سيڪشن:تاريخ

ڪتاب:هالا جا رنگ هزار(هالا متعلق لکڻين جو مجموعو)

باب:

صفحو10

ميان عظيم خان سنڌي پڙهي، انگريزي پڙهڻ ويٺو. مئٽرڪ تائين پڙهي، ريوينيو کاتي جي نوڪريءَ ۾ 1 آڪٽوبر 1900ع تي گھڙيو. پهرين نوابشاهه ضلعي ۾ شايد ڪلارڪ هو، پوِ آهستي آهستي چڙهي 1914ع ۾ مختيار ڪار ٿيو. ان کان پوءِ کيس بمبئي ۾  1917ع ۾ ڪوآپريٽو ٽريننگ لاءِ گھرايو ويو، جتي ٽريننگ ڏيڻ کان پوءِ 1918ع ۾ کيس ڪو آپريٽو سوسائٽين جو اسسٽنٽ رجسٽرار ڪري سنڌ ۾ رکيو ويو. 1921ع ۾ سٺي  ڪم ڪار ڪري سرڪار طرفان کيس خانصاحبيءَ جو لقب مليو. 1923ع ۾ کيس خانبهادريءَ جو لقب مليو. انهيءَ کان پوءِ کيس سوسائٽين جو ڊيپوٽي رجسٽرار ڪيو ويو، جنهن عهدي تي هو 22 جنوري 1921ع کان 31 مئي 1930ع تائين رهيو. پوءِ 1934 ع ۾ وري ريوينيو کاتي ۾ ميرپورخاص جو ڪليڪٽر ڪري کيس رکيو ويو. ان کان پوءِ هو مئنيجر انڪمبرڊ اسٽيٽس ٿي رهيو. ڪجھه وقت سرڪار طرفان بمبئي ڪائونسل تي نامزد ميمبر به ٿي رهيو. نيٺ 1937ع ۾ پينشن تي لٿو. پر سرڪار کيس وري ڳوٺ سڌار هلچل جي پروپيگنڊا لاءِ 1938ع ۾ عملدار ڪري مقرر ڪيو، جنهن ڪم جي سلسلي ۾ هي سڪرنڊ تعلقي ۾ شورا ڳوٺ (کنياريون) ۾ گشت ڪندي دل جي بيهڻ ڪري 19 ڊسمبر 1938 تي وفات ڪري ويو.

خانبهادر عظيم خان زونئرن مان شادي ڪئي هئي، جتي سندس ٻه ڀينرون به شادي ڪري ڏنل هيون. کيس هڪ فرزند عنايت علي خان نالي هو، جو 1 ڊسمبر 1921ع تي، لاولد وفات ڪري ويو.

قاضي ميان عبدالواحد کي خانبهادر جي همشيره مان هڪ فرزند قاضي محمد افضل هو، جنهن کي خانبهادر عظيم خان نياڻي پرڻائي هئي، ان مان کيس هڪ پٽ ۽ ٽي نياڻيون ٿيون. هن وقت سندس ملڪيت جا اهي وارث آهن.

سنڌ جي اڪثر مصيبتن جا ڪارڻ پير، زميندار ۽ جاگيردار ۽ ڪاموري ڪلاس جا ماڻهو رهيا آهن. پيرن مان اڪثر بداخلاق، خود مطلب، غريبن جو رت چوسڻ واريون ڄرون ٿي ڪم ڪن ٿا. زميندار طبقو زياده تر بزدل، خود مطلب، ظالم ۽ هر حاڪم جو موچڙي ڪٽ غلام ٿي رهيو آهي. سنڌي ڪامورن جي ته ڳالهه ئي نه ڪجي. هو اڪثر رشوتي، طاقت جا سلامي، خود غرض، ملڪ ۽ عوام جا دشمن ۽ وڏا طوطي چشم پئي رهيا آهن – ايتري قدر جو سنڌي ۾ هيءَ عام چوڻي ٿي ويئي آهي ته ”ڪامورو نه دوست، اوجھري نه گوشت“. پر ان صحرا ۾ ڪيئي ناياب ۽ قداور درخت پيدا ٿيا، جن نه صرف ملڪ  ۽ ماڻهڻ لاءِ آسائش جو ڪم ڏنو، پر رشوت کان پري، محبتي، اديب، صاحب اخلاق ۽ مهذب ٿي گذريا آهن. اڳئين وقت جي ڪامورن ديون ڏيارام، ديوان ڪوڙومل، قادر داد خان، سردار محمد ابرهيم، سردار محمد يعقوب، ميرزا قليچ بيگ صاحب وغيره کي ڇڏي، تازي دور جي عملدارن تي اچبو، ته خانبهادر عظيم خان جو درجو منجھن وڏو ليکجڻ ۾ ايندو. هو رشوت کان پري عوام جو خادم، ڪو آپريٽو تحريڪ جو مشنري، ملڪ جو خير خواهه، مدبر، دوستي جو سچو، ڪم آزر، مهل سر ڪم ايندڙ ۽ ملڪ جي اڪثر ڀلي جي ڪمن ۾ اندروني مدد ڪندڙ هو. موجوده دور جي اڪثر سياستدان سان هن جا دوستانا تعلقات هئا. ڪو ڪانگريسي هو يا مسلم ليگي، شهري هو يا ٻاهر وارو - هر هڪ جي واتان سندس تعريف ٻڌڻ ۾ ايندي هئي. جڏهن به ڪاموري ڪلاس جي ڪافر ماجراين تي نظر پوندي آهي ته دل تي ايڏو غصو ايندو آهي، جو ڀانئجي ته انهن ڏي منهن کڻي نه نهارجي، پر خانبهادر جھڙا ماڻهو جڏهن ياد اچن ٿا ته اهو غصو گھڻو گھٽجي ويندو آهي.

