سيڪشن:تاريخ

ڪتاب:هالا جا رنگ هزار(هالا متعلق لکڻين جو مجموعو)

باب:

صفحو:6

غلام محمد لاکو

خدا آباد ثاني _ ڪلهوڙن جو آخري تختگاهه

ڪلهوڙن سنڌ تي اٽڪل روءِ هڪ صديءَ تائين راڄ ڪيو. انهن جي حڪومت جي ابتدا سترهين صديءَ جي خاتمي ڌاري ٿي ۽ پڄاڻي ارڙهين صديءَ جي آخر ڌاري ٿي. سنڌ تي ڪلهوڙن جي راڄ بابت، سنڌي ادبي بورڊ مناسب مواد مهيا ڪيو، جڏهن هي ادارو سن 1951ع ۾ قائم ٿيو. بورڊ شروع ۾ هن دور تي اصل ۽ بنيادي ڪم شايع ڪيو ۽ پوءِ ٻن جلدن ۾ مولانا غلام رسول مهر جي لکيل ”تاريخ ڪلهوڙا“ سال 1958ع ۾ ڇپرائي پڌري ڪئي. ان ريت پڙهندڙن، عالمن ۽ محققن کي سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي دور بابت، نئون، جامع ۽ مستند مواد دستياب ٿيو. ان هوندي به مورخن کي اڃا ٻه سوال ڪرڻا باقي هئا.

1.      پهريون ڪلهوڙو حڪمران ڪير هو ۽ پاڻ ڪهڙي سال ۾ اقتدار ۾ آيو؟

2.      انهن جا تختگاهه ڪٿي ۽ ڪيترا هئا، جتان ڪلهوڙن حڪومت ڪئي؟

مونکي هنن ٻنهي نڪتن بابت مفصل طرح سان تحقيق ڪرڻ جو موقعو مليو. مون اٺ سال اڳ سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي اڀرڻ بابت هڪ مقالو لکيو، جنهن ۾ ثابت ڪيو ويو ته ميان نصير محمد هن خاندان جو پهريون حڪمران هو. پاڻ 1092هه/ 1681ع ڌاري اورنگزيب سان سڌي يا اڻسڌي معاهدي ذريعي، سنڌ جي ڪجھ حصن جو حاڪم بنيو(1). سندس تختگاهه ”ڳاڙهي“ هو، جو اڄوڪي دادو ضلعي ۾ موجود هو. ان کان علاوه مون همعصر مواد جي آڌار تي، ڪلهوڙن جي تختگاهن بابت پڻ قبوليت جوڳو مواد موجود ڪيو(2). مون هيگ جي هن خيال کي به رد ڪيو ته خانوٺ، احمد آباد ۽ ڪاهر ٻيلو (کاهر ٻيلو)، ڪلهوڙن جا تختگاهه رهيا هئا(3). ڪوبه همعصر ماخذ هيگ جي راءِ کي قبول نٿو ڪري.

ڳاڙهيءَ کان حيدرآباد تائين:

ڪلهوڙا حاڪم ٻن مسئلن جي ڪري هميشه ڊنل رهيا ٿي. هڪ طرف کين ٻاهرين حملن جو خطرو رهيو ٿي، ۽ ٻئي طرف طاقتور سنڌو درياهه انهن کي ڊيڄاريندو رهيو ٿي: جو سدائين پنهنجو پيچرو تبديل ڪندو رهندو هو. ان پس منظر ۾ ڪلهوڙن پنهنجا يارهن سرڪاري مرڪز يا تختگاهه مقرر ڪيا هئا. ميان نصير محمد ان مقصد لاءِ ”ڳاڙهي“ کي موزون سمجھيو. هي شهر ڪاڇي جي علائقي ۾ هو ۽ ان جا ڦٽل آثار اڄ به دادو ضلعي ۾ ڏسي سگھجن ٿا.

