هي ضلعو سنڌ جي ٻين علائقن جيان سنڌو درياهه سان لڳ واقع آهي.
۽ هتي جي زمين تراکڙي، لٽاسي آهي. هتي ڪوبه جبل نه
آهي. زراعت گھڻو ٻوڏ جي پاڻيءَ تي ٿئي ٿي. زراعت
سنڌوءَ مان نارن وسيلي ڇڪي آندل پاڻيءَ تي ڪئي وڃي
ٿي، جڏهن ته ڪجھ علائقو درياهي ٻوڏ تي پڻ آباد ٿئي
ٿو. هتي ڪيترائي ننڍا وڏا ٻيلا به آهن، ۽ واهن
ڪڙين ڪسين جي ڪنارن تي چڱي انگ ۾ وڻ پوکيل آهي. هن
ڊويزن جي گھڻي زمين وارياسي ۽ ڪڙمت جوڳي نه آهي،
جنهن ۾ جھنگ جي ٻوڙن سان ڍڪيل زمين به شامل آهي ۽
اها ساڳي صورتحال ميرپورخاص تعلقي سان پڻ آهي،
جنهن جو سرحدون ٿرپارڪر ضلعي سان لڳن ٿيون. هالا ۾
سنڌو درياهه مان نڪرندڙ گھارا يا شاخون چار آهن،
جن ۾ راڻا، ڀاڻوٽ، محمودا ۽ ڳاهوٽ شامل آهن.
هالا ضلعي جي آبهوا، ڪنهن به حالت ۾ حيدرآباد ڪليڪٽوريٽ
کان جدا ڏسڻ ۾ نٿي اچي. هتي رڳو ٻه موسمون، گرمي ۽
سيارو شمار ۾ اچن ٿيون. گرميون اپريل کان شروع ٿي
نومبر ۾ پڄاڻي کي پهچن ٿيون. جڏهن ته رهيل حصي کي
سيارو چيو وڃي ٿو. هالا ۾ عام طور تي گرميءَ جو
درجو نوي ڊگريون ۽ روزانو گھٽ ۾ گھٽ اوڻهتر ڊگريون
رهي ٿو. هتي ساليانو پنجن کان ڇهن انچن تائين
برسات وسي ٿي. جڏهن ته ٻوڏ واري موسم ۾، خاص ڪري
آڪٽوبر ڊسمبر ۾، ماڻهو هلڪي ٻَري (تَپ) ۾ ورتل
هوندا آهن. هتي 1865ع ۾ ڪالرا مُنهن ڪڍيو هو ۽
تازو هاڻي ٻيهر 1869ع ۾ ڪالرا جا مريض پڻ ڏٺا ويا
آهن.
هالا جو سڄو ضلعو ميداني علائقي تي مشتمل آهي، پر
ڪٿي ڪٿي زمين ڪلراٺي ۽ لوڻياٺي به آهي، جڏهن ته
اڪثر زمين لٽياسي يا وارياسي آهي. هتي زمين جا چار
قسم ليکيا وڃن ٿا:
ڊسڙ، پڪي، وارياسي، ۽ ڪلراٺي.
هالا ضلعي جي جانورن ۾ لومڙ، گدڙ، بگھڙ، سوئر ۽ ڦاڙها
آهن. جڏهن ته پکين ۾ آڙيون، بدڪون، پاريهل، ڪبوتر،
ڪوئل، ڪانو، ڪٻرون، ۽ چٻون شامل آهن. نانگن جا
انيڪ قسم ته جتي ڪٿي ڏسڻ ۾ پيا ايندا. جڏهن ته
گھريلو جانورن ۾ گھوڙو، اُٺ، ڍڳو، گڏهه، مينهن، رڍ
۽ ٻڪري شامل آهي.
هالا ضلعي جي پيداوار ۾ جوار، ٻاجھري، ڪپهه شامل آهي.
جڏهن ته ڪڻڪ، مڪئي، تماڪ، اناج، چانور، ڄامڀو،
ڪمند، مَٽر ۽ سرهن پڻ گھڻي پکيڙ ۾ پوکي وڃي ٿي.
هالا ضلعي ۾ ٻيلن ۾ جکري، مٽياري، سيکاٽ، کيبراڻي،
کانوٽ، راڻو، نور ڪيٽي، ڀاڻوٽ، ڪيٽي شامل آهن.