مون سان سندس واقفيت 1922ع ڌاري سن ۾ ڪوآپريٽو سوسائٽيءَ جي غرض سان اچڻ وقت ٿي. جڏهن آءُ 1925ع ۾ ضلعي لوڪلبورڊ ڪراچيءَ جو وائيس پريزيڊنٽ چونڊيس ۽ ملڪ جي سياسي سماجي ۽ تعليمي ڪمن ۾ وائيس پريزيڊنٽ چونڊيس ۽ ملڪ جي سياسي، سماجي ۽ تعليمي ڪمن ۾ دلچسپي وٺڻ لڳس، ته هن زور ڪري اچي مون سان دوستانا تعلقات قائم ڪيا، ۽ اصرار ڪري، هن مون کي سنڌ پراونشل ڪوآپريٽو بئنڪ (انهن ڏينهن ۾ سنڌ سينٽرل ڪوآپريٽو بئنڪ) جو ڊائريڪٽر چونڊايو، نه صرف ايترو، پر انهيءَ بئنڪ تي ٻيا ڊائريڪٽر به منهنجي صلاح سان چونڊايائين. ان سان گڏ ملير ڪوآپريٽو سوسائٽي، حيدرآباد زمينداري بئنڪ ۽ ٻين اڪيچار ڪو آپريٽو ادارن ۽ جماعتن ۾ حصي وٺڻ لاءِ مون کي رضامند ڪيائين. اسان جي ايتري دوستي ٿي ويئي، ۽ هن جي اثر مون کي ايترو راغب ڪيو، جو ساڻس گڏ آءُ به ڪو آپريٽو تحريڪ جو مکيه ڪارڪن ٿي پيس.

سنڌ جي جدائيءَ واري تحريڪ، مسلمان جي آدمشماريءَ کي پوري لکائڻ جي ڪوشش، مسلمانن جي انگريزي اخبار جاري ڪرڻ جي تجويز، ڳوٺ سڌار تحريڪ، سڀ ۾ خانبهادر جو مخفي هٿ ڪم ڪندو هو. سنڌ جي اڪثر ڪامورن ۽ زميندارن سان سٺا تعلقات هئڻ سبب، انهن جي ذريعي ماڻهن جا اڪيچار ڪم ڪرائيندو هو. مون لاِ محبت ۽ عزت هوندي هيس ۽ مون کي به سندس لاءِ ساڳي محبت ۽ عزت هوندي هئي. هن جا سوين خط مون وٽ محفوظ آهن، جن مان پتو پئجي سگھندو ته هو ڪهڙيءَ طرح منهنجي همت افزائي ڪندڙ هو.

اڄ خانبهادر نه آهي، نه سندس اولاد مان ڪو آهي. سواءِ سندس ڀاڻيجي منور حسين جي، جو 15 سالن عمر جو ڪاليج ۾ سائنس پڙهي رهيو آهي. ليڪن سندس نالو، ناموس ۽ دوستانا لاڳاپا قائم آهن. هو کنيارين وارن بزرگن جو، قاضين جي لاڳاپي ڪري، مريد هو. مخدوم صاحب هالا، ۽ سنڌ جي جملي مکيه خاندانن سان سندس گھرا تعلقات هئا.

7. ميان عبداللطيف ولد ميان دين محمد ڀٽي (هالا پراڻه)

هن جا وڏا اصل راجپوت گھراڻي جا، جيسلمير جا ويٺل هئا. هن خاندان جو وڏو شيخ مخدوم عبدالله صاحب حضرت غوث بهاءالدين ذڪريا ملتانيءَ جي نظر عنايت ڪري، مسلمان ٿيو، ۽ رياضتون ڪري، ولايت جي درجي تي پهچي، خلافت جو خرقو حاصل ڪري، سنڌ ۾ هالا جي نزديڪ ڳوٺ ڳاهوٺ (لڳ ڀاڻوٺ) ۾ اچي سڪونت پذير ٿيو، ۽ اتي ئي وفات ڪيائين. سندس مقبرو جھنگل ۾ آهي، جتي ماڻهو ماهه پهرينءَ خميس تي زيارت لاءِ ايندا آهن. ان تائين شجرو نسب ميان عبداللطيف جو هيٺينءَ طرح آهي: ميان عبداللطيف بن ميان دين محمد بن ميان محمود بن ميان عبدالعليم بن ميان نعمت لله بن ميان عبدالحميد دوم بن ميان فتح محمد بن ميان محمد ابراهيم بن ميان محمد عمر بن مخدوم عبدالحميد بن ميان احمد دوم بن ميان فتح الله بن مخدوم احمد اول بن ميان اسحاق بن ميان محمد عمر بن ميان محمد اسماعيل بن مخدوم شيخ عبدالله.

