ڊاڪٽر غلام علي الانا
موهن جي دڙي واري ٻولي
موجوده دور ۾ سنڌي ٻولي جي بڻ بڻياد تي راءِ قائم ڪرڻ لاءِ
دراصل نئين سر سوچڻ ۽ نئين سر ڦولها ڪرڻ جي گهڻي
ضرورت آهي، ڇو ته هيستائين فقط هن نظرئي جي
روشنيءَ ۾ ڇنڊڇاڻ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي ته
سنڌي ٻولي آريائي خاندان جي هڪ شاخ آهي، پر ڪڏهن
به هن نظرئي تي سوچڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي وئي آهي ته
سنڌي ٻوليءَ جي ڪنهن غيرآريائي ٻوليءَ سان به ناتو
يا نسبت ٿي سگهي ٿي.
پراڪرت جي وياڪرڻ جي ماهرن برصغير جي ڏيهي ٻولين جو تمام گهرو
مطالعو ڪيو آهي. انهن ويا ڪرڻين جي راءِ موجب ڏيهي
ٻولين ۾ لفظن جو جيڪو به مواد موجود آهي، تنهن کي
چئن قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. جهڙوڪ: تتسم (سنسڪرت
لفظ) تدڀو (سنسڪرت جهڙا لفظ) (ديسي يعني آرين جي
آمد کان اڳ جي مقامي ٻوليءَ جا) ۽ وديشي يعني
پرڏيهي (ڌارئين ملڪ) لفظ (1). ماهرن جي انهيءَ
تقسيم مان ديسي لفظن وارو قسم ۽ انهن لفظن جو
ذخيرو برصغير جي لسانيات جي ماهرن لاءِ عموماً ۽
سنڌ جي لاءِ خصوصاً توجهه لائق آهي ڇاڪاڻ ته ديسي
لفظن جي ذخيري مان مراد، اهي لفظ يعني اُن ٻوليءَ
جا لفظ آهن، جيڪا آرين جي اچڻ کان اڳ سنڌ ۾
ڳالهائي ويندي هئي.
ڊاڪٽر ٽرومپ سنڌي ٻوليءَ ۾، جڏهن لفظن جي انهيءَ ذخيري يعني
”ديسي لفظن“ جي ذخيري جو مطالعو ڪيو، تڏهن کيس
پنهنجي پهرين راءِ (سنڌي سنسڪرتي ٻولي آهي تي وري
سوچڻو پيو، ۽ کيس پنهنجي اها راءِ بدلائڻي پيئي.
هن پنهنجي ڪتاب، ”سنڌي گرامر“ ۾ هيءَ راءِ قائم
ڪئي ته:
”ٻئي طرف اسان لفظن جو ڪجهه اهڙو به ذخيرو هٿ ڪيو آهي، جنهن کي
قديم مقامي ٻوليءَ جا لفظ چئي سگهجي ٿو، جنهن
(ٻولي) جي نالي جو اڄ اسان کي پتو پئجي نٿو سگهي،
پر ممڪن آهي ته اها قديم ٻولي تاتار خاندان (tatar
stock)
جي شاخ هئي ۽ جا آرين جي اچڻ کان اڳ پوري برصغير
تي ڇانيل هئي، ڇاڪاڻ ته برصغير جي مڙني ٻولين ۾
ساڳئي قسم جو غيرآريائي ذخيرو موجود آهي، جنهن کي
پراڪرت جي پراڻي ويا ڪرڻين ”ديسي“ (provincial) لفظ سڏيو ويو آهي“ (2).
ڊاڪٽر ٽرومپ جي هن راءِ ڏيهي ٻولين تي تحقيق ڪندڙن جي وڏي مدد
ڪئي. دراوڙي ٻولين جي ماهر ۽ ان وقت جي مشهور محقق
ڊاڪٽرت ڪالڊوي، ڊاڪٽر ٽرومپ جي هن راءِ کي
پنهنجيءَ دعويٰ جي دليل طور ڪم آندو. ڊاڪٽر
ڪالڊويل پنهنجيءَ مشهور تصنيف
a comparative grammar of the dravidian or south
indian family of languages
۾ لکي ٿو:
”ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرومپ پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جو گرامر“ ۾ لکيو
آهي ته اُتريون صوبائي ٻوليون غيرآريائي عنصر رکن
ٿيون. هن جي خيال موجب هن ڪجهه اهڙو ذخيرو به هٿ
ڪيو آهي جيڪو هتي جي مقامي ٻوليءَ جو آهي، جنهن جي
نالي جي خبر نه آهي، جيڪا ممڪن آهي ته تاتار
خاندان مان هئي، جيڪا آرين جي اچڻ کان اڳ سڄي
برصغير تي ڇانيل هئي.
اها مقامي ٻولي ويجهڙائيءَ واري زماني ۾ ”سٿين“ خاندان جي چئي
وڃي ٿي، پر جنهن کي هو (ٽرومپ) تاتار خاندان جي
شاخ ڪوٺڻ وڌيڪ مناسب سمجهي ٿو.
ٽرومپ جي راءِ موجب اُهي لفظ جن ۾ مورڌني آواز اچن ٿا، انهن
لفظن جون ٽي پتيون ان غيرآريائي زبان جون نشانيون
آهن جيڪا هن خطي جي اصلي زبان هئي، جنهن کي ”سٿين“
سڏيو ويو آهي، پر جنهن ٻولي کي هو (ٽرومپ) تاتاري
ٻولي ڪوٺڻ وڌيڪ مناسب ٿو سمجهي.“(3)
ڊاڪٽر ڪالڊويل آرين جي آمد کان اڳ وارين برصغير جي غيرآريائي
ٻولين کي ديسي يا مقامي ٻوليون سڏيندي، لکي ٿو:
”ديسي ٻولين ۽ سنسڪرت جي ويا ڪرڻي سٽاءَ جي ڀيٽ ڪرڻ سان آءٌ هن
نتيجي تي پهتو آهيان ته اهي مقامي ٻوليون
غيرآريائي ٻوليون آهن ۽ بنا ڪنهن شڪ شبهي جي چئي
سگهجي ٿو ته اتر- هند جي ٻولين جو ويا ڪرڻ دراوڙي
ٻولين جي ويا ڪرڻ سان هڪجهڙائي رکي ٿو.(4)
ڊاڪٽر ڪالڊويل جي راءِ کي جديد تحقيق ۽ جديد کوجنا جي روشني ۾
نئين سر پرکڻ کان پوءِ ۽ سنڌيءَ ۽ مکيه دراوڙي
ٻولين(5) (تامل، تيليگو ۽ ڪناڙي) جي صوتي صرفي ۽
نحوي سٽاءَ جي مطالعي کان پوءِ اها دعويٰ ڪري
سگهجي ٿي ته: سنڌي ۽ دراوڙي ٻولين جي صوتي، صرفي
۽ نحوي سٽاءَ ۾ تمام گهڻي هڪجهڙائي آهي. ان هن ڏس
۾ ڪوپن هيگن جي انسٽيٽيوٽ آف ايشيئن اسٽڊيز جي
ماهرن ڊاڪٽرن پرپولا، سيموئل پرپولا وغيره ۽ روس
جي عالمن، ڪمپيوٽرن جي ذريعي موهن جي دڙي جي قديم
لکت کي پڙهڻ ۽ ڪاميابي حاصل ڪري، هن راز کي سلڻ جي
ڪوشش ڪئي آهي. انهن ماهرن جي دعويٰ آهي ته موهن جي
دڙي واري ٻولي دراوڙي ٻولين جي ماءُ ((PARENT
LANGUAe آهي، جنهن مان اهي دراوڙي ٻوليون اسريون آهن (6) هنن ماهرن ڪن
مهرن جون پڙهڻيون به ڏنيون آهن. ڪي اڄ به سنڌي
ٻوليءَ ۾ انهن جي ڪڍيل نتيجن ۽ پڙهڻ مان حل ڪيل
لفظن مان به عام آهن(7).
