سيڪشن:تاريخ

ڪتاب:هالا جا رنگ هزار(هالا متعلق لکڻين جو مجموعو)

باب:

صفحو:8

خدا آباد (نئين)

        خداآباد جو شهر نون هالن کان ڏيڊ ميل پنڌ تي آهي ۽ ٽنڊي آدم جي اسٽيشن کان ساڍا اٺ ڪوهه کن پري آهي. هي شهر ميان سرفراز خان ڪلهوڙي 1774ع ڌاري ٻڌايو آهي. انهيءَ کان اڳي ڪلهوڙن جو تختگاهه اُهو خداآباد جو شهر هو، جيڪو دادوءَ پاسي آهي؛ پر کوسن انهيءَ شهر کي باهه ڏيئي ساڙي ڇڏيو، جنهنڪري ميان غلام شاهه ڪلهوڙي نيرن ڪوٽ (حيدرآباد) وسائڻ جي ڪوشش ڪئي. جيستائين حيدرآباد جو قلعو ۽ ٻيون جُڙيون، تيستائين ڪلهوڙا ڪجھ وقت شاهپور ۾ رهيا ۽ پوءِ هي خدا آباد جو شهر اچي وسايائون، جو 1789ع تائين سندن گاديءَ جو هنڌ هو. ميان غلام شاهه ڪلهوڙو حيدرآباد کي پنهنجي تختگاهه بنائڻ کان اڳ پاڻ حياتيءَ جي تخت تان لهي پيو. مير فتح علي خان پوءِ حيدرآباد کي پنهنجو تختگاهه ڪيو، پر تڏهن به هي خدا آباد جو شهر چڱو وسيل هو. 1814ع تائين هي نئون شهر اهڙو وسيل هو، جھڙو حيدرآباد جو شهر اُنهيءَ سان سال وسيل هو؛ پر ٽيهن ورهين کانپوءِ يعني 1844ع ڌاري هن خدا آباد جو اهڙو حال ٿيو، جو منجھس نالي کي هڪ گھر به ڪونه بچيو. ڪيترا پير مرد چون ٿا ته هن شهر کي درياهه پائي ويو، جنهنڪري ماڻهو هتان لڏي ويا. تواريخن مان ايترو معلوم ٿئي ٿو ته هي شهر ڦٽڻ کان اڳ ڪيتري قدر ڌڪاڻجي به ويو هو.

        هن وقت خدا آباد جو شهر ماٺيڻن جو پاڙو (قبرستان) آهي. هتي هڪ ڪوٽ ٺهيل آهي، جنهن جي اندر مير فتح علي جو قُبو آهي، جيڪو اندران سڄو پٿر جو آهي ۽ مٿس عمدو نقش اُڪريل آهي. قُبي ۾ ٻين ميرن جون به قبرون آهن، جيڪي سڀ پٿر جون آهن ۽ مٿس قرآن شريف جون آيتون خوشخط لکيل آهن. اُنهيءَ قُبي جي صحن جي اُڀرندي پاسي پٿر جون چار چوکنڊون آهن، جن جي اُتر طرف هڪ تجر ۾ به تربتون آهن، جن مان هڪ تُربت مائي خيريءَ جي آهي، جيڪا مير فتح علي خان جي ماءُ هئي. مائي خيريءَ جي مسجد حيدرآباد ۾ ميان فقير جي پِڙ ۾ آهي ۽ پاڻ هتي پنهنجي پُٽ جي ڀر ۾ دفن ٿيل آهي.

        خدا آباد واري ڪوٽ جي ٻاهران مسجد آهي، جنهن جي اُتر طرف چوديواريءَ اندر پٿرايون چوکنڊون آهن، جن تي اُڪر جو ڪم نهايت عمدو ٿيل آهي. هتي اُلهندي پاسي هڪ اُٺ جيڏي قبر سرن جي ٺهيل آهي!  هي سڄو مقام آهي ۽ اُن جي اُتر ڏي ڪلهوڙن جو قلعو آهي، جنهن ۾ مير بهرام ۽ مير صوبيدار سان غضب ٿيو هو. مير بهرام، مير شهداد جو پُٽ هو ۽ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي وٽ برک هو. ميان سرور خان به پهريائين ڏاڍي عزت ڏيندو هوس، پر پوءِ هڪ حرڪتي سردار راڄو ليکي، جيڪو موري تعلقي ۾ دفن ٿيل آهي، تنهن ميان سرفراز خان کي چوريو، جنهنڪري ميان جي مير بهرام ۽ سندس پُٽن ۾ بدگماني پيدا ٿي. مير بهرام کي ٻه پُٽ هئا: هڪ مير بجر، ٻيو مير صوبيدار. هڪڙي ڏينهن مير بهرام، ميان سرفراز خان جي سلام تي ويو ته ميان چيس ته پنهنجي پُٽ مير بجر جا حال ڏس. اُجھو هي خط پڙهي ڏس ته منجھس ڇا لکيو اٿس. مير بهرام وائڙو ٿي ويو ۽ عينڪ پائي اڃا خط ٿي پڙهيائين ته ميان سرفراز خان پنهنجي ڪنهن ماڻهوءَ کي اشارو ڪيو، جنهن اُمالڪ ترار هڻي سِسي ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏيس! هي ويچارو خط پڙهي خون ٿي ويو!! ميان سرفراز جي ماڻهن پوءِ مير بهرام جي پُٽ مير صوبيدار کي وڃي ماريو، پر هن مرڻ کان اڳ راڄي ليکيءَ جي پُٽ الله بخش ۽ ٻين ٿورن کي عدم جي راهه ٻڌائي. هي هولناڪ حادثو 1774ع ۾ ٿيو.

