سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: موهن جو دڙو

باب:

صفحو: 16

غلام مصطفيٰ شر

موهن جي دڙي ۾ عمارت سازي تي

تحقيق ۽ تنقيدي جائزو

موهن جو دڙو جنهن کي اتان جا ڳوٺاڻا مُهون ڪري چوندا آهن ۽ سرڪاري طرح موئن جو دڙو ڪري لکيو ويندو آهي. هي سنڌو تهذيب جا عاليشان شهري زندگي جا پراڻا آثار، هن تهذيب جو هر لحاظ کان مکيه ۽ مرڪزي حصو آهن. جاگرافيائي طور پنجاب، سنڌ ۽ گجرات جي درياهي لٽ واري سرسبز شاداب ميدان جي مرڪز ۾، سنڌو درياهه جي ڪنڌي تي هي شهر ان وقت سڄي دنيا جي شهرن کان وڏو شهر ٿي ويو. سندس ثاني ڪو شهر اڃا نه لڌو آهي. سنڌو تهذيب جو علائقو جنهن جي اتر ۾ هماليا جبلن جون اوچيون چوٽيون جيڪي سنڌو نديءَ کي پاڻي مهيا ٿيون ڪن، اولهه ۾ سليمان جبل ۽ کيرٿر جون قطارون جيڪي قدرتي معدنيات سان گڏ ڍال وانگر حفاظت به ڪن ٿيون. ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ جنهن تي ٻيڙن ذريعي ٻاهريون واپار ٿيو هوندو ۽ اوڀر ۾ ٿر جو رڻ پٽ ۽ روهڙيءَ جون ٽڪريون آهن. هنن ٽڪرين جو، Chert stone چقمق پٿر، پٿر جي اوزارن ٺاهڻ جو ذريعو آهي ۽ وهندڙ نديون زراعت جي زندگيءَ لاءِ اهم ضرورت واپار ۽ سفر ڪرڻ لاءِ شاهراهه جي حيثيت ۾ رهيون آهن.

        موهن جي دڙي کي ڏسڻ وڃبو ته باغيچي ۾ ميوزيم جي وڏي عمارت ۾ نوادرات رکيل ملندا، ته وري سائيٽ تي عاليشان عمارتن جو ڳتيل شهر ملندو، جنهن ۾ هتان جا ماڻهو ان ورثي جي مالڪيت تي ويساهه ئي نه ڪندا آهن، جنهن کي يورپ جي کوٽائي ڪندڙ عالمن نيويارڪ ۽ سندس گهٽين کي لينڪشائر ۽ آڪسفورڊ اسٽريٽ سان تشبيهه ڏني آهي. لڳندو ته جاين جا صرف شهتير ڳري ويا آهن باقي بلند ديوارون، باٿ روم، زير زمين نيڪال لاءِ ناليون، کوهه عروج واري زندگي جي جهلڪ ڏيندا.

موهن جي دڙي جون عمارتون جيڪي پاڻ وڏي antiqiqity   آهي سي 5000 سال اڳ واري سماج جو تصور پئدا ڪن ٿيون. هتي سوال اٿي ٿو ته ان وقت جي سماج پنهنجي مقصدن حاصل ڪرڻ لاءِ جدا جدا ادارن لا۽ عمارتن جا ڪهڙا ڪهڙا نمونا ٺاهيا، انهن عمارتن ۾ رهندڙ ماڻهن لاءِ ڪهڙو سماجي رول ادا ڪيو. موهن جي دڙي جي انتظام واپار ۽ ماڻهن جي ڪم ڪرڻ جي ڍنگ ۽ تنظيم کي سمجهڻ لاءِ عمارتن جي ڪارج جو تجزيو ڪرڻ کان سواءِ موهن جي دڙي جي زندگيءَ جي باري ۾ تصوير چٽي نه ٿي سگهندي. ان ڏس ۾ 60 سال گذري وڃڻ باوجود تحقيق نه ٿي سگهي، پر 1980ع کان پوءِ موهن جي دڙي بابت کوجنا جو لاڀائتو دور شروع ٿيو آهي. پر ان راهه ۾ اڃا ڪي دشواريون آهن جن سبب موهن جي دڙي ۽ ان سان لاڳاپيل آثارن جي تباهي ٿي رهي آهي. ان جو مختصر ذڪر ڪندس.