مثال طور:
بهرحال تازين کوجنائن مان اهو ثابت ٿيو آهي ته دراوڙي ٻولين جو
اصلي بنياد موهن جي دڙي واري ٻولي آهي. رشيئن ۽
ڊينمارڪ جي عالمن موهن جي دڙي جي مهرن واري لکت
پڙهڻ کان پوءِ اها دعويٰ ڪئي آهي ته موهن جي دڙي
واري ٻوليءَ جي صرفي سٽاءَ – لفظن جوڙڻ لاءِ
پڇاڙيون ملائڻ، عدد وغيره موجوده وقت واري سٽاءَ
سان هوبهو هڪجهڙائي رکي ٿي تنهنڪري انهيءَ دعويٰ
جي مدد سان اهو ثابت ٿيو آهي ته دراوڙي زبانون
موهن جي دڙي واري ٻوليءَ مان اُسريون هيون. هن
سلسلي ۾ محترم سراج به انهيءَ راءِ جو آهي ته سنڌي
ٻولي دراوڙي ٻولين مان هڪ آهي، جيڪي موهن جي دڙي
واري قديم ٻوليءَ مان ڦٽي نڪتيون آهن. سراج صاحب
جو رايو آهي-:
”هيل تائين سنڌي ٻوليءَ لاءِ جيڪي مفروضا قائم ٿيا آهن تن جو
فقط اهو سبب آهي ته ڪنهن به ماهر سنڌي ٻولي ۽
دراوڙي ٻولين جو تقابلي جائزو نه ورتو آهي. ان ڪري
هروڀرو سنڌي ٻوليءَ جي نحوي بناوٽن، اڳياڙين ۽
پڇاڙين ۽ لفظي جوڙجڪ کي سنسڪرت سان ڳنڍڻ جي ڪوشش
ڪئي ويئي آهي. جن زبانن کي هن وقت آريائي زبانون
چيو وڃي ٿو انهن سان به سنڌيءَ جا لاڳاپا رهيا
آهن. پر انهن جو اثر محض معاشرتي ۽ تمدني رهيو
آهي. جهڙوڪ سامي ٻولين، عربي وغيره جو رهيو آهي.
اهو اثر مذهبي لاڳاپن جي حدن اندر هڪ مخصوص دائري
۾ وڌندو رهيو آهي.“ (8).
سراج صاحب مهاڻا، ملاڻا ۽ ملاح دراوڙي ذاتيون سڏيندي بحث جو
اختتام ڪندي اهو نتيجو ڪڍيو آهي ته سنڌي دراوڙي
ٻولي آهي.
ڪنهن زماني ۾ هي نظريو عام هوندو هو ته آرين جي اچڻ وقت
سنڌوماٿر جون قديم قومون، خوف ۽ هراس وچان ڪي ڏکڻ
طرف ڀڄي ويئيون ته ڪي اوڀر طرف هليون ويئيون. اهو
نظريو هرگز قبول ڪري نٿو سگهجي ڇو ته آرين جي اچڻ
وقت سڀني ماڻهن جو ملڪ ڇڏي ڀڄي وڃڻ ۽ ڪنهن جو به
ملڪ ۾ نه رهڻ ممڪن نه آهي. سنڌ تي سدائين حملا
ٿيندا رهيا آهن. حمله آور قومون سنڌ ۾ هر دور ۾
اينديون رهيون آهن، پر ديسي ماڻهو سڀ ڪڏهن به ملڪ
ڇڏي ڀڄي ڪو نه ويا آهن. محمد بن قاسم جي فتح وقت
سنڌ جا ڪي لوهاڻا ڪٽنب سنڌ ڇڏي اوڀر طرف وارين
هندو رياستن- بيڪانير، جيسلمير، جيپور ۽ جوڌپور- ۾
وڃي ويٺا، پر اڪثريت سنڌ ۾ ئي رهي، جن مان ڪي
مسلمان ٿيا ۽ ٻيا پنهنجي هندو ڌرم تي قائم رهيا.
اهڙيءَ طرح آرين جي اچڻ وقت به ڪي ڪٽنب ملڪ ڇڏي
ويا هوندا، پر آباديءَ جي وڏي حصي آرين جي آڻ مڃي
هوندي ۽ پنهنجي ئي وطن ۾ رهڻ پسند ڪيو هوندو.
جيڪڏهن سڀ ماڻهو ملڪ ڇڏي ويا هجن ها ته پوءِ بروهي
قوم جو سنڌ ۽ بلوچستان ۾ وجود ئي نه هجي ها.
بروهين، اوڏن ۽ ٻين قديم قومن جو وجود ثابت ٿو ڪري
ته سڀ ماڻهو ملڪ ڇڏي ڪو نه ويا هئا. انهيءَ ڪري
قديم ديسي ماڻهن آرين جي تسلط هوندي به پنهنجي
ٻوليءَ ۾ پنهنجو روزانو ڪاروبار هلايو هوندو. سندن
روزانه زندگيءَ ۾، سندن ماحول اندر سندن ئي ٻولي
قديم سنڌي ٻولي- چالو رهي هوندي، جا کين سندن ابن
ڏاڏن کان، انهن کي انهن جي ابن ڏاڏن کان ورثي ۾
ملي هئي. البت هيءَ ڳالهه قبول ڪبي ته انهي قديم
ديسي باشندن جي ٻوليءَ تي آهستي آهستي آرين جي
ٻوليءَ جو اثر ضرور ٿيو هوندو. حاڪمن جي ٻولي هئڻ
جي ڪري، محڪوم ماڻهن يعني قديم رهاڪن آرين جي
ٻوليءَ جا ڪيترائي لفظ اُڌارا ورتا هوندا، پر ائين
ناممڪن آهي ته انهن قديم ماڻهن پنهنجي سڌريل ۽
مهذب ٻوليءَ کي بلڪل ڇڏيو هوندو، البت سندن ٻوليءَ
جو لفظي ذخيرو گاڏڙ بنجي ويو هوندو، پر ٻوليءَ جي
صرفي ۽ نحوي سٽاءَ ۽ آرين جي ٻوليءَ جو ايترو اثر
ترت ٿيو هوندو، جو مقامي ٻوليءَ جو موت آيو هجي،
يا اُها ٻولي ختم ٿي ويئي هجي، جيڪڏهن ائين ٿيو
هجي ها ته بروهڪي ٻولي به انهن سان گڏ ختم ٿي ويئي
هجي ها. بروهڪي ٻولي باوجود انهيءَ جي ته اها لکي
نٿي وڃي تڏهن به پاڻ کي زنده رکندي اچي.
هت اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي ته دراوڙي ٻولين ۽ سنڌي
ٻوليءَ جو سٽاءُ لڳ ڀڳ ساڳيو آهي.
سنڌي ٻولي جي صوتياتي، صرفي ۽ نحوي سٽاءَ جي دراوڙي ٻولين-
تامل- تيلگو ۽ ڪناڙي- صوتياتي، صرفي ۽ نحوي سٽاءَ
سان جڏهن ڀيٽ ڪجي ٿي ته تڏهن منجهن- سنڌي ۽
دراوڙيءَ ۾ - بيشمار هڪجهڙايون نظر اچن ٿيون ۽ هن
نتيجي تي پهچجي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ کي آريائي ٻولي
سڏڻ سچ پچ ته تاريخي حقيقت کي لڪائڻو آهي. سنڌي
ٻولي، آريائي زبانن کان آڳاٽي موهن جي دڙي جي زبان
۽ دراوڙي ٻولين جو اصلي بڻ بنياد آهي. جيئن روسي ۽
فنس (FINIS)
عالمن جو رايو آهي. حقيقت ۾ موهن جي دڙي واري قديم
”سئندو“ ٻولي (سنڌ جي ٻولي) تي، آرين جي اچڻ کان
پوءِ آريائي، پراڪرت، داردي ۽ پوءِ پالي ٻوليءَ جو
اثر ٿيو آهي. انهيءَ اثر جي باوجود پنج هزار سال
گذرڻ کان پوءِ به، سنڌي ٻولي پنهنجي پراڻي ۽
اصلوڪي غيرآريائي صوتياتي صرفي ۽ نحوي سٽاءَ ۾
سواءِ ڪنهن معمولي اثر جي ٻي ڪا به بنيادي تبديلي
ڪا نه آندي آهي، البت پراڪرتي ڌاتن ۽ لفظن جو وڏو
ذخيرو سنڌي زبان ۾ داخل ٿي ويو آهي ۽ انهن کي
موجوده وقت ۾ سڃاڻڻ مشڪل ٿي پيو آهي. ڪيترائي
پراڻا مقامي ڌاتو متروڪ ٿي ويا، انهن جي جاءِ نون
پراڪرتي ڌاتن ورتي، پر انهن اڌارن (تتسم ۽ تدڀو)
ڌاتن جي ڪري ٻوليءَ جي ڍانچي يا سٽاءَ ۾ ڪو به فرق
ڪو نه آيو آهي. (اصل تان مختصر ڪيل)
حوالا
(1) pischil, op.cit.p-97
(2)trump, op.cit, inroduction, p-111
(3)rev.robert
caldwell. “a comparative grammar of the
dravidian or south- indian family of languages.”
trubner co: ludgate holl. london. 1875
introduction.p-6
(4) ibid, p-59
(5) ڪالڊويل لکي ٿو ته، دراوڙي ٻولين جي خاندان کي
ڪنهن زماني ۾ يورپ جا ماهر (tarmuhan)
يا (tamulic) سڏيندا هئا، پر تامل، هڪ پراڻي ۽ مهذب ٻولي آهي.
(مهاڳ، ص-)
dravidan
لفظ
Dravida
مان ٺهيو آهي، اهو لفظ ڪنهن زماني ۾ تامل جي برابر
هو.
(6) the daily dawn sunday,july,20th,1969P_17
سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيترائي لفظ ملن ٿا. جن ۾ /ت/ حذف ٿي ويندو آهي.
/ن/ ۽ /ڻ/ جي تبديليءَ جا به گهڻائي مثال موجود
آهن.
