سيڪشن:تاريخ

ڪتاب:هالا جا رنگ هزار(هالا متعلق لکڻين جو مجموعو)

باب:

صفحو:5

آخوند محمد قاسم پٽ نعمت الله قريشي هالا جو رهندڙ هو. ۱۲۲۱ھ ۱۸۰۶ع ۾ ڄائو هو. پنهنجي دور جو فارسي ۽ سنڌي جو بهترين شاعر هو. افسوس جو هن کي خليل تڪمله ۾ جاءِ نه ڏني آهي. آخوند قاسم  تمام گھڻا شعر چيا آهن غزل جو استاد هو. بهترين قصيده چوندڙ هو، عربي ۽ اردو ۾ به شاعري ڪندو هو. شعر جو اڪثر صنفون سندس ڪتابن ۾ موجود آهن. آخوند مرحوم شروع ۾ انگريز حڪومت جو معمولي ملازم منشي هو. پوءِ اها نوڪري ڇڏي مير علي مراد خان ٽالپر والي خيرپور سنڌ جي دربار ۾ مير حسن علي خان ٽالپر سان وابسته ٿيو. مير علي مراد خان ٽالپر طرفان آخوند قاسم کي ٻه سئو روپيه پگھار ملندي هئي. ۽ مير حسن علي ٽالپر سندس قدر شناسي ڪري انعام طور پنج رپيه مهينو مقرر ڪيا. آخوند صاحب ۱۲۹۸ھ ۱۸جنوري ۱۸۸۱ع اڱاري ڏينهن گذاري ويو ۽ پنهنجي وطن هالا ۾ دفن ٿيو. سندس ديوان سنڌيءَ ۾ ديوان قاسم جي نالي ۱۸۷۵ع ميرزا قليچ بيگ جي مقدمي سان شايع ٿيو هو پر سندس فارسي ديوان اڃا شايع نه ٿيو آهي. ” مفرح القلوب“ ۾ لکي ٿو ته:

زدست لطف شہ خيرپور ديده شود

که تاچه پرورش مـــــــــا پديد مي آيد

هڪ قصيده ۾ مير حسن علي خان حيدرآباد واري لاءِ چوي ٿو ته:

من و دعئہٗ بودتا قوام قصر جھان

سوال دبدبده دولتش قــــــوي بنياد

بعز و جاه و جلال و فال عهد مدام

خداش نا مور و نامدار گــــــــــردا ناد

هر که درملکـــ ”لار“ ميماند، زير آسيب آسمان باشد

ور برد در کراچي آب ر خروم ، لطف حق پيش و بيکران باشد

هاله ڪنڊي ۾ هڪ ٻيو شاعر به قاسم نالي ۽ تخلص سان سانوڻين جي خاندان ۾ آخوند محمد قاسم پڻ نعمت الله کان ۵۰ سال اڳ ٿي گذريو آهي. جنهن جو پورو ديوان ته نه مليو آهي. پر سندس مختلف لکڻيون مون کي (حسام الدين راشدي) هٿ آيون آهن. تخلص ۽ نالي جي هڪجهڙائي ڪري سنڌ جي ڄاڻو عالمن هنن ٻنهي شاعرن کي هڪ ڪري سمجھيو آهي. حالانڪ هي شاعر ٻيو آهي. جنهن بابت مختصر معلومات هن ريت آهي. آخوند محمد قسم پٽ آخوند محمود مشهور سانوڻي آخوند جي خاندان مان هو، هن پنهنجي پيءَ کان تعليم حاصل ڪئي. سندس والد آخوند محمود به عالم هو ۽ نصرپور جي مدرسي ۾ پڙهائيندو هو. ۱۱۷۲هه کان پوءِ گذاري ويو ۽ ان ڳوٺ ۾ ئي دفن ٿيو. محمد قاسم پيءَ جي وفات بعد نصرپور جي مدرسي ۾ پيءَ جي جاءِ سنڀالي ۽ پوءِ وري ٽنڊي مير ڄام خان ۾ اچي رهيو ۽ اتي اچي پڙهائڻ لڳو. سندس ديوان فارسي ۾ موجود آهي، جنهن ۾ ٻين بهترين شعرن سان گڏ پنهنجي شهر هالڪنڊي جي ساراهه ڪندي چئي ٿو ته:

