سيڪشن:تاريخ

ڪتاب:هالا جا رنگ هزار(هالا متعلق لکڻين جو مجموعو)

باب:

صفحو11

مدرسي ۾ تعليم جو طريقو ٽائيم ٽيبل مطابق هلندو هو ۽ جدا جدا ڪلاسن لاء الڳ الڳ استاد هوندا هئا. شاگردن جي حاضري ورتي ويندي هئي. امتحان جو طريقو ماهي آزمائشن ۽ ششماهي ۽ سالياني امتحان جي نموني ٿيندو هو. استادن ۽ شاگردن کي شعبان مهيني ۾ سالياني موڪل ٿيندي هئي. سنه 1330هه ۾ وري هيٺيان مدرس مقرر ٿيا: (1) مولانا محمد احمداڻي لغاري صدر مدرس ۽ مهتمم (2) مولانا خدا بخش پنجابي مصنف ارشادالصرف (3) مولانا محمد اڪرم انصاري محشي ارشاد الصرف (4) حافظ امين محمد متوو ڪڇي معلم القرآن. مولانا عبيدالله لغاري فارغ التحصيل ٿي سيد رشدالله صاحب کان قادريه طريقي جي بيعت به ڪئي هئي ۽ باقاعدي اذڪار به پورا ڪيا ۽ دستاربندي سان گڏ کيس خلافت به عنايت ٿي هئي. هي مرد مجاهد ظاهري ۽ باطني علم سان معمور ٿي پنهنجي وطن روانو ٿيو. مولانا محمد اسماعيل هن مدرسي جو فارغ التحصيل هو. جنهن کي پير رشدالله شاهه حيدرآباد دکن ڏي ڪتابن نقل ڪرڻ لاء موڪليو هو. مولانا محمد اسماعيل موٽي اچي مدرسي ۾ تعليم ڏيڻ لڳو ۽ ساڳيا معلم مولانا محمد، مولوي محمد اڪرم، مولوي ولي محمد ۽ حافظ امين محمد به تعليم ڏيندا رهيا.

(صفحو 452 کان 455 تائين

حوالا

1.      مير علي شير قانع ٺٽوي، تحفة الڪرام، سنڌي ادبي بورڊ، ص 205.

2.     ايضن، ص 198.

3.     افسوس ته چند سال اڳ مدرسه محمديه نالي وارو پرائمري اسڪول جيڪو ان قديم جاءِ تي هلندڙ سو بند ٿي ويو آهي.

4.     سماهي مهراڻ، نمبر 4-2، ص 84.

5.     ايضن.

6.     سماهي مهراڻ، شماره 4-3، ص 88.

7.     مولانا مفتي عبدالقادر لغاري، مدرسه دارالرشاد پير جھنڊو، الرحيم، ص 82.   

              

محمد اسماعيل عرساڻي

        يارهين وارو مهينو، ربيع الآخر کي چئبو آهي، تنهن ۾ هالن پراڻن ۾ ميلو لڳندو هو. مائٽ پنهنجي ٻارڙن کي اُهي ميلا گھمائڻ وٺي ويندا هئا... ماڻهو جڏهن قبرستان وٽ پهچندا هئا ته عقيدت مند وچان اُٺ توڙي ڪنهن سواريءَ تان لهي پوندا هئا، ۽ ٿورو اُتي ترسي ختمه بخشيندا هئا... ماڻهو يارهين يا خاص مهيني محرم ۽ رمضان ۾ قبرستان ۾ به ويندا هئا ۽ پنهنجي بزرگن جي قبرن تي گلن جون چادرون چاڙهيندا هئا. اگر بتيون ٻاريندا هئا. پاڻيءَ جي ڇڻڪار ڪندا هئا ۽ ڪڪريون يا پٿريون کڻي رکندا هئا.