موهن جي دڙي کان واقفيت جو سلسلو موهن جي دڙي تي ملندڙ رپورٽ مطابق سنه 12-1911ع ۾ ڊي آر ڀنڊڪار سپرنٽنڊنٽ آرڪيالاجسٽ ويست سرڪل، جيڪو ٻڌ جي مندرن جي ڳولا ۾ آيو، کيس اُهي آثار نه ملڻ تي مايوسي ٿي. ان کان پوءِ 20_1919ع ۾ رکل داس بئنرجي آيو، جنهن 22 _1921ع ۾ موهن جي دڙي تي پهرين کوٽائي ڪرائي. 20 سيپٽمبر 1924ع ۾ النسٽريٽڊ لنڊن نيوز ۾ گهڻو وساريل تهذيب تي پهرين روشني 528،32pp جي عنوان سان سر جان مارشل بندر جي ڊسڪوريءَ جو مغرب جي حساس دنيا ۾ انڪشاف ڪيو.ان کان پوءِ هر سال 1928ع تائين جان مارشل پنهنجي نگراني ۾ قابل ماڻهن جي سٿ سان کوٽائي ڪرائي 8 سالن جي عرصي ۾ موهن جي دڙي جي اوچاين وارن دڙن جي 21 ايراضين جي کوٽائي ڪرائي، جنهن نموني تحقيقي کوٽائي ٿيڻ کپندي هئي ان جي ابتڙ مورتين، مهرن ۽ ٻين وڏين شين جي ڳولا ۾، ٻيون ڪافي شيون ٻاهر ڍير ڪرائي غلطي ڪئي. صرف چند نگرانن جي وس کان اها ڳالهه ٻاهر هئي ته هو هر مزدور جي کوٽائي تي نظر رکي سگهن ۽ ثابتيون رڪارڊ ڪري سگهن. ثقافتي سمجهه نه هئڻ ڪري ڪيتريون ئي شيون کوٽائي ڪندڙ مزدورن لڪائي ڇڏيون. سر جان مارشل جي پنهنجي لکت مطابق ته ”26-1925ع واري کوٽائي دوران 1000 کان 1200 مزدور ڪم تي لڳايا“ اهڙي صورتحال ۾ غير سائنسي کوٽائي نتيجي ۾ آثارن کي سمجهڻ ۾ ڏکيائي پيدا ڪئي. جان مارشل 1928ع ۾ رٽائر ٿيو ۽ موهن جي دڙي جو ڪم بند ٿيو. مارشل کان پوءِ هارگريوز ڊائريڪٽر جنرل ٿيو ۽ ان کان پوءِ 1931ع ۾ راءِ بهادر ديا رام ساهني 1937ع تائين ڊائريڪٽر جنرل ٿيو، هن صاحب جي دور ۾ سنڌ آرڪيالاجي کي ڪافي نقصان ٿيا. موهن جي دڙي ۾ هڪ اهم سائيٽ منير ايريا جنهن جي 1000 چورس ميٽرن جي کوٽائي مان لڌل سامان جو ڪو نالو نشان ڪونهي ۽ غائب ٿيل آهي پر ان بابت 34-1930ع arasi ۾ مختصر ذڪر ڪيل هيو، جنهن ۾ معذرت ڪيل هئي ته k.n. puri ڪسٽوڊين موهن جو دڙو ۽ q.m. muneer 34-1933ع ۾ هن سائيٽ جي کوٽائي ڪئي، جيئن ته بدقسمتي سان اتي ڪو به فوٽو گرافر ۽ ڊرافٽسمين سائيٽ تي ڪونهي تنهنڪري تصويرون يا خاڪا نه ٿا ڏئي سگهجن. ان مان معلوم ٿيو ته مارشل کان پوءِ موهن جي دڙي جي بي قائدي کوٽائي جي حد هئي. موهن جي دڙي بابت تحقيقات ڪرڻ لاءِ ان جي همعصر ۽ ويجهڙائي وارين سائيٽن جي لاڳاپيل کوجنا ضروري آهي، ساڳئي مٿين صاحب جي وقت ۾ اهم شهر چانهو دڙو جي کوٽائي ارنسٽ مئڪي 36-1935ع ۾ ڪئي ان جي به تڙ تڪڙ واري کوٽائي وڏي ايريا کي نهوڙي وڌو. ارنسٽ مئڪي پنهنجي excavation report  جي پيش لفظ ۾ لکيو آهي، ”آرڪيالاجي ڊپارٽمينٽ سان طئي ٿيو ته ڍوئرائيءَ جي خرچ کان بچڻ لاءِ شين جي ورهاست سائيٽ تي ڪئي ويندي. مارچ 1936ع ۾ dr.c.l fabri موهن جي دڙي کان ۽ n. dikshit ان جو ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل به آيو. دوستاڻي سهڪار سان شين جي ورهاست ٿي. ننڍين شين جهڙوڪ: مهرن ۽ مڻين کان سواءِ چئن ڏينهن ۾ پوري ٿي. اسان ٻن ڪمن ۾ هياسي. هڪ اُهي شيون پيڪ ڪيون سين جيڪي فائن آرٽس ميوزيم بوسٽن کي ڏنيون ويون هيون، جيڪي وايا ڪراچي آمريڪا وڃڻيون هيون ۽ ٻيون اهي ننڍيون شيون جيڪي دهليءَ ۾ ورهاست لاءِ کڻڻيون هيون.

ٻي عالمي جنگ کان پوءِ سر مارٽيمر ويلر 50-1949ع ۾ موهن جي دڙي جي کوٽائي ڪرائي، جيڪا رپورٽ ڪن سببن جي ڪري مڪمل شايع ٿي نه سگهي ۽ ان جو ٿورو حصو شايع ٿيو آهي.

1981ع ۾ موهن جي دڙي جي چوڌاري، يونيسڪو جي چئنل جي کوٽائيءَ دوران ڪيترائي آثار مليا جن کي مڪمل رڪارڊ نه ڪيو ويو. 1985ع ۾ درياهه کي بچاءَ بند ٺاهڻ وقت اوڀر طرف اٽڪل اڌ ڪلوميٽر تي موهن جي دڙي جو حصو ظاهر ٿيو جنهن کي بلڊوزرن جي تباهي کان اڳ ڪنهن رڪارڊ نه ڪيو.

1987ع ۾ درياهه جي ڪنڌي تي اٽڪل 2 ڪلوميٽر موهن جي دڙي جي مکيه سائيٽ کان اوڀر طرف موهن جي دڙي جو حصو مليو، جيڪو پڻ مڪمل رڪارڊ ٿي نه سگهيو. بلڊوزرن جي کوٽائي کان پوءِ ان ۾ پٿرن جو بند تعمير ڪيو ويو.

موهن جي دڙي ۾ روزمره زندگي لاءِ اڪثريت اوزارن جي چقمق پٿر Chert stone مان ٺهيل آهن، جن جو جڳ مشهور ذخيرو روهڙي جي ٽڪرين ۾ آهي. هنن پهاڙن جو سلسلو اٽڪل 60 ڪلوميٽر اتر کان ڏکڻ ڊگهائي ۾ ۽ اٽڪل 10 ڪلوميٽر اوڀر اولهه جي ويڪر ۾ آهي. هنن پهاڙن تي اوائلي پٿر جي دور early palacolithic جا اوزار جيڪي 20 لک سال پراڻا آهن، مليا آهن، ته وچولي ۽ نئين دور جي پٿر جي زماني جا اوزار به مليا آهن. انهن سان گڏ موهن جي دڙي لاءِ ٺاهيل اوزارن جا ڪارخانا به مليا آهن. موهن جي دڙي جي اڀياس لاءِ انهن جو اڀياس به ضروري ٿي پوي ٿو، پر اسان جي بي توجهي جي ڪري اهي رڪارڊ ٿيڻ کان اڳ اتي موجود ڪريشرن جي تباهي جو شڪار ٿي رهيا آهن ۽ ڪجهه بجريءَ جي روڙيءَ طور جاين ۽ ڏامر جي رستن ۾ استعمال ٿي رهيا آهن.

