سيڪشن:تاريخ

ڪتاب:هالا جا رنگ هزار(هالا متعلق لکڻين جو مجموعو)

باب:

صفحو13

اسڪولن ۾ ماستر - هندو توڙي مسلمان هوندا هئا - ڪو مذهبي مت ڀيد نه هوندو هو، ٻارن کي هڪجيترو ڀائيندا هئا ۽ کين تعليم ڏيندا هئا. هندو ماستر ٿورڙو هوشيار هوندا هئا.... ڪي ٻار، خاص ڪري سرنديءَ وارا ٻار سڀئي ڪلاسن ۾ سو مارڪون کڻندا هئا.... ڊپٽي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر هوشيار ٻارن جي اسڪالر شپ لاءِ سفارشون ڪندا هئا. ڏهه رپيا ماهوار اسڪالرشپ ملندي هئي، پر انهيءَ شرط سان ته اُهي انگريزي ڪلاس ۾ داخلا وٺندا... هاڻوڪي نور محمد اسڪول کي تڏهن گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد سڏيو ويندو هو.

        انهيءَ زماني ۾ ڪتابن تي ايترو خرچ ڪونه هوندو هو. ٻاراڻي ڪلاس ۾ پهرئين درجي ۾ رڳو پٽي، ڪتاب ۽ سليٽ وٺائي ويندي هئي. ٻئين ۽ ٽئين درجي ۾ رڳو مشق ڪاپيءَ جو اضافو ڪيو ويندو هو، جيڪا ڇپيل نه هوندي هئي. پر پنن کي سِبي پاڻ تيار ڪبي هئي. هڪ بندي پڻ ٺهرائي ويندي هئي، جنهن تي ٻئي درجي ۾ تعلقي جي ۽ ٽئين ۾ ضلع جي جاگرافي لکائي ويندي هئي ۽ هڪ ٻيءَ بنديءَ تي ڏکين لفضن جي معنيٰ. ٽئين  درجي ۾ پٽيءَ جو استعمال ختم ٿي ويندو هو. چوٿين درجي ۾ مرزا قليچ بيگ جي ڇپايل سنڌ جي تاريخ وٺائي ويندي هئي ۽ رياضيءَ جو ڪم سڄو سليٽ تي ڪرايو ويندو هو، جنهن لاءِ ڪوبه انگي حساب ڪونه وٺايو ويندو هو. گھر جو ڪم، حساب، صورتخطي ۽ خط لکڻ وغيره سليٽ تي ڪرايو ويندو هو. ڪتابن جون قيمتون نالي ماتر هيون. ٻاراڻي ڪتاب جي قيمت ٽڪو، پهريون ڇهه پئسا، ٻيو اڍائي آنا، ٽيون ٽي آنا ۽ چوٿون چار آنا. پٿر جي سليٽ ٻه آنا، پٽي ٻه آنا ۽ اڇا پنا پائيءَ هڪ، ڪلڪ پائيءَ هڪ، پينون پائيءَ ٻه هونديون هيون .... سالياني امتحان جي پڄاڻيءَ تي اسڪول ۾ ساليانو جلسو ڪيو ويندو هو، جنهن ۾ درسي ڪتابن جي سبقن تي ننڍا ڊائلاگ ننڍن ٻارن کان ڪرايا ويندا هئا ۽ وڏا ڊائلاگ مٿين ڪلاس جي شاگردن کان. جلسي جي پوري ٿيڻ تي ٻارن ۾ انعام ورهايا ويندا هئا، جنهن لاءِ شاگردن کي صاحب کان انعام وٺڻ ۽ سلام ڪرڻ جو طريقو اڳواٽ سيکاريو ويندو هو.

ٻارن کي جادوءَ جون حرفتون ۽ ڏيهي رانديون به سيکاربيون هيون. راندين تي موزون راڳ جوڙيل هوندا هئا. ٻاراڻي کان ٻئي درجي تائين شاگردن کي دستڪاريءَ جو ڪم به سيکاربو هو، پنو ويڙهڻ، پنو ڪترڻ، مٽيءَ مان رانديڪا ٺاهڻ ۽ جوئر جي تيلن، جن کي ڪُتلا چئبو هو، تن مان چوڙا، ڪنگڻ، ميز، ڪرسي، کٽ ۽ نٿ بولو ۽ ٻيا ڪيترا رانديڪا ٺهرائبا هئا. پني مان ٻيڙيون جهاز، ٻتون وغيره ۽ مٽي مان اُٺ، ڍڳا، چتون، جھرڪيون، سيٽي وڄائڻ جا بوڙينڊا ۽ جاميٽريءَ جون شڪليون، جاگرافيءَ جا ماڊل جھڙوڪ ڍنڍ، ٻيٽ، نار، راس، جبل ندي وغيره ۽ ٻيون به قسمين قسمين شيون ٺاهڻ سيکاربيون هيون. ٽئين ۽ چوٿين درجي ۾ اچڻ کان پوءِ دستڪاريءَ جو ڪم گھٽ ٿي ويندو هو ۽ ڊرائنگ سيکاربي هئي. شروعات ۾ سليٽ تي ۽ پوءِ چار درجي ۾ ڊرائنگ پنن تي رنگن ڏيڻ سان سيکاربي هئي. ڊرائنگ ۾ ميوا جھڙوڪ ڏاڙهون، زيتون، صوف، ليمون وغيره ۽ ڀاڄين ۾ موري، توري، ڀينڊي، سائو ۽ ڳاڙهو مرچ ۽ واڱڻ سيکاربا هئا ۽ کين رنگين چاڪن سان قدرتي رنگ ڏيڻ جو استعمال ڏبو هو..... لائبريريءَ به هاءِ اسڪولن ۾ هوندي هئي، جتي ٻاراڻي کان ننڍيون مزيدار آکاڻين جا ڪتاب هوندا هئا. هفتي ۾ ٽن ڏينهن تائين ٽائيم ٽيبل ۾ آکاڻين جو پيرڊ هوندو هو، ٻارن کي اهڙيون آکاڻيون سيکاريون وينديون هيون، جن ۾ لفظن جو تڪرار هوندو هو. پهرئين ۽ ٻئين ڪتاب ۾ ڏنل آکاڻيون ۽ گڏو گڏ جنن، پرين، ديون، راجا راڻين ۽ بادشاهن جون آکاڻيون ٻُڌائبيون هيون.