جنهن ۾ ٻٻر، ديويون، نم، ٻيريون، گھڻيون ٿين. ٻيلي
کاتي موجب هالا ضلعي جي چاليهه چورس ميلن تي ٻيلا
پکڙيل آهن. هتي ٻٻر به سٺو ٿئي ٿو، جيڪو ٻاڦ تي
هلندڙ ٻيڙن ۾ استعمال ٿئي ٿو. اُهو ڪاٺ واڍڪي ڪم ۾
ڪارائتو آهي. هن جو ڇوڏو، لاک ۽ پن رنگائي ڪم ۾ ڪم
اچن، ۽ ٽاريون جانورن جي چاري ۾ واپرائجن ٿيون.
واهن يا ڍنڍن مان ڄرڪو، کڳو، گوج مڇيون ماريون وڃن
ٿيون. هتان گھڻي انگ ۾ مڇي ماري وڃي ٿي، ڍنڍن ۾
نَڪُر، ڳاهوٽ، ڪولاب محمودا، ڍنڍ کيبراڻي، ڪُن
دارو (يا کنڊو) ڊُٻا شامل آهي، جڏهن ته سنڌو
درياهه مان پلو ماريو وڃي ٿو.
هتي جي ماڻهن جا ويس وڳا، سنڌ جي اڪثر علائقن جي ماڻهن،
خاص ڪري وچولي سنڌ جي ماڻهن جھڙا آهن. مسلمان
پٽڪو، سُٿڻ ۽ پهراڻ گھڻو پائين ٿا. جڏهن ته هندو
پڳڙي، انگرکو ۽ ڌوتي پائين ٿا.
هالا ضلعي ۾ ٿيندڙ ڏوهن ۾ گھڻو ڪري مال جي چوري ۽ کاٽ
هڻڻ شامل آهي. 1872ع کان 1874ع تائين ٽن سالن
دوران ڪُل ايڪيهه ماڻهو - عورتون توڙي مرد - قتل
ڪيا ويا. جڏهن ته 928 ماڻهو زخمي ٿيا. چوريون هڪ
هزار چيون، جن ۾ گھڻو ڪري مال جي چوري شامل آهي.
کاٽ جون وارداتون 256 ٿيون ۽ ڦرون پنج ٿيون، جڏهن
ته ٻيا ڏوهه 1786 ٿيا.
ضلعي جو محصول ۽ عدالتي نظام سنڌ جي ٻين ڊپٽي ڪليڪٽوريٽ
جيان ساڳيو آهي. ڊپٽي ڪليڪٽر کي مڪمل طور تي محصول
۽ مئجسٽريٽ جون ذميواريون عطا ٿيل آهن. هالا جي
چئن تعلقن جا مختيار ڪار هن جي ما تحت آهن. اُهي
مقامي محصول آفيسر آهن. جن کي هڪ سو کان ٻه سو
روپيا ماهوار پگھار ڏني وڃي ٿي ۽ ڇهه منشي توڙي
پٽيوالا به رکيل آهن، جيڪي ضلعي مان سرڪاري
وصوليون ڪن ٿا. مليل اختيارين هيٺ پنهنجي حد ۾
مئجسٽريٽ جو ذميواريون نڀائين ٿا. مختيارڪار جي
ماتحت هر تپي تي هڪ تپيدار مقرر ٿيل آهي، جن جو
انگ چوويهه آهي. تپيدارن جي ماهوار پگھار پندرنهن
کان ويهه روپيا آهي.
هالا، سعيد آباد، مٽياري، شهدادپور، ٽنڊو الهيار،
ٽنڊو آدم، نصرپور، ميرپور ۽ گورچاڻي ۾ ڍڪ به آهن،
جيڪي ڍڪ منشي جي هٿ وس آهي. اُهي مئجسٽريٽ جي
اختيارن وارن آفيسرن هيٺ ڪم ڪن ٿا.
سڄي هالا ضلعي ۾ هڪڙي سول ڪورٽ آهي. جنهن جو هيڊ ڪوارٽر
هالا شهر ۾ قائم آهي. ڪورٽ ۾ مقامي ماتحت جج مقرر
ٿيل آهي، جنهن کي اڳي منصف چئبو هو. هالا ضلعي ۾
مقرر ڪيل پوليس جو انگ 164 آهي، اهڙي ريت 1029
ماڻهن پويان هڪڙو هٿيار بند پوليس وارو مقرر ٿيل
آهي ۽ ٽيتاليهه گھوڙي سوار آهن. هٿيار بند ۽ بغير
هٿيار بند چوهتر سپاهي آهن، ۽ ميونسپل پوليس
ستيتاليهه ڄڻن تي مشتمل آهي.
هالا ڊپٽي ڪليڪٽوريٽ مان اُڳڙجندڙ محصول گھڻو ڪري
ڍل، آبڪاري، شراب ۽ آفيم، اسٽيمپ، لوڻ، ٽپال گھر،
آمدني ۽ سرٽيفڪيٽ ٽيڪس، ڏنڊ ۽ رجسٽريشن فيس مان
وصولي ٿئي ٿو. 74_1873ع دوران وصول ٿيل آمدني
369704 رپيا هئي.
