لکڻ پڙهڻ جو شوق ننڍپڻ کان پيدا ٿيو. والد مرحوم گل محمد شيخ
ڪيترائي رسالا گھرائيندو هو، جن ۾ پهريون تصويرون
پوءِ ننڍا ننڍا مضمون پڙهڻ شروع ڪيم. 13 سالن جي
ڄمار ۾ جڏهن ڪئڊٽ ڪاليج پهتس ته ان وقت جي رسالن
بادل، گلستان ۽ ڳوٺ سڌار ۾ ڪچو ڦڪو لکڻ لڳس. ان
بعد مئٽرڪ ۾ پهچي ڪاليج جي مئگزين جي ايڊيٽر ٿيڻ
جو موقعو مليو ۽ پوءِ چٽگانگ مان اتي جون ڳالهيون
”دريائن جي ديس مان“ جي عنوان سان لکڻ لڳس. هالا ۾
اسانجي مائٽي مٽي ۾ ڪيترائي اديب شاعر هئا، جھڙوڪ
انور هالائي، سليم هالائي، شوڪت (جنهنجو پٽ امتياز
ابڙو، اڄ ڪلهه ڪاوش ۾ مزاحيه ڪالم لکي ٿو)، اضعف
هالائي (جنهن جا پٽ منصور ويراڳي، منور ۽ پوٽا
شاعر، اديب آهن). خود والد صاحب کي شوق هو ۽ سندن
ڪتاب ”ماکيءَ جي مک“، ”ڪوريئڙو“، ”ماڪوڙي“ ۽ هڪ
ڪتاب پنهنجي ڪلاسي دوستن (سيد غلام مصطفيٰ شاهه ۽
ڊاڪٽر نبي بخش) سان گڏجي لکيل ”گڏهه“ اڃاتائين
مختلف ادارن طرفان وري وري ڇپبو رهي ٿو. حيدرآباد
۾ اچبو هو ته منهنجا ناناڻا بزنيس سان تعلق ضرور
رکندا هئا پر منهنجي ناني سيٺ محمد حسن جي گھر ۾
وڏي لئبرري هئي ۽ اسان کي به هروقت پڙهڻ لاءِ
چوندو هو. سنڌ جو طنز و مزاح وارو ليکڪ حليم بروهي
منهنجي ناني جي وڏي ڀيڻ (پڦي غلام فاطمه جو پٽ) به
اتي ايندو هو يا هن وٽ وڃڻ تي اهي ئي ادبي ڳالهيون
هونديون هيون. اڳوڻو وائيس چانسلر نظير مغل، جسٽس
حامد علي مرزا وغيره جيڪي منهنجي نانيءَ جا ڀاڻيجا
ٿين، اهي به ناني جي گهر ايندا رهندا هئا يا پاڙي
۾ سندن گھر وڃڻ ٿيندو هو ته هميشه لکڻ پڙهڻ جون
ڳالهيون ڪندا هئا.
ڪئڊٽ ڪاليج ۾ اچي مطالعي جي اڃا به وڌيڪ عادت ڪرنل
ڪومبس وڌي، جيڪو اسان کي ڪتاب پڙهڻ تي ڏاڍو زور
ڏيندو هو. ڪرنل ڪومبس اسان جي ڪاليج جو پهريون
پرنسپال ٿي آيو هو. پاڻ برٽش آرمي جو ڪرنل ۽ ٻي
جنگ عظيم جو جپانين وٽ قيدي
Prisoner of War
ٿي رهيو. هو اسان کي چوندو هو ته جنهن ماڻهوءَ کي
مطالعي جي عادت آهي، اهو جھنگ ۾ به اڪيلو رهي سگھي
ٿو. هن جي نصيحيت جو احساس مونکي سامونڊي ڊگھن
سفرن ۾ ٿيو، جڏهن چين کان ڪئناڊا چاليهه ڏينهن
راتين جو يا جپان کان ڪيوبا 35 ڏينهن راتين جو
لڳاتار سفر ٿي ڪيو سين ۽ ڳالهائڻ لاءِ ڪا پهر نه
هوندي هئي. ان وقت ڪتابن اسان کي مشغول ٿي رکيو.
اسان پيٽارو ۾ سنڌي، اڙدو، ۽ انگريزي جا فقط ڪتاب
نه پر مصنفن جا سڄا سڄا سيٽ پڙهيا. چٽگانگ ۾ به
مون کي ان قسم جو ماحول مليو. منهنجي بنگالي دوست
ڪلاس ميٽن جو ڪتاب پڙهڻ سان ايترو ته چاهه جو
مونکي شروع جي ڇهن مهينن اندر پنهنجي بنگالي زبان
نه صرف ڳالهائڻ پر لکڻ سيکاريائون، منهنجو روم ميٽ
چيف انجنيئر راشد ڪاظمي ته سمهڻ کان اڳ اوڙي پاڙي
جي ڪمرن مان ٻين ڪئڊٽن کي گڏ ڪري رابندر ناٿ ٽئگور
جي ”گيتا انجلي“ پڙهي ٻڌائيندو هو.
چٽگانگ ۾ موڪل جا ڏينهن آئون چٽگانگ ميڊيڪل ڪاليج جي
هاسٽل ۾ نعيم دريشاڻي وٽ ويندو هوس. نعيم هاڻي
ڪافي سالن کان لکڻ ڇڏي ڏنو آهي، پر تن ڏينهن ۾
سندس شاعري ٽيڙو، هائيڪو روح رهاڻ ۽ سهڻي رسالي ۾
هر مهيني ڇپبا هئا. سندس هڪ آزاد نظم آهي:
آئون جنهن گھڙي
پنهنجي ماءُ جي ڪک مان نڪري
هن جهان ۾ آيس
تنهن گھريءَ کان
منهنجو پاڇو مون ساڻ هو
ڪالهه
ٻن ڏينهن جي بک کانپوءِ
ڀڳڙن مٺ جي عيوض
مون اهو سچو دوست
پنهنجو پاڇو
وڪڻي ڇڏيو.
بهرحال اتي چٽگانگ ۾ نعيم سان گھڻي ڀاڱي ادبي ڳالهيون
ٿينديون هيون. حميد سنڌي، طارق اشرف، ولي رام ولڀ،
وغيره هن جا دوست هئا، جن سان ڊاڪٽر نعيم مون کي
اتي چٽگانگ ۾ ويهي متعارف ڪرايو.
جهازن جي ڊگھين مسافرين (Routes)
تي جهازي، وقت پاس ڪرڻ لاءِ اڪثر پتي راند کيڏندا
هئاسون، يعني تن ڏينهن ۾ جڏهن 60ع واري ڏهي جي
آخري سالن ۾ جونيئر انجنيئر جي حيثيت سان جهاز تي
چڙهيو هوس. پتي راند نه اچڻ ڪري آئون ٻين کان الڳ
ٿلڳ ٿي ويس. پوءِ پنهنجي منهن مون ٿوري گھڻي
پيسڪوٽ ۽ برج (جيڪي رانديون عام هيون) سکڻ جي ڪوشش
به ڪئي پر ايڏو پختو رانديگر نه هجڻ ڪري ڪوبه
مونکي پنهنجي ڀيچي ٺاهڻ لاءِ تيار نه هو. ڏسڻ لاءِ
ويندو هوس ته ڏسڻ جو موقعو به نه ملندو هو.
رانديگرن مان ڪو چوند هو يار اسٽيورڊ کي ته فون ڪر
ته چانهن ٺاهي اچي. ڪو چوندو هو يار ڪنٽرول روم
وارن کي ته ٻڌائي اچ ته آئون هتي آهيان، جيئن
منهنجو جهاز هلائڻ جو وارو اچي ته مونکي هن ڪمري ۾
اطلاع ڪن وغيره وغيره. پوءِ هڪ ڏينهن فيصلو ڪيم ته
جهاز هلائڻو يعني ديوٽي ڪرڻي آهي ۽ پنهنجو منهن
وٺي ويهڻو آهي.
پوءِ جهاز تي وقت پاس ڪرڻ لاءِ دوستن کي خط ۽ عبرت
اخبار لاءِ ڪالم لکڻ لڳس. جنهن ۾ بندرگاهن، سمنڊن،
۽ جھازن بابت اهي ڳالهيون هيون، جيڪي مون کي دلچسپ
۽ کلائيندڙ لڳيون ٿي يا اهي جن مان سمجھيم ته عام
ماڻهوءَ کي معلومات به حاصل ٿيندي. شروع جي ڏينهن
۾ افسانوي نموني انهن ڳالهين ۾ رومانيت ۽ دلڪشي
پئدا ڪندو هوس ته جيئن سنڌ جو نوجوان جيڪو سمنڊ جي
ڪناري واري وطن ۾ رهي به سمنڊ جي نوڪري کان اڻڄاڻ
آهي، ان جو هن فيلڊ ۾ چاهه پئدا ثئي.
منهنجي پهرين ان قسم جي سفرنامي ”منهنجو ساگر منهنجو
ساحل“ تي رائيٽرس گلڊ جو ايوارڊ ملڻ تي به منهنجي
لکڻ لاءِ دلچسپي وڌي، پر سڀ کان وڏي ڳالهه ته لکڻ
منهنجي مجبوري هئي جو ڏينهن رات، سال جا 365 ڏينهن
جهاز تي رهي ڊگھن سفرن جو وقت ڪاٽڻ لاءِ منهنجو
وڏو هٿيار لکڻ پڙهڻ هو.
60ع واري ڏهي ۾ سائين نورالدين سرڪي وڪيل صاحب جي آفيس
۾ به سنڌي اديبن جي گڏجاڻي ٿيندي هئي. منهنجو جهاز
جڏهن به ڪراچيءَ ۾ لنگر انداز رهندو هو ته آئون
اتي ويندو هوس، جتي منهنجي ملاقات ۽ دوستي امر
جليل، نسيم کرل، شمشيرالحيدري، قمر شهباز، تاج
بلوچ ۽ ٻين اديبن سان ٿي. هر ڪو پنهنجي لکڻي
پڙهندو هو، جنهن تي ٻيا تنقيد ڪندا هئا. آخر ۾
سرڪي صاحب جي خرچ تي هڪ چانهن ۽ ڪجھ بسڪيٽ (نسيم
کرل ٻه چانهيون ۽ گھڻا بسڪيٽ) کائي روانا ٿيندا
هئاسين يا وري نسيم کرل وٽ، جنهن هوٽل ۾ هو ٽڪيل
هوندو هو، اچي رات جي ماني کائيندا هئاسين.
1971ع ۾ منهنجي مستوران گھلوءَ سان دادوءَ ۾ شادي ٿي.
ڪجھ ڏينهن هالا ۾ گذاري وري اچي جهاز تي چڙهيس.
اسان جو گھر يعني جهاز ٿيو. اسان لاءِ به اهو بهتر
هو جو ٻين نوڪرين وانگر سيڌو سامان آڻڻ، رڌ پچاءَ
ڪرڻ، گئس ۽ بجلي جا بل ڀرڻ جهڙن کٽراڳن کان بچيا
پيا هئاسين. هرشيءِ ٺهي ٺڪي ٿي ملي. جهاز جي
نوڪريءَ ۾ مون کي سڀ کان بهتر ڳالهه اها لڳي. آفيس
وڃڻ لاءِ به نه بس ٽئڪسي جو کٽراڳ ۽ نه پنهنجي ڪار
ڪڍڻ جو مسئلو. بس رڳو پنهنجي ڪئبن جو در کولي،
ورانڊو ٽپي پنهنجي جهاز جي آفيس يا انجڻ روم جو
دروازوکولڻو هوندو هو.
ڪڏهن ڪهڙي ملڪ ۾ ته ڪڏهن ڪهڙي ۾ ساڳئي وقت ڪڏهن پراڻي
جهاز تي ته ڪڏهن نئين آٽوميٽڪ جهاز تي. پراڻن جهاز
جو وري اهو فائدو هوندو جو ويجھن ويجھن بندرگاهن
واري روٽ ملندي هئي. جيئن ڪراچي کان پوءِ ڏيڍ
ڏينهن بعد بمبئي، هڪ ڏينهن بعد ڪولمبو، ٽن ڏينهن
بعد پينانگ، هڪ ڏينهن بعد ڪوالالمپور، هڪ ڏينهن
بعد سنگاپور ۽ پوءِ هانگ ڪانگ، جپان ۽ ڪوريا
وغيره.
نون جهازن ۾ ڊگهين روٽن تي هلندا هئاسين. ڪراچي کان
ممباسا – جتان پوءِ موزمبق، پوءِ ڊڪار (سينيگال)،
لاس پاماس (ڪناري ٻيٽ)، ڊئنمارڪ، ناروي وغيره.