(8) IBID,P_18 ALSO SEE:
ASKO PARPOLA, SEPPO KOSKENNIEMI, SIMO PARPOLA AND PENTTI
AALTO, DECIPHERMENT OF THE PROTO_DRAvIDIEN
INSCRIPTION OF THE INDUS CIVILIZATION, THE
SCANDINAVIAN INSTITUTE OF ASIAN STUDIES,
COPENHAGEN,1969, PP, 5, 15, 23, 29, 30.
iBiD, “PROGRESS IN THE DECIPHERMENT OF THE PROTO DRAVIDIAN
INDUD SCRIPT”, P_2
(9) GRIERSON, “LINGUISTIC SURVEY OF INDIA” VOL:I
PART_1,1927,P_130
(10) MARIO, A.PEI, “THE WORLDS CHIeF LANGUAGES GEORGE”
ALLEN & UNWIN, LTD, LONDON, THIRD EDITION, P_48
(11) CALDWELL,OP.CIT,P_57.
(12)ibid,
P_525-p-525
(13)
REF.1.INTRODUCTION P-64
(14)
GANKOVSKY,YU,V. “THE PEOPLES OF PAKISTAN”
PEOPLES PUBLISHING HOUSE,US.S.R ACADEMY OF
SCIENCES, DRAVARY 26,SHAHRAH_E_QUAID-AZAM,
LAHORE,P_33.
(15)
روزانه هلال پاڪستان ڪراچي،30 مئي 1972ع ص
5،6،13،۽ 20 جون، 1972ع،ص 5.
سراج الحق ميمڻ
سنڌي ٻولي
سنڌيءَ جي بڻ بڻياد بابت جيڪي نظريا اسان وٽ رائج رهيا آهن، تن
کان اوهين واقف هوندا. ان جي تفصيل ۾ وڃڻ آءٌ
ضروري ڪونه ٿو ڀائيان. جيڪڏهن ان جي تفصيل ۾ وڃڻ
گهرو ته محترم غلام علي الانا جو ڪتاب ”سنڌي
ٻوليءَ جو بڻ بڻياد“ ان موضوع تي هڪ نهايت علمي ۽
تحقيقي ڪتاب آهي. محترم عبدالجبار شام ”سنڌي ادب
جي مختصر تاريخ“ ۾ سمورن نظرين جو اختصار سٺي
نموني ۾ ڏنو آهي. البت اهو اختصار بنهه مختصر آهي.
بنيادي طرح ان بابت ٽي نظريا آهن: هڪڙو ڪلاسيڪي
نظريو، جيڪو ڪاڪي ڀيرو مل سان منسوب ڪري سگهجي ٿو۽
جنهن کي ڪافي عرصي تائين حتمي سمجهيو ٿي ويو ته
سنڌي سنسڪرت جي پراڪرتن مان وراچڊ اپڀرنش مان اسري
۽ ان جي مڪمل شڪل ڏهين يارهين صديءَ ڌاري سامهون
آئي. اهو نظريو سرگريئرسن ۽ ٽرنر جي آڌار تي اڏيو
ويو. جيتوڻيڪ ان نظرئي جو هڪ مڃيندڙ ڊاڪٽر ٽرمپ ان
بابت پنهنجي شڪ شبهي کي واضح لفظن ۾ بيان ڪندي
چيو ته سنڌيءَ جون ڪي خصوصيتون اهڙيون آهن، جيڪي
ان کي ان سٿ کان بنهه ٻاهر ۽ عليحده ڪري ٿيون
ڇڏين. ڪافي ورهين گذرڻ کان پوءِ، ان نظرئي جي بيٺل
پاڻيءَ ۾، سنڌ جي هڪ نامور ۽ عظيم محقق ڊاڪٽر نبي
بخش بلوچ پهريون پٿر اڇلايو. ڊاڪٽر صاحب سنڌي ادب،
تاريخ ۽ لسانيات جو هڪ اهڙو مينار آهي، جنهن جي
عظمت ۽ خدمتن کان انڪار ممڪن نه آهي.هن جيڪي ڪجهه
سنڌي ٻولي، ادب ۽ تاريخ کي ڏنو آهي، سو مون جهڙن
سوين سيکڙاٽن جي سڄي عمر جي ڪئي کان وڌيڪ آهي.
ڊاڪٽر صاحب جيڪو پٿر اڇلايو، ان جي نتيجي ۾ ئي
سنڌي جي بڻ بڻياد بابت نئين ذهن سان سوچڻ جي فضا ۽
تحريڪ پيدا ٿي. هن اهو نظريو ڏنو ته سنڌي سنسڪرت
مان ڪانه اسري آهي پر سنڌو ماٿر جي قديم ٻوليءَ
مان اسري آهي، جيڪا لاشڪ سامي_سٿ جي ٻولي هئي ان
ٻولي جي سٽاءَ ۾ سامي سٿ جي ٻولين يعني سرياني،
عبراني، حبشي ۽ عربي جا اجزاءَ آهن. البت ان جي
جزئيات ۾ ويندي ڊاڪٽر صاحب ڪي اهڙيون ڳالهيون ڪري
ويو، جي علمي ۽ سائنسي طرح تسلي بخش نه هيون.
مثلاً اهو ته عربيءَ جي اثر کان اڳ سنڌي ۾ حرف علت
نه هئا، جنهن لاءِ ڊاڪٽر صاحب هاڻ انهن ڳالهين کي
صحيح نٿو سمجهي. هڪ عالم جي اها ئي نشاني آهي ته
هو پنهنجي نظرثاني ڪرڻ لا۽ تيار هجي.
بهرحال ان وقت ڊاڪٽر صاحب جي پيدا ڪيل فضا ۽ تحريڪ جي نتيجي ۾
مون به سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد تي لکيو، جيڪو
”سنڌي ٻولي“ ڪتاب ۽ ان کان اڳ ۽ پوءِ وارن مضمونن
تي مشتمل آهي. منهنجي نظرئي جا ٽي بنيادي نقطا
هئا: پهرين ته سنڌي هن سر زمين تي ڄائي، نپني ۽
ٻاهران ڪانه آئي. ان بنياد تي سنڌي سنسڪرت کان اڳ
جي ٻولي آهي، جنهن جا آثار موهن جي دڙي جي کوٽاين
مان نڪتل مهرن تي موجود آهن. ٻيو سنسڪرت يا سامي
ٻولين جو اثر محض معاشرتي يا سماجي آهي، جنهن ۾
مذهب به شامل آهي. ان اثر هيٺ سنسڪرت ۽ عربيءَ جو
اثر پيو ۽ اسان جي ٻولي هزارين لفظن کڻي وڌيڪ
شاهوڪار ٿي. ٽيون ته بجاءِ ان افساني جي ته آريا
يا اهڙو ڪو نسل ٻاهران آيو، جيڪو نظريو يورپي ۽
خاص طور جرمن ذهن جي اختراع هو ۽ جنهن جا مقصد
سياسي هئا ۽ نه عملي. ان جي برعڪس آڳاٽي تاريخ جو
مطالعو اهو ٿو ڏيکاري ته هتان لڏپلاڻ ڪري قبيلا
اولهه توڙي اوڀر ڏانهن ويا ۽ جهڙيءَ طرح پوءِ جي
ايندڙ قبيلن جي ڪري اسان وٽ انهن جي ٻولين جي اثر
پيو، تهڙيءَ طرح سنڌيءَ جو قديم اثر ٻين زبانن تي
پيو هو. انهن ٽنهي نقطن تي مون پنهنجي ڄاڻ آهر،
ابتدائي مختصر خاڪا پڻ پيش ڪيا. سنڌي صوتيات يا
آواز ڪيئن وجود ۾ آيا، ان جو ابتدائي خاڪو مٽي
پاڻي باهه يا قدرتي عناصرن جي آوازن جي بنياد تي
پيش ڪيم. سنڌي جي بڻ بڻياد بابت اهو مفروضو پيش
ڪيم ته قديم سنڌي ٻولي
proto sindhi
قديم دراوڙي سٿ سان لاڳاپيل آهي، جنهن جا آثار
موهن جي دڙي جي هڙاپا جي مهرن تي موجود آهن ۽ ٽئين
نقطي لاءِ آرڪيالاجي توڙي لساني اثرن جو تقابل پيش
ڪيم.