يا ربّ شگفتہ باده، گلزار هاله ڪنــــــــــدي

آباد رکجان سائين گلزار هاله ڪــــــــــــــــــــــنڊي

سر سبز و سايہ گستر اشجار هاله ڪندي

ساوا هجن سدائين اشجار هاله ڪــــــــــــــــــنڊي

پروردگار عالم از لطف بي نهايــــــــــــــــت

ساري جھان جا مالڪ ڪر ٻاجهه تون مڙن تي

رونق پذير گرده هر ڪار هاله ڪنــــــــــــدي

سولا ڪجاءِ سڀ ڪم ۽ ڪار هاله  ڪــــــــــنڊي

با حرمت محمد و اصحاب آل پاکــــــــــــــش

نالي نبيءَ جي ۽ صدقي سندن صحابــــــــــــــــن

فضل خدا ست هردم معمار هاله ڪنـــدي

رب جو فضل آ هردم معمار هاله ڪنــــــــــــڊي

چون گل شگفته هر دم، باد از نسيم فرحت

گل وانگي آ ٽڙيل ۽ ٿڌڙي هتي هوائـــــــــــون

يا رب ز فضل عامت خوشدار هاله ڪــــــندي

قادر جي آ ڪرم سان خوشدار هاله ڪنــــــڊي

هريکـ بعلم نامي، هريکـ بفضل سامــــــــــــــي

مشهور آ ملڪن هر ڪو هتي جو عالــــــــــــم

هر يڪ عديل جامي، ابرار هاله ڪنــــــــــــدي

هر هڪ آ جامي جھڙو ابرار هاله ڪـــنــڊي

ازبسکہ بيمثال است، اندر بلاد گيتي

بازار بي مثل آ ناهي سا ڪنهن شــهر ۾

ورد زمان علام، اذڪار هالـه ڪنـــــدي

دنيا جي آ زبان تي اذ ڪار هاله ڪنـــــــڊي

هر ڪوچه چون گلستان هر خانه کاخ جنت

هرجاءِ ڄڻ گلستان هر گھر هتي جو جنت

از روضہ ارم بہ بازار هاله ڪنـــــــدي

آهي ڀلي ارم کان بازار هاله ڪنــــــــــــــــڊي

مرغول مهو شانش هر ڪس کة ديد گفتــا

سهڻن جا پيچ پائڻ هر هڪ ڏسي چيو ٿــي

از چين و شام بهتر صد بار هاله ڪندي

آ چين شام کان مٿ سئو بار هاله ڪنڊي

کر جا ڪني بجنت هر دم ز شوق گوئـــي

هر وقت شوق مان جي جنت ۾ جاءِ ڳولهين

با شد که باز بينم ديدار هاله ڪـــــــــــــندي

ات ڀي ڪرين سڌون مان ديدار هاله ڪنڊي

در ديده سڪندر منشان طبع روشــــــــــــــن

روشن دماغ ماڻهن ۽ سوچن ۾ سڪـــــــندر

آئينہ هست هريکـــ ديوار هاله ڪنـــــــــدي

چمڪي جتي ٿي هر هڪ ديوار هاله ڪنڊي

قا حشر غم نه بيندز آفات ” قاسما “ او

ڪوسو ڪو واءُ ڪڏهين ”قاسم“ لڳي نه ڪڏهين

مخدوم نوح باشد، دار هاله ڪـــــــــندي

مخدوم نوح ٿيو آ سردار هاله ڪـــــــــــــنڊي.

        ديوان قاسم حيدرآباد جي ٽالپري ڪتب خاني ۾ موجود آهي. جنهن جي آخر ۾ لکي ٿو ته تاريخ ڇهين مهينو رجب ۱۲۱۲هجري ڏينهن يڪشنبہ لکندڙ حقير فقير پر تڪسير محمد تقي غفرالله العلم ان ديوان ۾ هڪ مدح هڪ ساراهه مخدوم هاله ڪنڊي ۾ هڪ مدح سندس پٽ محمد حيات جي فارسي غزل ۽ ۸ اردو غزل شامل آهن (مهران جون موجون ص ۴۵) ٻئي هنڌ وري هاله ڪنڊي جي ساراهه ڪندي چوي ٿو ته.

