿو ته اِهي دلڪش تشبيهون بي بنياد نه آهن.
هڪ اعليٰ رٿابنديءَ هيٺ آباد ٿيل شهر جو پهريون بنيادي
اصول هيءُ آهي ته اهو جنهن هنڌ تي اڏيل هجي، اهو
ٻاهرين ۽ اندرين بندش کان آجو هجي، ٻي خاص ضرورت
ان لاءِ هڪ اهڙي مرڪزي بااختيار انتظام جي آهي،
جنهن ۾ رستن ۽ ڳلين جي سنڀال، عوام لاءِ کوهن جو
بندوبست، گندي پاڻيءَ جو نيڪال، صحت صفائيءَ جي
اصولن جي پابندي ۽ گهرن جي بيهڪ جي رٿابندي
آسانيءَ سان ٿي سگهي ۽ ان لاءِ شهر واسين جو تعاون
خوشيءَ توڙي رنج سان حاصل ڪري سگهجي. موهن جي دڙي
مان لڌل شهر ۾ اِهي ٻيئي ڳالهيون موجود هيون.
سرون ٺاهڻ:
برصغير هند-پاڪ جي اڏاوتي فن جي تاريخ ۾ سنڌو ماٿريءَ
جي هن دور جون سِرون پنهنجو مٽ پاڻ آهن. هتي
غالباً ڪنهن به پوءِ جي دور ۾ هنن سرن کان وڌيڪ
ڪارائتيون سرون ڪونه ٺهيون آهن. هنن سرن جي ماپ
3/1: 2/1 :1 جي نسبت ۾ هوندي هئي.
موهن جي دڙي ۽ هڙاپا ۾ گهڻو ڪري پڪيون سرون استعمال
ڪيون ويون آهن. سواءِ ڪن جاين جي، جتي ڪچيون ۽
پڪيون سِرون هڪ خاص سلسلي سان اوساريءَ ۾ يا بنياد
۾ ڪم آندل آهن. هنن سرن جي ڊيگهه ويهڪ کان ٻيڻي ۽
ٿولهه ويڪر جو اڌ رکيل آهي. هي سرون 25ع 2 × 5 ×
25ع 10 انچن کان وٺي 5ع 2 × 85 × 65ع 25 انچن جي
جدا جدا ماپ جون ٺاهيون ويون آهن اڃا به وڏيءَ ماپ
جون سرون خاص خاص استعمال، مثال طور نالين کي ڍڪڻ
وغيره لاءِ ٺاهيون وينديون هيون. عام طرح هتي 25
11x5 25x2
انچن جي سرن جو استعمال ٿيل آهي. اهي سرون هاڻوڪي
طريقي تي ڪاٺ جي کليل چوڪنڊي سانچن ۾ ٺاهيل آهن.
چوڪنڊن سرن کان سواءِ ٻين شڪلين جون سرون به
ٺاهيون وينديون هيون. کوهن ٺاهڻ لاءِ
V
شڪل جون سرون خاص طرح ٺاهيون وينديون هيون. فرش جي
جڙت سادي هوندي هئي، ان ۾ ڪنهن قسم جي چٽساليءَ يا
ڊزائين وغيره جو خيال ڪونه ڪيو ويندو هو. البت
غسلخانن جي ڪنڊن ۾ ڪٿي ڪٿي
L
شڪل جون سرون ڪم آندل آهن. سرون مٽيءَ جي گاري سان
لنبيل آهن ۽ هزارن سالن جون اهي وڏيون وڏيون ڀتيون
اڄ به مضبوط بيٺيون آهن.