آءٌ اهو ورجائڻ ٿو گهران ته مون مخص هڪ طالب علم جي حيثيت ۾
پنهنجي محدود ڄاڻ آهر، پنهنجي راءِ پيش ڪئي. ان
راءِ جي صحت يا غلطين جي نشاندهي ڪرڻ لاءِ گهڻائي
ماهر موجود هئا ۽ آهن. آءٌ البت ايترو چوندس ته
محترم ڊاڪٽر بلوچ جيئن ماٺي پاڻيءَ ۾ پهريون پٿر
هڻي ڳولا ۽ تحقيق جي دعوت ڏني ۽ فضا ۾ چوٻول پيدا
ڪيو ۽ ان تي وڌيڪ تلاش ۽ تحقيق جو دائرو وسيع ٿيو
۽ نوجوان ان ميدان ۾ دلچسپي وٺڻ لڳا. ان سلسلي ۾
آءٌ خاص طرح ٻين عالمن جو ذڪر ڪندس. محترم علي
نواز جتوئي، جنهن ڊاڪٽر صاحب جي حمايت ۾ منهنجي
چڱي لاک لاٿي. محترم غلام علي الانا، جنهن منهنجي
ڪيترين غلطين جي نشاندهي ڪرڻ سان گڏ ان نظرئي کي
اڳتي وڌايو ته سنڌي جو بڻ بڻياد اڃا ڳولا جو مستحق
آهي، ۽ شايد بنيادي طرح ان جو ڳانڍاپو دراوڙي سٿ
سان آهي جن جو بڻ بڻياد وري توراني ٻولين ۾ ڳولڻو
پوندو. پر وچ جي اهم ڪڙي موهن جي دڙي واري ٻولي
آهي. ڀارت ۾ ليليٰ رچنداڻي، لڇمڻ خوبچنداڻي، ڪرشن
جيٽلي ۽ ڊاڪٽر اجواڻيءَ به سنڌي ٻوليءَ تي قابل
قدر مضمون ۽ مقالا لکيا آهن.
هاڻ مک ڳالهه اها آهي ته موهن جي دڙي جي ٻولي ڪهڙي هئي؟ جڏهن به
ان تهذيب جي مهرن تي لکڻيون حتمي طرح پڙهيون ويون،
تڏهن ئي سنڌي ٻولي جي بڻ بڻياد بابت ڪا حتمي راءِ
قائم ڪري سگهبي ته ڇا اها سنڌيءَ جي ئي ڪا قديم
صورت هئي، جيئن آءٌ ٿو سمجهان يا ڪا اڃا ئي ٻي
ٻولي هئي. هت آءٌ مناسب ٿو سمجهان ته اوهان اڳيان
موهن جي دڙي جي ٻوليءَ بابت هلندڙ تحقيق جو مختصر
جائزو پيش ڪريان.
سڀ کان پهرين 1875ع ۾ هڙاپا مان لڌل هڪ مهر سر اليگز انڊر
ڪننگهم شايع ڪئي ۽ پراڻين هندستاني لپين جي مدد
سان ان تي لکيل لفظ کي ”لڇميه“ پڙهيائين، جيڪو هن
جي خيال ۾ گوتم ٻڌ جي زماني جي حرفن ۾ لکيل هو.
1886ع ۾ لانگورٿ ڊئس، جنهن بلوچ زبان تي بنيادي ڪم
ڪيو آهي، ٻه ٻيون مهرون هٿ ڪيون. اهي به هڙاپا مان
لڌيون ويون هيون ۽ مسٽر فليٽ
FLEET
1912ع ۾ شايع ڪيون. 1921ع ۾ هڙپا جي باقاعده
کوٽائي شروع ٿي ته ان مان ڪيتريون ئي نيون مهرون
لڌيون. 1922ع مسٽر آر ڊي بئنرجي موهن جي دڙي جي
کوٽائي شروع ڪئي، جنهن صاحب کي به اهڙيون ڪئين
مهرون مليون، جهڙيون هڙاپا مان مليو هيون. انهن
مهرن دستياب ٿيڻ سان دلچسپي انتها تي پهچي ويئي ۽
ٻنهي هنڌن تي باقاعدي وسيع پيماني تي کوٽايون شروع
ٿيون. انهن کوٽاين جون رپورٽون 1931ع کان 1940ع
تائين شايع ٿينديون رهيون. انهن رپوٽن ذريعي اٽڪل
اڍائي هزار لکيتون منظر عام تي آيو. 1935ع ۾
ارنيسٽ مئڪي چانهونءَ جي دڙي جي کوٽائي ڪئي، جنهن
مان 80 کن مهرون لڌيون.پنجاهه جي پهرئين ڏهاڪي ۾
مسٽر ايسن- آر راو هندستان ۾ گجرات جي لوٿل جي دڙي
جي کوٽائي ۾ ايڪهتر مهرون لڌيون. ان کان پوءِ سٺ
واري ڏهاڪي ۾ مسٽر بي_ ڪي ٿاپا راجسٿان ۾ ڪالي
ڀنگن جي هنڌ تان به اهڙيون ئي ڪجهه مهرون لڌيون.
اسان وٽ آرڪيالاجي جو کاتو مختلف وقت تي ڪن ڀڙن
جون کوٽائيون ڪندو رهيو آهي، ۽ ڪيئن اهم ۽ غير اهم
شيون، سنڌو سڀتيا جي ان دور سان لاڳاپيل هٿ ڪندو
رهيو آهي، جن مان شايد سڀ کان اهم ڪراچيءَ جي
ويجهو ”الهڏني جي ڀڙي“ مان موهن جي دڙي جهڙي هڪ
لکيل مهر آهي. هن وقت ان ڪم ۾ سڀ کان بنيادي اهم
ڪم ڊاڪٽر رفيق مغل ڪري رهيو آهي، جيڪو نه رڳو
کوٽائيون ڪري رهيو آهي پر سنڌو سڀيتا جي مختلف
هنڌن جي نشاندهي ڪري، هڪ اهڙو خاڪو يا نقشو تيار
ڪري رهيو آهي، جنهن مان ان تهذيب جي پکيڙ، ڦهلاءُ
۽ ڏس جو اندازو ٿي سگهي. تازو سچل سيمينار تي ان
سلسلي ۾ ڊاڪٽر رفيق مغل جو مقالو پڙهڻ وٽان آهي.
سنڌي تهذيب جون ڪجهه مهرون ميسوپوٽيميا مان لڌيون،
جيڪي سر جان مارشل 1924ع ۾ شايع ڪيون. هڪڙي اهڙي
مهر 1971ع ۾ مسٽر لئمرگ ڪارلو وسڪي کي ڏکڻ ايران ۾
ايلمائيٽ تهذيب جي هڪ دڙي جي کوٽائي ڪندي پڻ ملي
آهي. انهن سان لاڳاپيل مواد وري ايراني نار جي
علائقن ۾ به دستياب ٿيو آهي، جتي ڊئنش ماهرن
کوٽايون ڪيون. خاس طرح بحرين ۽ فليڪ جي کوٽاين مان
مليل مواد جي بنياد تي اهو خيال ڏيکاريو ويو آهي
ته موهن جي دڙي جي تهذيب وچ اوڀر ۾ ”دلمون“ جي
نالي سان مشهور هئي ۽ ان جي ماڻهن کي ”ملهه“،
”ميلهه“ ”ملوڪ“ يا ”ملوخ“ سڏيو ويندو آهي. لکتين
جو سمورو مواد فنلئنڊ جي ماهرن خاص طرح سان ڊاڪٽر
آسڪو پرپولا، سندس ڀاءُ سهيڙي ولا ۽
سيپوڪوسڪينميءَ، ڪمپيوٽر جي مدد سان سهيڙي،
matERIALS FOR THE STUDY OF THE INDUS SCRIPT. A
CONCORDANCE TO THE INDUS INSCRIPTIONS
نالي سان 83-1984ع ۾ شايع ڪيو ويو آهي. ان ڪتاب تي جيڪا محنت
ڪئي ويئي، ان جو اندزو فقط تحقيق ۽ کوجنا ڪندڙ
عالم ئي لڳائي سگهن ٿا ۽ اهو سندن تحقيقي ڪم جو
پهريون جلد آهي، جنهن جي بنياد تي هو موهن جي دڙي
جي لکيتن کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، هنن جو
وڌيڪ تفصيلي ذڪر اڳيان ڪندس. ان سلسلي ۾ ٻين
تحقيقن جو ذڪر به اڳيان ايندو.