        ٻيلن ڀرسان رهندڙ قبيلا توڙي ماڻهو ٻيلي ۾ مال چاري ان تي گذران ڪندا هئا... سنڌي ماڻهو، سيد يا عرب جي موجودگيءَ کي پنهنجي لاءِ برڪت جو باعث سمجھندا هئا. عرب پار جي ڪانگل جي عزت ڪرڻ سعادت سمجھندا هئا.... پڙهيل ماڻهن کي اڻ پڙهيلن يا عام ماڻهن وٽ سڪون محسوس ڪون ٿيندو هو.... اڳي رواج هوندو هو ته جيڪو پٽ يا اولاد ربيع الاول يعني عرس جي مهيني ۾ ڄمندو هو، تنهنجو نالو عرس رکبو هو يا کيس عرس سڏيو ويندو هو.... ماڻهو نياڻيءَ جي ڏاج ۾ حال سارو ڏيج ڏيندا هئا ۽ ورلي ورثي ۾ ملڪيت جايون به ڏيندا هئا. ڪارڙا ميمڻ جيڪي ميرن جي زماني ۾ فوجي هوندا هئا، تن کي زمينون پڻ مليل هيون .... تعليم ابتدائي طور قرآن شريف، سنڌي ۽ ٿورڙي فارسي ڏني ويندي هئي.

        هالا نون جون سوسيون، گربيون ۽ ٻيو چيڪ جو اُڻيل ڪپڙو جو عام طرح حيدرآباد جا عامل، ديوان ۽ ٻيا پائيندا هئا. هندو پتلون ۽ پاجامن لاءِ ڪم آڻيندا هئا. گڏو گڏ ڇريل چانديون، اجرڪ، بافتو ۽ ململ وغيره پائيندا هئا..... تڏهن هالن ۾ ريل ڪانه هئي. حيدرآباد اچڻ لاءِ ٽي اسٽيشنون هونديون هيون. شهدادپور، ٽنڊوآدم، ۽ اڏيرو لال .... هالن جا واپاري حيدرآباد ۾ سوسيون،گربيون ۽ چيڪ نيڪال ڪري اُتان بافتو ململ وغيره خريد ڪندا هئا .... تڏهن ڪميٽي امتحان ڏيڻو پوندو هو، جنهنکي پوءِ فائنل چيو ويندو هو. جڏهن حيدرآباد ۾ تپيداري اسڪول نه هوندو هو، تڏهن سڌو سنئون سفارش تي تپيداري نوڪري ملي ويندي هئي.

رواج موجب شاديون بدي تي ٿينديون هيون .... اسان جي چاچي جي جيڪا ڄڃ هالن کان شهدادپور اسٽيشن تي آئي، تنهن ۾ پندرنهن کان ويهه ڪجاوا ۽ ٻيا مهيري اُٺ قطاريل هئا. تنهن زماني ۾ حيدرآباد شهر مان شاديءَ ڪرڻ وڏي ڳالهه سمجھيو ويندو هو ..... جڏهن پهريون پُٽُ ٿيندو هو ته شُڪراني جا شاديانا ڪيا ويندا هئا. مهمانن کي دعوت ڏيئي گھرائي ماني کارائي ويندي هئي. ناچڻيون گھرائي مٿن گھور ڪئي ويندي هئي.

        هاڻوڪي نور محمد اسڪول، کي تنهن وقت گورنمينٽ هاءِ اسڪول چيو ويندو هو ...... چوٿين درجي ۾ پهريون نمبر پاس ٿيڻ تي سرڪاري اسڪالر شپ ملندي هئي. ايستائين بي.اي تائين اسڪالر شپ پڻ ملندي هئي .... تنهن دور ۾ ڪمشنر جا درٻار به ٿيندا هئا، جيڪو هڪ وڏو اعزاز سمجھيو ويندو هو .... فارسيءَ جو به گھڻو واهپو هو ۽ ماڻهو ديوان حافظ گھڻو پڙهندا هئا ..... وڏا جاگيردار، خاص ماڻهن کي زمين بنا ڍل به ڏيندا هئا.

        هالا شهر ويجھو علي گنج يا پاهڙ واهه هوندو هو. جتي گھاٽ تي غسل لاءِ مرد توڙي عورتن لاءِ چاڙهيون ٺهيل هونديون هيون. جتي عام ماڻهو وهنجندا به هئا ته ڪپڙا لٽا به ڌوئندا هئا. ننڍي وهيءَ وارا ڇوڪرا ۽ جوان پاڻيءَ ۾ ترندا ۽ ڏاهيءَ راند ڪندا هئا.

