سيڪشن:تاريخ

ڪتاب:هالا جا رنگ هزار(هالا متعلق لکڻين جو مجموعو)

باب:

صفحو14

ڪاليج طرفان ”ڦليلي“ ميئگزين نڪرندي هئي. جنهن ۾ اڪثر ڪري شاگردن جا مضمون ڇپجندا هئا....... حيدرآباد ۾ بزم مشاعره سنڌي ادبي سوسائٽي جُڙيل هئي، جنهن جي طرفان شهر ۾ مختلف موقعن تي مشاعره ٿيندا رهندا هئا، ۽ انهن مشاعرن ۾ نون شاعرن کي پڻ شاعري پڙهڻ جو موقعو ڏنو ويندو هو.

1932ع ۾ ٽنڊو محمد خان جو اي.وي. اسڪول، ميونسپالٽيءَ جو هو. مير حاجي حسين بخش خان ميونسپل جو پريزيڊنٽ هو. مونکان اڳ جنهن هندو هيڊ ماسٽر اسڪول تي ڪانگريس جو جھنڊو چاڙهيو. جنهن جي پاداش ۾ هن کي نوڪري ڇڏڻي پيئي، ڇاڪاڻ جو مير صاحب تي انگريز حڪومت جو دٻاءُ پيو ۽ کيس هدايتون ڏنيون ويون ته هيڊ ماستر ڪو مسلمان رکو. اهو سبب هو، جو مونکان هندو ماستر مسٽر جي. ڪرشن جيڪو سينيئر هو، تنهن کي ريٽي مونکي هيڊ ماستر بنايو ويو. ميونسپالٽيءَ ۾ هندو ميمبرن جي اڪثريت هئي، تن منهنجي تقرر تي سخت اعتراض ورتو. سول ڪورٽ تائين معاملو ويو.

هوڏانهن سنڌ جدائي جي تحريڪ هلندڙ هئي ۽ مسلمانن اهو ٺهراءُ ڪيو ۽ هڪ جمع مقرر ڪيو، ته نماز بعد جامع مسجدن ۾ دعائون گھُربيون ۽ تقريرون ڪري سنڌ جي جدائيءَ لاءِ ٺهراءُ پاس ڪبا..... آئون، ميمڻ محلي ۾ جامع مسجد جي بلڪل سامهون هڪ تپيدار جي اوطاق هئي، ان ۾ رهندو هوس. جمع جي ڏينهن جماعت جي اصرار تي مون تقرير ڪئي ۽ ٺهراءُ لکي پاس ڪرايم. سي، آءِ، ڊي وارا به ڪي آيل هئا. مونتي رپورٽ ٿي، هندن وجھ وٺي ٽنڊي ڊويزن جي ڊپٽي ڪليڪٽر لالا (شڪارپوري) کي ڀڙڪايو. نتيجي ۾ مونکي حڪومت کان وارننگ آئي ته سياسي ڪمن ۾ بهرو نه وٺ، نه ته توتي سخت قدم کنيو ويندو..... پوءِ مون اڏيري لعل جي انگلش ڪلاس کي اچي وسايو.

ٽنڊي محمد خان ۾ منهنجو وقت چڱو گذريو. مير پير بخش خان، مير علي بخش خان ۽ سيد محمد عارف شاهه ۽ علي ڏنو شاهه منهنجي سُٺن تلاميذ رشيد مان هئا. هتي اي. وي اسڪول ۾ ڪوبه مسلمان ماستر نه هو. ويتر جو آئون هيڊ ماستر ٿيس ته ڏاڍا خوش ٿيا ۽ آئون به سندن هر سرپرستي ڪندو هوس. مير حاجي حسين بخش خان ميونسپالٽيءَ جوپريزيڊنٽ هو،۽ ٻين مسلمان ميمبرن مان سيٺ لقمان مرحوم سان منهنجو گھاٽو تعلق ٿي ويو. سندس ننڍو ڀاءُ سيٺ محمد جيڪو پوءِ شهيد ٿي ويو، منهنجي تمام گھڻي خوشامد ڪندو هو. سيٺ موليڏنو سندن چاچو جنهن کي عرف عام ۾ ”سيٺ مولو“ چوندا هئا، هڪ پيرسن بزرگ هو. ٽنڊي محمد خان ۾ به سندس ڪيتريون ئي جايون هيون، سو مونکي پٽن جيان پيار ڪندو هو ۽ هڪ جاءِ بنا مسواڙ جي مونکي ڏنائين ته تپيدار کي ڇڏي اتي اچي رهان.