هالا ضلعي ۾ نَوَ ميونسپل ادارا آهن. سڀ کان پهرين
ٽنڊوالهيار ۾ 1856ع ۾ ميونسپل قائم ڪئي وئي.
ميونسپلن جي محصول جي وصولي گھڻو ڪري:
در آمدي مال، لائسنس، ڍڪ، ڏنڊ وغيره مان ٿئي ٿي.
وصول ٿيل پئسو گھڻو ڪري پوليس، عوامي ڀلائي جي
ڪمن، اسڪالرشپ، ۽ تعليمي ادارن کي ڏنو وڃي ٿو.
ميونسپالٽين ۾ ٽنڊوالهيار (جولاءِ 1856ع)، نصرپور
(1860ع)، ٽنڊو آدم (جنوري 1860ع) ، هالا (پهرين
مئي 1860ع)، ميرپور (ڏهه آڪٽوبر 1860ع)، گھوٽاڻو
(پهرين ڊسمبر 1860ع)، مٽياري (ڏهه آڪٽوبر 1868ع)،
شهدادپور ( ڏهه آڪٽوبر 1868ع) ۽ کوکر (1872ع) شامل
آهن.
سڄي هالا ضلعي ۾ رڳو ٻه ڊسپينسريون آهن، جن ۾ 1860ع ۾
جڙندڙ هالا، ۽ ٻي 1862ع ۾ ٺهندڙ ٽنڊوالهيار شامل
آهي. اهي ٻئي ادارا حڪومت جي صحت کاتي جي ما تحت
آفيسرن جي انتظام هيٺ آهن، ۽ انهن ادارن جو سنڌ جي
اسپتالن جو ڊپٽي سرجن جنرل سال ۾ هڪ ڀيرو دورو
ڪندو آهي.
هالا ڊسپينسري ۾، 1874ع ۾ سراسري طور روز ٻن مريضن کي
علاج لاءِ داخل ڪيو ويندو هو ۽ ويهن مريضن جو علاج
ڪري کين گھر ڀيڙو ڪبو هو. جڏهن ته ٽنڊوالهيار
ڊسپينسري ۾ ساڳئي سال روز ٻن مريضن کي داخل ڪبو هو
۽ سترهن جو علاج ڪيو ويندو هو.
1865ع ۽ 1869ع ۾ هن ڊويزن ۾ ڪالرا جا ڪجھ ڪيس ٿيا.
سياري ۾ ٻِيڙَ ٻَري جو قسم ۽ گرميءَ ۾ چمڙيءَ جو
بيماريون عام ڏسجن ٿيون.
سڄي ضلعي ۾ ڪوبه جيل نه آهي، پر هر هڪ مختيارڪار جي هيڊ
ڪوارٽر اسٽيشن واري شهر ۾ لاڪ اپ يا ماتحت ٿاڻا
قائم آهن، جتي عدالتن ۾ پيش نه ٿي سگھندڙ ملزمن کي
عارضي طور تي قيد ڪبو آهي، ۽ اُتي مهيني جي سزا
کاڌل ڏوهارين کي قيد ڪيو ويندو آهي ..... ويهه
سرڪاري اسڪول موجود آهن، جنهن ۾ 840 شاگرد پڙهندڙ
آهن. مقامي ٻولين جا يارهن اسڪول آهن، جن ۾ 120
استاد تعليم ڏين ٿا.
هالا ضلعي ۾ زرعي موسمون: خريف، ربي، ۽ پيشراس جي نالي
سان مشهور آهن، انهن ۾ مختلف فصل ڪاهيا ويندا آهن،
جن ۾ جوار، ٻاجھري، تِر، چانور، ڪپهه، چڻا، تماڪ،
ڇانهيون، هنداڻا، ڪڻڪ، مڪئي، ڄامڀو، مٽر،
چڻا،بصر،ڪمند ۽ ڀنگ شامل آهي ..... در آمد ۽ بر
آمد گھڻو ڪري زراعت ۽ واپار سان جڙيل آهي. در آمد
ٿيندڙ شين ۾ جوار، ٻاجھري، ڪپهه ۽ تر شامل آهن،
جنهن جي قيمت ساليانو ٻارهن لک روپيا آهي. ٻين
برآمد ٿيندڙ شين ۾ ريشم، ڪپڙو ۽ عاج شامل آهن. در
آمد ٿيندڙ شين ۾ چانور، ڄامڀو، عاج، مٽيءَ جا
ٿانوَ، ڳُڙ، کنڊ، گيهه، کجيون ۽ ڪپڙو شامل آهن.