گهر:
موهن جي دڙي جا گهر سادا ۽ آرام وارا آهن. جن کي اڏڻ
وقت خوبصورتيءَ ٺاهه ٺوهه کان وڌيڪ انهن جي
مضبوطيءَ ۽ پائداريءَ جو خيال رکيو ويو هو. هتي
ايڏيون شاندار ۽ سينگاريل عمارتون ڪونه ٿيون ملن،
جهڙيون مصر، سمير ۽ ٻين قديم تهذيبن وٽان لڌيون
آهن، هِتي ڪن ڳالهين جو خاص طرح خيال رکيو ويو
آهي. مثلاً: هتان جي عمارتن جي پيڙهه ڪافي اونهي ۽
مضبوط رکي ويئي آهي ۽ ان ۾ ٺڪر ٺوٻر ۽ ڪڪري وجهي،
پوريءَ طرح ان کي پڪو ڪيو ويو آهي. عمارتن کي ٻوڏ
کان بچائڻ لاءِ انهن جي آڏو مٽيءَ جا وڏا ٿلها
بنايا ويندا هئا. اڪثر ڀتين ۾ ترتيب سان، انگلش
بانڊ (11) جي طرز تي، اُڀين ۽ وڇايل سرن جون
اوساريون ڪيل آهن. (12) وڌيڪ ٿلهين ڀتين ٺاهڻ لاءِ
ٻاهران ۽ اندران سرن جي اوساري ڪري، ان جي اندر
مٽي، گارو ۽ ٺڪريون سروٽا ڀري ڇڏيندا هئا.
کوٽائيءَ ۾ لڌل عمارتن کي ٽن قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو:
(1) رهائشي گهر (2) وڏيون عمارتون جن جي اڏاوت جو
ڪارج پوريءَ طرح سمجهه ۾ اچي نه سگهيو آهي ۽ (3)
غسلخانه ڻ حمام.
رهائشي گهر ٻن ڪوٺين کان وٺي، ايترا ته وڏا ويڪرا آهن، جو انهن
کي ڏسي، محلن جو ڌوڪو ٿئي ٿو. انهن جون ٻاهريون
ڀتيون بلڪل ساديون آهن. انهن ۾ داخل ٿيڻ لاءِ جيڪي
در آهن، سي وڏن ڪشادن رستن جي پاسي کلڻ بدران ڳلين
۾ ٿا کُلن. عام گهر 27-30 فوٽن جا هوندا هئا، جن ۾
4 يا 5 ڪوٺيون هونديون هيون. وڏا گهر انهن کان
ٻيڻا ڪشادا هوندا هئا ۽ انهيءَ اندازي مطابق انهن
۾ وڌيڪ ڪمرا به هوندا هئا ايتري قدر جو ڪن گهرن ۾
35 ڪمرا به ڏٺا ويا آهن. موهن جي دڙي جي وڏي ۾ وڏي
جاءِ 282 فوٽ ڊگهي ۽ 112 فوٽ ويڪري آهي. ان ۾
ڪيترائي صحن آهن، جن جي چوڌاري رهائشي ڪمرا ۽
گودام وغيره آهن. انهن مان ظاهر ٿو ٿئي ته هن جاءِ
جو مالڪ حيثيت ۽ آڪهه وارو هوندو.
هنن جاين جو نقشو مجموعي طور مشرقي ملڪن جي جاين، خاص ڪري بابل
۽ برصغير هند-پاڪ جي اترين علائقي جي شهرين جي
جاين سان ملي جلي ٿو يعني هر جاءِ جي وچ ۾ اڱڻ
هوندو هو ۽ اڱڻ جي چئني طرفن ڪوٺيون ٺاهيون
وينديون هيون. اڱڻ جي ڪنهن هڪ ڪنڊ ۾ کير ڏيندڙ
جانور ٻڌا ويندا هئا ۽ ٻيءَ ڪنڊ ۾ رڌڻو هوندو هو.
وڏين جاين ۾ گڏيل ڪٽنب رهندا هئا. ڪن جاين ۾ وچان
آيل پردي جون اهڙيون ڀتيون به مليون آهن، جي جاءِ
کي ٻن ڀاڱن ۾ ورهائين ٿيون. دروازا گهڻو ڪري ڪاٺ
جا ٺاهيا ويندا هئا، جيڪي چو-ڪاٺي جي وچ ۾ فٽ ڪرڻ
بدران مٿينءَ ايس ۽ چائنٺ ۾ ڦاسايا ويندا هئا.