مخدوم احمد اول پنهنجي ڀاءُ مخدوم محمد ۽ ٻئي سموري ڪٽنب سميت لڏي اچي هال ڪنڊيءَ ۾ ويٺو. ۽ 934 هه ۾ وفات ڪيائين. جڏهن هال ڪنڊيءَ کي دريا پائڻ لڳو ته سندس اولاد مان ميان نعمت الله اڳين بزرگن جا لاش لڏائي، مسجدن ۽ گھرن جو سامان کڻائي، 25 ربيع الثاني 1178هه ۾ اچي، موجوده جاين تي هالن پراڻن ۾ ويٺو، جتي سندن اولاد اڃان تائين رهندو اچي.

چوڻ ۾ اچي ٿو ته ميان دين محمد کي اولاد ڪونه ٿي ٿيو، ان ڪري شاه عبداللطيف ڀٽائي عليه الرحمت  جي مقبري تي اچي مراقبو ڪيائين. اتان کيس اشاري ۾ چيو ويو ته توکي فرزند ٿيندو، ان تي اسان جو نالو رکج. 1274هه ۾ ميان عبداللطيف تولد ٿيو، ان ئي سال ميان دين محمد وفات ڪئي. ان کان پوءِ سندس پرورش ۽ تربيت ميان محمد صالح جي ذمي رهي، جنهن کيس پارسي ۽ عربي پڙهائي.

ميان عبداللطيف طب ۽ علم جفر ۾ ڪافي دسترس رکندو هو. اڳين جي دستور موجب پساريءَ ڏي نسخو لکي ڏيندو هو. معاوضو نه وٺندو هو وٽس مريضن جا ميلا لڳا پيا هوندا هئا. دعا به ڪندو هو ۽ دوا به. نماز روزي جو پابند هو. سدائين ذڪر فڪر ۽ وضوءَ ۾ رهندو هو. هن 9 جمادالثاني بروز اربع 1337هه مطابق 8 مارچ 1919ع تي وفات ڪئي.

هن ٽي شاديون ڪيون هيون. جن مان کيس چار فرزند ٿيا. سندس وڏي فرزند جو نالو ميان دين محمد هو، جنهن کي ٻه فرزند آهن: 1 ميان محمود ، ۽ 2 ميان عبداللطيف عرف نواز احمد. ٻئي گھر مان ميان عبداللطيف کي ميان محمد فرزند ٿيو ۽ ٽئين گھر مان ميان رحمت الله ۽ ميان لطف الله ٻه فرزند ٿيس.

ميان محمد ابراهيم سندس سوٽاري سوٽ هو. ان کي ٻه فرزند ٿيا. 1. ميان محمد صالح، جواسڪولن جو ڊيوٽي انسپيڪٽر ٿي رهيو.۽ ڪيترا ڪتاب تصنيف ڪيا هئائين، جو ٿورا سال ٿيا ته وفات ڪري ويو آهي، ۽ 2. ميان نور محمد صاحب، جيڪو حيات آهي.

ميان عبداللطيف جي وڏي فرزند، ميان دين محمد، 3جمادي الثاني  1340هه مطابق 1 فيبروري 1922ع تي وفات ڪئي.

 

ڊاڪٽر محمد جمن ٽالپر

[هي مواد ڊاڪٽر محمد جمن ٽالپر جي پي ايڇ ڊي مقالي بعنوان سنڌ جا اسلامي درسگاه تان ورتو ويو آهي، جيڪو سنڌ ڪلاسڪس، صوبائي حڪره ڪميٽي ۽ سنڌ ثقافت کاتي پاران جون 1982 ۾ ڇپرايو ويو آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ سنڌ يونيورسٽي جي ايجوڪيشن فيڪلٽي ۾ پروفيسر رهيو آهي. ]

هالڪنڊي (هالا)

هالڪنڊي يا هاله ڪنڊي (هالا پراڻا) مدت کان سنڌ جو هڪ پرڳڻو شمار پئي رهيو آهي. هن وقت به تاريخي لحاظ کان خاصي شهرت رکي ٿو. هالا پراڻا ۽ هالا پراڻا ۽ هالا نوان هڪٻئي کان ٻن ميلن جي مفاصلي تي آهن. هاڻوڪو هالا نوان اول مرتضيٰ آباد سڏجڻ لڳو پر بعد ۾ ان کي به هالا چيو ويو.