هالا ضلعي جي ٺهيل مکيه شي سوسي يا کيس آهي، جيڪا
ساليانو ڇهن هزار روپين جي ٺاهي وڃي ٿي. اُها
سُٿڻ، قميص ۽ پهراڻ ۾ واپرائجي ٿي، سوسي يا کيس
گھڻو ڪري هالا نئون ۽ نصرپور ۾ جڙي ٿي، پر سُٺي
سوسي نصرپور ۾ ٺهي ٿي. هالا ضلعو ڪجھ ٻين اهم
ٺهندڙ شين ڪري به گھڻو مشهور آهي، جن ۾ ڪاشيءَ جا
ٿانوَ، چوڪا، پاٽيون، پليٽون، گھگھيون، جنڊيءَ جو
ڪم، گلدان، ۽ ٻيون شيون شامل آهن. هتي اها ڳالهه
به ڄاڻائڻ ضروري آهي ته ڪراچي ۾ ڊسمبر 1869ع ۾
منعقد ٿيندڙ صنعتي نمائش ۾ هالا جي پورهيتن کي
پنهنجي ٺاهيل شين تي جھجھا انعام مليا هئا.
هالا ضلعي ۾ مختلف وقتن ۽ جڳهين تي ساليانو ٻاويهه ميلا
لڳن ٿا، جن مان ڪجھ ڇهه ماهي، ڪي ساليانا ته ڪي
ماهوار به آهن. لڳندڙ ميلن ۾ اُڏيرو لعل، مخدوم
نوح، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، پير بلالي، رڪن شاهه،
هاشم شاهه، شيخ طاهر، نوح هوٿياڻي، قائمن شاهه،
محمد شاهه، پير فيروز شاهه، مشائخ هوٿي، پير
ڪينسرو، شيخ مموسو ۽ پير وهيو شامل آهن.
ضلعي ۾ رڳو ڇهه سو ميلن تي رستا ٺهيل آهن، پر منجھانئن
هڪڙو به پڪو يا ڏامر وارو رستو نه آهي، انهن مان
ڪجھ رستن تي پليون به ٺهيل آهن ...... هتي پنج
مکيه آفيسون ۽ ٻه ذيلي آفيسون آهن، جيڪي هالا،
ٽنڊو آدم، گدو بندر ۽ ٽنڊوالهيار ۾ قائم آهن.
ٽپالي خطن پٽن کي هالا کان شهدادپور ۽ هالا کان
مانجھند تائين، هالا کان ٽنڊوآدم ۽ مٽياري کان شيخ
طاهر تائين سنڌو درياهه وسيلي ٻيڙين يا پيادا
پهچائين ٿا. هوڏانهن کيبراڻي، ڪامل لغاري، لانڍي
کيسانو، لانڍي خاناهه، جمن ٿيٻو ۽ ميون وهيو ۾ ڌر
مشالا ٺهيل آهن. هوڏانهن هالا ڪليڪٽوريٽ ۾ سترهن
پتڻ آهن، جيڪي سرفراز واهه، نصير واهه، سانگرو
واهه، گھلو واهه، گنج بحر، شاهه واهه ۽ لوهاڻو تي
ٺهيل آهن ...... سرڪاري اليڪٽرڪ ٽيليگراف لائين
حيدرآباد کان عمرڪوٽ ويندڙ ٽنڊوآدم وسيلي ۽ وري
ٻيهر حيدرآباد کان روهڙي ڏکڻ کان اتر تائين، هالا
ضلعي جي ڏاکڻي حصي مان لنگھي ٿي، پر هالا ضلعي ۾
ڪنهن به هنڌ ٽيليگراف اسٽيشن نه آهي.