انهن سڀني مسئلن جو حل ناممڪن ناهي. آثارن جو بچاءَ ڪيو وڃي ۽ کوٽائي جي اجازت تڏهن ڏني وڃي جڏهن کوٽائي ڪندڙ ٽيم ۾ سڀني سائنس جي شناخت جا ماهر موجود هجن ۽ کوٽائي کان پوءِ انهن آثارن جي محفوظ ڪرڻ جي ضمانت ملي سگهي.

موجوده ريسرچ 1980ع کان ڊاڪٽر مائيڪل جينسن dr. michael jansen جي اڳواڻي ۾ جرمن ريسرچ پراجيڪٽ ڪم شروع ڪيو. ان جو مقصد هيو ته موهن جي دڙي کي مڪمل تباهيءَ کان اڳ رڪارڊ ڪجي. ڊاڪٽر مائيڪل موهن جي دڙي جي نئين سر سروي ڪري اڳوڻن نقشن ۾ سڌارا ۽ واڌارا ڪيا. جديد طريقي سان عمودي ۽ سطحي فوٽو گرافي  ڪئي آهي. گهڻي وقت کان گم ٿيل کوٽائي بابت مواد کي هٿ ڪيو آهي ان کان پوءِ هن ڏهاڪي ۾، اڳ ڪيل کوٽائي ڪندڙن جا فيلڊ بوڪ به ملي ويا آهن، جيڪي جرمنيءَ ۾ ڪمپيوٽرائيزڊ ڪيا ويا آهن، جن مان h.a.area.  ايڇ آر ايريا جو هڪ واليوم شايع ڪيو ويو آهي. هن فيلڊ بوڪ ۾ 6214 نوادرات جي داخلا ٿيل آهي. ان ۾ فيلڊ بوڪ نمبر، کوٽائي جي تاريخ، لوڪيشن ليول ۽ مختصر شين جي وصف ڏنل آهن. اڳ ۾ ڪيل ريسرچ ۾ ڪل لڌل نوادرات جو 20 سيڪڙو شايع ٿيل هو، جنهن سان صحيح کوجنا ممڪن نه هئي. آرڪيٽيڪچر جي مقصد کي سمجهڻ لاءِ ان ۾ ٽه رخي dimension  3 ماڊل جي مدد ورتي وئي آهي، جيڪو ڏنل چارٽ ۾ ڏسي سگهجي ٿو. هڪ عمارتن جي عمودي ۽ سطحي واڌ ٻيو عمارتن جي اڏاوت ۽ ٽيون نوادرات جي ان ۾ ساڳئي نموني ورهاست، ان ماڊل ۾ نوادرات جي اڀياس لاءِ طريقو جيڪو جريش ۽ توزيءَ منڊيڪاڪ ۾ استعمال ڪيو آهي ۽ اليڪيسزينڊار، اوٽا فرينڪ ۽ مائيڪل به استعمال ڪيو آهي ڪارگر آهي، سو هيٺ ڏجي ٿو.

گذران جون شيون، کاڌو، ٻارڻ، ڪپڙا/لباس ۽ اجهو اوزار. جنهن ۾ پيداوار وقت بچيل ناڪاره مال، اوزار يا هٿيار، وڏا ٿانو/ڪونر، عمارتن جو سامان، رنگ، سانچا ۽ ڪچو مال.

انتظاميه، مهرون، لڳل مهرون، ماپا، معاشي ڏيتي ليتي جي داخلا ۽ ضابطي جا اوزار. شان شوڪت، مورتيون، مجسما، مڻيا يا هار، چوڙيون، منڊيون، جڙاوت جو ڪم.

شيون جن جو سڌي طرح معاشي مقصد نه هجي. مٿين اڀياس ڪرڻ سان جاين اندر ٿيندڙ ڪمن مان رهائشي، صنعتي ۽ انتظامي ۽ مذهبي جاين جا نمونا ملي ويندا، جنهن سان شهري رٿا ۽ سياسي، اقتصادي ۽ سياسي نظام کي سمجهڻ ۾ رهنمائي ملندي. مٿين طريقي جي کوجنا کي بهتر ڪرڻ لاءِ موجوده سنڌي سماج جي پروڙ سان سٺي ڪسوٽي جو ماڊل ٺاهي سگهبو.

1982ع کان مٿين ذڪر ريسرچ پراجيڪٽ سان گڏ اٽالين آرڪيالاجيڪل مشن جنهن ismeo طرفان پروفيسر توزي جي اڳواڻي ۾ ڪم شروع ڪيو. هن ٽيم اڳ ۾ سائيٽ جي مٿاڇري جي چڪاسsurface analysis  سان موهن جي دڙي جي شهر ۾ ڪمن ۽ پئداواري حصن کي ڳولي لڌو، جنهن سان ڪارخانن جي قسمن ۽ مزدورن جي ڪم جي ورڇ ۽ ڪمن جي نوعيت جو اندازو لڳايو آهي. ميگنوميٽر سان زير زمين ديوارن کي ڳوليو آهي، جن سان سرن جو پليٽ فارم اسٽوپا کان سواءِ هيٺين شهر يعني H.r  جي اوڀر ۾ لڌو آهي، جنهن سان عالم پناهه واري نظريي کي مختلف نموني پيش ڪيو آهي، يا رد ڪيو آهي.

