سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: موهن جو دڙو

باب:

صفحو: 6

سبط حسن

سنڌو ماٿر جي عظيم سڀيتا

هڙپا جي تهذيب (جنهن کي عام طور تي سنڌو ماٿر جي تهذيب چوندا آهن) پاڪستان ۾ ڪانسي جي دور جي عروج تي هئي. اها تهذيب هماليه جبل جي دامن کان ڪوئٽه تائين ۽ ڪوئٽه کان راجپوتانه تائين پکڙيل هئي. اها دنيا جي سڀ کان وڏي تهذيبي وحدت هئي، ڇا لاءِ ته سندس دائرو همعصر مصري، سميري ۽ ايراني تهذيبن کان گهڻو وسيع هيو. اها تهذيب لڳ ڀڳ هڪ هزار سالن تائين (2500- 1500 ق. م) وڏي شان ۽ مان سان زنده رهي. ان جا هن وقت تائين سٺ (60) کان وڌيڪ آثار ملي چڪا آهن. انهن ۾ ٻه وڏا شهر موهن جودڙو ۽ هڙپا آهن ۽ باقي ننڍيون ننڍيون وستيون جيڪي پوري سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان ۾ پکڙيون پيون آهن. موهن جودڙو سنڌو درياهه جي ڪپ تي آباد هيو ۽ هڙپا، راوي درياهه جي ڪناري. گمان آهي ته هي ٻئي شهر سنڌو ماٿري جي گادي جا هنڌ هئا. موهن جو دڙو واپاري بندرگاهه به هيو، جنهن جي آبادي هڪ لک جي لڳ ڀڳ هئي.

موهن جو دڙو، هڙپا ۽ ٻين ماڳن جي کوٽائي مان هن وقت تائين فقط چاليهه (40) ڍانچا مليا آهن. انهن ڍانچن جي معائني مان محقق ان نتيجي تي پهتا آهن ته سنڌو ماٿر جي رهاڪن جا قد ننڍا، مٿا وڏا، رنگ ڪارو، وار گهنڊي هئا، نڪ ويرو، ڦٿل ۽ چپ ڀريل پر اڳتي لڙڪيل هئن. انهيءَ بنياد تي چيو ويندو آهي ته انهن ماڻهن جو تعلق دراوڙ نسل سان هيو. ڪجهه ڍانچا بحر روم جي اوڀارين ڪناري جي پراڻن رهاڪن سان ملندڙ آهن ۽ هڪڙو ڍانچو ڪنهن منگول جو پڻ آهي. اهي براهوئي(براهوي/بروهي) سان ملندڙ جلندڙ ڪائي دراوڙي زبان ڳالهائيندا هئا. (براهوئي قوم جا ماڻهو جيڪي قلات، لس ٻيلي، کاران ۽چغتائي ۾ آباد آهن. سنڌو ماٿر جي قديم رهاڪن جو ئي اولاد آهن.)

اڄڪلهه وانگر ان زماني ۾ به سنڌو ماٿر جي رهاڪن جي وڏي اڪثريت ڳوٺن ۾ رهندي هئي ۽ هارپو ڪندي هئي. اهي ماڻهو جيڪي رائي ۽ ترن جي پوکي ڪندا هئا. ڳئون، ڍڳا، مينهون، ٻڪريون، اٺ، گهوڙا، گڏهه ۽ ڪتا پاليندا هئا. ڪپهه پوکيندا ۽ سوٽي ڪپڙا پائيندا هئا. ڪپهه سندن اجاره داري هئي، تنهنڪري اهي به اسان وانگر ڪپهه ۽ سوٽي سامان پرڏيهه موڪلي ”زرمبادله“ ڪمائيندا هئا. ڪپهه ان زماني ۾ رڳو سنڌ ۾ هوندي هئي، تنهنڪري سنسڪرت ۾ ڪپهه کي ”سنڌو“ ۽ يوناني ۾ ”سندون“ ڪري سڏيندا آهن. يوناني مورخ هيرو ڊوٽس (484 – 425 ق. م) کي ته وڏي حيرت هئي ته سنڌو ماٿر ۾ هڪ عجيب و غريب ٻوٽو هوندو آهي، جنهن ۾ چانديءَ جا اڇا گل ٽڙندا آهن.