هن ڊويزن ۾ ڪيتريون ئي اهم تاريخي جايون، پنهنجي
انفرادي قدامت جي خيال کان، يا تعميراتي اڏاوت جي
خوبيءَ ڪارڻ ڌيان ڏيڻ جوڳيون آهن. انهن ۾ سڀ کان
آڳاٽو قديم ماڳ برهمڻ آباد آهي. هالا کان ٻن ميلن
جي مفاصلي تي خدا آباد جو شهر آهي، جيڪو ڪنهن دور
۾ ٽالپر ۽ ڪلهوڙا حڪمرانن جو وڻندڙ شهر هو. گڏو گڏ
هتي تراکڙي سنئين پٽ تي ڪيترائي قبا ۽ مزارون پڻ
ٺهيل آهن. ٿارنٽن موجب اهو اٽڪل سٺ سال اڳي ڏاڍو
وڏو شهر هوندو هو، جيڪو حيدرآباد جي پکيڙ ۽ آبادي
کان به ٻيڻو هو، پر وقت جا هاڃا، جو 1844ع تائين
اُتي ڪوبه ماڻهو رهندڙ نه هو. اُتي فتح علي خان جو
مقبرو ڌيان جوڳو آهي. جيڪو سُٺيءَ حالت ۾ آهي. چيو
وڃي ٿو ته اهو هڪ سو سال اڳ ٺهرايو ويو هو. مقبري
جي پيڙهه پٿريلي آهي، پر اوساري پڪين سرن جي کنيل
آهي. هالا تعلقي ۾ اڏيرو لعل ۾ هڪ مقبرو آهي، جتي
ساليانو هندوئن جا ڪيترائي ميلا لڳن ٿا. تنهن بابت
چيو وڃي ٿو ته اهو پنج سو سال پراڻو آهي. اهو
هينئر به سٺيءَ حالت ۾ آهي. ٽنڊوالهيار ۾ ڪامڙو جي
ماڳ تي چار مقبرا آهن، جن مان ٻه پير محمد اشرف جي
نالي پويان سڏجن ٿا، جيڪي چاليهه سال اڳ جوڙايا
ويا هئا. جڏهن ته ٻيا ٻه مقبرا پاڪ سنگھار جا آهن،
۽ ڀائنجي ٿو ته ٻاونجهاهه سال اڳ کڙا ڪيا ويا هئا.
مقبرن جي پيڙهه پٿر جي آهي، ۽ باقي اوساري پڪين
سرن سان کنيل ۽ منجھس چٽسالي جو ڪم ٿيل آهي. اهي
سٺيءَ حالت ۾ آهن. ٽنڊي الهيار تعلقي ۾ ميون وهيو
جو مقبرو پڻ آهي، جيڪو سٺ سال اڳ ٺهرايو ويو هو ۽
اڃان سٺي حالت ۾ آهي. ٻين مقبرن جيان ان ۾ پڻ
پڪيون سرون ۽ پيڙهه پٿر جي استعمال ڪيل آهي.
هالا ڊپٽي ڪليڪٽوريٽ جي هالا تعلقي ۾ ڇهه تپا، ۽ ستر
ڳوٺ شامل آهن، جنهن جي ايراضي 524 چورس ميل آهي، ۽
آبادي 78237 ماڻهن تي مشتمل آهي. اُتان 74_1873ع
دوران 134674 روپيا سرڪاري محصول وصول ٿيو.
هالا پراڻو
هالا پراڻو، هالا تعلقي جو شهر آهي، جيڪو نئين هالا کان
اُتر ۾ ٻه ميل پري، وڏي ڍنڍ جي ڪناري تي واقع آهي.
شهر کي رڳو نئين هالا ۽ کاڻوٽ جو رستو آهي. اُتي
تپيدار جو هيڊ ڪوارٽر اسٽيشن ۽ هڪڙو سرڪاري
ورنيڪيولر اسڪول به قائم آهي. شهر جي آبادي -
مسلمان توڙي هندو - 2467 ماڻهن تي ٻڌل آهي. آبادي
۾ ميمڻ، گراڻا، شاهاڻي، هالاري، لوهاڻا، سيهلاس ۽
کتري شامل آهن، جن جو ڌنڌو گھڻو ڪري زراعت آهي. هن
شهر بابت چيو وڃي ٿو، ته اهو سنڌ تي سمن جي
حڪمرانيءَ دوران 1422ع (800 هجري) ۾ ٺهيو هو، پر
پوءِ سنڌو درياهه پائڻ ڪري 1800ع ۾ ڦٽي ويو.
هالا نئون
هالا نئون، جنهن کي اڳ ۾ مرتضيٰ آباد چئبو هو، سو
هالا تعلقي جو مکيه شهر آهي، ۽ 25.45 اُتر ويڪرائي
ڦاڪ ۽ 68.28 اوڀر ڊگھائي ڦاڪ تي موجود آهي. شهر
ڀرسان علي گنج واهه وهي ٿو ۽ اهو حيدرآباد کان
ڇٽيهه ميل مفاصلي تي واقع آهي.