پوءِ، آئون اڏيري لعل انگلش ڪلاس ۾ ٽيچر ٿي آيس، جتي سنڌي اسڪول جو هيڊ ماستر حاجي عبدالرؤف کيبرائي هو، جيڪو نهايت ديندار ۽ هوشيار استاد هو. مانيون سومر ڀٽي پٽيوالو تيار ڪندو هو ۽ ٻوڙ حاجي عبدالرؤف شاگردن جي مدد سان تيار ڪندو هو. اڏيرو لعل هڪ ننڍو واهڻ هو، شروعات ۾ هن ڳوٺ جي چڱي رونق هئي. پر جڏهن هندن اڏيرو لعل جي مقبري مٿان اڏيري لعل جو هڪ بُت نصب ڪيو، تڏهن وڏا تڪرار هليا ۽ گھڻا هندو لڏي ويا. گجرات جا وڏا وڏا هندو سيٺ جيڪي اڏيري لعل جا شَشَ ۽ جاٽي هئا، تن به اچڻ ڇڏي ڏنو. اسڪول جي پڪي عمارت پاڻ هڪ هندو سيٺ جي هئي، جيڪا لوڪلبورڊ ان کان مُٺ جيترن پئسن ۾ خريد ڪري ورتي ۽ اسڪول بورڊ کي سرڪاري ملڪيت بنائي ڏني وئي. اها سڀ ڪوشش محمد صالح شاهه صاحب جي هئي، جنهن کي عام طرح سائين ٻُڍل شاهه سڏائيندا هئا. هن ڪوششون ڪري سڀني شاگردن جون فيون معاف ڪرايون ۽ ڪيترن کي ٽي- ٽي روپيا ماهوار وظيفو به ڏياريائين. منهنجي وڃڻ وقت رڳو ٻه ڇوڪرا انگلش ڪلاس ۾ هئا، جيڪي اسان جي گڏيل ڪوشش سان وڌي پنجٽيهن کي وڃي پهتا ۽ هڪ ڀرپور ڪلاس منهنجي نگرانيءَ ۾ قائم ٿيو. هي سال 34_1933ع هو.

مون اڏيري لعل اسڪول ۾ هڪ ريڊنگ روم ۽ لئبرري قائم ڪئي ۽ هڪ ننڍو ميوزم به ان سان گڏ هو. ڪتابن جو ڪافي ذخيرو ڪَٺو ڪيو ويو. اخبارون ۽ رسالا گھرايا ويا ۽ ميوزم لاءِ ڪيئي نادرات جمع ڪيا ويا. صبح جو مناجات لاءِ هارمونيم ورتو ويو. راندين لاءِ فٽ بال ۽ ڪرڪيٽ جو سامان خريد ڪيو ويو ۽ ڊبيٽنگ سوسائٽي کي جنم ڏنو ويو ۽ ڊرئمينٽڪ منڊليءَ جو بنياد وڌو ويو..... هڪ پندرهن وار رسالو ڪڍيو ويو، جنهن جو نالو ”لعل“ رکيو ويو، جيڪو آئون پنهنجن هٿن سان لکندو هوس ۽ شاگردن جا ننڍا ننڍا مضمون ان ۾ شامل ڪيا ويندا هئا. محمد ڀٽي، الهه ورايو ۽ ميٺو ”ميٺارام“ شاگرد نهايت سُريلا ڳائيندا هئا ۽ ماستر ويرومل پاڻ هڪ هارمونيم ماستر به هو، ڀڳت به هو ۽ سندس آواز نهايت سُندر ۽ مٺو هو. اهو شاگردن کي راڳ جي تربيت ڏيندو هو. ڊراما اسٽيج ڪرڻ جي فن ۾ اسڪولن بورڊ جو هيڊ ڪلارڪ مسٽر ليلا رام وڏو ماهر هو. هن حيدرآباد ۾، عامل معاشري ۾ جيڪي ڏيتي ليتي بابت اوڻايون هيون، تن تي ڪيترائي سوشل ڊراما اسٽيج ڪرايا هئا، جنهن ڪري کيس خاص تجربو هو. اهڙي ماڻهوءَ جي مدد سان مون ”ڊزن ڊايالاگ“ لکيا، جيڪي پوءِ ڪتابي صورت ۾ به شايع ٿيا.

مسٽر ليلا رام کي منٿ ڪيم ته اسان کي  اڏيري لعل ۾ هڪ ڊرامو ڪرڻ ۾ مدد ڏئي. هن قبول ڪيو.... اسٽيج جو سامان ونگس، پردا وغيره حيدرآباد مان گھراياسين. ڇوڪرن کي تياريءَ ۾ مصروف رکيوسين، ٽڪيٽون ڇپايونسين، جيڪي گيت ڊايالاگن ۾ هئا، تن جي هڪ جدا چوپڙي ڇپائي ويئي. تياريون مڪمل ٿيون، ڊرامو منعقد ٿيو. ماڻهن جا وات ڦاٽي ويا. جو اڏيري لعل واسين پنهنجي تاريخ ۾ اهڙو فنڪشن نه ڏٺو هو، واهه واهه ٿي...... مسٽر يوسفاڻي محمد الياس هالا جو مختيار ڪار هو، تنهن صاحب صدارت ڪئي.

مسٽر جوشي، جيڪو تڏهن حيدرآباد ضلع جو ڪليڪٽر هو، تنهن لئبرري رجسٽر ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ۽ اسان کي سنڌ آفيشل گزيٽ، گورنمينٽ گزيٽ، ڪوآپريٽر سوسائٽين جون ۽ ايڊيوڪيشنل ڊپارٽمينٽ جون ساليانيون رپورٽون ۽ بمبئي پراوشنل اسيمبليءَ جي ڪارروائيءَ وغيره جو سڀ لٽريچر مفت ملندو هو، ۽ ٻيا رسالا به اڌ قيمت ۾ ملڻ لڳا..... هڪ ڪوآپريٽوَ اسٽور کوليو ويو، جيڪو ترقي ڪري هڪ وڏو شاپ ٿي ويو. شهر جا ماڻهو اسان کان سامان وٺڻ لاءِ ايندا هئا. اسان وٽ سستا اگھ هئا، تمام معمولي فائدي سان رڳو شاگردن لاءِ شيون مهيا ڪيون وينديون هيون. پر هاڻي سڀني کي به ساڳين اگھن سان ڏيڻ لڳاسين. برانچ پوسٽ آفيس کولائيسين، جنهن جو برانچ پوسٽ ماسٽر به مسٽر حاجي عبدالرؤف هيڊ ماستر هو. هڪ ننڍڙو بورڊنگ قائم ڪيوسين، حيدرآباد، شهدادپور، ملدسي، ٺوڙا، کدريون، هَڪڙا، گھانگھلا، اڏيرو لعل اسٽيشن، کيبر، سيکاٽ، هالا نوان ۽ نصرپور کان شاگردن داخلا ورتي.

