سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: موهن جو دڙو

باب:

صفحو: 12

رحيمداد خان مولائي شيدائي

موئن جي دڙي واري قديم تهذيب

دنيا جي متمدن قومن جي تاريخ، تهذيب، رسم ۽ رواج، هيئت ۽ سماج، جسماني ۽ دماغي ترقين، معاشرت جي مدارج، صنعت ۽ حرفت، اعتقادن ۽ جغرافيائي حيثيت تي بيشمار معلوماتي سرمايو گڏ ٿي چڪو آهي. روزمره اخبارن ۽ رسالن ۾ انهن متعلق اسين بيشمار ليک پڙهي رهيا آهيون. يونان، روم، مصر، عرب، بابل ڪلديا، ايران ۽ هندي تمدن کان اسين واقف آهيون. مگر وطن مالوف سنڌ جي تمدن کان ايترو واقف نه آهيون، حالانڪه مٿين قومن جي مقابلي ۾ سنڌي تمدن جو معيار ڪنهن به صورت ۾ گهٽ ڪونه آهي. حقيقت ۾ اسان سنڌين جي تمدن جي تاريخ گهڻي دلچسپ آهي. ان جو مکيه سبب هي آهي ته تمدن سنڌ متعلق اڄ تائين اهڙو ڪو به ڪتاب شايع ڪونه ٿيو آهي، جنهن مان هر دور جي خبر پئجي سگهي. سنڌين جو تمدن 5000 ورهيه ق.م جهونو آهي، جو عراق ۽ مصر سان مقابلوڪندو هو ۽ جنهن جي روشني مغربي ايشيا تائين پکڙجي ويئي. هتي جي رهاڪن جي هنر ۽ واپار جو اثر متمدن دنيا تي هر دور ۾ پوندو رهيو.

هاڻي سوال آهي ته اهڙي عظيم الشان تمدن جو بنياد ڪيئن پيو ۽ ڪيئن سنڌين اهڙي عظيم الشان حڪومت قائم ڪئي؟ سندن انحطاط جا ڪهڙا اسباب هئا؟ اهي اهڙا سوال آهن، جن جي جواب ڏيڻ کان اسان جون تاريخون قطعي خاموش آهن؟ تنهن جي معنيٰ ته اسين تحقيقات ڪرڻ ڏانهن اڃا رجوع ڪونه ٿيا آهيون. اڄ اسان وٽ جيڪو تحقيقاتي سرمايو آهي، سو مغربين معرفت اسان وٽ پهچي ٿو. حالانڪه مغربين هن وقت جيڪا ترقي ڪئي آهي، ان ترقيءَ مشرق ۾ جنم ورتو. دور ماضي ۾ جيڪي به عظيم الشان واقعات رونما ٿيا، تن جي ڪنجي به مشرق جي زمين آهي، دنيا ۾ هن وقت جيڪي به مذهب رائج آهن، تن مشرق ۾ جنم ورتو. اڄ ميمفس، ٿيبس، صور، نينويٰ، موئن جو دڙو، ٽئڪسلا، سرناٿ، ڪارلي، گيا ۽ سانچي، جيڪي اڳ تهذيب جا علمبر دار هئا، سي بلڪل خاموش آهن ۽ مشرق ۽ مغرب ۾ وڏي وڇوٽي پيل آهي.

سنڌ جي قديم رهاڪن جا نالا مورخن ۽ محققن بينا، ٽاڪ، مينا ۽ نابميا ڏنا آهن. سندن اوزار پٿرن جا هئا، آثار قديمه جي ماهرن اهي شيون حب کان وٺي الور تائين ڳولي هٿ ڪيون آهن. سندن فيصلي موجب انهن قومن جو گذران مڇي تي هو. (1) مسلمان مورخن فقط ايترو لکيو آهي ته سنڌ ۽ هند ٻه ڀائر هئا، جن جي نالن ڪري سنڌ ۽ هند نالا پيا، حام بن نوح عليه السلام جا فرزند هئا. (2) هي زمانو حجريه سڏجي ٿو جڏهن انسان غارن ۾ رهندا هئا. سندن هٿيار نرم پٿر جا گهڙيل ۽ اڻ گهڙيل هئا. سندن گذران مڇين ۽ چوپائي مال جي شڪار تي هو. مٿيون ڳالهيون ان زماني جون آهن جڏهن موئن جي دڙي جي دنيا کي خبر ڪانه هئي ته واديءِ سنڌ جي مٽيءَ هيٺان ڇا ڇا پوريل آهي.