انهن ماڻهن کي هر جو استعمال نه ايندو هو. بلڪه هو ٻنين ۾ ڏانداريون ڦيريندا هئا. ڪاٺي جي ڏندن واري ان اوزار جا ڦر زمين  ۾ گهرا کپجي نه سگهندا هئا، تنهنڪري انُ ايڏي وڏي مقدار ۾ نه اپائجي سگهندو هو، جو شهرين کي خوراڪ ڏئي سگهجي. سنڌو ماٿر ۾ شهرن جي گهٽ هجڻ جو بنيادي سبب اهو ئي آهي. زمين ڪنهن به فرد جي ذاتي ملڪيت نه هئي، بلڪه پوري وستيءَ يا ڪٽنب جي گڏيل ملڪيت هوندي هئي. زراعت جو اهو اشتراڪي نظام آرين جي غلبي کان پوءِ به اڳي جيان جاري رهيو. سڪندر اعظم جي حملي (327 ق. م) جو مورخ اسٽرابو لکي ٿو ته:

”هتي زمين جي پوکي گڏيل ٿيندي آهي. فصلن جي ڪٽائي ٿيڻ تي هر ماڻهو پنهنجي سڄي سال جي ضرورت جي لاءِ انُ کڻي ويندو هو ۽ باقي پيداوار ساڙي ويندي هئي.“

ان جو ساڙڻ اندازي کان ٻاهر آهي. اسٽرابو هارين کي گاهه ٻوٽا ساڙيندي ڏٺو هوندو، (ڀاڻ ٺاهڻ جي لاءِ) ۽ اهو سمجهيو هوندو ته وڌيڪ اَنُ ساڙيو پيو وڃي. بارش جو ساليانو مقدار اڄڪلهه کان وڌيڪ هيو پر به وڌيڪ آبپاشي جي ضرورت پوندي هئي. ان ڪري درياهن ۽ ندين ۾ بند ٻڌي پاڻي جي سطح آسپاس جي زمين کان مٿي ڪئي ويندي هئي. رگ ويد ۾ آرين جي فتوحات جي داستان ۾ انهن بندن جي ٽوڙڻ کي اندر جو عظيم ڪارنامو قرار ڏنو ويو آهي. اندر جيڪو سنڌو ماٿر جي راڪاسن (راڪششن) وِرِتر، اُهي ۽ نموچي (لفظي معني رڪاوٽ، بند، نانگ) کي قتل ڪري درياهن جي پاڻي کي ”آزاد“ ڪري ڇڏيندو هو.

”راڪاس ڪاريهر نانگ وانگر درياهه جي هن پار کان هُن پار تائين ليٽيو پيو هو.“ (رگ ويد 19:4)

