سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: موهن جو دڙو

باب:

صفحو: 4

تاج صحرائي

سنڌو تهذيب جا خالق

        انسان جي سڀيتا جي ڪهاڻي برف واري دور سان شروع ٿئي ٿي. برف وارو دور اڪثر ڪري محققن ڇهن لکن کان اسي هزار سالن تائين مقرر ڪيو آهي. پر ڌرتي و گيان (Geology) جي ماهرن جي ابتڙ قديم عمريون يا وقت جون حدون مقرر نه ڪيون آهن، ڇاڪاڻ ته پٿر، ٽامي، بنگار ۽ لوهه جي اوزارن جو استعمال دنيا جي هر هڪ خطي ۾ هڪ ئي وقت نه ٿيو آهي. ڪٿي اڳي ۽ ڪٿي پوءِ ٿيو آهي. نڪي انهن اوزارن جي استعمال جي مدت، هر خطي ۾ هڪ جيتري رهي آهي. هڪ فرانسيسي محقق ڪرسچن ٿامس (ChristianTomson) جي لکڻ موجب، پٿر جو زمانو انسان جي ڌرتي مٿان ماهڻ واري زماني جو نَوَ ڀاڱي ڏهه حصو آهي. ان ڊگهي عرصي کي سولائي سان ٽن حصن ۾ ورهائي سگهي ٿو.

1- پراڻي پٿر (Palaeolithic) وارو زمانو جيڪو ٽيهن لکن کان (Three million) ويهه هزار سال ق. م تائين چيو وڃي ٿو.

2- وچون دور (Medolithic) جيڪو ويهن هزارن کان ٻارنهن هزار سالن تائين ڪٿيو ويو آهي.

 3- نئين پٿر (Neolithic) وارو زمانو ٻارنهن هزار سالن کان پنج هزار سال ق. م تائين ڳڻيو وڃي ٿو پر ان پٿر واري زماني کان اڳ يعني (Pre-palaeolithic) وارو زمانو به ڳڻپ ۾ آڻي سگهجي ٿو، جنهن جو عرصو اڃا طئي ٿي نه سگهيو آهي. ساڳئي وقت ڪن محققن وٽ اها ڳالهه به اڃا تحقيق طلب آهي ته رواجي پٿرن ۽ چقمق پٿرن مان ٺهيل اوزار، انسان جي هٿن جي ڪاريگريءَ جو ڏيک ۽ ثبوت آهن يا قدرتي عمل جو نتيجو. ان کان سواءِ ان پٿر واري زماني کان اڳ ۽ پٿر واري زماني جي وچ ۾ جيڪو عرصو اچي ٿو. ان کي پٿر جي پرڀات (Eolithic) وارو زمانو سڏيو ويو آهي. ان دور ۾ انسان اڃا مس مس هٿن جي شروعاتي حرڪتن سان ابتن سبتن، ڏنگن ڦڏن، مُڏن سُڏن اوزارن گهڙڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.

        اهو تاريخ کان اڳ وارو دور، حقيقت ۾ انسان جي عمل جو گهڻو ڊگهو ۽ وڌيڪ ڪمائتو زمانو هو، انسان پنهنجون سموريون بنيادي کوجنائون ان دور ۾ ڪيون. انسان هٿن کي استعمال ڪرڻ ان دور ۾ سکيو. انسان باهه ٻارڻ ان دور ۾ سکيو ۽ انسان پناهه جون جايون ٺاهڻ يا گهڙڻ به ان درو ۾ ئي سکيو. ان دور ۾ انسان شڪار ڪرڻ، مال چارڻ ۽ پالڻ ۽ پوکي راهي ڪرڻ به سکيو. ان کان سواءِ تصويري لکت (Pictographic script) لکڻ به ان ساڳي عرصي ۾ سکيو. ان پوئين هنر لاءِ انسان غارن ۾ ڇپن کي استعمال ڪيو ۽ پوءِ پن، ڦرها، مٽي ۽ پٿر جون تختيون يا سليٽون ۽ جانورن جون کلون، لکڻ ۾ ڪم آنديون. سلطنت اسيريا يا سور جي بادشاهن کي تاريخ نويسي سان ڏاڍو چاهه هو. مٽي ۽ پٿر جون سليٽون يا تختيون/ڦرهيون ٺهرائي، انهن تي ميخي خط (Cuiniform script)  ۾، ان وقت جون حالتون، ٻيا واقعا پنهنجا فرمان لکارائي محفوظ ڪندا هئا. اسور جي گهڻن بادشاهن کي نقاشي سان شوق هو. ڪيترين تختين تي بادشاهن جي شڪار جا نقش تراشيل مليا آهن، ڪيترن بادشاهن شوق مان لئبريريون قائم ڪيون. اسير بنيپال کي (227 ق.م) فخر هو ته هو لکي پڙهي سگهيو ٿي، هن هڪ شاندار لئبريري ميخي خط جي تختين سان لکيل، قائم ڪئي. هن اها لئبريري پنهنجي گادي واري شهر نينوا ۾ سن 250 ق.م ۾ يا ان جي لڳ ڀڳ قائم ڪئي.

        He became a great collector of the clay monurcment of the past and his library, which has been unearthed, is now the most precious source of historical material in the world.

        هڪ صدي پوءِ بابل جي پوئين شهنشاهه فبوينداس جي شهزادي بيل شاتي تازو بابل ۾ هڪ عجائب گهر تعمير ڪيو، جنهن ۾ ان وقت جون نوادرات جمع ڪيون ويون هيون، پر ان کان به ڇهه-ست صديون اڳ ۾ 1200 ق.م سنڌ جي ڪنارن تي ويد لکيا ويا هئا.

        سنڌين متعلق مسٽر پٿاوالا جو لکڻ آهي ته سنڌ جي اصل ۽ بنيادي رهواسين بابت يقين سان ڪجهه چئي نٿو سگهجي ڇاڪاڻ ته انهن متعلق ڪنهن لکڻيءَ مان ڪا به ثابتي ميسر ٿي نه سگهي آهي. مگر قرين قياس اهو آهي ته سنڌ ۾ رهڻ وارا اصل ۾ خانه بدوش هئا جن جو مکيه ڌنڌو شڪار ڪرڻ هو. اهي سنڌ ۾ پٿر واري زماني کان ئي وٺي آباد هئا. پراڻي پٿر ۽ نئين پٿر وارن دورن ۾ انهن جو ڌنڌو کيتي هو ۽ مڇي سندن مکيه کاڌو هئي.

        …… they were nomadic hunters of the Stone Age, and that both in paleolithic and in early Neolithic periods, agriculture was part of the life of the people and fish one of their important foods. )Historical Geography of Sindh-p.19)

        ان کان پوءِ سنڌ جي بنيادي ۽ اصلوڪن رهاڪن کي نون حملن ڪندڙن زير ڪيو، جنهن  ڪري انهن پوءِ وڃي ڀرپاسي واريون ٽڪريون ۽ ٻيلا وسايا. ڀيل، ڪولهي ۽ ميد انهن جي اولاد آهن.

        ڪاڪو ڀيرومل لکي ٿو ته ”عالمن کي کوجنائن ڪرڻ سان ايترو معلوم ٿيو آهي ته موجوده قومن مان قديم ۾ قديم لوڪ، جن اتر هندوستان وسايو، سي هاڻوڪن ڪولهين، سنٿالن، ڀيلن ۽ ميد لوڪن جا ابا ڏاڏا هئا. اهي سنڌ ۾ به هئا يا نه، تنهن بابت اسان کي پهريائين پڪ ڪانه هئي پر پوءِ ڪن جون کوپڙيون سيوهڻ جي پريان لڌيون هيون. 1922-1923ع ۾ ڪن ڪولن ۽ سنٿالن جون کوپڙيون موئن جي دڙي مان لڌيون، جا ڳالهه آرڪيالاجيڪل کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل سر جان مارشل ڄاڻائي آهي. ايئن هاڻي خاطري ٿي آهي ته اهي قديم لوڪ سنڌ ۾ به هئا، تنهنڪري قديم سنڌ جا اصل رهاڪو هاڻ اهي ليکڻ گهرجن.“ (قديم سنڌ ص-51)

        تاريخ تمدن سنڌ جو لائق مصنف رحميداد مولائي لکي ٿو ته ”هاڻي سوال آهي ته جن سنڌين موئن جي دڙي واري تهذيب جو بنياد وڌو هو. اهي ڪهڙي قوم مان هئا؟ محققن جي دماغي ڪاوشن ثابت ڪيو آهي ته اهي آڳاٽا دراوڙ هئا، جن دکن مان نڪري، سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ ڪلدانيا تائين بيٺڪون وڌيون هيون. ڪن محققن جو رايو آهي ته ڀونچ سمنڊ (Mediterian sea) جي ڪناري تي رهندا هئا، جتان نڪري سنڌ ۾ پهتا.... سندن بدني ساخت متعلق محقق رزلي (Risley) جو بيان آهي ته برصغير هند جا رهاڪو ڊرويڊي (drivadians) آهن جن جو رنگ ڪارو، نڪ ويڪرو، وار ڪارا ۽ قدري گهنڊيدار، ڪارين اکين وارا ۽ قد ۾ بندرا هئا. جن کان پوءِ آرين، سٿين ۽ مغل قومون گڏجي ويون. ليڪن آڳاٽن ڊرويڊين متعلق مسٽر ٿرسٽن (Thurston)  جو بيان هيٺ ڏيون ٿا. آڳاٽن ڊرويڊن ۽ پوئين ڊرويڊن ۾ ايترو فرق آهي ته آڳاٽن ڊرويڊن جا نڪ ويڪرا ڪونه هئا، نه وري قد ۾ بندرا هئا. اهي سيلان جي ويراس (Verons) سلبيس جي تولاز (Tolas) سوماترا جي باتين (Batin) ۽ آسٽريلين سان مشابهت رکندڙ هئا.“ (تمدن سنڌ، ص: 16)

        ڪاڪي ڀيرومل جي راءِ سان اتفاق ۽ جناب مولائي شيدائي جي مٿين بيان سان اختلاف ڪندي حڪيم نياز حسين همايوني پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جي طبي تاريخ“ جي صفحي 52-53 تي پروفيسر باشم جي حوالي سان لکي ٿو ته ”هندي ڏاکڻين علائقي ۾ جيڪو دراوڙي نسل آباد ٿيو ۽ اڃا تائين آهي، سو ڪنهن زماني ۾ سنڌ ۽ بلوچستان اندر آباد ٿيل هو. صرف اتي ئي نه پر پوري هند ۾ دراوڙن جون عام آباديون هيون ۽ جيئن جيئن ٻاهريان حملي آور سنڌ، بلوچستان سان گڏ اتر اولهه جي سرحدي علائقن تي ڌاڪ ڄمائيندا آيا، تيئن دراوڙي قبيلا پٺتي هٽندا ويا. انهن ڳالهين مان ٻه ثبوت ملن ٿا هڪ ته دراوڙ سنڌ جا اصلوڪا ماڻهو هئا ۽ ٻيو ته انهن جي لڏپلاڻ ٻاهرين جي ڪاهن ڪري ٿي هئي.“

سيد سبط حسن لکي ٿو ته: موئن جو دڙو، هڙپا ۽ ٻين جڳهين جي کوٽائي مان اڃا تائين فقط چاليهه ماڻهن جا ڍانچا مليا آهن. انهن ڍانچن جي معائني مان، محقق ان نتيجي تي پهتا آهن ته سنڌوماٿري جي رهاڪن جا قد ننڍا مگر مٿا وڏا هئا. رنگ جا ڪارا گهنگهرو وارن وارا، ويڪري نڪ ۽ ڀريل چپن وارا هئا. ان بنياد تي چيو وڃي ٿو ته انهن ماڻهن جو تعلق دراوڙ نسل سان هو. ڪي ڍانچا ڀونچ سمنڊ (Maditerian Sea) جي اوڀر ڪنارن تي رهڻ وارن قديم ماڻهن سان مشابهت وارا آهن. هڪ ڍانچو ڪنهن منگول جو به آهي. اهي بروهڪي سان ملندڙ دراوڙي زبان ڳالهائيندا هئا. بروهي قوم جا ماڻهو جي قلات، لس ٻيلي، کاران ۽ چغائي ۾ آباد آهن، سي سنڌو ماٿري جي قديم ماڻهن جي اولاد آهن.“ (پاڪستان ۾ تهذيب ڪا ارتقا، ص: 66-67 ).