هالا جا مختلف شهرن سان رابطي لاءِ ڪيترائي رستا ٺهيل
آهن. اهو حيدرآباد کان روهڙي ڏانهن ويندڙ نيشنل
هاءِ وي روڊ سميت گھوٽاڻا، ڀٽ شاهه، پراڻي هالا،
اڏيرو لال، شهدادپور ۽ ٽنڊو آدم ڏانهن ويندڙ رستن
سان ڳنڍيل آهي. شهر ۾ ڪيتريون ئي سرڪاري جڳهون: جيئن ڊپٽي ڪليڪٽر جو بنگلو، جنهن جي ڀرسان هڪڙو سهڻو
باغ آهي. ماتحت جج جي درٻار، مختيارڪار جو ديرو،
هڪ ڊسپينسري، مسافر خانو، ڌرمشالا، گورنمينٽ
ورنيوڪيلر ۽ ڇوڪرين جا اسڪول، ڍڪ ۽ پوليس لائين
ٺهيل آهن. هالا ۾ ميونسپالٽي پڻ آهي، جيڪا مئي
1860ع ۾ ٺهي هئي، هتان 74_1873ع ۾ حاصل ٿيندڙ
ساليانو محصول 2756 روپيا رهيو. ۽ خرچ 2646 روپيا
آيو. ڪُل آدمشماري 4096 ماڻهن تي مشتمل آهي، جن ۾
2646 مسلمان ۽ 1234 هندو شامل آهن. هتي گھڻو ڪري
ميمڻ برادري رهي ٿي. ماڻهن جو ڌنڌو گھڻو ڪري زراعت
سان ڳنڍيل آهي. جڏهن ته هندو، لوهاڻا ۽ ٻاپڙا
واپاري آهن.
هالا ۾ رهندڙ مکيه معزز ماڻهن ۾ مخدوم ۽ قاضي شامل آهن.
تنهن مان ميان مخدوم اميد محمد سڀني کا وڌيڪ مشهور
۽ مکيه آهي. هالا جو مکيه واپار اناج جھڙوڪ:
ٻاجھري، جوار، ڪڻڪ، گيهه، ڪپهه ۽ کنڊ آهي. جنهن جي
قيمت ساليانو اوڻيتاليهه هزار ٿئي ٿي ....... هالا
نئون ٿانون، ڪاشيءَ، کاڌيءَ، ۽ جنڊي جي ڪم ڪري
مشهور آهي. هتي جيڪي کاڌي پيتي ۾ واپرائيندڙ سُٺا
ٿانوَ ٺاهيا وڃن ٿا، تن لاءِ مٽي سنڌو نديءَ مان
ڪڍي وڃي ٿي.
نئون هالا مخدوم مير محمد 1800ع ۾ ٺهرايو هو، تنهن کان
پوءِ پراڻا هالا ٺهيو، جيڪو هن کان رڳو ٻه ميلن جي
مفاصلي تي آهي، جنهن کي انهيءَ دور ۾ سنڌو درياهه
جي پائڻ جو جوکو هو ......... هتي جي قديم آثارن ۾
ٻه مزارون ۽ هڪڙي مسجد شامل آهي، جيڪي مخدوم امين
محمد جي ملڪيت آهن. اُهي مزارون مشهور بزرگ مخدوم
نوح جي اعزاز ۾ ٺهرايون ويون، جيڪو 1505ع ۾ پيدا
ٿيو، ۽ ستاسي سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو،
هن جي عقيدت طور سال ۾ ٻه ڀيرا مٿس ميلو لڳندو
آهي، ته سڄي سنڌ مان ماڻهو پير جي عقيدت ۾ اچي هتي
ڪٺا ٿيندا آهن. چيو وڃي ٿو، ته هن جي مزار سنڌو
درياهه جي پائڻ ڪري ٻه ڀيرا هٽائي ٺاهي وئي، پر
هاڻي سندس آخري آرام گاهه نئين هالا ۾ قائم آهي،
جتي کيس ٻيهر 1779ع ۾ ڍڪيو ويو. هن جي پيڙهه جو
پٿر مخدوم محمد زمان 1795ع ۾ رکيو هو، ۽ هڪڙو
چبوترو ساڳي سال مير فتح علي خان ٽالپر ٺهرايو هو.
مقبري جي اُتر ۾ جيڪا مسجد آهي، سا مير ڪرم علي خان
ٽالپر ٺهرائي هئي، ۽ مزار سان لاڳاپيل جايون اٽڪل
1810ع ۾ مخدوم پِنيو لڌو طرفان ٺهرايون ويون
هيون. جھرندڙ مزارن جي ڪجھ عرصو اڳ ٻه هزار روپين
جي لاڳت سان مرمت ڪرائي وئي، جنهن مان اڌ رقم
برطانوي حڪومت ادا ڪئي، ۽ باقي حصو مزار جي متولي
امين محمد ادا ڪيو.
ڀٽ شاهه
ڀٽ شاهه، هالا ڊپٽي ڪليڪٽوريٽ جو شهر آهي، جيڪو هالا
کان چار ميل اوڀر ۾ واقع آهي. شهر رستن وسيلي ٽنڊي
آدم ۽ هالا سان ڳنڍيل آهي. هتي ڪوبه سرڪاري آفيسر
نٿو رهي. جڏهن ته ڀٽ شاهه جي تپيدار جو دير کنڊو ۾
واقع آهي. شهر جي ابادي 1640 ماڻهن تي مشتمل آهي،
پر هندو ۽ مسلمانن جي صحيح انگ جي ڄاڻ نه آهي.