آٽوميٽڪ ۽ ماڊرن جهاز ٽيڪنيڪلي به ته سونهن سوڀيا
۾ به
State of Art
هئا. چيف انجنيئر جي حيثيت سان وڏو بيڊ روم،
ڊرائنگ روم ۽ اٽيچڊ آفيس ملندي هئي. طوفانن ۽ خراب
سمنڊن ۾ وري به تڪليف مون لاءِ هوندي هئي، جو جهاز
مونکي هلائڻو پوندو هو. زال ۽ ٻارن لاءِ ته رڳو
گھمڻ ۽ گھمڻ هوندو هو. خراب موسم ۾ سي سڪنيس
Sea Sickness
به ان کي تنگ ٿي ڪري، جيڪو جهاز هلائي ٿو. جيڪي
ستا پيا هجن ته انهن کي ڪهڙي پرواهه. وڌ ۾ وڌ رکي
رکي چڪر، ننڊ جا گهيرٽ ۽ هڪ اڌ الٽي ٿي اچي. پر
اهو عجيب اتفاق هو جو منهنجي زال توڙي ٻارن کي
ائٽلانٽڪ ،هندي وڏي سمنڊ توڙي بحر احمر ۽ ڀؤنچ
سمنڊ ۾ ڪڏهن به سي سڪنيس نه ٿي. مونگي ڪمري ۾ ويٺي
ويٺي به سخت ٿيندي هئي. الٽيون ڪري پيٽ خالي ٿي
ويندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڀيٽ ۾ ڪجھ نه هئڻ ڪري اٻڙاڪن
تي رت ايندو هو. پر ان ڳالهه جي منهنجي عملي جي
ماڻهن کي ڪڏهن به خبر نه پيئي. ڪٿي لڪي يا ڪمري ۾
اچي الٽيون ڪندو هوس. آخر تائين اها ڳالهه ظاهرنه
ڪيم ۽ ڪرڻ به نه کپي. ڇو جو چاهي ڪهڙو به سمنڊ يا
موسم ٿي وڃي، جهاز ته هلائڻو پوي ٿو. ٻي صورت ۾
جهاز ٿو ٻڏي ۽ سي سڪنيس جو اثر سڀني کي ٿئي ٿو ۽
جي منهنجي عملي جي ماڻهن کي خبر پئجي وڃي ته چيف
انجنيئر کي سخت سي سڪنيس ٿي پيئي آهي ته اهي به
ويتر سست ٿي پون. انڪري هونءَ جو انجڻ جي چڪاس
لاءِ رات جو هڪ ٻه چڪر هڻڻو پوندو هو، خراب موسم ۾
ٻيڻا چڪر ڪري ڇڏيندو هوس، جيئن ڪنهن کي شڪ به نه
پوي ته سي سڪنيس جي ڪري منهنجي ڪارڪردگي سست ٿي
رهي آهي ۽ انجڻ تي يا جهاز هلائيندڙ انجنيئرن تي
آئون اها اک رکي نٿو سگهان. ڪو جونيئر انجنيئر سي
سڪنيس جي دانهن ڪندو هو ته آئون ٻاهريون ٻنو رکي
وڏي اعتماد سان هن کي دڙڪو ڏيندو هوس:
There is nothing like Sea Sickness.
جيئن هرڪو پنهنجي ڪم ۾ رڌل رهي. ڪو سست ٿي ڪري پوندو ته
ان جي ڊيوٽي ڪير ڪندو. ڪجھ به ٿي پوي ته جهاز ته
ڏينهن رات هلندو رهڻ کپي. ۽ خراب موسم ۾ هڪ هنڌ
بيهارڻ بدران خراب موسم ۽ خراب سمنڊ کي اُڪرڻ۾ ئي
عافيت آهي. هونءَ به اهڙي خراب موسم ۾ شل نه ڪو
جهاز خراب ٿئي يا بيهي رهي. پوءِ ته ان جهاز کي
گڏهه وانگر سمنڊ جيڪو ڪڏائي ٿو، ان ۾ ڇڱا ڀلا به
بيحال ٿيو وڃن. بهرحال سمنڊ تي اهڙا خراب ڏينهن
روز ڪونه ٿا اچن. گھڻائي سٺن ڏينهن جي ئي رهي ٿي ۽
آن دي هول سامونڊي نوڪري جهڙي ٻي بهتر نوڪري ناهي
۽ مون وانگر ڪيترا ان قسم جي زندگيءَ مان ڪڏهن به
بيزار نٿا ٿين. پر جيئن ٻار وڏا ٿين ٿا ته انهن جي
تعليم جو مسئلو ٿئي ٿو. مون کي به ٻه ٻار ٿي ويا ۽
پهريان ٻه ٽي ڪلاس آئون کين جهاز تي پڙهائيندو
رهيس. آخر مونکي سامونڊي نوڪريءَ کي خدا حافظ چئي
ڪنهن ڪناري جي نوڪريءَ جي ڳولا ڪرڻي پئي.
عرب ملڪن جي مون ڏاڍي تعريف ٻڌي هئي. ڪيترائي منهنجا هم
وطني ۽ دوست ڊاڪٽر، سول انجنيئر، پورفيسر، پاڪستان
۾ تعليم ختم مختلف عرب ملڪن ۾ نوڪري ڪري رهيا هئا.
انگلينڊ جي هڪ رسالي
Economist
۾ ڪويت بندرگاه جي چيف انجنير جي پوسٽ جو اشتهار
آيو. مون
Apply
ڪيو ۽ چونڊجي ويس. پنهنجي جهاز ران ڪمپنيءَ سان
حال اوريم ته مونکي جهاز هلائڻ واري ڊيوٽي کان آجو
ڪيو وڃي. هنن مونکي اجازت ڏني. ڪجھ ميهنا ڪويت ۾
ڪم ڪيم، پر بنهه مزو نه آيو. عربن (يعني هنن اڄ جي
عياش عربن) جي سوچ ۾ وڏو فرق محسوس ڪيم. ڪٿي جپان،
يورپ، آمريڪا جهڙو سوچ جي آزادي وارو ماحول ۽ ڪٿي
هي ٻوساٿيل ماحول. هڪ عرب پوءِ چاهي هو جاهل هجي،
اڇو جبو پائي پير مرشد بڻجيو وڃي ۽ اسان جا ننڍي
کنڊ جا ماڻهو هنن جي نظرن ۾ جهڙا باگڙي ۽ ڀيل.
گورن انگريزن کان اهڙا متاثر جو ڳالهه ئي نه پڇ.
پنهنجي آفيس ۾ لکيم ته پگهار گھڻي هوندي به هتي دل
نٿي لڳي. آفيس وارن کي ڪنهن چيف انجنيئر جي ضرورت
هئي، جيڪو ڪمپني جي جپان ۾ ٺهندڙ نون آٽو ميٽڪ
جهازن تي نظر رکي. منهنجا اليڪٽرانڪس ۽ ڪمپيوٽر
سائنس جا به ڪورس ڪيل هئا. هنن مون کي ٽوڪيوجي
IHI
شپ يارڊ ۾ موڪليو.
جپاڻ ۾ هونءَ به جهازن کي وٺي اچڻ وڃڻ لڳو رهيو، پر هاڻ
جپان جي شهر ٽوڪيو ۾ رهڻ ڪري جپان کي وڌيڪ
ويجھڙائيءَ سان ڏسڻ جو موقعو مليو.
IHI
(آشيڪاوا هِريما هيوي انڊسٽريز) جو هي ڪارخانو
جنهن ۾ مالاڪنڊ جهڙا جهاز ٺهيا، ٽوڪيو جي مرڪزي
علائقي گنزا ڀرسان آهي. رهائش جو بندوبست اتي
رهيو. ڪناري جي هن نوڪريءَ ۾ ڇهه ست مهينا ته
ڪناري ۾ رهڻ جا ملي ويا ٿي، پر جهاز تيار ٿيڻ تي
ان کي چيف انجنيئر جي حيثيت سان يورپ ۽ آمريڪا وٺي
وڃڻو پيو ٿي. هڪ دفعو وري ٻار جهاز تي چڙهيا ٿي ۽
سندن پڙهائي ڊسٽرب رهي ٿي.
1980ع کان اڳ تائين ملائيشيا جا نوجوان جهاز راني جي
تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان، انڊيا ۽ آسٽريليا
ويا ٿي. 1981ع ڌاري هنن جي حڪومت ملاڪا ۾ نيول
اڪيڊمي کولي، جنهن جي سرپرست ڪئپٽن حمزه سان
منهنجي ملاقات ٿي. بلڪ هڪ قسم جو آفيشل انٽرويو
ٿيو. اڪيڊمي ملاڪا شهر کان چاليهه کن ڪلوميٽر پري
سمنڊ جي ڪناري تي هئي. ڳوٺ وڃڻ جي موڪل ٽن سالن ۾
هڪ دفعو جو شرط هو. ٻارن جي تعليم لاِ ملئي زبان
جا اسڪول هئا ۽ روزانو ملاڪا وڃڻو پيو ٿي. پگھار
گھٽ هو، پر مونکي ملائيشيا جهڙو ملڪ ۽ ملاڪا جهڙي
پرسڪون جاءِ ڌيان ۾ هئي ۽ پسند هئي. ان کان اڳ ڏهه
سال کن جپان ۽ ڪوريا ايندي ويندي ملايشيا جي
بندرگاهن ۾ ترسڻو پوندو هو. هتي جي ملئي زبان
(جنهن کي هي بَهاسا ملائيشيا سڏين ٿا) هر هر اچڻ
وڃڻ ڪري نه فقط آئون پر شادي بعد منهنجي زال به
سکي ويئي هئي، سو جهاز هلائڻ جي نوڪري ڇڏي
ملائيشيا جي هن اڪيڊمي جو مئرين انجنيئرنگ
ڊپارٽمينٽ اچي سنڀاليم. جهازن جي ٻي برانچ، ناٽيڪل
۾ درٻيلي جو ڪئپٽن احمد حسين مخدوم مون کان اڳ ئي
اتي موجود هو. هن سنگاپور مان شادي ڪئي هئي ۽
پنهنجي زال مونا ۽ هڪ پٽ سان گڏ رهيو ٿي. ان کان
علاوه دنيا جي مختلف ملڪن جا جهازي ڪئپٽن ۽ چيف
انجنيئر اتي پڙهائڻ لاءِ اچي چڪا هئا يا ايندا
رهيا. پر پڙهائڻ وارن جي کوٽ هجڻ ڪري اسان کي ٽن
سالن بدران چئن سالن بعد وطن وڃڻ جي موڪل ملي.
آئون ٽي مهنا کن موڪلون گذاري وري ملائيشيا واپس
آيس. ڪئپٽن مخدوم برونائي هليو ويو، جتي جهازن جي
سکيا جو نئون تعليمي ادارو کليو هو.
ملاڪا جي نيول اڪيڊمي کان علاوه سنگاپور جي ”پولي
ٽيڪنڪ“ ۽ ملايشيا جي ٿائلينڊ جي ڀر ۾ شهراپوح جي
”انگڪو عمر پوليٽيڪنڪ“ اداري ۾ وزيٽنگ پروفيسر جي
حيثيت سان پڻ مون کي وڃڻو پيو ٿي. ان ريت
ملائيشيا، سنگاپور ۽ ٿائلينڊ جي ڪنڊ ڪڙڇ ڏسڻ جو
موقعو ملي ويو. هونءَ جهاز رستي اچبو هو ته فقط
بندرگاه ڏسي سگھبا هئا پر هاڻي شهر، ڳوٺ، ٻهراڙيون
۽ ٻيٽ ڏسڻ جو موقعو ملي ويو. سنگاپور توڙي ٿائلينڊ
۾ اسان پاڪستانين لاءِ ويزا جي سختي شروع نه ٿي
هئي، سو پنهنجي ڪار ۾ يا بس ۾ پيو هڪ ملڪ کان ٻئي
ملڪ ائين اچبو ۽ وڃبو هو، جيئن ڪو حيدرآباد کان
ڪوٽڙي ۽ اتان ڄامشوري پهچي. سنگاپور کان ”تاناح
ملايو ڪيريتا آپي“ (ملئي ڌرتي جي باه تي هلندڙ ڪار
– يعني ٻاڦ گاڏي – يعني ٽرين) ۾ چڙهبو هو ته
سنگاپور ۽ ملائيشيا جي وچ وارو سمنڊ ٽپي، سڄو
ملائيشيا لتاڙي، ٿائيلنڊ جي اڌ ملڪ مان ٿي 72
ڪلاڪن بعد ريل گاڏي اچي بئنڪاڪ جي ريلوي اسٽيشن تي
ڇڏيندي هئي.
ملائشيا، جپان، سئيڊن، آمريڪا ۽ چين ۾ منهنجو گھڻو رهڻ
ٿيو. ان ڪري ان پاسي جي ملڪن تي گھڻا ڪتاب لکيا
اٿم. ملائيشيا وارن جي حڪومت منهنجي لکڻين ۽ سندن
ڏورانهين ۽ نئين اڪيڊمي کي سيٽ اپ ڪرڻ لاءِ مونکي
ايوراڊ به ڏنو. سڀ کان وڏي ڳالهه ته مونکي لکڻ
پڙهڻ لاءِ ڪافي وقت ملي ويندو هو. ملائيشيا ۾
شادين مرادين، ملڻ جلڻ ۽ ڪچهرين تي ماڻهو نه برابر
وقت وڃائين ٿا. ان ڪري ڊيوٽي بعد هرڪو پنهنجي ذاتي
ڪم ۽ وندر ۾ مصروف رهي ٿو. هڪ ٻئي جي هورا کورا ۽
نوس نوس ۾ به نٿا وقت وڃائين. سندن ترقيءَ جو هڪ
راز اهو به آهي. نه ته ملئي ماڻهو ته اسان کان
وڌيڪ ڄٽ ۽ ڳوٺاڻا هئا. پر انگريزن کان آزادي ملڻ
بعد هنن جي ڳوٺ ڳوٺ جي وڏيري غير قانوني ۽ غير
شرعي جويون رکڻ، شراب ڪواب جون محفلون سجائڻ، ڪڪڙ
ويڙهائڻ، چوريون ۽ ڌاڙا هڻڻ هڻائڻ، اغوا ۽ ٻين جي
زمينن تي قبضا ڪرڻ جا هڪٻئي سان مقابلا ڪرڻ بدران
هنن ڳوٺ ڳوٺ ۾ تعليمي ادارا، روڊ رستا، اسپتالون ۽
ڪارخانا نه فقط ٺهرايا پر اهي امن امان سان هلائڻ
۾ مدد ڪئي ۽ هتي جي عوام ڳوٺ جي ان وڏيري کي هيرو
سمجھي ٿي، جيڪو ڳوٺ جي عوام جي ڀلائِيءَ جو سوچي
ٿو ۽ نه جنهن جي کيسي ۾ پوليس هجي. هتي وڏيرا،
سردار ويندي سلطان (جيڪي واري وٽي تي ملڪ جا چئن
سالن لاءِ بادشاه ٿين ٿا) پنهنجي ٻارن تي عام
ماڻهن کان وڌيڪ سختي ڪن ٿا. جيئن هو وڌيڪ تعليم
يافته ٿي سگھن. صحيح معنيِٰ ۾ تعليم حاصل ڪري. سٺا
ڊاڪٽر، انجنيئر ۽سائنسدان ٿي سگھن ۽ پنهنجون
اسپتالون، ڪارخانا ۽ فئڪٽريون کولي ٻين لاءِ
روزگار مهيا ڪري سگھن.