سنڌو ماٿر جا ٿانو ٿپا عام طور مٽيءَ جا هوندا هئا. انهي طريقي جا جهڙا اڄڪلهه ٺهندا آهن. جيتوڻيڪ انهن جي چٽسالي ۾ ٽي هزار سال گذري وڃڻ کانپوءِ به ڪوئي فرق نه آيو آهي. انهن ماڻهن کي سون، چاندي، ٽامي، ٽين ۽ جست کي ڳاري اوزار ۽ زيور ٺاهڻ ايندا هئا. ٽامو ۽ جست راجپوتانه کان ايندو هيو ۽ چاندي ٽين ۽ نيم قيمتي پٿر ايران کان. وڏ گهراڻين عورتن کي ٺاهه ٺوهه (هار سينگار) جو وڏو شوق هيو، تنهن ڪري هڙپا ۽ موئن جو دڙو مان سون ۽ چاندي جا هار، مالائون، گلوبند، ڪڙا، جهومر، ٽڪا، نڪ جون ڪليون ۽ سرمي داڻيون وڏي تعداد ۾ مليون آهن. ٽامي جي اوزارن ۾ ڪهاڙيون، پاڪيون، چاقو، ۽ بلم ڀالن جا ننڍا ننڍا ڦر ملي سگهيا آهن. البته ڍال، تلوار، خود، زرهه ۽ بڪتر يعني جنگي اسلحو هڪ به نه مليو آهي، ان مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌو ماٿر جو معاشرو نهايت محفوظ معاشرو هيو. ماڻهو وڏا امن پسند ۽ صلح جو هيا. ڦرمار، قتل و غارت گري سندن وڙ نه هيو. هو نه ته سپاهه ۽ لشڪر رکندا هئا ۽ نه ئي وري ڪنهن ملڪ تي حملو ڪندا هئا. جيتوڻيڪ ايران، عراق، مصر ۾ انهن ڏينهن ۾ جيڪي بادشاهتون قائم هيون انهن جو اهو روز جو مشغلو هيو، سندن فوجون پاڙيسري ملڪن تي حمله ڪنديون هيون ۽ شهرن کي ڦري، شهرين کي قتل ڪري يا غلام بڻائي وينديون هيون. نه صرف اهو پر عمارتن ۽ فصلن کي باهه لڳائي ڇڏينديون هيون ۽ ان مهل ڪاميابي جا ترانا چوندي وطن واپس اينديون هيون. سندن محلن ۽ مقبرن جي شان و شوڪت ۽ بازارن جي سڄي رونق مال غنيمت ۽ خراج جي ڪري ئي هئي. ان جي ابتڙ سنڌو ماٿر جي تهذيب ان تي فخر ڪري سگهي ٿي ته سندس تخليقات ۽ تعميرات ۾ ڪنهن ٻي قوم جو پگهر شامل نه آهي. اهو بالڪل صحيح آهي ته موئن جو دڙو ۽ هڙپا وارن يادگاري عمارتون نه ڇڏيون آهن. نه محل ۽ ايوان نه عاليشان عبادت گاهون ۽ مقبرا، پر ڪوئي مٿائن اهو الزام نه ٿو لڳائي سگهي ته تو پنهنجي عظمت جا مينار انسانن جي کوپڙن تي بيهاريا آهن يا غلامن کان ڪوڙا هڻي ٺهرايا آهن. اهي اڄ جي معيار کان به وڌيڪ مهذب ۽ شائسته ماڻهو هئا.

موئن جو دڙو ۽ هڙپا جي حوالي سان سنڌو ماٿر جي شهري زندگي جي باري ۾ گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي. هي ٻئي شهر اصل ۾ تجارتي مرڪز هئا. ملڪ جي وڌيڪ خام پيداوار ۽ شيون انهن ئي جڳهن کان ڏساور موڪليون وينديون هيون. هڙپا کان تجارتي قافلا خشڪي جي رستي کان اتر ايران تائين ويندا هئا ۽ پاڻيءَ واري رستي کان موهن جو دڙو تائين. موهن جو دڙو هڙپا کان وڏو مرڪز هيو، ڇو ته هتان کان تجارتي ٻيڙيون عربي سمنڊ کي عبور ڪندي ڏکڻ ايران ۽ عراق جي بندرگاهن تائين وينديون هيون. انهن شهرن جي امتيازي خصوصيت اها آهي ته اهي پنهنجي دور جا واحد شهر آهن جيڪي باقاعده منصوبي هيٺ ٺاهيا ويا هئا. انهن جون سڀ عمارتون پڪ سريون هيون. سڙڪون سڌيون ۽ متوازي هيون. گندي پاڻي جي نيڪال لاءِ زمين دوز ناليون کوٽيون ويون هيون. گند ڪچري لاءِ هر گهٽيءَ جي منڍ ۾ پڪيون گند پيٽيون ٺاهيل هيون ۽ انهن جي صفائي لاءِ ماڻهو مقرر ڪيا ويا هيا. گهر سبيتائيپ سان قطارن ۾ تعمير ڪيا ويا هئا ۽ گهر ۾ غسل خانو موجود هيو. انهن انتظامن مان خبر پوي ٿي ته هن شهر جو انتظام جن جي هٿن ۾ هيو انهن کي صحت ۽ صفائي جي تقاضن جو پورو پورو احساس هيو. يادگار عمارتن جي غيرموجودگي مان اهو نتيجو حاصل ڪري سگهجي ٿو ته هي شهر ڪنهن راجا مهاراجا جو دارالحڪومت نه هيو ۽ نه وري عراق ۽ مصر وانگر هتي مندر جا پروهت ديوتائن جي آڙ ۾ بادشاهن وانگر حڪومت ڪندا هئا. بلڪه واپارين جي ڪائي انتظامي مجلس هوندي هئي، جيڪا شهر جي انتظام جي نگراني ڪندي هئي.