        زمين تي نار چاڙهيا ويندا هئا، جن جا پڙوها پڪين سرن سان اوساري ٿيل هوندا هئا. انهن نارن تي انبن جا ڪجھ وڻ ۽ گيدڙيون بيٺل هونديون هيون. اسان وٽ اُٺ، ڏاند، ڳئون، مينهون ۽ هرڻين جھڙيون پريون ٻڪريون ۽ ٻيو مال گھڻو هوندو هو. جن لاءِ مستقل طور ڪِڙَ ۽ مَنَهن ٺهيل هوندا هئا ۽ هر هڪ لاءِ نگران خدمتگار هوندا هئا. ڍورن جي ڏاري ۽ چاري لاءِ جدا جدا آهرا هوندا هئا، جن ۾ وڏا ڪونار پڪيءَ طرح بند ٿيل هوندا هئا. گھٽ ۾ گھٽ اٺ، ڏهه وڏا مٽ زمين ۾ کُتل هوندا هئا، جن ۾ کڙ پسايو ويندو هو ۽ مٽرن جي ڏاري ۽ ڪَڪڙن پُسائڻ لاءِ وڏا ڀاري ٺڪر جا ڪونار هوندا هئا، جن ۾ ڇاڻ ۽ چونو ۽ ڪَڪڙن سان گڏ ڏارو پسايو ويندو هو ... ٻه همراهه ته رڳو مال جي ڪُتر لاءِ مقرر هوندا هئا. تنهن وقت اڃا ڪُتر جون هٿ واريون مشينون رائج نه ٿيون هيون. تنهنڪري ڪُتر جا، مڻين منهن لڳندي هئي.

        ڏاندن لاءِ ٻاجھريءَ جي اٽي جا ٿلها روٽ اڌ ڪَچا اڌ پڪا پچايا ويندا هئا، جن ۾ آڱرين سان سوراخ ڪري ڄانڀي جو تيل وڌو ويندو هو. ٻئي پاسي ٻٻرن جا چيچڪا ۽ پلڙا، جيڪا پڻ مال لاءِ هڪ طاقتمند خوراڪ سمجھي ويندي هئي، سا هميشه موجود رکي ويندي هئي. ڇَنن ۽ مَنهنِ سان لڳ هڪ لانڍي ٺهيل هوندي هئي جيڪا اوطاق طور ڪم آندي ويندي هئي ۽ ان کي هڪ ڏاڪائون در هو. اندر هڪ طرف ٻه ٽي منجا ۽ پنج ڇهه مَنجيون پيل هونديون هيون ته ٻئي پاسي مٽرن جي ڏاري بوسي ۽ ڪڪڙن جون ڳوڻيون حفاظت سان رکيل هونديون هيون ۽ کڙ جون ناريون هڪ ٻئي مٿان مناري جيان اونڌيون رکيل ڏسڻ ۾ اينديون هيون. آئي وئي يار سنگتيءَ سان ڪچهري اتي ٿيندي هئي ۽ مانيءَ ٽڪيءَ جي آڌر ڀاءُ ۽ آرام لاءِ اهائي هوادار لانڍي هئي، جيڪا هاڻوڪي بنگلن کان به وڌ رونق بخشيندڙ هئي.

        ماهئي مال لاءِ هڪ سان، ڳائي مال لاءِ سان ڍڳو ۽ اوٺي مال لاءِ چانگو ۽ گھوڙين لاءِ هڪ مڪڙو گھوڙو به رکبو هو. امير ماڻهن وٽ چڙهي لاءِ گوڙا هوندا هئا. تپيدارن وٽ گھوڙا هوندا هئا ..... جڏهن ته مخدوم صاحبن کان هڪ گھوڙو خليفن کي مليل هوندو هو..... هر هڪ جانور لاءِ جدا جدا ڪُڙهيون ٺهيل هونديون هيون. گھوڙن ۽ گھوڙين لاءِ هڪ هاري سيس طور مقرر ٿيل هوندو هو، جيڪو پهريداريءَ جو فرض به بجا آڻيندو هو. گڏو گڏ بابا سائين، مخدوم صاحب جن کان هميشه ٻه شڪاري ڪتا، جيڪي سندن لوڌ جا هوندا هئا، خاص عنايت وٺندو هو. نه ته لوڌ جو ڪتو ڪوبه امير ماڻهو ڪنهن کي نه ڏيندو هو، جو اهڙا ڪتا نهايت قيمتي هوندا هئا ۽ هر هڪ ڪتو ڏهن پهريدارن جي برابر هوندو هو.