شيرين و خوشگواه، هست اب هاله ڪندي

وڻندڙ مٺو ڀلو آ ٿيو آب هاله ڪنڊي

يادم دهدز ڪوثر، ڪولاب هاله ڪــــــــندي

ڏياري ٿو ياد ڪولاب هاله ڪنــــــــڊي

 

هر باغ .”باغ رضوان، هريڪ درخت طوبيٰ

هر باغ آهي رضوان، هر وڻ هتي جو طوبيٰ

باشد دري ز جنت هر باب هاله ڪنـــــــــــــدي

جنت جو در هجي شل هر باب هاله ڪنـــــڊي

يا رب دعائي قاسم کن مستجاب هـــــر دم

مولا قبول ڪر تون ”قاسم“ سندي دعا کــي

باشند خوش هميشہ اصحاب هاله ڪــــــندي

خوش ٿي رهن سدائين اصحاب هاله ڪنڊي.

        کيس ٻه پٽ هئا هڪ جو نالو محمد حيات ۽ ٻئي جو محمود هو. محمود جي ڄمڻ جي تاريخ هن ريت چئي اٿس. تاريخ تولدش خرد گفت، ”محمود زهي بيخت محمود ۱۲۱۲ هه. آخوند محمد قاسم فارسي ۾ پنهنجي باري ۾ ۽ پنهنجن پٽن جي باري ۾ به شعر چيا پاڻ حافظ ۽ سعدي جو عقيدت مند هجڻ سبب سندن ساراهه ۾ پڻ شعر چيا آهن. ديوان قاسم جو هڪ نسخو، جنهن جي لکڻ جي تاريخ ۹ شوال  ۱۲۴۰ ھ آهي. سرڳواسي صوڀراج ”فاني“ جي ڪتابن ۾ به موجود  آهي. ڊاڪٽر سدا رنگاڻي پنهنجي ڪتاب لاءِ ان مان مدد ورتي هئي.

 (هي مضمون ڪافي جاين تي ڇيپو آهي. اسان ماهوار پيغام جي مئي جون 1991 جي حضرت غوث الحق مخدوم نوح سرور رح جي حوالي واري خصوصي شماري تان کنيل آهي. ڪجھ مواد ورجاءُ کان بچڻ لاءِ حدف ڪيو ويو آهي.)

هالا ڪنڊي - سادات متعلوي جو ابتدائي مسڪن

عمر بن محمد دائودپوٽو

متعلوي ساداتن جا ابا ڏاڏ اصل هرات جا ويٺل هئا. اهي سنڌ ۾ ڪيئن ۽ ڪڏهن آيا، تنهنجي حقيقت هن ريت آهي[1]: جڏهن امير تيمور صاحبقران ايران ۽ توران هٿ ڪري، 2 لک 62 هزار ۽ 3 سؤ لشڪر سان هرات[2] ۾ آيو، تڏهن حضرت غفران پناه رضوان آرامگاه سيد مير علي رحه، جو انهيءَ ولايت جي صحيح النسب ساداتن ۽ شريفن مان هو، امير تيمور جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ لشڪر جي تعداد موجب رپيا مهمانيءَ طور نذرانو رکيائين. امير تيمور ڏاڍو راضي ٿيو ۽ سيد ميرعلي جي اصالت ۽ نجابت کان واقف ٿي ۽ سندس فرزندن جي فضيلت ۽ اهليت ڏسي، هرهڪ کي قدر آهر عزت واريون جايون عطا ڪيائين. مير عبدالباقي کي اجمير ۾، مير عبدالواحد کي ملتان ۾، مير عبدالرزاق کي بکر ۾، ۽ مير ابوبڪر کي سيوستان ۾ مقرر ڪيو ويو[3].  باقي مير شرف الدين پنهنجي وطن هرات ۾ پنهجي قبيلي سان رهڻ اختيار ڪيو. مير سيد حيدر ڪابه منصب قبول نه ڪئي، ۽ پنهنجي والد بزرگوار سان گڏجي امير تيمور جي رڪاب ۾ هندوستان ۾ آيو. پوءِ ستت ئي امير تيمور ۽ پنهنجي پيءُ کان رخصت وٺي گھمندو ڦرندو سنڌ ۾ آيو.[4] الغرض جڏهن هاله ڪنڊيءَ (هاڻي هالا) جي شهر ۾ پهتو، تڏهن شاهه محمد هالي پٽ دريا خان هالي جي حويليءَ سامهون گھر ڪري ويٺو.