Here was a civilization which from the first seems to have grown up upon its own roots and with a character of its own. It was cut off from the civilization of the west  and to the east by vast mountain barriers and desert  regions… They (Aryans) found a civilization already scattered over India, The Dravidian civilization. This has arisen independantly, just as the sumrian, cretan, and Egyptian civilizations seem to have arisen. (P-386).

هندوستان ۾ هڪ تهذيب جيڪا منڍ کان وٺي پنهنجن پاڙن مان اُڀري ۽ اُسري هئي ۽ جنهن کي پنهنجون مخصوص خصلتون هيون، ان تهذيب جو مغرب ۽ مشرق جي تهذيبن سان، بلند پهاڙن ۽ ريگستانن جي ڪري ڪو به تعلق نه هو. آرين کي هن ملڪ ۾ اڳي ئي هڪ ٽڙيل پکڙيل تهذيب نظر آئي جنهن کي دراوڙي تهذيب سڏيو وڃي ٿو. اها تهذيب اتي ئي ڄمي ۽ نپني هئي جيئن سميري، ڪريٽي ۽ مصري تهذيبون پاڻ هرتو ۽ پاڻ مرادو اسريون هيون.

        وري ونسنيٽ اي _ سمٿ دراوڙن بابت پنهنجي ڪتاب . ”هندوستان جي قديم تاريخ“ ۾ صفحي 429 تي لکي ٿو ته:

“Dravidian in the English from of the adjective Drivida, with meaning belonging to Dravida, or the tamil country. It is applied with propriety to the territory, people, or language of the extreme south, but is wholly inapplicable to the gonds, kals, Bhars, and other so called non Aryan aribes of central India and the north. The word dravida is said to be an oragnized form of Tamil, meaning nice or sweet, as applied to the language.

مٿئين لکت موجب دراوڙن جو اصل وطن درويدا يعني تامل (ڏکڻ هندوستان) هو، دراوڙ لفظ ڳوٺن، ڪولن، ڀارن، ڀيلن ۽ وچ هندوستان ۽ اُتر هندوستان جي ٻين غير آرين گروهن، قبيلن ۽ قومن لاءِ استعمال نٿو ڪري سگهجي، درويد جي معنيٰ آهي سٺو ۽ سهڻو.

ايف. جي. پئرس جو رايو آهي ته آرين کان اڳي سنٿال ۽ گونڊ وچ هندستان جا رهاڪو، انهن قديم ۽ تمام قديم قبيلن جو اولاد آهن، جن هندوستان تي ڏکڻ مان ڪاهيو هو. اهي ڪاهون اٽڪل ويهن کان پندرهن هزار سال اڳ پٿر واري زماني ۾ ٿيون هيون. اهي ماڻهو تهذيب جي ڪنهن به دور ۾ ڳڻڻ ۽ لکڻ واري منزل تي نه پهتا. اهي فقط شڪاري ۽ مالوند ئي رهجي ويا. پر ٻيا وري آهن دراوڙ، جيڪي هن وقت ونڌيا جبلن جي ڏکڻ ۾ رهن ٿا. دراوڙ هندوستان ۾ اتر اولهه کان خيبر لڪ هماليه کان نه پر ايران جي ڏاکڻين پرڳڻن مان سنڌ ۾ داخل ٿيا. اهي گهڻو ڪري اڄ کان ڇهه هزار سال اڳي آيا. ان وقت ايران ۽ اتر اولهه هندوستان جي آبهوا وڌيڪ گهميل ۽ برساتي هئي. ان زماني ۾ سنڌ هڪ ريگستان نه پر سرسبز هئي ۽ انهن حملي آورن جي مستقبل آبادي ۽ قيام لاءِ موزون علائقو هئي. اهي قبيلا انهن ئي قبيلن مان هئا، جن فرات ۽ دجله ندين جي ماٿرين ۾ سمير تهذيب جو بنياد وڌو هو. ڪيترا ڳهڻا ۽ مٽيءَ جا برتن جي اُر (UR) مان لڌا ويا آهن، سنڌو ماٿري جي ڳهڻن ۽ مٽيءَ جي ٿانون سان مشابهت رکن ٿا.

)Outline of history of civilization. P94-9

We might say that the first great cultural synathesis and fusion took place between the incoming aryans and dradvidians, who were probably the represen tatives Discovery of the Indus valley civiliazation. (The discovery of India-Nehro.P-6o-61)

پنڊت جواهر لعل نهرو جو چوڻ آهي ته سنڌو ماٿري جي تهذيب جا نمائندا دراوڙ آهن.”هڙاپا ۾ موهن جي دڙو جو خطو“ نالي ڪتاب جي مصنف جي. آر. هنٽر جو رايو آهي ته موهن ۽ هڙاپا ۾ آباد ٿيل دراوڙ، سمنڊ رستي سنڌ ۾ داخل ٿيا ۽ سندن پهريان ماڳ بلوچستان جا سامونڊي علائقا هئا. جي. آر. هنٽر جي خيالن جي ابتڙ ايس. وي. ونڪٽ سوميرا جو رايو آهي ته دراوڙ قبيلا سمنڊ رستي يا خيبر لڪ جي رستي سنڌ ۾ داخل نه ٿيا هئا، پر اهي سنڌ ڌرتي جا اصلي رهاڪو هئا.

مون مٿي ڪيترن ئي محققن جا خيال، رايا ۽ حوالا ان ڪري پيش ڪيا آهن ته جيئن ڪنهن پڪي ۽ پختي نتيجي تي پهچي سگهجي ته سنڌو تهذيب جا خالق ڪير هئا ۽ اڪثر محققن جو فيصلو اهو آهي ته دراوڙ سنڌي هئا ۽ سنڌ ۽ هندوستان ۾ آرين جي اچڻ کان اڳي آباد هئا ۽ انهن جون وسنديون سموري هندوستان ۾ پکڙيل هيون. ڪن صاحبن جو رايو آهي ته دراوڙ سنڌ ڌرتي تي ڄميا، نپنا ۽ وڏا ٿي پوءِ مشرق ۽ مغرب ۽ شمال ۽ جنوب ۾ پکڙيا. ڪن مفڪرن جو چوڻ آهي ته دراوڙ ڏکڻ هندوستان ۾ سلون ۽ سوماترا کان داخل ٿيا ۽ پوءِ سنڌ ۾ آباد ٿيا. ڪن مورخن جو وري رايو آهي ته دراوڙ اصل ۾ ڀونچ سمنڊ ۾ ڪريٽ تهذيب وارن ٻيٽن ۾ آباد هئا، جتان پوءِ فرات ۽ دجله مان هلي ايران ۾ وارد ٿيا ۽ اتان پوءِ سمنڊ يا خشڪي رستي سنڌ ۾ داخل ٿيا ۽ آرين جي اچڻ تائين سموري هندستان ۾ ٽڙي پکڙي ويا، يا تڙجي پوءِ ڏکڻ هندوستان ۾ تامل علائقي کي پنهنجو وطن بنايو. انهن سڀني محققن جي تحقيق، ڪاوش ۽ ڪوشش تحسين ۽ داد جي قابل آهي.

        سيوهڻ، لڪي، بزن ڪوٽ، ڪائي، نئنگ ۽ ڪن ٻين جابلو غارن ۽ آسپاس جي ماحول، نئن گاج، نئن موهن، نئن باران ۽ ٻين نئين جي ماٿرين، سنڌو، هاڪڙو، مهراڻو سنڌ ۽ ڪنڀ درياهن جي وهڪرن، منڇر ۽ ٻين ڍنڍن ڍورن جي ڪنڌين ۽ ڪنڊين مٿان وسندين، پراڻن ڪوٽن، قلعن، ڪوٽپرن، دڙن ۽ بٺين، سنڌ جي سرزمين جي ورنن، خطن ۽ پهاڙي سلسلن جي مطالعي کان پوءِ  مان ذاتي طور هن نتيجي تي پهتو آهيان ته سنڌ جا اصلوڪا رهاڪو سنڌي هئا. جي هن ڌرتي مٿان ڄاوا، اُسريا ۽ ارتقا جون منزلون طئي ڪري آمري، ڪوٽ ڏيجي ۽ موهن تهذيبن جا خالق ٿيا. انهن کي اوهان ائبرو جينز چئو (Abrigines) جهنگلي شڪاري (Jungle Hunters) چئو مهن يا ميهڻ يا دراوڙ چئو. پر اهي اصلي ۽ بنيادي طور سنڌي هئا ۽ جن جي جسماني، محنت ۽ مشقت سان ۽ ذهني آسودگي ۽ پختگي سان، هن سرزمين تي دنيا قديم ترين، شاهوڪار ترين ۽ مهذب ترين تهذيب جي آبياري ٿي. ان سلسلي ۾ هيٺيان دليل خدمت ۾ پيش ڪريان ٿو:

جيڪڏهن سنڌ ۾ ٻاهران يعني ڏکڻ هندوستان يا ڀونچ سمنڊ کان ڪي به گروهه ۽ قبيلا اچي آباد ٿين ها ته پوءِ سنڌ ۾ انساني عمل ۽ استعمال هيٺ آيل ڪن به غارن ۽ غفائن جو وجود نه ملي ها. غارن ۾ رهڻ وارن ماڻهن جوتعلق گهٽ ۾ گهٽ ٻارنهن هزار سال ق.م کان واري زماني سان آهي ۽ جو پراڻي پٿر واري زماني جو آخري ۽ پويون دور سمجهيو وڃي ٿو. پراڻي پٿر وارو زمانو اٽڪل ٽيهه لک سال پراڻو شمار ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ انسان پاڻي ۾ لڙهندڙ ننڍڙن گول مول پٿرن سان حرڪتون ڪرڻ شروع ڪيون هيون. انسان جي رلڻ گهمڻ وارو زمانو تڏهن کان شروع ٿيو آهي، جڏهن هن پاڻ کي قوي، ڪجهه نه ڪجهه هنر مند ۽ جهنگلي جانورن سان وڙهڻ ۽ انهن جي شڪار ڪرڻ جهيڙو سمجهيو هو. اهو دور به ٻارنهن سؤ سال ق.م تائين اچي ختم ٿي ويو. ساڳئي وقت اهو به ياد رکڻ گهرجي ته پراڻي پٿر واري زماني ۾ يا ان جي پوئين دور تائين انسان ورلي ملڻ ۽ ڏسڻ ۾ اچڻ وارو جانور هو.

It is a point that few people grasp that until the later palaeolithilic age, man was an extremely rate animal. (H.G Wells. Page-150)

        اهو هڪ نقطو آهي جيڪو تمام ٿورن يا فقط ڪن ماڻهن جي سمجهه ۾ ايندو ته پراڻي پٿر واري دور جي پڄاڻي تائين انسان بلڪل اڻ لڀ جانور هو.

2- پراڻي پٿر واري زماني جو ماڻهو جيتوڻيڪ تمام گهٽ باشعور هو تنهن هوندي به هن کي شڪل، صورت، ادا ۽ انداز جي گهري ۽ پختي سمجهه ضرور هئي. ايئن به چيو ويو آهي ته انسان پنهنجي خيالن ۽ اڌمن جو اظهار اشارن رستي ڪندو هو، ان دور وارو انسان آوازن، واڪن ۽ رڙين وسيلي هڪ قدم جي گفتگو ڪرڻ سکيو هو. اهي آواز ۽ رڙيون هو جانورن، پکين، هوائن ۽ طوفانن، گوڙين ۽ گجگوڙين، زلزلن ۽ آبشارن وغيره کان سکيو. ان سلسلي ۾ ماهرن جو چوڻ آهي ته منڍ واريون ٻوليون فقط ڪن اسمن (نالن) ۽ حرف ندائن جو مجموعو هيون ۽ پوءِ آهستي آهستي انسان جي ذهن، جسماني اشارن ۽ حرڪتن جا طور طريقا ۽ انهن وچ ۾ رسمي لاڳاپو ۽ ڳانڍاپو جوڙڻ ۽ پيدا ڪرڻ سکيو. ٻولين جي ماهرن، دنيا جي سڀني ٻولين کي اٽڪل روءِ ستن-اٺن خانن ۾ ورهايو آهي. ساڳئي طرح قديم گروهن ۽ قبيلن جون ٻوليون جي ڪهڙي به شڪل، صورت، ڍنگ ڊول، بيهڪ ۽ ويهڪ، بڻ بڻياد واريون هيون يا آهن سي سڀ هن مهل تائين پوري طرح پڙهڻ ۽ سمجهڻ ۾ اچي نه سگهي آهي. جيتوڻيڪ سنڌ جا اصلوڪا ۽ پراڻا جهونا ڌوٻي  سنڌي ٻولي جا اکر ’مارڪن‘ جي صورت ۾ ڪپڙن تي سڃاڻپ خاطر  لکندا اچن ٿا، نه فقط ايترو پر سن 32- 1930ع تائين سنڌ جا واپاري ۽ سکر جا ماڻهو هنڊين ۽ دستاويزن تي پنهنجين صحين بدران پنهنجا مخصوص مقرر ڪيل قديم مارڪا يا نشان هڻندا هئا، جن جي سرڪاري ۽ واپاري حيثيت قبول ۽ تسليم ڪيل هئي.

