سيڪشن:تاريخ

ڪتاب:هالا جا رنگ هزار(هالا متعلق لکڻين جو مجموعو)

باب:

صفحو:9

پاڻ سنه 1936ع ۾ هالن جي شهر ۾ ”انجمن علم و ادب“ جو پايو وڌائين، جنهن جي سهاري هيٺ ڪيتريون ادبي ڪانفرنسون سڏايون ويون. سنه 1937ع ۾ سنڌي خان گويي جي اثر ڪري راڳ ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو. ادبي ڪمن ۾ دلچسپي وٺڻ ڪري هالن ۾ هڪ پريس الزمان نالي سان کولرايائين، جنهن مان ڪو وقت هفتيوار اخبارون ”الزام“ ۽ ”پاسبان“ نالي سان نڪرنديون هئون. 1950ع ۾ هالن مان هڪ ماهوار رسالو ” فردوس“ سندس سرپرستيءَ هيٺ جاري ٿيو. 1952ع ۾، ماستر جمع خان ”غريب“ سيتان شهر مان، ماهوار رسالو ”طالب الموليٰ“ سندس سرپرستيءَ هيٺ ڪڍيو. 1952ع کان سندس سرپرستيءَ هيٺ حيدرآباد مان شاعر رسالو نڪرڻ لڳو.

1946ع ۾ سنڌي شاعرن جي جماعت ”جمعيت الشعراءِ“ نالي سان قائم ٿي. ان ۾ هي دلچسپي وٺڻ لڳو، جنهن جو 1952ع تي جيڪب آباد واري اجلاس ۾ سرپرست چونڊيو ويو. 1957ع ۾ کيس گھوٽڪي ڪانفرنس جي موقعي تي جماعت جو صدر چونڊيو ويو. جنهن حيثيت سان پاڻ اڃا تائين انهيءَ جماعت سان وابسته رهندو اچي.

تعليم سان خاص دلچسپي اٿن. ”طالب الموليٰ هاسٽل، هالا“ ۽ ”طالب الموليٰ هاءِ اسڪول، دادو“ سندس ان دلچسپيءَ جا زنده مثال آهن.

1954ع ۾ اداره ”روح ادب سنڌ“ جو بنياد رکيائين، جنهن جي سهاري هيٺ هالن ۾ راڳ ڪانفرنس 1955ع ۾ سڏايائين، ۽  ماهوار رسالو ”روح ادب“ جاري ڪرايائين. نومبر 1955ع ۾، بزم طالب الموليٰ جو پايو وڌائين، جنهن جون سنڌ ۾ ڪيتريون ئي شاخون کلي ويئون آهن. جنوري 1956ع ۾ ميرپور بٺوري ۾ لاڙ ادبي ڪانفرنس سندن صدارت هيٺ ڪٺي ٿي. سنڌي ادبي بورڊ جو 1955ع کان ميمبر رهندو آيو. مارشل لا کان پوءِ بورڊ جي نئين سر تشڪيل ۾ هن کي چيئرمين نامزد ڪيو ويو. نومبر 1955ع کان شاهه لطيف يادگار ڪميٽيءَ ۽ ڪلچرل مرڪز جو ميمبر نامزد ٿيو، ۽ ان کان پوءِ به انهن تي ميمبر هلندو اچي. حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن جي مشاورتي ڪميٽيءَ جو ميمبر آهي. سنڌ جي اڪثر ادبي مجلسن ۾ سندس شرڪت ضروري ڄاڻي، کين دعوت ڏيئي گھرايو ويندو آهي. پاڻ هن وقت تائين 18_17 ڪتاب تصنيف ڪري چڪو آهي، جنهن جي لسٽ رسالي ”مهراڻ“ جي يادگار نمبر 1957ع ۾ ڄاڻايل آهي، جنهن تان ڪجھ بيان هن احوال لاءِ ورتل آهي.