        مرزا غازي بيگ جي وقت ۾ ڄام هالي جي ذڪر ۾ اچي ٿو ته هالا قوم جي وڏي ڄام هالار جو هاله ڪنڊي شهر ٻڌايل آهي.(1)

        ڄام فيروز، مرزا شاهه حسن کان شڪست کائي گجرات ڀڄي ويو. مرزا شاهه ٽن ڏينهن کان پوءِ اچي ٺٽي شهر ۾ لٿو ۽ تغلق آباد ۾ سڪونت اختيار ڪيائين. ڇهن مهينن کان پوءِ هاله ڪنڊي (هالا) جي رستي 930هه ۾ سيوستان ويو.(2)

        هن وقت هالا (هاله ڪنڊي) حيدرآباد ضلعي(3) جو هڪ تاريخي شهر آهي، جنهن پنهنجي هنج ۾ ڪيترن ئي برگزيده عالمن ۽ متبرڪ هستين کي جنم ڏنو. هتي ڪيترائي عالم ۽ فاضل، عارف ۽ زاهد، بزرگ ۽ اولياءَ الله ٿي گذريا. هي شهر نه فقط علم ادب، ديني تعليم و تربيت، اسلامي درسگاهن جو ڳڙهه تي رهيو آهي. پر خدا وارن جو آرامگاه پڻ آهي. هتي جي عالمن، فاضلن ۽ بزرگن ۽ سندن قائم ڪيل درسگاهن جو جيڪو احوال معلوم ٿيو آهي. ان جو هتي ذڪر ڪجي ٿو.

مخدوم عربي ڌياڻي جو درسگاهه

        مخدوم عربي ڌياڻو پير آسات جو ڀاءَ وڏو عارف عالم ۽ ڪمال جو صاحب هو. سندس عبادتون ۽ رياضتون بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهن. چون ٿا ته هڪ هنڌ ويهي ڪلام پاڪ جا 140 ختما ڪڍيا هئائين. سندس خانقاهه ۾ قائم ڪيل درسگاهه مان ڪيترائي طالب علم ظاهري ۽ باطني علم سان فيضياب ٿيا. مخدوم نوح رحه به کانئس ئي علم پرايو. هن سنه 980 هه ۾ وفات ڪئي ۽ هالن ۾ مدفون آهي.

        مخدوم عربي ڌياڻي جو پٽ مخدوم بايزيد به وٽس ئي ديني علم پڙهيو. هي به پيءُ وانگر ظاهري توڙي باطني علوم جو صاحب هو. پنهنجي پيءَ کان پوءِ انهي مدرسي ۾ حق ۽ هدايت جي رستي تي مستقيم رهي، طالبن کي فيض ڏيندو رهيو.

مخدوم نوح رحه

       مخدوم نوح رحه بن نعمت الله صديقي، اسلام جي ڏهين صدي هجري جو تمام وڏو بزرگ عالم ٿي گذريو آهي. سندس نسب هن ريت آهي: مخدوم نوح بن نعمت الله بن اسحاق بن شهاب الدين بن مخدوم سروري بن شيخ فخرالدين صغير بن عزالدين بن شيخ ابو بڪر ڪتابي (ڪوٽ ڪروڙ جو رهندڙ) بن شيخ اسماعيل بن شيخ عبدالله بن شيخ نصير الدين بن شيخ سراج الدين بن ابو نجيب ضياءِ الدين عبدالقادر سهر وردي رحه (جو سهروردي سلسلي جو منڍ آهي).

        مخدوم نوح رحه پاڻ عالم، عالم عارف حافظ قرآن ۽ برگزيده هستي ٿي گذريو آهي. عربي، فارسي ۽ سنڌي ٻولين تي دسترس حاصل هيس. قرآن شريف جو فارسي زبان ۾ ترجمو ڪيائين، جيڪو برصغير پاڪ وهند ۾ پهريون فارسي ترجمو آهي. قرآن شريف جي تعليم ۽ تلاوت مولانا مخدوم عربي ڌياڻي هالائي کان حاصل ڪيائين.

        مخدوم نوح رحه کي قرآن شريف جي حقيقت ۽ اسرارن تي وڏو درڪ حاصل هو. قرآن شريف سان گڏ ٻين علمن جو درس پڻ ڏيندو هو. بهاءِالدين دلقپوش سندس خاص دوستن ۽ مردين مان هو. ان جي دستخط قراڻ پاڪ جو فارسي ٻولي ۾ ترجمو هن وقت هالن ۾ موجود آهي.