علائقي جي واپار ۾ گھڻو ڪري چانور، جوار، ٻاجھري،
ڪپهه ۽ گيهه شامل آهي. هن شهر جو مکيه معزز ماڻهو
پير ميان الله بخش آهي. جنهن جي رهائش به هتي آهي.
هتي ساليانو ميلو به لڳندو آهي، جنهن ۾ اٽڪل چار
هزار ماڻهو شريڪ ٿين ٿا. اهو شاهه عبداللطيف جو
شان آهي، جنهن هن شهر جو بنياد 1727ع ڌاري وڌو هو.
گھوٽاڻا
گھوٽاڻا، هالا ضلعي جي هالا تعلقي جو هڪڙو ڳوٺ
آهي، جيڪو گھارا محمود واهه لڳ ۽ هالا کان ڏکڻ ۾
رڳو چئن ميلن جي مفاصلي تي واقع آهي. هي هالا ۽
ٽنڊو آدم سان رستن وسيلي ڳنڍيل آهي. هتي ڪو به
مکيه سرڪاري آفيسر نٿو رهي، ۽ نه ئي ان لاءِ ڪا
سرڪاري جڳهه آهي، پوءِ به هتي پوليس لانڍي سميت
هڪڙو ڌرم شالا پڻ آهي، جيڪو 1872ع ۾ جوڙايو ويو
هو. ڳوٺ ۾ ميونسپالٽي آهي، جيڪا ڊسمبر 1860ع ۾ ٺهي
هئي. هن علائقي مان
1873-74ع ۾ وصول ٿيندڙ محصول 1465 رپيا هو. ماڻهن جي آبادي 953 ڄڻن تي
مشتمل آهي، جنهن ۾ 553 مسلمان ۽ 341 هندو شامل
آهن. شهر سنڌو درياهه کان رڳو ٻن ميلن جي مفاصلي
تي واقع آهي، اتي هڪڙو گودام آهي، جتي شڪارپور،
ٽنڊو آدم، ٽنڊوالهيار وغيره شهرن کان پتڻ وسيلي
ايندڙ اناج، ڪپهه، تيل، ۽ ٻيون شيون گڏ ڪيو
وينديون آهن.
[ هي مواد حسين بادشاه جي سهيڙيل ڪتاب ”حيدرآباد جي تاريخ“
(صفحو نمبر 348 کان 354 ۽ 357 کان 358 تائين) مان
ورتو ويو آهي.]
هالا جو سيرُ
ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي
[محترم ڀيرومل مهرچنداڻي صاحب سنڌ جو سيلاني نالي ڪتاب لکيو هو.
جنهن مان هالا جو ذڪر هيٺ پيش ڪجي ٿو. ياد رهي ته
هي مواد حسين بادشاه جي سهيڙيل ڪتاب ”حيدرآباد جي
تاريخ“، روشني پبليڪيشن تان ڪوريو ويو آهي.]
هالا
مسلمانن جي هڪ ذات جو نالو ”هالا“ آهي،
جنهن تان هالن جي شهر تي نالو پيو آهي. هالن جا
شهر ٻه آهن:
هڪ هالا پراڻا، ٻيو هالا نوان، جن جي وچ ۾ مفاصلو
رڳو ڪوهه کن جو آهي. پراڻن هالن جو شهر سمن جي
صاحبيءَ ۾ 1422ع ڌاري ٻَڌو، پر پوءِ درياهه شاهه
جي دڙڪن ماڻهن کي مُنجھايو ۽ ڪيترن پنهنجا اصلوڪا
ڇنا ڇڏي وڃي نوان پَٽَ وسايا. نون هالن جي شهر جو
اصلوڪو نالو مرتضيٰ آباد هو. اهو نئون شهر ارڙهين
صديءَ ۾ مخدوم مير محمد ٻڌايو هو، جنهن جو مقبرو
اڄ تائين اُتي آهي. نون هالن ۾ مخدوم نوح جي به
درگاهه آهي. انهيءَ درگاهه ۾ جيڪي لکيتون آهن، تن
مان هڪ وڏيءَ لکيت مان معلوم ٿو ٿئي ته اهو مقبرو
مخدوم محمد زمان جوڙايو هو. اهو مقبرو 1790ع ۾
ٺهيو ۽ اُن جي مٿان ساڳئي سال ۾ فتح علي خان ٽالپر