ٽئين ۽ چوٿين درجي ۾ ننڍڙا ننڍڙا ڪتاب پڙهڻ جي هير وڌي ويندي هئي. تنهن زماني ۾ ميشرس پوڪرداس وارن وٽ ٻارن جي پڙهڻ جھڙا گھڻا ئي ڪتاب هوندا هئا، جيڪي اسڪولن جي لائبرين لاءِ سرڪاري طرح خريد ڪيا ويندا هئا. ننڍڙا قصا ۽ ڪهاڻيون، نثر توڙي نظم ۾ شاگردن کي پڙهڻ لاءِ اشو ڪري ڏنا ويندا هئا. انهن ڪتابن ۾ دلپسند فضا، دل بهار، ڏهه قص گڏ، جن ۾ زليخا جا بيت، ٻُڍاپڻ، ڇلڙو، ڪوئو ٻلي، ٽوپي پڳ، ٻيڙي چلم وغيره هوندا هئا. گڏو گڏ لوڪ ڪهاڻيون جھڙوڪ عمر مارئي، سسئي پنهون، مومل راڻو ۽ پرين جون آکاڻيون ۽ مزاحي آکاڻيون جھڙوڪ موالين ۽ ڏاهرين جا لٽڪا چٽڪا هوندا هئا. ناتال ۾ ڪتاب رعايتي اڌ قيمت ۾ ملندا هئا، تڏهن امير حمزه، چار درويش، حاتم طائي، جان عالم، سيف الملوڪ وغيره جھڙا ڪتاب ٻار پڙهندا هئا.

1911ع ۾ جارج پنجم تخت نشين ٿيو ۽ سڀني اسڪولن ۾ جشن ملهايا ويا. هالا ۾ شاگردن کي به منزل گاهه ميدان تي استاد قطار ۾ وٺي هليا، جتي ٻارن کي نڪل جو هڪ هڪ ٻلو مليو، جنهن تي شهنشاهه جارج پنجم ۽ سندس مهاراڻيءَ جي تصوير اُڪريل هئي. اهو ٻلو شاگردن مان هر هڪ جي قميص تي ربين ۽ ڪانٽي سان لڳايو ويو ۽ هڪ هڪ پُڙو مٺائيءَ جو مليو.

تڏهن حيدرآباد شهر ۾ (1912ع) ۾ انگريزي اسڪول رڳو چار هئا، جيڪي چارئي هاءِ اسڪول هئا: گورنمينٽ هاءِ اسڪول هو، جيڪو هاڻوڪي نورمحمد ۽ مسلم ڪاليج واريءَ ايراضيءَ تي پکڙيل هو. ٻيو نولراءِ هيرانند اڪيڊمي هو، جيڪو هاڻوڪي گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۽ سنڌ لا ڪاليج واري هنڌ تي هو. ٽيون نئون وديالا هاءِ اسڪول هو، جنهن ۾ هينئر سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪئپس آهي. زنانو هاءِ اسڪول رڳو هڪڙو ڪندن مل گرلس هاءِ اسڪول هو، جتي هينئر جامعه عربيه هاءِ اسڪول آهي. گڏوگڏ ڪرسچن ائسوسيئيشن وارن جو هڪ پگٽ گرلس اسڪول به هو. جيڪو ٽريننگ ڪاليج فارمين جي سامهون پنهنجي جاءِ تي اڄ به موجود آهي. پراڻي گورنمينٽ هاءِ اسڪول جون اڳيون جايون ڊاهي بلڪل نيون ٺهرايون ويون آهن رڳو ميٺارام هال پنهنجي اڳوڻي شڪل ۾ قائم رهندو اچي. اين. ايڇ. ائڪيڊميءَ وديالا هاءِ اسڪول جو وجود راءِ بهادر پرڀداس جي ڪوشش جو نتيجو هو. ائڪيڊمي ساڌو هيرانند ۽ سندس ڀاءُ ساڌو نولراءِ جي ڪوشش جو نتيجو هو. هر هڪ هاءِ اسڪول کي پنهنجي هڪ هاسٽل به هئي .... اسڪول جي اَترئين بلاڪ وٽ اڳوڻي گورنمينٽ هاءِ اسڪول جون پندرهن ويهن ڪوٺيون ٺهيل هيون، جن ۾ ٻهراڙيءَ جا ڇوڪرا رهندا هئا. ائڪيڊميءَ کي پوهو کياڻي بلڊنگ ۾ سنڌ جووينائيل (ايس. جي ڪوآپريٽو سوسائٽي) جي پٺُئين پاسي کان چار گھر مسواڙ تي هئا، جن ۾ هاسٽل قائم ڪيل هئي. وديالا هاءِاسڪول کي هاسٽل لاءِ ڪافي ڪوٺيون هيون، جي پوءِ ڊهرائي اتي يونيورسٽي ملازمن جا ڪوارٽر ٺهرايا ويا. وديالا هاءِ اسڪولم جا ڀرتي ڪندڙ (فيدر) اسڪول هئا. حيدرآبادي عاملن جا پٽ انهن هاءِ اسڪولن مان ۽ ڌيئرون ڪندن مل گرلس اسڪول مان تعليم کان لاڀائتيون ٿينديون هيون.

شاگردن کي ملندڙ اسڪالر شپ ۾ کين رٿيل اسڪولن ۾ داخلا وٺڻ لاءِ تاڪيد ڪيو ويندو هو. تڌهن گورنمينٽ هاءِ اسڪولن جي پهرين درجي جي في ڏيڍ رپيو ۽ راند جي في چار آنا هئي. هڪ ماه جي في جيترا پئسا داخلا في هئي ۽ اٺ آنا سال جا ڊرائينگ فيءَ بابت ڏيڻا پوندا هئا. ڪل ٽي رپيا ٻارهن آنا في ڀري اسڪول ۾ داخل ٿبو هو. هاءِ اسڪولن ۾ مسلمان ماستر ٿورا رڳو ٻه هئا. باقي سڀ ماستر هندو هئا، جن مان به اڪثر حيدرآبادي عامل هوندا هئا.... هيڊماستر ديوان ڪشنچند سفيد ريش هو. جيڪو پٽڪو ٻڌندو هو ۽ گلي بند ڪوٽ زيب تن ڪندو هو. هيڊ ماستر کي سرڪاري بنگلو مليل هوندو هو. ڪي استاد مٿي تي ڪاري پلش جي ٽوپي ۽ پڻئي جو اڇو پاجامو ۽ پيرن ۾ سليپر پائيندا هئا. ڪلاس ۾ عام رواجي طور چاليهه پنجاهه شاگرد هوندا هئا، ڪي شاگرد شالور جو پٽڪو، ريشمي رنگين شلوار ۽ قميص پائيندا هئا. جنهن ڪارڻ شهري ڇوڪرا چيڙائيندا هئا. مسلمان ڇوڪرا اسڪول کان گھڻو گسائيندا به هئا ... ڪي مسلمان شاگرد مذهبي تنظيمن جا ميمبر پڻ هوندا هئا. ڪي شاگرد پٽڪو ٻڌي ايندا هئا. سنڌي جتي پائيندا هئا. روز ٻه ميل پنڌ جا هڻي اسڪول ۾ پهچندا هئا. ڪتابن جي پوتڙي ڪڏهن مٿي تي، ڪڏهن ڪڇ ۾ کڻي ايندا هئا. ڪڏهن صدري پائيندا هئا ته اڳٺ پيو لڙڪندو هون. شهري ڇوڪرا کائنس کلندا هئا.