 

بدر ابڙو

قديم سنڌو ماٿريءَ جي ديو مالا

قديم عراق ۾ سڀ کان پراڻيون مورتيون جرمو ۽ حلاف ۾ مليون آهن ۽ اهي زرعي ۽ مادي دور جون آهن. انهن مورتين جو اڀريل پيٽ ۽ ٻيون جسماني نشانيون کين گرڀ وتيون ظاهر ڪن ٿيون. سماج جي ارتقا واري علم جا ماهر ثابت ڪري چڪا آهن ته زراعت جي دريافت عورت جو ڪارنامو آهي، تنهنڪري اوائلي انسان ”تخليق“ لاءِ عورت کي ذميوار سمجهيو ۽ ڇاڪاڻ ته عورت ٻار پيدا ڪري ٿي تنهنڪري تخليق جي ڪائناتي عمل سان هڪ جهڙائي محسوس ڪندي اهو نظريو قائم ڪيو ويو ته عورت مرد کان وڌيڪ تخليق جي عمل بابت ڄاڻ رکي ٿي. جيمس فريزر، سندس ڪتاب ۾ آمريڪا جي ”نيڪو“ قبيلي جو ذڪر ڪندي ان نظرئي جي تصديق ڪئي آهي. هو چوي ٿو ته جڏهن هڪ پادري قبائلين کي اهو چوڻ چاهيو ته عورتن کان سخت اس ۾ زرعي ڪم وٺڻ ۽ انهن کي مردن طرفان مدد نه ملڻ ظلم آهي ته قبائلين کيس چيو ته، توهان اها ڳالهه نٿا سمجهو، ڇو ته عورتون ٻار پيدا ڪنديون آهن ۽ مرد ٻار پيدا نه ڪندا آهن، جڏهن عورتون ٻج پوکين ٿيون ته ٻيڻي ۽ ٽيڻي پيدائش ٿئي ٿي. توهان ٻڌايو ته ايئن ڇو آهي؟ ان ڪري جو عورت ٻار ڄڻڻ ڄاڻي ٿي. نيٺ به عورت کي پيدائش متعلق مرد کان وڌيڪ ڄاڻ آهي.

دراصل ڌرتي ماتا جون مورتيون انساني سماج ۾ مادري دور ۽ ابتدائي زرعي دور ۾ ايجاد ٿيون. مادري نظام تي پدري نظام ان وقت غالب ٿيو آهي جڏهن هَرُ ايجاد ٿيو ۽ زرعي دنيا ۾ انقلاب اچي ويو. هَرَ جي ايجاد سان زراعت جي شعبي تي مرد قابض ٿيو ڇاڪاڻ ته هر کيڙڻ لاءِ گهربل جسماني سگهه عورت وٽ نه هئي ان ڪري اهو چئي سگهجي ٿوته مادري سماج ۾ عورت گهريلو معاملن کان زرعي پيداواري معاملن تائين اڳواڻي ڪندڙ هئي. جن مان پوئين شعبي جي اڳواڻي هر جي ايجاد کان پوءِ کسجي وئي. سر جان مارشل لکي ٿو مهن جي دڙي جو کوٽائي مان لڌل مورتيون عراق، شام، فلسطين ۽ ٻين علائقن مان لڀجندڙ مورتين جهڙيون آهن. هو چوي ٿو ته ديوي ماتا جي پوڄا سڄي الهندي ايشيا ۾ دور دور تائين عام جام هئي ۽ سنڌوتهذيب جي مختلف آبادين ۽ بستين مان ٺڪر جا ٺهيل بلڪل اگهاڙي عورت جا جيڪي ننڍا مجسما لڌا ويا آهن سي شايد ان ئي ديوي جي نمائندگي ڪن ٿا. پر هن خيال لاءِ ڪو به سبب ڪونهي ته اهو مذهب الهندي طرف کان سنڌ ۾ درآمد ڪيو ويو هو. ڇاڪاڻ ته اهو ذري گهٽ سڄي هندستان جي اڻ سڌريل قومن ۾ اڄ تائين عام آهي. تنهنڪري ان کي ئي مقامي سمجهڻ گهرجي. ان جي برعڪس اسان کي ائين سمجهڻ گهرجي ته ”ٻاهر“ جي مٿانهين پٽن کان هتي وارد ٿيل نئين قوم هتان جي ميدانن ۾ اصل رهندڙ قديم قوم جي وچ ۾ سندس پهرين ٽڪراءَ کان گهڻو اڳ ۾ سندن مشترڪه پوڄا جي اها هڪ شيءِ موجود هئي (سنڌو تهذيب، ان جو اسرڻ ۽ ڦهلجڻ_لئمبرڪ).

مين دي فالن ايپ man the fallen ape  جي ليکڪ برانڪو بوڪن سنڌو ماٿري جي تهذيب بابت پنهنجو خيال ظاهر ڪندي چيو آهي ته جڏهن هڙپه تهذيب پنهنجي عروج تي پهتي تڏهن (1700ق.م) اهو سن درست نه آهي. حقيقي دور 2300 ق.م کان 1800 ق.م تائين سمجهيو وڃي ٿو زندگي جو وهنوار عظيم ديوي جي هٿ ۾ هو. ڇاڪاڻ ته فقط مادري نظام واري سماج ۾ ئي ان حد تائين ڪم هلي سگهيو ٿي. فريزر ۽ سبط حسن ان جا قائل نظر اچن ٿا ته اهي مورتيون پوڄيون نه وينديون هيو پر انهن جو استعمال زرعي اپت وڌائڻ لاءِ ساٺن ۾ ٿي ٿيو. سبط، نڪوبار ٻيٽن جي ماڻهن جي اعتقاد جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن موجب جيڪڏهن ڪا گرڀ وتي ٻني ۾ ٻج  پوکي ته فصل تمام ڀلو ٿيندو آهي. هڪ ٻئي مثال ۾ ڏکڻ اٽلي  ۾ ساڳيو عقيدو ڄاڻايو ويو آهي. جڏهن ته قديم يونان ۾ وهم پرست ماڻهو اناج ۽ زمين جي ديوي جي گرڀ وتي جي قرباني ڏيندا هئا. سبط حسن ”مرڪنديه پوراڻ“ ۾ پيداوار جي ديوي جا ٻول ڏنا آهن. جن ۾ هوءَ چوي ٿي ته ”ان کان پوءِ  اي ديوتا آئون سڄي جڳ کي زندگي ڏيندڙ ڀاڄيون ڏيندس. اهي ڀاڄيون تيز برسات ۾ منهنجي جسم مان ڦٽنديون ۽ مان زمين تي ساوڪ پيدا ڪندڙ سڏبيس.“ هي اهو ساڳيو تصور آهي، جيڪو ساڍا چار هزار سال اڳ واري سنڌ ماٿري جي ”ٻن مهرن“ تي اڪريل آهي، جنهن ۾ هڪ عورت کي مٿي ڀر ڏيکاريو ويو آهي ۽ هن جي ٻنهي ٽنگن جي وچ مان ٻوٽو ڦٽي رهيو آهي. هڪ مهر تي هڪ مرد ۽ عورت جي تصوير آهي، جنهن ۾ مرد جي هٿ ۾ ڏاٽي جي شڪل وارو چاقو آهي ۽ عورت مرد کان زندگي جي امان پئي گهري. محققن ان تصور مان اهو نتيجو ڪڍيو آهي ته عورت کي ڌرتي ماتا جي اڳيان قربان ڪيو پيو وڃي.