ميان دين محمد جي دور ۾ هي شهر سرڪاري مرڪز رهيو. شهزادي معزالدين سن 1110هه (1698ع) ۾، هن شهر تي حملو ڪيو. ڪلهوڙن ۽ مغلن ۾ وڏا دنگل ٿيا. مغلن جا مشهور ڪمانڊر - لطف علي، راجا سورج مل ۽ پهاڙ خان - هنن معرڪن ۾ مارجي ويا(4). مغلن جي سوڀاري لشڪر آخرڪار هن شهر کي ساڙي ٻاري رک ڪري ڇڏيو(5). ان بعد ميان يار محمد، پنهورن کان شڪارپور نالي شهر کسيو، ۽ ان کي ”خدا آباد“ جو نالو ڏئي پنهنجو تختگاهه بنايو(6). هي شهر وڏي عرصي لاءِ سنڌ جو تختگاهه رهيو. هن شهر کي هاڻي ”خدا آباد پراڻي“ سڏيو ٿو وڃي ۽ ان جا آثار دادو شهر جي ڀرسان ڏسي سگھجن ٿا. ميان يار محمد جي جانشين ميان نور محمد پنهنجي حڪومت ۽ حياتيءَ جا آخري چار سال ”محمد آباد“ ۾ گذاريا. هي شهر موجوده موري شهر جي آس پاس موجود هو. بعد ۾ مرادياب خان، نصرپور جي ڀرسان پنهنجو سرڪاري ماڳ ”مراد آباد“ جي نالي سان قائم ڪيو. ڊچ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ايجنٽ براهي (BRAHE) لکيو آهي ته، ”ميان صاحب سن 1757ع ۾ نصرپور جي ڀرسان پنهنجي سرڪاري مرڪز ۾ موجود هو“(7). هن گھراڻي جو آخري طاقتور حاڪم ميان غلام شاهه هو. هن هڪ کان وڌيڪ پنهنجا سرڪاري شهر ٺهرايا. هن جو پهريون ماڳ ”الهه آباد“ هو، جو اڄ موجود ڪونهي. منهنجو خيال آهي ته موجوده دولت پور صفن شهر جي آس پاس، هن قديم ۽ ڦٽل ماڳ کي ڳولڻ گھرجي(8). هن شاهه ڳڙهه (ٺٽو ضلعو)، شاهه پور اول ۽ شاهه پور دوم (ضلعو حيدرآباد)، جي نالي سان به سرڪاري ماڳ تعمير ڪرايا، جتي ٿورو ٿورو وقت رهيو. پاڻ آخرڪار موجوده ”حيدرآباد“ جو شهر تعمير ڪرائي، ان کي پنهنجو تختگاهه مقرر ڪري ويٺو. ميان صاحب هن شهر ۾ هڪ عاليشان ۽ طاقتور قلعو پڻ اڏايو، جو هاڻي خسته حالت ۾ موجود آهي. ميان عطر خان تمام ٿوري وقت لاءِ حڪمران بنيو ۽ نوشهري فيروز مان حڪم هلايائين.

خدا آباد ثاني يا خداآباد ثالث؟

ان کان ڳ جو اسين خدا آباد ثاني يا نئين خدا آباد جو ذڪر ڪيون، ڪجھ نڪتن جي صفائي ڪرڻ ضروري ڏسجي ٿي. خدا آباد ثاني (خدا آباد نئين) کي محبوب علي چنا صاحب، غلطيءَ مان ”خدا آباد ثالث“ سڏيو آهي(9). چنا صاحب هن ڏس ۾ مرزا قليچ بيگ جي غير واضع لکت کي غلط سمجھيو آهي(10). مير علي شير قانع، مولانا مهر ۽ ڊاڪٽر بلوچ - خدا آباد ثالث واري خيال کي قبول نٿا ڪن. ڪلهوڙن جي تاريخ هن نبالي سان صرف ٻن شهرن جي تصديق ڪري ٿي. هڪ شهر دادو جي ڀرسان هو ۽ ٻيو ساڳئي نالي وارو ماڳ هالا شهر جي نزديڪ هو.