حيدرآباد ۾ مسافر خانو اسڪول به هو، جنهن کي هاڻي قاضي عبدالقيوم پرائمري اسڪول چيو وڃي ٿو.... تڏهن لازمي تعليم (زوري تعليم) شروع ڪئي وئي هئي. سو جڏهن شاگرد اسڪول نه ايندا هئا ته مٿن ڪيس ڪيا ويندا هئا. تن کي ڇڏائڻ لاءِ ماڻهو استادن کي سفارشون ڪندا هئا. ۽ ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر صاحب، جن کي لازمي تعليم جا ڪيس هلائي سزا ڏيڻ جا اختيار مليل هوندا هئا، سي ڪنهن حد تائين خوشيءَ سان مڃيندا به هئس.

اسان سان گڏ پڙهندڙ غلام علي شيدي، جيڪو ٽنڊي ولي محمد ۾ رهندڙ هو، سو پٽڪو ٻَڌندو هو ۽ ڪنن ۾ چانديءَ جون ڪيوٽيون (مُرڪيون) پيل هونديون هئس. اڪثر پن جون ٻيڙيون پيئندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن پيڊرو يا سن فلاور سگريٽن سان به شوق ڪندا هئا. هن جو ڏهن سگريٽن جو پاڪيٽ ڏهين پئسي ملندو هو. ملهه چڱي ڄاڻندو هو، تنهنڪري ڪنهن کي ڦڙتي، ڪنهن کي مونڙي، ڪنهن کي اندريون، ڪنهن کي ٻاهريون، ڪنهن کي ڍاڪ تي کڻڻ، ڪنهن کي وارو، ڪنهن کي جانٺو، مطلب ته سڀ ڪنهن سان ٻکين پيو پوندو هو. محمد صديق مسافر (حبشي) جيڪو تڏهن پرئڪٽسنگ اسڪول ٽريننگ ڪاليج فار مين ۾ نائب ماستر هو، ۽ ٽنڊي ولي محمد ۾ رهندو هو، سو غلام علي شيدي جي پرگھور لهندو هو. ۽ غلام علي شام وقت مرحوم مسافر جي ڀنگ به گھوٽيندو هو ۽ هڪ اڌ جمني پاڻ به نوش ڪندو هو.

اسڪولن ۾ ڪوٽ ۽ ٽوپيءَ سان اچڻ جو تاڪيد ڪيل هوندو هو. پر اڪثر مسلمان شاگرد تاڪيد هوندي به ڪوٽ اصل نه پائيندا هئا ۽ نه پٽڪو مٽائي ٽوپي پائيندا هئا. آرهڙ ۾ ته خير پر سياري ۾ به اجرڪ ويڙهي ايندا هئا. ڪي مسلمان ڇوڪرا پِلش جي ڪاري ٽوپي ۽ ڪوٽ پائي ايندا هئا. هندو ڇوڪرن ۽ مسلمان شاگردن جو پوشاڪ ۾ فرق رڳو پاجامي ۽ شلوار جو هوندو هو.

سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ ثانوي  زبان (سليس) چار درجي کان شروع ڪرائي ويندي هئي.... شاگردن کي جيڪي ڪتاب وٺرايا ويندا هئا، اُهي سڀ مئڪملين ڪمپني جا هوندا هئا. انگريزي پرائمري ۽ ريڊر کان سواءِ باقي ڪتاب جھڙوڪ سائنس، تاريخ ۽ جاگرافي انگريزي ڪتابن جا ترجما هوندا هئا، جيڪي سڀ مئڪملين ڪمپني جا هوندا هئا. تاريخ، جاگرافي سولين آکاڻين جو نوع ۾ لکيل هونديون هيون، جيڪي پڙهڻ ۽ سمجھڻ ۾ نهايت آسان هونديون هيون.

سڀئي ڪم هڪڙوئي استاد سيکاريندو هو، سواءِ ڊرائنگ ۽ مشق ڪاپيءَ جي .... ڪاپي به مئڪملين ڪمپنيءَ جي هوندي هئي ۽ او ”O “ نِب سان لکائي ويندي هئي. رانديون تنهن وقت لازمي هيون، يعني روز شام جو اسڪول ۾ گڏ ٿبو هو ۽ اتان قطار يعني فائيل ۾ گرائونڊ تي وڃبو هو ۽ واپس به قطار ۾ ئي موٽبو هو ۽ اچي اسڪول جي احاطي ۾ ڇڙ وڇڙ ٿبو هو. جيڪي شاگرد راند ۾ حصو وٺڻ کان نٽائڻ لاءِ ڪو بهانو ڪندا هئا، ته کين ڊاڪٽر کان سرٽيفڪيٽ وٺي ڏيڻو پوندو هو ۽ پوءِ ئي کين راندين کان آجو ڪيو ويندو هو.

پهرئين درجي جوساليانو امتحان پيپرن وسيلي ورتو ويندو هو. جيڪي شهر ۾ رهندڙ شاگرد هوندا هئا، تن جي انگريزي سُٺي هوندي هئي. ۽ ڪلاس ۾ سُٺيون مارڪون کڻندا هئا. سندن مائٽ پڻ پڙهيل هوندا هئا، جنهن ڪري کين اسڪول ۾ داخلا وٺڻ کان اڳ ئي انگريزي لفظ ۽ جملا ايندا هئا. ۽ اي. بي. سي ۽ انگريزي گرامر گھران ئي پڙهي پورو ڪري ايندا هئا...... پهرين جون کان ٻه مهينا وئڪيشن ٿيندي هئي.

حيدرآباد شهر جا رستا ڪشادا هوندا هئا. رستا پٿر جا هوندا هئا. ڏامر جا ڪارا رستا ان وقت وهم ۽ گمان ۾ به ڪين هئا. ٽانگن جي ڦيٿن جا پٽا لوهي هوندا هئا ۽ رستن تي وڏا وڏا پٿر نڪتل بيٺا هوندا هئا، جنهنڪري ٽانگن ۾ خوب جھاڪا ايندا هئا، ۽ اڪثر ماڻهو ڇڪي آڍائيندا ڏسبا هئا. وڪٽوريا گاڏيون اڪثر هندو سيٺين جون هونديون هيون، جيڪي شام جو سير لاءِ گدو بندر وڃي درياهه جو درشن ڪري ايندا هئا. ڪي وڪٽوريائون ڀاڙي تي به هيون. حيدرآباد ۾ بجليءَ جي روشني (اليڪٽرڪ لائيٽ) جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ شهر ۾ شمعدان يا قنديل ٻاريندا هئا. صبح جو ٺيڪيدارن جا ماڻهو هر هڪ شمعدان ۾ گاسليٽ ذرو وجھي ويندا هئا ۽ شام جو وري انهن کي وقت تي روشن ڪري ويندا هئا. هوٽلون ٿوريون هونديون هيون. رڳو نانواين جا دڪان هوندا هئا، جتي ٻاهريان ماڻهو جيڪي شهر ۾ ڪمن ڪارين سان ايندا هئا، سي اچي ماني کائيندا هئا. چڪلي روڊ تي رڳو هڪ آغا جي هوٽل هوندي هئي، جتي لوهه جون ڪرسيون ۽ ڪاٺ جون ٽپايون هونديون هيون. باقي سوڍا ليمن ۽ ڪيڪ بسڪوٽن جا دڪان ڪافي هوندا هئا.