موهن جي دڙي واري تهذيب مان لڌل مهرن جو ڳوڙهو  اڀياس ڪري سنڌوماٿري جي تهذيب جا ڪي مکيه جزا لهي سگهجن ٿا. جيڪڏهن لڌل مهرن تي تفصيلي نظر وجهبي ته صاف نظر ايندو ته انهن ۾ گهڻائي انهن مهرن جي آهي جن تي جانور يا وڻ اڪريل آهن. جانورن ۾ ڏاند سڀني کان واضع آهي، جيڪو سنڌ ۾ زراعت لاءِ انسانن جو ٻانهه ٻيلي آهي ۽ اهو ئي موهن جي دڙي جي ديوي توڙي ديوتا جي تاج ۾ مکيه جاءِ والاري ٿو. لڌل مهرن ۾ نظر ايندڙ ديوي ۽ ديوتا جي مٿي  مان ڏاند جهڙا سڱ نڪتل ڏيکاريل آهن. ڍڳو، سڄي دنيا ۾، خاص ڪري سنڌ ۾ زراعت سان لاڳاپيل جانور آهي. جيڪو هر کيڙڻ ۾ مدد ڏئي ٿو ڍڳو شو مهاديو جي سواري به آهي. پاڪستان آرڪيالاجي کاتي جي مسٽر عبدالعزيز فاروق سندس ليڪچر_(development of indian civilization its relationship with brahmanical concepts)

(8 مئي 1990ع ڪراچي نيشنل ميوزم) ڍڳي، شو ۽ مهن جي دڙي بابت تفصيلي بحث ۾ چيو آهي ته اڄ به شو جي مندرن ۾ ڍڳي جي پوڄا عام آهي ۽ ڍڳي جي اهميت زرعي ديوتا جهڙي آهي، جنهن  جي مجسمن کي مندرن ۾ هار وڌا وڃن ٿا. سندس چوڻ آهي ته شو جي علامت ”لنگم“ هر سان مشابهت رکندڙ آهي، جڏهن ته لفظ ”لنگم“ سنسڪرت جي لنگولاLangula  مان ورتل آهي. جن مان مهيشوارا، چندر سيکرا، متن جاوا، سري ڪنتا ۽ ٻيا انيڪ نالا سندس زراعتي نالا آهن. هن پنهنجي ليڪچر ۾ ”وڻ پوڄا“ جو ذڪر ڪيو جيڪا اڃا تائين بنگال ۾ عام آهي. هن ديويءَ جي پوڄا لاءِ بهار جي مند واري وقت ڏانهن به ڌيان ڇِڪايو، جيڪا اصل ۾ زراعت لاءِ مناسب کيڙڻ گهڙي آهي. انهي ليڪچر مان ڪن تفصلين جو ذڪر هن پنهنجي مضمونA stone linga” note on examukha  ۾ به ڪيو آهي، جيڪو جرنل آف سينٽرل ايشيا واليوم xi  نمبر 2 ڊسمبر 1977ع ۾ ڇپيو آهي.

هوڏانهن مئن جي دڙي وارن مهرن ۾ ڪي خيالي جانور به ڏيکاريل آهن، جيڪي يقيني طور تي مذهبي جاءِ والارين ٿا. عام جانورن ۾ سانُ، ڍڳو، هاٿي، شينهن، واڳون ۽ ٻڪر نظر اچن ٿا. جڏهن ته هڪ خيالي جانور جي نراڙ مان هڪ سڱ ڦٽل آهي. ساڳيو هڪ سڱو جانور هڪ وڌيڪ سهڻي مهر تي نظر اچي ٿو. ان مهر ۾ گهيٽي جي سڱن وانگر وريل سڱن جون نوڪون اهڙي طرح ڏيکاريل آهن جو ٻنهي سڱن تي جدا جدا هڪ سڱو جانور نظر اچي ٿو. هڪ مهر ۾ اهڙو جانور ڏيکاريل آهي. جنهن کي ڏاند جهڙا سڱ، هاٿي جهڙي سونڊ، اوڳاريندڙ جانور جهڙا کُرَ ۽ جسم تي شينهن جهڙا پٽا آهن. هڪ مهر تي اهڙي ڍڳي جهڙو جانور آهي جنهن کي ٽي منڍيون آهن، جن مان هڪ منڍيءَ تي جابلو ٻڪر وانگر سڱ آهن، ٻي منڍيءَ جا سڱ اڳتي وريل آهن، جڏهن ته ٽين منڍيءَ جا سڱ ڏاند جهڙا آهن. هڪ مهر ۾ ٻه شينهن وڙهندي نظر پيا اچن جن مان هڪ ٻئي کي ڪيرائي وڌو آهي. هڪ مهر ۾ هڪ اهڙو خيالي جانور آهي، جنهن جو اڳيون ڌڙ انسان جهڙو ۽ پويون شينهن جهڙو آهي. اهڙي شبيهه هندو ديو مالا ۾ نزاسنگها جي آهي، جيڪو وشنوءَ جواوتار هو.

مختلف مهرن ۾ فصل جي ديويءَ کي ٻڪر جي ڀيٽا ڏيندي ڏيکاريو ويوآهي. ٻه اهڙيون مهرون به لڌيون ويو آهن جن کي ”دي روٽس آف اينشنٽ انڊيا“ جو ليکڪ والٽر فيئر سروس ديوتا جهڙا سگهه رکندڙ يا جانور جي روح کي ظاهر ڪندڙ چوي ٿو. انهن ۾ وڇونءَ يا ڪنهن جيت کي مرڪزي حيثيت آهي. انهن مان هڪ مُهر شينهن، هاٿي، مينهن ۽ گينڊو وڇونءَ جي ٻنهي پاسن کان ڏيکاريل آهن.