خدا آباد ثاني - ڪلهوڙن جو آخري تختگاهه :

خدا آباد ثاني - هڪ بد قسمت شهر، ڪلهوڙن جي هڪ آخري حاڪم ميان سرفرازخان تعمير ڪرايو هو. خاطريءَ سان هي شهر ڪلهوڙن جو آخري تختگاهه ثابت ٿيو. ميان غلام شاه 13 جمادي الاول 1186هه (12 آگسٽ 1772ع) تي وفات ڪري ويو. کيس پنهنجي ٺهرايل محبوب شهر جي وچ ۾ دفن ڪيو ويو(11). ميان سرفراز هن جو پٽ، سندس جانشين بنجي ويٺو. پاڻ شوال 1188هه/ ڊسمبر 1774ع تائين، حيدرآباد ۾ رهي حڪومت ڪيائين. ان وچ ۾ احمد شاهه مري ويو ۽ تيمور شاهه ڪابل ۾ نئون حاڪم بنجي ويٺو. تيمور شاهه، ميان سرفراز کي خدا يار خاني خطاب سان گڏ ”ديره جات“ جا علائقا (ديره اسماعيل خان ۽ ديره غازي خان) پڻ هن جي سپرد ڪيا. هن گجرات ۽ ڪڇ ۾ سوڀون حاصل ڪيون. ڪامياب مهمن کان پوءِ موٽندي پارڪر جو رستو ڏئي، ميان سرفراز نئين تختگاهه يعني ته ”خدا آباد ثاني“ ۾ داخل ٿيو. هن باري ۾ هڪ همعصر مورخ مير علي شير قانع لکي ٿو ته :

”سر انجام، اوايل ماه شوال بخيريت و نصرت روبرو بشهر نو، الموسوم به - خدا آباد - تشريف ارزاني داشته اند“ (12).

خدا داد خان، هڪ پوءِ جي تاريخدان، هن شهر کي غلطيءَ مان مرادياب خان جي نالي منسوب ڪيو آهي :-

”محمد مرادياب خان، ملقب به سر بلند خان، خاطر خود را از جميع انديشها تشفي داده خدا آباد نامي شهري آباد نموده، اورا دارلمملکت قراداد“(13).

ايم ايڇ، پنهور صاحب پڻ خداداد خان جي پيروي ڪئي آهي (14). پر جيئن اسان کي علي شير قانع ٻڌايو آهي (جيڪو هڪ همعصر مورخ هو)، ته هي شهر ميان سرفراز جي حڪمن هيٺ تعمير ٿيو ۽ پاڻ بيروني حملن ۾ سوڀارو ٿي، هن مرڪز ۾ شوال 1188هه/ ڊسمبر 1774ع ۾ داخل ٿيو. مرزا قليچ بيگ پڻ هن تاريخ جي تائيد ڪري ٿو(15). هي شهر موجوده هالا شهر کان اولهه ۾، ڏيڍ ميل کن پري تعمير ڪيو ويو هو. تختگاهه جي حيثيت ۾ هن شهر امن امان جو صرف هڪ سال ڏٺو. سرڪاري ۽ سياسي گڏجاڻين کان علاوه، ان هڪ سال ۾ هتي ادبي بيٺڪون به ٿيون، ته مذهبي مباحثا به ٿي گذريا. ڊاڪٽر دائود پوٽي هن شهر ۾ ميين عبدالررحيم گرهوڙي ۽ ٻين مذهبي عالمن ۾، ٿيل هڪ مذهبي بحث جو ذڪر ڪيو آهي(16). وقت جو حاڪم ميان سرفراز پاڻ به هڪ اديب ۽ سنڌي توڙي فارسي ٻولين جو سٺو شاعر هو. خدا آباد ۾ هن جي اردگرد ڪيئي شاعر اچي گڏ ٿيا هئا. جن پاڻ کي سٺو شاعر ثابت ڪرڻ لاءِ هڪ ٻئي سان مقابلا پئي ڪيا. هتي ٿيل هڪ ادبي بيٺڪ ۾ مير علي شير قانع پاڻ کي شيوڪ رام عطارد کان بهتر شاعر ثابت ڪرڻ واسطي، پنهنجي سرپورست ۽ وقت جي حاڪم ميان سرفراز جي شان ۾ هڪ قصيدو پڙهيو هو. ان قصيدي جون ڪجھ سٽون هن ريت آهن :