آئون هن وقت 62 سالن جي ٿي ويو آهينا. ٻن سالن کان
رٽائرمينٽ جي زندگي گذاري رهيو آهيان، جنهن لاءِ
وڏي عرصي کان تانگھي رهيو هوس. اڄ به ملائيشيا
وارا مختلف ادارن مان ڪنهن جي نظرداري يا صلاحڪار
جي حيثيت ۾ مونکي گھرائڻ چاهين ٿا، پر آئون آزاد
زندگي گذارڻ چاهيان ٿو ۽ پنهنجي هابي لکڻ پڙهڻ ۾
مشغول رهڻ چاهيان ٿو. لکڻ پڙهڻ هاڻ مون لاءِ وندر
نه پر نشو ٿي پئي آهي.جنهن جو اهڙو
addicted
ٿي پيو آهيان، جو ان بنا مزو نٿو اچي. بهرحال هاڻي
آئون پاڻ کي آزاد محسوس ڪريان ٿو. پٺيان جهاز
هلائڻ يا جهازين لاءِ ليڪچر تيار ڪرڻ جو فڪر نه
اٿم. ٻه ٽي مهينا ملائيشيا ۾ دوستن ۽ پراڻن شاگردن
وٽ رهي آيس. ڪئڊٽ ڪاليج جي ٻن ڀائر دوستن جي پٽن
جي دهلي ۽ بڙودا ۾ شادي ٿي ته آئون به ساڻن نڪري
پيس ۽ ٻه مهينا کن مختلف شهرن جي مندرن،
ڌرمشالائن، ننڍين هوٽلن ۽ فائيو اسٽار هوٽلن ۾
ساڻن گڏ گذاريم. تازو هاڻ هوائي جهاز رستي چار
مهينا آمريڪا جي انهن شهرن ۾ رهي آيو آهيان، جن
شهرن ۾ آئون پاڻي واري جهاز تي نوڪري خاطر ويندو
هوس. انهن ڏينهن ۽ اڄ جي دور جو احوال پنهنجن ٻن
ڪتابن ۾ قلمبند ڪيو اٿم. هڪ ”نيوهالا کان نيو
يارڪ” ڇپجي چڪو آهي ۽ ٻيو ”ڳوٺ بخشو لغاري کان
بالٽيمور“ ڪمپوز ٿي رهيو آهي. ان سفر جو باقي
احوال ”آمريڪا ڙي آمريڪا“ ڪتاب لاءِ لکڻ ۾ مشغول
آهيان.
جييستائين سوال وقت ملڻ جو آهي، ان لاءِ اهو چوندس ته
Where there is a will, there are ways
لکڻ جهڙين شين لاءِ هتان هتان وقت ڪڍندو رهان ٿو. ريڊيو، ٽي وي
يا ماڻهن سان ملڻ جلڻ کان پري رهان ٿو. ڪچهرين
پٺيان ٽائيم وڃائڻ کان پرهيز ڪريان ٿو. سڀ کان وڏي
ڳالهه ننڍپڻ کان مونکي گھٽ ننڊ اچي ٿي. صبح جو
سوير، فجز نماز کان به گھڻو اڳ، اٿان ٿو. چاهي
اونهارو هجي يا سيارو، ڳوٺ هجي يا ولايت، آفيس هجي
يا موڪل جو ڏينهن هجي. منجھند جو ڪلاڪ ڏيڍ سمهڻ جي
ڪوشش ڪندو آهيان. جي ننڊ اچي ويندي آهي ته بيحد
توانو محسوس ڪندو آهيان ۽ اها شام تمام گھڻو لکي
سگھندو آهيان.
مختلف وقتن ۾ مختلف اخبارن، رسالن ۾ لکندو رهيو اهيان.
اڄ ڪلهه خاص ڪاوش ۽ اڙدو اخبار امت ڏي مضمون
موڪليندو آهيان. رسالن مان ڪرزما، عبرت مئگزين،
سرتيون، گل ڦل، سوجھورو ۽ اردو ۾ پاڪستان پوسٽ،
سرگزشت ۽ اردو ڊائيجيست ۾ مضمون ايندا رهن ٿا.
سڀني اخبارن ۽ رسالن جي ايڊيٽرن سان سٺا تعلقات آهن. بس
رڳو تاج بلوچ سان جنگ جوٽيل هوندي آهي جو هو
منهنجا مضمون گم ڪريو ڇڏي. وري دڙڪا به اسان
لکندڙن کي ڏئي ٿو ۽ کيس جي ڪجھ چئجي ٿو ته يڪدم
ورندي ڏيندو:”توهان اديبن بيزار ڪري وڌو آهي.
توهان اديبن ۽ شاعرن سان ڳالهائڻ به ڏيڏر تورڻا
آهن.“
هڪ دفعي تاج بلوچ آيوته ”قمر شهباز ٽن مهينن کان رسي
ويو آهي. سوجھرو ۾ لکڻ به ڇڏي ڏنو اٿس. کيس ڪنهن
نموني سان راضي ڪري. چئي ته معافي وٺانس.“
”تاج تنهنجي معافيءَ تي ڪو به اديب نه پرچندو. هڪ منٽ
ترس.“ چيومانس ۽ قمر کي فون ڪري پڇيم ته ”واندو
اهين يا نه“.
”واندو آهيان.“ قمر وراڻيو.
”سوسائٽي واري قبرستان هلندي، آئون وڃان پيو.“
ٻڌايومانس.
“ڇو خير ته آهي؟“ قمر وائڙو ٿي ويو.
”تاج بلوڇ ڪالهه گذاري ويو. دل جو دورو پيس. دفن به ڪري
ڇڏيائئونس. آخري ڏينهن ۾ تنهنجو ڏاڍو ڏک هوس ته
سوجھري ۾ نٿو لکين. ٻڏايومانس. ۽ پوءِ قمر جي حالت
ڏسڻ واري هئي. هو تاج جي ورسين، ادبي خدمتن ۽
شاعري بابت يادگار محفل سڏائڻ جا پلان جوڙڻ لڳو.
پوءِ نيٺ چيومانس ته اهي سڀ شيون في الحال ڪجھ
عرصي لاءِ ملتوي ڪري فقط هڪ مضمون سوجھرو جي ايندڙ
پرچي لاءِ موڪل. تاج اڃان جيئرو آهي. بهرحال جڏهن
کان جنت منگھاڻيءَ سوجهرو جي ادارت سنڀالي، چوطرف
سڪون ڇانيل رهيو. پر هاڻي وري اها به ذاتي
مصروفيتن جو عذر ڄاڻائي ادارت ڇڏي ويئي آهي.
سٺ کان مٿي ڪتاب ڇپيا اٿم. صحيح تعداد جي گھڻي خبر
ڪانهي. ڇو ته منهنجو پبلشر سان ڪو واسطو نٿو رهي.
آئون اخبارن ڏي ڪالم موڪليان ٿو، جيئن گھڻي کان
گھڻا ماڻهو پڙهي سگھن. ڪو به ادارو يا ماڻهو
منهنجا ڪتاب ڇپائي سگھي ٿو. منهنجي طرفان ڪنهن به
اجوري يا ائلٽي جي بندش ناهي. آئون پنهنجي لاءِ
ڪاپي به دڪان تان پاڻ خريد ڪندو آهيان. انڪري
منهنجن دوستن کي جيڪڏهن آئون پنهنجو ڪتاب تحفي ۾
نٿو ڏيان ته دل ۾ نه ڪن ۽ جيڪڏهن ڪنهن کي ڏيان ٿو
ته ان کي ان جو قدر ڪرڻ کپي. ان ڪري ته ان تي مون
پنهنجي کيسي مان سؤ يا ڏيڍ سؤ خرچ ڪيو هوندو.
اڄ ڪلهه جي انٽرنيٽ ۽ ڪيبل جي دور ۾ جڏهن ماڻهن پڙهڻ
گھٽائي ڇڏيو آهي ۽ دڪانن ۽ اسٽالن تي ڪتاب ۽ رسالا
ائين پيا سڙن. ان دؤر ۾ علي نواز گھانگھري، فيروز
ميمڻ، يا نوراحمد ميمڻ صاحب جهڙو ڪو پبلشر يا تاج
بلوچ، فقير محمد، عرفان نوراني، عرفان عباسي جهڙو
ايڊيٽر رسالو ٿو شايع ڪري ته ان جي مهرباني آهي،
جو هو اسان جهڙن اديب ۽ شاعرن کي پڙهندڙن سان
متعارف ٿو ڪرائي.
(ماهوار امرتا جي نومبر 2006 (62نمبر) پرچي ڇپيل)
10 نومبر 2006
بدر ابڙو
...... اهو
1758-59ع
جو جاگرافيائي واقعو هو، جڏهن سنڌوءَ پنهنجو وهڪرو
ڦيرايو. انهي کان اڳ درياهه، هالا کان نصرپور طرف
وهندو هو. ڪلهوڙن کي مغلن، پٺاڻن، ۽ ايرانين به
ايترو تنگ نه ڪيو هوندو، جيترو سنڌوءَ ڪيو هوندو.
هو پنهنجي دؤر ۾ لڳ ڀڳ هر وقت پنهنجيون گاديون
بدلائيندا پئي رهيا. نيٺ هڪ ڏينهن 1758ع ڌاري
درياه پاڻ فيصلو ڪيو ۽ هالا وٽان سر ڏکڻ ڏانهن سفر
شروع ڪيائين. ان ئي وقت سنڌوءَ جو وهڪرو گدو بندر
وٽان جاري ٿيو ۽ ان جو هڪ ڦاٽ ڦليليءَ جي صورت ۾
حيدرآباد جي اتر کان ڦُٽي هليو.
...... اهڙي ريت
1758-59ع ۾ نصرپور وارو پراڻو وهڪرو جيڪو هالا کان شروع ٿي ڏکڻ
اوڀر پئي وهيو، سو سڪي ويو. اهو ستر ميل وهڪرو هو،
سنڌوءَ آخري وهڪري وٺڻ کان اڳ لڳاتار ڪيئي مسلسل
وهڪرا بدلايا هئا ......
[هي مواد بدر ابڙي جي لکيل ڪتاب سنڌو جي سفر مان ڪوريل مضمون
حيدرآباد سنڌ جي دل، جيڪو حيدرآباد جي تاريخ نامي
ڪتاب ڏنل آهن، ان مان ورتو ويو اهي.]
30اپريل 2006
ٽماهي مهراڻ جي سوانحي نمبر ۾ آيل هالا جي
شخصتين جو احوال
1.
مرحوم مخدوم غلام حيدر صديقي قريشي هالائي
سنڌ جو هر هڪ باشندو، عالم و فاضل خواهه چار اکر
پڙهيل شخص، مرحوم مخدوم غلام حيدر صاحب جن کي
بخوبي سڃاڻي ٿو: اڪثر کين ماڻهن ڏٺو هوندو، نه ته
به ٻڌو ضرور هوندو. پاڻ صديقي قريشي خاندان جا
فرد، ۽ حضرت غوث الحق مخدوم نوح عليه الرحمته جي
نمبر چوڏهين سجاده نشين، مرحُوم مخدوم ظهيرالدين
عرف پروڄام صاحب، جا چوٿون نمبر فرزند هئا: ۽ نمبر
پندرهين سجاده نشين، مرحُوم مخدوم غلام محمد صاحب،
جا ننڍا ڀاءُ هئا. پاڻ 12ذوالحج سن 1316 هه ۾ تولد
ٿيا. سندن اذان بعد نالو ”محمد سعيد“ رکيو ويو.
ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ هڪ خاص حافط ۽ عالم وٽ
شروع ڪيائين: ٿوري وقت بعد هڪ ٻاهريون عالم مولانا
شاهه محمد صاحب مرحُوم گھرايو ويو، جنهن وٽ به
ڪجھه وقت تعليم ورتائون: آخر سندن والد بزرگوار
کين ديوبند موڪليو، جتان تعليم جو مقرر ڪورس پڙهي
دستار بندي ڪري موٽيا.
ان بعد، سندن والد مرحوم پنهنجو جملي ڪاروبار سندن
حوالي ڪري، پاڻ آزاد ٿي ويٺا. انهيءَ وڏيءَ مشغولي
هوندي به ادبي ۽ علمي صحبتن ۽ رهاڻن کي جاري رکيو
آيا. پنهنجي خانداني ڪتبخاني ۾ وڏو اضافو ڪيائون.
۽ ٻاهران عالم، گھرائي، وقت بوقت وعظ ۽ نصيحت جون
مجلسون منعقد ڪرائي، عوام کي مستفيض ڪندا رهيا.