مياڻي روڊ هاڻوڪو پرنس علي روڊ تي حسن علي وونري (بوري) جو ٻاٽلين ڀرڻ جو سانچو هوندو هو ۽ ٻاٽليون سڀ گوليءَ سان هونديون هيون. تڏهن ٻاٽلين جا نمونا هيٺيان هوندا هئا. (1) کاري سوڍا هڪ پئسي ملندي هئي (2) ليمن ٽڪي (3) رنگ واريون ٻاٽليون ٽين پئسي ملنديون هيون، جن ۾ لائيم جوس ججنجريٽ (جنجر) راسبيري شامل هونديون هيون. حسن عليءَ جو پاڻي (ايئريٽيڊ واٽر) مشهور هوندو هو. چانهه جو رواج بلڪل نالي ماتر هوندو هو. البت ٿاڌل جو عمدو گلاس آني آني ملندو هو ۽ برف پئسي پَن (پائونڊ) هوندي هئي. ڇڻڪار لاءِ گاڏيون هونديون هيون، جيڪي ڏاند (ڍڳا) ڪاهيندا هئا ۽ پُٺيان ڇڻڪار ٿيندو ويندو هو.

سيٺ ڪريم خوجو، شايد 1912ع ڌاري پهريون شخص هو، جنهن ولايت مان هڪ موٽر خريد ڪري حيدرآباد آندي هئي، جيڪا جڏهن به ڪنهن رستي تان لنگھندي هارن جو آواز ڪندي هئي، ته سڀ ماڻهو ان کي هڪ عجوبئه روزگار سمجھي ڏسڻ لاءِ ڪمن ڪارين مان هٿ کڻي ڪڍندا هئا ۽ اچرج وچان ان کي ڏسندا هئا. شهر ۾ سُٺي ۾ سٺي جاءِ هڪ عاليشان باغ به هن صاحب ئي ٺهرايو هو. سندس جاءِ جيڪا نولراءِ مارڪيٽ وٽ آهي سا ڪيترا ڏينهن کليل رکي ويئي هئي ۽ عام ماڻهن جا حشام ان جو ديدار ڪندا رهندا هئا. سيٺ ڪريم جو باغ به ڏسڻ وٽان هو ۽ تفريح لاءِ شام جي وقت عام ماڻهن جو سک هو.

ڪراچي هوٽل صدر جو مالڪ مرحوم شفيع محمد ميمڻ هوندو هو، جيڪو حافظ يعقوب ميمڻ جو پُٽ هو..... تڏهن ماڻهو ننڍن شهرن مان لڏي حيدرآباد شهر ۾ اچي رهڻ لڳا هئا.

وڏن ماڻهن جا ڪمدار وڪيلن کي ڪيس وٺرائي ڏيندا هئا، تنهنڪري سندن واسطا وڪيلن سان گھاٽا هوندا هئا. وڪيل جڏهن هالا ۾ ڪيس هلائڻ لاءِ ايندا هئا، ته اُهي شهدادپور اسٽيشن تي لهندا هئا، جتان کيس کڻڻ لاءِ اصيل وسيلي سواري لاءِ اُٺ به موڪليا ويندا هئا. وڪيل جيڪو به ويلو رهندو هو، تنهن جو سمورو خرچ اصيل کي ڀوڳڻو پوندو هو. نه ته ورلي ڪنهن دوست وٽ پڻ ماني کائيندا هئا.

1912ع ڌاري اڏيرو لعل اسٽيشن کي گھانگھلن جي اسٽيشن به چوندا هئا. جتان گھانگھلا ذات جي ماڻهن جو ڳوٺ ميل کن پنڌ تي هوندو هو.... هتي اسٽيشن تي اُٺن جي کوڙي هوندي هئي، جتي اُٺ هر وقت ڀاڙي سوارين لاءِ ملي سگھندا هئا. کوڙيءَ تي جتن کي هڪ روپيو پُٺيان هڪ آنو، کوڙيءَ جي جمعدار کي آنڪي ڏيڻي پوندي هئي، جنهن عيوض هو جتن جي حُقي پاڻيءَ جو انتظام رکندو هو. جت اڪثر گھوٽاڻن جا مير جت هوندا هئا ۽ ڀاڙا کڻڻ هنن جو اباڻو ڌنڌو هو. اُهي هر وقت هالن جي مارڪيٽ ۾ اُٺ سوڌو نظر ايندا هئا ۽ چار يا اٺ آنا سوٿي وٺي اٺ ٻڌندا هئا ۽ وقت تي اچي گھران سوار کي کڻندا هئا.

1914ع ۾ جڏهن پهرين مهاڀاري لڙائي لڳي. تڏهن سرڪار زوريءَ اُٺ خريد پئي ڪيا ۽ خريداريءَ لاءِ هڪ ڪاميٽي مقرر ڪئي ويئي هئي. مير جت ويچارا جن جي گذران جو ذريعو ئي ڏانگھا هوندا هئا، سي زوريءَ انهن کان محروم ٿي ويا ۽ سندن ڌنڌو بند ٿي ويو. کوڙي ان ڪري ويندا ئي ڪونه هئا، جو اتان سرڪاري ماڻهو جنهن جو اٺ ڏسندا هئا ته بيگر هڻي ويندا هئا. ميرجت ويچارا چوندا هئا ته ادا ڇا ڪريون، اٺن ۾ ڪاميٽي پئي آهي. اسان مسڪينن سان ويل وهي ويا آهن. اٺن جي اڻاٺ سبب اسٽيشن تي ويٺل ميرجت جي پنهنجا ٽانگا انوقت رڳو اڏيري لعل اسٽيشن کان اڏيري لعل وليج تائين هلائيندا هئا، سي هن اُٺن جي ڏڪار ۾ هالن تائين ٽانگا هلائڻ لڳا هئا، جنهنڪري ڪجھ ڀرم ڀريو ۽ مسافرن جي رهجي آئي. وري جڏهن موٽرون نڪتيون ۽ هالن جا ماڻهو شهدادپور کان موٽرن ۾ سواري ڪرڻ لڳا، تڏهن به ويچارن مير جتن جي روزيءَ تي لت اچڻ لڳي ۽ جڏهن کانئن پڇيو هو ته : ”جت فقير ڀاڙا ٻاڙا ملن ٿا يا نه؟“ ته هٿ کڻي موٽرن کي پِٽيندا هئا ۽ جنگ عظيم وارو زمانو ياد ڪري چوندا هئا ته: ”الله موٽرن ۾ ڪا ڪاميٽي وجھي اسان جو روزگار ئي بند ٿي ويو آهي.“

پئسينجر ريلوي گاڏيءَ کي ماڻهو”مڪس گاڏي“ چوندا هئا..... اسڪولن جا شاگرد اهڙو ڪم ڪندا هئا، جو ڄڻ ته گاڏي سندن خانگي ملڪيت هجي، سڀني تختن (برٿن) تي ڊگھا ٿي سمهي رهندا هئا. ڪنهن کي به نه گاڏي ۾ چڙهڻ ڏيندا هئا ۽ نه ويهڻ. گارڊ ۽ ٻيا ريلوي اختياريءَ وارا عاجز لاچار هوندا هئا. ۽ چوندا هئا: ”ڇوراڻي پوتي کٽيءَ نه ڌوتي.“