موهن جي دڙي ۽ هڙاپا جي لکيتن کي پڙهڻ جي ڪوششن مان سڀ کان
پهرين ڪوشش جو ذڪر آءٌ ڪري آيو آهيان، جنهن ۾ سر
ڪننگهم هڪڙي مهرکي هندستان جي قديم لپين جي مدد
سان”لڇميه“ ڪري پڙهيو. جڏهن شروعاتي کوٽاين جون
رپورٽون شايع ٿيون، تڏهن سر جان مارشل پهرئين ان
کي ”انڊو- سميرين“ جو نالو ڏنو، ڇاڪاڻ ته سندس
خيال ۾ هنن لکيتن ۽ سميري لکيتن ۾ گهرو رشتو نظر
ٿي آيو. جڏهن وڌيڪ مواد شايع ٿيو، تڏهن هن اهو
خيال ڏيکاريو ته رگ – ويد ۾ ڪي اهڙا قديمي عنصر
ملن ٿا، جيڪي سنسڪرت کان اڳ جا آهن. ٻيو ته جنهن
علائقي ۾ هي آثار دستياب ٿيا آهن، ان علائقي ۾ هڪ
غير سنسڪرتي يا دراوڙي زبان ”بروهي“ موجود آهي. ان
ڪري ٿي سگهي ٿو ته هنن لکيتن ۾ انهيءَ سان لاڳاپيل
ڪا ٻولي هجي. ٻئي طرف تاريخي تسلسل کي سامهون
رکندي، هنن ماهرن جو رايو اهو هو ته انهن لکيتن
مان ئي هندستان جو قديم ترين برهمي رسم الخط اسريو
هجي ته شڪ نه آهي. سر جان مارشل جي راءِ کي سامهون
رکي، 1934ع ۾ اٽليءَ جي هڪ عالم پيرو ميريگي
piero meraiggi
پڻ بروهيءَ جي فائدي ۾ هڪ تحقيقي مقالو لکيو، البت هن اهو چيو
ته اها زبان گذريل چئن هزار سالن ۾ ايترو بدلجي
ويئي آهي، جو ان جي صوتياتي پڙهڻي(phonetic decipherment)
ممڪن نه آهي. ان ڪي هن مهرن جي شڪلين جي اصطلاحي
۽ معنوي
(semantic)
پڙهڻيءَ جي هڪ ڪوشش ڪئي ته جيئن اها خبر پئجي
سگهي ته ان ۾ استعمال ڪيل اصطلاحن جو گهاڙيٽو
ڪهڙيءَ شڪل جو آهي.
ٻئي طرف برهميءَ کي بنياد بڻائي، انهن لکيتن کي پڙهڻ جون ڪوششون
به ميدان تي آيون، جن پروفيسر لئنگڊن، گئب، سمٿ ۽
هنٽر جون محنتون قابل قدر آهن. انهن مان به سڀ کان
مڪمل ۽ مفصل پروفيسر جي آر هنٽر آهي، جنهن 1934ع ۾
سڀني قديم رسم الخطن جي ڀيٽ ڪري، برهميءَ لپيءَ کي
موهن جي دڙي جي رسم الخط مان اسريل ڏيکاري، انهن
جي قديمي شڪيلن مان صوتياتي(phonetic)
پڙهڻيون قائم ڪيون. سندس ڪتاب جو نالو آهيthe
script of harrapa and mohen jo daro ۽ ميشرس ڪيگن پال وارن 1934ع ۾ ان جو پهريون ڇاپو شايع
ڪيو. هنٽر جي پڙهڻين سان عالم متفق هجن يا نه هجن
پر هن جي ان تحقيق کي سڀني قبول ڪيو آهي ته هي
لکيتون ساڄي کان کاٻي طرف لکيل آهن. آءٌ اعتراف
اڳ به ڪري چڪو آهيان ۽ هن وقت به ڪريان ٿو، هنٽر
جي بنيادي اصولن کي قبول ڪندي ته هندستان جا قديم
رسم الخط ارتقائي طرح سنڌي سڀيتا جي رسم الخط مان
اسريا آهن، مون پنهنجون پڙهڻيون مقرر ڪيون، پر ان
۾ ٻه بنيادي اعتراض هئم: هڪ ته ان جي ٻولي صوتياتي
عينيPHONETIC
هجڻ بدران
sYABLES
تي مبني آهي ۽ ٻيو ته اها ٻولي پروٽو- انڊو- جي
بدران پراچين سنڌي پروٽو سنڌي آهي، جنهن جو
ڳانڍاپو دراوڙي سٿ سان آهي، مون پنهنجي ڪتاب ۾
صفحي 86 تي فٽ نوٽ ۾ اهو چيو هو ته اهي پڙهڻيون
گماني آهن ۽ ان باري ۾ مون کي ڪا خوش فهمي ڪانهي.
ممڪن آهي ته اهي هڙئي غلط هجن يا منجهن ڪجهه تجربا
بار آور ثابت ٿين. ٻي ڳالهه جا ان وقت مون کي ڌيان
جوڳي لڳي هئي، سا اها ته ان وقت جي سنڌي ٻولي ماءُ
آدرشي سماج جو اولڙو ڏيکاري ٿي، اهو ئي سبب هو جو
بنيادي رشتن جي اهم لفظن_ماءُ پيءُ ڀاءُ ڌيءُ ۽ سس
سان ضميري نشانن جي ڳانڍاپي ۾ هڪ استثنيٰ نظر اچي
ٿي، سا اها ته وچ ۾ هڪ پد_ ڻهه_ اڀري ٿو اچي، جيئن
ضمير غائب ۾ ڌيءٌ مان ڌيڻهس، ضمير حاضر ۾ ڀاءُ مان
ڀاڻهين (غائب ۾ ڀاڻس) پيءُ لاءِ ساڳئي طرح پڻهس
پڻهين، ماءُ مان ماڻهس ۽ ماڻهين وغيره.
منهنجي خيال ۾ اها صورت موهن جي دڙي جي ٻوليءَ جي اثر هيٺ آهي،
جتي لفظن جي پدن جي وچ ۾ اڻهه- اڻس وغيره جو پد
اڀري ٿو اچي، جنهن جي شڪل مهرن تي ماڻهوءَ جي
مختلف صورتن جي آهي ۽ جنهن ماڻهو جي مٿي تي ڪو ڇٽ
يا سڱ يا اهڙي ڪا ٻي نشاني آهي. ان اڻهه_اڻهس جو
بڻ بڻياد مون کي سمجهه ۾ نه آيو هو. اڄ جڏهن مون
موهن جي دڙي جي پڙهڻين جو داراوڙي نظريو اڳڀرو ٿيو
آهي، تڏهن سمجهجي ٿو ته اهو پد آڻهه يا آڻ آهي،
جنهن جي معنيٰ آهي ماڻهو، (a dravidian ety mological dictionary)
جي فهرست ۾ نمبر ڇهانوي ۽ ٽي سؤ ٻائيتاليهه وغيره
۾ ڏسي سگهجن ٿيون. منهنجي نظرئي جي ڳالهه ته ائين
ضمنن وچ ۾ اچي ويئي، نه ته ذڪر پئي هليو، سنڌي
سڀيتا جي ٻوليءَ کي پڙهڻ جي تجرَبن جو. هنٽر واري
تجربي ۽ نظرئي جي مقابلي ۾ ٻيو نظريو آهي. انهن
لکيتن ۾ ڪنهن قديم دراوڙي
(protodravidian)
ٻولي جي اهڃاڻن جو. ان لاءِ مون سر جان مارشل ۽ مسٽر ميريگيءَ
جي اوائلي اشارن جو ذڪر ڪيو آهي، پر ان نظرئي جو
پهريون تفصيلي ذڪر هينري هيئرس پنهنجي مضمونن جي
هڪ ڊگهي سلسلي ۾ ڪيو ۽ بالاآخر پنهنجو ڪتاب 1953ع
۾ ڇپائي پڌرو ڪيائين. هن جو خيال هو ته موجوده
دراوڙي ٻولين کي پاڻ ۾ ڀيٽي، انهن جي بنيادي
پراچين صورت کي انهن جي پڙهڻين لاءِ قائم ڪري
سگهجي ٿو. هن خيال ڏيکاريو ته انهن مهرن ۾ نه
صوتياتي طرح حرف صحيح جون نشانيون آهن ۽ نه ئي پدن
جون نشانيون آهن، اُهي نشانيون دراصل مڪمل لفظن جي
نمائندگي ڪن ٿيون. هن جي نظر ۾ جيڪا نشاني اڪثر
مهرن جي تحريرن جي آخر ۾ اچي ٿي. اها اضافت لاءِ
متصل نشاني آهي ۽ هن جو ملهه- اڻو- مقرر ڪيو،
مڇيءَ جي نشانيءَ لاءِ هن ملهه مين- مين- ميڻ مقرر
ڪيو.
انهن ئي ڏينهن ۾ مڪائيل وينٽرس
michel ventris
ڇڙي ٻوليءَ وارين لکيتن يعني
lineAr b. script
کي پڙهڻ ۾ ڪامياب ٿيو ۽ اها راهه ڏيکاري ته
تحريرون جيڪي ڇڙو هڪڙيءَ ٻوليءَ ۾ لکيل هجن. اهي،
به پڙهي سگهجن ٿيون. ان کان اڳ وارا سمورا رسم
الخط انهي ڪري حل ٿي سگهيا جو انهن جا ڪي مثال ٻين
ٻولين ۾ لکيل مليا هئا، جن مان هڪڙي اڳي ڄاتل
سڃاتل هئي، جيئن مصري هيرو گلفس سان گڏ پراڻي
يونانيءَ جي هڪڙي صورت ڪا – پٽڪ ۽ ڊسڪوٽڪ ۾ ليکل
تحريرون مليون، جن سان مسٽر شئمپولن پٽالي ۽
ڪلوياترا جا لفط پڙهي، مصري نشانين جا ملهه مقرر
ڪيا، ان موضوع تي سڀ کان بهترين ڪتاب منهنجي نظر ۾
سرائلن گارڊينر جو
eGyption grammar
جيڪو 51-1950ع ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ وارن ڇپايو
هو. اهو سنڌ يونيورسٽي جي لئبرريءَ ۾ موجود آهي ۽
جن دوستن کي قديم رسم الخطن کي سمجهڻ جو ضبط آهي،
انهن کي اهو ضرور پڙهڻ گهرجي. سميري ٻولي به
انهيءَ طريقي سان پڙهي ويئي، ڪن صورتن ۾ وري ائين
به ٿيو جو ساڳي تحرير ٻن رسم الخطن ۾ پر هڪڙي ئي
ٻولي ۾ دستياب ٿي، جنهن مان هڪڙو رسم الخط اڳي ئي
پڙهيل هو. جيئن سميري تحريرون مورتي يا تصويري رسم
الخط ۾ به دستياب ٿيون ته ڳالهه کلي پئي، ڇا ڪاڻ
ته مخروطي رسم الخط ڄاتل سڃاتل هو.