سنڌ جا وڏا وڏا مدرسا ۽ تعليم گاهون هميشه سندن
همدرديون ۽ پيسي جي مدد حاصل ڪنديون رهيون. گھڻن
تربيتگاهن ۽ مدرسن کي سالانه مقرر ٿيل وظيفا ڏيندا
هئا. جي اڃا تائين قائم آهن.
جڏهن سنڌ جدا ٿي، سنڌ اسيمبلي وجود ۾ آئي، ته پاڻ
سياست ۾ پڻ بهرو وٺڻ لڳا. ابتدا کان وٺي پنهنجي
آخري عمر تائين، سنڌ اسيمبليءَ جا ميمبر رهيا ۽
اڳواڻ پڻ. هالا ميونسپالٽي ۽ هالا مسلم ليگ جا
هميشه پريزيڊنٽ به رهيا، ۽ نهايت دانائيءَ سان
انهيءَ قوم جي خدمت ۾ ڪامياب رهيا. ايڏين مصروفيتن
جي باوجود به مطالعي ۾ هميشه مشغول رهيا.
چند ڪتاب به تصنيف ڪيائون، جي ڪجھه ڇپيل آهن ۽ ڪي
اڻ ڇپيل.
حضرت غوث الحق مخدوم نوح عليه الرحمة جن جي درگاهه
تي هڪ عظيمالشان ورانڊ و سن 1301هه ۾ تعمير
ڪرايائون، جنهن جو ڪم جمادي الاول سن 1351هه کان
شروع ٿيو، ۽ 3 ذوالحج سن 1351هه تي مڪمل ٿيو.
5 جنوري 1942ع تي، هالن ۾ ”مخدوم غلام حيدر هاءِ
اسڪول“ برپا ڪرايائون، جنهن جو سنگ بنياد آنربل
وزير تعليم پيرالاهي بخش رکيو. وري هاءِ اسڪول جي
هاسٽل برپا ڪرايائون، ان کان بعد، هالن ۾ ”سروريه
اسلاميه ڪاليج “ برپا ڪيائون، جنهن جو سنگ بنياد
به آنربل پير الاهي بخش صاحب 2 مئي سن 1947ع تي
رکيو. ازان سواءِ، ٻي به هر نموني ۾ علمي خدمت لا
جواب ڪيائون.
دارفاني جي دستور موجب، هن جھان مان 26 رمضان سن
1372هه، مطابق 9 جون سن 1953، اڱاري جي ڏينهن، صبح
جو نوين بجي، داربقا ڏي رحلت ڪيائون.
- مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“
2. مولانا حاجي محمد مرحوم هالائي
مولانا مولوي حاجي محمد صاحب مرحوم هالائي ابن
آخوند محمد اسماعيل ابن آخوند دين محمد، ساڪن هالا
پرڻا ضلعو حيدرآباد، تاريخ 27 رمضان المبارڪ
1276هه ۾ تولد ٿيا. شروعات کان ئي کين تحصيل علم
جو گھڻو شوق هو. چنانچه صرف و نحو جا ڪتاب مرحوم
مولانا مولوي خليفي حاجي عبداللطيف صاحب ساڪن هالا
نوان کان پڙهي، پاٽ ضلعي دادو ۾ مرحوم مولانا
مولوي حسن الله صاحب پاٽائي جن وٽ وڃي ڪجھه وقت
پڙهيائون. ان کان پوءِ حيدرآباد سنڌ ۾ اچي، مرحوم
مولانا مولوي محمد حسن صاحب ڪنڊي وارن وٽ جملي
درسي ڪتاب نصاب مطابق پڙهي فارغ ٿيا، ۽ اتي ئي
پنهنجي مشفق استاد جي ارشاد موجب
2-3
سال درس ڏيندا رهيا. ان بعد پنهنجي وطن اچي درس و
تدريس جو سلسلو جاري ڪيائون.
مولانا حاجي محمد صاحب مرحوم ربيع الاول 1309 ۾ حج
بيت الله جو سفر اختيار ڪيو. ۽ اتي مسلسل 12 مهينا
قيام ڪيو. انهيءَ عرصي ۾ مولانا عبدالحق صاحب الله
آبادي
مهاجر کان اوليات احاديث پڙهي، حديث، فقه ۽ اصول
فقه جي باقاعدي سند ۽ اجازت ورتائون، ۽ پوءِ
پنهنجي وطن واپس اچي ديني خدمات ۽ تدريس علم ۾
مصروف رهيا. مولانا مرحُوم جو مدرسته محمديه اڄ
تائين موجود آهي، جنهن مان هزارين طالب فيضياب ٿي
ويا آهن ۽ ٿيندا پيا وڃن.
مولانا مرحوم جي طبع جلالي ۽ بيپرواهه هوندي هئي.
پاڻ وقت جا مسلم عالم ۽ مفتي هئا. علاوه ازين
حديث، فقه ۽ علم تصوف جا به نڪته دان ۽ نڪته سنج
هئا. مثنوي مولانا روم رحه ۽ مڪتوبات امام رباني
تي کين گھڻو عبور حاصل هو. وقت بوقت تصوف جي باريڪ
نڪتن ۽ رموز تي حضرت مولانا و هادينا مرحُوم خواجه
حافط محمد حسن صاحب سرهندي مجددي دامت بر ڪاتهم جن
سان سندن بحث مباحثا ۽ خط و ڪتابت ٿيندي رهندي
هئي. اهڙيءَ طرح سان مسائل فقه ۾ به حضرت العلامه
مولانا عبدالغفور صاحب همايوني جن سان سندن نوشت
وخواند بطور مباحثه رهندي هئي. پاڻ پهرين حضرت
مولانا شيخ ولي محمد بن شيخ محمد اسحاق ساڪن
ملاڪاتيار جا مريد ٿيا هئا، مگر انهن جي وفات بعد
وري حضرت خواجه آقا مولانا حاجي عبدالرحمان صاحب
سرهندي مجددي ٽکڙائي جن جي بيعت ڪيائون. مولانا
مرحوم نقشنبندي طريقي جا هئا. پاڻ پرهيزگار، تهجد
گذار، شب خيز ۽ بي ريا عالم هئا. ڪنهن به صاحب
ثروت ۽ مالدار جي پاسخاطري نه ڪندا هئا ۽ هميشه
توڪل علي الله رهي پنهنجو وقت گذاري ويا. مولانا
مرحُوم جي وفات 4 ربيع الثاني 1336هه فالج جي
عارضي ۾ ٿي- انا لله و انا اليه راجعون. سندن مزار
شهر هالا پراڻا ۾ مرجع خلائق آهي. بردالله مضجعه و
طالب الله ثراه و جعل الجنة مثواه.
مولانا حاجي محمد صاحب مرحُوم پنهنجون ڳچ تصنيفون
ڇڏي ويو آهي، جن مان هيٺ ڄاڻايل ڪافي مشهور آهن:
(1) الفتاويٰ المحمديه في احڪام الاحمديه (عربي ٻه
جلد)، (2) فتاويٰ احمديه (سنڌي)، (3) خلاصته
الاثار المحمديه والاخبار الاحمديه (عربي)، (4)
حقوق الزوجين (سنڌي)، (5) شرح مات احاديث (سنڌي)،
(6) مسائل اربعين في سنة سيدالمرسلين، (7)
رموزالفرقان (سنڌي)، (8) المسائل الخمسة في دفع
توهمات الشيعه (سنڌي)، (9) تمام العناية ترجمه
بداية الهداية (سنڌي)، (10) رساله درامور طبعيہ،
(11) حل الترڪيب منطق (عربي)، (12) رودايه (عربي و
سنڌي)، (13) قصه بيبي بلقيس (سنڌي)، (14) ڪشف
الجان (سنڌي)، (15) خلاصة الاصول، (16) عشرين
مسائل (فارسي)، (17) رموزالفرقان (سنڌي)، (18) فيض
الصمد ترجمہ ”ايها الولد“ (سنڌي)، (19) رساله
درمعرفت نبض و قاروره، وغيره.
مولانا مرحُوم جي همعصرن ۾ هيٺين بزرگن جا اسماءِ
گرامي قابل ذڪر آهن: حضرت العلامه مولانا مولوي
عبدالغفور صاحب همايوني عليه الرحمة، (2) مولانا
مولوي حاجي لعل محمد صاحب مرحوم متعلوي، (3)
مولانا المرحوم مولوي عبدالرزاق صاحب بوبڪائي، (4)
مولانا المرحوم مولي مفتي محمد سعدالله صاحب
خيرپوري، (5) مولانا المرحوم مولي عبدالرزاق صاحب
بختياپوري، (6) حضرت مولانا المرحوم مولوي غلام
محمد صاحب ملڪاڻي، (7) حضرت مولانا المرحوم مولوي
قاضي سيد حاجي اسدالله شاهه صاحب ٽکڙائي، ۽ (8)
مولانا مولوي قاضي علي محمد صاحب هالائي، وغيره.
مولانا مولوي حاجي محمد صاحب مرحوم جي چند نامياري
شاگردن جا نالا هي آهن: (1) مرحُوم مولوي حاجي
عبدالرحمان صاحب سموي ساڪن نصرپور، (2) مولوي جان
محمد مرحُوم بختيارپوري، (3) مولوي حڪيم قاضي معين
الدين هالائي، (4) مولوي خليفه حافظ حاجي محمد
هالائي، (5) مولوي ميان احمد مرحوم هالائي، ۽ (6)
حڪيم مولوي ميان عبدالله هالائي، وغيره.
مولانا موحوم جي تاريخ وفات حضرت مولانا مولوي سيد
حاجي اسدالله شاهه صاحب مرحُوم ٽکڙائي جن هن طرح
رقم فرمائي هئي:
جناب مولوي حاجي محمد محمدت مظهر
مہ برج مڪارم مطلع الانوار علامــه
به علم و حلم شرع وورع و تقويٰ اوحد واکمل
قيامٖ دين محب ايزدٖ غفار علامه
فضائل را ازو تحسين فواضل را از و تسکين
نجي الله سمي سرورٖ ابرار علامه
به معقولات بي بدلي به منقولات بي همتا
به کشفٖ معضلات علم گوهر بار علامه
دراين قحط الرجال آمد و جودش مغتنم ازبس
دريغا رفت از ما احسن الاطوار علامه
شنيده چون نداي ارجعي از عالم، غيبي
شده واصل بحق رحلت گزين زين دار علامه
به فضل ايزدي بادا بهين صدرٖ نشين جنت
به ديدارٖ خداوندي بود سرشار علامه
بچهارم ربيع الا آخر و شب جمع داخل شد
بجنت خلد تجري تحتها الانهار علامه
چو استفسار رفت از بهر سالٖ وصل آن اقدس
”فدا“ احقر رقم زد مخزن الاسرار علامه
1336 هجري
- مولوي محمد هالائي
3. مولانا احمد مرحوم هالائي
مرحوم مولانا صاحب جن جي ولادت، حيدرآباد ضلعي
[هاڻي مٽياري ضلعي] جي مشهور شهر هالا پراڻا ۾
تاريخ 7 جمادالثاني سن 1314 هجريءَ ۾ ٿي. سندن
والد جو نالو مولوي محمد هالائي هو. مولانا صاحب
جن ننڍي هوندي کان ئي طبيعت جا ذڪي، ذهين ۽ بالڪل
هوشيار هوندا هئا - ايتريقدر جو صرف ارڙهن سالن جي
عمر ۾ پنهنجي والد بزرگوار وٽ قرآن شريف، فارسي جو
سارو نصاب، ۽ عربيءَ جو جملي نظامي نصاب ختم ڪري
دستار فضيلت ٻڌائون. سندن دستاربنديءَ جي رسم،
تبرڪاً، حضرت مولانا و مرشدنا الحاج خواجه آقا
حافظ محمد حسن جان صاحب مرحوم سر هندي جن کان
ڪرائي ويئي هئي.
مولانا صاحب جن دستاربنديءَ بعد پنهنجي مدرسه
محمديه ۾ درس ڏيڻ لڳا. سندن شاگردن مان مشهور
شاگرد، مولوي محمد عرس، دهري (متصل ٽنڊو آدم)،
مولوي محمود سانوڻي هالائي، حڪيم شيخ حاجي
عبدالواحد متعلوي، ۽ مولوي محمد هالائي (سندن
فرزند) وغيره آهن.
مولانا صاحب جن پنهنجي مدرسي جي مهتمميءَ سان گڏ،
تحرير نويسيءَ ۽ شرعي فيصلن جو ڪم به بلڪل گھڻي
انداز ۾، باحسن الوجھه ڪندا هئا. سندن فنٖ افتاءَ
۽ تحرير نويسيءَ جي هاڪ سڄيءَ سنڌ ۾ هوندي هئي.
حضرت مرحوم مولانا دين محمد صاحب ”وفائي“ (مشهور
غير مقلد) به بسا اوقات کانئس فقهي تحقيقون
ڪرائيندو ۽ مسئلا لکارائيندو هو - ۽ هميشه کين
انهي فن ۾ داد ڏيندو هو.
مولانا صاحب جن پنهنجي سڄي عمر پنهنجي ئي ڳوٺ هالن
پراڻن ۾ بسر ڪئي، تاهم سندن صحبت ان وقت جي چڱن
چڱن عالمن سان هئي. انهن بزرگن مان مرحوم مولانا
محمد صادق صاحب کــڏي وارو (ڪراچي)، مرحوم مولانا
دين محمد ”وفائي“، مرحوم مولوي فتح محمد سيوستاني،
مرحوم عبدالقيوم صاحب بختيارپوري، مرحُوم مولانا
عبدالرؤف بختيارپوري، مرحوم مولانا حاجي عبدالله
ڪبرائي، ۽ مرحوم مولانا محمد سليمان واعظ الاسلام
ٿرڙائي جن جا نالا قابل ذڪر آهن.