نولراءِ هيرانند ائڪيڊمي جي اولهه طرف ڪافي ميدان ڇڏيل هو، جتي صبح جو اسيمبلي ٿيندي هئي. هارمونيم تي هندو عامل شاگرد بيهي مٺڙن آوازن ۾ پرارٿنا ڳائيندا هئا. سڀ شاگرد ادب سان ٻانهون ٻڌي بيهندا هئا. پرارنٿا پوري ٿيڻ تي هرهڪ ڪلاس جي قطار پنهنجي ڪلاس ڏي هلي ويندي هئي ۽ استاد صاحبان جي مٿي ورانڊي جي ٿلهي تي قطار ۾ بيهندا هئا، سي پنهنجن پنهنجن ڪلاسن ۾ پهچي ويندا هئا. ڪن استادن جي عادت هوندي هئي، ته شاگردن جي حاضري وٺڻ مهل سنسڪرت جا ڪي جملا چوندا هئا، ۽ پوءِ سنڌيءَ ۾ دعا گهرندو هو. مسٽر پرتابراءِ دعا گھررندو هو: ”اي پرڀو تو پيريءَ ۾ بت سان گذارجانءِ، جيوت سکي ڪجانءِ. اي ايشور سڀ جيو جنتر جيت جڻيا تنهنجي گنج مان پلجن ٿا. تون پنهنجي دامن تي سک جو سمون آڻج، اي جڳ جا رکپال، اسان پاپين جي رکشا ڪر..... اها دعا پنج منٽ هلندي هئي ۽ پوءِ حاضري وٺبي هئي...... اسڪولن ۾ پڙهندڙ اڪثرت ٻار عاملن، ديوانن ۽ واپارين جا اولاد هوندا هئا، انهن جي گھرن ۾ به انگريزيءَ جو واهيو گھڻو هوندو هو. تنهن هوندي به ٽيوشنون وٺندا هئا ۽ گھڻو هوشيار هوندا هئا. دُعا: (1) ديا سا اي ديالو تون ڪرم ڪر مهر سان ڀرپو، (2) ٻاجھ ڪر ٻاجھارا سائين ٻاجھ ڪرين ٻاجھارا.

تڏهن پوهو کياڻي بلڊنگ ۾ اڪيڊميءَ جو بورڊنگ هائوس هوندو هو، جتي شهر کان ٻاهران آيل شاگردن کي رهائيندا هئا. بورڊنگ هائوس ۾ ڪي اهڙا به شاگرد هوندا هئا، جيڪي پنهنجا نوڪر به پاڻ سان گڏ رکندا هئا، جيڪي سندن ماني ٽڪي ٺاهيندا هئا.

ورنيوڪيولر فائينل امتحان جا فارم ڀرائڻ لاءِ استاد شاگردن کي همٿائيندا هئا. فارم جي في ٻه روپيا هوندي هئي.... ايليمينٽري ڊرائنگ امتحان جي فارم في به ٻه روپيا هوندي هئي. جيڪي شاگرد ڊرائنگ ڪلاسن ۾ هوندا هئا، تن کي شام جو ڊرائنگ ڪلاسن ۾ اچڻو پوندو هو. ڪي اهڙا به پرنسپال ۽ استاد هوندا هئا، جيڪي ڪنهن شاگردن وٽ فيءَ امتحان جا پئسا نه هئڻ تي پاڻ اُهي في جا پئسا ڀري ڇڏيندا هئا. تڏهن پيپر بمبئي مان ايندا هئا ۽ ڪجھ مهينن کان پوءِ نتيجو نروار ٿيندو هو.... ڊرائنگ جي امتحان ۾ جيترا به شاگرد پاس ٿيندا هئا، تن جي انگ تي اسڪول کي ڪجھ گرانٽ ملندي هئي. نولراءِ هيرانند اڪيڊمي ۾ عربي نه پڙهائي ويندي هئي، تنهنڪري ثانوي زبان پارسي هئي. ڪي استادن جا ٻٽوئان وار هوندا ۽ ترڪي ٽوپي پائيندا هئا. پارسي پڙهندڙ شاگردن کي چوٿين درجي ۾ مزاحيه حڪايتن جو ڪتاب حڪايات لطيف، پنجين درجي ۾ اخلاقي آکاڻين جو صد حڪايات جو ڪتاب پڙهايو ويندو هو.

اسڪول ۾ پڙهندڙ شاگردن - مسلمان توڙي هندو - ۾ دوستيون ٿينديون هيون. مذهبي متڀيد نه هو. شاگرد هڪٻئي جي گھرن ۾ ايندا هئا. مونکي جڏهن سندن مائرون ڏسنديون هيون، ته هيءُ سندن پُٽن جو دوست آهي، ته مونکي پٽن جيترو گھُرنديون هيون ۽ ڪيترائي ٽول ۽ ٻيون شيون کارائينديون هيون، پنجين درجي ۾ منهنجا پيارا دوست - حشو حشمت راءِ ڪيول راماڻي، موتي مير چنداڻي، ڀون گدواڻي، هوتو مهتاڻي، ڪشن ناگراڻي – هئا، تڏهن مسلمان شاگرد اٽي ۾ لوڻ برابر هوندا هئا.

حيدرآباد ۾ جتي اڄ ريڊيو پاڪستان جي جاءِ ٺهيل آهي، اُتي هڪ ڪرسچن جي ريڊنگ روم ۽ لئبرري قائم هُئي، جنهن ۾ ديوان پرمانند ميوارام حيدرآبادي عامل، جنهن عيسائيت اختيار ڪئي هئي، سو هن لئبرريءَ جو سرواڻ هو. هو هڪ اخبار انگريزيءَ ۾ لائيٽ نالي، سنڌيءَ ۾ جوت نالي ٻه هفتيوار اخبارون ڪڍندو هو. روزانو ”هندو“ اخبار به هوندي هئي.... عام شاگرد توڙي شهري هن لئبرري مان ڪتاب اشو ڪرائي پڙهندا هئا.... هيرانند اڪيڊمي ۾ به لائبرري هوندي هئي.