        نارن تي مينهن جا پاڏا ۽ وڇون هڪ طرف، ته ڳئن جا گابا ۽ گابيون ٻئي پاسي، ٻڪرين جا ڇيلا ۽ ڇيليون ٽئين طرف، اُٺن جا گونرا ۽ گونريون چوٿين طرف، ته گھوڙن جا وڇيرا ۽ وڇيريون پنجين طرف. مينهون اهڙيون ته ڀَليون هونديون هيون، جو اُهي مهلن تي اڌ اڌ مڻ کير ڏينديون هيون، ته ڳئون ڏهه ٻارهن سير ۽ ٻڪريون چار پنج سير. شام جو ڏهائي ٿيندي هئي ته ساڙهن ۾ گوهن جي گھوگھو لڳي ويندي هئي. اميرن جو مڻين منهن کير ٿيندو هو، جو هاري ناري هڪ پاسي پيئندا هئا، گھر ۾ روزانو ساڙها ڀرجي جدا ايندا هئا، ته مارڪيٽ ۾ وڪري لاءِ الڳ موڪليو ويندو هو. کير ڀٽارو ڪافي انداز ۾ ڄمايو به ويندو هو ۽ صبح جو مايون هارياڻيون اسان جي گھر ۾ اچي اهو ولوڙينديون هيون ۽  جنڊيءَ چڙهيل منڌيون، جن ۾ ڪوڏين ڀريل ٽونر پيا لٽڪندا هئا، تن جي ولوڙن جو آواز ڏاچو ڪنن، دل ۽ دماغ کي پيو سيبائيندو هو. اوڙو پاڙو، غريب غربو ۽ اوکي سوکي ڏڌ گھرندو هو، ته کيس ڪشاده دليءَ سان دکيون ڀري ڏنيون وينديون هيون. ٻارن وارين غريبن عورتن کي دُڪي لاءِ مکڻ مفت ڏنو ويندو هو. جڏهن مکڻ جا ڀريل ڪنگر گڏ ٿيندا هئا، تڏهن اهو مکڻ تپائي گيهه ڪيو ويندو هو .... ۽ وسلڻ جي کائڻ لاءِ سڀ پاڙي جا ٻار اچي گڏ ٿيندا هئا، جي کائي چڙهه ڪندا هئا.

        زميندارن کي ڀلن وهٽن ڌارڻ جو نهايت گھڻو شوق هوندو هو. لاڏُو اُٺ، انَ، ڦٌــٽيون ۽ ٻيلي مان ڪاٺيون ڍوئيندا هئا ۽ نارن ۾ وهندا هئا ته مهري اُٺ سواريءَ لاءِ رکيا ويندا هئا. جن لاءِ مير جت اوٺي خاص مقرر ڪيل هوندا هئا. اُٺن جا ساز، جھڙوڪ لاڏو اُٺن لاءِ پلڻ ۽ ڪجاوا ۽ مهري اُٺن جا پاکڙا، جھلون، نتون (نتُون) ۽ ٻيو گاشي جو سامان ۽ اُٺن جي ڳچيءَ ۾ ٻَڌڻ لاءِ چانديءَ جون ڳانيون هونديون هيون. گھوڙائن وهٽن لاءِ نَل، ٿڙها، هَنا ۽ ٻيا ساز هوندا هئا. اُهو سامان اڪثر ڪري پٿوري جي ميلي تان خريد ڪيو ويندو هو. ڏاندن کي پيتلي ٽَليون، ٻڪرين کي لوهي چَڙيون ۽ مينهن ڀٽارين کي ڳچيءَ ۾ گھنڊلا ٻَڌا ويندا هئا. گھوڙن جو هڻڪارون، مينهين ڀٽارين جون ڍِڪون، ڳئن جون رنڀون، ٻڪرين جون ٻيڪون ۽ ننڍڙي مال جا ننڍڙا ڪومل آواز!! برسات کان پوءِ جڏهن مک ۽ مڇر ٿيندو هو ته پوءِ مال ڀٽاري جا ڪَنَ ۽ پُڇَ پيا لُڏندا هئا ۽ ڄاري ڀڄائڻ لاءِ واهو يا ڀَترَ ۽ ٻيو سائو ڪک پن ساڙي دونهيون دُکايون وينديون هيون ۽ گھوڙائين ۽ ماهئي مال جي پُٺيءَ تي ٽپڙيون وڌيون وينديون هيون، ته مڇرن جي چڪن کان بچيل رهن. جڏهن پَٽن ۽ پوٺن تي چراگاهه اُڀري پوندا هئا، تڏهن پنهنجو مال اڪثر وسن تي به موڪليو ويندو هو. مال جي سک لاءِ زميندارن وٽ پنهنجي هُڙي به هوندي هئي .... ۽ اڪثر وقت سرڪاري پنچريءَ ڏيڻ سان مال ٻيلي ۾ به موڪليو ويندو هو.