مولانا مرحُوم جن حيدرآباد ۽ نوابشاهه ضلعن جا وڏا
مفتي هئا. طريقو نقشبنديه هون، ۽ بيعت خواجه آقا
حافظ محمد حسين صاحب سرهندي مجددي ٽکڙائيءَ سان
هئن. سندن طبع بلڪل نرم، خوش اخلاق. مرنج مرنجان،
بردبار ۽ ماٺيڻي هئي. موجوده قحط الرجال جي زماني
۾ سندن شخصيت اعليٰ درجي جي هئي: مطلب ته پاڻ صحيح
معنيٰ ۾ بينظير عالم باعمل، نهايت پرهيزگار، مفتي،
متشرع، زبردست فقيہ ۽ عالم حقاني هئا. پاڻ هميشه
قومي خيال رکندڙ ۽ سياست جا ڄاڻو هئا. خلافت تحريڪ
کان وٺي جيڪي به سياسي ۽ مذهبي تحريڪون وقت وقت
ٿينديون رهيون. تن ۾ نه فقط همدرد ۽ معاون هئا،
مگر پاڻ هڪ اعليٰ رڪن جي حيثيت سان مصروف عمل پڻ
رهندا هئا.
مولانا مرحوم جن، 15محرم الحرام سن 1376 هجريءَ ۾،
هالن پراڻن ۾ وفات ڪئي. سندن قبر پنهنجي والد
بزرگوار جي قبر جي ڀرسان آهي. سندن ڀاءَ مولوي
عبدالله صاحب، سندن تاريخ وفات هن طرح لکي آهي:
دريغار از وصالٖ مردٖ مبرور، مثال آمد تو گوئي نفخ
جي الصور!
ز هجرت او چراغٖ فيض گل گشت، ز رحلتٖ او بر آمد
ظلمت از تور.
ازين واقعہ جدائي جيد عالم، اهالي علم و عالم گشت
رنجور.
جناب مولوي ’احمد‘ مدرس، ز دنيا رفت و علم دين شد
دور.
اديب و عالم و مشفق محقق، فقيہ و فاضل و مفتي
مشهور:
ز هر تلميذ عندالناس مشڪور، شد از تدريس عندالله
ماجور.
بخمة عشر تاريخ محرم، شبِ خميس گشت آن ماه
مهجور.
بسالٖ وصل او ”احقر“ چنين گفت: ”شده مشغولٖ حق
و با خير مامور“. (1376)
- مولوي محمد هالائي
(هي مواد رسالي مهراڻ جي سوانح نمبر تان ورتو ويو
آهي. جنهنجو پهريو ڇاپو 1958ع ۽ ٻيو ڇاپو ڊسمبر
1990ع ۾ ڇپيو.)
مولانا دين محمد وفائي
مخدوم احمد هالائي
احمد بن مخدوم اسحاق، بن مخدوم عمر، بن مخدوم
اسماعيل، بن عبدالله نو مسلم، جنهن جو اصل نالو
راجڪمار ارجن بن وريو هو. هو حضرت شيخ الاسلام
بهاوالدين زڪريا ملتاني جي هٿ تي مسلمان ٿيو ۽
سندس اولاد مان مخدوم اسحاق هالائي هڪ وڏو ولي ۽
فضائل جو مالڪ هو ۽ هن جون ڪرامتون ڳاڻاٽي کان
گھڻيون آهن. هالن جا بزرگ ڀٽي انهيءَ بزرگ جي
اولاد مان آهن. مخدوم احمد هميشه خاموش اڪيلائي ۾
گذاريندو هو ۽ سهروردي طريقي موجب ڪڏهن ڪڏهن سماع
۽ ذڪر جي جماعت ۾ شريڪ ٿيندو هو. سماع واري حالت ۾
هن تي اهڙي ڪيفيت طاري ٿيندي هئي جنهن جو بيان نٿو
ڪري سگھجي.
”تحفة الڪرام“ ۾ سندس هڪ ڪرامت جو بيان آهي ته :
هن بزرگ کي هڪ رئيس اهل عيال سميت دعوت ڪئي.
هوڏانهن هن جو پٽ ساڳئي ڏينهن گذاري ويو هو ۽
مخدوم صاحب جي ڪرامت سان جڏهن ڇوڪرو زنده ٿيو،
تڏهن هن کاڌو کاڌو. چيو وڃي ٿو ته آخر ڄمار ۾ هو
نيرون ڪوٽ ۾ آيل هو، جتي هڪ سوناري ڇوڪر سماع جي
مجلس ۾ نهايت سوز گذار سان هڪ بيت پڙهيو، جنهنڪري
مخدوم صاحب تي اهڙي حالت وارد ٿي جو سندس روح هن
خاڪي پڃري مان پرواز ڪري هليو ويو ۽ سندس لاش کي
هالا آندو ويو. چون ٿا ته، هن جي جنازي مان -
لااِله اِلاالله جو ذڪر سموري راه ۾ آهستي آهستي
ٻڌڻ ۾ آيو ٿي.
مخدوم احمد ظاهري علمن جو به وڏو عالم هو، جن جي
تحصيل مخدوم عبدالرشيد هالائي وٽ ڪئي هئائين ۽ ڪجھ
سير سلوڪ جون منزلون به وٽس طي ڪيون هئائين. سندس
وفات سن 936 هه ۾ ٿي آهي.(1)
هن بزرگ جي اولاد مان ميان محمد صالح ڀٽيءَ هالن
مان هڪ قطعه تاريخ موڪليو آهي، اُن مان سنه وفات
934 هه (2) نڪري ٿو، ڪهڙي صحيح آهي، ان بابت چئي
نٿو سگھجي.
قطع تاريخ
قدوه ارباب عرفان و يقين |
مقبل حق،منبع اهل کمال |
آن ولي ايزدي، ابن عمر |
شيخ احمد صاحب رشد و جلال |
برکشيده رخت هستي ناگهان |
خوش ز شوق وصل زين دار ملال |
داد حق اندر جوار شاهدين |
منزل و ماواش شد شاد از وصال |
خاص حق مي بودزان روح القدس |
خاص درگاه احمد _ خوش گفت سال |
1. ڏسو قديم ڇاپو صه 148 حديقته الاولياء ۾ مفصل ذڪر آيل آهي
صه 87 تا 100
2. حديقته الاولياء ۾ پڻ سال وفات 934 هه ڏنل آهي ڏسو صه 100 .
(تذڪره مشاهير سنڌ ڀاڱو پهريون(صفحو نمبر 71 کان 72 تائين)
مخدوم امين محمد ثاني هالائي
ولد مخدوم محمد زمان ثالث. حضرت مخدوم نوح سخي سرور جي اولاد
مان سندس درگاه جو سجاده نشين بزرگ ٿي گذريو آهي.
سندس ولادت 19 رجب 1256 هه تي ٿي. هو صاحب سهروردي
طريقه جو پير ۽ اميرانه زندگي جو مالڪ هو. پنهنجي
همعصر جناب پير سيد رشيدالدين صاحب العلم الثالث
(جھنڊي واري) سان خصوصي اعتقاد ۽ محبت هوندي هوس.
هو وڏو سخي ۽ دريا دل مرد هو، سنڌي شاعري ۾ تمام
ڪمال حاصل هوس يعني ته سنڌي شاعري جي سڀني اصنافن
۾ سندس ڪلام موجود آهي، ڏوهيڙا، ڪافيون، غزل وغيره
پنهنجا ڪيترائي يادگار ڇڏيا اٿس. هو توحيد جي
مسئلي ۾ عام صوفين جي طرز جو تابع آهي. سندس
موحدانه ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
بانگ الست ربي، چئي عشق جن تي آيو
ميدان معرفت ۾ ڪوتل تني ڪڏايو
ڏسي عشق جا اشارا، رهندا سي ڪيئن ويچارا
نيڻن وهائي نارا، هي هي جو هل مچايو
جف القلم ۾ جاني، ڪئي ڪل تي ڪامراني
لاريب لن تراني، ارني ٿي ڪنهن الايو؟
ڪربل ۾ خيمه کوڙي، ڪنڌ ڪات کان نه موڙي
تيغ و تبر سان توڙي سر بر سنان سنڀاليو
قالو! بليٰ ڪهاڻي، ساڳي صحيح سڃاڻي،
انوقت کي جي ڄاڻي، تنهنجي روح ڪيڙو رايو
لاشڪ لباس لاهي، ڪثرت ۾ پير پائي،
احمد اچو سڏائي
محمد امين
ٿي آيو
انسانيت جي گھڻين خوبين جو مالڪ هي بزرگ 47 سالن
جي ڄمار ۾ 27 رمضان المبارڪ 1303 هه ۾ هن دنيا
فاني مان رحلت فرمائي ويو. سندس وفات تي ان وقت جي
ڪيترن شاعرن قطعات تاريخ ۽ مراثي لکيا آهن، جن مان
مختصر طور ڪجھ هيٺ ڏجن ٿا.
از مخدوم ابراهيم نقشبندي ٺٽوي
دلا گريه را دام گير از رگ ابر که اينجا عزاي محمد امين است
بياموز از رعد ترتيب فرياد که ماتم گه سالک رشدو دين است
ز رمضان چوشش بود افزون عشرين برحلت غم افزاي روي زمين است
شب ارببعا ليلته القدر خير بوصلش حبيبش شب اولين است
حديث خواتيم عبرت آمد بخوش وضع درصف امام مبين است
بگوزان بسالش بغير از دجيٰ دل شب قدر نزد محمد امين
است
1303 هه
دريغا شب قدر در ماه رمضان عيان شد عزاي محمد امين
خرد گفت تاريخ ترحيل او را بخلد است جاي محمد امين
1303 هه
از عبداللطيف ٺٽوي
ز ترحيل مخدوم جان جهان جهان شد گرفتار رنج و تعب
ازان رو شب قدر گفتم بجان محمد امين گشته
واصل برب
1303 هه
از مفتي سعدالله هالائي
شه ما ز دنيا چو تشريف برد بعقبي شده مسند نشين
سرو بي سر دير گفت اين نويد:
شهنشاه جنت محمد امين
1303 هه
از آخوند عبدالحميد سائق متعلوي
محمد امين پير والا نسب سر سروران و ولي اله
چو از شهر رمضان شب قدر بود نمود بخلد برين جلوه گاه
پي سال وصلش به پير خرد چو در بحث شائق شده صبحگاه
سروشي بگفتا:
بلي! بود وي عجب وارث صدر صاحب کلام1
1. مخدوم مرحوم جو ديوان سنڌي ادبي بورڊ ڇپيو آهي.
تذڪره مشاهير سنڌ جلد اول ( صفحو نمبر 174 کان
175 تائين)
مولوي الحاج محمد هالائي
سندن آباء و اجداد اصل بوبڪ ضلع دادو جا باشندا ۽
؛ بوبڪائي آخوند ؛ سڏبا هئي. ڳچ وقت کان هجرت ڪري
اچي هالن ۾ رهيا هئي. مولانا مرحوم جي ولادت هالن
پراڻن ۾ تاريخ 27 _ رمضان المبارڪ شب قدر 1276 هه
ٿي. ايام طفوليت ۾ ئي کين علم جي طلب جو شوق افراط
سان پيدا ٿيو، تنهن ڪري پاڻ نون هالن ۾ عربي نصاب
جا ابتدائي ڪتاب حضرت خليفه حافظ عبداللطيف صاحب
رحمته الله عليه جن وٽ پڙهڻ شروع ڪيائون. کين شب
خيزي جي عادت 8_9 سالن جي عمر کان وٺي هئي،
تنهنڪري پاڻ رات جو هميشه گھڻي قدر علم جي ياد ڪرڻ
تي محنت ڪندا هئي. هالن مان سڌا غربت ۽ مسڪيني جي
حالت ۾ پاڻ ضلع دادو جي مدرسي ۾ مولانا مرحوم حسن
الله صاحب پاٽائي وٽ تعليم وٺڻ لاءِ روانا ٿيا،
جتي ٿورو وقت تعليم وٺي، جڏهن کين معلوم ٿيو ته
هالن جي نزديڪ حيدرآباد سنڌ ۾ مولانا محمد حسن
صاحب قبله ڪنڊي واري وڏو مدرسو کوليو ته، هڪدم اچي
ان مدرسي ۾۾ داخل ٿيا. اتي ڪمال انهسلڪ سان سمورا
درسي ڪتاب پڙهي نصاب ختم ڪيائون ۽ سندن دستاربندي
اتي باقاعدي ٿي چڪي. ان کان بعد پنهنجي شفيق استاد
جي اجازت سان حيدرآباد جي نزديڪ ٽنڊي مير نور محمد
خان ۾ جدا مدرسو کولي عربي علم جي تعليم ڏيندا
رهيا. 2_3 سال اتي رهي وري سندن والد جي حڪم موجب
کين پنهنجي وطن ۾ اچڻو پيو ۽ اتي به نهايت همت سان
مدرسو کولي عربي علم ججي تعلکيم ڏيڻ لڳا ۽ سنڌ ججي
مختلف اطرافن مان ڪيترا پرديسي مسافر طالب به سندن
درس علم ۾ اچي داخل ٿيا. قضا سان سنندن والد ماجد
جلدئي وفات ڪئي ۽ ان وقت سڄي مٽنب ۾ فاط پاڻ ئي
رهيا هئي.