شنيده شد که  فضولي،  بخود  ستائيها

قدم  ز  مرتبهء  خويش   بيشتر  بنهاد

بگفت: سخن نتوانند همچو من، گفتن

رجا و  قانع و مداح  و  مومن  و  آزاد

بلي!  زکوزه  نزاود  همان  که اندر او

بمدح خود ذم احباب  نيست  شان سداد

کنيم فرض که آمد  ”عطارد“  از گردون

مگر  بهند   چنين   بار  را ز حل  بنهاد

قسم بخالق ارض و سما، که مشهور است

ز  نسل   هند  به    آل  عبا،   قديم  عناد

هن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ميان سرفراز جي درٻار ۾ شاعر شيوڪ رام عطارد ٻين همعصر شاعرن - محمد پناه رجا، غلام علي مداح، غلام علي مومن، ٻالچند آزاد ۽ مير علي شير قانع - کان پاڻ کي وڏو شاعر سمجھندو هو(17). حڪمران خاندان لاءِ بهرحال هي تختگاهه نڀاڳو ثابت ٿيو. هن شهر جي قيام کان صرف هڪ سال پوءِ، درٻاري سازشون شروع ٿي ويون. ان وقت جي ٻن با اثر قبيلن ليکي ۽ ميرن ٽالپرن ۾ ويڙهه جو آغاز ٿي ويو. ميان سرفراز کي درٻاري سازشن ۽ گھرو ويڙهه تي ضابطو رکڻ جو تجربو نه هو. نتيجو هي نڪتو جو رڳو ميان صاحب پاڻ نه مُئو، پر ان سان گڏ هن خاندان جي حڪومت جو پڻ خاتمو ٿي ويو.

راڄو ليکيءَ جي ڀڙڪائڻ تي آخرڪار جمادي الثاني 1189هه/ آگسٽ 1775ع ۾، مير بهرام ۽ سندس پٽ مير صوبدار ڪورٽ ۾ مارجي ويو. ٽالپرن موٽ ۾ محلات تي حملو ڪيو ۽ ميان سرفراز ڀڄي اچي حيدرآباد کان نڪتو. سندس ننڍي ڀاءُ محمود کي حاڪم بنايو ويو. مير بجار ولد مير بهرام جي غير موجودگيءَ ۾ (جيڪو ان وقت حج پڙهڻ ويو هو)، هي واقعا ٿي گذريا. ليڪن جڏهن مير صاحب سنڌ موٽي آيو، تڏهن طاقت جو اصل سرچشمو تاجو ليکي بنجي چڪو هو. ڇو ته راڄو ليکي هاڻي هن دنيا ۾ نه رهيو هو.

ستت محمود کي هٽائي ميان غلام نبيءَ کي سنڌ جو حاڪم بنايو ويو. جلد پوءِ ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جو لشڪر شهدادپور جي ڀرسان لانياريءَ وٽ هڪ ٻئي جي سامهون ٿيو. خيرخواهن وچ ۾ پئي جنگ کي ٽاريو، ليڪن ميان غلام نبي خود پنهنجي سپاهين هٿان مارجي ويو. هي واقعو 1190هه/ 1776ع ۾ ٿي گذريو. ان کان پوءِ ميان عبدالنبيءَ جي چرچ تي حيدرآباد جي قلعي ۾، چار ٻيا شهزادا به قتل ڪيا ويا. انهن ۾ ميان سرفراز، سندس پٽ محمد خان، هن جي ڀاءُ محمود خان ۽ چاچي عطر خان جا نالا اچن ٿا. هي قتل عام 1191هه/1777ع ۾ ٿي گذريو.

عبدالغني ڪلهوڙو سنڌ جو نئون حاڪم بنجي ويٺو. هن سن 1194هه/ 1780ع تائين امن امان سان حڪومت ڪئي. ٽن سالن کان پوءِ وري درٻاري سازشون شروع ٿي ويون. هاڻي مير بجار کي قتل ڪيو ويو. هڪ ڀيري وري حاڪم کي خدا آباد مان ڀڄڻو پيو. مدد خان سندس مدد ۾ سنڌ پهتو، ليڪن کيس خاص ڪاميابي حاصل نه ٿي سگھي. هن موقعي تي پاڙيسري رياست بهاولپور دخل ڏنو ۽ سنڌ جي ڪلهوڙا حاڪم ۽ ٽالپرن ۾ معاهدو ٿي ويو. سازشون پوءِ به جاري رهيون. نتيجي ۾ مير عبدالله خان ۽ مير فتح خان، سن 1196هه/1781ع ۾ درٻار ۾ مارجي ويا. هي سڀ واقعا ”خداآباد ثاني“  کي ڏسڻا پيا. آخرڪار ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن ۾ سن 1198هه/ 1782ع ۾، هالاڻيءَ جي ميدان تي فيصله ڪن معرڪو ٿيو. نتيجي ۾ ڪلهوڙن جي راڄ جي پڄاڻي ٿي ۽ سنڌ تي ٽالپرن جي حڪومت قائم ٿي (18).