موهن جي دڙي ۽ هڙاپا مان سرويلر، جي لکڻ سبب 396 ۽ اي-ڊي-پسالڪر موجب چئن سون کان ڪجهه مٿي عام رايي موجب اٽڪل اٺ سؤ مهرون ۽ تائٿ لڌا ويا آهن ۽ اسڪوپار پولا جي ڳڻڻ مطابق سنڌو لکت جا هزارين نشان مليا آهن، جن تي مختلف شڪليون شبيهون ۽ نشانيون اڪريل آهن. انهن تصويرن ۽ نشانين جي پڙهڻ ۽ سمجهڻ جي ڪيترن ئي عالمن ۽ ٻولين جي ماهرن ڪوششون ڪيون آهن، مگر مڪمل ڪاميابي اڃا ڪنهن جي نصيب ۾ نه  آئي آهي. ان سلسلي ۾ ايس-سمٿ، سي-جي گئڊ، ارنيسٽ مئڪي، ڪي-اين-ڊڪشٽ، فادر هيريس، جي-آر هنٽر ۽ ايس-لئگنڊن جا نالا ذڪر جي قابل آهن. ’سنڌ صدين کان‘ جيڪو جڳ مشهور سيمينار ڪراچي ۾ مارچ 1958ع ۾ منعقد ٿيو هو، ان ۾ هڪ مشهور محقق اسڪوپار پولا ’سنڌو لکت جو اڀياس‘  جي عنوان سان هڪ تحقيقاتي مقالو پيش ڪيو هو. ان مقالي ۾ هن وقت تائين جيڪي کوجنائون سنڌي ٻولي بابت ڪيون ويون آهن، انهن جو اختصار سان مگر جامع جائزو پيش ڪيو ويو هو. مقالي جي پڇاڙي ۾ فاضل مصنف اها اميد ظاهر ڪئي هئي ته ”ليڪن هڪ ڳالهه جا صاف نظر اچي ٿي اها هي آهي ته سنڌو لکت جي مطالعي ۾ هاڻي نهايت دلچسپي جو اظهار ڪيو وڃي ٿو ۽ مون کي يقين آهي ته انهي شوق ۽ جستجو ۾ ڪيترا ۽ نئين قسم جا ڪارگر ۽ اثرائتا قدم کنيا ويندا ته جيئن سنڌو لکت جي ڳجهارتن کي گوشئه راز مان ٻاهر ڪڍي، صفحئه هستي تي نروار ڪيو وڃي.“ (سنڌ صدين کان ص-146)

اڄ انهيءَ اميد کي به ڏهه سال گذري ويا آهن مگر ڳالهه اتي ئي بيٺي آهي. محترم سراج سنڌي ٻولي تي هڪ ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ جي نالي سان سن 1946ع ۾ لکي ڇپايو هو. ان ڪتاب ۾ فاضل مصنت سنڌي کي ٻين هند يورپي زبانن سان ڀيٽي، اهو ٿابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ”سنڌي هڪ مکيه ٻولي آهي جنهن مان اڪثر هند يورپي ٻوليون ’سنسڪرت‘ سميت جڙيون آهن، ان مان اهو ثبوت ملي ٿو ته سنڌي زبان ۽ ٻولي پنهنجي جوڙ جڪ ۽ بڻ بڻياد جي لحاّظ کان، دنيا جي شايد اها واحد ٻولي آهي جنهن جو ڪنهن به ٻولي سان بنيادي تعلق نه هئڻ جي برابر آهي. ان باري ۾ مان محترم ابراهيم جويي کي هڪ سند طور پيش ڪريان ٿو. جويو صاحب لکي ٿو ته ”ٻولي ئي آهي، جنهن جي بنياد تي قوم جو مخصوص مزاج ۽ عليحده وجود ٺهي ٿو ۽ قائم رهي ٿو. سون هزارن بلڪه لکن سالن جي تاريخي پس منظر ۾ هي ٻولي پنهنجي مستقبل ۽ عليحده صورت اختيار ڪري ۽ قائم رکي سگهي ٿي. قومون پڻ پنهنجي تاريخ ۾ ايتريون ئي قديم آهن جيتريون سندن عليحده عليحده ٻوليون. ان کانسواءِ سنڌي زبان ۽ ادب جي هڪ ٻئي ڄاڻو ۽ سڄاڻ ڊاڪٽر بلوچ لکيو آهي، ته سنڌيءَ جو خمير سنڌ جي سرزمين ۾ ئي تيار ٿيو. ان جو بڻ بڻياد، ان جو پنهنجو موروثي سرمايو ئي آهي، ساڳئي طرح فنس ۽ روسي ماهرن جو چوڻ آهي ته ”موهن جي دڙي جي ٻولي“  دراوڙي ٻولين جو بڻ بڻياد آهي.“

3- سنڌ جي تهذيبي تاريخ جا ڪي اهڙا نمايان باب آهن جيڪي هن ملڪ جي تهذيب کي مصر، عراق، يونان، ايران ۽ روم جي پراڻين تهذيبن کان مٿانهون ڪن ٿا. هنن مان سڀ کان وڌيڪ اهميت ۽ حقيقت وارو باب اهو آهي جو اهي سڀ قديم تهذيبون مري کپي ويون ۽ پويان فقط پنهنجا قديم آثار کنڊرن جي صورت ۾ ڇڏي ويون. اڄ جي مصر کي احرامن واري مصر 3188 ق.م سان، اڄ جي يوناني کي ڪريٽ 2400 ق-م ۽ ڊلفيا ۽ اولمپا واري يونان سان، اڄ جي روميءَ کي آکاڙن ۽ رٿن واري روم سان 750 ق.م اڄ جي شامي، عراقي ۽ ايرانيءَ کي حمورابي (2100 کان 1792 ق.م) ۽ اسر بنيپال (668ق.م) جي تختين ۽ لٺين سان ڪو به تعلق ۽ ڪنهن به قسم جو سٻنڌ نه رهيو آهي، مگر ان جي ابتڙ اها کيرٿر سنڌ يعني جابلو ۽ ميداني تهذيب ئي دنيا جي واحد تهذيب بچي آهي، جنهن جو اڄ ڏينهن تائين هن سرزمين تي رهڻ وارن انسانن سان سلسلو، لاڳاپو ۽ واسطو رهندو اچي ٿو، جيتوڻيڪ اهو تعلق به اوترو ئي پراڻو ۽ جهونو آهي. ان باري ۾ سَنَدَ طور ڍاڪا يونيورسٽي جي هڪ سابق وائس چانسلر صاحب آر-سي مجمدار جو بيان هيٺ پيش ڪريان ٿو:

India now takes her place, side by side with Egypt and Mesopatamia as a country where we can trace the source of human civilization and the begining of these thoughts, ideas, activities and movements which have shaped the destynies of mankind all over the world … The chief difference between India and the other rancient countries mentioned above is in the countinuity of her history and civilization. The culture and civilization of Egypt, Sumer, Akkad, Babylon, Assyria and Persia have long ceased to exit. They are now mere past memories and their history Possesses only and academic interest. Indian history and institutions, however from an unbroken chain by the past is indissoulubly linked up with the present (Vidic Age p-38)

مٿين ٽڪري ۾ آر- سي مجمدر لکي ٿو، هاڻي سنڌو جي تهذيب به مصر ۽ فرات دجله ماٿري وارين تهذيبن سان ڪلهو ملائي سگهي ٿي. هن سرزمين تي به انساني سڀيتا جي صبح جا آثار ۽ اهڃاڻ ملن ٿا. هتي به انسان جي بنيادي ۽ منڍ واري فڪر ۽ عمل جون اهڙيون شاهديون ملن ٿيون جن جي مدد سان، انسان ذات سموري متمدن دنيا ۾، پنهنجي منزل ۽ مقصد ڏانهن وڌي آهي، مگر مکيه تفاوت، جو سنڌ ۽ ٻين ملڪن وچ ۾ آهي، سو هي آهي ته سنڌو جي تاريخ ۽ تهذيب ۾ تسلسل آهي، مصر، سمير، اڪاد، بابل، اسيريا ۽ ايران جون قديم تهذيبون، گهڻو اڳي مري کپي ويون ۽ انهن تهذيبن جا، هن وقت فقط داستان ۽ يادگار بچيا آهن ۽ انهن جي تاريخن کي فقط علمي ۽ ادبي اهميت حاصل رهي آهي، مگر سنڌ جي تاريخ، سڀائن ۽ ارادن جي وچ ۾ نه ٽٽڻ وارو سلسلو ڳانڍاپو ۽ تعلق آهي جنهن رستي ماضي، حال سان ڳنڍيو ۽ جڙيو اچي ٿو.

’سنڌ ۾ ڍڳي گاڏي اڄ به اها ئي استعمال ڪئي وڃي ٿي جيڪا هزارين سال اڳي سنڌو ماٿري ۾ رهڻ وارا استعمال ڪندا هئا. سنڌ جا ڳوٺاڻا ۽ ٻيا سکر ماڻهو ساڳي نموني وارا ٽن گلن وارا اجرڪ ۽ ٽرگليون جُتيون اڄ به خوشيءَ سان پهريندا ۽ پائيندا آهن. اڄ به ڳوٺاڻا ساڳي طرح چونرا، جهوپا ۽ جهوپڙيون ٺاهي، انهن ۾ رهن ٿا، مٽي، ڌاتو ۽ سپي جون چوڙيون ڪافور، عاج، چاندي ۽ سون ۾ ضرور بدليون آهن مگر مٿن چٽ ساڳيا آهن، گيت، ڀڄن، مولود ۽ مناجاتون، لاڏا ۽ لائون، سهرا ۽ ڳيچ، دهل شرنايون، ٽول ۽ ٽليون، نڙ ۽ ناڊ، نفليون، بوڙينڊو ۽ چنگ چوڏيل ۽ ڦرڻيون، نوٽڻ ۽ ونجهوٽيون، رلڪا ۽ رليون، پٽڪا ۽ سٿڻون، پوتيون ۽ چنيون، مکڻ ۽ مانڌاڻيون، گنديون ۽ پليون، دِلا ۽ چاڏيون وغيره سڀ ڪجهه ڪالهه وانگر اڄ به سماج ۾ مروج آهن، اهي سڀ حقيقتون آر-سي مجمدر جي بيان کي سچو ثابت ڪن ٿيون ته سنڌ جي اڄ واري ثقافت ۽ تهذيب کي ماضي جي تهذيب ۽ ثقافت سان ساڳيو رشتو ۽ تعلق آهي، هڪ نه مٽجندڙ تسلسل!

ساڳي وقت سر ويلر وري هڪ وڌيڪ اهميت واري ڳالهه ڪري ٿو.

هو چوي ٿو ته:

…. the Indus civilization can claim a larger area then any other of the known pre historic or preclassical civilizations, he further writes, behind so vast a uniformity must be an administration and economic discipline how ever exercised, of any impressive kind. P-3 publication.

ساڳي ڳالهه ڊاڪٽر رفيق مغل ڪري ٿو ته:

The evidence shows that the area covered by the Indus civilization was larger than any of the known civilization of the ancient world.

Dr. Mughal further writes, the picture of the Indus civilization as presented to us through many years excavation, is that of highly disciplined society possesing sufficient economic wealth to moblize labour and to support full time craftsmen. It also possessed resources to engage in long distance trade or exchange of products. The existence of interrelated but highly developed sociopolitical and religious institution as reflected through their well planned cities, public buildings large fortifications, granaries and standarization of material equipment through mass productaion is evident.

