سيڪشن:تاريخ

ڪتاب:هالا جا رنگ هزار(هالا متعلق لکڻين جو مجموعو)

باب:

صفحو:2

سيد جمال شاهه. هاڻي انهيءَ ولي جو جاءِ نشين سيد جمال شاهه ڳجھين خواه ظاهر ڪرامت سان مخصوص آهي ۽ فقيرن جي سلسلي ۾ ڪيترا ناليرا خليفا اٿس.

جھيجا

مشهور ڳوٺ آهي. جنهن ۾:

شيخ طاهر. جي درگاه عجيب برڪت ڀري آهي. هن ولي جي ذات گرامي وقت جي عجائبات مان (هئي ۽ هو) عجيب نموني سان رهندو هو. هندو کيس لال اڏيرو ۽ مسلمان شيخ طاهر سڏيندا آهن. بهرحال هڪ معتبر کان نقل آهي ته هي حقيقت جي شراب جو سرمست، پهريائين جھنگل ۾ گذاريندو هو. هڪ ڏينهن کائڻ لاءِ ڪجھ پاٻيون هٿ ۾ هيس ته اوچتو هڪ اٺ وڳ مان ٽهي اچي شيخ جي جھوپڙيءَ وٽ پهتو. جيئن ته الله پاڪ جي بيمثال ذات جو جلوو مخلوقات جي هر فرد ۾ موجود آهي، تنهنڪري شيخ به انهيءَ اٺ کي حقيقت جي اک سان ڏسي چيو ته اي خدا جنهن صورت ۾ هن مسڪين تي احسان ڪيو اٿيئي تنهن صورت ۾ جيڪو حال حاضر آهي سو کائڻ گھرجي . اٺ ٽٺل هو سو ڪونه بيٺو ۽ هيءُ منٿون ڪندي، سندس پويان ڊوڙڻ مان وڃي، انهيءَ مرتبي کي پهتو، جنهن کي پهتو - انهي وقت کان سندس شهرت دنيا ۾ پکڙجي ويئي - هن جي رحلت کان پوءِ سندس درگاه خلق الله جي زيارت گاهه آهي. اتي هر سال عجيب ميلو لڳندو آهي. ساريءَ سنڌ مان هندو زاالون اچي گڏ ٿينديون آهن ۽ پردو لاهي گھٽين ۽ سيرن ۾ گھمنديون وتنديون آهن. لال اڏيري جي نالي تي جيڪو به کين نچڻ لاءِ زور ڀريندو آهي ته، مڙسن يا ٻين عزيزن جي موجود هوندي به هو انهي کان انڪار نه ڪنديون آهن -  ڏسڻ شرط آهي نه ٻڌڻ.

        مير محمد منعم. اتي جي رهاڪو سيدن مان مير محمد منعم زمينداريءَ جي دولت جو مالڪ ۽ وڏي طاقت وارو مهمان نوازي، سخا ۽ بخشش جي ذريعي، سڀڪنهن آئي وئي جي خوشيءَ جو گھورو هو - پنهنجي وقت جو هڪ مشهور معروف (انسان) ٿي گذريو آهي - سندس فرزند سيد اسد الله پڻ پيءُ جو يادگار ٿي گذريو آهي - اباڻين خوبين ۾ هو پيءُ کان وڌيڪ مشهور معروف هو.

 

کيبر

مشهور ڳوٺ آهي_

        درويش نوح کيبرائي. ڌنارپ تي گذر ڪندو هو ۽ ڪرامت ۽ حال جو صاحب هو. حديقته الاوليا ۾ مذڪور آهي ته جڏهن شيخ حماد جماليءَ جي تصرف سان ڄام تماچي دهليءَ کان ٿي آيو، جئن مٿي بيان ٿي آيو، تڏهن هن (درويش نوح) کيس کيبرن جي ڳوٺ ۾ ٻڌايو هو ته ٽن ڏينهن کان وٺي ڄام تماچي جي نالي پڙهو گھمي رهيو آهي - حالانڪ اهو ڄام جوڻي جو وقت هو.