اهي ماڻهو لکڻ جي فن کان چڱيءَ ريت واقف هئا، پر شايد وڻن جي ڇوڏن يا پتن تي لکندا هئا. اهو ئي سبب آهي جو عراق ۽ مصر جي ابتڙ هتي هڪ به باضابطه تحرير نه ملي آهي ۽ نه ئي وري آئينده ڪائي اميد آهي، البته مٽي تي کوٽيل لفظ ضرور ملي سگهيا آهن. انهن نقشن جو تعداد ٻن هزارن جي لڳ ڀڳ آهي ۽ انهن تي تقريبن ٽي سؤ علامتون موجود آهن. ٽي حصا علامتون اهڙيون آهن جن جو تڪرار ڏهه ڀيرا ٿيو آهي، ٻه درزن علامتن جو سَوَ دفعا البته هڪ علامت اهڙي آهي جنهن جو تڪرار 800 ڀيرا ٿيو آهي. اهي تاجرن جون ذاتي مهرون هيون، جن سان سندن مال اسباب جي سڃاڻپ ٿيندي هئي. انهن مهرن تي ڍڳي، هاٿي، گينڊي، هرڻ، مڇي جي ڪنڊي، ڏانداري، جهاز، تير، ڪمان، ڪپهه جي گل، ڦڻي، دهل، هٿ، ڦيٿي، جبل وغيره جون علامتون ٺهيل آهن. ان کان سواءِ ڪجهه رسمن جي نقاشي به ڪئي وئي آهي. انهن رسمن جو تعلق پوکن جي واڌ ويجهه سان هيو.

آثارن جا ماهر گذريل اڌ صديءَ کان انهن علامتن جون معنائون ۽ مفهوم متعين ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهن. انهيءَ سلسلي ۾ 1965ع ۾ سوويت يونين جي ٻن محققن ڪجهه علامتن کي پڙهيو ۽ انهي مفروضي جي بنياد تي ته سنڌو ماٿري جي زبان دراوڙي هئي، ان نتيجي تي پهتا ته مڇي جي علامت لفظ ”من“ جي نمائندگي ڪري ۽ ان جي معنيٰ آهي مڇي، ستارو ۽ چمڪڻ. اهڙي طرح ڪپهه جي علامت ”اِل“ (ڪپهه يا گهر) عورت جي علامت ”اما“ (ماءُ، سرخ يا ديوي) ڦڻي جي علامت ”پنتي“ (ڦڻي يا عورت) ڏانداريءَ جي علامت ”ميتي“ (هر، پوک، سردار) جي نمائندگي ڪري ٿي، پر نقشن جو تعداد ايڏو گهٽ آهي جو انهن جي مدد سان هتان جي قديم ٻولي جي آواز ۽ لفظن جو تعين نه ٿو ڪري سگهجي ۽ نه ئي وري ان جي لغت يا گرامر ترتيب ڏئي سگهجي ٿو. ان لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ڏهه هزار نقش گهربل هوندا.