        مير بحر کي پڻس اڳيئي چيو هو ته ميان سرفراز مان خوف سمجھجھانءِ، سو ته هڪدم هليو ويو حج تي! هڪ پير مرد مسلمان چيم ته مير بجر ڪاڻو هو ۽ ڏاڍو سياڻو هو. هو ساهه بچائڻ سانگي حج ڏي هليو ويو، پر اُتي به سنڌ جي وڻن کي پيو سنڀاريندو هو. مير بجر جي ڏاڙهي ڊگھي هئي، تنهن سان درگاهه جو در پيو ڇنڊيندو هو ۽ دم دم اها دعا پيو پنِندو هو ته شل سگھو سنڌ ۾ وڃي موجون ماڻيان. پير مرد چيو ته ڪنهن وقت درگاهه مان مير بحر کي آواز آيو ته، ”بجر ڪاڻا، وڃي گھماءِ سنڌ ۾ گھاڻا.“ مير بجر پوءِ سنڌ ۾ آيو ۽ گھاڻن گھُمائڻ کان اڳ سندس سر تي تلوار گھمايائون، جا ڳالهه عالم آشڪار آهي. ”ڪَنَ جي ڳالهين مير بجر کي مارايو!“ اِهو پهاڪو اڄ تائين مشهور آهي. هن خدا آباد واري قبرستان ۾ مير بهرام ۽ پٽس مير صوبيدار جون قبرون جدا چوکنڊين ۾ آهن ۽ مير بجر جي چوکنڊي اُنهن جي چوکنڊين جي ويجھو آهي.

اڏيرو لعل

ڳوٺ اُڏيرو لعل، هالن تعلقي [هاڻي مٽياري تعلقي] ۾ اُڏيرو لعل اسٽيشن کان پنجن ميلن جي مفاصلي تي آهي. اهو اصل جهيجن جو ڳوٺ سڏبو هو، جو جهيجا ذات جا مسلمان اُتي رهندا هئا. هتي پوءِ اُڏيري لعل جو مندر ٺهيو، تنهنڪري لعل صاحب جو مٿس نالو پيو. لعل صاحب پنهنجي مندر لاءِ هي پَٽَ ممڻ نالي هڪ ميمڻ کان سنبت 1019 ڌاري ورتو هو. هن پهريائين پٽ جا پئسا ٿي گھريا. چون ٿا ته اڏيري لعل امالڪ زمين ۾ نيزو کوڙيو ته ميمڻ کي اڪيچار ڌن ڌرتيءَ ۾ پوريل ڏسڻ ۾ آيو. تڏهن سمجھيائين ته ڪنهن ڪامل سان ڪم پيو اٿم. هو پوءِ پنهنجي زال سان صلاح ڪرڻ ويو ته هن کان پٽ لاءِ پئسا وٺجن يا نه. اڏيري لعل سان ان وقت پڳر ٺڪر ساڻ هو، جيسين ميمڻ جوءِ سان صلاح ڪرڻ ويو، تيسين هنن ٻنهي ڄڻن (لعل صاحب ۽ پڳر ٺڪر) کي اس گهڻو ستايو. لعل صاحب پوءِ پنهنجي قدرت سان هڪ کٻڙ جو وڻ پيدا ڪيو هي ٻئي ڄڻا ان جي ڇانو ۾ ٿي بيٺا. ميمڻ پوءِ زال سوڌو آيو، هي قدرتي وڻ ڏسي هيڪاري وائڙو ٿيو. هن پوءِ لعل صاحب کي چيو ته زمين جا پئسا اسان کي ڪونه کپن؛ باقي ايتري مهرباني ڪريو، جو جيڪا درگاهه هتي ٺاهيو، تنهن ۾ اسان کي مجاور ڪري رکجو. لعل صاحب اها ڳالهه قبول ڪئي ۽ پڳر ٺڪر، جيڪو سندس سؤٽ به هو ۽ شش به هو، تنهن کي مندر جوڙائڻ جي پارت ڪري پاڻ گھوڙيءَ تي سوار ٿيو ۽ گھوڙيءَ سوڌو اُنهي هنڌ سڀني جي ڏسندي زمين ۾ الُوپ ٿي ويو!