انڙ پور

        اڳوڻن ڏينهن ۾ ڄام انڙ جو آباد ڪيل هڪ ڳوٺ آهي. تازو درياهه سندس سموري زمين پائي ويوآهي.

        مخدوم ساهڙ لنجار. هڪ وڏو آزاد (انسان) ۽ وقت جي صالحن مان هو. سدائين عبادت ۾ مشغول رهندو هو ۽ رات يا ڏينهن جي ڪابه گھڙي (پاڪ) پروردگار جي ذڪر کان واندو نه رهندو هو. سندس مجلس ۾ دنيوي گفتگو ڪڏهن به ڪونه هلندو هو. جنهن تي به توجه جي نظر ڪندو هو ته هو ولايت جي درجي کي رسي ويندو هو. عادت موجب سوئرن جو هڪ ولر سندس پوک ۾ اچي نقصان ڪري ويندو هو. ڪڙمي وٽس دانهن کڻي آيا. خادم کي فرمايائين ته سوئرن کي وڃي پيغام ڏي ته ”اسان جي پوک جي ويجھو نه اچو“ انهيءَ کان پيغام کان سوئر وري نه آيا. چون ٿا ته جڏهن به مٽيارين ۾ ايندو هو تڏهن رات جو پير ڊگھا ڪري نه سمهندو هو. چوندو هو ته چو طرف ساداتن جا گھر آهن تنهنڪري ادب جي تقاضا اها آهي ته ڪنهن به طرف پير ڊگھا نه ڪريان. انهيءَ کان روايت آهي ته چوندو هو: مون پير کان ٻڌو آهي ته جنهن ۾ ٽي گڻ ڏسو انهيءَ مان ضرور فائدو وٺو جو توهان جو مرشد اهو آهي. هڪ ته سندس اڳيان رهو ته توهان کي خدا ياد اچي. ٻيو ته جيڪي ڳالهائي سو توهان جي دل ۾ ويهي وڃي، ٽيون ته سندس صحبت ڇڏڻ توهان کي ڏکي لڳي. اهو اتيئي دفن ٿيل آهي.

بوهري

        آڳاٽو ڳوٺ آهي.

        سيد حمزو. اصل مٽياري جو هو. هو معرفت جي درياهه هو. ٽوٻو ۽ يقين جي خوبين جو جامع ۽ نقشبندي سلسلي جو رهبر ٿي گذريو آهي.

حوالا

1. هتي نسخي ”ن“ ۾ هڪ نالو لکيل آهي، پر اڏوهيءَ جو کاڌل آهي ۽ پڙهڻ ۾ نٿو اچي. ڇاپي نسخي ۾ ته هتي عبارت ڏاڍي منجھيل آهي: لکيل آهي ته ”مخدوم عبدالحميد برادر بزرگ در حيات مخدوم عبدالرؤف ببزرگيءَ اتم گذشته بود   - ظاهر آهي ته هن عبارت جي ڪا به صحيح معنيٰ نٿي نڪري سگھي.

2. نسخي ”ن“ ۾ سنه 908 هه آهي.

3. ڇاپي نسخي ۾ شاهه صاحب جي تاريخ وفات متعلق هي قطعو لکيل آهي جو اگرچ ڪتاب جي عبارت سان بلڪل غير مربوط آهي، پر جنهن صورت ۾ فائدي کان خالي نه آهي، تنهنڪري حاشيءَ تي لکي ڇڏجي ٿو:

شاهه صاحب ذوالمواهب سيد عبداللطيف

آنڪ قطب وقت خود بوده ست از مردان حق

چون ز جام ارجعي مخمور نوش وصل شد

گفت ملهم غيب سال رحتلش رضوان حق. 1165

اهي ساڳيا بيت مسجد شريف جي هڪ ديوار تي جا قبي جي اتر طرف آهي، اڪريل آهن - ڪنهن جي چيل آهن تنهن جي خبر ڪانهي