مصر جي وحشي، قبطين، باب، اشور ۽ ڪلديا جي سيما طيقي قومن، ايرانين، يونان ۽ روم جي قومن ترقيءَ جون منزلون طئي ڪيون. انهن قومن مان مصرين، عراقين ۽ يمن جي حميرين ۽ سبائن جي ترقيءَ جو مدار نيل، فرات، دجله ۽ يمن جي سد-عرم تي منحصر هو، جن دريائن ۽ پاڻي جي بندن ڪري تجارت، صنعت ۽ زراعت ۾ بهرو ورتو. سندن علمن ۽ فنن کان فنيقيا، يونان ۽ رومن روشني ورتي. ساڳيءَ طرح سنڌو جي وجود ڪري، هتي جي قديم قومن ترقي ڪئي هئي. سنڌ ۾ اٽڪل سٺيڪو قديم آثار آهن. جهڙوڪ: ونجوٽ، الور ۽ ٻڌڪي ٽڪري (روهڙي کان 3 ميل پري ڏکڻ اوڀر طرف) ليمو جو دڙو (شڪارپور کان 40 ميل الهندي)، باڊهه جو دڙو (موهن جي دڙي کان 5 ميل الهندي)، لوهم جو دڙو، (ٺارو شاهه کان 15 ميل الهندي)، برهمڻ آباد (شهدادپور تعلقو)، ڪاري (ڪوٽڙي کان 8 ميل ڏکڻ)، ڪاهو جو دڙو (ٿرپارڪر)، ڀنڀور (ٺٽي کان 20 ميل الهندي)، گجو (ٺٽي کان 10 ميل الهندي). عامري (سيوهڻ کان 8 ميل ڏکڻ وغيره جهونا آثار آهن، مگر اهي ٻڌ جي زماني جا آهن. منجهائن مهرون، سڪا، زيور، برتن ۽ ٻيون شيون هٿ لڳيون آهن.

موئن جي دڙي واري تهذيب، جا ڪلديا، عراق ۽ مصر جي تمدن جي همعصر هئي. 250 ورهيه ق.م تائين جاري رهي. اهو دڙو سنڌ جي باغ پرڳڻي ۾ لاڙڪاڻي کان 25 ميل اتر ڏکڻ ۾ ۽ ڏوڪري اسٽيشن کان 7 ميل پري الهندي ناري ۽ مهراڻ جي وچ ۾ 240 ايڪڙن ۾ پکڙيل آهي ۽ 70 فوٽن جي بلنديءَ تي آهي. (3) چيو وڃي ٿو ته اهو دڙو قديم زماني جي ويران ٿيل هڪ شهر يا گهڻن شهرن جي قطار جو هڪ ڀاڱو آهي. ڀانئجي ٿو ته اڳ اتان سنڌو نديءَ جو وهڪرو هو، جنهن جي ڪناري تي قديم سنڌين جا مندر هئا، جي هن وقت دڙن جي صورت ۾ پکڙيا پيا آهن. موئن جي دڙي جي کوجنا ڪرڻ کان اڳ قديم آثارن جي ماهرن جي نظر ۾ ٽئڪسلا، پاٽنا، رانچي، ڀلسيا، سرناٿ، مٿرا، گيا، ايجنٽا ۽ مدورا جا آثار جهونا شمار ٿيندا هئا. سنڌو ۾ سڀ کان پهريان جهونن شهرن مان الور، برهمڻ آباد، ڪاهو جي دڙي ۽ ٻين دڙن جي کوٽائي جوڪم قدري ڪيو ويو هو. باقي موئن جي دڙي جو پتو اگرچه محڪمه آثار قديمه وارن کي اڳ ۾ ئي هو مگر ان جي کوٽائي جو ڪم مسٽر آر-جي بئنرجي 1922ع ۾ شروع ڪيو، جنهن ڪري ڪيتريون جهوني دنيا جون شيون دستياب ٿيون آهن. (4)