        مخدوم نوح رحه، مرزا محمد باقي ترخان کان وٺي ويندي اڪبر اعظم جي سنڌ تي قبضي ٿيڻ تائين حيات هو. مغليه گورنرن مان سيد بايزيد ٺٽي جو حاڪم، مخدوم صاحب جو طالب ۽ وڏو معتقد هو. مخدوم نوح رحه وڏو عالم، فاضل زاهد ۽ پرهيزگار درويش هو. سندس نظر فيض مان ڪيترائي مريد ۽ طالب فيض حاصل ڪري ويا. مخدوم صاحب اويسي طريقي جو به بزرگ هو.

        درويش قطب، مخدوم نوح رحه جو طالب ۽ مريد هو. کانئس ظاهري توڙي باطني فيض پرايائين. هڪ رات بوبڪن ۾ به ويو جتي مخدوم جعفر سان سندس شاگردن ملاقات ڪرائي هئي. شاه خيرالله عرف شاه خير الدين سکر وارو به مخدوم نوح رحه جو شاگرد ۽ معاصر هو. مخدوم نجيم ريل وارو پڻ مخدوم صاحب جو همعصر هو.

        مخدوم نوح رحه رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جن جي سنت ۽ اتقاءِ واري زندگي جو مڪمل آئينو هو. 82 ورهين جي ڄمار ۾ 986هه ۾ وفات ڪيائين ۽ هالن ۾ مدفون آهي.

مخدوم عبدالله ڀٽي

       مخدوم عبدالله ڀٽي جو اصل نالو ارجن بن وريه هو، جنهن کي حضرت مخدوم بهاءِالدين زڪريا  ملتاني مشرف به اسلام ڪيو. هي بزرگ مسلمان ٿيڻ کان پوءِ جلد ئي پهريائين ڳاهوٽ جي ويجھو هڪ ڳوٺ ۾ اچي رهيو. پر پوءِ ڳوٺ ماڙي محمد خان لڳ پراڻي سعيدآباد جي ويجھو اچي رهيو. هي هڪ نيڪ سيرت بزرگ هو. وٽس ڪيترائي طالب ۽ مريد ايندا هئا جن وٽانئس فيض پرايو. سندس آخري آرامگاهه سعيد آباد جي ويجھو آهي. جتي مهيني جي هر پهرين خميس تي سندس معتقدن جو هجوم رهندو آهي.

        مخدوم اسحاق بن عبدالله ڀٽي 900 هجري ڌاري اسلام پور (هاله ڪنڊي) ۾ اچي رهيو، جيڪو 1779ع ۾ درياءَ برد ٿيو. پوءِ بزرگن جا نعش (خاڪ) اتان کڻي هاڻوڪن هالن پراڻن ۾ آندا ويا. انهي وقت حضرت مخدوم نوح رحه قريشي صديقي جي نعش مبارڪ کي پڻ اسلام پور مان هاڻُڪن هالن نون ۾ آندو ويو.

ڀٽين جي جامع مسجد جو مدرسو

       مخدوم اسحاق شيخ بهاءالدين زڪريا خاندان جو مريد هو، فضيلت ۽ ڪماليت ۾ بي نظير هو. پنهنجي محلي جي ڀٽين جي جامع مسجد ۾ مدرسو قائم ڪيائين. جتي قرآن، حديث ۽ فقه جي عام تعليم ڏيندو هو. مخدوم صاحب کان سندس ٻه صاحبزادا مخدوم احمد ۽ مخدوم محمد پڻ انهي ساڳئي مدرسي ۾ پڙهيا. 

        مخدوم محمد بن مخدوم اسحاق ڀٽي، ظاهري علمن جي تحصيل پنهنجي والد بزرگ کان پرائي ۽ پنهنجي پيءَ وانگر انهي ساڳئي مدرسي ۾ درس تدريس جو شغل قائم رکيو. مخدوم محمد باطني علمن جي صفائي ۾ ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر ظاهري شرع جي مخالفت سهي ڪين سگھندوهو.

        مخدوم احمد بن مخدوم اسحاق ڀٽي، وڏو ولي ۽ بزرگ عالم هميشه گوشه گمنامي ۾ گذاريندو هو. الله تعاليٰ جي ذڪر ۽ فڪر ۾ محو رهندو هو. سندس انهي مجاهدي ڪري وقت جو حاڪم ڄام نظام الدين به سندس عقيدتمند ٿي رهيو.

        مخدوم احمد هميشه پنهنجي ڀاءُ مخدوم محمد کي انهي ساڳئي مدرسي ۾ قرآن، حديث ۽ فقه جي پڙهائڻ ۾ مدد ڪندو هو. اهو سلسلو سندن پوين تائين قائم رهيو. سندن بزرگن جي اولاد مان وڏا وڏا عالم ۽ عارف، عامل ، فاضل، اديب شاعر، خدا جا نيڪ ٻانها ۽ ڪرامت جا صاحب ٿي گذريا آهن. هن خاندان جو پيشو دين اسلام جي تبليغ ڪرڻ هو. جنهن ڪري هزارين مرده دليون اسلام جي روشني سان منور ٿيون.