        جنهن هنڌ اڏيري لعل نيزو کوڙيو تنهن هنڌان قدرتي پاڻي نڪتو. پڳر ٺڪر پوءِ انهي هنڌ کوهه  کڻايو، جنهن کي ”ٻالنڀو“ ڪري سڏيندا آهن. لعل جا جاٽي انهي کوهه ۾ بجراڻا ۽ ديڳيون وجھندا هئا. کٻڙ جو وڻ جيڪو لعل صاحب پنهنجي قدرت سان پيدا ڪيو هو. سو به اڄ تائين آهي، ان جي ڀر ۾ ٻيا به کٻڙ ڄارا آهن.

        اڏيري لعل جو هاڻوڪو مندر جڏهن ٺهيو ٿي، تڏهن مسلمان چوڻ لڳا ته اسين هتي تجرون جوڙائينداسون ۽ قبو اڏائينداسون۽ توهنين جيڪڏهن مند جوڙيندا ته پوءِ اسان کي پير پائڻ به ڪونه ڏيندا؛ پر جنهن صورت ۾ هو شيخ طاهر هو ۽ اسان جو وڏو پير هو، تنهن صورت ۾ سندس قبر جوڙائڻ اسان تي حق آهي. هندو چوڻ لڳا ته هو شري امر اُڏيرو لعل صاحب هو ۽ اسان جو اوتار هو، تنهنڪري اسين مندر جوڙائينداسون ۽ اکند جوت ٻارينداسون. اهڙيءَ طرح هندن ۽ مسلمانن پهريائين پاڻ ۾ ردبدل ڪئي؛ پر پوءِ چڱي مت آين، جو پاڻ ۾ ٺهراءُ ڪيائون ته سڄي رات جاڳي امر لعل کي ارداس ٿا پايون، من اهو پنهنجي درگاهه جو فيصلو پاڻ ڪري. چون ٿا ته نيٺ اڌ رات جو آواز آين ته ذات تي ڏات ڪانهي، هتي جيڪو ڪمائي ڪندو، شيءِ آهي تنهن جي. مسجد ۽ مندر هڪ ڳالهه آهي، رڳو دل مان دئيت ڪڍڻ گھرجي. توهين هاڻ هيئن ڪريو، جو مسلمان قبو اڏائين ۽ هندو جوت جا آسٿان جوڙائين ۽ ٻئي ڀائرن جيان گڏجي ميٺ محبت ۾ مندر جي خدمت ڪن. انهيءَ فيصلي پٽاندر هندن ۽ مسلمانن گڏجي ڪم ڪيو ۽ ڪيترا سال سلوڪ ۾ گذاريائون، پر ٽن سالن کان منجهن اچي ناسازي پيدا ٿي آهي، جنهن ڪري حيدرآباد جي ڪليڪٽر صلح سانت قائم ڪرڻ لاءِ اڏيري لعل جو ميلو بند ڪرائي ڇڏيو آهي ۽ هاڻ نصرپور ۾ ميلو لڳندو آهي. اڳي هتي چيٽي چند جي ميلي تي تمام چڱو واپار هلندو هو. ميلي تي اٺ به وڪامڻ ايندا هئا.

جي ايم سيد

[سائين جي ڪتاب جنم گذاريم جن سين، ۾ هالا جي جن شخصن جو احوال آهي، سو هيٺ ڏجي ٿو.]

 1. مخدوم غلام محمد صاحب، مخدوم ظهير الدين صاحب(هالا)

        حضرت مخدوم نوح عليه رحمت جو هي پندرهون نمبر سجاده نشين، 12جمادي الاول 1303هه مطابق 21 فيبروي 1886ع تي ڄائو هو. هن سنڌي، فارسي، عربي ۽ انگريزيءَ جي تعليم ورتي. پاڻ پنهنجي والد جي 6 رجب 1335هه مطابق 11جنوري 1927ع تي وفاتيءَ  بعد سجاده نشين ٿيو. سندس حياتيءَ تي مختصر روشني وجھڻ کان اڳ بهتر آهي ته سندس خاندان ۽ چند تازه سجاده نشينن جي زندگيءَ بابت ڪجھه لکان. هي خاندان سنڌ ۾ ”نو لکي گودڙي“ ڪري سڏبو آهي، يعني انهيءَ جي تسلط ۽ اثر ۾ پير صاحب پاڳاري کان پوءِ، يا ڪن جي نظر ۾ ان کان به وڌ، هيءَ گادي شمار ڪئي ويندي آهي. اڳين جو احوال بيان ڪرڻ هن ڪتاب جي دائري کان ٻاهر ٿيندو. چوڻ ۾ اچي ٿو ته منجھن، واري سان، هڪ سجاده نشين فقيريءَ ۽ درويشيءَ طرف راغب ٿيندو آهي، ۽ هڪ دنياوي اقتدار ۽ ناموس طرف لاڙو ڪندو آهي.