اڏيرو لعل اُهو قديم شهر آهي، جنهن سان ديني علم جون ڪيتريون ئي ڳالهيون منسوب آهن. هي شهر ٽن چئن پاڙن ۾ ورهايل آهي. هڪ پاڙي ۾ اڏيري لعل جا شيخ ٻئي ۾ ڀٽي ۽ ٻيون ذاتيون، ٽئين ۾ هندو، چوٿين ۾ اڏيري لعل جي درٻار جا ٻاوا ۽ پنجين پاڙي ۾ اڏيري لعل جا سيد، هن پاڙي کي دائرو شريف ڪوٺيو وڃي ٿو. دائره شريف ۾ ٻين ديني علوم سان گڏ خاص اهميت جنهن ڳالهه کي هئي، سان هئي قرآن پاڪ جي قرآت، جنهن لاءِ هتي چڱا قاري هوندا هئا، جيڪي خاص قرآت سيکاريندا هئا ۽ قرآت جي فن ۾ دائرو شريف سنڌ ۾ واحد ادارو هو...... سنڌ ۾ هڪ پهاڪو مشهور آهي ته، ” ڇوڪرن اُٺ مسجد (مسسيت) تي چاڙهيو هو.“ اها مسجد شريف اها دائري واري هئي، جتي عربيءَ ۽ قرآت جي طالبن جو اهو ڪارنامو هو، جيڪو ضرب المثل بنجي ويو.

اڏيرو لعل شهر چونڪ هندن جي اڏيري لعل جي سببان هڪ تيرٿن جي جاءِ هئي، ان ڪري اُتي جي ٻائي جو تمام گھڻو اثر رسوخ ۽ عزت هوندي هئي. وڏو ٻائو فوت ٿي ويو ۽ سندس پُٽُ پريتم داس گاديءَ تي ويٺو.... اڏيري لعل جي درگاهه هڪ قلعي جيان آهي ۽ ڪن ڪتبن مان ظاهر ٿئي ٿو، ته اها اورنگزيب عالمگير جي وقت جي ٺهيل آهي.

پوءِ مخدوم غلام حيدر جي چوڻ تي مون هالا هاءِ اسڪول ۾ اچي چارج سنڀالي. اسڪول جا ٻه ماستر: هڪ مسٽر عبدالرحيم عرف محمد جمن ۽ ٻيو غلام رضا ڀٽو ته خاص مخدوم صاحب جا ماڻهو هئا. عبدالرحيم سندن ڪمدار جي حيثيت ۾ زمينن جو ڪم ڪندو هو ۽ سندس ڪلاس ٻيءَ هڪ ڊويزن سان ملائي ماستر سيرومل جي حوالي ڪيو ويو. وڻيس ته اچي، وڻيس ته نه اچي. ٽيون هڪ ماستر نارائڻ داس هو، جنهن جو صراف جو دڪان هو ۽ شاهوڪار ماڻهو هو ۽ مخدوم صاحب جو ڪارائتو نوڪر هو...... مقامي ڪامورن جي ڪلب تي هندوئن جو قبضو هو ۽ انهن مان ماستر سُندر سڀني تي حاوي هو..... هو سدائين مخدوم صاحب بابت اجايون سجايون ڪوڙيون ۽ من گھڙت گلائون ڪندو رهندو هو..... مخدوم صاحب، غلام رضا کي هڪ بندوق ۽ هڪ رائيفل جو ليسن وٺي ڏنو هو. هڪ ڪار سندس حوالي هئي ۽ سندس لاءِ مخدوم صاحب جن جي طرفان سوئرن ۽ ڦاڙهن جي شڪارن جو اهتمام ڪيو ويندو هو. جن جي شوق ۾ هو اڪثر اسڪول کان غير حاضر رهندو هو. مخدوم صاحب جن شهر جا وڏي ۾ وڏا ماڻهو هئا ۽ ميونسپل جا پريزيڊنٽ به هئا. تڏهن حيدرآباد ضلعي جو ڪليڪٽر مسٽر مير چندراڻي هو، جيڪو نهايت ڪرڙو ۽ اڙٻنگ هوندو هو...... جنهن ماستر سُندر جي مبينه ڪوڙين درخواستين تي، هڪدم انڪوائري ڪري غلام رضا جا لائسنس رد ڪري ڇڏيا...... آئون مخدوم صاحب جي هتڪ عزت برداشت ڪري نه سگھيس ۽ موقعي جي تاڙ ۾ رهيس...