ڪلهوڙن کان پوءِ خدا آباد جون حالتون:

مير فتح علي خان سنڌ ۾ ٽالپرن جو پهريون حاڪم ٿيو، جنهن سن 1204هه/ 1789ع تائين ”خدا آباد ثاني“ ۾ پنهنجو تختگاهه قائم رکيو(19). موجوده دور ۾ اتي ڪلهوڙن جو ڪوبه آثار ڪونهي. جيڪي به ٿورا گھڻا آثار بچيا آهن، انهن جو تعلق ٽالپرن جي دور سان آهي. بچي ويل تاريخي اهڃاڻ به هاڻي نهايت خراب حالت ۾ آهن.

هتي موجود اڪيلو ۽ نمايان مقبرو مير فتح علي خان ٽالپر جو آهي. مير صاحب 1217هه/ 1802ع ۾ حيدرآباد ۾ وفات ڪري ويو. هن جو پٽ مير صوبيدار خان (وفات: 1262هه/ 1846ع) ۽ مير محمد علي ٽالپر (ولد مير صوبيدار خان)، جنهن 1278هه/ 1862ع ۾ وفات ڪئي، اهي پڻ هن مقبري ۾ پوريل آهن. ٽالپر خاندان جو ٻيو حڪمران مير غلام علي ٽالپر (وفات: 1227هه/ 1811ع) به هن قبي ۾ دفن آهي. هن مقبري ۾ موجوده پنجين قبر بابت خاطري ڪانهي. معلوم ٿئي ٿو ته اها قبر هڪ عورت جي آهي. جنهن سن 1264هه/1848ع ۾ وفات ڪئي هئي.

مقبري جي اوڀر ۾ ٽي چوڪنڊيون آهي. جن ۾ گھڻيون قبرون ڏسجن ٿين، انهن ۾ ٻه قبرون مير بهرام (وفات:1242هه/1826ع) ۾ مير بجار (وفات: 1220هه/1805ع) جون آهن.

چوڪنڊين جي اتر ۾ هڪ وڏي تجر اڄ به ڏسڻ جھڙي آهي. گھڻي خاطري آهي ته هي تجر مائي خيريءَ جي آهي، جيڪا مير فتح علي ٽالپر جي والده هئي..

مقبري جي اولهه-ڏکڻ ۾ ڪجھ وکن تي، سنڌي تعمير جو هڪ عمدو نمونو، اڄ به مسجد جي صورت ۾ موجود آهي. هي مسجد هالاڻي شهر ۾ قائم مسجد محراب وانگر ٺهيل آهي. روايت آهي ته خدا آباد جي هي مسجد، مائي خيريءَ جي هدايت تحت سن 1244هه/1799ع ۾ تعمير ٿي هئي.

مسجد جي اتر-اولهه ۾ ڪجھ مکيه ماڻهو دفن ٿيل آهن. اصفهان جو سيد عبدالهادي ابتدا ۾ مدارس ويو ۽ پوءِ ميان نور محمد جي دور ۾ سنڌ پهتو. پاڻ سن 1193هه/1779ع ۾ وفات ٿيو ۽ هتي دفن ٿيو. سندس پٽ ابراهيم شاهه به هن جي پهلوءَ ۾ دفن ٿيل آهي.