ٻاهرين ڀتين ۾ دريون ڪي اتفاق سان هونديون هيون.
مٿين ماڙين ڏانهن وڃڻ واريون ڏاڪڻيون اُڀيون سنهيون ۽ سوڙهيون
آهن، ڪن ڪن ڏاڪن جي اوچائي 15 انچ ۽ ويڪر فقط 5
انچ آهي، جن تي چڙهڻ لاءِ وڏي خبرداري ڪرڻي پوندي
هوندي، پر ڪي ڏاڪڻيون اهڙيون به مليون آهن، جيڪي
بلڪل پوريءَ ۽ مناسب ماپ جون ٺهيل آهن. هڪ وڏيءَ
جاءِ ۾ ٻه ڏاڪا سوا ٻه انچ اوچا سوا اٺ انچ ويڪرا
آهن. ڪن جاين ۾، مٿينءَ ماڙيءَ تي وڃڻ لاءِ
ٻاهرينءَ گهٽيءَ مان ڏاڪڻيون تيار ڪيون ويون آهن.
رستا ۽ گهٽيون :
موهن جي دڙي جا رستا ۽ گهٽيون اتر-ڏکڻ ۽ اوڀر-اولهه تي ٺهيل
آهن. هي رستا هڪ ٻئي کي گونيءَ ڪنڊ تي ڪٽيندي،
اڳتي وڌن ٿا. گمان آهي ته رستن جا اهي طرف هوائن
جي رخ کي نگاهه ۾ رکندي رٿيا ويا هوندا ۽ اتر يا
ڏکڻ جي طرفن کان ايندڙ تازيون هوائون، ويڪرن ڳلين
جي گهٽيل گنديءَ هوا کي به کڻي وينديون هونديون.
اهڙيءَ ريت گهڻو ڪري هر هنڌ تازيءَ هوا جو گذر
ٿيندو هوندو. ٿي سگهي ٿو ته رستن جي طرفن جي هيءَ
بيهڪ اتفاقي ڳالهه هجي ۽ ان جو هوائن جي رخ سان ڪو
به واسطو نه هجي، پر هوا کان ڪم وٺڻ جو اهڙو ساڳيو
انتظام بابلي تهذيب جي ڪن شهرن ۾ به ڏسڻ ۾ آيو
آهي.
موهن جي دڙي جا سمورا رستا ۽ گهٽيون ڪافي کوٽائيءَ کان پوءِ
دريافت ٿيا آهن ۽ ڪن هنڌن تي ته مٿاڇري کان 35 فوٽ
هيٺ تائين کوٽائي ڪئي ويئي آهي.
وڏن رستن جي ڀيٽ ۾ ننڍيون گهٽيون وڌيڪ سالم حالت ۾ آهن. انهيءَ
ڪري جو اهي وڏن رستن تان گهٽ استعمال ٿيون هونديون
۽ شهر جي تباهيءَ وقت جلد ئي مٽيءَ ۾ دٻجي ويون
هونديون. انهن گهٽين جي ويڪرهيٺان کان مٿئين طرف
وڌندڙ آهي. انهيءَ جو سبب هيءُ آهي ته ٻنهي طرفن
وارين جاين جون ٻاهريون ديواريون مٿان کان هيٺ
لهواريون ٺهيل آهن.