(Present State of Research on Indus Valley civilization).

سر ويلر ۽ ڊاڪٽر مغل جي مٿي ڏنل لکڻين مان صاف ظاهر ٿئي ٿو، سنڌو تهذيب پنهنجي اوج ۽ عروج واري زماني ۾ دنيا جي سڀني متمدن ۽ مشهور تهذيبن جي مقابلي ۾ وڌيڪ ۽ تمام وسيع علائقي ۾ ڦهليل هئي. ان کان سواءِ اها تصوير جيڪا سنڌو تهذيب جي وڌيڪ کوٽائين مان ملي ٿي، ان مان موهن جي دڙي ۾ هر هڪ گهر ۾ کوهه ملي ٿو. ان کان سواءِ هڪ وڏو تلاءُ يا حوض ۽ سنڌ جي هر ڳوٺ جي ڀرسان ننڍي وڏي ڍنڍ، ڍوري يا کڏ جو هجڻ ثابت ڪري ٿو ته سنڌ هڪ گرم ملڪ آهي جنهن ۾ فقط ٻه مندون ٿين ٿيون. هڪ اونهارو ۽ ٻي سياري جي مند. سيارو ويهين نومبر کان وٺي ويهين فيبروري تي ختم ٿئي ٿو ۽ باقي سال جا نو مهينا اونهارو آهي. سياري ۾ ٿڌ گهڻي پوي ۽ اونهاري ۾ گرمي. ان سلسلي ۾ پٿاوالا صاحب جا هيٺيان جملا ثابتي يا سند طور پيش ڪري سگهجن ٿا.

        The temperature of the air however seems to have been the same, if not higher than at present because cotton was grown and cotton clothes were worn, the great bath is also a proof that summer days were  hot and the growth.

صاف ظاهر ٿو ٿئي ته سنڌو تهذيب وارو سماج هڪ منظم سماج هو. اهو سماج، جو اقتصادي طور تي شاهوڪار هو، جنهن وٽ تمام گهڻا وسيلا هئا، جنهن ڪري تمام گهڻو تعداد پورهيتن ۽ هنرمندن جو ڪم ۾ لڳائي ٿي سگهيو. ان کان سواءِ ڏور ڏيساورن سان واپاري ناتا ۽ شين جي مٽا سٽا جو بندوبست به ڪري سگهيو ٿي. پنگتي ۽ پئنچائتي ۽ ڌرمي شاندار عمارتون، شهرن جي بيهڪ ۽ اڏاوت، شهر پناهون، اناج جا گدام، وهنجڻ جون جايون ۽ عام جام گهرو استعمال جون شيون کليل ۽ صاف دليل آهن ته سنڌ يا سنڌو سماج هڪ صاف سٿرو، شاهوڪار، فلاحي منظم ۽ موثر سماج هو. اهو ته تاريخ کان اڳ واري دور جو سماج هو، جڏهن تاريخ جي وچين دور ’روزانو وهنجڻ‘ شاهوڪار ۽ وڏن گهراڻن ۾ عيب سمجهيو ويندو هو.

        Aristocarats in medivieval times considered bathing a sign of poverty and the need to labour, and many boosted. They had never taken a bath. (Daily Star-16th May 1985).

4. سنڌ جي آبهوا متعلق سر ارل اسٽين، ايلس ورٿ، سر جان مارشل جا رايا آهن ته سنڌ ۾ اڄ جي مقابلي ۾ اڳي تمام گهڻو ۽ جهجهو پاڻي موجود هو. ان جو سبب گهڻي برسات (؟) ۽ گهڻين ندين ۽ نئين جو وهڻ هو. سنڌ کي ندين جو ملڪ “The land of Rivers” به سڏيو ويو آهي، جنهن ڪري ان زماني ۾ سنڌ وڌيڪ آباد ۽ شاداب هئي. موسميات کاتي جي هڪ سربراهه جو حوالو پٿاوالا جي ڪتاب ”هسٽاريڪل جاگرافي آف سنڌ“ (صفحو 24) ۾ موجود آهي. ڊاڪٽر سي-ڊبليو-نارمنڊ چيو آهي ته:

        More rains in the summer months was possible in Sindh and Balochistan at the time for the Indus valley civilization.

        تمام گهڻي ۽ جهجهي پاڻي هئڻ جي حقيقت ان ڳالهه مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ گهاٽا ٻيلا ۽ وڏا جهنگ هئا، جن ۾ مينهون، چيتا، شينهن، ڦاڙها ۽ هاٿي تمام وڏي تعداد ۾ رهندا هئا، جن جا پنڊ پهڻ (Fossils) به ملن ٿا. ساڳيءَ طرح درياهن ۾ ٻلهڻ ۽ واڳون به رهندا هئا. ان ڪري ڪن عرب مؤرخن نيل ۽ سنڌو درياهن جو پاڻ ۾ تعلق به ڏيکاريو آهي. درياهن ۽ ڍنڍن ۾ مڇي به جام هوندي  هئي، جنهن ڪري سنڌين کي مڇي کائو (Fish Eaters) به سڏيندا هئا ۽ سنڌي اڄ به مڇي کائو آهن.

        5- جناب مولائي شيدائي پنهنجي ڪتاب ”تاريخ تمدن سنڌ“ جي صفحي 97 تي سنڌين جي فوجي قوت واري باب ۾ لکي ٿو ته: ”دارا اعظم جنهن جي شهنشاهيت سنڌ کان حبش تائين 127 صوبن ۾ ورهايل هئي...... سنڌي سوار ۽ پيدل فوج جا سپاهي هئا. سندن پوشاڪ سوٽي ڪپڙي جي هئي ۽ سندن هٿيار تير ڪمان هئا، تير ڪانن ۽ بيدن جا جڙيل هئا، جن جا مٿا لوهه جا هئا. اهي  پاڻ سان هلڪا رٿ به کڻندا هئا.“

        ساڳي ڳالهه پٿاوالا، هيروڊوٽس جي حوالي سان ڪئي آهي. هو لکي ٿو ته:

        The Indians wheat is a sign of winter cold sufficient for the corn to thrive hastly, the rhino ccras existed always in an almost steamy heat. Actually more often under the equator then anywhere else. (Historical Geography of Sindh P-5)

        پٿاوالا صاحب لکي ٿو ته سنڌ ۾ جيڪو گرمي جو پد آهي، سو گهڻو ڪري ساڳيو آهي، هتي ڪپهه (وئونڻ) پوکي وڃي ٿي ۽ سوٽي ڪپڙو پهريو وڃي ٿو. ڪڻڪ جي پوکي سردي جي ثابتي آهي ۽ رائنا سيرس يعني ”گينڊو“ خط استوا جي گرمي پد کي ثابت ڪري ٿو. اها به حقيقت آهي ته ڪڻڪ پهرين سنڌ ۾ پوکي ويئي ۽ چين ۾ پوءِ يعني 2700 ق. م ۾، مون وٽ ڪڻڪ جو مچو پهڻ جي صورت ۽ حالت ۾ موجود آهي.

        آبهوا جي انهن حالتن کي سامهون رکي، سنڌ جي سڀني پراڻن شهرن ۾، اسان اڄ تائين پنهنجن گهرن جا منهن اوڀر طرفن ڏانهن ڪندا آيا آهيون ته جيئن اونهاري ۾ سنڌ جي تيز ۽ سخت گرم ڪرڻن کان ۽ سياري جي سرد هوائن کان بچائي رکون. ان کان سواءِ اسان وٽ وڻندڙ ٿڌيون هيرون هميشه ڏکڻ ۽ اوڀر کان لڳنديون آهن. عام چوڻ آهي ته ”آءُ ڏکڻ ڏيهي، ڀڃ مڇرن جي پيهي.“ گهرن جي ان طريقي جي اڏاوتن سبب، اسان جا ڳوٺ ۽ شهر ڏکڻ- اوڀر طرفن ڏانهن وڌيا ۽ ڦهليا آهن. سنڌ جي پراڻن دڙن، ڪوٽيرن ۽ بٺين وغيره جي بيهڪ به اسان جي اڄ جي قديم پراڻن شهرن جي اڏاوتن مطابق آهي. مان اهو ڏسي حيران ٿيس ته سنڌ ۾ جيڪي به غارن ۾ رهڻ وارن انسانن جون رهائشي غارون سلامت آهن انهن جا منهن به گهڻو ڪري اوڀر ۽ ڏکڻ طرفن ڏانهن آهن. اوهان ڪنهن ماٿري ۾ پالڪي تيرٿ جي چشمن ڀرسان موجود غارون گهمي ڏسو. ڊاڪٽر خان چوي ٿو ته ”سنڌو تهذيب جو تهذيبي وهڪرو ڏکڻ اوڀر ڏانهن ويو آهي، وڃو، انهن جي گهٽين ۾ پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ ناليون گهٽين جي وچ ۾ ٺهيل آهن. سيوهڻ، بوبڪ، شڪارپور وغيره پراڻن شهرن ۾ پاڻيءَ جي نيڪال جو ساڳيو بندوبست آهي. گويا اسان جي گهرن، گهٽين ۽ شهرن ڏانهن اڏاوت ساڳي نموني جي آهي، جيڪا صديون اڳي اسان جي ابن، ڏاڏن ۽ انهن جي وڏن جي زماني ۾ هئي“ حڪيم نياز همايوني سنڌ جي طبي تاريخ جي صفحي 62 تي هڪ محقق جو حوالو پيش ڪيو آهي ته خشتي ڪتبن ۾ سنڌ جي شهر رهواسين بابت لکيو ويو آهي ته ”هي اهو شهر آهي، جتي ڪنواريون ڇوڪريون گهرن ۽ گهٽين ۾ گندو پاڻي نٿيون هارين.“

Were garments of tree wool (Cotton) and carried bows of reed and iron tipped arrows of the same (Historical Geography of Sindh P-58)

        پروفيسر چيتن ماڙيوالو، صديقي م-ادريس ۽ حڪيم نياز به پنهنجن ڪتابن ۾ سنڌ جي ڪپهه جو ذڪر ڪيو آهي. سڀني لکيو آهي ته ڪپهه ۽ ان مان ٺهيل سوٽي ڪپڙي کي سوميري ”سنڌو“ يوناني
 

”سنڊان“ ۽ مصري ”سينڊال“ ڪري سڏيندا هئا. ڇاڪاڻ ته ڪپهه ان دور ۾ فقط سنڌ ۾ پوکي ويندي هئي. ايران، سمير، يونان ۽ مصر ملڪن کي ڪپهه جي ڄاڻ 465 ۽ 330 ق. م تائين ڪانه هئي. ايراني ۽ سميري ان کي Tree Wool ڪري سمجهندا هئا. هوروڊوٽس (474-429 ق م) به ڪپهه لاءِ ٽري وول لفظ استعمال ڪيو آهي، جو اصل ۾ ڪپهه لاءِ جرمن لفظ آهي.

        6- موهن جي دڙي جي کوٽائي ڪندي، دڙي جي مٿين تهن مان مئڪي کي هڪ اهڙي مهر دستياب ٿي جنهن تي ٻيڙي جي شڪل گهڙيل آهي. وري راءِ صاحب کي گجرات ۾ سنڌو تهذيب جي هڪ مکيه ۽ مرڪزي شهر لوٿل مان، پڪل، مٽي جا ٺهيل ٻيڙين جا ڪي نمونا مليا آهن. اهي بوتا ٽن قسمن جا آهن. انهن مان هڪ تمام سهڻي ماڊل واري ٻيڙي آهي. جنهن کي تري ۾ تلو ۽ نوڪدار ڪنڊو Keel، چهنبدار ڪَمان ۽ سخت پاڇل آهن. پاڇل ۾ هڪ سوراخ آهي جنهن ۾ سڙهه چاڙهڻ لاءِ لڪڙو کوڙيو ويندو هوندو. نه فقط اهو پر راءِ صاحب کي هڪ اهڙي ٺڪري به ملي آهي، جنهن جي شڪلين مان منڇر تي رهڻ وارن مير بحرن جي ٻيڙين، کارين ۽ پاليل پکين جو نظارو اکين اڳيان تري ٿو اچي. ڊاڪٽر فيئر سروس موهن جي دڙي مان لڌل مهر واري ٻيڙي کي مسر ۽ سمير جي تهذيبن واري ٻيڙي سان مشابهت ڏني آهي، مگر مان ذاتي طور ان خيال جو آهيان ته اها ٻيڙي سمنڊ تي سفر ڪرڻ واري ٿي سگهي ٿي. سمنڊ تي سفر ڪرڻ وارن ٻيڙين ۽ غورابن جا پاسا آڳل ۽ پاڇل مٿي-اڀيون رکيون وينديون هونديون ته جيئن سامونڊي لهرن کان سولائي سان بچاءُ ڪري سگهجي.