ڪي اهڙيون مُهرون به آهن جن مان قرباني جي رسمن جو پتو پوي ٿو. هڪ مهر ۾ هڪ ٻوٽو ڏيکاريل آهي. جنهن ۾ فصل جي ديوي بيٺل آهي. ٻانهن ۾ ٻانهيون ۽ مٿي تي ڏاند جي سڱن وارو ڇٽ اٿس، ٻوٽي آڏو هڪ پوڄاري يا پوڄارڻ گوڏن ڀر جهڪيل آهي ۽ لڳي ٿو ته اها ديويءَ کي قربانيءَ لاءِ آندل ٻڪر (جيڪو پوڄارڻ جي پويان بيٺل آهي) آڇي پئي، پوڄارڻ/پوڄاريءَ کي پڻ ديوي جهڙو ڇٽ پاتل آهي، ان منظر آڏو هڪ مهر ۾ ست ۽ ٻئي ۾ ڇهه عورتون بيٺل آهن. (هڪ مهر ۾ عورتن کي چوٽيون به ڪيل آهن) ۽ اهي جانور آڇڻ واري رسم ڏسي رهيون آهن. ساڳي طرح گم ٿيل درياهه سرسوتيءَ جي ڪناري ڪالي بينگن kalibangan ماڳ مان لڌل ڪيڪ جهڙي هڪ ٺڪر تي ٻڪر جي قربانيءَ جو نقش اُڪريل آهي.

هڪ ٻي مهر ۾ هڪ وڻ، ڍڳي جي روپ ۾ ديوي ۽ هڪ شينهن اهڙي طرح ڏيکاريل آهن جنهن مان لڳي ٿو ته اها ديوي (ڍڳي جهڙن) سڱن سان شينهن تي حملو ڪري رهي آهي ۽ شينهن مخالف رخ ۾ ڊنل حالت ۾ پيو وڌي، شينهن جو چهرو پوئتي، ديوي ڏانهن مڙيل آهي ۽ اڳيان پير هوا ۾ آهن. ديوي جي پويان بيٺل وڻ جون ٻه ٽاريون کتل آهن. جڏهن ته شينهن جي مٿي سان ٻه ٽاريون سڱن وانگر نظر اچن ٿيون جنهن مان اهو خيال ذهن ۾ اڀري ٿو ته وڻن ۾ واسو ڪيل بدي جي قوت وڻ کي نقصان پهچايو آهي ۽ ديوي ان کي مارڻ چاهي ٿي. هڪ ٻي مهر ۾ ساڳي ديوي فاتحاني انداز ۾ هڪ هٿ مٿي کڻي بيٺي آهي ٻنهي مهرن ۾ نظر ايندڙ هيٺيون ڌڙ ڏاند جهڙو آهي، جڏهن ته مٿي تي سڱ به اٿس هڪ ٽين مهر ۾ هڪ طاقتور ڪردار (عورت يا مرد) ٻن شينهن کي نڙگهٽ مان جهلي بيٺو آهي ۽ ٻئي شينهن بيوس پيا ڏسجن. والٽر  فيئر سروس ذڪر ڪيل پهرين ٻن مهرن ۾ نظر ايندڙ عورت (ديوي) کي خول پاتل سمجهي ٿو جڏهن ته ٽئين تصوير کي ميسوپوٽيما مان ظاهر ٿيل هڪ ڪردار گلگميش سان هڪ جهڙائي رکندڙ طاقتور ماڻهو جهڙو سمجهي ٿو. هڪ مهر ۾ ٻيلي جهڙو ماحول آهي. مهر جي کاٻي پاسي ديويءَ واري وڻ جهڙو نشان چٽيل آهي ان جي ڀر ۾ هڪ شينهن آهي، جيڪو پوئتي مڙي ٻن سگهارن ماڻهن وچ ۾ ٿيندڙ تڪرار (؟) ڏسي رهيو آهي. ٻنهي ماڻهن وڻ پاڙئون پٽي ڪلهن تي کنيا آهن ۽ الر واري انداز ۾ آهن. ٻنهي جي وچ ۾ ديوي بيٺل آهي ۽ کين وڙهڻ کان منع (؟) پئي ڪري. مهر تي وچ ۾ هڪ وڻ آهي جيڪو ٻيلي جو ماحول پيدا پيو ڪري.

مهرن تي ملندڙ ڌرتي ماتا کان سواءِ ٻي اهم مرداني مورتي کي جان مارشل ” شو“ سان مشابهت رکندڙ قرار ڏئي ٿو. هن ديوتا کي لاڙي ڍڳي جهڙا سڱ آهن مٿي تي مهن جي دڙي مان لڌل ماتا جي ٺڪرائين مورتيءَ ۾ ڏيکاريل ڇٽ جهڙو ڇٽ اٿس ۽ ٻنهي ٻانهن ۾ مڪمل ٻانهيون اٿس. اهڙي طرح ان راءِ کي هٿي ملي ٿي ته آرين جي آمد کان اڳ شو، جنهن ديوي جو همعصر آهي. اها ڌرتي ماتا آهي، جنهن جو وجود مهن جي دڙي ۾ به هو ۽ جيڪا هنگلاج ۾ به آهي.