ڪن رستن جي موڙ تي ڀتين سان ماڻهن جي ڪپڙن ۽ سامان سان لڏيل
جانورن جي رڳڙجڻ جا نشان به ملن ٿا، ڪن هنڌن تي
رستي جي موڙ تي ڀتين ۾ اهڙيون سرون استعمال ڪيون
ويون آهن، جن جون ڪنڊون گولائيءَ تي ڇلهيل آهن ته
جيئن سامان سان لڏيل جانور انهن جي ڪنڊن ۾ ڦاسي نه
پون. هن نموني جا موڙ اُر جي جاين جي ڀتين ۾ به
ڏٺا ويا آهن. (13)
کوهه :
کوهه موهن جي دڙي جي هڪ تمام وڏي خصوصيت آهن. هي کوهه گهڻو ڪري
هر وڏي گهر ۾ موجود آهن. ڪن ماڻهن ته کوهن کوٽائڻ
وقت هن ڳالهه جو به خيال رکيو هو ته جيئن گهر ۾
پردو به رهي ۽ ٻاهريان ماڻهو ان مان فائدو حاصل
ڪري سگهن. اهڙيءَ ريت جاءِ جي ٻاهرينءَ ڀت جي
ويجهو کوهه کوٽائي، ان کي اهڙيءَ طرح ڀت ڏني ويئي
آهي، جو جاءِ جي اندران توڙي ٻاهران گهٽيءَ مان به
پاڻي ڀري سگهجي ٿو. انهيءَ کان سواءِ هنڌين هنڌين
رستن ۽ گهٽين جي ڀرپاسي ۾ به کوهه کڻايا ويا آهن.
گهڻو ڪري سڀيئي کوهه مٿان کان تر تائين پڪا ٺهيل
آهن. بيضوي شڪل جا کوهه پنهنجي ڏيک ۾ نرالا آهن ۽
ٻئي ڪنهن به هنڌ نه ڏٺا ويا آهن. هڪ کوهه ايترو ته
سوڙهو آهي، جو ان جو گهيرو فقط هڪ فوٽ ۽ ڏهه انچ
آهي. کوهن جي پڳ تي رسيءَ جي رڳڙ سان پيل نشان
هنڌين هنڌين نظر اچن ٿا. ڪيترن هنڌن تي گول ۽ گهرا
نشان به ڏسڻ ۾ آيا آهن، جي هر هر دلي رکڻ جي مهٽ
سببان ٿيا آهن. کوٽائيءَ ۾ ٻارن جي راند جون مٽيءَ
جون چرخيون به هٿ آيون آهن، جن مان هيءُ اندازو
لڳايو ويو آهي ته کوهن تي پاڻي ڪڍڻ لاءِ وڏيون
چرخيون لڳايون وينديون هيون.
هزارين سالن کان هن پراڻيءَ بستيءَ جو مٿاڇرو ڏينهون ڏينهن مٿي
اٿندو رهيو آهي ۽ سنڌو نديءَ ۾ هڪ ٻئي پٺيان ٻوڏن
اچڻ ۽ زمين جي هيٺئين پاڻيءَ جي مٿاڇري ۾ ڦير گهير
اچڻ سببان، هنن کوهن جي ڀت کي مٿي ڪيو ويو هوندو.
ڪن کوهن ۾ اهڙا مختلف دور صاف نظر اچن ٿا، جتي
انهن جي مٿئين حصي کي بنياد بنائي، ڪيترا ڀيرا
اوچو به ڪيو ويو آهي.
ڇاڪاڻ ته زير زمين پاڻيءَ هيٺئين مٿاڇري جي وچ ۾ مفاصلو ويهن
فوٽن جو آهي، انهيءَ ڪري اڃا تائين ڪنهن به کوهه
جي تر تائين پهچڻ ممڪن ڪين ٿي سگهيو آهي.
صفائي:
سنڌو ماٿريءَ جا رهواسي صفائيءَ جو تمام گهڻو خيال رکندا هئا.
رستن، کوهن ۽ گهٽين مان گندي پاڻيءَ جي نيڪال ڪرڻ
جو بندوبست فقط موهن جي دڙي ۾ ئي نظر اچي ٿو.