        سنڌ ۽ سمير جي وچ ۾ تمام گهڻو سامونڊي واپار هلندو هو جنهن جو ذڪر هر هڪ محقق ڪيو آهي. سر ويلر لکي ٿو ته:

        …… reference may be made to certain Sumerian and akkadin cuneiform documents which refer to a land called dilmun or telmun. This was in one sense regarded as  an other worldly paradise.

        A place where the sun rises i.e some where to the east to summer, but it was a substantial source of material goods: ships of dilmun brought wood to ur nanshe of lagash about 2450 B.C.

سمير ۽ اڪار جي ڪن تختين تي ڪنهن هڪ اهڙي سرزمين جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جنهن کي سلمون يا تلمون سڏيو ويندو هو. يعني اها سرزمين جنهن مان يا جتان سج اڀري ٿو، جيڪا سمير جي اوڀر ۾ آهي، جتان تمام مال ۽ سامان اچي ٿو. دلمون جا ٻيڙا ڪاٺ کڻي لاگاش جي اُر بندر تي آڻيندا هئا. اهو واپار 2450 ق. م ۾ هلندو هو.

        اين.جي مجمدر لکي ٿو ته:”سيوهڻ شهر ۾ عقيق ۾ ڪِرڙ جي ڪاٺي سان اهڙي جڙاوت ڪئي ويندي هئي جا ان قيمتي پٿر جي ٽڪر ٽڪر ٿيڻ کان سواءِ ٻاهر نه نڪرندي هئي، اهي عقيق جا مڻيا بهمن آباد، موهن جي دڙي، چانهو جي دڙي ۽ هندوستان جي ٻين قديم شهرن مان لڌا ويا آهن. سمير تهذيب جي هڪ قديم شهر ڪش (Kish) مان به ان قسم جا مڻيا مليا آهن. سيوهڻ شهر ۾ ڪنهن وقت صراف ۽ چوڙيگر بزاريون هيون، اڄ کنڊرن جي حالت ۾ به نظر نٿيون اچن.

        7- سنڌ جي طبعي جاگرافي جي مطالعي ڪرڻ سان سنڌ ۽ بلوچستان ۾ اهڙا بند يا ٻنڌڙيون، ماهرن کي ڏسڻ ۾ آيون آهن جن ماهرن کي حيرت جي عميق درياهه ۾ اڇلي ڇڏيو آهي. انهن بندن جي قدامت، ساخت ۽ افاديت اڄ جي پڙهيل ڳڙهيل انجنيئرن لاءِ عبرت جو باعث آهي. انهن بندن کي عام طور گبر بند سڏيو وڃي ٿو. انهن بندن بابت ايڇ-ٽي-لئمبرڪ جو رايو غور طلب آهي:

        The circumstantial evidence for the belief that the gobar bands outdated the persian monarchy is on the whole stronger in the first place, it is obvious  that there must have been some that connection between them and the numerous remains of settlement, in their vicinity, these works enabled agriculture on scale sufficient of support a population for larger and more stable then that of the present time. Man of the mounds indicate by their very height a long period of probably continuous habitation. Excavations of them, up to the time of writing, has not proceeded experimental trenching except in a few instance, but the relics recovered all belong to one of other of the bronze Age peasant.

Cultures which were scattered through out western asia between 3000 to 1000B.C…the same prehistoric people who long inhabited the numerous village sites in the region were skilful agricultural engineers, and devoted much hlabour to adapting the possible cultivation.

(Sindh A Genral Introduction p-54)

ايڇ- ٽي لئمبرڪ موجب، اهي گبر بند ايراني حڪمرانن جي دور کان اڳ جا آهن. انهن بندن ۽ بندن جي ويجهو جيڪي وسنديون لڌيون ويون آهن، تن وچ ۾ گهرو تعلق آهي جا ڳالهه صاف ظاهر آهي. انهن بندن جي وسيلي زراعت کي وڏي هٿي ٿي ملي ۽ ججهي آبادي ۽ آدم لاءِ خود ڪفيل هئا. بندن جي ويجهو جيڪي دڙا ۽ بٺيون لڌيون ويون آهن سي ايتري قدر ته مٿي اوچيون آهن جو ايئن ٿو محسوس ٿئي ته اتي ڪافي گهڻي وقت تائين ماڻهن جون وسنديون هيون.... اهي تاريخ کان اڳ واري دور جا هن ڌرتي تي رهندڙ ۽ هوشيار ماهر زراعت پيشي وارا انجنيئر هئا ۽ انهن جو گهڻو وقت، محنت ۽ آسپاس وارين زمينن کي پوکي لائق بنائڻ ۾ صرف ٿيندو هو. اڳتي هلي لئمبرڪ لکيو آهي ته ايراني حاڪمن پنهنجي اقتدار واري زماني ۾، انهن بندن جي مرمت، پنهنجي آمدني ۽ خرچ جي واڌاري جي خيال کان ٿي سگهي ٿو ته ڪرائي هجي. اهو ئي سبب آهي جو ايراني حاڪمن وٽ وڏي ۾ وڏو زرخيز، اپت ۽ خراج ڏيڻ وارو صوبو سنڌ هو، جتان کين تازه دم فوج به ميسر ٿي سگهي ٿي. ان قسم جا بند ڀونوچ سمنڊ، يا تامل يا ايراني ۽ عراقي علائقن ۾ نظر نه آيا آهن. انهن بندن جا معمار خالص سنڌي هنرمند، پورهيت ۽ پوکي ڪرڻ وارا هئا.

8-   هاڻي مان صدين جي پراڻي ڪريل، گندي، خود غرضي ۽ حسد ۽ ڪيني واري هڪ روايت جو ذڪر ڪندس. جيڪا سنڌين جي مزاج جي ترجماني ڪندي. جيتوڻيڪ هر هڪ سمجهدار سنڌي جو، ان سبب ڪري شرم وچان ڪنڌ جهڪيو وڃي. سڪندراعظم 356-323 ق.م جي اميرالبحر نيرڪس جي سفرنامي تي تبصرو ڪندي وليم ونسينٽ لکي ٿو ته:

Divasion is too often fortunate in finding jealousy of the natives favourable to the schemes of the invaded and the petty interestes of opposite parties cooperation to their mutural destruction (Voyage of Nearhcus, p-134)

ان سفرنامي ۾ راجا سمبوس جي ملڪه، قوم ۽ فرار جو احوال به ڏنو ويو آهي، راجا سمبوس ۽ راجا مسيڪانوس جي حسد، ساڙِ، رقابتن، سازشن ۽ لڙاين جو احوال به آيو آهي. ان کان سواءِ سنڌين جي هڪ وڏي ڪريل ۽ پراڻي ڪمزوري هڪ ٻئي کي نه سهڻ ۽ هڪ ٻئي جون پڳون لاهڻ، جو به بيان ڏنو ويو آهي. سنڌي راجائن ۽ حاڪمن (۽ سرندي وارن) هميشه حملي آورن جو ساٿ ڏيئي، پنهنجن دشمنن هٿان پنهنجا ملڪ ۽ ملڪيتون وڃايون آهن ۽ پنهنجا ماڻهو مارايا آهن. موٽ ۾ خود کين به پوءِ ساڳئي انجام سان همڪنار ٿيڻو پيو آهي.

9- اين. جي مجمدر، هينري ڪزنس، ايڇ-ٽي لئمبرڪ، والٽر فيئر سروس، محمد ادريس صديقي ۽ ٻين ماهرن جو چوڻ آهي ته روهڙي کان وٺي ڪوٽ ڏيجي تائين جيڪي ٽڪريون آهن انهن مٿا ن تمام گهڻي تعداد ۾ چقمق پٿر جا ننڍا ۽ ڪي وڏا ڳڀ ملن ٿا جن گهڻو ڪري اڻ گهڙيل آهن. انهن اڻ گهڙيل پٿرن جي ڍڳن مان ڪي گهڙيل ۽ تراشيل (Chert Blades) ۽ ڪهاڻيون به ملن ٿيون. انهن پٿرن جي عمر لکن سالن ۾ ۽ گهڙيل پٿرن جون عمريون هزارين سالن ۾ ڪٿيون ويون آهن. ان مان سنڌو ماٿري جي سڀيتا جي قدامت جو اندازو بخوبي لڳائي سگهجي ٿو. روهڙي ٽڪرين مٿان انهن پٿرن گهڙڻ وارو ڪارخانو، سڄي سنڌو ماٿري ۾ مشهور هو. پٿاوالا ان بابت لکي ٿو ته:

Nr. Carter considers some of these relics as belonging to the Microlithic age and other to the neolithic age, ranging from 6000 Rs. to 8000 B.C These relics show that they were manufactured at certain central prehistoric factories such as the Rohri Flint factory etc. (Historical Geography of Sindh p-20)

ان حساب سان سمي جي تهذيب (4000 ق.م 2900 ق.م) ۽ مصر جي (3200 ق.م) کان سنڌو جي تهذيب اٽڪل روءِ ٻه هزار سال وڌيڪ پراڻي آهي، جنهن ڪري اهو چوڻ قدرتي ڏکيو آهي ته سنڌو جون تهذيبون (Cultures) مصر يا سمير جي تهذيبن جو نقل آهن.

اها حقيقت به پنهنجي جاءِ تي بلڪل صحيح ۽ درست آهي ته وڌيڪ شاهوڪار تهذيبن پنهنجا اثر ۽ نشان، اقتصادي، ثقافتي ۽ سماجي طور گهٽ شاهوڪار تهذيبن تي ڇڏيا آهن. جيئن اي-ڊي پسالڪر پنهنجي مضمون ”دي انڊس وئلي سوليزيشن“ ۾ لکيو آهي ته:

The most important piece of evidence tesifyies to the influence of the Indus valley on summer is the fashion of hair dressing adopted by sumerian women from the Indus valley.

هڪ مکيه ثابتي جنهن موجب سنڌو تهذيب جو سميرين مٿان اثر ظاهر ٿئي ٿو اها آهي وارن جي سينگارڻ جو فن- جيڪو سنڌو تهذيب وارن سمير تهذيب وارن کي سيکاريو. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته سمير تهذيب سنڌو تهذيب کان گهڻو ڪجهه پرايو ۽ ورتو ۽ موٽ ۾ ڪي معمولي واپاري شيون سنڌو تهذيب وارن کي وڪڻيون، مٿيون حوالي پسالڪر صاحب، ڪارليٽن جي ڪتاب (Buried Empires) مدفون شهنشاهتون تان قلمبند ڪيو آهي.

ساڳي طرح پسالڪر صاحب ان دعويٰ کي به رد ڪيو آهي ته سنڌو تهذيب جا خالق (Authors) ڪي سميري يا آرين آهن. هو صاحب البت ان ڳالهه کي قبول ڪري ٿو ته سنڌو تهذيب جي پڄاڻي ۽ پڇاڙي واري دور ۾ آرين جو ڪجهه اثر ڪن ماڳن تي نظر اچي ٿو ۽ بس، ساڳي ڳالهه ڊاڪٽر ايف. اي. خان ڪري ٿو.

خان صاحب لکي ٿو ته:

 If the liks between the Indus and the sumerin civilization are simply due to trade and do not point to a common origion, then the discovery of the Indus civilization is even more significant, because it reveals a high degree of cultural development which occurred independently in the Indus vally.

ڊاڪٽر خان صاحب ”If“ جو جواب مان اڳي ئي مٿي پسالڪر جي حوالي سان پيش ڪري آيو آهيان.