[مشهور ڪتاب تحفته الڪرام جو سورهون باب ص ص   377 کان 391 تائين]

 

هاله ڪنڊي (هالا)

شمس العماء مرزا قليچ بيگ

 

    هالن جو شهر مشهور قديم شهر آهي. پراڻا هالا، جنهن جو نالو مرتضى آباد هو، سو مخدوم مير محمد جو ٻڌايل هو. درياھ جي پائڻ ڪري پوءِ نئون شهر آڻي ٻڌائون ڪوه کن پنڌ تي. منجھس گھڻائي بزرگ تي گذريا جنن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا.

(1 مخدوم اسحاق ڀٽي (2 مخدوم ابراهيم ولد عمر (3 مخدوم عربي ديانه (4* مخدوم نوح ولد نعت الله صديقي (5 مخدوم صدر الدين راهوتي.

    اٺين هجري صديءَ جي وچ ڌاري سمن جي راڄ جي شروعات ۾ جڏهين سنگھار سمو سندن سردار هو، تڏهين هن ملڪ وڌايو ۽ ڪڇ کان وٺي هاله ڪنديءَ تائين ملڪ پنهنجي قبضي ۾ آندائين. سنه 908ھ : 1502ع ڌاري جڏهين مرزا شاه حسن ڄام فيروز سان چاچڪان وٽ وڙهي هن کي ڀڄايو، تڏهين ٺٽي ۽ تغلق آباد مان ٿي هاله ڪنڊيءَ آيو ۽ اتان بکري ڏي ويو. سنه 998ھ : سنه 1589ع ۾ اڪبر بادشاه جي حڪم سان نواب خان خانان مرزا جاني بيگ سان وڙهڻ لاءِ آيو. سيوهڻ وٽ ٻنهي جي جنگ لڳي ۽ مرزا شڪست کاڌي. جنگ تي اچڻ کان اڳي خان خانان کي ڊپ هو ۽ فتح جي اميد ڪانه هيس. ڪن ماڻهن جي صلاح تي هو هاله ڪنڊيءَ آيو، جتي مخدوم نوح تازو وفات ڪئي هئي. مرزا جاني توڙي خان خانان کي انهيءَ جي معذرت ڪرڻي هئي؛ پر فقيرن چيو ته ٻنهي مان جيڪو پهرين اتي ويندو ۽ معذرت ڪري دعا گھرندو، سو فتحياب ٿيندو. ٻنهيءَ انهيءَ پاسي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي، پر خان خانان پهرين اتي پهتو ۽ نيٺ فتح به ڪيائين. سنه 117ھ : سنه 1782ع ۾ ميان عبدالنبيءَ ڪلهوڙي کي مير بجار خان حيدرآباد مان سڏائي گاديءَ تي وهاريو. جڏهين هو هاله ڪنڊيءَ ۾ آيو، تڏهين مير وڃي گڏيس ۽ ٻيا سردار به اتي آيا. پوءِ سڀ مخدوم نوح جي درگاھ تي ويا ۽ اتي ميان کي پڳ ٻڌايائون ۽ اتان خدا آباد وٺي وڃي ميان محمد سرافراز جي جاءِ تي ويهاريائون. سنه 1201ھ : 1612ع ۾ مرزا غازي بيگ جي مرڻ کان ٿورو اڳي خسرو خان چرڪس جي زور وٺڻ تي مرزا جي حڪم سان هندو خان وڃي هن کي گرفتار ڪيو ۽ ٻارن ٻچن سميت قيد ڪري حاله ڪنڊيءَ وٺي آيس ۽ اتان پوءِ قندهار وٺي ويس. سنه 1259ھ :ۡ 1843ع ۾ جڏهين سرچارلس نيپئر ميرن سان وڙهڻ جو ارادو ڪيو، تڏهين نوشهري کان هلي پهرين هالن ۾ منزل ڪيائين. پوءِ 18 تاريخ محرم جي جمعي جي ڏينهن يعني 18 تاريخ فبروريءَ جي اتان نڪتو ۽ ڦليليءَ تي مياڻي وٽ ميرن سان وڙهيو ۽ جنگ کٽيائين ۽ پوءِ حيدرآباد جو قلعو ورتائين.