مخدوم ميان امين محمد

سندس ڏاڏو، مخدوم ميان امين محمد صاحب، 7 شعبان 1254هه مطابق 27 آڪٽوبر 1838ع تي ڄائو هو. اول ۾، دنياوي گادي نشينن وانگر، شڪار ۽ راڳ وغيره ڳالهين طرف دلچسپي رکندڙ هو. آخر عمر ۾ هن کي ويراڳ واسو ڏنو ۽ هالن جي ڀر ۾ ”راهونڊ“ نالي مڪان ۾ ڄارن ۽ کٻڙن ۾ کڏ ڪڍي، چله ڪشيءَ ۾ مشغول ٿيو. سگھو ئي فقيريءَ ۽ شاعريءَ ۾ درڪ حاصل ڪيائين. 26 رمضان 1303هه مطابق 29 جون 1886ع تي سندس وفات ٿي. سندس وڏو فرزند ميان محمد زمان سجاده نشين ٿيو.

مخدوم ميان محمد زمان

هي مخدوم صاحب سنڌ جي عام سجاده نشينن وانگر، ظاهري رعب ۽ طاقت، نالي ۽ ناموس ۾ وک وڌائڻ لڳو. سندس نالو، انهيءَ ڪري، سرڪار پئجي ويو. هن ۾ فقيري يا درويشي نه هئي، پر مڙسيءَ جا گھڻا اکر هئس. هو پورالو راجا ڪري ليکبو هو. سندس راضي ٿيڻ ۽ رنج ٿيڻ جو پتو نه پوندو هو. جي ڪنهن تي راضي ٿيندو هو ته ڍئي ڇڏيندو هوس، جي ناراض ٿيندو هو ته خدا ڏئي پناهه. هو سنڌ جي انهن مخصوص خاندانن مان هو، جن ڪامورن جي ڏاڍ اڳيان سر نه نمايو، جنهنڪري هن کي گھڻيون تڪليفون برداشت ڪرڻيون پيئون. مثل کيس هڪ زال جي قتل ۾، ڪوڙي ڪيس هيٺ رجوع ڪري، گھڻيءَ تڪليف ۽ خرچ ۾ آندو ويو هو. سندس ڏينهن جا ٻه قصا عام ٻڌڻ ۾ ايندا آهن، جنهن مان سندس جوشيلي ۽ باغيرت طبيعت جو پتو پئجي سگھي ٿو.

        چون ٿا ته ڪنهن ڪليڪٽر کي دعوت ڏنائين، ۽ انهيءَ زماني جي دستور مطابق، سندس تفريح طبعيءَ لاءِ ملهه ۽ گھيٽن جي ويڙهه جو انتظام ڪرايائين. گھيٽن جي ويڙهه وقت ڪليڪٽر اعتراض ورتو. چي هي جانورن تي بيرحميءَ جو دستور آهي، اهو هو ڏسڻ نٿو گھري. انهيءَ تي ڪاوڙجي، مخدوم صاحب ساري مجلس درهم برهم ڪرائي ڇڏي. ۽ اها پرواهه نه ڪيائين ته ڪليڪٽر ناراض ٿيندو. چي: جيڪڏهن مهمان جي پسند جو لحاظ رکڻ ضروري آهي، ته ميزبان جي پسندي به ڪي حق رکي ٿي. دعوت دوستانه طور ڏنل هئي، نه حاڪم کي محڪوم طرفان. مجلس ۾ جي مهمان ميزباب جي جذبات کي مجروح ڪري سگھي ٿو، ته ميزبان به اهڙو حق رکي ٿو. جي کيس ڳالهه پسند نه هئي، ته مجلس پوري ڪرڻ بعد ان جو اظهار ڪري ها. مجلس ۾ اظهار ڪرڻ، سندس بيعزتي ڪرڻ جي برابر هو.

        ٻيو مثال اهو ٻڌڻ ۾ ايندو هو ته ڪنهن واهه جي کوٽائيءَ لاءِ انجنيري کاتي وارن طرفان هڪ ڇيڙ جي مخدوم صاحب کان گھر ڪئي ويئي. مخدوم صاحب ڪيئي سو ماڻهن جا ان طرف موڪليا، ۽ پاڻ به وڃِي اتي نڪتو. ڪم ڪرڻ بعد، ماڻهن کي ماني کارائي، انهن جي وندر لاءِ مخدوم صاحب ملاکڙو لڳارايو. ان وقت جي انجنير کي اها ڳالهه پسند نه آئي. هن منع ڪئي، جنهن تي مخدوم صاحب ان جي بيعزتي ڪئي، ۽ ڇيڙ واپس وٺي ويو. سندس طبيعت جي جولانيءَ جا ڪيئي اهڙا مثال زبان زد عام ٿي ويا.

         پاڻ 28 رمضان 1321هه مطابق 2 سيپٽمبر 1913ع تي وفات ڪيائين. هو دنيوي ماڻهو، سخت ۽ پورالو هو. ليڪن سندس وفاتيءَ ڪري عام ماڻهن ۾ غم جي لهر ڇانئجي ويئي. جنهن جي معني اها ڪڍي سگھجي ٿي ته هو عام ۾ مقبول هو. هن مخدوم صاحب لاولد ٿي وفات ڪئي. کانس پوءِ سندس ننڍو ڀاءُ، ظهيرالدين عرف ميان پرو ڄام، گاديءَ تي ويٺو.