مخدوم صاحب 1953ع جي چونڊن ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبريءَ تي بنا مقابلي جي چونڊجي آيو. مسلم ليگ وزارتي پارٽيءَ جو ميمبر رهيو. مغربي پاڪستان اسيمبليءَ جي چونڊ ۾ نه بيٺو. مارشل لا کان پوءِ نئين آئين جي چونڊن ۾ هي مرڪزي اسمبليءَ تي ميمبر چونڊ جي آيو. مرڪزي اسيبليءَ جي تازين چونڊن ۾ پڻ مخدوم صاحب ڪامياب ٿي ان نشست تي فائز رهيو. سندس طبيعت جو اصل لاڙو ادب ۽ ثقافت طرف زياده آهي: پر مڪاني ضرورتن ۽ وقتي مصلحتن جي بناءِ تي هي مجبوراً سياست ۾ حصو وٺي ٿو. بدقسمتي سان سنڌ جي اڪثر خاندانن، سياست عمل جي مدنظر، اقتدار ۾ آيل پارٽيءَ سان ساٿ پئي ڏنو آهي، جا ڳالهه مخلص قومي ڪارڪنن جي نقطه نگاهه کان ملڪ ۽ قوم جي مفاد عام لاءِ مضر پئي رهي آهي. مخدوم صاحب به جڳ جھڙو ئي پئي رهيو.آهي. ان ڪري مٿس ميار رکڻ يا نڪته چيني ڪرڻ ٺيڪ نظر نٿو اچي. هن وقت حالت ان ڪڙيي تي وڃي بيٺي آهي ته سنڌي من حيث القوم سياسي ميدان ۾ شڪست کائي چڪا آهن. وڪاڻن گھوڙن جا ملهه ئي ڪونه ٿيندا آهن. ان ڪري مخدوم صاحب جي زندگيءَ جي سياسي پهلو کي ڇڏي، صرف ان جي ادبي ۽ ۽ثقافتي پهلوءَ جو ذڪر ڪيو اٿم.

دنيا جي تاريخ ۾ ڪيترا مثال ملن ٿا، جڏهين ڪن قومن کي سياسي ميدان تي شڪست ملڻ جي باوجود، اهي قومون ختم ٿيڻ جي عيوض، ڌڪ جھلي، وري زنده ٿي ويئون آهن، بشرطيڪ شڪسته خورده قومن سندن ادب ۽ ۽ثقافت کي مرڻ نه ڏنو. روم جي حاڪمن جو يونان تي قبضو ٿيو. پهرين سمجھڻ ۾ ائين پئي آيو ته يونان ختم ٿي ويندو: ليڪن يونانين جو ڪلچر ۽ ادب سلامت هئڻ ڪري، خود رومن لوڪ يونان جي تهذيب جا پوئلڳ ٿي پيا. يونانين جي سياسي شڪست ثقافتي ڪاميابيءَ ۾ بدلجي ويئي. ساڳي حالت منگولن جي ايران ۽ چين جي فتح ڪرڻ وقت بني. ايراني ۽ چيني ڪلچر ۽ زبان زنده رهڻ ڪري، منگول انهن جي رنگ ۾ رڱجي ويا. اسان به جيڪڏهين هن محاذ ثانيءَ کي محڪم جھلي پنهنجي ڪلچر ۽ زبان کي قائم رکيو اچون، ته عين ممڪن آهي ته ٿوري وقت کان پوءِ، اسان جي سياسي شڪست ڪلچرل ڪاميابيءَ ۾ بدلجي وڃي.

انهيءَ نقطه نگاهه کان مخدوم صاحب جي سنڌي ادب ۽ ۽ ثقافت کي زنده رکڻ جي ڪوشش اهم درجو رکي ٿي.

سنڌي ڪلچر، اتحاد انساني ۽ امن عالم جو پيغام بر آهي. سنڌ جا درويش ۽ بزرگ انهيءَ پيغام جا حامل هئا.

سنڌ جي اديبن کي گھرجي ته مخدوم صاحب جي سياسي مجبورين کي در گذر ڪري، سندس ادبي ڪوششن جي پٺڀرائي ڪن. خدا، کيس عمر دراز بخشي ۽ کانئس سنڌي ادب ۽ ثقافت جي خدمت ڪرائيندو رهي.