مسلمانن شاگردن جي في معاف ڪرائڻ ۽ ڪتابن ۽ نوٽبڪن خريد ڪرڻ لاءِ هڪ ايسوسئيشن ٺاهي وئي. جنهن جي پهرين گڏجاڻي اولهندي ڪچي ۾ حافظ شفيع محمد سپروائيزر تپيدار جي جاءِ ۾ ٿي، جيڪا جاءِ مٽيارين جي قاضي عبدالرئوف مرحوم جي اصل جاءِ هئي. گڏجاڻيءَ ۾ مولوي امام بخش صاحب، جيڪو فارسي جو استاد هو، کي صدر چونڊيو، محمد اسماعيل عرساڻي جنرل سيڪريٽري ۽ واجد علي خزانچي ٿيو. هرهڪ شاگرد تي چار آنا ماهوار چندو مقرر ڪيو ويو..... شاگردن فيصلو ڪيو ته اُهي امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ سندن سيڪنڊ هئنڊ ڪتاب وڪڻڻ جي ڀيٽ ۾ ايسوسئيشن کي ڏيندا، ته جيئن اُهي ٻين غريب شاگردن کي مفت ۾ ڏنا وڃن. گڏجاڻي ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته هر آچر تي اُهي مسجدون، جيڪي هندن جي پاڙن ۾ اچي ويون هيون ۽ جتي ٻانگ صلوات ڪانه ٿيندي هئي، تن جي واري واري سان ڪنهن آچر تي هڪ پاڙي ۾ ته ٻئي آچر تي ٻئي پاڙي ۾ هلجي ۽ ٻهاري ڏيئي صفائي ڪري اچجي. مسجدون سڄيون مٽيءَ جي حالت ۾ هندو پاڙن جي وچ ۾ اچي ويون هيون ۽ چوداري هندن جون ماڙيون هيون، جتان ٻارن جي گندگي اُگھي اڳڙيون به مسجدن ۾ اُڇلايون ٿي ويون، پاڻيءَ جا مٽ ۽ ڪونرا سُڪل ٺوٺ ٿيل، تڏا ڦاٽل پرزا پرزا ٿيل، مٽي ۽ ڪچري جا ڍير لڳل، مسجد جي دروازي کي رڳو تالو به لڳل نه هوندو هو. اسان پاڙي وارن کي هدايت ڪئي سين، ته هيءَ مسجد آهي. جيڪا مسلمانن جي پاڪ جاءِ آهي، مهرباني ڪري گھر وارن کي روڪين ته هن ۾ گند نه اُڇلائين.

شاگرد جڏهن ڪنهن وٽ پئسن جي وصولي لاءِ ويندا هئا، ته اُهي کين پنهنجي استاد کان رسيد لکرائي اچڻ جو چوندا هئا. رسيد بوڪ ڇپايا ويندا هئا، جيڪي پئسن ڏيندڙن کي رسيد ڏبي هئي. ڪي اهڙا به ماڻهو هوندا هئا، جيڪي جيتوڻيڪ پئسا ڏيندا هئا، پر پنهنجو نالو لکرائڻ نه چاهيندا هئا...... پوءِ هندو شاگردن توڙي استادن به چيو ته: سندن مدد جي گھُرج هجي ته اُهي به حاضر آهن. پوءِ مسلمان شاگردن جون ڪن جون سڄيون ته ڪن جون اڌ معاف ڪيون ويون..... ڇهين درجي ۾ حاجب شاهي، منتخاب فارسي جو مجموعو هو، پڙهايو ويندو هو. هن مجموعي ۾ گلستان بوستان، انوار سهيلي نثر جي حصي ۾ ڪريما، پندنامه فريد الدين عطار، محمود نامه جا ڪجھ غزل ۽ ڪجھ جديد فارسيءَ جا منظومات پڙهايا ويندا هئا. جيڪو ديوان ڏيارام پڙهائيندو هو. ديوان ڏيارام پڙهائڻ وقت مست ٿي ويندو هو، ۽ ڪنڌ پيو ڌوڻيندو هو.

فارسي گرامر ڇهين درجي کان شروع ڪرايو ويندو هو، هڪ گرامر جو ڪتاب ” ڪانگا جو گرامر“ پڙهايو ويندو هو. مٿيون ڪورس ٻن سالن جو هو، يعني ڇهين ۽ ستين ٻن درجن ۾ پورو ڪرڻو پوندو هو ۽ مئٽرڪ ۾ امتحان انهن مان ئي ٿيندو هو. 1924-25ع ڌاري اسان جي مئٽرڪ واري ڪلاس ۾ 143 شاگرد هئا، جن ۾ مسلمان رڳو يارنهن هئا. مئٽرڪ ۾ سنڌي ۽ جاگرافي جا مضمون نه هوندا هئا. مئٽرڪ جو امتحان رڳو هيٺين ڪمن ۾ ٿيندو هو. انگلش جنرل هڪ پيپر، انگلش ٽيڪسٽ هڪ پيپر، انڊين هسٽري ۽ انگلستاني هڪ پيپر، پرشن هڪ پيپر، رياضي، ارٿميٽڪ آلجبرا ۽ جاميٽري هڪ پيپر. 1924_25ع ڌاري مئٽرڪ جو امتحان مارچ مهيني ۾ ٿيندو هو. سنڌ مدرسته السلام جي مٿين هال ۽ خالقڏنو هال ۾ امتحان هلندو هو.

1925ع ۾ پهرين سال، حيدرآباد کي به مئٽرڪ جو سينٽر بڻايو ويو، اهو هندو صاحبان جي ڪوشش جو نتيجو هو. جنهن لاءِ پهريون سينٽر هومسٽيڊ هال ۾ ڪيو ويو. تنهن زماني ۾ حيدرآباد ۾ رڳو چار هاءِ اسڪول هئا: (1) گورنمينٽ هاءِ اسڪول، جيڪو هاڻي نورمحمد هاءِ اسڪول آهي (2) نؤوديالا هاءِ اسڪول جيڪو هاڻي حيدرآباد يونيورسٽي اولڊ ڪئمپس آهي، ۽ راءِ بهادر ديوان پرڀداس ان جو باني هو. (3) نولراءِ هيرانند ائڪيڊمي، جتي هينئر گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۽ سنڌ لاڪليج آهن. (4) ڪندن مل گرلس هاءِ اسڪول، جيڪو ڇوڪرين لاءِ هو. ۽ اڄ اتي جامعيه عربيه اسڪول آهي.

امتحان ٽي ڏينهن هلندو هو. روزانو ٻه پيپر ٿيندا هئا. سکر، شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي جا شاگرد به هتي امتحان ڏيندا هئا. .... تڏهن سنڌ بمبئي پريزيڊنسيءَ سان ڳنڍيل هئي، ۽ امتحان سڀ بمبئي يونيوريسٽيءَ وسيلي ٿيندا هئا. مارچ اپريل ٻه مهينا انتظام جا هوندا هئا ۽ مئي جي پڇاڙيء ۾ نتيجو نڪرندو هو. تعليم جو وسيلو انگريزي زبان هو ۽ امتحان جو رعب گھڻو هوندو هو. ڪاپيءَ جي ته ڪنهن کي سوچ ئي نه هئي ۽ نه وري امتحان ۾ ڪو اثر رسوخ هلائڻ جو امڪان هو. سوالي پيپرن تي ممتحن جا نالا ۽ ائڊريسون لکيل هونديون هيون. پر تڏهن جا ممتحن اثر يا سفارش کان آجا هئا ۽ اها ڳالهه ڏکي هئي جو وٽن ڪنهن بابت رسائي يا پهچ ٿي سگھي. رزلٽ هميشه بمبيءَ ۾ رات جو ٻارهين وڳي نڪرندي هئي. ٽيليگراف رستي سڀني پريسن کي نمبر ڏنا ويندا هئا. جي راتوواهه سپليمينٽريءَ وسيلي شايع ڪري صبح سويري ٻه ٻه آني قيمت وصول ڪري هر هڪ شاگرد کي نهايت سولائي سان ملي سگھندي هئي. اها رات شاگردن کي ننڊ ئي نه ايندي هئي سنڌ جي رزلٽ وڌ ۾ وڌ چاليهه کان پنجيتاليهه سيڪڙو ٿيندي هئي. ڊويزنون ڪونه هيون. رڳو پاس يا فيل هوندو هو. سپليمينٽ ۾ رڳو پاس نمبر ظاهر ڪيا ويندا هئا. جيڪي نمبر نه هوندا هئا. سي فيل قرار ڏنا ويندا هئا. 1925ع ڌاري رزلٽ ۾ نول راءِ هيرانند اڪيڊميءَ مان اسان يارهن مسلمان شاگردن مان رڳو هڪ پاس ٿيو.