        انهيءَ زماني ۾ سال ۾ عام واهن تي رڳو خريف جو هڪ فصل ٿيندو هو. درياءَ ۾ جڏهن چاڙهه ٿيندو هو. تڏهن پاڻي پاڻمرادو وهي اچي واهن ۾ پوندو هو ۽ واهه وهڻ لڳندا هئا. واهن جي وهڻ کان ٿورو وقت اڳ واهن کي کاٽي کٽائڻ لاءِ ڇيڙون نڪرنديون هيون ۽ پنهنجي پنهنجي حد ۾ هرڪو کامڙين کي کاڌو کارائيندو هو. ڳڙ جي تهريءَ جون ديڳيون لهرائيون وينديون هيون، ۽ ڏاڍي مزيدار ٿيندي هئي. پاڻي وهي اچڻ کان اڳ نارن چاڙهن جي نوبت ايندي هئي. واڍا ڪم ۾ لڳي ويندا هئا ۽ چڪريون، ڳاڌيون، لٺيون ۽ ڍينگا سڀ درست ٿيڻ لڳندا  هئا. کِپُ ۽ ڊَڀن جا ڍير گڏ ٿي ويندا هئا ۽ مالهي مالهون وٽڻ ۾ مشغول ٿي ويندا هئا، جن کي ڳُڙ جون ڳرهاڙيون يا بُسريون کارايون وينديون هيون. ڪنڀار، ڪنگرن جا گڏهه ڀري اچي لاهيندا هئا، جن کي مالهه ۾ ٻنڌڻ سان ٻَڌو ويندو هو. هَرَن ٻَڌڻ تي به ڇيڙون هلنديون هيون. پهريائين لاهه ڪڍي پوءِ ڪنڊا ڪڙڇ گڏ ڪري ڪُهڙ ساڙيا ويندا هئا. اڏون درست ٿينديون هيون، ٻنا ٻڌبا هئا، ٻارا ٺهندا هئا، کڙ ڀڄندا هئا. تَرُ يا سانهر گھمائبو هو. چرخي پوک ۽ موڪي پوک ٿيندي هئي. ربيع يا چيٽ جي فصل ۾، سيلابي زمين آباد ڪئي ويندي هئي، جيڪا درياءَ جي چاڙهه وقت درياءَ ٻوڙيندو هو ۽ ان ۾ ڪافي سيلاب رهندو هو ۽ اُتي ڪڻڪ، مٽر، مڱ، ۽ چڻا نهايت ڀلا ٿيندا هئا ..... اهو فصل ناڙيءَ تي ڪيو ويندو هو، ۽ ناڙي هڪ ڏينهن ۾ ڪئي ويندي هئي، جنهن تي پڻ ڇيڙ وهندي هئي ۽ مٺن چانورن جون ديڳيون هڪ طرف لاٿيون وينديون هيون ته ڳڙهاڙيون ٻئي پاسي پچائي ڪم وارن همراهن کي کارائبيون هيون.

        جن ماڻهن جون زمينون پاهڙ واهه جي پرينءَ ڀر هونديون هيون، تن کي جڏهن واهه وهي ايندو هو، تڏهن کين يا ته هالن جي سرڪاري آفيس واري موريءَ کان ڦري وڃڻو پوندو هو، جيڪو پنڌ سهنجو ٿيندو هو، يا ته نارن جي سامهون واهه جي آرپار هڪ ڪاٺي رکائي ويندي هئي، جيڪا چڱيءَ طرح گھڙائي تختي جيان سڌي ڪئي ويندي هئي ۽ واهه جي ٻنهي پاسن کان اُڀيون ڪاٺيون کوڙي تن ۾ هڪ نوڙ ٻَڌو ويندو هو، ته ڪاٺيءَ تان لنگھڻ مهل ان جو سهارو وٺي لنگھجي. هاري ناري توڙي ٻار ٻُڍا سڀ انهيءَ ڪاٺيءَ جو استعمال ڪندا هئا. جڏهن ته واهن جي پيٽ جي ويڪر ۾ مهاڻا مڇيون پڻ ماريندا هئا، جتان رڇ ۾ ڄرڪا، گندڻ، ڇيلري مڇي ۽ کڳا يا رڙا ڦاسندا هئا. مهاڻا لئيءَ جا لڪڻ سيخن جيان گھڙي ان ۾ رڙا چيري سيخ تي چاڙهي پچائي زميندارن جي پٽن کي کارائيندا به هئا. تازا رڙا پچڻ بعد نهايت لذيذ ٿيندا هئا.