سنڌو ماٿر ۾ وزنن ۽ ماپ تور جو به باقاعده نظام رائج هيو. اهي وزن (وٽ) پڪل مٽي جا هوندا هئا ۽ سڄي ملڪ ۾ هڪ جهڙائي استعمال ٿيندا هئا. انهن ۾ پاڻ ۾ اهڙي طرح سورنهن جي نسبت هئي جهڙي اسان جي وٽن ۾ هوندي آهي. فٽ 13انچن کان ڪجهه وڏو ۽ ”هٿ“ تقريباً 21 انچن جو هوندو هيو. ماڻهن کي برج شناسي جو فن به ايندو هيو. تنهن ڪري مهرن تي مڇي، ڪيڪڙن، وڇن ۽ ڪجهه ٻين افسانوي جانورن جون جيڪي شڪليون ٺهيل آهن اهي راس منڊل سان تعلق رکن ٿيون. سمنڊن ۽ صحرائن ۾ سفر ڪرڻ وارن واپاري ماڻهن جي لاءِ ستارن جي چرپر کان واقفيت اڻ ٿيڻي ڳالهه نه آهي.

آثار قديمه جي انهن شهادتن مان سنڌو ماٿر جو جيڪو نقشو اڀري سامهون اچي ٿو اهو نهايت امن پسند ۽ ڪاروباري معاشري جو آهي، جيڪي گهڻا دولتمند نه هيا، ڇا لاءِ ته پيداوار جي اوازن جي گهٽتائي سبب وڌيڪ پيداوار جو مقدار گهڻو نه هيو. ملڪ ۾ ونڊ ورڇ جي اصولن تي سختي سان عمل ٿيندو هيو. سونارا، ڪنڀر، ٺاٺارا، ڊکڻ، لوهر، رنگريز، وينجهار، دڪاندار ۽ واپاري سڀن جون برادريون ٺهي ويون هيون ۽ سڄو سماج طبقن ۾ ورهائجي ويو هو. لکڻ پڙهڻ جو هنر ٻين تهذيبن وانگر هتي پڻ جادو منتر ڪرڻ وارن پروهتن ۽ وڏ گهراڻن جي چند ماڻهن تائين محدود هيو.

سنڌو ماٿر ۾ اموي نظام قائم هيو يعني حسب نسب ۽ ورهاست جو سلسلو ماءُ جي طرف کان هلندو هو. تنهنڪري معاشري ۾ عورت جو مرتبو مرد کان مٿانهون هيو ۽ عورتن جي مورتين جي گهڻائي ان ڳالهه جو دليل آهي ته هتان جي رهاڪن جي نظر ۾ عورت جي ذات فصل ۽ نسل جي پالنا جو محرڪ به هئي. تنهنڪري سندن سمورا عقيدا ۽ رسمون ڌرتي ماتا جي محور جي چوڌاري ڦرندا هئا.