کين پنهنجي والد جي ملڪيت متروڪه ورثي طور ملي جا
فروخت ڪري سڀ پئسا پاڻ سان کڻي حج جي ارادي سان
ربيع الاول 1309 هه ۾ حجاز شريف روانا ٿيا. اتي
پورڳ هڪ سال رهي حضرت مولانا عبدالحق صاححب بن شيخ
شاه محمد بن شيخ يار محمد مهاجر اله آبادي جي خدمت
۾ رهي، علم حديث جو مطالعو ڪيائون ۽ اوليات احاديث
جا پڙهي کانئن حديث ۽ اصول حديث ۽ ٻين علمن جا
اجازت حاصل ڪيائون. اهي اجازت ناما اڃا تائين سندن
ڪتبخانه ۾ موجود آهن. باقي بچيل پئسن مان عربي
ڪڪتابن جو هڪ وڏو ذخيرو مڪي مڪرمه مان خريد ڪري
پاڻ سان کڻي اچي پنهنجي وطن ۾ پهتا. اتي دستور
موجب وري به تعليم جي ڪم ۾ مشغول ٿي ويا.
علم فقه سان سندن شغف حد کان زياده هوندو هو. سندن
اها شهرت سنڌ جي اطرافن ۾ زياده کان زياده ٿي وئي
هئي، تنهن ڪري روزانه وٽن مختلف اطرافن کان شرعي
سوال ايندا هئا، ۽ پاڻ انهن جا جواب لکي سائلن کي
موڪليندا هئا. اهو سلسلو تا دم حيات جاري رهيو ان
وچ ۾ پپاڻ هڪ وڏي:
1)
فتاويٰ محمدي
:
عربي ۽ فارسي ۾ ٻن ضخيم جلدن ۾ تيار ڪري ورتائون.
۽ هڪ فتاويٰ سنڌي زبان ۾ پنهنجي فرزند اڪبر جي
نالي سان.
2)
فتاويٰ احمدي
:
نالي به گڏ ڪيائون.
پاڻ ڏينهن جو جيڪڏهن مدرسي جي تعليم ۾ مشغول هوندا
هئا ته رات جو تحرير نويسي ۽ مطالعه ڪتب جو شغل
جاري هوندو هون.سندن سموري زندگي متو ڪلانه حالت ۾
گذري. پاڻ پهرين حضرت مولانا ميان ولي محمد صاحب
ملاڪا تياريءَ کان بيعت ورتي هئائون، انهن جي وفات
کان پوءِ وري دوباره حضرت خواجه حاجي عبدالرحمان
صاحب مجددي فاروقي کان بيعت حاصل ڪيائون.
سندن تصنيفات ۾ مٿين فتاوائن کان سواءِ ڪتاب:
3)
شرح احاديث، ۽
4)
مسائل اربعين سنڌي، به ڪار آمد آهن. ٻي ننڍا رسالا
ته گھڻا سندن تصنيف ٿيل آهن جن مان ڪن جا نالا هي
آهن:
5)
حقوق الزوجين،
6)
المسائل الخمسته في دفع توهمات الشيعته ،
7)
تمام العنايته ترجمه بدايته الهدايته ،
8)
حلالترڪيب منطق ،
9)
دووايو عربي و سنڌي ،
10)ڪشف
الجان سنڌي ،
11)
خلاصته الاصول عربي ،
12)عشرين
مسائل فارسي وغيره وغيره .
۽
1)
مرحوم خليفو مولوي جان محمد بدينوي ،
2)
مرحوم مولوي عبدالرحمان صاحب سمه قرنائي ،
3)
هالن نون جا موجوده مولوي صاحب ،
4)
مولوي قاضي ميان معين الدين صاحب ،
5)
خليفو مولوي حاجي محمد صاحب ۽ سندن 2 فرزند ،
6)
مولوي ميان احمد صاحب ،
7)
مولوي ميان عبدالله صاحب ،
سندن فيض مان مستفيض يل آهن جن کي پاڻ من اوله الي آخره نصاب
عربي پڙهائي پنهنجي هٿن مبارڪن سان دستاربندي
ڪرائي هئائون.
سندن همعصر علمائن ۾ بر گزيده بزرگ حضرت مرحوم
مولانا شاه اسدالله صاحب ٽکڙائي ۽ مرحوم مولانا
مولوي حاجي حافظ لعل محمد صاحب متعلوي ۽ مرحوم
مغفور خليفو مولوي حاجي عبداللطيف صاحب حيدرآبادي
کين وقت بوقت فقه جي تحريرن ۽ بحث مباحثن ۾ داد
ڏيندا هئ.
سندن مدرسو هن وقت به بحمده تعاليٰ سندن ٻن فرزندن
هر هڪ مولانا مولوي احمد صاحب ۽ مولانا مولوي
عبدالله صاحب جي اهتمام ۽ انتظام هيٺ بخوبي هلي
رهيو آهي. سندن ڪتبخاني ۾ قريبن 600 جلد هر هڪ فن
۾ مختلف مصنفن جا موجود آهن.
آخر ڪار بحڪم ( کل نفس ذائقته الموت) ماه ذوالقعده
1335 ه جي آخري هفتي ۾ فالج جي بيماريءَ ۾ مبتلا
ٿيا، سندن اها بيماري چئن مهينن تائين هلي ۽ پپاڻ
مورخه 4 _ ماه ربيع الاخر 1336 هه روز جمعه سحور
جي وقت هن دار بي بقا مان انتقال فرمايائون. انا
لله و انا اليه راجعون.
سندن وفت تي، وقت جي علمائن ۽ شاعرن چند قطات
تاريخ تصنيف ڪري موڪليا هئا جن مان هت فقط هڪڙو
قطعو تاريخ مولفه حضرت علامه سيد اسد الله صاحب
ٽکڙائي عليه الرحمته جو ( جو سندن مزار تي به
منقوش آهي) لکيو وڃي ٿو
:
تاريخ وفات حسرت آيات حضرت قبله مولانا الحاج محمد طالب الله
ثراه وجعل الجنته مثواه
از رشحه قلم مرحوم مولانا الحاج شاه اسد الله صاحب ٽکڙائي
المتخلص به فدا
جناب مولوي حاجي محمد محمدث مظهر
مه برج مکارم مطلع الانوار هلامه
بعلم و حلم شرع و ورع تفري اوحد و اکمل
قيام دين محب ايزد غفار علامه
فضا.ل را ازو تحسين ، فواضل را ازو تمکين
نجي الله سي سرور ابرار علامه
بمقولات بي بدل ، بمنقرلات بي متا
بکشف معضلات علم گوهر بار علامه
درينقحط الرجال آمد و جودش مغعنم از بس
دريغا رفت از ما احسن الاطوار علامه
شنيده چون فدائي ، ار جمعي! عالم غيبي
شده واصل بحق ، رحلت گزين ، زين دار علامه
بفضل ايزدي بادا بهين صدر نشين جنت
به ديدار خداوندي بود سرشار علامه
بچارم مه رببيع الاخر و شب جمعه ، داخل شد
به جنت خلد تجري تحتها الانهار علامه
چو استفار رفت از بهر سال وصل آن اقدس
فدا احقر رقم زد _ مخزن الاسرار علامه
1336 هه
تذڪره مشاهير سنڌ جلد اول 269 کان 273 تائين)
۱۲۵
حضرت مخدوم نوح هالائي
صاحب ڪرامات و فتوح حضرت مخدوم نوح ولد مخدوم نعمت
الله ولد مخدوم اسحاق ولد مخدوم شهاب الدين ولد
مخدوم فخر الدين سهروردي صديق هالائي.
هالا شهر ۾ هي ئي بزرگ (فخرالدين) سڀ کان پهريان اچي
مقيم ٿيو، جتي قوم هالا ۽ لاکا مان شادي ڪيائون ۽
اتي ئي آل اولاد سان حياتي گذارڻ لڳو. اصل خانداني
طرح پيري مريديءَ جو سلسلو به جاري ٿيل هو ۽ مخدوم
نعمت الله مخدوم نوح جي والد سڳوري جا به ڪيترائي
معتقد ۽ مريد هئا ۽ هن فرزند ارجمند جي ولادت با
سعادت جون پيشنگويون به ڪيترن درويشن جي واتان ٻڌي
چڪو هو، خصوصاً مخدوم نوح هوتياڻي کيبرائي ۽ ٻين
ولين جون بشارتون مشهور ٿيل هيون.
مخدوم نوح صاحب جو تولد سنه 911 هجري ۾ ٿيو. ستن ڏينهن
جا مس ٿيا ته ٻانگ ٻڌڻ کان پوءِ صاف زبان سان ڪلمو
شهادت پڙهيائون، جنهن کي سَوَنِ ماڻهن ٻڌو! چوڏهن
سالن جي ڄمار ۾ مخدوم عربي ديانه جي مدرسي ۾ قرآن
شريف پڙهڻ واري زماني ۾ هڪ ڏينهن نديءَ تي غسل ڪري
ڦرهي ميساري رهيو هو، ته اوچتو ڪشف واري حالت ۾
حضرت سيدنا محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم ۽
سيدنا حضرت علي رضه جي زيارت جو شرف حاصل ٿيس ۽
انهيءَ ڦرهي تي حضور صلعم جن ڪجھه سٽون لکي ڏنس ۽
سبق ڏنائونس، جنهن کان پوءِ سمورا علوم مٿس کلي
پيا ۽ انهيءَ ڏينهن لا اله الا الله جي ذڪر جي
تلقين ڏيڻ جي اجازت به ملين. انهيءَ ڏينهن حضرت
سيدنا ابو بڪر صديق ظاهر فرمايو ته هي منهنجي
اولاد مان آهي. ساڳيءَ طرح پيغمبر خدا صلعم به
فرمايو ته اسانجي اولاد مان به آهي. (دليل
الذاڪرين).
حضرت مخدوم نوح جي زندگي عشق ۽ محبت الاهي جي استغراق ۾
گذرندي هئي. اگرچه ظاهري علم جي لحاظ کان فقط قرآن
شريف پڙهيل هئا، مگر هر هڪ سوال جو جواب جدا جدا
اهڙي علمي نموني ۾ ڏيندا هئا، جو وڏا وڏا علماءَ
حيران رهجي ويندا هئا.
هڪ دفعي ٺٽي ۾ اچي وارد ٿيا، جتي ڪيترا علماءَ ۽ طلباءَ
سندن علمي لياقت جي امتحان لاءِ اچي موجود ٿيا.
پاڻ هڪ آيت جون ايتريون معنائون فرمايائون، جو سڀ
حيران رهجي ويا.
ٻي روايت آهي ته هڪ دفعي عالمن ۽ طالب العلمن جي وڏي
جماعت حضرت مخدوم صاحب کان قرآن جي ڏکين آيتن جي
معنيٰ سمجھڻ جو ارادو ڪري سندن خدمت ۾ آئي ته فقط
هنن جي اچڻ کان پوءِ حضرت مخدوم صاحب فرمايو ته
عالمن کي گھرجي ته علم جو بيان ڪن ته ٻين کي فائدو
رسي. ان کان پوءِ پاڻ زبان فصيح سان بيان ڪرڻ لڳا.
36 تفسيرن جا نالا وٺندي فرمايائون ته فلاڻي تفسير
۾ هن ريت آهي ۽ فلاڻي ۾ هن ريت آهي. ان کان پوءِ
حقيقت ۽ طريقت جون معنائون بيان فرمايائون، جن مان
عالمن ڪي سمجھيون ڪي نه سمجھيون. آخر عالمن ۽
شاگردن عرض ڪيو ته اسانجي حق ۾ دعا گھرو. پاڻ
فرمايائون ته آئون الحمد پڙهان ٿو. اوهان آمين
چوندا وڃو. جڏهن الحمد پڙهي پورو ڪيائون ته اهي
حاضر مجلس آمين چوندڙ ولايت جي درجي کي وڃي رسيا.
آخر ۾ مخدوم صاحب فرمايو ته ڪي اهڙا فقير به آهن
جو سموري ڄمار سورت الحمدالله جي معنيٰ ڪندا رهن
ته به پوري ڪانه پوي.
وقت جي حاڪمن مان مرزا محمد باقي مشهور ظالم سندن خدمت
۾ ٻه دفعا ٺٽي ۾ حاضر ٿيو ۽ مرزا جاني به سندن
زماني ۾ گاديءَ تي ويٺو. مرزا باقي جو وڏو فرزند
مرزا پاينده طبع جو ديوانو هو جنهن ڪري هو گادي تي
نه وهاريو ويو هو، پر سندس پٽ مرزا جاني گاديءَ تي
ويٺو.
دليل الذاڪرين ۾ نقل آهي ته مرزا پاينده خان کي حضرت
مخدوم صاحب جي خدمت ۾ دعا لاءِ آندو ويو ته کيس
بيماريءَ کان شفا نصيب ٿئي، مگر پاڻ ڪو توجه ڪونه
ڏنائون، ڇاڪاڻ جو انهيءَ شخص مخدوم لعل شهباز جي
گنبذ ۾ هڪ دفعي هڪ عورت سان هٿ چراند ڪئي هئي،
جنهن ڪري هن جي ديوانگي هميشه لاءِ قائم رهندي
آئي.
مخدوم صاحب شريعت جا ايڏا پابند هئا، جو ڪڏهن به نماز
جماعت کانسواءِ ادا نه ڪندا هئا. هڪ دفعي عشا جي
نماز جماعت سان گسي وين ته شهر کان ٻاهر نڪتا ۽ هڪ
غيبي جماعت اچي جمع ٿي. جنهن کي امامت ڪري نماز
پڙهايائون، پر جماعت کي هٿان نه ڇڏيائون.
بهاؤالدين دلقپوش (گودڙيي) کان نقل آهي ته هڪ دفعي
مخدوم صاحب ٺٽي جي جامع فرخ ۾ تشريف فرما ٿيا.