مخدوم صاحب کي پنج فرزند آهن: مخدوم زاده ميان محمد امين صاحب، 2. ميان غلام محمد صاحب، 3.ميان الهبچايو 4. ميان عبدالحسين، 5. ميان غلام حيدر.

4. سيد ميان جمال شاهه ولد حاجي نور شاهه (ڀاڻوٺ ، هالا)

        هي شاهه صاحب ڀاڻوٺي سيدن مان هو، جي مٽياري سيدن جي سنائي شاخ، شاهه جرار عليه رحمت جي اولاد مان هئا. اصل ۾ سن جي ڳوٺ ۾ ويٺل هئا، جتان سهولت ۽ گذرمعاش جي خاطر لڏي، ميرن جي صاحبيءَ ۾، ڀاڻوٺ جي ڳوٺ ۾ اچي ويٺا.

        ميان جمال شاهه وڏي کي ڇهه فرزند هئا: 1. سيد حاجي احمد شاهه، 2. سيد حاجي نور شاهه، 3. سيد بلند شاهه، 4. سيد فيض علي شاهه، 5. سيد علي محمد شاهه ۽ 6. سيد فضل علي شاهه.

        ان ڳوٺ ۾ ڳاهوٺين جو زور هو، جن سان شاهن جو تڪرار ٿي پيو. تڪرار ۾ ميان احمد شاهه اتي جي ڳاهوٺي زميندار کي قتل ڪري وڌو، جنهن ۾ هن کي جنم ٽيپ اچي ويئي، جتان آزاد ٿيڻ بعد حج تي ويو.

        ٻيو نمبر فرزند سيد نور شاه هو، جنهن همت ۽ محنت ڪري زمينون هٿ ڪيون، ۽ آباد ڪرائي چڱي ملڪيت ڪٺي ڪئي. ڀاڻوٺي سيدن جي ملڪيت ۽ طاقت ان کان پوءِ زياده ٿي. هن کي به ڇهه فرزند ٿيا. ٻه شاديون ڪيون هئائين: هڪ سيدن مان، جنهن مان جمال شاهه ۽ جيئندل شاهه پيدا ٿيا، ۽ ٻي شادي وڏيرن گولاڙن مان ڪيائين، جن مان چار فرزند: نبي بخش شاهه، پير بخش شاهه، مير حسن شاهه ۽ شير محمد شاه  پيدا ٿيا. ميان نور شاه حج تي ويو ۽ اتي وفات ڪيائين. منشي ميان محمد رحيم ولد حمل خان لغاري سندس ڪاروبار سنڀاليندو هو. پڳ سندس فرزند ميان جمال شاهه تي آئي، جنهن جي حياتيءَ جي ذڪر ۾ هي مضمون لکي رهيو آهيان.

        ميان جمال شاهه مهماننواز، سادهه مزاج، سرڪاري عملدارن وٽ اثر رسوخ رکندڙ هو. کيس گزيٽ، بندوقن جا پروانا ۽ ڪمشنر صاحب جي دربار جي ڪرسي مليل هئي. شڪار جو تمام شوقين هو؛ عملدارن کي به شڪار ڪرائيندو هو. عام مسافرن جي کارائڻ لاءِ ديڳيون رڌرائيندو هو. کيس چار فرزند ٿيا: ميان ڌڻي بخش، ميان دين محمد شاهه، شمس الدين شاهه  ۽ حسن علي شاهه. انهن مان پوين ٽن جو اولاد ڪو نه ٿيو. پهرئين نمبر کي ٽي پٽ آهن: جمال شاهه، جيئندل شاهه، ۽ نورشاهه. ميان ڌڻي بخش باهمت، مهماننواز، شڪار جو شوقين، عملدارن ۽ دوستن کي شڪار ڪرائڻ ڪوڏيو آهي. باوجود عملدارن جي خوشامد ڪرڻ جي، وقت بوقت عملدار طبقي جي دشمنيءَ ڪري تڪليفن هيٺ پئي آيو آهي. رئيس فقير بخش خان سان دوستي هيس، مٽياري سيدن سان به سٺا تعلقات اٿس.