انهيءَ ڳالهه کي سامهون رکندي جيڪڏهن هيءَ دعويٰ
ڪئي وڃي ته همعصر تهذيبن ۾ ٻي ڪا به قوم هن باري ۾
ان جو مٽ ڪانه هئي، ته اهو چوڻ غلط نه ٿيندو. گهڻو
ڪري هر گهٽيءَ ۾ پڪين سرن جون هوديون ۽ گهٽيءَ جي
ٻنهي طرفن جاين مان گندي پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ
ٺهيل موريون پنهنجو مثال پاڻ آهن. ننڍيون موريون
وڏين نالين ۾ وڃي ٿيون پون، جيڪي 19 انچ اونهيون ۽
8 انچ ويڪريون هونديون هيون. پاڻيءَ جي مقدار جي
خيال کان انهن جي اونهائي ۽ ويڪر جدا جدا آهي.
اهڙيءَ طرح ڪي ناليون ماپ ۾ ٻيڻيون آهن. هي ناليون
معمولي پڪين سرن مان ٺاهيون وينديون هيون ۽ مٽيءَ
جي گاري سان انهن جي اوساري ڪئي ويندي هئي. پر، ڪن
ڪن نالين ۾ ڏامر استعمال ڪيو ويو آهي ته جيئن پاڻي
مٽيءَ ۾ جذب ٿي نه سگهي ۽ آسانيءَ سان وهي وڃي.
انهن نالين کي سرن سان ڍڪيو ويندو هو ۽ انهن کي
گاري سان لمبي ڪو نه ڇڏيندا هئا، ته جيئن سرن کي
مٿي کڻي ناليون آسانيءَ سان صاف ڪري سگهجن. وڌيڪ
ويڪريون ناليون پٿر جي پڙڇن سان بند ڪيون وينديون
هيون. ڪٿي ڪٿي انهيءَ مقصد لاءِ وڏيون ۽ ويڪريون
سرون به استعمال ڪيون ويون آهن، پر ڇاڪاڻ ته وڏيون
سرون بار پوڻ سان ڀڄي پونديون هيون، انهيءَ ڪري ان
ڪم لاءِ پٿر جي پڙڇن کي وڌيڪ پسند ڪيو ويندو هو.
گهرن جو گندو پاڻي يا مينهن جو پاڻي نالين ۾ سنئون سڌو ڪيئن اچي
پوندو هو، پر پهريائين ننڍا نارا هڪ ننڍي حوض ۾
پوندا هئا، جتي گند ڪچرو، ٺڪر، ڀتر حوض جي تر ۾
وڃي ويهندا هئا ۽ خالي پاڻي آسانيءَ سان نالين ۾
وهي ويندو هو. انهيءَ طريقي وڏيون ناليون گند ڪچري
کان صاف رهنديون هيون ۽ پاڻيءَ جي نيڪال ۾ رڪاوٽ
ڪا نه ٿيندي هئي. حوضن کي بار بار صاف ڪيو ويندو
هو. ڪن جاين جا مالڪ جيڪي گندي پاڻيءَ لاءِ حوض
ٺهرائي نه ٿي سگهيا، سي جاين جي نارن جي آخري ڇيڙي
وٽ مٽ پوري ڇڏيندا هئا، جن ۾ گندو پاڻي گڏ ٿيندو
هو. انهن مٽن جي تري ۾ سوراخ هوندو هو، جنهن مان
پاڻي آهستي آهستي وهي، زمين ۾ چوسبو رهندو هيو.
ڪن ڊگهين نالين ۾ ٿوري ٿوري مفاصلي تي وڏيون هوديون ٺهيل آهن،
جن ۾ اندر گهڙڻ لاءِ باقاعدي ڏاڪا ٺهيل آهن ۽ انهن
کي ڪاٺ جي ٿلهن تختن سان ڍڪيو ويندو هو. انهن
هودين جو مٿاڇرو نالين سان سڌائيءَ ۾ يا ڪجهه هيٺ
ڀرو ڪيو ويندو هو. انهن کي وڏيءَ آسانيءَ سان صفا
ڪري سگهبو هو، انهن جي اندر بيهي نالين کي، جن جو
پاڻي ان ۾ پوندو هو، بانس يا ٻئي لڪڙي وسيلي صفا
ڪري سگهبو هو. هن قسم جي صفائيءَ جو انتظام غالباً
شهر جي صفائي جي داروغي جي نظرداريءَ هيٺ ٿيندو
هو.