جمعه نماز کان پوءِ اٽڪل هڪ هزار ماڻهن منهنجي
معرفت سندن هٿ چميا، جن مان هر هڪ پنهنجي درجي آهر
معرفت ۽ ولايت کي پهتو، جن مان حضرت صابر سومرو،
شيخ تاجن، شيخ حبيب رحه ۽ سيد عبدالڪريم بلڙي وارو
مشهور آهن، جن کي ڪشف ڪرامت سان پوري سنڌ سڃاڻي
ٿي. انهن وٽان هزارين ماڻهو معرفت جو رستو سکي
پنهنجي ڪماليت کي رسيا آهن.
سنڌ جي بادشاه مرزا محمد باقي تي مغل بادشاه اڪبر، ڏاڍو
ڏمريل هو، سو مرزا جي گرفتار ڪرائڻ لاءِ لشڪر
چاڙهي سنڌ تي موڪليائين. اڪبري فوج سنڌ ۾ قتل ۽
غارت ڪندي، اڳتي وڌي رهي هئي. ماڻهو حضرت مخدوم
صاحب وٽ فريادي آيا، پاڻ فرمايائون ته الله تعاليٰ
عاقبت بخير ڪندو. آخر اها فوج هالن جي ويجھي اچي
پهتي، جنهنڪري شهر ۾ ڏاڍو ڏهڪاءُ ۽ شور پيدا ٿيو.
حضرت مخدوم صاحب جي خدمت ۾ سمورو احوال اچي پيش
ڪيائون. پاڻ ٿوري مٽيءَ چپٽي گھرائي پنهنجي تريءَ
تي رکي، هيٺين دعا پڙهي فوج ڏانهن دم ڪيائون،
جنهنڪري اها فوج انهيءَ وقت اتان پوئتي هٽجڻ لڳي ۽
اهڙي ڀاڄڙ پين، جو وڃي هندستان ۾ دم کنيائون.
دعا هي آهي:-
بسم الله، اللٰهم لڪ الحمدُ و لڪ المجد ولڪ الشُڪر واليڪ
المتڪاء وانت المُستعان و بڪ المستغاث والتڪلان و
منڪ الفرحُ ولا حول ولا قوة الا بالله العليٰ
العظيم وصلي الله علي خير خلقہ محمد و آلہٖ
واصحٰبہ اجمعين.
بادشاه لشڪر جي ڀاڄ جو سبب معلوم ڪرڻ گھريو ته هنن چيو
ته هالن لڳ طوفان ۽ دهشت طاري ٿي، جنهنڪري جانيون
بچائي اچي گھران نڪتا آهيون. ڪنهن درويش، شاهي
درٻار ۾ عرض ڪيو ته اهو ڪنهن وليءَ جي ڪرامت جو
ڪرشمو آهي، باقي ٻيو ڪو به سبب معلوم نه ٿو ٿئي.
ان کان پوءِ اڪبر بادشاهه دوباره فوج عبدالرحيم خان
خانان جي سرڪردگي هيٺ موڪلي ۽ مخدوم صاحب جي خدمت
۾ حاضري جو به حڪم ڪيو، مگر عبدالرحيم خان خانان
جي هالن ۾ پهچڻ کان اڳ ۾ مخدوم صاحب وفات ڪري ويو
۽ سندس فرزند مخدوم امين محمد جي خدمت ۾ نياز حاصل
ڪيائين ۽ شاهي سوکڙيون به پيش ڪيائين. ان کان پوءِ
ٺٽي تي ڪاهي ويو. ان وچ ۾ مرزا محمد باقي مري چڪو
هو ۽ سندس فرزند مرزا جاني گادي تي هو، جنهن کان
پوءِ اڪبر سنڌ فتح ڪري ورتي.
حضرت مخدوم نوح جي ڪشف ڪرامات ۽ ڪمالات تي ڪيترائي سندس
همعصر ۽ بزرگن ۽ پوءِ وارن جا ڪتاب لکيل آهن جتي
تفصيل سان بيان ٿيل آهي. هت مختصر طور دليل
الذاڪرين ۽ ارشاد الطالبين مان ڪجھه نقل ڪيو ويو
آهي. ازانسواءِ، مخدوم صاحب جي سوانح بابت شيخ
بهاءَ الدين دلقپوش جو رسالو ۽ ميان فتح محمد
قريشي جو رسالو ۽ ڪيترا جدا جدا ڪتاب لکيل آهن.
پوئين وقت ۾ سفينة النوح از مخدوم پير غلام حيدر
صاحب هالائي ۽ راحت القلب والروح تذڪره مخدوم نوح،
جامع اوراق، دين محمد وفاتي جا ڪتاب به انهيءَ باب
۾ ڏاڍا ناياب آهن.
مخدوم صاحب سهرورديه طريقي جو امام ۽ اويسي طريقي جو
اولياءُ هو. ڪلمه لا اله الا الله جي توحيدي تلقين
ڏيندو رهيو. سندس وقت ۾ ئي سوين ڪامل خليفا ۽ فيض
جا صاحب سنڌ ۾ خدا شناسي جو رستو ڏيکاريندا رهيا،
جن مان ڪن جو ذڪر هيٺ ڪيو ويندو.
مخدوم صاحب چار شاديون ڪيون هيون، جن مان ٻارهن فرزند ۽
ڪجھه نياڻيون پيدا ٿيون، فرزندن جا نالا هي آهن:
ميان امين محمد، ميان حامد، ميان نور محمد، ميان احمد،
(اهي چار ئي ترڪ قوم يعني باجار قبيلي جي بي بي
مان هئا) پنجون ميان دائود، ميان موسيٰ، ميان
هارون ميان يوسف، فرزند ميان آدم (اهي ٻئي گھر مان
هئا) ميان ميران محمد و ميان ابراهيم ملقب بادهم
ثاني ۽ ميان جلال الدين ٽئين گھر مان هئا. چوٿين
بي بي سهتا قوم مان هئي جنهن مان ڪوبه اولاد ڪونه
ٿيو.
ارشاد الطالبين ۾ لکي ٿو ته سنڌ ۾ ڪماليت جا مالڪ سڀ
کان وڏا مرشد ٻه بزرگ گذريا آهن: پهريون مخدوم
بلال، ٻيو مخدوم نوح ۽ وڌيڪ لکي ٿو ته مخدوم نوح
جو پنهنجي وقت ۾ سڀ کان سرس درجو هو.
ايڏي وڏي ڪماليت ۽ بزرگي واري انسان ڪامل 87 سالن جي
ڄمار ۾ سواءِ ڪنهن بيماريءَ جي هن دنيا فاني مان
صبح جي وقت لاڏاڻو ڪري هميشه واريءَ حويلي ۾ منتقل
ٿي ويو. اهو واقعو خميس ڏينهن 27 ذوالقعد 998هه ٿي
گذريو. مخدوم صاحب جي قضيه بابت ملا قاسم جي هيءَ
نظم پڙهڻ جي لائق آهي:
غرق درياء شهادت محو مطلق بس بدان
پاک از آلاءِ قساوت نوح مخدوم انس وجان
بو يزيد و بو سعيد و بشرحافي و جنيد
در مراتب در مناقب کم زپس ايشان مدان
طالبان او که از احصاء و حصر آمد فزون
چون ستاره هر يکي زايشان مناره در جھان
جوق و جوق طالب او چون ملک درهفت چرخ
صف صف اندر صبح و شام از جان و دل الله خوان
هان ولايت ختم شد بر افتخار اهل فخر
چون نبوت ختم شد بر مفخر آخر زمان
آمدي گر بردر او مرد جاني غافلي
ذاکري زنده دل گشتي زفيضش آن زمان
بود آنگه نهصد و هم يازده بوده فزون
سال تاريخ ولادت آن ولايت کيش دان
مدتي عمر گرامي آن گرامي مايه را
جمله هشتاده هفت سال بود اندر جھان
سال فوت آن غوث حق پر سيد شد چون از خرد
از سر حسرت فغان برداشت آنگه گفت هان
آن سنه نهصد و هشتاد هزده وقت صبح
بيست هفتم در شب پنجشنبئه ذي قعد دان
(مختصرا از دليل الذاکرين)
(ص ص 1 کان 7)
۱۳۲-
درويش عمر هالائي
حضرت مخدوم نوح جي فيض پاتل خليفن مان هڪ بزرگ آهي.
جنهن سموري ڄمار رياضت ۽ مجادهن ۽ نفس ڪشي ۾
گذاري، هڪ رليءَ کانسواءِ ٻيو ڪوبه مالي اسباب وٽس
جمع نه ٿيو. مخدوم صاحب جي مريد ٿيڻ کانپوءِ، ڪڏهن
به بيهودو گفتگو يا اجايو ڪلام پنهنجي زبان تي نه
آندائين، هميشه ڏينهن جو روزو ۽ رات جو نماز ۾
بيٺو رهندو هو. ٻن چئن ڏينهن کانپوءِ ٻن ٻن لقمن
تي روزو کوليندو هو. هنجي ويهڻ يا سمهڻ جي لاءِ ڪا
جاءِ مقرر ڪانه هوندي هئي، جتي به کيس ننڊ کڻي
ويندي هئي، ته اتي سمهي پوندو هو. 0هي درويش) رحمت
الله عليه ڏهين صدي جي عارفن مان آهي. ( ص 22)
۱۳۳.
درويش عثمان عصار هالائي
فقير عثمان چاڪي (عصار) حضرت مخدوم نوح عليه الرحمت جي
وڏن صحابين يا ساٿين مان آهي. هو هميشه رات ڏينهن
مخدوم صاحب جي خدمت ۾ بيٺو هوندو هو. جيڪو به نئون
ماڻهو حضرت مخدوم صاحب جي بارگاه ۾ خدا طلبي لاءِ
ايندو هو، ته هي درويش هن جي سڃاڻپ ۽ ڏيٺ ڪرائيندو
هو ۽ مخدوم صاحب جي خدمت ۾ اهڙي فصيح زبان سان
حقيقت پيش ڪندو هو، جو انهي نو وارد ارادتمند
ڏانهن مخدوم صاحب جو توجه ڇڪجي ويندو هو. ۽ هو
بهره ور ٿيندو هو.
عثمان فقير کي بدن تي ڍڪڻ لاءِ فقط هڪ ڊگھي چادر هوندي
هئي جنهن جو اڌ ڳچيءَ ۾ ۽ اڌ هيٺ تي ڪندو هو.
هڪ دفعي ڪنهن ماڻهو سفيد ڪپڙو سوکڙي طور سندس خدمت ۾
پيش ڪيو، چيائينس ته چادر اٿم، پوءِ انهيءَ وڌيڪ
کي ڇا ڪريان. هن عرض ڪيس ته مون کان قبول ڪريو،
پوءِ کڻي ٻئي ڪنهن کي ڏي، فقير چيس ته اها ڏي وٺ
به تون وڃي ڪر ۽ انهيءَ سودي جو نفعو وٺ، پر مون
وٽان هڪدم کڻ، ڇو جو فقيرن کي ڏيڻ ۽ وٺڻ سان ڪو
واسطو ڪونه آهي.
سندس ڍڪڻ واري چادر به جيڪڏهن ضرورت کان واڌو هوندي هئي
ته انکي به ڪپي ڇڏيندو هو. ضرورت آهر ڪم آڻيندو
هو. هن زندگيءَ ۾ نذرانو يا سوکڙي قبول نه ڪئي.
(دليل الذاڪرين).
يارهين صدي جي درويشن مان آهي. (ص ص
22-23)
۱۳۶.
شيخ محمود فخري هالائي
حافظ ولي شيخ محمود ولد صديق فخريه حضرت مخدوم نوح عليه
الرحمت جي عزيزن مان شيخ فخر الدين سهروردي جي
اولاد مان هو. جنهنڪري هنکي فخريه ڪري سڏيندا هوا.
سندس چوڻ آهي ته آئون ننڍڙو هوس، جو هڪ دفعي بيمار ٿي
پيس. ان حالت ۾ حضرت مخدوم صاحب منهنجي مٿي کان
اچي بيٺا، فرمايائون ته پنهنجي پير اتر جي بجاءِ
ڏکڻ ڏانهن ڪري سمهه ته چڱو ڀلو ٿي پوين. ائين ڪيم
ته صحت حاصل ٿي وئي ۽ مخدوم صاحب مونکي پنهنجي
خلافت جو شرف بخشيو!
فرمايائين ته ننڍي هوندي جڏهن ڳالهائڻ جھڙو ٿيس، تڏهن
زبان ۾ لڪنت يعني هڪڙپائي هيم. منهنجي والده مونکي
حضرت مخدوم صاحب جي خدمت ۾ وٺي وئي، عرض ڪيائين ته
منهنجي ٻار کي زبان ۾ اٽڪ آهي، دعا ڪريوس. ان وقت
مخدوم صاحب ماني ويٺي کاڌي، پاڻ چٻاڙيل گراهه
منهنجي وات ۾ وجھي فرمايائون ته زبان جو چترو ۽
قرآن جو حافظ ۽ ولي، مرشد ۽ رياضت جو صاحب ٿيندو.
شيخ محمود کي سندس والده ننڍي هوندي ٻه نيون چادرون وٺي
ڏنيون، هن ڇا ڪيو جو اهي ٻئي فقيرن کي ڏئي پاڻ
چتين لڳل چادر ڪري ڍڪيائين. جنهن تي سندس والده
جھيڙو ڪيو ته ائين ڇو ڪئي. شيخ محمود کي ڏاڍو خيال
ٿيو ته ماءَ جي ڇو بي فرماني ڪيم! رات جو سندس
والده حضور صلي الله عليه وسلم جن کي خواب ۾ ڏٺو
ته محمود جي چتين لڳل چادر تي هٿ ڦيري رهيا هوا.