قُبو اَڏايو هو. مخدوم مير محمد جو مقبرو به فتح
علي ٽالپر جو اڏايل آهي. ٻنهي مقبرن جي ويجھو مسجد
آهي، جيڪا ڪرم علي خان ٽالپر جي جوڙايل آهي. هتي
ٽالپرن ڇو هي خرچ ڪيا آهن، سو هن ڪري جو مخدوم نوح
سنڌ جي هاڪارن درويشن مان هڪڙو آهي. حقيقت ڪري سنڌ
۾ ٽي مرشد ليکيندا آهن:
هڪڙو مخدوم لعل شهباز قلندر سيوهاڻي، ٻيو مخدوم
نوح هالن وارو، ۽ ٽيون مخدوم بلاول باغبان تعلقي
دادوءَ وارو. هن شهر جو مخدومن جي ڪري مانُ مرتبو
مٿي آهي ۽ ڪاريگريءَ جي ڪمن هالن کي هاڪارو ڪيو
آهي، نه ته هتي ٻيو ڪجھ ڪونهي، يعني هتي ڪو اهڙو
نزاڪت ڀريو نظارو ڪونهي، جنهن جو ذڪر ڪجي:
باقي درياهه جي ڀر آهي، جنهن ڪري وڏا وڻ واٽن تي
آهن. سڄي هالن تعلقي ۾ پڪي زمين ٿوري آهي:
باقي دسڙ، وارياسي ۽ ڪلراٺي گھڻي آهي.
هالن جو شهر ڪاشيءَ جي سامان ۽ جنڊيءَ جي
ڪم ڪري گھڻو هاڪارو آهي. حقيقت ۾ عاليشان هندورا ۽
پلنگ ۽ سهڻا گنج، جن تي مينا ڪاري ٿيل هوندي آهي،
سي کاڻوٽ تعلقي هالا ۾ ٺهندا آهن؛ پر اهو سڀ هالن
جو سامان سڏبو آهي. هالن جو ڪاشيءَ جو سامان
يوروپي ماڻهو دل ڪري وٺندا آهن؛ پر سنڌي ماڻهن ۾
اُن جو اهڙو قدر ڪونهي، جهڙو هئڻ گھرجي.
هالن ۾ سوسيون ۽ چيڪ به ٺهندا آهن. هالن
جي چيڪن جو ذڪر هڪ ڪافيءَ ۾ آهي، تنهنڪري اُها هتي
ڏجي ٿي:
ڪافي طرز:
پاڻ ڏاڍن سان نِينهن نه لائجي.
ملڪ جي مان وڌائڻ لاءِ، ڪپڙو پايو سڀ ديس جو
نٽ شٽ کي سڀ ڏيو نيڪالي، ساديءَ هِلت هلائڻ لاءِ
هنر هزارين مُئل جياريو، هنرن زرر وٺائڻ لاءِ
ساڌو هيرانند ۽ نولراءِ، پاتا ٿي چيڪ چتائڻ لاءِ
چيڪ هالن جا ساڌُن پاتا، هنرن کي همٿائڻ لاءِ
جھڙي اسان ڪي ڪونه ڪري ڪو، ديس مان بُک مٽائڻ لاءِ
سوال ڀارت جو سُڻو سنڌواسي، ديس سان ڀال ڀلائڻ لاءِ
ڪپڙو پايو سڀ ديس جو.
هالن ڏي وڃڻ لاءِ ٽنڊي آدم يا شهدادپور اسٽيشن تي لهبو
آهي. ٽنڊي آدم کان وڃبو ته واٽ تي شاهه جي ڀِٽ
ايندي، جنهن جو ذڪر ڪيترن ڪتابن ۾ آهي، جو اُهو
ڳوٺ سهڻي لطيف ٻڌايو هو، جنهنڪري هو عام طرح ڀٽائي
گھوٽ سڏجي ٿو. شهدادپور کان هالن ڏي وڃبو ته
اُڏيري لال جو درشن سولائيءَ سان ڪري سگھبو.
جيڪڏهن ڪنهن کي دادوءَ پاسي کان هالن ڏي وڃڻو هجي
ته گوپانگ اسٽيشن تي لهي پوي، جو اُتان پنڌ رڳو
چار ڪوهه آهي؛ پر کَتڻ لانگھائو پنڌ آهي. خشڪيءَ
جي رستي هالن وڃڻ لاءِ حيدرآباد جي ڪاري ڦڙدي وٽان
مياڻي ۽ مٽياري وارورستو وٺي وڃبو آهي. هن پاسي
حيدرآباد ضلعو، نواب شاهه سان اچي ملي ٿو ۽ ٻئي
ضلعا هن پاسي اُڏيري لعل جي در جا دربان ٿي بيٺا
آهن. |