 

مولائي شيدائي

        حديث - عشق و سر مستي زمن بشنو نه از واعظ         

        که با جام وسبو هر شب قرين – مــــاه و پر وينــــم           (حافظ رح)

قبل اسلام - سنڌڙي سونهاريءَ جي جھونن شهرن مان موئن جي دڙي کان پوءِ ٻيون نمبر جھونو شهر هالا يا هالا ڪنڊي آهي. هي شهر مهاڀارت جي زماني ۾ وجود ۾ آيو. جڏهن سنڌ جي ٻن قومن جاٽن ۽ ميدن پاڻ ۾ صلح ڪري هستناپور جي حڪومت کي منظور ڪيو هو. انهيءَ زماني ۾ سنڌ جو وچولو حصو نهايت سرسبز ۽ شاداب هو. برهمڻ آباد، پٽالا، نيزون ڪافري، منصوره، بانيه، ٿري، اگھاماڻو، احمد آباد، شاهپور، جوڻ، فتح باغ، نصرپور، خداآباد ، هالا ڪنڊي، خدا آباد اهي تختگاه شهر وچولي پر ڳڻي ۾ هوا (1). هالا ڪنڊي ۽ هالا (هالار) هندستان جي راجا هال جا يادگار آهن (2). انهن شهرن جي آب ۽ هوا نه رڳو معتدر هئي پر اهي شهر صنعت ۽ حرفت جا به مرڪز هوا. دنيا جي قديم تاريخ توريت ۾ ”سندي“ لفظ سنڌ جي باريڪ ڪپڙي لاءِ ڪتب آندل آهي، جو هالا جا ڪوري اڻندا هوا، جنهن تي راجا جي زعفراني مهر لڳندي هئي، پوءِ ٻاهرين ملڪن ڏانهن ويندو هو(3). راجا هال جي يادگار لاءِ ”هالي“ قوم موجود آهي. شاه محمد پٽ دريا خان هن قوم جو فرد هو جنهن جي نياڻيءَ سان ڀٽ ڌڻيءَ رح جي ڏاڏي سيد حيدر شاه شادي ڪئي هئي (4). غرض اسلام کان اڳ جڏهن سنڌ جون حدون سمنڊ کانوٺي ڪشمير تائين هيون، هالا ڪنڊي سوٽي باريڪ ڪپڙي جي هنر ۽ واپار ڪري مشهور هو.