مهن جي دڙي مان لڌل مهر تي ڇپيل هيءَ ديوتا هڪ ٿلهي تي پلٿي هڻي ويٺل آهي. ويهڻ جو سڄو انداز يوگ آسڻ وارو آهي. شو کي مهاتپا ۽ مها يوگي به چيو وڃي ٿو. ان کان سواءِ ماهرن جي اها راءِ به آهي ته يوگ آرين کان اڳ جو تصور آهي جنهن سان اندر اجرو ٿئي ٿو. مهن جي دڙي واري پوڄاري جو مجسمو پڻ غور ۽ فڪر جي علامت آهي. هن ديوتا جي چوڌاري ڪيترائي جانور نظر اچن ٿا. جنهن مان ديوتا جي ”جانورن جو ديوتا“ هجڻ جو امڪان اُڀري ٿو، شو جو هڪ لقب ”پسو پتي“ آهي. جنهن جي معنيٰ جانورن جو پالڻهار آهي، مهر تي شينهن سانهه، گينڊو، هرڻ ۽ هاٿي ڏسي سگهجن ٿا. جڏهن ته جانورن سان گڏ انساني شبيهه کيس آرين کان اڳ چوپاين تي قدرت رکندڙ ديوتا ثابت ڪري ٿي، ”قرون وسطيٰ ۾ هندوستاني تهذيب“ نالي ڪتاب ۾ هيراچند اوجها سندس ليڪچر ”مذهب ۽ معاشرت“ واري باب ۾ چٽن اکرن ۾ لکي ٿو ته ”شو فرقي جا ماڻهو مهاديو کي عالم جو خالق، رازق ۽ هلاڪ ڪندڙ سمجهن ٿا. يوگ،اڀياس ۽ رک ملڻ کي ضرور سمجهن ٿا ۽ نجات جا قائل آهن. ساڳئي باب ۾ اوجها ڄاڻائي ٿو ته، شو جي پوڄارين جا ڇهه نشان آهن. مالا، زيور، ڪنڊل، رتن، رک ۽ جڻيو. مهن جي دڙي مان لڌل مهر تي شو جي تصوير مان اسان کي انهن مان اڪثر نشانيون نظر اچن ٿيون. جڏهن ته محترم تاج صحرائيءَ سندس ڪتاب ”سنڌو تهذيب“ ۾ ڪوٽڏيجي جي کوٽائي مان لڌل چٽن واري هڪ چاڏي تي چٽيل ”سڱن واري ديوي“ ڏانهن ڌيان ڇڪايو آهي، جيڪا خوشحالي جي خواهش کي ظاهر ڪري ٿي ۽ ڏڌ واري چاڏي مان وڌيڪ مکڻ حاصل ڪرڻ لاءِ خوشحالي واري ”ديوي ماءُ“ جي وجود کي پڌرو ڪري ٿي.

شو ۽ پاروتي جي زرخيزي سان منسوب هئڻ جو هڪ مثال جيمس فريزر ”دي گولڊن بو“ ۾ وڻن جي روح کي مارڻ واري باب ۾ ڄاڻايو آهي ته هندستان جي ڪانگڙا ضلعي ۾ چيٽ جي مند (مارچ – اپريل) ۾ هڪ رسم ملهائي ويندي آهي. جنهن کي ”رالي ڪا ميله“ سڏيو ويندو آهي. رالي شو يا پاروتيءَ جو مٽي مان ٺهيل ۽ چٽيل هڪ مجسمو هوندو آهي ۽ ڇوڪريون ان جا سنوڻ ادا ڪنديون آهن اها تقريب سڄو مهينو هلندي آهي، ان رسم ۾ واضع طور تي شو ۽ پاروتي کي زرخيزي جو ديوتا ۽ ديوي سمجهيو وڃي ٿو، جو سندن مجسمن کي سائي گاهه، پنن ۽ ٽارين تي ويهاريو وڃي ٿو. ساڳي وقت هن رسم جو مقصد ڇوڪرين لاءِ مرضي موجب مڙس ڳولڻ به هوندو آهي. ڦڳڻ (مارچ- بهار) جي مهيني ۾ ”شو راتڙي“ وارو تهوار زرخيزي سان شو جي نسبت جو ٻيو مثال آهي جڏهن خاص شِو جي پوڄا ٿئي ٿي.

مهاشو راتڙي ڏڻ تي شِوِ جي پنهنجي مورتي جي پوڄا ڪئي ويندي آهي ۽ ان ڏينهن تي پوڄا کي وڌيڪ اتم سمجهيو ويندو آهي. خاص ڳالهه اها آهي ته ان ڏينهن شوَ جي مورتي آڏو پنجا مرت يعني ڏڌ، کير، مکڻ، ماکي، کنڊ سان گڏ تلڪ، چانور، گل، ڌوپ، ڏيئا، موسم جا ميوا، عطر عنبير وغيره پوڄا جا خاص سامان هوندا آهن.

”پسوپتي“ ۽ ڌرتي ماتا“ جا اهي تصور اڄ به ڪجهه مختلف صورتن ۾ برقرار آهن. قديم مصر جي نظرئي واري عنوان هيٺ چيو ويو آهي ته جڏهن ٻن تهذيبن وچ ۾ رابطو قائم ٿيو، تڏهن جيڪڏهن رضا ڪاراڻو الحاق ٿيو ته ديوي يا ديوتا جي اهميت ۽ فضيلت برقرار پئي رهي پر جنگ جي صورت ۾ هارائڻ کان پوءِ هڪ قوم جا شيطان پئي بڻيا. ساڳيو مثال قديم سنڌ ۾ ديوتائن ۽ اسرن جي جنگ کان پوءِ جو آهي، جنهن ۾ هندن وٽ ”ديو“ خدا آهن پر پارسين وٽ شيطان ٿيا، جڏهن ته اسر، هندن وٽ شيطان ۽ پارسين وٽ اهو مزد ٿيو. پر ڌرتي ماتا سان اهڙي صورتحال پيش نه آئي ۽ هر قوم ۽ قبيلو جيڪو هنگلاج واري قديم ماڳ وٽان لنگهيو. ديوي کي پنهنجي پنهنجي عقيدي موجب نالو ڏنو ۽ ديوي وڌيڪ کان وڌيڪ مقبول ٿيندي وئي.

هوڏانهن شو جيڪو بنيادي طور تي دراوڙن وٽ تخليق، جانورن، جوڳ ۽ تپ جو ديوتا هو. تنهن آرين جي يلغار ۾ پاڻ بچائي رکيو. ڇاڪاڻ ته آريا دراوڙن کي مڪمل طور تي زير ڪري نه سگهيا، پر شو پنهنجي اڳواڻ واري حيثيت قائم رکي نه سگهيو ۽ اها برهما والاري. ساڳي طرح ديوي ماتا جا تخليق ۽ خوشحالي وارا ڪم سنتوشي ۽ لڪشمي ديوين سان منسوب ٿيا جيڪي اولاد ۽ قسمت جون ڌڻي ٿيون ۽ ديوي ماتا درگا ۽ هنگلاج ديوي جي کشترين جي ديوي بڻجي وئي.