        مخدوم ساهڙ لنجار ڄام انڙ جي آباد ڪيل ڳوٺ انڙپور جو هڪ وڏو آزاد انسان ۽ وقت جي صالح بزرگن مان هو. پوري تعليم ۽ تربيت مخدوم نوح رحه کان حاصل ڪئي هئائين. هو سدائين عبادت الاهي ۾ مشغول رهندو. رات يا ڏينهن جي ڪابه گهڙي پاڪ پروردگار جي ذڪر کان واندو نه رهندو هو. سندس صحبت مان پڻ ڪيترائي عقيدتمند ۽ طالب فيض پرائي ويا. اتي ئي دفن ٿيل آهن.

        مخدوم عبد الرئوف بن عمر، پنهنجي وقت جو عارف، عالم ۽ ڪامل بزرگ هو ۽ پنهنجي زماني جي مشائخن ۾ ممتاز هو. هميشه پنهنجن طالبن کي پڙهائڻ، عبادت ۽ رياضت ۾ مشغول رهندو هو. ميان نور محمد وٽانئس علم جو اکر اکر سکيو ۽ ان جي تابعداري ۽ پيروي واسطي دل جان سان تيار رهندو هو. هالن جي قاضي زادي شيخ ابراهيم سندس وفات جو سنه 1166هه بيان ڪيو آهي.

        مخدوم صدر الدين راهوٺي هالا پرڳڻي جي پسگردائي ۾ جائيه ڳوٺ ۾ رهندو هو. پنهنجي مڪتب ۽ مسجد ۾ شاگردن کي ديني تعليم سان گڏ وعظ فرمائيندو هو. جنهن ۾ ڏاڍو اثر هوندو هو. سچن جي جماعت ۾ سندس ڪمالات جي يگانگي معروف آهي.

        مخدوم مراد پٽ صدر الدين راهوٺي هڪ وڏو عالم ۽ پرهيزگار شخص هوندو هو. پوري تعليم پهنجي پيءُ کان پرايائين. پاڻ به پنهنجي پيءَ وانگر پڙهائڻ ۽ وعظ جي شغل ۾ رڏل رهندو هو. حسن مقري درويش سندس همعصر هو.

(صفحو 162 کان 167)

مولانا حاجي محمد هالائي جو مدرسو محمديه

        مولوي حاجي محمد بن آخوند محمد اسماعيل بن آخوند دين محمد، ساڪن هالا پراڻا، ضلعو حيدرآباد، تاريخ 27 رمضان 1276هه ۾ تولد ٿيو. ابتدائي تعليم ۽ صرف و نحو ڪتاب مولوي خليفي حاجي عبد اللطيف ساڪن هالا نوان کان پڙهيائين. پر پاٽ (ضلعي دادو) ۾ مولانا حسن الله پاٽائي وٽ به ڪجھه وقت پڙهيو. ان کان پوِ حيدرآباد ۾ اچي مولانا محمد حسن ڪنڊوي وٽ سمورو نصاب پڙهي فارغ ٿيو ۽ اتي ئي پنهنجي استاد جي ارشاد موجب ٻه ٽي سال درس ڏيندو رهيو. ان بعد پنهنجي ڳوٺ ۾ اچي درس تدريس جو سلسلو جاري رکيائين. ربيع الاول 1309هه ۾ حج بيت الله جو سفر اختيار ڪيائين ۽ اتي مسلسل ٻارهن مهينا رهيو. انهيءَ عرصي ۾ مولانا عبد الحق الله آبادي مهاجر کان اوليات احاديث پڙهي، حديث، فقه ۽ اصول فقه جي باقاعدي سند ۽ اجازت ورتائين. سندن درسگاهه ”محمديه“ (3) اڄ تائين هالا ۾ موجود آهي.

حاجي محمد مڃيل عالم ۽ مفتي هو. حديث، فقه ۽ تصوف تي درڪ حاصل هئس. مثنوي مولانا روم ۽ مڪتوبات امام رباني تي کيس گھڻو عبور حاصل هو. تصوف جي باريڪ نڪتن تي حافظ محمد حسن سان سندس بحث مباحثو ۽ خط و ڪتابت ٿيندي رهندي هئي. مسائل فقه ۾ وري مولانا عبد الغفور همايوني سان مباحثو رهندو هو. نقشبندي طريقي ڏانهن مائل هئڻ ڪري پهريائين مولانا شيخ ولي محمد بن شيخ محمد اسحاق ملا ڪاتيار واري جو مريد ٿيو. پر ان جي وفات بعد وري مولانا حاجي عبد الرحمان سرهندي ٽکڙائي جي بيعت ڪيائين. تاريخ 2 ربيع الثاني 1336هه تي فالج جي عارضي ۾ وفات ڪيائين. سندس مزار شهر هالا پراڻا ۾ آهي. 