        اسلام کانپوءِ - سنه 711ع ۾ عربن سنڌ فتح ڪئي. جهاد في سبيل الله ۽ تبليغ جي ارادي سان ڪيترائي بزرگ خاندان وارا اسلامي لشڪر سان گڏجي سنڌ ۾ آيا ۽ هن ملڪ کي وطن جوڙي ويٺا. انهن عربي قبيلن جا نالا چچنامه ۽ تحفته الڪرام ۾ ڏنل آهن. انهن قبيلن بنو تيم يعني حضرت ابوبڪر صديق اڪبر رضه جي اولاد صديقن به سنڌ ۾ مستقل طور سڪونت اختيار ڪئي. انهن مان مخدوم معظم غوث الحق رح جا وڏا سنڌ جي شهر ڪوٽ ڪروڙ ۾ رهڻ لڳا. تن ڏينهن ۾ اُچ (اسڪلنده) ۽ ڪيسياڪاپورا يا ونا مالي مالي قوم جو تخت گاه، جو پوءِ ناليتي مولتان سڏجڻ لڳو، ڪفرستان جا مرڪز هوا.  ٻئي شهر ڪوٽ ڪروڙ کي ويجھا هوا(5). مهراڻ جي ماٿريءَ جي اُترين حصي ۾ ٽي شهر ڪوٽ ڪروڙ جي نالي سان سڏبا هوا، جي راجپوت راجا راءِ هنس کروڙ عيسوي پهرين صديءَ ۾ تعمير ڪرايا هوا: (1) ڪوٽ ڪروڙ دو آبه باري ۾ ملتان جي ڏکڻ ۾ ستلج جي ساڄي ڪپ تي لودارن جي ويجھو آهي. سندس سامهون ستلج پار کاٻي ڪپ تي بهاولپور رياست جو شهر ٽاميوالي خير پور آهي.  ٻيون ڪوٽ ڪروڙ دوآبه سنڌ ساگر ۾ واقع آهي . ٽيون ڪوٽ ڪروڙ هاڻوڪي ديره غازيخان ۾ هو جو هينئر مٽجي چڪو آهي(6). جتي مخدوم معظم رح جا وڏا سڪونت پذير هوا. عربي دور ۾ قريش جو هباري قبيلو به رهندو هو جنجو ڳوٺ بانيه تختگاه منصوره جي ڀر ۾ هو. خليفي متوڪل عباسي جي ڏينهن ۾ عمر بن عبدالعزيز بن هبار بن اسود (240هه 883ع) منصوره تي قبضو ڪيو.  سنه 902ع ۾ قريش جي قبيلن مان بنو سامه وارن خود مختياري جو اعلان ڪيو. انڪري سنڌ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويئي. ڏاکڻي ڀاڱي تي هبارين جي حڪومت هئي، جن جو تختگاه منصوره هو. اترين حصي تي بنو سامه وارن مان ابوالباب منبه بن اسد قريشيءَ جي حڪومت هئي جنهنجو تختگاه ملتان هو. مٿين ٻنهين حڪومتن جو اسماعيلي شيعن هٿان خاتمو ٿيو. 987ع ۾ جلم بن شيبان اسماعيليءَ ملتان تي ۽ 1010ع ۾ منصوره تي قبضو ڪيو(7). هباري قريشي منصوره وڃائڻ کانپوءِ ڪجھ وقت سري ۾ بکر ۾ رهڻ لڳا، پوءِ اتان نڪري مستقل ملتان ۾ رهڻ لڳا. ۽ صديقين جي مريديءِ جي حلقي ۾ اچي ويا. چنانچه انهن هبارين مان شيخ بهاءالدين ذڪريا ملتاني رح شيخ ايشوخ حضرت شهاب الدين سهروردي متوفي 632هه جو مريد ٿيو جنهن جو سلسلو نسب ٻارهين پيڙهيءَ ۾ حضرت ابوبڪر صديق رضه سان گڏ جي ٿو(8). سهر ورد يه تصوف جي سلسلن ۾ سڀني کان جھونو آهي(9). سنڌ، بلوچستان، مڪران، ڪڇ ۽ گجرات هن سلسلي جي بزرگن جي روحاني فيض ڪري فيضياب ٿيا. سهروردي سلسلي جون شاخون هن طرح آهن-: (1) شهابيه (2) ڪبريه (3) مولويه (4) جلاليه (5) صوفيه (6) خلوتيه (7) شطاريه (8) ابراهيم سوقيه (9) فردوسيه (10) ابراهيم سوقيه (11) سدا سهاگيه (12) نوحاني اويسيه (10).