جن هنڌن تي مٿانهينءَ تي ڪا وهندڙ نالي، هيٺانهينءَ ۾ وهندڙ
ناليءَ سان ملندي هئي، ته اتي هڪ ننڍڙي هودي بنائي
ويندي هئي ته جيئن هڪ ناليءَ جو پاڻي، ٻيءَ نالي ۾
مٿان کان هيٺ ڪرڻ بدران ان هوديءَ ۾ پوي ۽ ڦنگون
نه اڏامن، جنهن سببان ڀر واري زمين آلي نه ٿئي ۽
گندگي نه ڦهلجي ۽ جتي هڪ نالي ٻيءَ ناليءَ سان ملي
ٿي، اتي گوني ڪنڊ يا عمودي شڪل ۾ گڏجڻ بدران نالين
۾ گولائي پيدا ڪئي ويندي آهي، انهيءَ ڪري ته جيئن
وهندڙ پاڻيءَ جو زور گهٽجي وڃي. شهر جي ٻاهران
اهڙا زير زمين نالا ٺاهيا ويا آهن، جن جي ذريعي
شهر جو گندو پاڻي ٻاهر نڪرندو هو. انهن مان ڪي
نالا ته اڍائي فوٽ ويڪرا ۽ چار يا پنج فوٽ اونها
آهن. شهر جي گندي پاڻيءَ جو هيءُ اعليٰ انتظام
سنڌو ماٿريءَ جي قديم رهاڪن جي اعليٰ تعميري
صلاحيتن جي شاهدي ڏئي ٿو.
غسلخانا:
سنڌوماٿريءَ جا ماڻهو وهنجڻ کي وڏي اهميت ڏيندا هئا ۽ گهڻو ڪري
روزانو وهنجڻ جي منجهن عادت هئي، ڇاڪاڻ ته گهڻو
ڪري هتان جي هر هڪ جاءِ ۾ غسلخانا ٺهيل هئا، جن جي
ٺهرائڻ ۾ خاص فني بندوبست رکيا ويندا هئا. اهي
گهڻو ڪري ٻاهرينءَ گهٽيءَ طرفان ٺاهيا ويندا هئا ۽
چورس يا مستطيل هوندا هئا. انهن جو فرش پڪو هوندو
هو، جنهن جو لاهه ٻاهرينءَ ديوار طرف هوندو هو.
انهن غسلخانن جي نيڪال جون ناليون گهٽيءَ جي نالين
سان ملن ٿيون. ڪن جاين ۾ مٿينءَ ماڙي کان هيٺ
تائين گندي پاڻي ڪڍڻ لاءِ مٽي جا ٺهيل پڪا گول
”پائيپ“ لڳل ڏسڻ ۾ آيا آهن. ممڪن آهي ته جاين جي
مٿين ماڙين تي به غسلخانا موجود هجن.
حمام:
موهن جي دڙي ۾ ڪي اهڙيون جايون به ڏسڻ ۾ آيون آهن، جن لاءِ گمان
ٿو ٿئي ته اهي عام حمامن طور ڪم اينديون هيون.
انهن جاين جي ڀتين ۾ هر هنڌ اهڙا ”نل“ لڳل آهن، جن
مان اهو اندازو ٿئي ٿو ته انهن وسيلي گرم پاڻي
موجود رکيو ويندو هوندو. انهن جاين جي اندران رک ۽
ڪوئلو به هٿ آيا آهن، جنهن مان اهو گمان وڌيڪ پڪو
ٿو ٿئي ته اهي جايون حمام جو ڪم ڏينديو هيون، پر
ڪنهن به اهڙي خاص حمام جي موجود گي بهرحال ڪنهن
يقين جي حد تائين ثابت ٿي نه سگهي آهي.