سنڌو ماٿر جي سڀيتا جو سڀ کان حيرت انگيز پاسو سندس هڪ جهڙائي ۽ جمود آهي. ان هڪ جهڙائي ۽ جمود جي نوعيت افقي به هئي ۽ عمودي به. مثلاً اتر کان ڏکڻ ۽ اوڀر کان اولهه تائين پوري ملڪ ۾ هڪ ئي قسم جا آلات ۽ اوزار، هڪ ئي قسم جا ٿانو ٿپا ۽ ٻارن جا رانديڪا، هڪ ئي ڍنگ جا زيور، وٽ، تور ماپ جا اوزار ۽ رسم الخط رائج هيا. روزانو جي استعمال جي شين جي هڪ جهڙائي مان اهو نتيجو ڪڍڻ مشڪل ناهي ته سنڌو ماٿر جي اهڙي ڪائي مرڪزي طاقت ضرور موجود هئي جنهن جي اطاعت ملڪ جي هر ڪنڊ ۾ هڪ جيتري ٿيندي هئي. معاشرتي جمود جو اندازو ان ڳالهه مان ٿئي ٿو ته هزار سالن جي ڊگهي عرصي ۾ هتان جي سماجي زندگي ۾ ڪائي واضح تبديلي نه آئي. نه آلات ۽ اوزار مٽيا نه طرز تعمير ۽ نه ئي وري فني تخليقات جي ماهيت يا شڪل و صورت ۾ ڪوئي فرق آيو، تنهنڪري کوٽائي ۾ هاڻي تائين آبادي جا نَوَ تهه نروار ٿي چڪا آهن پر هڪ تهه جي آثارن ۽ ٻي تهه جي آثارن ۾ ڪوئي فرق نظر نه ٿو اچي. جيتوڻيڪ زندهه ۽ متحرڪ معاشري ۾ زماني سان گڏوگڏ ٿوريون گهڻيون تبديليون ضرور اينديون آهن. هتي جمود جو اهو عالم آهي ته هزار ڏيڍ هزار سالن تائين رسم الخط به جيئن جو تيئن رهي. اهو جمود به ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته هتان جا واڳ ڌڻي بادشاهت کان به وڌيڪ سگهارا ۽ قدامت پرست هئا، جيڪي نه پاڻ تبديل ٿيندا هئا ۽ نه ئي وري معاشري ۾ ڪنهن قسم جي تبديلي جي اجازت ڏيندا هئا، پر اها ڪهڙي سگهه هئي؟

هر طبقاتي معاشري ۾ عوام کي اطاعت تي مجبور ڪرڻ لاءِ ٻن قسمن جا حربا استعمال ڪيا ويندا آهن. پهريون مادي، ٻيو ذهني ۽ اخلاقي. مادي حربن ۾ جبر ۽ تشدد جا آلات ۽ هٿيار، فوج، پوليس ۽ قيد خاني ۽ جزا ۽ سزا جو عدالتي نظام شامل آهي، پر اقتدار ۽ استحصال جي بقا لاءِ اهي مادي حربا ڪافي نه هوندا آهن، پر جيڪڏهن ماڻهن جي ذهنن ۾ ڪنهن به طريقي سان اها ڳالهه ويهاري وڃي ته فلاڻي فلاڻي ديوتا جي پوڄا سان يا فلاڻين فلاڻين رسمن ادا ڪرڻ سان تنهنجو نسل وڌندو، تنهنجو فصل سٺو ٿيندو ۽ تون زميني ۽ آسماني آفتن کان پناهه ۾ هوندين ته ڪم ڏاڍو سولو ٿي پوندو آهي. سنڌو ماٿر ۾ جبر و تشدد جي اوزارن جي کوٽ ۽ ديوي ماتا جي مورتين جي گهڻائي مان ملائي سلائي اهو ئي نتيجو نڪري ٿو ته هتان جي حڪمران طبقي ماڻهن جي فڪر ۽ احساس جي نظام کي ايڏي ڪاميابي سان پنهنجي اطاعت هيٺ آڻي ڇڏيو هو جو جبر۽ تشدد جا مادي حربا به استعمال نه ڪرڻا پوندا هئا. رڍون جيڪڏهن ايڏيون سڌري وڃن جو چاريندڙ جي هڪ هڪل ئي انهن لاءِ ڪافي هجي ته ڪتن کان ڪم ڇو وٺجي.

ان فڪر و احساس جي نظام کي سمجهڻ ۾ ويدڪ لٽريچر کان وڏي مدد ملي ٿي ڇو ته رگ ويد ۽ لاڳاپيل لکتن ۾ آرين جي وڏائي ثابت ڪرڻ لاءِ سندن رشين پنهنجي قوم جي عقيدن ۽ رسم و رواج جو مقابلو جا بجا مقامي رهاڪن جي عقيدن ۽ رسم و رواج منجهان ڪيو آهي.

(ڪتاب”پاڪستان مين تهذيب ڪا ارتقا“ جي هڪ باب جو اختصار)

                                         (ترجمو: احسان دانش)

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org