      خلافت نوحاني ۽ هالا ڪنڊي - مخدوم معظم حضرت غوث الحق رح جي ڏينهن ۾ سنڌ جي آدمشماري ڏهن لکن کان به گھٽ هئي. هندو وڏي تعداد ۾ هوا. هن صوبي کي تبليغ جي سخت ضرورت درپيش هئي. اهڙي ارادي سان شيخ فخر الدين ڪبير رح ڪوٽ ڪروڙ کان اچي بوبڪن ۾ رهيو. چون ٿا ته هن بزرگ بوبڪن ۾ وفات ڪئي ۽ شيخ بهاءَ الدين زڪريا رح جي مريد حضرت لعل شهباز قلندر رح جي ڀر ۾ دفنايا ويا. سندن پوٽي مخدوم فخرالدين صغير رح هالي قوم وارن جن جي هالن پراڻن ۾ زمينداري هئي وٽن سڪونت پذير ٿيڻ لاءِ منت ڪئي، جڏهن هي بزرگ سير جي سانگي هالن پراڻن مان لانگھائو ٿيو هو. هن تاريخي شهر ۾ 27 رمضان المبارڪ 911هه ۾ مخدوم نعمت الله رح قريشي صديقي جي دولت خانه ۾ لطيف الله رح ڄام نطام الدين جي ڏينهن ۾ تولد ٿيو. جنهن لاءِ وقت جي بزرگن ۽ مجذوبن اڳواٽ پيشن گويون ڪيون هيون. حضرت مخدوم لطف الله رح پنهنجي الهامي نالي سان مخدوم نوح رح سڏجڻ لڳا. پاڻ چونڪ ڏهين صديءَ جا مجدد هوا ۽ خلافت نوحاني اويسيه جو سلسلو کانئن شروع ٿيو. هالن جي اوج جو زمانو اسلامي دور ۾ مخدوم غوث الحق رح جي فيض ۽ برڪتن ڪري شروع ٿيو ۽ تاريڪ دليون وقت جي روحاني فيض ڪري منور ٿيڻ لڳيون. سنڌ صحيح معنيٰ ۾ باب-الاسلام بڻجي ويئي. هن دور با برڪات ۾ جيئن هالا علمي اداره بڻجي ويو.  تيئن صنعت ۽ حرفت ڪري هالا جو پڙاڏو پري پري تائين ٻڌجڻ ۾ آيو. ۽ اڄ به هن برگزيده خاندان جي فيض ۽ فياضين جي ڪري سنڌڙي سونهاريءَ اندر علمي ادارو آهي. هالا جا همعصر شهر جھڙوڪ سيوهڻ، نصرپور، اگھاماڻي، لڪلعوي وغيره يا ته خاموش آهن يا ته هنن مان گھڻا صفحهءَ هستي تان مٽجي دڙن جي صورت ۾ شهر- خموشان بڻيل آهن. تن ڏينهن ۾ هالا ۽ نصرپور سوسين جي سوٽي ۽ ريشمي ڪپڙن ۽ خاص ڪري هالا ڪاشيءَ جي برتن ۽ سرن ڪري ايشيا کنڊ ۾ برک هو. اهو سوسين جو هنر اسماعيلي شيعن ٽيونس (طونس)، اتر آفريڪا جي شهر سوسا SUSA کان آڻي سنڌ ۾ رائج ڪيو هو(11)، ۽ پنهنجي جن۾ ڀومي سوسا جي ڪري سوسيون سڏجي ٿو. هالن جون سوسيون ڪاشيءَ ۽ عاج ۽ جانڊوهيءَ جون شيون سمر قند، بغداد، دمشق، آرمينيا ۽ قاهره تائين بطور سوکڙين جي امير طبقي ۾ وڪامڻ لڳيون.  امير تميور صاحب- قرآن ايشيا ۽ يورپ جي واپار کي ترقي ڏيارڻ لاءِ چين کانوٺي تبريز تائين تجارتي شاهراه تعمير ڪرائي مٿس سرائون ۽ چوڪيون تعمير ڪرايون هيون. هن شاهراه تي تبريز ايشيا ۽ يورپ جي مال جي مٽا سٽا لاءِ وڏو مارڪيٽ هو، جتي ويس ۽ جينواجي سوداگرن جا گدام هوا. امير تيمور کانپوءِ سندس پٽ شاه رخ ميرزا غزنيءَ کان تبريز تائين هڪ هزار ميلن ۾ يعني يورپ جي اڌ حصي جيترو ڊگھو رستو تعمير ڪرائي مٿس سرائون ۽ واپارين جي سهوليت لاءِ محلات تعمير ڪرايا. انهن ڏينهن ۾ تبريز جي آدم شماري ساڍا ٻارهن لک هئي. شيخ ابن بطوطا اندلسي، اٽالين سياح مارڪو پولو ۽ اسپين جو سفير ڪلاويجو جن تبريز کي ڏٺو هو، بيان ڪن ٿا ته هن شهر ۾ سنڌي، چينائي، ڪشميري، عرب ۽ يورپ جي واپارين جون ڪوٺيون هيون، هڪڙو رستو تبريز کان ڪاري سمنڊ جي اتر کان ٿيندو يورپ ڏانهن ويندو هو. ٻيا رستا عراق، شام، مصر ۽ ايشيا ڪوچڪ ڏانهن به ويندا هوا. هر سال خراسان جا قافلا سنڌ ڏانهن سياري ۾ ايندا هوا ۽ هتان مال خريد ڪري موٽندا هوا(12).