مخدوم ميان ظهرالدين

هي وڏي ڀاءُ جي برعڪس هو. عالم، فاضل، عابد، درويش صفت ۽ تصوف جو ماهر هو. ديندار، نماز روزي جو پابند هو. مخدومن جي ملڪيت ۽ پيدائش تمام  گهڻي آهي، ليڪن وڏي مخدوم جي ڪشاده دستيءَ ۽ ڪيسن وغيره ڪري خزاني ۾ پئسو نه رهيو هو. هي مخدوم صاحب نهايت سٺو منتظم ثابت ٿيو. سوين ايڪڙن ۾ باغ رکايائين. هالن جي ساريءَ بازار ۾ دڪان ٺهرايائين. ڪفايت شعاريءَ سان، چڱو پيسو گڏ ڪيائين. ان جي اها معنيٰ نه سمجھڻ گھرجي ته هو بخل طرف مائل هو، بلڪ هڪ وڏو سخي ٿي گذريو آهي. سوين بيواهن يتيمن، ۽ مسڪينن جا ماهيانا ٻڌي ڇڏيائين جن کي بنا ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ جي ڄاڻ جي گھر ويٺي اهي پيسا پيا ملندا هئا. حڪومت ۽ ڪامورن سان سٺا تعلقات هئس. گاديءَ جو اهو شان رکيائين جھڙو ڪنهن سجاده نشين ڇٽو رکيو هوندو. سڀ کيس ملڻ ويندا هئا، پاڻ ڪنهن وٽ نه ويندو هو. هو بلند اخلاق، سخي، دشمن نواز، وڏي تحمل ۽ بردباريءَ جو صاحب هو. سيدن پيرن جي اصلاح، انهن ذريعي خدمت خلق ڪرڻ ۽ ماڻهن جي اخلاقي زندگي ٺيڪ ڪرڻ جو شوق کيس جنون تائين پهتل هو. مون جڏهن مٽياري سيدن جي ڪانفرنس سڏائي، ته مون کي گهرائي ان جا مقصد پڇيائين. مون کيس ٻڌايو ته ان مان منهنجو مقصد هن طبقي جي اخلاقي اصلاح آڻي، کين خلق خدا جي خدمت ۽ سندن بزرگن وانگر هدايت ۽ صحيح تعليم ڏيارڻ طرف راغب ڪرڻ آهي. جنهن تي صلاح بيٺي ته مٽياري سيدن جي انجمن ٺاهڻ بعد، لڪيارين جي انجمن ٺاهي، ساريءَ سنڌ جي سيدن پيرن جي ڪانفرنس سڏائجي. کيس ان ڳالهه جو اهڙو اونو هو. جو وقت بوقت لکي پڇيندو هو ته انهيءَ ڳالهه ڪيتريقدر واڌارو ڪيو آهي. منهنجي والد سان سندس دوستي هئي. هو مون کي پڌرانه شفقت ۽ محبت جي نگاهه سان ڏسندو هو بدقسمتي اها ٿي جو آخر عمر ۾ بيمار گذارڻ لڳو، ۽ سگھوئي، 6 رجب 1345هه مطابق 11 جنوري 1926ع تي انتقال ڪيائين.

 مخدوم ميان غلام محمد

والد جي حياتيءَ ۾ ئي هن جو لاڙو فقيريءَ ۽ درويشيءَ طرف هو. ابڙيچن جي نزديڪ، ڄارن ۾ چله ڪشيءَ ۽ غور فڪر ۾ مشعول رهندو هو. خوش قسمتي سان سگھو ئي سندس محمد فقير کٽياڻ سان واقفيت ٿي، جنهن همه اوست جي نقطه نگاهه کان کيس نه صرف واقف ڪيو، پر کيس خودي کانئڻ جي اهڙي تعليم ڏني، جنهن هن مان وڏ ماڻهپيءَ ۽ معتبريءَ جا سڀ اثر ختم ڪري ڇڏيا. اهو سندس خودي کانئڻ جو معراج هو، جو هالن جي بازار مان فقيرن سان گڏ ڳائيندو لنگھيو؛ نه ته عام طرح مخدوم صاحب بازار ۾ اچڻ کي عيب سمجھندا آهن. سندن جاءِ جي ٻاهران ڪيئي دربان ويٺا هوندا آهن. سندن ملاقات به مشڪل مسئلو هوندو آهي. فقير جي صحبت مان، همه اوست سان گڏ کيس صوفياڻي راڳ ٻڌڻ ۽ ميءِ نوشيءَ جو ورثو به مليو.

        مخدوم صاحب نياز ۽ حلم جو مجسمو هو. ڳالهائيندو ٿورو هو. سدائين سڪوت ۾ رهندو هو. جيڪڏهن ڪو ساڻس ڳالهائيندو هو ته ٻن ٽن چونڊيل لفظن ۾ اهڙو جواب ڏيندو هو، جنهن تي وڏن جيد عالمن ۽ فيلسوفن کي به رشڪ اچي.