هي به ظاهر آهي ته سنڌ تي مسلمانن جي ڪاهه کان اڳ سنڌ جي تاريخ جو ڪو به پتو ڪونه هو. مگر هن دڙي جي کوٽائيءَ مان سنڌ جي جهوني اتهاس تي ڪجهه قدر روشني پوي ٿي. (5)

لڌل شيون:

سڀ کان پهريائين موئن جي دڙي ۾ جنهن ڦٽل جاءِ مسٽر بئنرجي جو ڌيان ڇڪايو، سو ٻڌ ڌرم جو هڪ مندر هو، جتان هن کي ڳولها ۾ هڪ پٿر جي ڇري، جا چقمق مان ٺهيل هئي، هٿ آئي. ان کانپوءِ هن ٽي هنڌ مقرر ڪري 1922ع ۽ 1923ع ۾ سردي جي موسم ۾ کوٽائي شروع ڪئي. هن کي گمان ئي ڪونه هو ته ڪو هتان پنج هزار ورهين جون جهونيون تاريخي شيون هٿ اينديون، جي ماڻهن جي دل تان هميشه لاءِ لهي چڪيون هيون. سڀ کان وڏي دڙي جي کوٽائي وقت ٻڌ ڌرم جي هڪ مندر جي چوٽيءَ تي هڪ نقارو هٿ آيو، جنهن مندر جون ديوارون سنڌو نديءَ جي مٿاڇري کان ڇائيتاليهه فوٽ اتاهيون هيون. مندر جي چؤطرف عبادت گذارن جا حجرا هئا ۽ وچ ۾ مندر جي عمارت هئي. مٿي چڙهڻ لاءِ هڪ چونئري مان ڏاڪڻ آهي جا ٻئي طرف کان هيٺ لهي ٿي. انهيءَ مندر جي وچ ۾ هڪ پليٽ فارم آهي جنهن جي ويڪر 63 فوٽ ۽ ڊيگهه 71 فوٽ آهي. پليٽ فارم جي چوڌاري ڪيري جا ڍير لڳا هئا جنهن مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته مندر باهه لڳڻ ڪري ويران ٿي ويو آهي. مندر تي نقاشي جو ڪم ڪيل هو ۽ اها چٽسالي ساڳي نموني جي آهي جا سر آلرسٽين صاحب کي چينائي ترڪستان جي ڪن هنڌن جي کوٽائي ڪندي ڏسڻ ۾ آئي. ان باري ۾ سر آلرسٽين، مسٽر هار گريوز چينائي ترڪستان، نال، ميهي ۽ ڪولي (Kuli) رياست ڪلات جي آثارن مان معلوم ڪيو ته سنڌ جي تهذيب ايران جي مٿانهين پٽ تائين رائج هئي. (6) مسٽر اين – جي مجمدر جي جنهن محڪمه آثار قديمه پاران 1927ع کان 1931ع تائين سنڌ جي ضلعن جو ٻن هزار ميلن ۾ دورو ڪري آثار ڳولهي لڌا، جن جو بيان مٿي ڪري چڪا آهيون، تنهن جي رپورٽ موجب اهي موئن جي دڙي وانگر جهونا آهن. (8) مگر موئن جي دڙي کان سواءِ ٻين آثارن جون شيون ڪاٺياواڙ، لمبڊي ۽ رامپور رياست جي آثارن مان نڪتل شين سان مشابهت رکن ٿيون. موئن جي دڙي واري مندر جي نقاشي اهڙي سٺي ۽ پائدار نموني جي آهي جو هزارها سالن گذرڻ ۽ برساتن پوڻ ۽ اُس لڳڻ ڪري به ان کي نقصان ڪونه رسيو آهي، جنهن مان انهيءَ زماني جي سنڌين جي ڪاريگري جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ديوارين جي گچ تي ڪي اکر خروشتي زبان ۾ لکيل آهن، جا هندوستان، پنجاب، سنڌ ۽ ايران ۾ به رائج هئي.