1925ع ۾ مرحوم نورمحمد وڪيل مسلم ايڊيوڪيشن سوسائٽيءَ جو بنياد رکيو. ان لاءِ سر ابراهيم رحمت الله کي صدارت لاءِ گھرايو ويو. شاگردن ڏينهن رات محنتون ڪري قومي جذبي سان سرشار ٿي، هومسٽيڊ هال کي ڪانفرنس لاءِ ڪنوار جيان سينگاريو. ڪانفرنس ۾ ڪافي ولولي انگيز تقريون ٿيون. مخير حضراتن وڏن وڏن چندن ۽ عطين جا اعلان ڪيا. اسان خوب نعرا هنيا. تاڙيون وڄايون، پر ڪانفرنس جي ڪاروائيءَ کان وڌيڪ جيڪا ڳالهه پسند آئي سو هو مشاعرو. مشاعرا به ٿيندا هئا.

هڪڙي ڀيري اردو ۽ سنڌي مشاعرو ٿيو. جنهن مشاعري ۾ مصرع اردوءَ ۾ هئي ”چشم موسي ڪو بهي حسرت ره گئي ديدار ڪي“. سنڌي  ۾ ان جو ترجمو هو ”چشم موسي کي به حسرت رهجي وئي ديدار جي“. اردو مشاعري جي صدارت مير ايوب خان ڪئي ۽ سنڌي مشاعري جي صدارت مرحوم مرزا قليچ بيگ ڪئي.

تڏهن مئٽرڪ پاس ڪرڻ وڏي ڳالهه سمجھي ويندي هئي. وري جيڪڏهن هالن جهڙن ننڍن شهرن مان ڪو شاگرد مئٽرڪ پاس ڪندو هو، جتي ان کان اڳ ڪنهن به مئٽرڪ جي امتحان جو خواب ئي نه ڏٺو هوندو هو، ته اهم ڳالهه ليکبي هئي. جڏهن آءَ پاس ٿيس ته منهنجا والد ۽  ٻيا مٽ مائٽ مئٽرڪ ۾ ڪاميابيء تي نهايت خوشيون ملهائڻ لڳا. آءُ هالا شهر جي هندن، سکن ۽ مسلمانن سڀني مان پهريون شخص هوس، جنهن مٽرڪ پاس ڪئي هئي. تنهنڪري منهنجي والد کي گھڻيون مبارڪون مليون. جناب حضرت مخدوم ظهير الدين (پرو ڄام) سائين مونکي ويهه رپيا خرچي ڏنا ۽ دعا ڪئي. منهنجي امڙ مونکي ڀاڪر ۾ وجھي چميون ڏنيون.

مئٽرڪ ڏيئي ڪنهن ڪاليج ۾ داخلا وٺڻي پوندي هئي. داخلا لاءِ هڪ معمولي فارم ڀرڻو پوندو هو، جيڪو ڪاليج مان مفت ۾ ملندو هو. فارم سان گڏ رڳو ڏهه روپيا ڪاشن مني ٿڏي تي ڏيڻي پوندي هئي. ڪلارڪ، نالو ۽ مئٽرڪ جو سيٽ نمبر بمبئي مان آيل ڇاپي رزلٽ تان ڏسي تصديق ڪندو هو ۽ ٻئي ڏينهن نوٽيس بورڊ تي لسٽ لڳائي ويندي هئي، ته هيٺين شاگردن کي داخلا ڏني ويئي آهي. ان کان وڌيڪ ڪا به پٽاڙ يا اينگھ ڪانه هوندي هئي. تڏهن بي.اي جي پهرئن سال کي ايف. واءِ. اي فرسٽ ايئر آرٽس شايد چوندا هئا. ٻئي سال کي انٽر آرٽس. ٽئين سال کي جونيئر بي.اي ۽ چوٿين سال کي سينئر بي.اي سڏيندا هئا. ڪاليج اسڪالرشپ لاءِ درخواست پرنسپال جي معرفت ڏبي هئي ۽ ٽيهه روپيا ماهوار اسڪالرشپ نهايت سولائيءَ سان پاڻهي ملي ويندي هئي..... تڏهن سلاميءَ واري ڇت ٺڪر جي نرن سان ڍڪيل هوندي هئي. سنڌ نيشنل (گدومل) ڪاليج جو هاسٽل پڻ هوندو هو. هاسٽل ۾ رڳو ڏهه ٻارهن ڪوٺيون هيون، جيڪي پراڻي وقت جون ٺهيل هيون، پر ٻاهرين شاگردن لاءِ غنيمت هئي.

مُلان اسڪول به هوندا هئا.... پوليس ۾ ڀرتي لاءِ ناسڪ پڙهڻ لاءِ به ڪڪي ماڻهو ويندا هئا. تڏهن انڪمبرڊ اسٽيشن آفيس به هوندي هئي.... شاگرد پنهنجا بورچي به رکندا هئا..... ۽ ڪلب ٺاهيندا هئا، تنهنڪري مانيءَ ٽڪيءَ جا سهنجا ٿي پوندا هئا. سڀ پروفيسر شاگردن کي عزت ۽ پيار جي نگاهه سان ڏسندا هئا. عملو سهڻو ورتاءُ ڪندو هو. تڏهن مدراسي ۽ گجراتي پروفيسر به پڙهائيندا هئا.

ڪاليج جو پهرين نالو سنڌ نيشنل ڪاليج هوندو هو، پوءِ اين.اي.ڊي نيشنل ڪاليج رکيو ويو ۽ هينئر گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد جي نالي سان سڏجي ٿو.....فارسيءَ ۾ نثر ۾ بهارستان جامي ۽ نظم ۾ طيبات سعدي پڙهايا ويندا هئا. شاگرد ڪاليجي چوائڻ ۾ فخر محسوس ڪندا هئا. ڪاليج ۾ ٽرگنامينٽري پڙهايو ويندو هو. هر هڪ پيرئڊ (فر جي) جي حاضري ڀربي هئي، تنهنڪري پيرئڊ ۾ گسائڻ قطعا ناگوار لڳندو هو ۽ نهايت تاڪيد سان هر هڪ فرجي ۾ حاضر رهبو هو. ثانوي اسڪول به راندين، ڊرامن، ڊبيٽن، ايڪسڪرشنن ۽ ٻين سوشل دلچسپين کان خالي نه هوندا هئا. پر ڪاليج ۾ فضائي ٻي هئي.