        منهنجي ساڻس رئيس فقير بخش خان ڪاڇيءَ جي معرفت واقفيت ٿي: ليڪن بدقسمتيءَ سان انهيءَ وقت سياسي ڳالهين ۾ مشغول رهڻ ڪري، سندس مجلس ۽ ملاقات مان گھڻو لطف حاصل ڪري ڪو نه سگھيس. دنيوي ڪارخاني جو ڪاروبار سندس ننڍو ڀاءَ مولوي ميان غلام حيدر صاحب هلائيندو هو. جنهن جو احوال جدا ايندو. کيس ميان محمد زمان فرزند ٿيو، جو ”طالب المولا“  جي تخلص سان سنڌي ادب جي بينطير خدمت ڪري رهيو آهي.

        مخدوم ميان غلام محمد صاحب 1 محرم 1363هه مطابق 28 ڊسمبر 1943ع تي وفات ڪئي.   

2. مخدوم ميان غلام حيدر ولد مخدوم ميان ظهير الدين قريشي

هي صاحب هالن جي صديقي قريشي گھراڻي مان هو، جي عام طرح مخدوم سڏجن ٿا. هي مخدوم نوح رح جي اولاد مان، سندس چوڏهين نمبر سجاده نشين مخدوم ميان ظهير الدين عرف ميان پريل ڄام جو چوٿون نمبر فرزند هو. پاڻ 12 ذوالحج 1316هه مطابق 24 اپريل 1899ع تي هالن نون جي شهر ۾ ڄائو هو. ابتدائي تعليم هالن ۾ هڪ مڪاني عالم وٽ حاصل ڪيائين. پوءِ مولوي شاهه محمد وٽ پڙهيائين. ان کان پوءِ هي ديوبند ۾ويو، جتان مولويءَ جو ڪورس پورو ڪري، دستاربندي ڪري آيو. واپس اچڻ تي سندس والد مرحوم سمورو ڪاروبار سندس حوالي ڪيو. انهيءَ ساري مشغوليت هوندي به، هي ادبي ۽ علمي صحبتن کي جاري رکيو ۽ ڪتابي مطالعو ڪندو آيو، جنهنڪري سندن خانداني ڪتب خاني ۾ ڪتابن ۾ ڪافي اضافو ٿيو. هي تعليم جي معاملي ۾ گھڻي دلچسپي وٺندو هو ۽ هٿ کولي پيسو خرچ ڪندو هو.

سياست ۾ دلچسپي وٺڻ جي شروعات هالا ميونسپالٽيءَ جي پريزيدنٽ چوندجڻ سان ڪيائين. منهنجي ساڻس واقفيت 1922ع کان ٿي. ان جو خاص وجھ اهو هو ته سندن والد موحوم مون کي پدرانه شفقت سان ڏسندو هو. انهن جي ملاقات لاءَ جڏهين ويندو هئس، ته ميان غلام حيدر صاحب سان به ملڻ ٿيندو هو. ان وقت ميان غلام حيدر صاحب سان اڪثر علمي ۽ ادبي گفتگو ٿيندي هئي. آهستي آهستي ٿي اسان جو دوستاڻو رستو ٿي ويو. اهو آخر تائين هلندو اچي ها، جيڪڏهين سياسي ڳالهيون انهيءَ ۾ رخنو نه وجھن ها.

1938ع ۾ ميران محمد شاهه بمبئي ڪائونسل ۾، سر غلام حسين جي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جي ميمبر چونڊجڻ بعد خالي ٿيل جاءِ تي اميدوار بيٺو. ميان غلام حيدر مهرباني ڪري منهنجي چوڻ تي هن کي مدد ڪئي، ۽ هو ڪائونسل تي ميمبر چونڊجي ويو. ان کان پوءَ 1930ع ۾ وري بمبئي ڪائونسل جي چونڊ ٿي. ان ۾ ساڳئي ڪم لاءِ وٽس ويس، ان وقت مخدوم ميان غلام محمد صاحب تي هر طرف کان اثر پوڻ لڳا هئا. ميان غلام حيدر تي ڪن دوستن طرفان ميان نور محمد جي فائدي ۾ مدد ڪرڻ لاءِ اثر پيا هئا. سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته اڻ هيريا م هير متان هرني، هيريا نه ڦير متان ڦرني“، ان وانگر مون ساڳيءَ مدد جي توقع رکي. ليڪن هن کي مصلحتن جي بناءِ تي ٻنهي طرف رس رهائڻ جو خيال هو. اهڙي ڳالهه لڪي نٿي سگھي. هن وقت تائين مدد کي خاص مهرباني سمجھي پئي ويئي. هاڻ آسپاس ڪم ڪرڻ بعد معلوم ٿيو هو ته انهيءِ حد ۾ منهنجو شخصي به ٿورو گھڻو اثر هو. هالن پراڻن ۾ عزازت ۽ تعلقات هئا. خانوٺ ۽ ڀٽ وارن سيدن پيرن سان به لاڳاپا هئا. زير پير، جھنڊي جي پيرن جي هڪ گروهه، ڀاڻوٺ، ۽ ڀٽ وارن سيدن پيرن سان به لاڳاپا هئا. زير پير، جھنڊي جي پيرن جي هڪ گروهه، ڀاڻوٺ مٽياري وغيره طرف ازخود اثر هلي سگھيو ٿي. پهرين خيرات سمجھي مدد ورتي پئي ويئي. هاڻ حجت ۽ حق سان مدد گھري ويئي. نتيجي ۾ آهستي آهستي ٿي شڪررنجي پيدا ٿي. جوانيءَ ڪري رت گرم ۽ تجربو ٿورو هو. سياست ۽ شخصي تعلقات کي جدا ڪري هلائڻ جو شعور ۽ جذبو پيدا ڪونه ٿيو هو. اهي اختلاف وڌي وڻ ٿيا.