        زميندارن جا ٻار يا عام ٻار نارن تي ضضرور گھمڻ ويندا هئا. جيڪي ڳاڌيءَ تي ويهندا هئا، کين ڏاڍو لُطف ايندو هو. نارن جو رينگٽ هڪ عجيب سرور پيدا ڪندو هو. ٻار شرارتون به ڪندا  هئا. اهي ڪتر جي لانڍيءَ ۾ سائو گاهه مُٺ ۾ جھلي، اڏيءَ تي رکي، ڪُتر جي ڪهاڙيءَ سان جيئن ڪُتر ڪرڻ جو شوق پليندا هئا، ورلي پنهنجي آڱر يا هٿ وڍائي ويهندا هئا. مون سان به هڪ ڀيري ايئن ٿيو، جو آڱر وڍجڻ سان هڪ پاسي آڱر مان رت پئي ريلا ڪري وهيو، ته ٻئي پاسي چاچا سائين مونکي چڱيءَ خاص مار به ڪڍي هئي..... ٻار اڏن ۾ وهنجندا به هئا.

        هالا ۽ ڀر پاسي واري جوءِ وچولي ۾ هئڻ ڪري اتي ڪوبه ساريال فصل ڪونه پوکبو هو. چانور يا ته ڍوري ناري مان گھرائبا هئا، جتي مخدوم صاحب جا وڏا وڏا زميندار مريد هوندا هئا، يا ته لاڙ مان کورواهي چانور ڪجھ موتيا ۽ ڪجھ رتڙيا گھرائيندا هئا.البت گھوگھاري جا سڳداسي چانور مقامي طور خريد ڪبا هئا. ربيع يا چيٽ ۾ ڪڻڪ ۽ خريف يا ڪتيءَ ۾ ٻاجھري اڇي جوئر ۽ ڳاڙهي جوئر پوکبي هئي، جنهن مان چڱي اُپت ٿيندي هئي. خاص طور اُپت ڪپھ جي فصل يعني ڦُٽين مان ٿيندي هئي، جنهن جي پوک اناج جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڪبي هئي. مِٺي ڳني جي کائڻ لاءِ ڪجھ ٻارا ڪماندڙيءَ جا پوکيا ويندا هئا. باقي وونڻن پوکڻ تي خاص ڌيان ڏنو ويندو هو. هڪ ته زمين ڀلي هوندي هئي، ٻيو چڱيءَ طرح ڪمايل هوندي هئي. تنهنڪري اناج توڙي ڦُٽين جا فصل بلڪل ڀلا ٿيندا هئا ۽ ڪڻي مان ڪاسو ٿي پوندو هو. گُڏَ ڪرڻ جو ڪم اڪثر مايون ڪنديون هيون ۽ لاباري ۽ ڦُٽين جي چونڊي ۾ اڪثريت ماين جي هوندي هئي. جڏهن پوک نسرندي هئي ۽ سنگن ۾ داڻا ڀربا هئا، تڏهن پيها اَڏيا ويندا هئا ۽ مٽيءَ جا پنوڙا آڻي انهن مان ڳوڙها ٺاهي سُڪائي کانڀاڻين وسيلي جهار هڪلڻ ۾ استعمال ڪبا هئا. ٻوڙي پکيءَ واري جها البته اهنجي هوندي هئي، جنهن کي ڊيڄاري ڀڄائڻ لا کِٽون ٺهرايون وينديون هيون، جن ۾ سجادي جو پوڇڙ هوندو هو. جنهن مان اهڙو ته ٺڪاءُ نڪرندو هو، جو سارو جھنگل ٻُري ويندو هو.