هيرنس جي مقالن انهيءَ کوجنا کي وري هڪ نئون رخ ڏنو ۽ ٻن مختلف
گروهن، ان نظريي تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ته متان سنڌو
سڀيتا جي رسم الخط ۾ ڪا پراچين دراوڙي ٻولي هجي،
هڪڙو گروهه- روسي ماهرن جو هو ۽ ٻيو ڊنمارڪ جو
scandinavian institute of asian
۾ ڪم ڪندڙ فنلئنڊ جي ماهرن جو گروهه هو، جن ۾ ٻه ڀائر به هئا
يعني آسڪوپرپولا سيموپرپولا. ماهرن جا اهي ٻئي
گروهه هڪ ٻئي کان الڳ تقريباً ساڳئي مفروضي تي ڪم
ڪري رهيا آهن ته انهيءَ رسم الخط ۾ ڪا پراچين
دراوڙي زبان سمايل آهي ۽ ڪي ابتدائي نتيجا ۽
پڙهڻيون ساڳيون قائم ڪيون اٿن. ٻنهي جون ابتدائي
رپورٽون 1966ع کان 1969ع جي وچ ۾ شايع ٿيون. روسي
ماهرن جون رپورٽون گهڻو ڪري روسي ٻولي ۾ هيون. ان
ڪري اسان جهڙن جي سمجهه کان ٻاهر هيون. سندن پهرين
انگريزي رپورٽ 1967ع ۾(proto-indica)
جي نالي سان ڇپي. پرپولا وارن 1965ع کان تحقيق
شروع ڪئي ۽ 1966ع کان 1986ع تائين هنن جون ڪيتريون
رپورٽون ۽ مقالا شايع ٿي چڪا آهن. 1970ع ۾ آسڪو
پرپولا پهريون ڀيرو پاڪستان آيو ۽ منهنجو مهمان ٿي
رهيو. وري 1973ع ۾ آيو، جڏهن سندن تحقيق جو پهريون
جلد
(concordance)
ڇپجي آيو هو. هن محسوس ڪيو ته ٻوليءَ جي تحقيق
سان گڏ دراوڙي تهذيب جي ٻين اهڃاڻن –مثلن ريتن
رسمن، قديم مذهبي ادب ۽ نام نهاد آريائي ٻولين سان
دراوڙي ٻولين جي لهه وچڙ بابت وڌيڪ تفصيلي کوجنا
جي ضرورت آهي. ان سلسلي ۾ هو هندستان ويو ۽ ڳچ
عرصو ڏکڻ هندستان ۾ وڃي ۽ هندستاني عالمن سان گڏ
جي دراوڙي قديم مذهب، علم نجوم وغيره تي قابل قدر
مضمون شايع ڪيائين. 1976ع ۾
sindh through the centuries
واري سيمينار ۾ به حصو ورتائين ۽ سنڌي عالمن،
ڊاڪٽر الانا، ڊڪٽر بلوچ، رباني ۽ ٻين سان ملاقاتون
ڪيائين ۽ اڄ تائين مون سان لکپڙهه ڪندو رهي ٿو.
پرپولا وارن جي تحقيق سنڌ ۾ به موهن جي دڙي جي ٻوليءَ لاءِ نئين
دلچسپي پيدا ڪئي آهي. هو پنهنجي نظرئي ۾ ڪيتري قدر
صحيح آهي سو فيصلو اڃا نه ٿي سگهيو آهي. ان ڪري
ڪيترا عالم انهيءَ نظرئي جي مثبت ڳالهين کي ساڻ
کڻي، پنهنجي کوجنائن ۾ مصروف آهن. ان سلسلي ۾ هڪ
قابل قدر اضافو ڪينئرولسن
j. v. kinner wilson
جو ڪتاب
indo summerian a new approach to the problem of
indus script
آهي، جيڪو 1974ع ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ وارن
ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. ان ۾ هن نئين مواد کي سامهون
رکي هڪ نئون رخ ورتو آهي ته انهن مهرن ۾ انگن ۽
تورن ۽ ماپن وارين مهرن کي سميري پڙهڻيون ڏجن ته
شايد سموريون لکيتون پڙهجي پون. جيتوڻيڪ هن جا
مقرر ڪيل اصول ۽ ملهه قابل قدر آهن پر آخر ۾ هو
وري به سميري مونجهارن جو شڪار ٿي ويو آهي.
ان سلسلي ۾ تازه ترين ڪوشش مسٽر والٽر فير سروس جونيئر ڪئي آهي،
جنهن موهن جي دڙي جي انگن وارن نشانن کي ملهه ڏيئي
هڪ سؤ کن مهرن جي پڙهڻ جي دعويٰ ڪئي آهي ۽ سندس
خيال موجب اُهي ماڻهن جا نالا آهن. مثال طور هن
”آراپيريڪي“، ”آمبارا“،
”چاروڻ پڙهڻيون ڏنيون آهن. سندس ڊگهي ۾ ڊگهي
هيٺ ڏجي ٿي. (چررپٽم بريا آراپيريڪي پٽوڪارن). اهو
آهي موهن جي دڙي جي رسم الخط کي پڙهڻ جي ڪوشش جو
هڪڙو جائزو. انهن ۾ سڀ کان منظم، مفصل ۽ سائنسي
زاويو پرپولا جو آهي. هو اڃا تائين حتمي ڪاميابي
حاصل ڪري نه سگهيا آهن. ان لاءِ بنيادي طرح تي چار
اهم سبب آهن، جن کي آءٌ مختصر طرح بيان ڪرڻ جي
ڪوشش ڪندس.
پهرين بنيادي لغزش منهنجي نظر ۾ اها آهي ته هو سنڌي جي بڻ بڻياد
کي هند- يورپي يا هند-آريائي سمجهن ٿا. ان ڪري
نشانين لاءِ جيڪي ملهه مقرر ڪن ٿا، سي تامل جي
بنياد تي قديم دراوڙي ڌاتن تي مبني ڪيا اٿن.
هتي آءٌ مناسب ٿو سمجهان ته انهن ملهن مقرر ڪرڻ ۾ هنن جو بنيادي
اصول اوهان کي ٻڌائيندو هلان، جيڪو اصول ٻين قديم
رسم الخطن لاءِ پڻ ڪارگر آهي. ان اصول
کي (REBUS
PRINCIPLE)
چئجي ٿو، جيڪو اسان وٽ سنڌي ڏورن ۽ ڳجهارتن ۾ عام
آهي. يعني ڪنهن شڪل جي نشانيءَ لاءِ ڪو لفظ يا پد مقرر ٿئي ٿو، پر ان جي اها صورت
اختيار ڪئي وڃي ٿي، جنهن جي معنيٰ مختلف آهي. انهن
کي (homophone)
يا هم آواز پد يا لفظ چئجي ٿو. جيئن مون عرض ڪيو
ته اسان وٽ لوڪ ادب ۾ ڏور ۽ ڳجهارت ۾ اهو اصول عام
آهي. مون پرپولا کي به ان جا ڪئين مثال ڏنا هئا ۽
هلال پاڪستان ۾ مضمونن جي سلسلي ”رتيءَ جي رهاڻ“ ۾
به انهن جو ذڪر ڪيو هو. انهن مان هڪڙو مثال ياد ٿو
اچيم ته جيئن ڏورن ۾ ڪو نياپو موڪلجي ته ڪالهه مند
نڪري ويئي. هاڻ مند جو هم آواز لفظ منڌ آهي. ان
جملي جي عام معنيٰ ته اها ٿي ته ڪالهه موسم پوري
ٿي، پر نياپي پهچندڙ شخص کي جي ان اصول جي ڄاڻ
هوندي ته هو سمجهندو ته ڪالهه منڌ يعني نينگر نڪري
وئي. اهو آهي ريبس جو اصول- ان اصول تي پرپولا
وارن الاهي سارن لفظن جا ملهه مقرر ڪيا آهن. مثلاً
هنن ڦڻيءَ جي شڪل جي نشاني جو دراوڙي لفظ ڳوليو
”پڻتي“ ۽ ان جي هم آواز لفظ ”پڻت“ يعني زال (woman)
کي صحيح ملهه ورتائون منهنجو اعتراف اهو هو ۽ آهي
ته ان ساڳئي ئي اصول تي ان نشانيءَ کي ”ڦڻي“ پڙهيو
وڃي، جيڪا پڻتيءَ سان ملي ٿي ۽ دراوڙي بڻ بڻياد جو
لفظ آهي ۽ ان ئي (rebus
principle)
تي ”ڦڻ“ (ننڍي حرف علت سان) مان نانگ يا نانگ جي
ڦڻ يا ڇٽ جي معني اختيار ڪئي وڃي. جيڪڏهن ڦڻي جي ڦ
صوتيي کي پوءِ جي صورت سمجهيو وڃي ته پوءِ وسر
گائي (aspiration)
ڪڍي پڻ پڙهيو وڃي جنهن جو (homophone)
پڻي يعني مٽي يا زمين جو ملهه مقرر ڪيو وڃي. آءٌ
هڪڙي ئي مثال تي اڪتفا ٿو ڪريان، ڇاڪاڻ ته هت مقصد
صرف اصول سمجهائڻ جو آهي.