سنڌ جدا ٿيڻ بعد جڏهين سنڌ اسيمبليءَ جون چونڊون ٿيون، ته اسان پير بقادار شاهه کي سندس سامهون اميدوار بيهاري، ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. پر مخدوم صاحب وڏي پير ميان الهيار شاهه، بقادار شاهه جي ڀاءُ، سان سڌي گفتگو ڪري، بقادار شاهه کي هٿ کڻائي ڇڏيو. چونڊن کان پوءِ اسان کي اميد هئي ته گڏجي ڪم ڪري سگھنداسون. پر اسان مخالفت ۾ ويٺاسون. ميان غلام حيدر مصلحتن کي نظر ۾ رکي، سر غلام حسين جي وزارت جو ساٿ ڏنو. جڏهين سر غلام حسين کي شڪست ملي ۽ الهه بخش جي وزارت وجود ۾ آئي، تڏهن ميان غلام حيدر، پير الاهي بخش صاحب جي ڪري،  وزارت جو ساٿ ڏنو. جڏهين ڍلن جي سوال تي الهه بخش وزارت سان اسان جو اختلاف ٿيو، ۽ اسان وري مخالفت ۾ هليا وياسون، ته هي وزارت سان گڏ رهيو. اهڙيءَ طرح غلط فهميون ويئون وڌنديون. ساڳيءَ طرح سياست ۾ برادرم ميران محمد شاهه سان به منهنجا اختلاف پيدا ٿيا هئا، پر هن باوجود منهنجي سخت ڪوشيءَ ۽ بي محابائيءَ جي تعلقات نه ٽوڙيا ۽ منهنجون ڪافر ماجرايون برداشت ڪندو آيو؛ ليڪن مخدوم صاحب جي حالت جدا گانه هئي. هيءُ وڏي گادي نشين جو ڀاءَ ۽ پنهنجي ڳالهه کي مٿي ڪرڻ ۽ ڏسڻ وارو هو. سياست ۾ هر ڪو آزاد هو. جيڪڏهين اسان ڪن ڳالهين خاطر، جن کي اصول ٿي سڏيو سون، حڪومتن جي مخالفت کي پسند ڪيو ٿي، ته هن کي هر ڪو حق هو ته وقتي مصلحتن ۽ شخصي سهوليتن خاطر هو جدا رويو اختيار ڪري. تجربي ۽ سمجھ گھٽ هئڻ ڪري، رواداريءَ جي خبر ڪانه پيل هيم. هاڻ معلوم ٿيڻ لڳو آهي ته اڪثر سياستدان ننڍن ٻارن وانگر رسڻ پرچڻ لڳن ٿا. هنن لاءِ دنيا ۽ مافيها سياست رهي ٿي. ڪاش، اها سمجھ ان وقت اچي ها، ته هن علم دوست، اديب، پراڻي شفيق، مهربان دوست سان قديم نيازمندانه تعلقات آخر تائين قائم رهندا اچن ها؛ پر هاڻ ڪجھ ٿي نٿو سگھي. صرف ميان الهيار شاه مرحوم جا هي اکر ڪنن ۾ گونجي رهيا آهن، جيڪي هن پنهنجي ڀاءُ پير بقادار شاهه ۽ مخدوم صاحب جي اليڪشن چٽاڀيٽيءَ ۾ پير بقادار شاه کي هٿ کڻائي، مون کي چيا هئا: چي: ”ميان ميمبريون ايترو لهن ئي ڪونه، جيترو لحاظ لهي!“ هن وقت مخدوم ميان غلام حيدر مرحوم جو ڀائٽيو مخدوم صاحب به سياست ۾ آهي. سندس سياسي پاليسي به ساڳي، مصلحتن جي لحاظ کان حڪومت جي طرفداري آهي پر اميد ته ماضي کان سبق پرائي اهڙي  گستاخي نه ڪبي، جو سياست کي شخصي، ثقافتي ۽ خانداني تعلقات ۾ دخل انداز ٿيڻ ڏبو.