        ميان جمال شاهه جو هڪ ڀاءُ، ميان شير محمد شاهه، پوليس ۾ سب انسپيڪٽر هو. باهمت ۽ سرڪش هو. لاڙڪاڻي ضلعي ۾ جڏهن نوڪريءَ ۾ هو ته کيس ڀٽن جي ماڻهن خون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جن جي ڌڪن کان هو بچي ويو. پوءِ نوڪري ڇڏي، اچي ڳوٺ ويٺو. سندس ٻيو ڀاءُ سيد مير حسن شاه هو، جنهن جي مون شادي ڪئي آهي. ان کي هڪ فرزند حاجي غلام شاهه هو، جو تاريخ 13 نومبر 1960ع تي، موٽر جي حادثي ۾، لاولد، 80 ورهين جي عمر ۾ وفات ڪري ويو.

        سيد ميان جمال شاه تاريخ 22 ربيع الاول 1336 هه مطابق 7 جنوري 1918ع  تي وفات ڪئي. مخدوم بلاولي جي قبرستان ۾، ڀاڻوٺ لڳ مدفون آهي. سندن خاندان جي مکيه ماڻهن جي وفاتيءَ جون تاريخون هيٺيون آهن:

(1)  سيد حاجي نور شاهه ولد سيد جمال شاهه وڏو: 30 رجب 1290 هه، مطابق 24 سيپٽمبر 1872ع .

(2) سيد مير حسن شاهه ولد حاجي نور شاهه: 12 ربيع الاول 1330هه مطابق 9 مارچ 1911ع.

(3) سيد حاجي شير محمد شاهه ولد حاجي نورشاهه: 15 محرم 1337هه، مطابق 22 آڪٽوبر 1918ع.

(4) سيد محمد حسين شاهه ولد حاجي فضل علي شاه: 5 جمادي الآخر 1346هه، مطابق 27 نومبر 1927ع.

(5)  سيد حاجي محمد شاهه ولد سيد قمبر علي شاهه: 20 جمادالثاني 1349هه، مطابق 15 نومبر 1930ع. اهي سڀ، سواءِ حاهي نور شاهه جي ، بلاوليءَ جي مقام ۾ مدفون آهن.

5. پير علي بخش شاهه، پير لطف علي شاهه ڀٽائي (ڀٽ شاهه)

        سندس ٻيو نالو ”علڻ سائين“ هو. تخلص ”علڻ“ هوس. پاڻ 1871ع ڌاري ڄائو هو. سنڌي ۽ فارسي تعليم ميان محمد ڀٽيءَ وٽ حاصل ڪيائين. مٽياري سيدن جي جرارپوٽا خاندان مان، شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي اولاد مان، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ستون نمبر سجاده نشين هو. سندن والد 1317هه، مطابق 1899ع ۾ وفات ڪئي، ۽ وڏي فرزند هئڻ ڪري هي سجاده نشين ٿيو. هي فقير طبع ۽ شاهه جي ڪلام جو سوز سان ڳائيندڙ هو. اڪثر جمعي رات جي راڳ وقت پاڻ به فقيرين سان گڏ ڳائيندو هو. شاعر به هو، ليڪن سندس ڪلام گڏ ٿي نه سگھيو آهي. نماز روزي جو پابند هو. انهيءَ وقت جي سجاده نشين وانگر، هي به راڳ ۽ ملاکڙي ۾ دلچسپي وٺندڙ هو. خاندانن سان لاڳاپن وڌائڻ ۾ چڱو بهرو ورتائين. راڳ جي ڄاڻ هوندي هيس. سنڌ جا اڪثر مکيه ڳائڻا ۽ طوائفون راڳ ڳائڻ لاءِ وٽس ايندا هئا. جنهنڪري کيس مختلف راڳڻين، وڄت ۽ تال جو پورو پتو هوندو هو. درگاهه ۽ مسجد جي اڪثر تعمير سندس دؤر ۾ ٿي. ملاکڙي ۾ ڪافي دلچسپي ورتائين. ڪيترا ناميارا ملهه سندس دسترخوان  ۽ پيسي مان مستفيد ٿيندا هئا. ڄام مٺا خان جوئيجو، درگاه جي خاص معتقدن مان هو. هو ملهن کي انعام ڏيڻ ۾ خاص شهرت حاصل ڪري چڪو هو. ڀٽ شاه جي ميلي تي پير صاحب ۽ ڄام صاحب جي ڪوششن سان ملاکڙو زور وٺي ويو، جنهنڪري ماڻهن جي آمد ۾ به اضافو ٿيو ۽ ميلو وڌي ويو.