هڪڙي ڏينهن مون سندرداس کي غلام رضا، جيڪو موڪل وٺي ويو هو، تنهن جو پيرڊ وٺڻ جو چيو، پر هن انڪار ڪيو، مون کيس دٻايو، پر هو نه هيسيو ۽ جواب سوال ڪرڻ لڳو..... بس مونکي کپندوئي ايترو هو، ڪرسيءَ تان اٿندي ئي ٻئي هٿ مضبوطيءَ سان وارن ۾ وجھي کڻي زمين تي سٽيومانس ۽ لتن ۽ مڪن جو وارو لائي ڏنومانس. هن آسمان ڏاريندڙ رڙيون ڪيون ته، ” خون ڙي خون“........ ۽ اُتان ڀڄي ويو.

سندرداس مٿين مامري بابت ڳوٺ ۾ هندو پئنچات گڏ ڪرائي بلڪ ڀاڀڙا جن جي پئنچات الڳ هئي، تن کي به شامل ڪيو ويو. فيصلو ٿيو ته هندو ڇوڪرا تيستائين اسڪول ۾ نه ايندا جيستائين ان مامري جي ڇنڊڇاڻ ٿئي..... ٻئي پاسي مون هڪ رپورٽ لکي هن مامري کي پريزيڊنٽ صاحب جي سامهون پيش ڪيو..... جنهن منهنجي تجويز تي عمل ڪندي سندرداس کي سسپينڊ ڪرڻ جو حڪم ڪيو ۽ اهو حڪم تعميل ٿيو..... پوءِ هندو پئنچات جي معزز شخصن - ماستر هاسومل ۽ ٻيو مهاراج واسديو وچ ۾ پيا، جن پڪ ڏياري ته سڀاڻي سڀ هندو ڇوڪرا باقاعدي اسڪول ۾ حاضر رهندا ، پوءِ پئنچات سائين غلام حيدر وٽ ويئي، جنهن اهو حڪم رد ڪيو، پر انهيءَ شرط سان ته هيڊ ماستر کان سُندر داس معافي وٺندو، جيڪا ڳالهه هنن قبول ڪئي..... نيٺ ايئن مامرو حل ٿيو.

1945ع ۾ ٻي جنگ عظيم رتو ڇاڻ ۽ غارتگريءَ بعد ختم ٿي، حڪومت طرفان حڪم جاري ٿيا ته اسڪولن ۾ خوشيءَ جا جلسا ڪيا وڃن. مٺايون ورهايون وڃن وغيره...... هڪ وڏي شاندار جلسي جو اهتمام ڪيو ويو. اسڪول کان جلوس نڪتو، درگاهه شريف مخدوم نوح جي باب بلند کان لگھندو سير بازار شاگردن جي قطار در قطار جلوس هلندو رهيو. شعر پڙهيا ويا، جنهن ۾ انگريزي حڪومت جي خوشامد ڪيل هئي. جرمني ۽ هٽلر تي سب و شتم جا ڌوڙيا هئا. اسڪول جا ٻار اهو شعر ڳائيندا، فتح جا نعرا بلند ڪندا، شهر جي مشهور بازارين ۽ گھٽين مان گھمندا ڦرندا، مارڪيٽ لتاڙيندا سرڪاري آفيسن وٽ پهتا. جتي هڪ وڏو انبوهه ماڻهن جو جمع ٿي ويو. مختيارڪار ۽ ٻيا آفيسر ٻاهر نڪري آيا، هن جلوس جو مظاهرو، نظارو ڪيائون، ڪليڪٽر حيدرآباد ۽ ڪمشنر سنڌ کي مخفي رپورٽون ويون، ڪجھ وقت کان پوءِ مونکي تحسين جو ليٽر مليو، جيڪو اڄ تائين ميونسپل رڪارڊ ۾ محفوظّ هوندو. مخدوم صاحب جن جي به تعريف ڪئي وئي.

تڏهن حيدرآباد ۾ ٻه ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر هوندا هئا، هڪ حيدرآباد ٽائون لاءِ ۽ ٻيو ضلع لاءِ. هندو حيدرآباد ٽائون تي حاوي هئا ۽ ان ڪري حيدرآباد ٽائون کي ميونسپل اسڪول بورڊ ۽ حيدرآباد ضلع کي، جيڪو ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جي ماتحت هو، تنهن کي ڊسٽرڪٽ اسڪول بورڊ سڏيو ويندو هو. اهو سرشتو پاڪستان ٿيڻ بعد به اڃا هلندو ٿي آيو..... جڏهن مان حيدرآباد آيس، ميونسپل اسڪول بورڊ ٽائون جي آفيس هاڻوڪي ميونسپل آفيس جي سامهون هئي، جتي اڄ يو.بي.ايل جي بئنڪ آهي.