ميان غلام حيدر مر‎حوم سنڌ اسيمبليءَ تي 1946ع تائين ميمبر رهيو. سال 1946ع جي شروعات جي چونڊن ۾ هن پير بقادار شاهه کي اسيمبليءَ تي چونڊائڻ ۾ مدد ڪئي. وري سال جي آخر ۾ جڏهن اسيمبليءَ ختم ڪري نيون چونڊون ڪرايون ويئون، ته ان ۾ هي ميمبر چونڊجي آيو، ۽ آخر عمر تائين ميمبر رهندو آيو، هي هالا ميونسپالٽيءَ  ۽ هالا مسلم ليگ جو پريزيڊنٽ به پڇاڙيء تائين رهندو آيو.

مرحوم ڪي ڪتاب به تصنيف ڪيا آهن، جن مان ڪي ڇپيل ۽ ڪي اڻ ڇپيل آهن سندس ڪوشش سان مخدوم نوح عليه الرحمت جي درگاهه ۽ مسجد جي سامهون هڪ وڏو ورانڊو جمعي نماز پڙهڻ لاءِ تعمير ٿي، 1351هه ۾ مڪمل ٿيو. هن جو مکيه ڪارنامو 5 جنوري 1942ع تي هالن جي شهر ۾ مخدوم حيدر هاءِ اسڪول جو برپا ڪرائڻ آهي، جنهن جي ساري بلڊنگ سندس خرچ ۽ ڪوشش سان تعمير ڪرايل آهي. ان هاءِ اسڪول ۾ 20 فيبروري 1944 تي بورڊنگ هائوس ٺهرايائين. ان کان پوءِ ان هاءِ اسڪول کي وڌائي ۽ ان سان گڏ سروريه اسلاميه ڪاليج پڻ 27 مئي 1947ع تي قائم ڪرايائين.

آخر عمر ۾ ذيابيطس جي بيماريءَ ڪري، سندن طبيعت ٺيڪ نه رهندي هئي. کين ڪو اولاد نه ٿيو. پاڻ 26 رمضان 1372هه مطابق 9 جون 1953ع تي صبح جو نوين بجي اڱاري ڏينهن وفات ڪري ويو. نورالله مرقده.

(صفحو 397 کان 400)

3. مخدوم ميان محمد زمان صاحب، مخدوم ميان غلام محمد صاحب قريشي (هالا نوان)

هي صاحب مخدوم نوح عليه الرحمت جو 16 نمبر سجاده نشين آهي. سندس جنم جي تاريخ 9 محرم سنه 1338هه مطابق 16سيپٽبر 1919ع آهي. پاڻ اول ۾ قرآن شريف درگاه جي مجاور حافظ ولي محمد وٽ پڙهيائين ۽ ان کان پوءِ سنڌي حاجي عبدالغفور وڪيلاڻيءَ ۽ آخوند عبدالرحمان وٽ، ۽ فارسيءَ جي تعليم مولوي عبدالحئي ٺيڙهيءَ واري ۽ مولوي محمد عالم وٽ ورتائين.

ننڍي هوندي سندس چاچي مولوي ميان غلام حيدر صاحب جي تربيت هيٺ رهيو، جو سندن جد امجد ۽ والد مرحوُم جي ڏينهن ۾ سمورو ڪاروبار سنڀاليندو هو. سندن ڏاڏي مرحوم مخدوم ميان ظهيرالدين صاحب سنه 1927ع ۾ وفات ڪئي ۽ ان کان پوءِ سندن والد درگاهه سروريءَ جو سجاده نشين ٿيو.

هي پنهنجي والد کي اڪيلو فرزند هو. سنه 1937ع ۾ جڏهين ارڙهن سالن جي عمر کي رسيو ته سندس پهرين شادي ٽنڊي باگي جي پيرن وٽان ٿي، جي به مخدوم نوح عليه الرحمت جي اولاد مان قريشي پير آهن، ٽن سالن بعد سندن اهليه وفات ڪئي. ان مان کيس هڪ فرزند، ميان محمد امين صاحب ٿيو. ان کان پوءِ مولوي فضل احمد غزنويءَ جي نياڻيءَ سان ڊسمبر سنه 1942ع ۾ شادي ڪيائين.

سندن والد ميان غلام محمد صاحب 30 ذوالحج سنه 1363هه مطابق 16ڊسمبر 1944ع تي وفات ڪئي. هي سنه 1945ع جي شروعات ۾ سجاده نشين ٿيو. ان وقت سندس عمر پنجويهه سال هئي. ٻيو سندس ڪاروبار ساڳيءَ طرح هن جو چاچو ميان غلام حيدر سنڀاليندو رهيو. مخدوم ميان غلام حيدر 27 رمضان سنه 1372ه مطابق 9جون 1953ع تي وفات ڪئي. ان کان پوءِ سمورو ڪاروبار کيس سنڀالڻو پيو.

مخدوم صاحب کي شاعريءَ ۽ راڳ سان ننڍي هوندي کان شوق هو. پهريائين تخلص ”بيوس“، پوءِ ”فراقي“، بعد ۾ ”زمان شاهه“ ۽ آخر ۾ سنه 1949ع کان ”طالب الموليٰ“ اختيار ڪيائين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org