        جڏهن اناج جي پوک پچي راس ٿيندي هئي. تڏهن لابارن جا سعيا ٿيندا هئا، ۽ ڪٿان ڪٿان جا لاهيارا اچي مڙندا هئا. سنگن ميڙن لا پَٽُ اڇو ڪري ٻاريون ۽ کرا تيار ڪبا هئا، جتي اوطاق لاءِ لانڍيون ٺاهبيون هيون. جن ۾ همراهه حفاظت لاءِ رهائبا هئا. هَلرون ٻڌڻ وقت عجيب نظارو هوندو هو. هارين جي هلر تي ”هَـلي مـَلي“ جي هونگار واقعي عجيب هوندي هئي. هلرن جو ڪم پورو ٿيندو هو، ته اَنُ اڇو ڪرڻ لاءِ وائرڻ جو دور شروع ٿيندو هو. خاص قسم جا وڏا ڇڄ جن کي گاگڙا چيو ويندو هو، تن جي ذريعي وائر شروع ٿيندي هئي. ان هڪ پاسي ته تهه ٻئي طرف، انبار لڳي ويندا هئا. ان گولائيءَ ۾ ساٿاري رکبو هو ۽ چوڌاري ٺپو لڳائبو هو، متان ٻار مان ان چوري ٿي وڃي. پوءِ حجام، ڪنڀار، ڌوٻي، واڍو ۽ مڱڻهار، جيڪي اسان جا  آهتي هوندا هئا، سي آهت وٺڻ لاءِ اچي سهڙندا هئا. ان جي ماپ پاٽين ۽ ٽوين سان ڪبي هئي ۽ هي سڀيئي پنهنجو آهت وٺي کلي خوش ٿي دعائون ڪندا هئا. فقير فقري ۽ پير مرشد جو حصو ڪڍي پنهنجي کاڌي ۽ ٻج لاءِ اَنُ رکي، باقي اناج نيڪال ڪيو ويندو هو، جيڪو واڻيا ڌڙوائي، ٻار تي اچي توري تڪي ڳوڻيون ڀري سبي يا ٽنبون هڻي کڻائي ويندا هئا.

        ڦُٽين جي چونڊي وقت، مايون جيترو چُونڊو ڪنديون هيون، ان جي حصي رسد روڪڙن پئسن جي ڀيٽ ۾ ڦُٽيون وٺنديون هيون، جي شام جو ڪانڀي ۾ وجھي پنهنجي ڪکن ڏانهن موٽنديون هيون ۽ روزانو روز ائين ڪيو ويندو هو.... ڦُٽين جا اڪثر ڪري ٽي چونڊا ٿيندا هئا. جڏهن چونڊا ختم ٿي ڦُٽيون کري تي گڏ ڪبيون هيون، تڏهن انهن جا گراهڪ، جيڪي اڪثر هندو هوندا هئا، سي ڌڙواين، ڪانٽن، برڪين يا پنڊن سميت اچي منهن ڪڍندا هئا. اگھ پار اڳيئي نبريل هوندا هئا. ڦُٽين جي تور ۽ برڪين جو ڀرجڻ شروع ٿي ويندو هو. ڌڙواين جا آواز هي برڪت، هي ٻه، هي ٽي وغيره ڌڙي ڌڙي تي سُريلا آواز هڪ عجيب غريب نماءُ پيدا ڪري ڇڏيندا هئا. ڪَتل ورهائي ويندي هئي جيڪا سڀيئي چاهه چس سان کائيندا هئا.

        زميندار يا جاگيردار جڏهن پيدائش جي وڪري جا پئسا گھر ۾ آڻيندا هئا، تڏهن چانديءَ جي رپين ۽ گينين جون ننڍڙيون کاريون ڀرجي اينديون هيون. گنيءَ جي قيمت تڏهن، شايد 1920ع ڌاري، تيرهن کان پندرهن روپيه تائين هئي. هڪ هڪ خاندان کي سونيون ساهيون ۽ ٻيا چانديءَ جا زيور ميسر هوندا هئا. روڪڙ ۽ زيورن جي بچاءُ لاءِ ٽجوڙيون وٺبيون هيون. اسان ڳري ٽجوڙي ٽنڊي آدم مان خريد ڪئي هئي. تڏهن ٽجوڙيون ڪن جزوي ماڻهن وٽ هونديون هيون. جڏهن ڪو ماڻهو ٽجوڙي وٺندو هو، ته شهر يا ڳوٺ ۾ چوٻول مچي ويندو هو، ته فلاڻي وٽ خزاني جا کوهه آهن. جنهن وٽ ٽجوڙي هوندي هئي، سو شاهوڪارن ۾ ليکبو هو.