هنگلاج ديوي واري ڪٿا ۾ ڄاڻايل دکشه پرجا پتي ۽ مهاديو شو جي وچ ۾ لڳل جنگ واضع طور تي آريائي ۽ دراوڙي سماج واري اهم جنگ بابت نشاندهي ڪري ٿي، جنهن ۾ شو جي زال ”اما“ يا پاربتي جو سر وڍجي وڃي ٿو. ايئن ٿو لڳي ته هي اهو ئي لمحو آهي جڏهن کان آرين سنڌو ماٿري تي قبضو ڪيو ۽ ديوي ماتا جي پوڄا تي ٻي ديوتا جي پوڄا غالب پئي جيڪو آرين جو طور طريقو هو. ٻئي طرف شو مهاديو جيڪو هن کان اڳ تخليق جو ديوتا هو. دکشيه پرجا پتيءَ آڏو پنهنجي طاقت مڃائڻ کان پوءِ تخليق بدران جنگ جو ديوتا ٿي ويو.

مون سنڌو ماٿري ۾ جن به قديم آسٿانن جو مشاهدو ڪيو آهي. اهي 95 سيڪڙو شو مهاديو ۽ ڪالي ديوي سان منسوب ڏٺا آهن. اهڙن ماڳن جو ذڪر مان اڳ به ڪري چڪو آهيان. مون کي سنڌ توڙي پنجاب ۾ جيڪي مندر شري رامچندر يا ڪرشن مهاراج جي حوالي سان مليا، اهي گهڻو پوءِ وارن وقتن جا آهن يا ائين کڻي چئجي ته گذريل ٻن ٽن صدين جا هوندا. ٻي خاص ڳالهه اها ته سنڌو ماٿري ۾ قائم مندرن ۾ وشنو سميت ٻين ننڍن وڏن ديوتائن جا مندر آهن ئي ڪونه. جيئن هندوستان جي ٻين خطن ۾ آهن. اهڙن ديوتائن لاءِ اڳتي، وايو اندر وغيره جا مثال ڏئي سگهجن ٿا. مون سنڌو درياهه ۾ ٻيڙين ذريعي اٽڪ کان ڪراچي تائين تحقيقي سفر دوران هنڌ هنڌ واقع قديم مندر به ڏٺا، پر اهي به شو مهاديو جي نالي سان منسوب هئا. ان حد تائين جو پنجاب ۾ واقع قديم ماڳ بلوٽ شريف جيڪو هاڻي سنڌو ماٿري جي مسلمانن وٽ لاهوت وانگر ئي مقدس آهي. شو مهاديو جو اسٿان ثابت ٿيو، اتي واقعي قديم قبرستان ۾ سڀ کان مکيه قبر تي نانگ ۽ لنگم اڄ تائين رکيل آهن، جيڪي شو جا خاص نشان آهن.

والٽر فيئر سروس سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب بابت چوي ٿو ته ”ان تهذيب مان ماڻهو جي ڄم کان موت تائين جا نشان ڳولي سگهجن ٿا. جن ۾ لنگم وارو اهڃاڻ هڙپه مان لڌل گرڀ وتي چٽسالي واري غير معمولي مهر جنهن تي ٻوٽي جو ڄمڻ ڏيکاريل آهي. هڙپه مان ئي هڪ مٽ مان لڌل لنگم، عورتن ۽ ڏاندن جون شبيهون زرخيزي جي ديوي کي جانورن ۽ انسانن جي قرباني، ٻيهر جنم واري متي ڏانهن سختي سان خيال اڀارين ٿيون. پختگي واري دور ۾ گڏيل عبادت، پروهت سرشتو، عمارتن جا محلاتي ڍانچا، نقابن جو استعمال، سڱن وارا مٿي جا خول، مورتين واراعنصر جهڙوڪ: ماڻهو شينهن يا ماڻهو ٻڪر واريون تشبيهون، وڻ واري ديوي، گلگميش جو خاڪو، مهرن تي چٽسالي ٿيل ۽ سينگاريل جانور، ٿلهي تي ويٺل ماڻهو، جنهن آڏو ماڻهو گوڏا کوڙيل حالت ۾ آهن وغيره ڳتيل ڏند ڪٿائن، Animin جشن ۽ مختلف سگهن سان تعلق رکندڙ آهن. فيئر سروس، تهذيب جي قدامت بابت چوي ٿو ته ”تهذيب جي شروعاتي دور۾ تدفين پراڻي نيوليٿڪ طرح سان نظر اچي ٿي ڇو ته ايڇ.آر.اي واري علائقي جي گهر ۾ اندر هڪ قبر ملي آهي. لاش کاٻي پاسي ليٽايل هو ۽ منهن اوڀر ڏانهن ليٽايل هئس، هو چوي ٿو ته هڙپه تهذيب جو ڦهلاءُ اپکنڊ جي اولهه وارن پاسن ڏانهن تڪڙو زوردار ۽ سڌو هو. تهذيب پنهنجي حقيقي جاگرافيائي حدن کان گهڻو ٻاهر تائين پکڙي، ان جو ڦهلاءُ مکيه شاهراهن تي هو جن ۾ مڪران وارو ڪنارو، بولان لڪ ۽ ڊڪي شامل آهن. انهن علائقن تي هن تهذيب جا پنهنجا خاص اثر ڇڏيا ۽ مقامي ثقافتن سان گڏجي سڏجي وئي. اهو ميلاپ مستحڪم دائري ۾ ٿيو. هن اهو به ٻڌايو ته اها صورتحال ٿوري وقت لاءِ رهي. هوڏانهن سر ايم ويلر چوي ٿو ته: ”سنڌو تهذيب ڪنهن ٻي ڄاتل پري ڪلاسيڪل تهذيب کان وڌيڪ وڏي علائقي تي پکڙيل هئي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org