پناهگيرن جي لڏپلاڻ ۽ غلبي سبب پرائمري برانچ اسڪولن جو جايون، جيڪي هندن جا مددي اسڪول هئا، سڀ بند ٿي چڪا هئا. جايون پناهگيرن والاري ڇڏيون هيون. ڪن سرڪاري اسڪولن جي احاطن بلڪ ڪن حصن ۾ به بي گھر پناهگير ويهي چڪا هئا. اسڪولن جا رڪارڊ فرنيڄر وغيره ڪٻاڙين جي حوالي ٿي چڪا هئا، ڪن ماسترن صاحبن کي کير جو ڊيئريون هيون. ڪن کي کنڊ جي ڊيپو هئي. ڪن ماسترن ائسوسئيشن جي آفيس تي قبضو ڪري اتي جا ٽائيپ رائٽر ۽ ڊيوپليڪٽر مشينون تينوار ڪري ڇڏيون هيون. جنرل رجسٽر گم هئا، جيڪي اڇن پنن تي رکڻا پيا. ڪوڙن ۽ جعلي سرٽيفڪيٽن جي ڌم ڌمان هئي..... ماستر ته اسڪولن ۾ بنا نوڪري هليا ويندا هئا يا اخبارون ۽ رسالا ويٺا پڙهندا هئا. آمريڪن کير جو پائونڊر، گيهه جا دٻا، جيڪي شاگردن لاءِ ڪافي کان زياده ملندا هئا، سي سڀ بازار ۾ وڪيا پئي ويا، هي سال 1951ع جو هو.

1955ع ۾ سيلاب آيو، کيبرن وٽان درياءَ شاهه ٽڪرين جيڏا بند ٽوڙي رکيا، پڪو رستو (ميٽل روڊ) ٻُڏي ويو. اُتر ڏي نوح پوٽن تائي، اُڀرندي ڏي اڏيرو لعل تائين ۽ ڏکڻ ڏي حيدرآباد تائين پاڻي پهچي ويو. هن سيلاب ۾ ڪجھ ماسترن جا گھر تباهه ٿي ويا. ٿوري گھڻي جيڪا ويچارن جي ملڪيت هئي، سا درياهه شاهه ڳڙڪائي ويو. ڪيترائي خانمان برباد.... تنهن وقت تائين حيدرآباد ۽ ضلعي جا ٻه حصا ڪيا ويا هئا. هڪ هالا ڊويزن ۽ ٻيو ٽنڊو ڊويزن. ميونسپل اسڪول بورڊ ختم ٿي چڪو هو. هالا ڊويزن ۾ تعلقو هالا، ٽنڊو الهيار ۽ حيدرآباد شامل ڪيا ويا. پنهنجي شخصي نالي سان، ماسترن جي اصرار تي، ماستر برادري کي اپيل ڪئي ته اُهي سندن ڀائرن جي دل کولي مدد ڪن. ڇو ته ڪنهن به گورنمينٽ ملازم کي ڪو چندو چڙو پنهنجي عهدي جي نالي سان ڪرڻ جي قانوني منع هئي. تعلقي ماسترن کي زباني هدايتون ڏنيون ويون، ته استادن کي پگھارن ڏيڻ وقت کانئن چندو وصول ڪري موڪلين. چندا اميد کان وڌيڪ وصول ٿيا.... پوءِ پيسا جمع ڪيا ۽ سامان به خريد ڪيوسين. گڏجاڻي ڪئي سين. فيصلو ٿيو ته هر هڪ ماستر کي هڪ مڪمل بسترو، رڌڻ پچائڻ ۽ کائڻ پيئڻ جي ٿانون جو مڪمل سيٽ ۽ ڪپڙن جا ٻه وڳا ڪجھ مختصر شيون ڏنيون وڃن. جيڪو ڪم خير خوبي سان پورو ٿيو.

مون ٻين ڪتابن کان سواءِ ”سنڌي سٻاجھڙا“ ڪتاب به لکيو، هن ڪتاب جي شايع ٿيڻ بعد مونکي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان مبارڪون مليون..... هي ڪتاب به تعليم کاتي جي ٽيڪسٽ بوڪ ڪميٽيءَ منظور ڪيو ۽ سڀني اسڪولن جي لئبررين لاءِ خريد ڪيو ويو. انعام طور به شاگردن ۾ تقسيم ڪيو ويندو هو. هن ننڍڙي ڪتاب ۾ سنڌي سٻاجھڙي جي تهذيب، ريتون رسمون، رهڻي ڪهڻي، بهادري ۽ مهمان نوازيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجھ به ڪونه هيو..... پر ڪجھ ناانديشن ان ڪتاب جي مخالفت ڪئي.... جيئن ته سنڌي استادن جي ”ٽيچرس ايسوسئيشن“ اڳيئي قائم ٿيل هئي، تيئن اردو ماسترن جدا کچڻي رڌي الڳ ديڳڙي چاڙهي. (شايد 1958ع ۾) هڪ جماعت کي وجود ڏنائون، جنهن جو نالو ”جميعت المدرسين“ رکيو ويو. ان جو سربراهه هڪ حاذق نالي مقرر ٿيو..... پوءِ ”سنڌي سٻاجھڙا“ ڪتاب جي مخالفت شروع ڪئي وئي، ته هن ۾ پناهگير، پنجابين کي گھٽ وڌ ڳالهايو ويو آهي. فوج خلاف ڳالهايو ويو آهي. تنهنڪري ڪتاب کي ضبط ۽ مونکي گرفتار ڪرڻ جا مطالبا ٿيڻ لڳا..... حيدرآباد جو ڊپٽي ڪمشنر تڏهن نصرت حسين هو، ان وٽ وفد ويا. سڄي شهر ۾ پوسٽر لڳا. منهنجي ڪتاب جي ڪن ٽُڪرن جاترجما اردوءَ ۾ ڏنا ويا. ماتمي جلوس ڪڍي نصرت وٽ ويا، ”نذير“ ڪمشنر وٽ ويا...... جن وٽ پيش ٿي مون کين ڪتاب ۾ ڄاڻايل مواد جو صحيح مطلب سمجھايو، ته اهي خاموش ٿي ويا..... هاڻي حڪومت جي سطح تان ڳالهه مٿي کاتي جي چڱن مڙسن جي حوالي ڪئي ويئي ۽ ڊاڪٽر جهانگير ان وقت ڊي. پي. آءِ ويسٽ پاڪستان هو ۽ ميجر رفيق ان جو اسسٽنٽ اسٽبلشمينٽ برانچ ۾ هو. تنهن انڪوائري شروع ڪئي...... نيٺ ڊي. او (ڊيمي آفيشل ليٽر) لکيائون ته سنڌي سٻاجھڙا تي گورمينٽ کي اعتراض آهي، تنهنڪري ان جون سڀ ڪاپيون، جيڪي اسڪولن جي لئبررين ۾ آهن، سي واپس گھرائي، ڊئريڪٽوريٽ ۾ جمع ڪري رکو، ان حڪم جي تعميل ڪئي ويئي، پر ”سنڌي سٻاجھڙا“ ڪتاب کي هن هنگامي سبب جيڪا اهميت ملي، تنهنڪري جن اهو ڪتاب نه پڙهيو هو، تن به خريد ڪري پڙهيو..... ڪتاب جي قيمت رڳو ٻارهن آنا هئي، پر ٽن روپين ۾ ڪتاب خريد ڪيا ويا.

ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد ۾ ڊاڪٽر غلام حسين جعفري انسپيڪٽر آف ٽريننگ انسٽيٽيوشن (تربيتي ادارن) جو نگران ٿي آيو هو. هن صاحب حيدرآباد ٽريننگ ڪاليج ۾ نون نون سڌارن آڻڻ جي سرٽوڙ ڪوشش ڪئي. ”اخبار تعليم“ کي خاص ڪنهن اعليٰ مقام تي پهچائڻ جون ڪوششون ورتيون، جيڪا ذري گھٽ مري چڪي هئي. ان ۾ نئين زندگي ۽ نئون روح ڦوڪيو ويو..... هڪ ساليانو ميڙاڪو (مشاعرو) ڪرايائين، جنهن ۾ مون ٽريننگ ڪاليج تي هڪ شعر پڙهيو. محفل مشاعره جو صدر محترم ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل هو. مولانا غلام محمد گرامي تڏهن ٽريننگ ڪاليج ۾ معلم هو..... ٽريننگ ڪاليج مان ۾ ”ملا مخزن“ به هڪ رسالي جي صورت ۾ شايع ٿيندي هئي، ان جو ڪم مولانا گراميءَ جي سپرد هو.

 

(هي مواد محمد اسماعيل عرساڻي جي آتم ڪهاڻي ”سکر سيئي ڏينهن“ (ڪتابي دنيا، حيدرآباد، 1985.) تان کڻي حيدرآباد جي تاريخ نامي ڪتاب ۾ ڇپيوويو آهي. جتان هتي نقل ڪيو ويو آهي.)

هالا جو ادبي ماحول

 

ڊاڪٽر سليمان شيخ

        پنجاهه وارو ڏهاڪو منهنجي ٻالڪپڻ جو زمانو هو. هالا هڪ ننڊاکڙو ڳوٺ لڳندو هو. سنڌوءَ جي ڪناري تي هالا پراڻا آباد آهي ۽ ان کان ميل ڏيڍ تي هالا نوان. ڪچين گھٽين ۽ اونداهين راتين واري هن ڳوٺ ۾ عجب زندگي هئي. ٿورڙي سُــرت پيئي ته چؤڦير علمي ادبي ڪچهرين جي خوشبو پکڙيل هئي. هالا ميونسپالٽيءَ جي پراڻي آفيس جي اڱڻ تي يا وري گاه مارڪيٽ جي اڌ ڍڪيل ميدان تي مشاعرا، نعت ۽ مولودن جون محفلون، وعظ ۽ ادبي گڏجاڻيون ٿينديون هيون. ”رفيق ڪمپني“ هڪ اهڙو ادارو هو، جنهن ۾ اسان جي اسڪول جا نوجوان استاد ۽ ڳوٺ جا ان وقت جا شاعر پنهنجي ڏات جا ڏيئا روشن ڪندا هئا.

        ان وقت هالا مان ماهوار ”فردوس“ نڪرندو هو. جميعت الشعراءِ سنڌ جو هڪ وڏو مشاعرو سروري اسلاميه ڪاليج جي ”بيت الحڪمت“ ۾ منعقد ٿيو هو. ان ئي دور (1956) ۾ دريا بادشاهه مستيءَ ۾ آيو هو ۽ هراس ڦهليل هو ته هالا کي وڏو خطرو آهي. مٿان سانوڻ جي برسات ڳوٺ جي گھٽين ۽ رستن کي ننڍا درياءَ ڪري ڇڏيو.