        پير صاحب کي عمدن گھوڙن ڌارڻ جو خاص شوق هوندو هو. هزار رپيا خرچ ڪري گھوڙا وٺندو هو. هن صاحب جو اهل تشيعت طرف گھڻو لاڙو هو، ان ڪري شاهه صاحب جي ڪلام ۾ صوفيانه پهلوءَ کان وڌيڪ، سرفروشي، قرباني ۽ سوز گداز جي نقطي کي اهميت ڏنائين ٿي. شاه جي ڪلام کي اهڙي نقطي کان ڏسڻ وارن جي خيال موجب، هر مذهب ۾ قربانيءَ کي بنيادي اهميت حاصل آهي: حضرت ابراهيم خدا ڪارڻ پٽ جي قرباني ڪرڻ گھري ته سندس اولاد مان سوين نبي پيدا ٿي سگھيا؛ حضرت عيسيٰ پنهنجي قرباني ڏني ته دنيا ۾ هر طرف سندس تعليم پکڙجي ويئي. اهريءَ طرح اسلامي تعليم کي نئين سر زنده ڪرڻ لاءِ امام حسين عليه السلام پنهنجي ڪٽنب سميت قربان ڪيو.

        سختي شهادت جي نسوروئي ناز،

        ڪي رند پروڙين راز، قضيو ڪربلا جو، (شاه)

       

        دوست ڪهائي دادلا، محب مارائي،

        انهيءَ ۾ آهي، ڪا اونهي ڳالهه اسرار جي.( شاه)

        ٻي ڳالهه جا هنن شاهه جي ڪلام مان چونڊي، سا هئي لياقت جي، جنهن تي اهل تشيعت جو مدار آهي، جنهنڪري هو حضرت علي عليه السلام کي فضيلت ڏين ٿا. ”انا مدينته العلم و علي بابها“ ان جي دليل ۾ پيش ڪن ٿا. شاهه جي ڪلام مان به ڪيئي بيت دليل ۾ ڏين ٿا._

” جو ملن کي ميهڻو، سوئي مون سردار. “

حيدر جي هٿان ، وڙهه ته ويري مارئين.“

        امام حسين عليه السلام لاءِ هيٺيون بيت حجت طور پيش ڪن ٿا:

چار تراريون چيلهه سان، ٻڌائين ٻه پاڳون،

اڳين جون آڳون، ڪانڌ قلعي ۾ موکيون. “(شاه )

هنن درد ۽ فراق کي روحاني ترقيءَ لاءِ ضروري ٿي سمجھيو:

جيڪي فراقان، سو وصالان نه ٿئي،

اچي اوطاقان، مون کي پرين پري ڪيو.(شاه)

ماتم کي سوز ۽ گداز وڌائيندڙ سمجھي، هنن ماتمٖ حسين کي روحاني ترقيءَ لاءِ ضروري ڄاتو ٿي.

        شاهه عبد الڪريم بلڙي ۽ شاهه لطيف جي خليفن، انهيءَ ڪري سندن دستار جو رنگ ڪارو ڪيو هو. محرم جي ڏينهن ۾ هو ماتم ڪندا هئا.