مسجد جي اولهه ۾ هڪ چوڪنڊي آهي. جنهن ۾ مير تاج محمد دفن ٿيل آهي. جيڪو غالبن 1212هه/1797ع ۾ وفات ڪري ويو هو. ساڳي ايراضيءَ ۾ ٻه وڌيڪ چوڪنڊيون آهن. انهن مان هڪ چوڪنڊيءَ ۾ مير بهرام ۽ سندس پٽ مير صوبيدار ابدي ننڍ ستل آهن؛ جن کي ميان سرفراز جي درٻار ۾ سن 1189هه/1775ع ۾ قتل ڪيو ويو هو. هتي هڪ قبر مير بجار جي آهي، جنهن کي هن شهر ۾ ميان عبدالنبيءَ جي دور ۾، سن 1194هه/1780ع ۾ قتل ڪيو ويو هو. مقامي روايتن موجب هنن آثارن کان اتر طرف، ڪجھ وکن تي ڪنهن وقت ۾ مائي گلان ۽ ميان سرفراز جون ماڙيون موجود هيون(20). تازو مون خدا آباد وڃي هنن آثارن کي ڏٺو ۽ مشاهدو ڪيو. هتي موجود اڪيلو مقبرو، هڪ تجر، هڪ مسجد ۽ ڪجھ چوڪنڊيون - اڄ به پنهنجي شاندار ماضيءَ جي ساک ڀري رهيون آهن. گھڻو ڪري هي سڀ آثار ختم ٿي چڪا آهن. انهن تي لڳل ڪاشيءَ جون خوبصورت سرون ڀڄي ڀُري پيون آهن، پڪيون تعميرات ڊهي ڍير ٿي ويون آهن ۽ مکيه مقبري وارو ڪوٽ ٽڪرا ٽڪرا ٿي ڪري پيو آهي، جيڪڏهن هي صورتحال ڪجھ وقت به جاري رهي، ته پوءِ ڪوبه تاريخي اهڃاڻ سلامت نه رهندو!

حوالا ۽ حاشيا

1.    منهنجو مقالو: ”ڪلهوڙا ڪڏهن ۽ ڪيئن حڪومت ۾ آيا؟“ ڪتاب ”مقالا“ سنڌي ادبي بورڊ سال 1988ع.

2.    منهنجو مقالو: ”ڪلهوڙن جا تختگاهه“ سه ماهي ”مهراڻ“ نمبر 2_3 ، سال 1983ع.

3.    هيگ: ”دي انڊس ڊيلٽا ڪنٽري“ مختلف صفحا، نئون ڇاپو، انڊس پبليڪشن ڪراچي 1972ع.

4.    ايس. معين الحق: ”خافي خانس هسٽري آف عالمگير“ ص ص 57_456، پاڪستان هسٽاريڪل سوسائٽي ڪراچي 1975ع.

5.    مير علي شير قانع: ”تحفته الڪرام“ سنڌي ڇاپو، ص 261، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد ، سال 1976ع.

6.    ساڳيو ڪتاب، ص 262.

7.    وليم فلور: ”دي ڊچ ايسٽ انڊيا ڪمپني اينڊ ديول سنڌ“، ص 62، ۽ ص 85 نوٽ 94، انسٽيٽيوٽ آف سينٽرل اينڊ ويسٽ ايشن اسٽڊيز، ڪراچي يونيورسٽي 1994ع.

8.    منهنجو مقالو: ”تختگاهه الهه آباد جي تلاش“ ، سه ماهي “ مهراڻ “ نمبر 3، سال 1989ع.

9.    ٽماهي ”مهراڻ“ جو خزان (1955ع) وارو پرچو.

10.                                                                                                                                                                         ”اي هسٽري آف سنڌ“ ص 142، نئون ڇاپو، سنڌ ڪلاسڪز ڪراچي ، سال 1982ع؛ قديم سنڌ، ص 19، سنڌي ادبي بورڊ ، 1981ع.

11.                                                                                                                                                                         مرزا قليچ بيگ: “اي هسٽري آف سنڌ“ ص ، 164.

12.                                                                                                                                                                         مير علي شير قانع: ”تحفته الڪرام“ ايڊٽ؛ سيد حسام الدين راشدي، سنڌي ادبي بورڊ 1971ع، ص ص 67_466.

_  هي مواد ڪتاب جي سنڌي توڙي اردو ڇاپن ۾ ڪونهي.

13.                                                                                                                                                                         خدا داد خان: ”لب تاريخ سنڌ“ ايڊٽ؛ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ص ص 1_130، سنڌي ادبي بورڊ 1959ع.

14.                                                                                                                                                                         ايم. ايڇ . پنهور: ”سورس مٽيريئل آن سنڌ“ ، ص 478، سنڌ الاجي 1977ع.