        آخر هڪ رات جناب مخدوم طالب الموليٰ جن جي اڳواڻيءَ ۾ ڳوٺ جي سڀني پاڙن جي پَرين مڙسن جي گڏجاڻي ٿي ۽ هالا کي الوداع چوڻ جو فيصلو ٿيو. آئون انگريزي پنجين ڪلاس ۾ پڙهندو هوس. اونداهي رات ۽ مٿان وڏڦڙو پيو وسي! هرڪو لالٽين جي ٽمڪندڙ روشنيءَ ۾ پنهنجي زندگيءَ جي سانڍيل سامان کي سنڀالڻ ۾ لڳو پيو هو. ان رات جي يادگيري اڄ به ڏاڍي خوفائتي ٿي لڳي. اسان جي گھر ۾ اهو فيصلو ٿيو ته منهنجو بابا گھر جي سنڀال لاءِ پٺتي رهندو ۽ اسان سڀ ٻار ۽ عورتون منهنجن ٽن چاچن سان گھر ڇڏينداسين. جڏهن صورتحال سڌري ته ڪيترن ئي مهينن کان پوءِ هالا جو سڄو ڳوٺ درگاهه مخدوم نوح تي گڏ ٿيو. جتي هنن جناب مخدوم طالب الموليٰ جا ٿورا مڃڻ لاءِ تقريب جو بندوبست ڪيو، جو مخدوم صاحب سڄي سنڌ ۾ ڦهليل پنهنجي مريدن کي  گھرايو هو، جن رات ڏينهن هڪ ڪري هالن واري بند جي نگراني ڪئي هئي. هالن کي همت بچائڻ لاءِ جي جدوجهد ۾ شهر واسين جي گڏيل ڪوشش ۽ حوصلو هڪ بيمثال داستان آهي. ان رات مشاعرو به ٿيو هو ۽ اختر هالائيءِ جو نظم ”ستارن ۾ ٿي سرگوشي ته آ هالن جو دم پويون“ بيحد مشهور ٿيو. اهو زمانو هالن جي ادبي ماحول جي عروج جو وقت هو. هر مهيني ننڍا وڏا مشاعرا ٿيندا هئا. استاد اختر هالائيءَ جي ”ميخانه ڪوثر“ (هوميو پيٿي ڪلينڪ) تي سيکڙاٽ شاعر قافين ۽ رديفن جي لسٽ لکيو قطار ۾ ويٺا هوندا هئا. هر مهيني جناب طالب الموليٰ طرحي مشاعري جو انتظام ڪندا هئا. اهي مشاعرا ”بزمٖ طالب الموليٰ“، ”بزمٖ رفيق“ ۽ پوءِ 1960ع کان پوءِ ”انجمن فروغ ادب“ جي انتظام هيٺ الڳ الڳ يا وري گڏيل طور ٿيندا هئا. عيدن جي موقعن تي وڏا مشاعرا ڪاليج ۾ ٿيندا هئا. مائڪروفون بيٽريءَ تي هلندو هو ۽ ٽنڊي آدم مان گهرايو ويندو هو. مشاعرا سومهڻي نماز کان پوءِ شروع ٿي، فجر ٻانگ تائين هلندو هو. هنن مشاعرن ۾ مون محترم غلام محمد گرامي کي ڏٺو ۽ ٻڌو. ان وقت ”مهراڻ“ رسالو جاري ٿي چڪو هو ۽ گرامي صاحب تاريخي ادبي ۽ علمي مخزن جو ايڊيٽر هو.

        هاءِ اسڪول جي آخري سالن ۾ ”مهران“ پڙهڻ جو شوق جاڳيو. گرامي صاحب جا ايڊيٽوريل پڙهڻ جي ڪوشش ڪبي هئي. اسان جي سمجھ کان گھڻو مٿي هئا. پر وري به جن دوستن جي عربي، فارسي ڄاڻ بهتر هوندي هئي ته اهي وري ان ايڊيٽوريل جي سمجھاڻي ڏيندا هئا. مهراڻ سنڌي ٻوليءِ جي تاريخ ۾ ادبي اصول مرتب ڪرڻ ۽ معيار جي سڃاڻپ آهي. ان وقت ان ۾ مواد جو ڇپجڻ ”مستند اديب“ ٿيڻ جو پروانو هوندو هو (۽ شايد اڄ به). هالن جي ڪيترن ئي مشاعرن ۾ هڪ ”رضاڪار“ جي حيثيت ۾ انتظام سنڀالڻ جا مون کي موقعا مليا ۽ ”انجمن فروغ ادب“ پاران 1960ع ۾ ڌاري استاد اختر هالائيءَ جي پهرين ورسي جي موقعي تي مون کي مشاعري هلائڻ جو جڏهن موقعو مليو هو ته ڪيترن ئي ڏينهن تائين پنهنجي ان اعزاز جي خوشيءَ کي دل ۾ ياد ڪري گد گد ٿيندو رهيو هوس. جناب مخدوم صاحب جن مشاعري جي صدارت ڪئي ۽ سڀ وڏا شآعر مولانا گرامي، محمد خان ”غني“، مخدوم امين فهيم، عبدالله ”خواب“، امداد حسيني، اسدالله بيخود حسيني، محوب سروري، عارف الموليٰ، شبير هاتف، سوز ٽکڙائي، بلاول پرديسي، راز بلڙائي ۽ اسان جي شهر جا ناميارا شاعر انجم هالائي، سليم هالائي، انور هالائي، عبداللطيف ساقي، شهنشاه هالائي، حميد ”شهيد“، غلام هالائي، منصور ويراڳي، عبدالرحيم بيدل، منور هالائي، عبدالقيوم ”زخمي“ ۽ ٻيا وڏي تعداد ۾ شريڪ ٿيا هئا. هن مشاعري کان پوءِ انجمن پاران هر مشاعري جي ميزبانيءَ جو شرف مونکي حاصل ٿيو.