چئن زمانن جون عمارتون:

مسٽر بئنرجي موئن جي دڙي بابت جيڪا سرڪاري رپورٽ پيش ڪئي هئي، تنهن ۾ ڏيکاريل اٿس ته وڏي دڙي جي کوٽائيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته ان ۾ مختلف چئن زمانن جون عمارتون موجود آهن. کوٽائي ڪندي مٿان مٿان جيڪي سڪا هٿ آيا آهن تن تي ڍڳن جي مورتي آهي. جا راجا واسديو پهرين جي راڄ ۾ چالو هئي ۽ مندر جون ديوارون به انهيءَ ساڳئي زماني جون آهن ۽ ان جي هيٺان اهڙي زماني جا سڪا هٿ آيا، جن تي ڪجهه به لکيل نه هو. ان کانپوءِ وري نئين زماني جون ديوارون ڏسڻ ۾ آيون. جتان هزارين ٿلها چوڪنڊا پتل جا سڪا لڌا ويا، جي ٽئڪسلا ۽ عراق جي دڙي مان لڌل سڪن سان ملن ٿا. ان کان پوءِ بلڪل اوائلي زماني جون ديوارون ملن ٿيون،  جي تمام هيٺ بيٺل آهن، جتان 4 ٿلها سڪا ۽ 2 انچ ڊگها لڌا ويا آهن. ان  کان اڃا هيٺ کوٽائي ڪندي اهڙيون شيون مليون جن جو لاڳاپو حجري (پٿر) جي زماني سان آهي. انهيءَ مندر جي پاسن جي کوٽائيءَ مان چقمق، پاهڻ جا ٽڪر، سنگ مرمر جا ڍارا، سنگ مرمر جون دريون، ڪچ جون ڪنگڻيون ۽ ٻيا زيور مختلف پٿرن جا مليا. پوريءَ لڪڙيءَ جون نليون لوهه جون شيخون ۽ جدا جدا نمونن جي ٺڪرن جا ٿانوَ به لڌا ويا آهن. ٽئين زماني جي ديوارن وٽان موتين جا لسا ۽ چمڪندڙ ٽڪر مليا آهن. اتان هڪ اهڙي مورتي ڏاڙهي ۽ اڀي ٽوپي سان ملي آهي، جهڙي ٽئڪسلا جي دڙي مان هٿ لڳي هئي. شهرن جون ڪشاديون ناليون ۽ پاڻي جي نيڪال لاءِ زمين دوز ناليون، جاين اندر کوهه، پبلڪ جي وهنجڻ لاءِ تلاءَ. اهي ڳالهيون ثابت ڪن ٿيون ته تاريخ جي زماني کان گهڻو اڳ قديم سنڌي، فنِ عمارت سازيءَ کان پوريءَ طرح واقف هئا. جيئن سر جان مارشل لکي ٿو ته :

”اسان کي اوچتو هيءَ ڳالهه معلوم ٿي آهي ته پنج هزار ورهيه اڳ سنڌ ۽ پنجاب جا ماڻهو متمدن ماڻهن وانگر خوبصورت  پڪن شهرن ۾ رهندا هئا. سندن تمدن، هنر ۽ ڪاريگري بلند درجي تي پهتل هئي. سندن اکر لکڻ جو نمونو به سڌريل ڍنگ جو هو. انهيءَ شهر جي پتي لڳڻ کان پوءِ ساري دنيا ان شهر ۽ اتي جي لڌل شين ۾ دلچسپي وٺي رهي آهي.“(8)