جڏهن سجاڳ ٿي ته چيائين ته آئنده محمود جي مرضي،
اسانجي مرضي کان مقدم رکي ويندي ڇو ته هو درگاهه ۾
مقبول ٿيل آهي .
درويش حمزه جو وقت جو وڏو ڪامل هو. تنهن هڪ دفعي شيخ
محمود کي چيو ته الله ذاتي نالو آهي، جنهن تي شيخ
انڪار ڪندي ناراضگي جو اظهار ڪيو. آخر اهو سوال هڪ
وڏي عالم جي خدمت ۾ پيش ڪيو ويو. جنهن چيو ته شيخ
محمود ٺيڪ چوي ٿو، پوءِ درويش حمزه الله جو اسم
پاڪ جي حقيقت جو شرح گھريو، جنهن تي شيخ محمود
فرمايو ته الله جو اسم غير مسمي آهي، هڪ نالو آهي
فقط سڃاڻپ واسطي، نه هن لاءِ جزء آهي ۽ نه ڪل!
درويش ربڏني اڍيجي جو چوڻ آهي ته مان به ڪيترا سال
پهاڙن ۾ رهي رياضتون ۽ مجاهدا ڪيا، آبادي جي شڪل
به ڪانه ڏٺي هئم، فقط گاهه تي روزو کوليندو هوس.
مگر شيخ محمود فخريه پورا ٻارهن سال ڪوهستان ۾
رهي، آبادي جو منهن به ڪونه ڏٺو هوائين ۽ فقط هڪ
دفعي روزو کوليو هو.
شيخ محمود جو بيان آهي ته آئون هڪ ڇوڪري تي عاشق هوس.
پورا ٻارهن سال ننڊئي نيڻن ۾ ڪانه آئي، پر منهنجي
انهيءَ حالت تي نه اهو ڇوڪرو واقف ٿيو ۽ نه وري ٻي
ڪنهن کي پتو پيو! شريعت جو ايڏو پابند هو جو کانئس
نقل آهي ته هڪ دفعي تپ جي بيماري سبب عشا جي نماز
مڪروه وقت ۾ يعني اڌ رات کانپوءِ ادا ڪئي هئم،
انکي ڪيترا سال گذري ويا آهن، مگر انجو غم اڄ
تائين دل تان دور نٿو ٿئي، ته ڇو پوري مسنون وقت
تي ادا نه ڪيم. (دليل الذاڪرين)
هي بزرگ يارهين صدي جي عارفن مان آهي. ( ص ص
29-30)
۱۴۱
مخدوم صوبو کيبرائي
هي بزرگ مخدوم نوح هوتياڻي کيبرائي جي اولاد مان آهي ۽
حضرت مخدوم نوح هالائي جي مريدن مان آهي. هو ولي
ڪامل، ڪشف و ڪرامت جو مالڪ هو. هو هميشه بلند آواز
سان ذڪر ڪندو رهندو هو. هڪ ڏينهن کيبر جي ڳوٺ جي
ٻاهران ذڪر ڪري رهيو هو ته سندس وات مان ٿوري گڦ
وڃي گاهه تي ڪري انهيءَ گاهه کي هڪ ڍڳي کاڌو ته
هڪدم بي آرام ٿي رنڀون ڪرڻ لڳي. آخر ان کي ذبح
ڪيائون. پوءِ جنهن ماڻهو به انهيءَ ڍڳي جو گوشت
کاڌو، انجو قلب ذڪر سان جاري ٿي پيو. اٿندي ويهندي
الله الله جو نالو سندن زبان تي هو، اهو حقيقت
حضرت مخدوم نوح عليه الرحمت کي بيان ڪئي وئي ته
پاڻ فرمايائين ته جيڪو ماڻهو مخلص هوندو، تنهن ۾
ذڪر جو اثر رهندو، باقي ٻين تان لهي ويندو. آخر
ٿيو به ائين، جو ڪيترن تان پوءِ اهو اثر زائل ٿي
ويو. (ارشاد - دليل) (ص ص
39-49)
۱۴۳
عثمان متقي هالائي
هي پرهيزگار ۽ نيڪوڪار بزرگ حضرت مخدوم نوح جي مريدن
مان آهي، جنهن سموري حياتي اتقاءَ ۽ پرهيز ۾
گذاري، مهينن جا مهينا روزي ۾ رهي، ياد الاهي ۾
مشغول هوندو هو.
جواني جي زماني ۾ هو ڪنهن تمام خوبصورت عورت جي عشق
واري دام ۾ ڦاسي ويو، مگر صبر ۾ رهيو. آخر انهيءَ
عورت جو ڪنهن ٻئي جوان سان نڪاح ڪرايو ويو، جنهن
کانپوءِ هيءُ فقير ڏاڍو پريشان ۽ حيران ٿي پيو.
روئندو رڙندو هڪ درويش اهل الله جي خدمت ۾ پنهنجي
سموري ماجرا اچي بيان ڪيائين. فقير صاحب سندس حال
زار ڏسي فرمايس ته سنڌ ۾ جيترا به نازنين ۽
خوبصورت ڇوڪريون آهن، تنجي دل آئينده تنهنجي دام
ڦاٿل هوندي. پر تون ڪنهن ڏانهن به ڪونه نهاريندين،
انهيءَ لفظ جو اهو اثر نڪتو جو جٿي به خوبي ۽ حسن
وارو انسان هوندو ته فقير عثمان متقي جي خدمت ۾
پرواني وانگر ڊوڙندو هليو ايندو هو.
مگر هي صاحب الله تعاليٰ جي عبادت ۾ مشغول رهي، ڪنهن
ڏانهن اک کڻي به ڪونه نهاريندو هو. بلڪ پاڻ ٻين کي
ڌارين عورتن جي نظربازيءَ کان روڪيندو هو.
هڪ ڏينهن فقيرن جي مجلس ۾ ڳالهه نڪتي ته درويش عثمان
متقي ٻين کي ته نظربازي کان روڪي ٿو. پر سندس خدمت
۾ هيتريون زالون اچن ٿيون، انجو وٽس ڪهڙو جواب
آهي.
اتامرون الناس با البر وتنسون انفسڪم
يعني ته ماڻهن کي ته نيڪي جو حڪم ڪريو ٿا، پر پنهنجي
پاڻ کي وساريو ٿا. (قرآن)
متقي صاحب جواب ۾ فرمايو ته خبردار متان اهو هوس به دل
۾ آندو اٿو. اها ڏاڍي ڏکي واٽ آهي. بڇڙي نفس سان
جنگ جوٽڻي آهي، اتي سڀ ڪنهن سست راءِ جو ثابت رهڻ
ڏاڍو مشڪل آهي.
انهيءَ اوڙاهه ۾ پاڻکي اڇلائڻ کان بچائجو، ڇو ته اهو
جھاد اڪبر آهي.
رجعنا من الجھاد الاصغر الي الجھاد الاڪبر
جو اشارو انهيءَ نفس جي جنگ ڏانهن آهي.
نقل آهي ته املي نالي ڏاڍي حسين عورت هڪ رات هن متقي
بزرگ جي خلوت ۾ پهتي. مگر فقير هن ڏانهن ڪو توجه
نه ڪيو. محبوبه نازنين کيس ڏاڍي محبت ۽ شوق سان
تڪيندي تڪيندي بي تاب ٿي ويئي، غلبه شهوت کان
اگھاڙي ٿي، پاڻ کي فقير جي مٿان اڇلائڻ گھريائين
ٿي ته فقير هڪل ڪري چيس ته املي خبردار! فقط انهن
اکرن چوڻ سان املي مان انساني شهوت جو غلبو ته
هليو ويو پر هو پرهيز گاري ۽ پارسائي جي دنيا ۾
پهچي ويئي. ان کانپوءِ املي جي اهڙي حالت اچي ٿي
جو ننڊ رات ڏينهن سندس اکين مان اچاٽ ٿي ويئي. چون
ٿا ته برابر ڇهه مهينا املي کي ننڊ ڪانه آئي ۽ نه
وري بستري تي سمهي آرام ڪيائين.
آخر املي ڪن فقيرن جي معرفت متقي صاحب کي منٿ ڪئي ۽
ڏاڍو رني ۽ زاري ڪيائين ۽ توبه ڪائين، جنهن
کانپوءِ هڪ ڀتر کڻي املي کي ڏنائين ته هي اکين تي
گھماءِ ته ننڊ اچي ويندي، هن ائين ڪيو ته ننڊ آرام
جي ساڳي حالت مٿس طاري ٿيڻ لڳي. مگر چيائينس ته
اهو پٿر ادب سان پاڻ وٽ رکج، جو ان تي حضرت رسول
ڪريم جا قدم پهتل آهن.
عثمان متقي کي هڪ مينهن هوندي هئي، جنهن جو اوه ۽ ٿڻ ۽
پنهنجا هٿ ۽ برتن بار بار ڌوئي، پوءِ پاڻ ڏهندو
هو. پوءِ کير کي گھڻي وقت تائين ڪاڙهيندو هو.
جيستائين کير ٺري، تيستائين نفلن پڙهڻ ۾ مشغول
رهندو هو. ته ايتري ۾ صبح ٿي ويندو هو، پوءِ نفس
کي چوندو هو ته اڄ ته روزو رکون ٿا، کير سڀاڻي
پيتو ويندو. اهڙي طرح وعدا ڪندي هفتا گذري ويندا
هئس. مگر ان هوندي هن جو بدن تازو توانو بيٺو
هوندو هو. ۽ بک جي ڪري ڪو به فتور يا ڏوٻر هن ۾
ڪانه آئي ٿي. (دليل الذاڪرين)
عثمان متقي يارهين صدي جو عارف آهي ۽ هالن ۾ متقي قبيلي
وارا شايد سندس اولاد مان آهن. والله اعلم با
الصواب. (ص ص
43-44)
۱۴۶-
مخدوم امين محمد اول هالائي
حضرت مخدوم نوح عليہ الرحمة جو فرزند ۽ سندس سجاده
نشين بزرگ مخدوم امين محمد هڪ صاحب شريعت ۽ صاحب
طريقت ۽ ڪرامت هو. سندس ولادت با سعادت 5 ربيع
الاول سن 953 ۾ ٿي ۽ سندس والد بزرگ مخدوم صاحب جو
ارشاد آهي ته مخدوم امين محمد جي ولادت وقت مونکي
ڪيترن پيغمبرن جي ارواحن وٽان روحانيت جي ذريعي
مبارڪباد جا تحفا حاصل ٿيا. هن ذڪر اذڪار ۽
سهروردي طريقي جون سموريون منزلون پنهنجي والد
بزرگ جي خدمت ۾ طئي ڪيون. جڏهن سندس ڄمار 46 سالن
کي پهتي، تڏهن پنهنجي والد جي جاءِ تي سجادگي جي
مسند تي ويهي ذڪر جي تلقين ڏيڻ لڳو.
هي بزرگ ظاهر ۾ شريعت جو ايڏو پابند هو جو ڪنهن حالت ۾
شريعت جي ظاهري حڪمن جي برخلاف ڪو نه ويندو هو.
مخدوم صاحب جي حياتي ۾ مهمانن جي خدمت ۽ نگر جو سمورو
ڪم سندس سنڀال ۾ هوندو هو. هڪ دفعي ذوالحج جي عيد
ڏينهن ڪو بزرگ مهمان ٿي جماعت ۾ شريڪ ٿيڻ وارو هو.
هن بزرگ غسل ڪرڻ لاءِ واهه جي ڪناري تي دير ڪئي.
مخدوم صاحب ارشاد فرمايو ته نماز پڙهڻ ۾ جلدي نه
ڪجو جو اڄ هڪ اهل الله جماعت ۾ شريڪ ٿيڻ وارو آهي.
جڏهن هو اچي، جماعت ۾ چپ چاپ داخل ٿيو، تڏهن ارشاد
ٿيو ته هاڻي آيو آهي. نماز شروع ڪريو. عيد نماز
کان پوءِ مخدوم صاحب پڇيو ته ماڻهو ڪيڏانهن ويا
عرض ڪيو ويو ته گھرن وارا پنهنجن گھرن ڏانهن ويا،
باقي سمورن مسافرن ۽ ٻاهرين کي صاحبزاده امين محمد
گھر وٺي ويو، جتي سڀني جي مهماني ڪئي اٿس. ان تي
مخدوم صاحب 3 دفعا فرمايو ته الله تعاليٰ خير ڪريس
۽ برڪت ڏئيس!
عبدالرحيم خان خانان، جڏهن مرزا جاني بيگ جي جنگ لاءِ
سنڌ پهتو تڏهن کيس چيو ويو ته مخدوم نوح تازو وفات
ڪري ويو آهي. جيڪڏهن تون سندس معذرت لاءِ اڳ ۾
پهچندين ته تنهنجي فتح آهي. جيڪڏهن مرزا جاني بيگ
اڳ ۾ آيو ته پوءِ هو ڪامياب ٿيندو. جنهن تي خان
خانان تمام جلد هالن ۾ مخدوم امين محمد جي خدمت ۾
پهچي عذر خواهي ۽ سنڌ جي فتح لاءِ دعا گھري ۽
دربار اڪبري جون تمام گھڻيون سوکڙيون پيش ڪيون ۽
سنڌ فتح کان ڪرڻ پوءِ اڪبر بادشاه پاران جاگيرن جي
عطيه جون هڪ پروانو به پيش ڪيو.
مخدوم امين شريعت جو تمام گھڻو پابند هو ۽ هميشه مريدن
۽ دوستن کي حلال کاڌي جو تاڪيد فرمائيندو هو.
|