15.                                                                                                                                                                         ”اي هسٽري آف سنڌ“ ، صص 65_164 ، سنڌ ڪلاسڪز ڪراچي، سال 1982ع.

- البته ساڳئي مصنف پنهنجي ٻئي ڪتاب (قديم سنڌ ، ص 250) ۾ هن واقعي جو سال 1186هه/ 1772ع ڏنو آهي، جيڪو غلط آهي. ٻيا مصنف جھڙوڪ ڀيرومل مهر چند آڏواڻي (سنڌ جو سيلاني، ص 148، حيدرآباد 1923ع)؛ محبوب علي چنا (ٽماهي مهراڻ، خزان وارو پرچو، سال 1955ع) ۽ مولائي شيدائي (جنت السنڌ، ص 540)  - خدا آباد پراڻي ۽ خداآباد نئين بابت لکندي، گھڻو مونجھاري جو شڪار ڏسجن ٿا. اهي ”خدا آباد ثاني“ جي تعمير جو سال 1186هه/ 1772ع ڏين ٿا، جو تاريخي طور تي درست ڪونهي.

16.                                                                                                                                                                         ڊاڪٽر دائود پوٽو:  ”ڪلام گرهوڙي“، مقدمو ص ص 20_17، سنڌي ادبي سوسائٽي، ڪراچي 1956ع.

-  ڪجھ لکندڙن اهو به خيال ڏيکاريو آهي ته شاهه لطيف ۽ ميان نور محمد ڪلهوڙو هن شهر ۾ مليا هئا، پر اهو هڪ گمان آهي ۽ تاريخ ان جي پٺڀرائي نٿي ڪري. هي ٻئي همعصر خاطريءَ سان خدا آباد پراڻي (اول) ۾ مليا هئا.

17.                                                                                                                                                                         سيد حسام الدين راشدي: ”مثنويات و قصائد قانع“، مقدمو ص ص 30_29، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد 1961ع.

18.                                                                                                                                                                         غلام رسول مهر: ”تاريخ ڪلهوڙا“ جلد ٻيون، باب اٺين کان ويهين تائين، اردو ڇاپو، سنڌي ادبي بورڊ، 1968ع.

19.                                                                                                                                                                         ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: ”حيدرآباد“ ٽماهي ”مهراڻ“ نمبر 1, 1962ع.

20.                                                                                                                                                                         هن خدا آباد جي آثارن بابت، هي سمورا تفصيل محبوب علي چنا مرحوم جي مقالي تان شڪريي سان کنيل آهن (خدا آباد ثالث، ٽماهي ”مهراڻ“ خزان وارو پرچو، سال 1955ع.)                                                         

سنڌ گزيٽئر (هيوز) ۾ هالا جوذڪر

ليکڪ: اي . ڊبليو هيوز: سنڌيڪار: حُسين بادشاهه

 

هالا

هالا حيدرآباد ڪليڪٽوريٽ جي نوشهرو ڊپٽي ڪلڪيٽوريٽ، ٽنڊو ۽ حيدراباد جي دوآبي واري علائقن وچ ۾ ڦهليل وڏي ۾ وڏي ڊويزن يا ڊپٽي ڪليڪٽوريٽ آهي. هن جي اُتر ۾ نوشهرو ڊپٽي ڪليڪٽوريٽ جو تعلقو سڪرنڊ، ڏکڻ ۾ حيدرآباد تعلقو، ۽ ٽنڊي ضلعي جو حصو. ۽ اوڀر ۾ ٿرپارڪر ضلعو ۽ اولهه ۾ سنڌو درياهه آهي. هالا جي اُتر کان ڏکڻ تائين ڊيگھ شايد اٺونجاهه ميل، ۽ اوڀر کان اولهه تائين ڊيگھ ستونجاهه ميل آهي. ڊپٽي ڪليڪٽر جي ڪاٿي موجب سڄي ضلعي جو علائقو 2500 چورس ميلن تي ڦهليل آهي، پر سنڌ سروي کاتي موجب 2558 چورس ميل آهي. هالا چئن تعلقن - هالا، ٽنڊوالهيار، شهدادپور ۽ ميرپورخاص -  ۾ ورهايل آهي، جنهن ۾      آهن ۽ جنهن جي ڪل آبادي 216139 ماڻهن تي مشتمل آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org