جيئن مصر جي ڊيلٽا تي ميمفس هيٺانهين مصر جو تختگاهه هو ۽ مصر جي سري ۾ ٿيبس تختگاهه هو. تيئن سنڌ جي ميدان جي ڏاکڻي ڀاڱي ۾ موئن جو دڙو برک شهر هو ۽ پنجاب ۾ موئن جي دڙي کان ٽن سون ميلن تي مانٽگومري ضلعي ۾ هڙپا سنڌ جو ٻيو نمبر وڏو شهر هو، جنهن جي تهذيب موئن جي دڙي سان مشابهت رکي ٿي. هي شهر موئن جي دڙي وانگي پڪين سرن جو جڙيل هو. قديم زماني وارن سنڌين جي فنِ معماري لاءِ مٿين ٻن شهرن ۽ ٻين ويران شهر کان سواءِ کيرٿر جبل جي وادين ۾ ٽڪرين جي وچ ۾ اسان وٽ پٿرن جا بند موجود آهن. ان قسم جا بند سڄي بلوچستان ۾ خاران تائين موجود آهن، جن کي بلوچستان جا رهاڪو .ڪافربند“ يا “ گبر بند“ چون ٿا (9) سنڌين اهي بند مينهن جي پاڻيءَ کي روڪڻ لاءِ تعمير ڪيا هئا. هن بيان مان صاف ظاهر آهي ته تاريخ جي زماني کان اڳ، اڄ ڪلهه جي هارين کان سنڌي هاري گهڻو محنتي هئا. پاڻيءَ کي بندن ذريعي روڪڻ ۽ آبپاشيءَ جي فن کان واقف هئا. سنڌ جي آبادي جو مدار مهراڻ کان سواءِ مينهن تي آهي.

لاش دفن ڪرڻ جي رسم:

مسٽر بئنرجي هي به معلوم ڪيو آهي ته انهيءَ زماني ۾ مُردن کي دفن ڪيو ويندو هو، جنهن مان ظاهر آهي ته جهوني زماني جا بت پرست لاشن کي دفن ڪندا هئا ۽ ساڙڻ جو زمانو پوءِ شروع ٿيو. سر جان مارشل مردن کي دفنائڻ جا ٽي نمونا ڏيکاريا آهن: (1) پوري لاش کي دفن ڪرڻ (2) لاش جي ڪنهن حصي کي پورڻ (3) ساڙڻ کان پوءِ دفن ڪرڻ، 1924ع ۾ ڊاڪٽر ايس-ڪي-چئٽرجي قديم لاشن کي دفنائڻ جا چار نمونا ڏيکاريا آهن: (1) سرن جي ڪوٺي وانگر قبر ٺاهي ان ۾ دفن ڪرڻ (2) لاش کي صندوق يا مٽي جي آهر ۾ بند ڪري پورڻ (3) گنديءَ ۾ پورڻ (4) سڙيل هڏيون ۽ لاش جي خاڪ کي ٿانو ۾ وجهي پورڻ. هندن جي مقدس ڪتاب ”ويد“ ۾ مُردن جي دفن ڪرڻ جا اهي سمورا نمونا موجود آهن.

موئن جي دڙي مان ڪڻڪ، جَوَ، ململ جو ڪپڙو، ڳڙ جهڙي هڪ شيءِ ۽ ٿانون جا قسم مليا آهن، جي لاش سان گڏ دفن ڪيا ويندا هئا. شايد انهيءَ زماني جي ماڻهن جو قديم مصرين وانگر خيال رهيو آهي ته مئي کان پوءِ روح کي انهن سڀني شين جي ضروت پوي ٿي، جي حياتي ۾ ان لاءِ گهربل آهن، جنهن ڪري قديم مصري مُردن سان زندگي جون سموريون ضروري شيون دفن ڪندا هئا. ڪن قبرن مان اهڙا هٿيار به هٿ لڳا جي مصر ۽ ڪريٽ ۾ جهونين قبرن مان مليا آهن. ڪن قبرن مان پٿر جي ڪهاڙين جا ڦر ۽ سنگ مرمر جا لٺين جا مُٺيا مليا. ڪن قبرن مان اهڙا لاش مليا جن جي هڏن تي ٽامي جا زيور پاتل ها. جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته لاشن کي زيورن سميت دفنايو ويندو هو. ڪن قبرن مان ڪنجهي ۽ پتل مان ٺهيل پيالا به لڌا آهن. معلوم ٿئي ٿو ته اهو اهڙو زمانو هو جڏهن سنڌي، ڌاتن جو عام جام استعمال ڪندا هئا. (9)

حواله ۽ حاشيه

cousens. H. Antiquities of sindh. P. 41 1929, Elliot. H. (Dowson). History of India, vol. 1. P. 503 London 1867.