پروفيسر ايم.ايم گدواڻي پرنسپال ٿي اچڻ سان ڪاليج ۾ زندگي پيدا ڪئي. هڪ ڀيري ڪاليج لان تي هڪ ”انڊين مجلس“ ڪرايائين، جنهن لاءِ ڪوبه چندو وغيره رکيل ڪونه هو. ڳائڻ وڄائڻ سميت هڪ فينسي شو به هن مجلس جي پروگرام ۾ شامل هو. کاڌي لاءِ سڀ ڪنهن کي حڪم هو، ته پنهنجي گھران سڀڪو ڪجھ نه ڪجھ سنڌي ڍنگ جو کاڌو رڌائي پاڻ سان کڻي اچي. عجيب غريب قسم جا کاڌا گڏ ٿي ويا. ڪنهن ٻاجھريءَ جا ڍوڍا ۽ چٽڻي آندي. ڪن ڪڻڪ جو رڌل ڏارو، جنهن کي ٻاٽ چوندا هئا، سو اندو ته ڪنهن لپئي آندي، ڪنهن ڪڻاهو پرشاد يعني چڻن جي ڪهرن جي چٽڻي آميز پليٽ آندي. جنهن کي ڇولا چيو وڃي ٿو. ڪنهن سيگو چانورن جي رٻ آندي، ڪنهن سوجيءَ جوسيرو، ڪنهن کيرڻي ڪنهن پٽاٽن جون ٽڪيون، ڪنهن کچڻي ۽ ڪڙهي، ڪنهن ڌونري ۾ ٺهيل رائتو، ڪنهن ڀاڄي پلاءُ، ڪنهن مڱن ۽ چونرن جا ڪُهر، ڪنهن ڪچونبر، ڪنهن ٽماٽي جي چٽڻي، ڪنهن سلان ڪنهن ڦُلڪا، ڪنهن موڻيون ڪنهن چوکا، ڪنهن بسريون ڪنهن منا چانور (رنگ بنا چاشني) ڪنهن وڙيون ڪنهن اچار، ڪن مُربا ڪن ڏهي، ڪن لسيءَ جا لوٽا، ڪن پڪوڙا، ڪن پوريون، ڪن بهن چڀڙن انب چور جون ڪچريون، ڪن پالڪ ته ڪن سرنهن جو ساڳ، ڪن موريون ته ڪن ڪريلا ڪن گاجر جو حلوو ڪن ٻيون قسمين قسمين گھر جون ٺاهيل مٺايون آڻي ڍير ڪيون. ويشنو کاڌا هئا. پاپڙن جو ته حساب ئي ڪونه هو. ڪو ٽانڊن تي سيڪيل، ڪي تريل، کائيندي حال! جڏهن ته مسلمان شاگردن تريل مڇيون، گوشت، بيضن جا ٻوڙ، سوپ ۽ ڪڪڙ جو ٻوڙ، ڪونئرا پراٺا، چاشني، ڪورمو ۽ ٻيون اهڙيون غذائون آنديون. پليٽ پليٽ هر هڪ جي ڌار هئي، ورڪر بيٺي هئا. چمچن سان لاهي ٿي ڏنائون، جيڪي گھُر سو حاضر، مسلمان شاگردن جي چوڻ تي چوڪيدار ماهيو کير آڻي ڏنو ۽ ان ۾ راسبيريءَ جو رنگ ۽ کنڊ گڏي کڻي ملڪ روز بڻايو ۽ هڪ وڏي ديڳ ڀري رکي سين. واهه واهه ٿي ويئي، ڇو ته شهر وارن کي ملڪ روز جو ڍُڪ ڍُڪ آڻڻ ذرا مشڪل بلڪ محال هو.

ڪجھ وقت کان پوءِ، هڪ ايڪسڪرشن جو انتظام ڪيو ويو. ڦليلي ان وقت ڦوهه جوانيءَ ۾ هئي، سندس وهڪرو سنڌو درياهه سان ڪلهو هڻي رهيو هو. هڪ ٻن ٻيڙين جو ڪرايو وغيره مير بحرن سان طئي ٿيو ۽ آرتوار صبح جو چونڪ اسان جي ڪاليج کان ڄام شوري موريءَ وٽ وڃي پي. ڊبليو. ڊي. جي بنگلي ۾ ڏينهن گذارڻو هو، تنهن ڪري ٻيڙيون اوڀاريون هليون، جي ڦليليءَ جي ڪپ سان ميربحرن رسن سان ڇڪي ٿي هلايون..... ٻيڙيءَ ۾ ڪيترائي گيت، گانا ڳائيندا، خوشيون ڪندا ڦليليءَ جي ٻنهي ڪپن تي ماڻهن جو ڌيان ڇڪائيندا خير سان منزل مقصود تي پهتاسين. بسڪوٽن جا پڙا، ڪيڪن جا ڊزنن جا ڊزن ۽ ٻيا قسمين قسمين مال ٽال وٺي ويا هئاسين، جي کائي آسپاس جو شيل ڪري شام جو وارُو ٿياسين ۽ سج اندر ٻاهر هو ته واپس ڪاليج ۾ پهچي وياسين، ۽ سڀڪو مائٽن جو انتظار دفع ڪرڻ لاءِ پنهنجي پنهنجي گھر روانو ٿيو.

هڪ ڀيري ڪاليج ۾ ڊرامو منعقد ٿيو، جيڪو شيڪسپيئر جو روميو ۽ جوليٽ جو اختصار هو. ڀون گدواڻي جوليٽ جو پارٽ ادا ڪيو ۽ وڻ وڄائي ڇڏيائين. ڪاليج جا ستر سيڪڙو شاگرد ته مٿس ڄڻ عاشق ٿي پيا.... ڪاليج ۾ ڪو ايڊيوڪيشن هئي، تنهنڪري ڪيتريون ئي عامل ڇوڪريون به پڙهنديون هيون. ڇوڪرن لاءِ ڊيسڪون هونديون ۽ گئلريءَ جيان رکيل هونديون هيون ۽ ڇوڪرين لاءِ پهرينءَ صف ۾ ميزون ۽ ڪرسيون رکيل هيون. ميزون پراڻي قسم جون هيون، منجھن اڳيان ٻه ٻه خانا هوندا هئا. هونءَ ته ڇوڪرين جي نهايت عزت ڪئي ويندي هئي ۽ هرڪو ساگرد انهن کي ڀينرن جيان ڏسندو هو. جڏهن اُهي ڏاڪڻ تي چڙهنديون هيون يا لهنديون هيون، ته ڪوبه ڇوڪرو لهندو چڙهندو نه هو، جيستائين اُهي سيڙهي پار ڪري وڃن. پر ان هوندي به ڪي عامل ڇوڪرا شرير هوندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن ساڻن چرچا ڪندا هئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org