        هالا ۾ پنجاه ۽ سٺ ڏهاڪن وارو زمانو مشاعرن، موسيقيءَ جي محفلن ۽  محبتن جي سڳنڌ جو ڀرپور سمو هو. مون علڻ فقير کي پڻ انهن گڏجاڻين ۾ گھڻو ڏٺو. تڏهن هو علڻ فقير آزاد جي نالي سان سڏبو هو ۽ محفل شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ ماڻهن کي گڏ ڪرڻ لاءِ لائوڊ علڻ جي حوالي ڪبو هو ته جيئن هو پنهنجي خوش مزاجيءَ جي گفتن ۽ وڻندر ٻولن سان ماڻهن ۾ مشاعري لاءِ چاهه پيدا ڪري سگھي، جيئن اسان جو مانڊو (پنڊال) ڀرجي ته ڪاروائي شروع ڪجي. 1963ع ۾ هالا ۾ بجلي اچي ويئي ۽ ننڊاکڙو ڳوٺ جاڳي، هڪ ترقي پذير ننڍڙو شهر بنجي پيو ۽ ائين محبتن، مشاعرن ۽ شغلن جو سڄو ماحول ڪنهن ٻئي رنگ ۾ رڱجي ويو.

(هيءُ مضمون ٽماهي مهراڻ جي گولڊن جوبلي 2006ع ۾ ڪنهن ٻئي عنوان سان شايع ٿيو آهي.)

11 ۽ 12 نومبر، 2006 

الطاف شيخ: سيلف پورٽريٽ

جھنڊي، ڪاشي ۽ پڻ تعليم جي حوالي سان مشهور حيدرآباد جي ڳوٺ هالانوان ۾ 14 نومبر، 1944ع تي منهنجو جنم ٿيو. ننڍپڻ هالا ۾ ئي گذريو. سال ۾ ٻه چار دفعا حيدرآباد ۾ اچڻ ٿيندو هو، جتي مهنجا ناناڻا (سنڌ زميندار هوٽل ۽ فاران هوٽل وارا) سومرا رهيا ٿي. تن ڏينهن ۾ پرائمري تعليم ۾ چار درجا هوندا هئا ۽ صبح توڙي شام جو اسڪول وڃڻو پوندو هو. هالا جي پرائمري اسڪول جا هڪ ٻه استاد سائين عبدالهادي شيخ، يارمحمد تورپيو، محمد بچل قريشي، ۽ سائين محمد اشرف ۽ اهڙي طرح انگريزي اسڪول جا ٽيچر سائين عبدالرحيم ارباب، ظفر علي ارباب، محمود ابڙيجو، محمد خان گاجڻي ميمڻ (جيڪو بعد ۾ ABL  بئنڪ جو صدر به ٿيو) اڄ به ياد ٿا اچن ته انهن جو قدر ٿو ٿئي ۽ سندن فرض ادائيگي، محنت ۽ ايمانداريءَ کي مڃڻو ٿو پوي، جن مون جهڙن هزارين شاگردن کي دل و جان سان تعليم ڏني. اڳتي هلي مون به ڏهاڪو کن سال ماستري ڪئي پر ماڊرن طريقن Audio Visual Aids سان. اڄ جي پڙهائي کان انوقت جي نوڪري ڪيڏي سخت هوندي هئي، جڏهن هڪ ماستر صاحب فقط ڪاري بورڊ ۽ اڇي چاڪ جي مدد سان ٻارن کي پڙهائيندو هو.

        هالا جي مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول ۾ ٽي درجا پڙهڻ بعد منهنجو ڪئڊٽ ڪاليج ۾ اچڻ ٿيو، جيڪو ٻه سال کن ميرپورخاص ۾ عارضي طور رهڻ بعد اڄ واري پيٽارو ڪئمپس ۾ شفت ٿيو. انوقت 1960ع ۾ جڏهن ڪاليج جي پيڙهه جو پٿر رکڻ لاءِ اسين شاگرد ميرپورخاص کان پيٽارو پهتا هئاسين ته چوڌاري رڻ پٽ هو. ٻي جنگ عظيم جو هڪ رن وي ۽ ٻي ٽي دٺل هئنگر (جنهن ۾ هوائي جهاز بيهن ٿا) هئا. اڄ 46 سالن بعد اهو هنڌ جهنگل ۾ منگل ٿو لڳي.

        ڪئڊٽ ڪاليج مان انٽر ڪرڻ بعد آئون اڪيلو (۽ پهريون پڻ) هوس جيڪو چٽگانگ، بنگلاديش (ان وقت مشرقي پاڪستان) جي مئرين اڪيڊمي لاءِ چونڊجي ويس. ٻئي سال ٻيا به سنڌ کان آيا، جن۾ ڪئپٽن بشير وسطڙو مچڙ (نوشهروفيروز جو) ڪئپٽن احمد حسين مخدوم(زاهد مخدوم ۽ ثريا مخدوم) جو ڀاءُ)، سانگهڙ جو ڪئپٽن رياض چوڌري ۽ ٻيا هئا. آئون انجنيئرنگ برانچ ۾ رهيس. اڳتي هلي مئرين انجنيئرنگ (جهازن جي مشينن جي انجنيئرنگ) ۾ پوسٽ گريجوئيشن سئيڊن جي ڏاکڻي شهر مالمو جي World Maritime University مان ڪيم.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org