        هالا ڪنڊي جي طبعي حالت - هت هالا ڪنڊي جي طبعي حالت تي روشني وجھڻ به ضروري آهي. هالا ڪنڊي جو شهر سنڌ جي قلب ۽ جگر ۾ واقع آهي. هتان براه - عمر ڪوٽ خشڪيءَ رستي جيسلمير کان رستو آگره ۽ دهلي ڏانهن ويندو هو. ٻيو رستو ننگر پارڪر کان احمد آباد،  مصطفيٰ آباد ۽ کنڀات کان باب المڪه سورت ڏانهن ويندو هو. هن رستي کان سنڌ جا حاجي حرمين شريفين جي زيارت ڪرڻ لاءِ ويندا هوا. هالا مهراڻ تي مشهور پتڻ هو جتي سيکاٽ جي جھنگ جا رهندڙ سميجا ٻيڙين ۽ گجرات جي قافلن کي ڦريندا هوا.  حضرت غوث الحق رح جي ڏينهن ۾ اڪبري فوج کي جيسلمير ۽ عمر ڪوٽ جي رستي کان فوجي مدد ملندي هئي. هن ڪاه وقت مغليه لشڪر سنڌ جي ڳوٺن کي به ڦريندو هو. تن ڏينهن ۾ سنڌ ۾ سخت ڏڪر پيل هو.  فقط هالا مخدوم معظم نوح رح جي اجتهاد ڪري محفوظ هو(13). مهراڻ ۽ سندس شاخن ڪري هالا بکر ۽ ٺٽه ۽ ڪڇ سان ڳنڍيل هو. مهراڻ هالا جي اڀرندي طرف کان وهندو هو جتان اولهندو پراڻ به نڪرندو هو. هالا جا مسافر پراڻ ذريعي سندري بندر، لکپت، ڪوٽيشور ۽ نارائڻ سر ڏانهن ويندا هوا. حضرت غوث الحق رح جو خليفو بهاءَ الدين گودڙيو رح به ٻيڙيءَ ذريعي ڪڇ پهتو هو. خود حضرت غوث الحق رح مهراڻ ذريعي دارالخلافه ٺٽه ڏانهن تشريف فرمائيندا هوا. مون سفينته النوح ۾ نقشن ذريعي مهراڻ جا ڦيرا گھيرا ڏيکاريا آهن. پراڻ ۽ ريڻ جي شاخن ڪري چاچڪان جو پرڳڻو نهايت زرخيز هو جو ميرزا شاه حسين معزول شهنشاه همايون جاگير ڏيڻو ڪيو هو(14). انهن ڏينهن ۾ پراڻ جو پاڻي گھٽجڻ لڳو جنهن لاءِ ماموئي جي بيتن ۾ اهڃاڻ نظر اچن ٿا.