ان سلسلي ۾ آءٌ ڊاڪٽر الانا کي گذارش ڪندس ته هو پنهنجي ڪتاب
”سنڌي ٻولي جو بڻ بڻياد“ جو انگريزي ترجمو جلد
ڇپائي ته اها نه رڳو سنڌيءَ جي خدمت ٿيندي پر موهن
جي دڙي جي ٻولي جي پڙهڻ ۾ ماهرن کي به مدد ملندي.
منهنجو ٻيو اعتراض نشانين جي سڃاڻپ آهي. منهنجي نظر ۾ ڪيترين
نشانين کي پروپولا وارن صحيح نه پڙهيو آهي. مثلاً
هڪ نشاني سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي زرعي ماحول ۾ استعمال
ٿيندڙ ”بياني“ جي آهي، جنهن سان جهنگ جي ڪپيل ٻوڙن
کي کڻي سٿيو ويندو آهي. پرپولا وارن ان کي ”هٿ“ (hand or fore-arm)
سمجهيو آهي، جنهن لاءِ هنن مطابق دراوڙيءَ ۾ ”ڪئي“
لفظ آهي، جنهن جو (homophone)
ڪئي، يا ”ڪي“ معنيٰ ننڍي ڀيڻ، ننڍي عمر جي زال يا
ڪنوار ورتي ويئي آهي. هاڻ هن نشانيءَ جي ڪنهن به
صورت مان هٿ هجڻ جو گمان ڪو نه ٿو پوي. ان نشانيءَ
مان ٻياني جي شڪل ظاهر ٿئي ٿي يا وري ڪمان سان گڏ
تير جي. مسٽر ولسن ان کي تير ڪمان جي شڪل سمجهي ان
کي سميري لفظ ”بان“ سان ملايو آهي. جڏهن ته مسٽر
ولسن جو ڪتاب پئي پڙهيم، تڏهن مون کي هڪدم خيال
آيو ته اسان جي سنڌيءَ ۾ به تير کي ”ٻاڻ“ چئجي ٿو.
ان ”ٻاڻ“ کي ممڪن آهي ته ڪي دوست سنسڪرت جي ”باڻ“
مان ڪڍن، جيئن ادبي بورڊ واري سنڌي لغت ۾ آهي، پر
جيئن ته اهو لفظ سنسڪرت کان گهڻو اڳ سميريءَ ۾
موجود آهي، ان ڪري ظاهر آهي ته اهو سنسڪرت ۾ پوءِ
آيو، يا سميريءَ مان سڌو سنئون يا سنڌيءَ جي
ذريعي.
منهنجي خيال ۾ ته اهو لفظ ”ٻيانو“ جو (homophone)
پڻ آهي. جا ان نشانيءَ جي صاف شڪل آهي، پر ان کان
به وڌيڪ دلچسپ (homophone)
”ٻانهون“ (slave)
آهي. اڳئين پراچين زماني ۾ ٻانها ئي زرعي ڪم ڪار
ڪندا هئا ۽ ٻياني سان ڪم ڪندڙ ماڻهوءَ کي ئي
”ٻانهو“ چيو ويندو هجي ته شڪ نه آهي. ٻانها ٻاڻ
هڻڻ جو ڪم به ڪندا هئا. ان طرح هو نقطه نظر کان ان
شڪل جي پڙهڻي ٻانهو ٿيڻ گهرجي. ان لاءِ وڌيڪ ثابتي
اها به آهي ته ڪيترين صورتن ۾ اها نشاني هڪ گولي
يا چوديواريءَ اندر بند ٿيل ڏيکاري ويئي آهي، جنهن
مان پڻ قيد اندر بند ماڻهو يعني ٻانهي جو تصور
نڪري ٿو. هت وري اهو به عرض ڪريان ته سنڌي لغت ۾،
ٻانهون سنسڪرت باهڪ مان نڪتل ڏيکاريو ويو آهي،
جيڪو يقيناً غلط آهي. ان نشاني کي اڪثر گول دائري
يا گولي اندر بند ڏيکاريو ويو آهي. اسان وٽ سنڌيءَ
۾ لفظ ”گولو“ دائري توڙي ٻانهي جي معنيٰ ۾ موجود
آهي. ان ڪري صرف گولي واري نشاني وري گولي جي (homophone) گولو يعني غلام يا ٻانهي جي معنيٰ رکي ٿي ۽ اها معنيٰ
ته موهن جي دڙي جي ٻوليءَ جي بازگشت آهي. دراوڙيءَ
ٻولين ۾ گولسو، کوسو، زنجير کي چئبو آهي. جنهن
لاءِ برو ۽ ايمنو جي فهرست نمبر 1775 کي ڏسي سگهجي
ٿو.
منهنجو ٽيون اعتراض سماجي اهڃاڻن تي ٻڌل آهي. پرپولا وارن
هندومت جي ديوتائن جي قديم صورتن ۽ انهن سان
ڳانڍاپيل تارن ۽ گرهن جي اڀياس کي پڻ قديم مذهب جي
دائري ۾ هڪ بنياد مقرر ڪيو آهي. مثلاً انهن مڇيءَ
لاءِ دراوڙي لفظ مين يا ميڻ مقرر ڪيو ۽ ان جو
هرموفون يعني تارو يا ستارو مقرر ڪيو آهي. مڇيءَ
لاءِ قديم سنڌي لفظ مي، مين، جيڪو مي هاڻن يعني
مهاڻن ۾ موجود آهي. سنڌ جي سامونڊي علائقي کي ٺٽي
جي آس پاس يونانين مين ننگر يا مينا نگر سڏيو هو.
دراصل تاريخ ۾ هينري ڪزنس مطابق ٺٽي کي مينا ننگر
سڏيو ويندو هو جنهن ۾ اسان جي
لفظ ماڱر ۽ ماڃر جي صورت آهي. ان ۾ مين_ مهاڻن ۽
ميربحرن جي ذات ۽ علائقي جي نالي ۾ موجود آهي.
شاهه سائين جي سر گهاتو ۽ ڪاموڏ ۾ اوهان کي ان سان
لاڳاپيل کوڙ لفظ ملندا. ساڳئي وقت_ مين ستارن يا
روشن چمڪندڙ شين جي معنيٰ ۾ به اسان وٽ موجود آهي.
سون مين ۽ ميناڪاري اصلاحن ۾ اوهان کي ان جو اهڃاڻ
ملي ٿو. ان مڇي جي نشاني سان وري مختلف تعداد ۾
ننڍيون اڙيون، ٽي، ڇهه يا ست به اچن ٿيون، جن کي
انگن جا دراوڙي لفظ ڏئي مومين، ٽي تارا، آرو مين
ڇهه تارا ۽ ايڙو مين يعني ست- تارا ملهه بيهاريا
آهن، جيڪي لفظ ڪن گرهن جا پراڻا تامل نالا آهن.
هنن جي نظر ۾ انهن گرهن جا وري خاص رنگ هئا ۽ ڪي قديم ديوتائون
انهن رنگن جي نالن سان سڃاتا وڃن ٿا. مثلاً هنن جو
هڪ قديم ديوتا بلرام جي دراوڙي نالو واليوٽ جي
معنيٰ آهي اڇي رنگ وارو_مڇيءَ جي نشاني تي ڪجهه
اڙين ڏيڻ سان انهن اڙين کي وارن سان مشابهه سمجهي،
ان جو دراوڙي لفظ مقرر ڪيائون. وال وڌو مين يا
والمين سڏيائون، جنهن جو
homOphone
وارمين معنيٰ اڇو تارو
comet
۽ اڇي رنگ جي مناسبت سان واليون يا والرام يا
بلرام ديوتا جو تصور آندائون، جنهن لا۽ ڏند ڪٿا
آهي ته وشنو شيش ديوتا ڦڻ تان اڇا وارپٽيا هئا ته
هو بلرام سڏجڻ لڳو. ان طرح هنن ديومالا، تارن ۽
گرهن ۽ دراوڙي
astronomical calender
کي ڳنڍي پنهنجي قائم ڪيل ملهن کي اڻ سڌي طرح سماجي
۽ معاشرتي يعني قديم مذهبي پس منظر سان ثابت ڪرڻ
جي ڪوشش ڪئي آهي. اها ڪوشش به نهايت قابل قدر آهي
۽ ماهر ئي ان لا۽ ڪا حتمي راءِ قائم ڪري سگهندا،
پر منهنجي خيال ۾ اتي به هن کي سنڌي معاشرت، لوڪ
ادب ۾ تارن ۽ گرهن جي نالن ۽ سنڌي
astronomical calendar
مان مدد وٺڻ گهرجي.