ٽن چئن سالن کان هڪ جرمن محققن جي ٽيم ڊاڪٽر م-   جينسن Dr. Michcal jansen جي رهبريءَ ۽ ٻي ٽيم اٽلي جي ماهرن جي ڊاڪٽر م-ٽوزي (Dr. Maurizio Tasi) جي رهنمائي هيٺ، گڏيل محنتن سان موهن جي دڙي تي ڪم ڪري رهيون آهن. انهن ٽيمن جي محنت ۽ تحقيق جي گڏيل رپورٽ، بلڪل ويجهڙائي ۾ شايع ٿي آهي. ان رپورٽ ۾ هنن صاحبن موهن جي دڙي مان حاصل ٿيل پٿرن جي مجسمن تي به تحقيق ڪيل مواد شايع ڪيو آهي. ان رپورٽ ۾ واضع ۽ صاف لفظن ۾ لکيو ويو آهي ته پٿر جي مجسمن يا بتن گهڙڻ جو فن، موهين تهذيب وارن جو پنهنجو هو. بادشاهه پروهت وغيره وارا بوتا سنڌين پنهنجي تخيل ۽ محنت سان گهڙيا آهن. اهي نه ميسوپوٽيميا نڪي هلمند وارين تهذيبن کان حاصل ڪيا ويا آهن. ان تحقيق اهو به ثابت ڪيو آهي ته سنڌو تهذيب، سنڌو ماٿري ۾ ئي اڀري ۽ اسري هئي ۽ سنڌ ۾ رهڻ وارا سنڌو تهذيب جا خالق ۽ معمار آهن. مان ان رپورٽ مان ٻه ٽڪرا (Extracts) پيش ڪري رهيو آهيان:

Obviously certain characteristics like the headband and the hair style of the divided bun and the two plaits gave reason to assume cultural contacts with helmand civilization and more west with the mesopatamia, but the essential significance of the images must not be necessarily be equivalent. The iconographic attributes show despite their similarities to heighbouring countries mush individualism in their composition so that this is one more argument for the distinct character of the Harappan civilization.

It was the trefoil design on the garment of the “King-Priest” which initiated the interpreation as image of a divine individual and the so called Kidney-Shaped Kidney-Shaped from of the ears underlines in our regard the important meaning of the bust-A careful examination of the position if it is slightly extented right arm could, on the background of the posture of the other full length scluptures, allow a reconstruction of the fragment in to a “squatting figure” with hands resting on the knees. In this way, the number of stone sculptures from Mohan Jo Daro would extend to a total of eight figures, whose typical attribute is the Pase of prostration. The subject matter several seals may elucidate the ritual context in which we have to imagine the stone sculpture.” Interim Report vol.II SMEO-Aachen-University Mission, P-154)

پوئين ٽڪري ۾ مجسمن جي وهڻ جي طريقي ۽ گوڏن تي ٻانهن رکڻ جي انداز مان ظاهر ٿو ٿئي ۽ سمجهڻ ۾ ٿو اچي ته ڌرمي رسمون يا ڪريا ڪرم ادا ڪيا ويندا هئا.

10- (Bull) ڍڳو اسان وٽ طاقت، سڀاڳ ۽ محنت جو نشان  آهي ۽ هر نشان (Symbol) آهي محنت ۽ زراعت جو. (Peacock) اسان سونهن، سوڀيا ۽ نزاڪت جي، مڇي (Fish)  گهڻي پاڻي، خوشحالي ۽ لطافت جي (The Pipal Tree) پيپل جو وڻ، وڻڪار، وندر، قدامت ۽ عبادت جون علامتون آهن. قديم آثارن جي ماهرن کي مهرن کان سواءِ ٿانون ٿپن ٺڪرين تي به انهن ساهوارن جون شڪليون ۽ صورتون چٽيل مليون آهن. انهن چٽن جي رنگيني، نفاست، باريڪي ۽ ڪاريگري ڪمال درجي تي پهتل معلوم ٿي ٿئي. مٽي جي ٿانون جون ٺڪريون ڪي ٿلهيون ۽ ڪي بلڪل سنهيون آهن جن کي ڪاغذي ٺڪريون ڪري سڏجي ته بيجا نه ٿيندو. سڀ کان وڌيڪ اهم ۽ مکيه چٽن واريون ٺڪريون. اسان کي سنڌ، بلوچستان، چولستان، ساهيوال، راجستان ۽ ڪڇ گجرات جي پراڻن ڦٽي ويل دڙن، بٺين ۽ ڪوٽن ۽ ڪوٽيرن جي تهن (Layers) ۾ دٻيل (Deposits) کوٽائي ڪندي مليون آهن. انهن قديم آثارن وارن جابلو ماڳن جي عمر چار ۽ ساڍا چار هزار سال ق.م ڪٿي اٿن ۽ ريگستاني ميداني علائقن جي ماڳن جي عمر ٽي- ساڍا ٽي هزار سال ق. م شمار ڪئي ويئي آهي، سبي ۽ ڍاڍر ڀرسان مهر ڳڙهه نالي سان هڪ تمام پراڻي وسندي کنڊرن جي صورت ۽ حالت ۾ لڌي وئي آهي. جنهن جي عمر ابتدائي تحقيق موجب ست هزار سال ق. م ڪٿي وئي آهي، اهو ماڳ دنيا جي قديم ترين ماڳن تي ٽي- ساڍا هزار سال ق. م ۾ شمار ڪئي ويئي آهي. اهو ماڳ دنيا جي قديم ترين ماڳن ۾ ٻيون نمبر آهي جڏهن ته پهريون نمبر جيريڪو (Jerico) ماڳ آهي جو اردن ندي جي ڪناري تي واقع آهي ۽ اٺ هزار سال ق. م واري دور سان تعلق رکي ٿو.

خوش نصيبي سان اهڙن چٽن واريون ڪجهه ٺڪريون مون وٽ به موجود آهن ۽ مان جڏهن فرصت جي گهڙين ۾ يا ڪيئن به وقت بچائي ويهي انهن چٽن کي ڏسندو آهيان ۽ انهن جو اڀياس ڪندو آهيان، تڏهن شاهه لطيف جو هيٺيون بيت هر هر دل تي تري ايندو آهي ته:

مڻئي مٿي جي هئا، تن چٽن ڦيريم چتُ،
هار کٽيندس هوڏ ۾، نبيهه ٿيندم نت،
ڪونرو جو ڪرت، مونهان مٿانهون ٿيو.

۽ دل سنڌوءَ جي انهن ڪاريگر ڪنڀارن کي سؤ سؤ سلام ڪندي آهي جن جي چٽن منهنجو منهن ۽ مانُ مٿي ڪيو آهي ۽ من موهيو آهي. اهي چٽ جتي اسان جي ابن ڏاڏن ۽ انهن جي فن، هنر، آسودگي، خوشحالي، خوش مزاجي، منظم ۽ موثر سماج جي شاهدي ڏين ٿا، اُتي اسان جي تاريخي قدامت ۽ ان سماج ۽ سڀيتا جي اولاد ۽ وارث هئڻ جي به ساک ڀرين ٿا.

مان هتي هڪ ٻي ثقافتي اهڃاڻ جو ذڪر ڪرڻ به ضروري سمجهان ٿو اهو آهي اجرڪ ۽ جُتي. موهن جي دڙي مان جيڪو پروهت بادشاهه يا ٻين لفظن ۾ سُکر ماڻهو جو مجسمو (Bust)  حاصل ٿيو آهي ان کي سوٽي اجرڪ پهريل آهي جنهن تي ”نگلو“ ڇاپو يا ڇر جو ڪم ٿيل آهي. ان ساڳئي قسم جي گلن وارو اجرڪ صدين کان وٺي اڄ تائين، اسان وٽ استعمال ۾ ايندو رهي ٿو ۽ مقبول آهي جڏهن ته موهن جي دڙي جي کوٽائي ڪالهه جي ڳالهه آهي. ساڳي طرح سُکر عورتون ٽن گلن واريون جتيون به استعمال ڪنديون هيون ۽ ڪن گهراڻن ۾ اڃا تائين استعمال ۾ آهن. ٽن گلن واري جتي مان سُکر پڻي، سونهن ۽ سوڀيا جو اظهار ٿئي ٿو ۽ سنڌي عورت جي وقار ۽ شخصيت ۾ اضافو ٿئي ٿو. ان جتي ۽ اجرڪ مان اسان جو تشخص ظاهر ٿئي ٿو.

ان کان سواءِ کير-مکڻ يا ڦٽي ۽ ڏڌ، چاڏي ۽ مانڌاڻي، ڳوٺاڻي سماج ۽ زندگي ۾ برڪت ۽ آسودگي جون نشانيون سمجهيون وينديون آهن. ان ڪري مالوند کي ڀاڳيو يعني ڀاڳ وارو ڪري سڏيو ويو آهي. سو ڀاڳيا کير مان وڌيڪ مکڻ حاصل ڪرڻ لاءِ مانڌاڻي يا چاڏي جي ڪني سان تائيٿ ۽ تعويذ ٻڌي ڇڏيندا آهن، اها رسم اسان وٽ ڪا نئين نه آهي. فقط عقيدي ۽ اعتقاد جي ڳالهه آهي، ۽ عقيدا انسان جو شعور ۽ سماج جي ارتقا سان گڏ بدلجندا آهن. اسان جا وڏا ۽ انهن جا وڏا اڄ کان پنج ڇهه هزار سال اڳ چاڏين تي مکڻ جي وڌيڪ اپت لاءِ ديوين کي ڇاپي يا چٽي ڇڏيندا هئا ۽ ڇاڪاڻ ته کير ڏيڻ وارا جانور جهڙوڪ مينهن، ڳئون ۽ ٻڪري سڱن وارا جانور آهن. ان ڪري چاڏي مٿان ديوي کي سڱن سوڌو چٽيو ويو آهي، جنهن کي قديم آثارن جي ماهرن سڱن واري ديوي (Horned deities) جي نالي سان قلمبند ڪيو آهي. ان ديوي جي چٽن واريون چاڏيون، ماهرن کي ڪوٽ ڏجي جي کوٽائي مان حاصل ٿيون جي چٽن کان سواءِ باقي صورت، شڪل ۽ بيهڪ ۾ اڄ جي چاڏين جهڙيون آهن يا ٿوري گهڻي ڦير گهير اٿن.

اهو سڀ ڪجهه اسان جي ابن ڏاڏن، وڏن ۽ وڏڙن جو ورثو ۽ دستور، چٽ ۽ چٽساليون، فن ۽ هنر، ريتون ۽ رسمون، اسان اڄ تائين ڪمال سعادتمندي سان لاشعوري طور کنيو ۽ سنڀاليو اچون ٿا. هاڻي جيڪڏهن اسان پاڻ کي سنڌو تهذيب جا خالق ۽ معمار ۽ موروثي وارث نه سمجهون يا پنهنجي ان شاندار تاريخي ۽ ثقافتي دور جي ماضيءَ کان انڪار ڪريون ته اها اسان جي بدبختي، جهالت ۽ ڪوتاهه انديشي کان سواءِ ٻيو ڇا ٿي سگهي ٿي. اها صدين جي پراڻي تهذيب ئي اسان جي سڃاڻپ آهي ۽ ان سان ئي اسان جو تشخص آهي.

جيڪڏهن دنيا جا عالم ۽ محقق ان نتيجي تي پهتا آهن جيئن سر پي-آر ڪوڊيل چوي ٿو ته ٽالمي جي لفظ ”مناگر“ سنڌو جي ماڻهن لاءِ ۽ ڪاٺياواڙ جي مناس لاءِ استعمال ٿيو آهي. رائل ايشاٽڪ سوسائٽي جي سال 1938ع واري جنرل ۾ سر ڪوڊيل ڏانهن هڪ حوالو منسوب ڪيو ويو آهي.

Sir, P.R Codell ascribes Miniaar (Mentioned by Ptolemy) to the aboriginal tribe of the Muhanes of Sindh and minas of Kathyawar.

ان لکت موجب سنڌ جا اصلوڪا رهندڙ سنڌ جا مهاڻا آهن، يا وري جيئن هڪ ٻئي محقق چيو آهي ته؛

“Taking the totality of available evidence, the hypothesis of a ravidian authorship of the Harappan civilization seems to offer the most promising line of investigation.” (Ancienct cities of Indus. P-262)

ساڳيءَ طرح جواهر لعل نهرو به چيو آهي ته اسان کي هاڻ ڪنهن دستوري ۽ عملي مقصدن لاءِ دراوڙن کي ئي سنڌ جا اصلوڪا رهواسي سمجهڻ گهرجي.