مٿي ڄاڻايل مثالن مان هيءَ اندازو ٿئي ٿو ته سنڌو ماٿريءَ جي
رهاڪن، شهري اڏاوت جي رٿابنديءَ تعميري فن ۾، وڏي
ترقي ڪئي هئي ڇاڪاڻ ته هن تهذيب جي تباهيءَ کان
پوءِ اٽڪل هڪ يا ڏيڍ هزار سالن تائين برصغير هند_
پاڪ ۾ نه ڪي ته اهڙيون شاندار عمارتون بنايون ويون
۽ نه ڪي وري ڪنهن اهڙي سليقي سان شهري رٿابندي ئي
ڪئي وئي،پر هتي فطري طور هيءُ سوال پيدا ٿئي ٿو ته
فن تعمير ۾ هنن ماڻهن کي هيءُ اوج ڪيئن حاصل ٿيو؟
ايئن چوڻ صحيح ڪين ٿيندو ته هتي هنن ماڻهن کان اڳ
ڪا ٻي مهذب قوم آباد هئي جنهن کان هي تعميري ورثو
هنن کي مليو ۽ جنهن کي هنن ترقي ڏني، ڇاڪاڻ ته
موجوده تحقيق ڪنهن به اهڙيءَ اڳ رهندڙ قوم جو پتو
ڪو نه ٿي ڏئي ۽ نه ئي وري ڪنهن اهڙي اڳ جي تهذيبي
ورثي جو ئي ڪو ڏس اسان کي ملي ٿو، جو هن سلسلي ۾
اسان کي مطمئن ڪري سگهي. بهرحال هيءُ تسليم ڪرڻو
پوي ٿو ته شهري رٿابندي ۽ اڏاوتي فن جو هيءُ مزاج
سنڌو ماٿريءَ جي قديم فرزندن جي صدين جي لاڳيتين
عملي ڪوششن جو نتيجو هو. البت هن ڳالهه جو وڏيءَ
کوجنا ڪرڻ کان پوءِ پتو پوندو ته هنن جون هي
حاصلاتون ڪڏهن ۽ ڪهڙيءَ طرح ٻين علائقن ۾ پهتيون ۽
کانئن پوءِ وارن نسلن انهن مان ڪيتريءَ حد تائين
فائدو حاصل ڪيو.
حوالا ۽ فوٽ نوٽ
موهن جي دڙي جي نالي تي ڪافي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي رهي آهي. ڪن
عالمن جي خيال ۾ هيءُ نالو ”مُهن جو دڙو“ يا
”مَهَن جو دڙو“ آهي، جنهن جي معنيٰ پڻ ”ناس“ يا
”تڪليف ۾ آيل“ جو دڙو آهي. (مترجم)
ايڇ. آر. ايريا جو نالو ان جي کوٽائي ڪرڻ واري مسٽر هار گريوز
جي نالي پٺيان رکيل آهي.
وي.ايس.ايريا جو نالو ان جي کوٽائي ڪرڻ واري مسٽر ماڌو سروپ وٽس
جي نالي پٺيان رکيل آهي.
ڊي. ڪي.ايريا جو نالو ان جي کوٽائي ڪرڻ واري مسٽر ڪي. ايڊ ڪشٽ
جي نالي پٺيان رکيل آهي.
Divinity Street.
جيئن ته هيءَ ڳلي گهڻي اوچائيءَ تي آهي، تنهنڪري هڪ آثار قديمه
جي ماهر سمجهڻ سمجهائڻ لاءِ ان جو نالو
High Lane
يعني مٿاهين گهٽي رکيو آهي.
پر هڙپا مان لڌل انهيءَ بوتي کي شِو جو مجسمو چوڻ مناسب نه ٿو
لڳي.
First Street (8) East Street (9) Oxford Circus
(10) The vedic age –vol. 1 of the history and
culture of Indian people P-169.
(11) English Bond (12) Vedic Age. P-171.
(13) Machay-Earnest, The Indus Civilization. P – 26.
(ترجمو:
شمس سرڪي) |