        اهو شاهه صاحب جي فلسفه حيات جو هڪ پهلو هو: ٻيا نقطه نگاهه به نڪري سگھيا ٿي. جيئن قرآن شريف جي مختلف تشريحن ڪري مسلمانن ۾ ڪيترا فرقا پيدا تي پيا، تيئن شاهه صاحب جي به مختلف نقطه نگاهن سان تشريح ٿيڻ لڳي هئي. هڪڙن رسالن ۾ خدا ۽ رسول (صلي الله عليه وآله وسلم) جي ساراهه کان سواءِ ٻيا بيت نه هئا، ته ٻين ۾ وري شاهه صاحب کي سني ثابت ڪرڻ لاءِ چئن صحابن جي تعريف جا بيت شامل ڪيا ويا آهن، ۽ سر ڪيڏاري کي رسالي مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. انهيءَ فرقيبنديءَ جي اختلافي سيلاب ۾ شاهه صاحب جھڙي ڪثرت ۾ وحدت ڏسڻ واري بزرگ جا گادي نشين به لڙهي ويا، ۽ انهيءَ جي زد کان علامه آءِ  آءِ قاضي ۽ ڊاڪٽر دائود پوٽي جھڙا عالم به بچي نه سگھيا.

        منهنجي ساڻس اوائلي واقفيت قاضي محمد ڪامل، هالن پراڻن واري جي معرفت ٿي هئي. هو صاحب به اهل تشيعت هو. وڌيڪ لاڳاپا، سن ۾ مٽياري سيدن جي ڪانفرنس لاءِ دعوت ڏيڻ وقت پيدا ٿيا. جڏهن آءُ ڀٽ شاهه ۾ ان ڪم لاءِ وٽس ويس ته هن صاحب چيو ته ’بابا، آءُ ڪانفرنس ۾ اچڻ لاءِ تيار آهيان پر شرط اهو آهي ته ان جو صدر ڪو عالم ۽ خادم ملڪ ڪيو وڃي ۽ سجاده نشين يا وڏو خاندان سيد نه ٿئي. تنهنجا انهيءَ ڪانفرنس سڏائڻ لاءِ ڪهڙا به اوچا مقصد ڇو نه هجن، پر اڄڪلهه جا اڪثري سادات ۽ پير ذاتي اقتدار، عزت  ۽ بزرگيء جي مرضن ۾ ڦاٿا پيا آهن. اسان سڀني کي نفس آهي. هڪ گاديءَ وارو اهو نه گھرندو ته ٻئي گادي نشين جي اڳواڻيءَ هيٺ رهي.‘ مون ان ڳالهه کي واجبي ڄاڻي کيس يقين ڏياريو ته آءُ حتي الامڪان انهيءَ اصول مطابق ڪانفرنس جي رهبري ڪندس. پر جڏهين جملي سيد اچي ڪانفرنس ۾ ڪٺا ٿيا، ته باوجود منهنجي ڪوشش جي، مٽياري سيدن ووٽن جي زور تي سخي هاشم شاهه جي سجاده نشين پير الهيار شاهه کي ڪانفرنس ۽ انجمن جو پريزيڊنٽ چونڊي ڇڏيو. هي صاحب ان وقت پنهنجن همدردن ۽ عزيزن سميت مجلس مان احتجاج طور اٿي ويو. گھڻيءَ منت سماجت بعد پٽ ۽ ڀائرن کي مجلس ۾ اچڻ جي اجازت ڏنائين، ليڪن پاڻ نه آيو. هي اهل تشيعت هو. مٽارين وارا سيد سني هئا.

ڪجھ وقت کان پوءِ جڏهين منهنجي ساڻس گفتگو ٿي، ته چيائين ته ابا مسلمانن ۾ اصل کان لياقت ۽ تعداد جي فوقيت تي اختلاف رهندا پئي آيا آهن. رسول ڪريم جي وفاتيءَ بعد مسلمان فطري لاڙن ڪري ورهائجي ويا. هن وقت اهل طريقت جا مرڪز پنهنجي بنيادي روحاني مقصد کان هٽي، دينوي شان شوڪت ۽ بزرگيءَ جا اڏا بنجي پيا آهن. اهڙيءَ حالت ۾ تون ڪهڙي طرح سان اقتدار جي جنگ کي ختم ڪرائي، اعليٰ معيارن تي جماعت قائم ڪرائي سگھندين. هن جي ڳالهه صحيح ثابت ٿي. جيڪڏهين اسين قاضي اسدالله شاهه مرحُوم جھڙي خادم خلق ۽ عالم فاضل کي صدر بنايون ها ته ”انجمن سادات مٽياري“ جي مقصدن حاصل ڪرڻ ۾ شايد ڪاميابي ٿي وڃي ها. اهي مقصد سيدن جي اخلاقي اصلاح، روحاني ترقي ۽ معاشرتي سڌاري ۽ کين خدمت خلق طرف رجوع ڪرڻ جا هئا. ليڪن انهيءَ بنيادي غلطيءَ ڪري هيءَ سوشل جماعت، ذاتي اقتدار حاصل ڪرڻ جي اختلافن سبب، ڪامياب ٿي نه سگھي.