هو صاحب لکي ٿو ته:

“Who were these people of the Indus valley civilization and when had they come? We do not Know Yet.”                          

It is quite possible, and even probable, that their culture was an indigenous culture and its roots and off shoots may be even in southern India for all practical porposes we can treat them as the indigenous inhabitants of India.                                      

(Discovery of India P:60,61)                                                              

پنڊت نهرو جي ان خيال سان اختلاف ڪرڻ هڪ لازمي ۽ ضروري ڳالهه آهي ته سنڌو تهذيب جون پاڙون ڪو ڏکڻ هندوستان ۾ هيون ۽ دراوڙن جو تعلق ڏکڻ هندستان سان هو. البت اها ڳالهه پنهنجي جاءِ تي درست آهي ته آرين جي اچڻ کان پوءِ سنڌو جا اصلوڪا رهواسي لڏي ڏکڻ هندوستان ۽ ٻين پاسي ويا هيا ۽ اهي جتي ويا اتي پنهنجي مادري تهذيب جون باقيات به پاڻ سان کڻي ويا.

ڪن محققن ۽ مفڪرن جو چوڻ آهي ته سنڌو تهذيب جو ٻيو نالو ويدن واري تهذيب آهي. انهن محققن رگ ويد جي لکتن کي دليل طور پيش ڪيو آهي، مگر سر جان مارشل ان دعويٰ کي به مؤثر ۽ وزندار دليلن سان رد ڪيو آهي. هو صاحب چوي ٿو ته سنڌو تهذيب، ويدن يا آرين واري تهذيب کان گهڻو پراڻي آهي ۽ ٻنهي تهذيبن جي وچ ۾ هزارسالن جي وڇوٽي آهي. ويدن واري تهذيب سنڌو تهذيب جي پڄاڻيءَ ۽ پڇاڙيءَ واري دور ۾ وجود ۾ آئي. ان ڪري ان تهذيب، سنڌو تهذيب جون ڪي مکيه روايتون، ڌرمي رسمون ۽ پنگتي رواج پنهنجي تهذيبي ورثي ۾ شامل ڪيا. باقي جيتري قدر سنڌو تهذيب جو تعلق آهي ته ان جي هڪ مڃيل جداگانه حيثيت آهي، ان حقيقت جو اظهار پنڊت نهرو هيٺين جملن ۾ ڪيو آهي.

It is interesting to note that at this dawn of Indian’s story, she does not appear as a puling infant but already grown up in many ways. She is not oblivious of lifes ways lost in dreams of a vague and unrealizable supernatural world, but has made considerable technical progress in the arts and amenitis of life, creationg not only things of beauty, but also the utiliterian and more typically emblems of modern civilization good baths, and drain systems (Discovery of India p-60)                               

پنڊت نهرو جو اعتراف ته سنڌو تهذيب، فن ۽ هنر ۾ زندگي جي ضروري آسائشن ۽ سهولتن ۾ حسين شين جي ايجاد ۾، سڌريل سماج جي سوڌ واري ڪمن ۾ سڌريل هنري ۽ ڪاريگري جا اپاءُ ورتا- يعني صاف سٿريون وهنجڻ جون ڪوٺيون ۽ گندي پاڻي جي نيڪال لاءِ ناليون.

ڪيترن عالمن جو اهو رايو آهي ته هن ويهين صديءَ ۾ جيڪڏهن قديم آثارن جي ماهرن کان ڪا عظيم تاريخي کوجنا ٿي آهي ته اها آهي ”سنڌو تهذيب جي دريافت“، ان تهذيب جي قدامت بابت صحيح فيصلو نه ٿي سگهيو آهي ڇاڪاڻ ته تهذيب جي مکيه ۽ مرڪز موهن (Mahen) جي دڙي ۾ زير زمين پاڻي (Sub-soil water) جي نڪري اچڻ جي ڪري هيٺ کوٽائي وڏن خطرن کان خالي نه آهي ۽ جيستائين مڪمل کوٽائي نه ٿي آهي تيستائين ان تهذيب جي عمر ڪٿڻ يا مقرر ڪري ڇڏڻ هڪ ڏکيو مسئلو آهي. بهرحال هن مهل تائين ڊاڪٽر مهتا ان جي عمر ست هزار سال، مسٽر چلڊ ان جي عمر حضرت نوح جي طوفان کان وڌيڪ قديم، مسٽر منشي ڇهه هزار سال ۽ مشهور محقق ايڇ جي- ويلس جي خليج فارس ۾ جهاز راني واري تحقيق موجب ڏهه هزار سال يعني اٺ هزار ق.م تائين ڪٿي سگهجي ٿي. مهر ڳڙهه جي دريافت ۽ کوٽائي ست هزار سال ق. م تائين پهتي آهي.

گذريل آڪٽوبر مهيني ۾ اسلام آباد ۾ ڇهين اهل قلم ڪانفرنس جي موقعي تي ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ، هڪ اهڙي ڳالهه ٻڌائي جنهن مون کي لوڏي ڇڏيو. يعني ”اصحاب رس“ قرآن شريف ۾ ان قوم جو ذڪر سوره فرقان ۽ سوره ق- م عاد شمود ۽ ٻين قومن سان گڏ آيو آهي. سيد قاسم محمود پنهنجي ضخيم ڪتاب اسلامي انسائيڪلوپيڊيا ۾ اصحاب رس جو حوالو صفحي 174 تي قلمبند ڪيو آهي ۽ لکي ٿو ته اصحاب رس ان قبيلي يا ماڻهن لاءِ چيو ويو جن جو کوهه يا کوهن سان تعلق هو. جيڪڏهن اهو حوالو کوهن ڏانهن آهي ته پوءِ کوهن وارا شهر، دنيا ۾ سنڌو تهذيب وارا ئي شمار ڪيا ويا آهن؟ ان بابت وڌيڪ ڪجهه لکڻ کان قاصرآهيان.

11- ”اصحاب رس“ متعلق مطالعو ڪندي، منهنجي نظرن مان ڪن اهڙن محققن جا مضمون گذريا جن سمير وارن جي تحريرن جو غور سان مطالعو ڪيو هو. انهن جي تحريرن ۾ دلمون ”Dilmun“ يا ٽلمون ”Telmun“، ماڪن ”Makkan“، ۽ ميلوها ”Meluha“ شهرن جو احوال ملي ٿو. دلمون بابت چيو وڃي ٿو ته ”دلمون جي زمين پاڪ (Holy) آهي. دلمون جي زمين صاف سٿري آهي. هتي ڪانو رڙيون (ڪان ڪان) نه ٿا ڪن. هتي شينهن ڪنهن کي ڦاڙين چيرين نه ٿا. هتي بگهڙ رڍ کي نه ٿو کڻي. هتي ڪنهن به ننڍڙي ساهه واري تي ڪتو نه ٿو ڀونڪي. هتي جهنگلي جانور سوئر پوکون نه ٿا ڀيلين. هتي ڪوٺن تي بيواهن طرفان هاريل جَوَ پکي به نه ٿا کائين. نڪي ڪنهن کي اکين ۾ سور پوي ٿو. هتي عمر رسيد مرد يا عورت پاڻ کي ضعيف ۽ پوڙهو نه ٿو/ ٿي سمجهي. هتي ڇوڪريون گهٽين ۾ گندو پاڻي نه ٿيون هارين. هتي ڪنهن به ڪنواري ڇوڪري کي (سنت سبب) وهنجڻو نه ٿو پوي. هتي ندي اڪرڻ (شايد وقت يا حياتيءَ جو سفر) واري کي ڪنجهڻو نه ٿو پوي. هتي مرثيو پڙهڻ وارو ڪونهي، نڪي پروهت کي ڦيرا پائي ڳوڙها وهائڻا پون ٿا. دلمون ۾ مٺي پاڻيءَ جا کوهه ۽ چشما آهن. دلمون ۾ ٻنيون سرسبز فصل اپائين ٿيون. دلمون جا ٻيڙا ڏيساور ڏانهن مال نين ۽ آڻين ٿا، جنهن شهر جي رکوالي ماتا (نسنيڪلا) ڪري ٿي. اهو شهر سمير جي اوڀر ۾ آهي جتان سج اڀري ٿو.“ اهو ڪتبو ٻه هزار سال ق. م پراڻو آهي.

        هاڻي سوال  ٿو پيدا ٿئي ته ”اهو ملڪ يا شهر ڪهڙو ٿي سگهي ٿو.“ سنڌ يا ڪو ٻيو. ڪن عالمن بحرين کي اهو ملڪ ٺهرايو آهي. انهن جي راءِ کي سبوئل-اين-ڪريمر رد ڪندي لکيو آهي ته اهو ملڪ فقط سنڌ جي سرزمين آهي. هو صاحب لکي ٿو ته:

        To be sure dilmun has been identified by most scholars with the island of Behrein in the persian gulf and a large and highly competent expedition has been excavating there for last two decades because of its faith in the indentification. 

But the discoveries at bahrein to date have hardly justified this faith, and the description of dilmun as the place where the sunrise in the Sumerian flood story speaks definately against the bahrein Dilmun identificaltion.                                             

        (Ancient cities of the Indus. P-173)                      

        جڏهن سمير وارا خود، ڪنهن ٻئي ملڪ ”دلمون“ جو ذڪر ڪن ٿا ته اهو ملڪ سمير ته ٿي نه ٿو سگهي ۽ پوءِ يقين سان چئي سگهجي ٿو ته اهو ملڪ سنڌ آهي. ٻي ڳالهه ان تحرير مان اها پڌري ٿئي ٿي ته ان ذڪر ڪيل تهذيب جا بانيڪار خود سمير وارا نه آهن ته سنڌو جي سرزمين تي رهڻ وارن سنڌين کان سواءِ ٻيو ڪري ٿي سگهي ٿو؟

        ڪاڪي ڀيرومل پنهنجي ڪتاب ”قديم سنڌ“ ۾ صفحي 51 تي لکيو آهي ته سنڌو تهذيب جي شهرن کي جن قديم ماڻهن وسايو سي هاڻوڪن ڪولهين، ڀيلن، سنٿالن ۽ منڊ لوڪن جا ابا ڏاڏا هئا. هن صاحب جو اهو وڌيڪ چوڻ آهي ته انهن ماڻهن مان ڪن جون کوپڙيون لڪي-سيوهڻ ۽ شاهه بلاول نوراني واري واٽ تان لڌيون ويون آهن. ٻي طرف سنڌو تهذيب جي مکيه مرڪزن موهين جو دڙو، هڙاپا ۽ لوٿل مان جن به ماڻهن جا ڍانچا قبرن مان يا ڪن ڪوٺين ۽ ڳلين مان مليا آهن، سي سڀ ڪنهن هڪ نسل سان تعلق نه ٿا رکن. ان ڪري يقين سان انهن بابت ڪا حتمي راءِ ڏيڻ قبل از وقت ٿيندو. دراصل سنڌو جا مکيه شهر واپاري مرڪز هئا، جتي ڀانت ڀانت جا ماڻهو ايندو ويندا هئا. اهي گڏيل قومن جا بين الاقوامي شهر (Cosmopolatan) هئا. سنڌو تهذيب جي ساک ان ڪري ديسان ديس پکڙي هئي. سنڌ جا ڪي شهر ساڳي حيثيت اڄ به رکن ٿا.

12- باقي ڪاڪي ڀيرومل جن ماڻهن جو ذڪر ڪيو آهي يعني ڀيل، ڪولي، سنٿال ۽ منڊ. اهي نالا حقيقت ۾ آرين جي اچڻ ۽ ذات سان گڏ ڌنڌن، ڪمن ۽ ڪرتين جي جنم وٺڻ کان پوءِ، آرين ڪن سنڌي قبيلن مٿان گهڙيا ۽ انهن کي تڙي ٻاهر ڪڍيو. سنڌو تهذيب واري دور ۾ انهن جو وجود ڪونه هو. ان ڏس ۾ نيريڪس جو حوالو تمام وزندار ثابت ٿيندو. نيريڪس جي لکڻ موجب سنڌ ۾ ان وقت فقط ٻه گروهه يا قبيلا رهندا هئا. هڪ ميداني علائقن ۾ ڍنڍن ۽ درياهن جي ڪناري تي ۽ ٻيو جبلن ۽ ماٿرين ۾. ايئن انسان جي لڏ پلاڻ وارو عمل هزارها سالن ۽ صدين کان وٺي، اڄ ڏينهن تائين هلندو اچي ٿو. چيني مفڪر لن يو تانگ جي قول مطابق ”ان لڏپلاڻ جي ڪري ئي تهذيبون هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه ڏانهن وڌيون ۽ دنيا ۾ پکڙيون آهن.“ مان جيڪر ايئن چوان ته اها آواراه گردي ۽ صحرا نوردي واري خوءِ انسان ذات جي بقا ۽ ارتقا جو بنيادي ڪارڻ آهي.