        نارن جا ڏهاڙا ايندا هئا ته مَنهن مٿان ڪدو ۽ سنڌي ساين تورين جون وليون ڇانئجي وينديون هيون ۽ انهن جي سبز ساون پتن ۽ پيلين گلن سان منهن معطر ٿي ويندا هئا، ڪدوءَ جي هرهڪ قسم جو ٻج پوکبو هو. کائڻ جا ڪدو، ميربحرن جي تنبن لاءِ ڪدو، ڳائيندڙن جي يڪتارن لاءِ ڪدو، جوڳين جي مرلين لاءِ تُنبيون، ستنامين ۽ سوامين جي لوٽين لاءِ تنبيون، مطلب ته گول ۽ ڊگھا ڪدو گھڻا پوکيا ويندا هئا. تورين مان ڪي ٻيجارن لاءِ ڇڏيون وينديون هيون، جن جي خشڪ ٿي وڃڻ کان پوءِ منجھانئن ٻج ڪڍي باقي ٺلهن کوکن مان گھوڙن جي صفائيءَ لاءِ کوکرا ٺاهيا ويندا هئا. سستائيءَ جو زمانو هو، ڪنهن کي کائڻ کان جھل پل ڪانه هئي. هرڪو گھُرج آهر توريون توڙي ڪدو پٽي هليو ويندو هو..... اڏن جي ڪپرن سان ڀينڊيون لڳايون وينديون هيون ۽ وچ وچ ۾ چونرن جون ڦريون، جن کي رانهان به چيو وڃي ٿو، تن جا ٻوٽا لڳايا ويندا هئا، جن مان خوب ڍَوَ ڪندا هئا. اوٺي گوار جا ته ڪجھ ٻارا وهٽن لاءِ خاص رکايا ويندا هئا، باقي ڪاڇڻ گوار جيڪا کائڻ لاءِ مخصوص هوندي هئي، تن جا ٻُوڙا اڪثر اڏن جي ڪَپنَ سان لڳايا ويندا هئا.

         اسان جي ٻني ڏکڻ طرف کان علي گنج واهه وٽان نارن کان شروع ٿي، اُڀرندي ۾ ڊپٽيءَ جي باغ، جانورن جي اسپتال ۽ منزل گاهه طرف هوندي هئي. ۽ اُلهندي طرف هُڙي هوندي هئي.

        وِي جڏهن ڀربي هئي، تڏهن ان جي اُٿل سبب ڪنارن واري زمين سيراب ٿيندي هئي، جنهن ۾ آرائين جي پوک ڪئي ويندي هئي. آرائين ۾ گدرا، ڇاهيون، ونگا ۽ ميها پوکيا ويندا هئا. ٻنيءَ جو ڪو ٽڪر خاص پتائي گجرن ۽ لاهوري گجرن لاءِ مخصوص ڪيو ويندو هو. ڪولهي، ڀيل هاري خاص طرح ڀاڄين ۽ تماڪ پوکڻ ۾ ماهر سمجھيا ويندا هئا، تنهنڪري انهن پوکن لاءِ سندن خدمتون حاصل ڪيون وينديون هيون. ڀاڄين ۾ ساوا مرچ، واڱڻ، ٿوم، بصر، ميٿي، پالڪ، چوڪو ڌاڻا ۽ پن گوبيون ۽ ڦل گوبيون پوکبيون هيون. تماڪ جڏهن تيار ٿيندو هو، تڏهن اُهي ساڳيا واڻيا هاري ايندا هئا، جي تماڪ وڍي، پن خشڪ ڪري پنهنجي انداز ۾ اچي پنڊيون ڀريندا هئا، جي آراضيءَ طرفان گھرايون وينديون هيون. تماڪ مان اُپت به چڱي ٿيندي هئي ۽ ڪَمين ڪارين کي به چلم ڇڪڻ لاءِ ڏنو ويندو هو. ٻه ٽي پنڊون ان مقصد سان خاص گھر ۾ سال لاءِ رکائبيون هيون ۽ باقي تماڪ نيڪال ڪبو هو. تڏهن ٻيڙي ڇڪڻ جو رواج گھٽ هو ۽ جتي ڪٿي چلم نظر ايندي هئي. مهتن جي دڪانن تي ، مسلمانن جي اوطاقن ۾ ۽ گھرن ۾ چلم جو چرچو هوندو هو.... گڏو گڏ سوالي موالي به تماڪ جي ڳوٽيءَ لاءِ سوال ڪندو هو، جنهن کي خالي نه ڇڏيو ويندو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org