        پير ميان علڻ سائين ٽي شاديون ڪيون هيون: پهرين شادي شڪارپور جي سيدن مان ڪيل هئي، جنهن مان علي اڪبر شاهه، ڏنل شاه، بچل شاهه ۽ يار محمد شاهه پيدا ٿيا؛ ٻي کوکرن جي سيد بقادار شاهه ميرڻ پوٽي جي نياڻيءَ سان ڪيل هيس، جنهن مان وڏو فرزند شاهه ڏنو شاه ۽ امام علي شاهه پيدا ٿيا؛ ٽين شادي، سالاري جي سيدن مان ڪئي هائائين، جنهن مان غلام شاه ٿيو. سندس ننڍو ڀاءُ جڙيل شاهه عرف گھوٽ سائين اڃان تائين زنده آهي، جنهن کي اولاد نه آهي. پير علڻ سائينءَ 18مئي 1933ع مطابق 14 محرم 1352هه تي وفات ڪئي. هن کان پوءِ سندس جاءِ تي ان جو وڏو فرزند ميان شاهه ڏنو شاهه گادي نشين ٿيو آهي.

        ميان شاهه ڏنو 1894ع ۾ ڄائو هو. خدا کيس وڏي حياتي ڏئي. محبتي، روزي نماز جو پابند، طبع جو حليم آهي . ان کي ٽي فرزند آهن، جن مان وڏي جو نالو ميان غلام شبير شاه عرف الهه بخش شاه آهي. ميان شاه ڏني شاهه کي ”شاهن سائين“ به ڪري سڏيندا آهن. ان ٻه شاديون ڪيون آهن، هڪ بيچانجي جي پٺاڻن وٽان، جنهن مان ميان غلام شبير شاهه آهي. ۽ ٻي شادي ميرزا غلام حسين حيدرآباد واري وٽان ڪيل اٿس، جنهن مان 1. الطاف حسين شاهه، ۽ 2. غلام مهدي شاه آهن.

6.  خانبهادر عظيم خان عنايت علي خان دراني پٺاڻ (هالا پراڻه)

    خانبهادر عظيم خان جو والد، عنايت علي خان دراني پٺاڻن مان هو. سندس ڏاڏي جو نالو به عظيم خان هو. ميان عنايت علي خان پوليس ۾ نوڪريءَ خاطر سنڌ ۾ سڪونت اختيار ڪئي هئي. چوڻ ۾ اچي ٿو ته جڏهن هو ماتليءَ ضلعي حيدرآباد، ۾ سب انسپيڪٽر پوليس هو. ان وقت هالن جو قاضي ميان عبدالواحد اتي مختيارڪار هو. ٻنهي جو پاڻ ۾ دوستيءَ جو رستو ٿي ويو. انهيءَ رستي ڪري هن پنهنجي نياڻيءَ جو سڱ قاضي عبدالواحد کي ڏنو. انهيءَ لحاظ ڪري پوءِ هن جي رهائش به هالن پراڻن ۾ ٿي. ميان عظيم خان 1882ع ۾ هوسڙيءَ منجھه ڄائو. هي ساڍن چئن ورهين جو هو ته سگھوئي 1886ع ۾ سندس پيءُ وفات ڪري ويو. هن جي ۽ هن جي ڀائرن ڀينرن جي پرورش پوءِ قاضي عبدالواحد جي هٿ هيٺ ٿي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org