13- اها حقيقت به ياد رکڻ گهرجي ته سنڌو تهذيب جنهن کي موهن ۽ هڙاپا واري تهذيب سڏيو وڃي ٿو. ان جي بالغ (Mature) ٿيڻ کان اڳي منڍ واري دور ۾ به سنڌو جي ڌرتي تي آمري، ڪوٽ ڏجي ۽ ڪي ٻيون تهذيبون (cultures) اڳيئي اڀريون اسريون هيون ۽ جي ڪوهستانين ۽ ريگستاني علائقن ۾ سڌريل ڳوٺاڻي سماجن جي صورت اختيار ڪري چڪيون هيون. سنڌو تهذيب کي جنم ڏيڻ وارا حقيقت ۾ اهي ڳوٺاڻا سماج هئا. انهن ڳوٺاڻن سماجن گڏجي ڪن وڏن شهري سماجن کي ڄڻيو، جنهن کي سنڌو تهذيب سڏيون ٿا. هتي ڊاڪٽر ايف-اي خان جو رايو سند طور پيش ڪري رهيو آهيان. هو صاحب چوي ٿو ته:

It does suggest that the Indus civilization was an indegenous development that arase out of the evoluation of developed village cultures in a favourable environment. In emphasized the sub continuntal roats and the consequent style, which gives the civilization its uniqueness.

ڊاڪٽر والٽر فيئر سروس ان حقيقت جي تائيد وري هن ريت ڪري ٿو ته:

The ultimate and perhaps most telling evidence bearing on the character and history of the Harappan civilization is Indian civilization it self the evidence we have indictes that a great tradition masked by both urban and rural elements evolved out of hybised little communities, characteristic of the pre-Harappan Indus valley. These were not isolated elements but were inter related. In mature harappan stage of developments they had been transformed into an indegenous or primary civlilization in which village and city alike shared a common culture. (Ancient cities of the Indus P-89)

اهو به ياد رکڻ گهرجي ته انهن ننڍن مگر سڌريل ڳوٺاڻي سماجن سان شهري وڏن سماجن ملي هن تهذيب کي شاهوڪار ڪيو. ان ٻنهي سماجن جي وچ ۾ هڪ مسلسل ربط ۽ ضبط هو ۽ تهذيب جي ترقي ۽ شاهوڪاري ۾ به ٻنهي سماجن جو گڏيل حصو هو. ان تهذيب ۾ ٻنهي شهري توڙي ڳوٺاڻي سماجن جون جهلڪيون صاف ڏسڻ ۾ ٿي آيون. هڪ اهڙي تهذيب جنم ورتو جنهن جا واپاري تعلقات ايران، سمير، ڪريٽ ۽ مصر سان هئا ۽ پنهنجي ڪن خاص خوبين ۽ خصلتن سبب انهن پنهنجين همعصر تهذيبن کان ڪيترن ڳالهين ۾ اتم هئي، جنهن تهذيب ۾ صاف سٿريون ۽ سڌيون گهٽيون هيون، انهن ۾ اڳيان دوڪان ۽ دوڪانن جي پٺيان گهر اڏيل هئا. گهر گهر ۾ کوهه هو، پاڻي جي نيڪال لاءِ نيسارا ۽ ناليون هيون ۽ جي باقاعدگيءَ سان صاف ڪيون وينديون هيون. گهٽين ۽ رستن مٿان وڌايل ڪا به شيءِ ڏسڻ ۾ نه ايندي هئي، جنهن ۾ جوتش جي گيان سان گڏ صحت جي نيمن تي ماڻهن کي هلايو ويندو هو. جنهن ۾ ٻارن جي وندر ۽ تفريح لاءِ طرح طرح جا رانديڪا ٺاهي اٿي ويا، جنهن تهذيب ۾ وڏن جي وندر لاءِ شطرنج ۽ ٻيون رانديون هيون. جنهن سماج ۾ هنر مند ۽ پورهيتن لاءِ عزت ۽ احترام هو. جنهن سماج ۾ سون، چاندي، ڪٽ ۽ نيم پٿرن مان چوڙيون، هار ٿانو ٿپا ٺاهيا ويندا هئا. جنهن سماج ۾ ڪنڀرن مٽي جي ٿانون جهڙوڪ: دلن، مٽن، ماٽين، لوٽين، لوٽن ۽ چاڏين مٿان مزي مزي سان اهي رنگ برنگي چٽ ۽ شڪليون ٿي چٽيون، جن کي ڏسي اڄ به دليون هرکيو پون. جنهن تهذيب ۾ ڳوٺن ۽ شهرن ۾ اڏاوتون، ماحول ۽ حالتن مطابق، ترتيب ۽ ضابطي سان ٺاهيون ٿي ويون ۽ جو سماج سچ ته فلاحي، خوشحال، امن پسند ۽ انسان دوست هو.

هن سموري مقالي ۾ ڪيل بحث مباحثي جو خاص مطلب هيٺين ٽن نقطن ۾ سموئي سگهجي ٿو.

1. سنڌو تهذيب ڪا نئين ۽ اوچتي وارد ٿيل نه آهي، پر اها تهذيب آهي جنهن کي سنڌ جي منڍ وارن ننڍن ننڍن ڳوٺاڻي سماجن گڏجي وڌايو ۽ پوءِ هڪ ٿي، هڪ ٻئي کي هٿ ڏيئي، دنيا جي سڀ کان وڌيڪ متمدن، شاهوڪار، سڌريل، فلاحي ۽ وسيع ۽ ويڪري سماج جي شڪل بخشي. منڍ وارا ڳوٺاڻا سماج ڪوهستاني ۽ ريگستاني هئا. مگر سنڌو تهذيب انهن جي مقابلي ۾ وڌيڪ سڌريل، وڌيڪ سجاڳ، وڌيڪ هنرمند، وڌيڪ پيداواري ۽ واپاري سماج هو، جو درياهن جي ڪپن (Banks) سمنڊن جي ڪنارن (Shores) سان وڌندو ويو. ان جا آثار ۽ اهڃاڻ سنڌ، بلوچستان، چولستان، ساهيوال، راجستان، ڪڇ ۽ گجرات وارن علائقن ۾ ملن ٿا. وڌيڪ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته سنڌو تهذيب جي هر ڪنهن مرڪز جي کوٽاين مان مٿين تهن مان بالغ ۽ منڍ يا ابتدائي سنڌو تهذيب جون باقيات حاصل ٿين ٿيون مگر هيٺين تهن مان جيڪي باقيات ملن ٿيون تن جو تعلق سنڌو جي وڌيڪ پراڻن ڳوٺاڻي سماجن جهڙوڪ: ڪوٽ ڏجي، آمري وغيره سان آهي، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌو تهذيب اڪيلي ۽ يڪسر نه اڀري آهي ۽ نه اوچتو مٿان ڪنهن ٻئي خطي مان نازل ٿي آهي. ان ڪري سنڌو تهذيب (Indus Civilization) بلڪل سؤ فيصد خالص ” ميڊ ان سنڌ“ آهي ۽ نه امپورٽيڊ يا ميڊائز سمير ۽ مصر آهي.

2. سنڌو تهذيب ۾ روح آهي، جان آهي زنده رهڻ جون صلاحيتون ۽ قوتون آهن. ان ڪري ان ۾ هڪ نه مٽجڻ وارو تسلسل آهي. هن تهذيب ۾ تاريخي لساني ۽ ثقافتي صدين وارا پراڻا مگر ساڳيا مضبوط پڪا ڪيل يعني ڪنساليڊيٽيڊ (Consolidated) عنصر (Elements) ۽ اثر(Effects and Impressions) ۽ ارڪان (Traits) موجود آهن جيڪي شعوري ۽ لاشعوري طور اڄ به سنڌي پنهنجي ٻولي، ثقافت، سماجي، زرعي ۽ ٻين ريتن ۽ رسمن ۾ سانڍيو کڻندا ٿا اچن ۽ بنيادي سنڌين جي رهڻي ڪهڻي، اٿڻ ويهڻ، کاڌي پيتي ۽ روزمره جي ڪمن ڪارين ۾ صاف ڏسڻ ۾ اچن ٿا. جيتوڻيڪ سائنسي ايجادن انهن ۾ ڪي قدر تبديلي آندي آهي، جو هڪ سڀاويڪ عمل آهي.

3. سنڌي تهذيب جي منڍ وارن ننڍن ننڍن ڳوٺاڻن گڏيل سماجن جا ۽ پوءِ سڌريل شهري سماج جا خالق ۽ معمار بنيادي طور، بنيادي سنڌي ڳوٺاڻا آهن، جن سنڌ جي زمين، پاڻي، آبهوا ۽ ٻين قدرتي نعمتن، ماحول ۽ حالتن (Atmosphere and environment) مطابق، پاڻي کي هر دور ۾ ٺهڪائي، آهستي آهستي ذهني شعور ۽ جسماني طاقت موافق، سماجي ارتقا جون منزلون طئي ڪيون. تاريخ ۾ انهن آئبري جينيز (Aborigines) کي ڪول، ڀيل، سنٿال، منڊ ۽ دراوڙ ڪري لکيو ويو آهي. سماج انهن کي شڪاري، هاري، ناري، مهاڻا، ميربحر، ڪنڀار ۽ ڪاريگر ڪري سڏيو آهي، پر اها حقيقت پنهنجي جاءِ تي اٽل ۽ ابدي سچ (External truth) آهي ته سنڌوماٿري ۾ صدين کان رهڻ وارا بنيادي سنڌي هئا ۽ اُهي ئي سنڌو ٿي سڀني تهذيبن (Cultures and Civilizations) جا خالق ۽ معمار آهن.

آخر ۾ قديم آثارن جي ڏيهي ۽ پرڏيهي ماهرن کي عرض ڪندس ته سنڌو تهذيب جي مختلف پهلوئن تي غور ۽ فڪر ڪرڻ سان گڏ سنڌي ٻولي ۽ ثقافتي ورثي جو، ڳوٺاڻي سماج ۽ ماحول جو به مطالعو ڪن. مثال طور: اها هڪ بلڪل نئين ۽ نڪور دريافت ٿي آهي ته موهن جي دڙي ۾ جيڪو اسٽوپا ۽ آسپاس وارو شهر (Citadel)  آهي اهو سرن جي پليٽ فارم مٿان تعمير ٿيل آهي. حقيقت ۾ اسان وٽ اها ڪا نئين ڳالهه نه آهي. اسان وٽ اهي ننڍا وڏا ڳوٺ جن کي هر وقت ٻوڏ جو خطرو پي رهيو آهي، سي مڏن (Plies) مٿان اڏيل آهن ۽ اسان انهن مان ڪن کي ”ماڏو“ نالو رکي سڏيو آهي. بوبڪ شهر اڄ به ان تاريخي حقيقت لاءِ ثبوت طور موجود آهي. ان کان سواءِ قديم آثارن وارن ماڳن جا نالا به درست ڪري لکيا وڃن. پوکڻ باران ماٿري ۾ واقع آهي ۽ رڪارڊن ۾ ان کي پوکدان لکيو ويو آهي وغيره. ان کان سواءِ قديم آثارن جي ماڳن لاءِ به جوڳا اُپاءَ ورتا وڃن. ٻي صوت ۾ دادو ضلعي ۾ لهڻ دڙي ۽ سانگهڙ ضلعي ۾ دڙي وانگر ڪيترائي ٻيا شاهوڪار ماڳ انساني هٿ چراند جي ڪري مٽجي ختم ٿي ويندا ۽ اسان مکين وانگر مٿو پٽيندا ئي رهجي وينداسين. ساڳئي وقت قديم نالن کي نه بدلايو وڃي. ائين ته اسان پنهنجي تاريخ کي پاڻ ڪهندا رهنداسين، جو زنده ۽ باوقار قومن جو شيوو نه آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org