ايلٽ صاحب انهن کي پوءِ جي زماني جا سٿين ڏيکاري ٿو، جيڪي خراسان کان نڪري سنڌ م وارد ٿيا. ڪرنل جيمس ٽاڊ تاڪ (تڪشت) قوم بابت لکي ٿو ته اها پاڻ کي ناگابنسي جو نسل راجپوت سڏائڻ لڳي.

J. Tod: The Annals and Antiquities of Rajistan, Vol. I, P. 53, Calcuta 1867.

(2) مير علي شير قانع ٺٽوي، تحفة الڪرام، جلد 3، مطبع ناصري، بمبئي

(3) James L.T Hugh Report on the pargona of Chanduka in upper Sind Sel, Rec, Bom, Govt No. VIII part II PP 711-12

 (4) ڊاڪٽر بئنرجي 1918ع کان وٺي 1922ع تائين سنڌ ۽ پنجاب ۾ هن ارادي سان کوٽائي جو ڪم شروع ڪيو ته سڪندر اعظم 324 ق.م ۾ سنڌ مان موٽيو هو ته هن جيڪي 12 ٿنڀا نصب ڪري مٿن يوناني ۽ هندي زبانن ۾ ڪتبا لکرايا هئا، تن کي ڳولهي لهي. مسٽر بئنرجي بهاولپور رياست کان وٺي جتان هاڪڙو نديءَ جو وهڪرو معلوم ٿئي ٿو، ويندي  کيرٿر جبل جي قطارن تائين 18 جاين تي سنڌو نديءَ جي جهوني وهڪري جا رخ معلوم ڪيا. اپر سنڌ جي سکر ۽ لاڙڪاڻي ضلعن ۾ 28 وڏن ۽ 53 ننڍن ويران ڳوٺن جو پتو ڪڍيو. اهي ٻڌ جي زماني جا هئا ۽ نڪتل سڪا عيسوي ٻي صدي جا هئا.

(5) هندو دعويٰ ڪن ٿا ته ويد ۽ پر ان سندن جهونيون تاريخون آهن ۽ وٽن نلندا يونيورسٽي هئي. هندن جي دعويٰ غلط آهي، ڇو ته هندوستان ۾ فنِ تاريخ جي ابتدا مسلمانن کان ٿي. ويدن ۽ پرانن جا بيان محض ڏند ڪٿائون آهن. نلندا يونيورسٽي ۾ تعليم زباني هئي. لکڻ جو رواج ڪونه هو. (تمدن – هند، از ڊاڪٽر گستائولي بان ) مترجم سيد علي بلگرامي، حيدرآباد دکن.

(6) Stein Sira Joua, Roy, Arch Soc. Vol. Lxix 1934 Calcuta.

(7) Mujmuder, N.G: Exploration in sind, Mem, Arch  Sura, Ind, No : 48 P.P 145-154 (1934)

(8) Illustrated London News: September 20,1924 London.

(9) مصري لوڪ مُردن کي طبيبن وٽ کڻي ويندا هئا. اُهي دوائن ذريعي مردن جو ميڄالو نڪ ذريعي ڪڍي، پيٽ چيري، آنڊا ڪڍي، مردن کي کجور جي شراب سان ڌوئي ڪي ڏهاڙا دوائون ڏيئي رکندا هئا. پوءِ نير ۾ ٻڏل باريڪ ڪپڙي جون پٽيون مُردي کي ويڙهي احرامن ۾ رکندا هئا ۽ پنهجي مذهبي عقيدي موجب زندگيءَ جون ضروري شيون به مُردي سان گڏ دفنائيندا هئا. بادشاهن جي ممين سان قيمتي شيون پوريندا هئا. يورپ وارن انهن کي کوٽي اهي قيمتي شيون هٿ ڪيون آهن، جي سندن عجائب خانن ۽ مصر جي عجائب خاني ۾ رکيل آهن.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org