حوالا ۽ حاشيا

(1)              برهمڻ آباد بهمن ايرانيءَ تعمير ڪرايو هو. پٽالا کان اسڪندر يونانيءَ پنهنجي سپه سالار نيئر ڪوس کي جهازن ذريعي مڪران ڏانهن مڪو هو. نيرون ڪافري ٽڪريءَ تي هڪڙو مٽيءَ جو قلعو ۽ واپار جو هنڌ هو. منصوره مهراڻ جي ٻن شاخن واري ٻيٽ تي عربن جو تختگاه هو. بانيه منصوره جي ڀر ۾ حجاز جو ڳوٺ هو. ٿري ۽ اگھاماڻي سومرن جا اوائلي تختگاه هوا. نصرپور کي مرزا شاه حسين ارغون تختگاه ڪيو هو. جوڻ ۽ فتح باغ باغات ڪري مشهور هوا. 19 صديءَ ۾ مدد خان پٺاڻ جي ڪاه ڪري ويران ٿي ويا. احمد آباد ميان محمد مرادياب خان پنهنجو تختگاه جوڙايو هو. شاهپور ميان غلام شاه خان جوڙايو هو. خانوٽ هالن کان هڪ ڏکڻ طرف ميان غلام شاه جو تختگاه هو. خدا آباد ميان سرفراز خان هالن کان ٽن ميلن جي مفاصلي تي تعمير ڪرايو هو. ڏسو منهنجو مضمون ڪلهوڙن جا تختگاه الوحيد جشن آزادي نمبر 13 آگسٽ 1951ع ڪراچي.

(2)             Elliot, H. (Dowson): History of India, Vol. I Appendix, London, 1867

(3)             Rawlinson, G: Inter Course between India west, Oxford

(4)             ڊاڪٽر گربخشاڻي: شاه جو رسالو، ج ا، ص 8، ڪراچي، 1923ع.

(5)              Edinburgh Geographical Institute, Map of Ancient India

ڪاسيڪياپورا راجا هرن ڪسيپ تيار ڪيو هو جنهن پنهنجي پٽ پر هلاد کي مارائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.

(6)             مولانا غلام دستگير نامي: تاريخ جلاليه، لاهور. ديره غازيخان جو شهر مرراڻي (دودائي) بلوچن تعمير ڪرايو هو. 1469ع ۾ ملتان جي حاڪم شاه، شاه حسين لنگاه سهراب خان دودائي کي مڪران مان گھرائي شور ڪوٽ کيس جاگير ۾ ڏنو هو. انهن دودائن ٻن صدين تائين ديره جات تي حڪومت ڪئي هئي. مولانا سيد ابو ظفر ندوي مختصر تاريخ هند، ص 96_95 معارف.

(7)             ايضن

(8)             مفتي غلام سرور: خزنيته الاصغيا، ج 2، ص 13 لاهور.

(9)             سهر ورد زنجان ۽ همدان جي وچ ۾ عراق عجمي جو هڪڙو ڳوٺ آهي. سيد صباح الدين عبدالرحمان:  بزم – صوفيه، ص 89 معارف.

(10)         مسٽر جي - ايم - سيد خلافت نوحاني اويسيه جو سلسلو پيغام - لطيف ۾ ڪو نه ڏيکاريو آهي. ڏسو سراج العارفين خلافت نوحاني.

(11)          سوسا ٽيونس جي اتر ۾ هڪڙو بندر هو، جتان اسد بن فرات جي سرڪردگيءَ هيٺ اسلامي ٻيڙي صقليه ٻيٽ تي ڪاه ڪئي هئي. سيد سليمان ندوي: نقوش سليماني بيان سوسا. رياست علي ندوي: تاريخ صقليه، ج ا، معارف.

(12)         هير لڊ ليمب: تيمور، تبريز، ص 224. معارف.

(13)         فرشته ج 2 ميرزا عبدالرحيم خان خانان جي ڪاه، نولڪشور لکنو. سفينته النوح، مغلن جي ڪاه، قلمي. ڪتبخانو طالب المولي هالا.  ذڪا الله اقبالنامه اڪبري علي ڳڙه 1919ع.

(14)         ڊاڪٽر گرنجشاڻي: شاه جو رسالو، ج 3، ماموئي جا بيت._

Haig, M. R: The Indus delta Country. Map, London, 1894.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org