        مولانا حاجي محمد جون هيٺ ڄاڻايل مشهور تصنيفون آهن: (1) الفتاويٰ الحمديه في احڪام الاحمديه (عربي ٻه جلد ) (2) فتويٰ احمديه (سنڌي) (3) خلاصته الاآثار المحمديه و الاخبار الاحمديه (عربي) (4) حقوق الزوجين (سنڌي ) (5) شرح ماه احاديث (سنڌي) (6) مسائل اربعين في سنته سيدالمرسلين (7) رموزالفرقان(سنڌي) (8) المسائل الخمسته في دفع توهمات الشيعته (سنڌي) (9) تمام العناية ترجمته بدايته الهدايته (سنڌي) رساله در امور طبيه (10) حل الترڪيب منطق (عربي) (11) دوايه (عربي و سنڌي ) (12) قصه بيبي بلقيس (سنڌي) (13) ڪشف الجان (سنڌي) (14) خلاصته الاصول (15) عشرين مسائل فارسي (16) رموزالفرقان (سنڌي) (17) فيض الصمد ترجمته  ”ايهاالولد“ (سنڌي) (18) رساله در معرفته نبض و قاروره. (4)

        مولانا جي همعصرن ۾ هيٺين بزرگن جا اسماءِ گرامي قابل ذڪر آهن: (‎1) مولانا عبدالغفور همايوني مفتون (2) مولوي جاجي لعل محمد متعلوي (3) مولوي عبدالرزاق بوبڪائي (4) مولوي مفتي محمد سعدالله خيرپوري (5) مولوي عبدالرزاق مختيارپوري (6) مولانا غلام محمد ملڪاڻي (7) قاضي سيد اسدالله شاهه ٽکرائي (8) قاضي علي محمد هالائي.(5)

        سندس چند نامياري شاگردن جا نالا هي آهن: (1) مولوي حاجي عبدالرحمان سموي، نصرپور (2) مولوي  جان محمد بختيارپوري (3) مولوي حڪيم قاضي معين الدين هالائي (4) مولوي خليفو حافظ محمد هالائي (5) مولوي ميان احمد هالائي ۽ (6) حڪيم مولوي عبدالله هالائي.(6)

مدرسو محمديه، هالا پراڻا

        هن مدرسي جو باني مولانا احمد (وفات 1376هه) هالائي آهي. سندس پيءَ جو نالو مولوي محمد هالائي آهي. 7 جمادي الثاني 1326هه ۾ شهر هالا پراڻا ۾ ڄائو. پنهنجي والد وٽ قرآن شريف، فارسي ۽ عربي جو نصاب، ارڙهن سالن جي عمر ۾ ختم ڪري دستاربندي ڪيائين. دستاربندي بعد ”مدرسه محمديه“ ۾ درس ڏيڻ لڳو. سندس شاگردن مان مشهور هي آهن: مولوي محمد عرس ڏاهري ٽنڊوآدم، مولوي محمود سانوڻي هالائي، حڪيم شيخ حاجي عبدالواحد متعلوي ۽ مولوي محمد هالائي (سندس پٽ).

        مولانا احمد به پنهنجي سڄي ڄمار درس و تدريس ۾ پراڻن هالن ۾ بسر ڪئي . سندس شاگردن مان مولانا محمد صادق کڏه ڪراچي، مرحُوم دين محمد وفائي، مولوي فتح محمد سيوهائي، مرحوم عبدالقيوم بختيارپوري، مولانا عبدالرئوف بختيارپوري، مولانا حاجي عبدالله ڪٻرائي ۽ مولانا محمد سليمان ٿرڙائي جن جا نالا قابل ذڪر آهن. 15محرم 1376هه ۾ هالا پراڻا ۾ وفات ڪيائين.

(صفحو 455 کان 458 تائين

مدرسه عاليه دارالرشاد پير جھنڊو (ضلعو حيدرآباد (پر هاڻي ضلع مٽياري)

       پير رشدالله صاحب العلم الرابع کي خيال آيو ته ناظره ۽ حفظ قرآن جو درس، جيڪو پير رشيد الدين بيعت ڌڻي جو شروع ڪرايل هو، ان جي ترويج لاءِ عربي مدرسو جاري ڪجي، انهي ڪري مولانا عبيدالله سنڌي کي امروٽ شريف مان گھرائي مدرسي بابت گفتگو ڪيائين. مولانا عبيدالله سنڌي کي خود به مسلمانن جي تعليم جو گھڻو اونو رهندو هو، تنهنڪري هن مدرسي جاري ڪرڻ ۽ ان جي سنڀال ۽ انتظام جو ڪم پاڻ تي هموار ڪيو. ماهه رجب 1319يا 1901ع ۾ مدرسي جو افتتاح ٿيو ۽ نالو عربيه اسلاميه ”دارالرشاد“ رکيو ويو. مدرسي شروع ڪرڻ لاءِ پير صاحب جي خاندان جي مستورات پنهنجا سونا زيور ڏيئي مدرسي جي امداد ڪئي. ان وقت مدرسي ۾ هيٺيان معلم رکيا ويا:

1_ مولانا عبيدالله سنڌي صدر مدرس ۽ مهتمم.