سنڌي ۽ سنڌين کي پنهنجو ڪئليندر هو، جنهن ۾ جڳن جا جڳ ائين گرهن
۽ تارن جي بنياد تي ٻڌل آهن. اهو ڪئلينڊر وڪرما
جيت جي ڪئلينڊر ۽ سنبت يا سماوت جي سن کان گهڻو
آڳاٽو آهي. ان سلسلي ۾ محترم ڊاڪٽر بلوچ جو مقالو
نهايت ئي قابل قدر آهي ۽ انگريزيءَ ۾ ئي شايع ٿيو
هو. جنهن ۾ هن سنڌي سن کي عيسوي ۽ ٻين سنن سان
ڀيٽي ڏيکاريو هو، اهو سمورو مواد ڊاڪٽر صاحب نهايت
محنت ۽ جستجو کان پوءِ البيرونيءِ جي ڪتابن مان
سوڌي ڪڍيو هو. ان طرح سموري سنڌي
cosmologe astromyrhology cosmology
ميدان مان مدد وٺڻ گهرجي ها.
منهنجو چوٿون اعتراض اهو آهي ته پرپولا وارن انهن نشانن جي
ارتقائي صورتن کي بنهه نظر انداز ڪيو آهي. موهن جي
دڙي ۾ موجود نشان، نشانيون، شڪليون، صورتون ائين
اوچتو گم ڪو نه ٿي ويون. تهذيبون ائين گم نه
ٿينديون آهن. ان سلسلي ۾ هڪ نهايت عمدو ڪتاب
servivals of the harapp cultere
چيو هو. جيڪو هڪ دراوڙ ماهر ٽي_ جي اروا موٿن
T.G ARVAMUTHON
ڇپائي پڌرو ڪيو هو. ان ۾ هن پوءِ جي سڪن، مهرن ۽
مندرن ۽ قبن تي اڪريل نشانن ۽ صورتن سان سنڌو
سڀيتا جي صورتن کي ڀيٽي اهو ٽابت ڪيو ته انهن مان
ڪيتريون صورتون ٻڌ ڌرم جي دور تائين ارتقا ڪنديون
موجود رهنديون آيون. انهن مان ڪيتريون صورتون خود
ميرپورخاص واري ڪاهوءَ جي دڙي مان لڌل نشانين تي
به ملن ٿيون.
برادرم علي احمد بروهيءَ سنڌ، ڪوهستان ۽ بلوچستان جي قبرن تي
موجود نشانن تي نهايت اعليٰ پائي جا مضمون تصويرن
سان شايع ڪيو. جيڪڏهن غور ڪيو وڃي ته انهن ۾ موجود
ڪيترا نشان ۽ اهڃاڻ موهن جي دڙي جي نشانن ۽ اهڃاڻن
جو ارتقائي صورتون آهن. ايتريقدر جو چوڪنڊيءَ جي
بنهه ويجهي دور جي قبرن تي به ڪي اهڙا نشان آهن،
جيڪي هوبهو يا تقريباً موهن جي دڙي جي سماجي
اهڃاڻن جهڙا آهن. نه رڳو انهن نشانن جي اڃا
ارتقائي صورت موجود آهي پر خود لکيتن جي نشانين جي
ارتقائي صورت به پراڻن مخطوطن ۾ ملي ٿي. مون کي
محترم سائين جي.ايم.سيد جي ذريعي فارسيءَ ۾ لکيل
شعبدن ۽ جادوءَ جي ٽوٽڪن تي هڪ مخطوطو مليو. جنهن
۾ ڪافي نشانيون موهن جي دڙي جي رسم الخط جهڙيون
آهن ۽ انهن نشانين جا اچار به موجود آهن. اهڙا ٻيا
فارسي مخطوطا برٽش ميوزيم ۽ پئرس ۾ به موجود آهن.
مون اهو نسخو برادرم علي احمد بروهي کي ڏيکاريو هو
۽ هو به ان راءِ جو آهي ته اهڙن مخطوطن مان يقيناً
تحقيقن جو هڪڙو رخ يا زاويو ملي سگهي ٿو. اهو ڪتاب
مون نقل ڪرائي ڇڏيو آهي ۽ ان تي ڪجهه ڪم به ڪيو
اٿم.
پر آءٌ اوهان جي سامهون اهو اعتراف ڪرڻ گهران ٿو ته ته مون کي
انهيءَ ڪم کي توڙ تائين نڀائڻ ۾ ڪي ورهيه لڳي
ويندا، ڇاڪاڻ ته اسين ته پارٽ ٽائيم طالب العلم
آهيون، اسان جو سمورو ڏينهن ڳڀي جي ڳولا ۾ گذريو
وڃي ۽ پڙهڻ لکڻ جو ڪم فقط پنهنجي ميس مارڻ، وندر
ورونهن ۽ زندهه رهڻ لاءِ ٿا ڪيون. ههڙن ڪمن لاءِ
وقت گهرجي . ادارا گهرجن ۽ فراغت گهرجي. هي ڪم
محترم ڊاڪٽر بلوچ، محترم عبدالجبار شام صاحب ۽ ٻيا
اهڙا استاد ۽ سندس شاگرد ڪري ٿا سگهن. هتي آءٌ
اوهان جي ذريعي هڪڙي گذارش به ڪرڻ ٿو گهران ته
ڪجهه سال اڳ سنڌين ۽ دراوڙي ذاتين جي ڀيٽ خاطر هڪ
لغت تيار ڪرڻ جو سوچيو هوم. ان لاءِ علامه آءِ آءِ
قاضي صاحب جي شاهه جي رسالي کي بنياد بنايم ۽
رسالي ۾ جيڪي به لفظ هئا، انهن مان هر هڪ لفظ کي
جدا جدا چٽڪين تي لکارايم. ان لفظ سان گڏ صفحو
نمبر، سر، بيت نمبر وغيره به لکايم جيئن لغت تيار
ڪرڻ وقت لفظ جي (FREQUENCY)
به معلوم ٿي سگهي ته مثلاً لفظن ”۾“ يا ”کي“
رسالي ۾ گهڻا ڀيرا ڪم آيو آهي. ڪل لفظن جي ڳاڻيٽي
۾ ان لفظ جو سيڪڙو به نڪري ايندو. اهي چٽڪيون ٻن
ٽن چمڙي جي پيتين ۾ بند آهن ۽ هاڻ ڪاغذ ڳرڻ لڳو
آهي. مون کي پنهنجي هڻ هڻان ۾ وقت ڪونه ٿو ملي ۽
اها محنت رائگان وڃڻ جو خطرو آهي. جيڪڏهن سنڌ
يونيورسٽي، سنڌالاجي يا سنڌي ادبي بورڊ ان ڪم کي
هٿ ۾ کڻي ۽ ٻن ٽن شاگردن کي حوالي ڪري، جيئن اهي
لسٽون ٺاهي ڏين.
يونيورسٽي يا سنڌالاجي پنهنجي نظر هيٺ انهن لفظن جي ڌاتن کي
مونيروليمس جي سنسڪرت ڊڪشنري يا ٽرنر جيCOMPARATIVE DICTIONARY OF INDO-ARYAN LANGUAGE
۽ برو ۽ ايمبوجي ETMOLOGICAL DICTIONARY OF DRAIDIA LANGUGE
۽ جي ڌاتن سان ڀيٽائي ڪتاب تيار ڪرائي. جيڪڏهن اهي
ڪتاب وٽن نه هجن ته آءٌ اهي ڪتاب کين عاريتاً ڏيڻ
لاءِ تيار آهيان يا ان جي ٻي صورت اها آهي ته
فهرست جي ابتدائي ڪم کان پوءِ ڪو شاگرد مون سان گڏ
هر هفتي گڏجي ويهي آءٌ ڌاتو ڀيٽي ڀيٽي حوالي ڪندو
وڃان ۽ سمورو ڪم ختم ٿيڻ کان پوءِ ادارو ان لغت کي
ڇپائي. آءٌ پنهنجي طرفان ڪنهن اهڙي شاگرد کي
اسڪالر شپ ڏيڻ لاءِ به تيار آهيان، اميد ته اهي ٽي
ئي ادارا منهنجي هن گذارش تي ٿورو گهڻو توجهه
ڏيندا. |