2_ مولانا محمد احمداڻي لغاري. ديري غازي خان وارو مدرس ثالث.

3_ مولانا نجم الدين ڊرياله ضلعي جھلم وارو، مدرس ثاني.

4_ مولانا عبدالله لغاري سانگھڙ وارو، مدرس رابع.

5_ حافظ امين محمد متوو ڪڇي.(7)

        مولانا عبيدالله سنڌي. مدرسي ۾ تعليم ڏيڻ لاءِ مولانا محمد امير کي پنجاب مان گھرايو، پر هو اٺ ڏينهن واپس هليو ويو. اٺن سالن جي جدوجھد هيٺ هي مدرسو پنهنجي تعليمي ۽ انتظامي بهتري ڪري ايترو مشهور ٿي ويو، جو وڏا وڏا عالم پري پري کان معائني لاءِ ايندا هئا. جيئن ته شيخ الهند مولانا محمودالحسن ديوبند، مولانا شرف علي ٿانوي ۽ مولانا حافظ محمد احمد مهتمم دارالعلوم ديوبند، وغيره.

        ماهه شعبان 1327هه يا 12سيپٽمبر1910ع تي طالبن جي دستاربندي لاءِ هڪ جلسو سڏايو ويو، جنهن جي صدارت ڀوپال جي قاضي مولانا الشيخ حسين بن محسن الانصار اليماني ڪئي، جيڪو نواب سيد صديق حسن خان قنوجي ڀوپالي جو استاد هو ۽ علامه قاضي شوڪاني اليماني جو شاگرد هو. هن کي فتح الباري شرح الصحيح البخاري جا چوڏهن ئي جلد برزبان ياد هئا. انهيءَ جلسي ۾ (1) پير ضياءُ الدين شاهه ولد سيد رشدالله شاهه (2) مولانا محمد اڪرم انصاري هالاڻي (3) مولانا محمد الياس جمالي کتيرو تعلقو هالا (4) مولانا احمد علي لاهوري (5) مولوي ابوالحسن درس هوٿي مشائخ، ٽنڊو آدم (6) مولوي جان محمد درس هوٿي مشائخ ٽنڊو آدم دستار بندي ڪئي.

1327هه / 1910 ع کان پوءِ مدرسي ۾ هيٺيان مدرس مقر ڪيا ويا: (1) مولانا عبيدالله سنڌي مهتمم مدرسه دارالرشاد (2) مولانا محمد صدر مدرس (3) مولوي خدابخش، منصف ارشاد الصرف (4) مولي محمد اڪرم (5) مولانا حاجي احمدي علي لاهوري (6) مولوي محمد الياس جمالي (7) حافظ امين محمد متوو ڪڇي  (8) ڊاڪٽر مولوي محمد علي شاهه.

        مدرسي ۾ شاگردن جي پڙهڻ لاِءِ عربي جا ابتدائي ڪتاب مولانا قاضي فتح محمد کان سنڌي ۾ ترجمو ڪرايا ويا، مثلن ارشاد الصرف، علم الصيغة، شافيه، نحومير، هداية النحو، ڪافيه مالابدمنه، اصول الشاشي.

        مدرسي ۾ تبليغ ۽ اشاعت جو سلسلو به جاري هو. ننڍا ننڍا ديني ڪتاب ڇاپائي عام ماڻهن ۾ مفت ورهايا ويندا هئا ۽ ڀرپاسي وارن ڳوٺن ۾ جمع ڏينهن وعظ ۽ تبليغ لاءِ عالم موڪليا ويندا هئا. اهڙن ڪتابن مان ڪن جا نالا هي آهن: توحيدنامون، الاسماءِالحسنيٰ (سنڌي ترجمي سان)، ارشاد المربيدين، الفارقة بين اهل الله و اهل للمارفة، التنقيد المعقول في رد تسويد المجھول، زالن جو بيعت نامون ۽ مردن لاءِ بيعت نامون.

        تبليغ ۽ اشاعت جي ڪم سان گڏ مدرسي ۾ فتويٰ جو شعبو پڻ کوليو ويو، جنهن جو نالو السواد الاعظيم رکيو ويو. ان جا ميمبر هئا مولانا رشدالله شاهه، مولانا قاضي فتح محمد نظاماڻي ۽ مولانا پير ضياءالدين. ان کان سواءِ مولانا محمد صادق کڏه ڪراچي ۽ مولوي محمد صديق (کڏه) ،  مولوي عبدالڪريم درس ڪراچي ۽ مولوي محمد عثمان نورنگزاد (مصنف تفسير تنوير الايمان) پڻ انهيءَ جا ميمبر هئا. اهي فتوائون هڪ مجموعي جي صورت ۾ محفوظ ڪيون ويون آهن. شايد اهڙو ڪتاب اڃا تائين مدرسه مظهرالعلوم کڏه ڪراچي جي ڪتبخاني ۾ موجود آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org