ان وقت هالن جي حاڪم ميران محمد نالي، هالا ذات جي ماڻهن تي ڪنهن قصور جي ڪري 525 رپيا ڏنڊ وڌو هو، جنهن ڪري هو تمام موڙهل ۽ ڏکويل هئا. سيد حيدر وٽ ناڻو  جام هو، سو في الحال ميران محمد کي پاڻ وٽ گھرائي، اها ساري رقم پنهنجي هڙان ڀري ڏنائين ۽ هالن جي جند آزاد ڪرايائين. اهڙي ڀال ڀَلائڻ ڪري هالا سندس نهايت احسانمند ٿيا ۽ ٿوري لاهڻ جي مِنۡهُن سان سڱ آڇ به ڪيائونس. آخرڪار انهن جي رضا خاطر شاهه محمد هالي جي سيلوان نياڻي بيبي فاطمہ سان سنديس شادي ٿي. جيئن ته سيد حيدر جي والده سڳوريءَ جو نالو پڻ فاطمہ هو، تنهن ڪري سندس نالو مٽائي ’بيبي صاحب سلطان‘ رکيائون.

سيد حيدر هالا ڪنڊيءَ ۾ هڪ سال ۽ پنج مهينا رهيو. تنهن کان پوءِ پنهنجي والد بزرگوار سيد مير علي جي وصال جو ٻڌي هرات ڏي وڃڻ جو ارادو ڪيائين. اُسهڻ وقت خبر پيس ته سندس گھر اميدواري آهي، تنهنڪري پنهنجي حرم کي هڪ ٽڪ واري منڊي، هڪ جڙادار خنجر ۽ هڪ قديم خانداني ٻانهي خدمت لاءِ ڏيئي، وصيت ڪيائين ته جي پٽ ڄمي ته نالو مير علي رکجوس ۽ جي نياڻي ڄمي تي ڏاڏيس وارو نالو ڌرجوس. اهو بندوبست ڪري پاڻ هرات ڏي روانو ٿيو. اتي پهچڻ کان پوءِ 3 سال ۽ 27 ڏينهن جيئرو رهيو. هرات ۾ اڳيئي ٻه وڏا پٽ سيد محمد ۽ سيد حسين نالي هئس، جن کي پيءُ جو بيشمار ورثو ترڪو هٿ آيو.

سيد حيدر جي وفات جي خبر سنڌ وارن کان مخفي رهي. هالا ڪنڊي ۾ پڻ سيد حيدر کي فرزند پيدا ٿيو، جنهن جو نالو فرمودي موجب ميرعلي رکيائون. جڏهن بلوغت کي رسيو ۽ قابل ٿيو، تڏهن پنهنجي والد صاحب جي حقيقت کان واقف ٿي، منڊي، خنجر ۽ ٻانهي ساڻ ڪري، هرات جي واٽ ورتائين. اتي پهچڻ شرط معلوم ٿيس ته سيد حيدر گذاري ويو آهي. ڀائرن کان ميراث جو پلؤ ڇڪيائين ۽ شڪ دور ڪرڻ لاءِ پيءُ واريون ٽيئي نشانيون پيش ڪيائين. ڀائرنس کي تنهن هوندي به تسلي نه ٿي ۽ چيائون ته جيڪڏهن غفران پناه مماتيءَ جي حالت ۾ ڪرامت ڪري اسان کي يقين ڏياريندو ته پوءِ تنهنجي ڀائپيءِ جو پورو ڀروسو ٿيندوسون. آخر ٽيئي ڀائر، قبيلي جي ٻين ساداتن ۽ بزرگن سان گڏجي ميڙ ڪري سيد حيدر جي مقبري تي پهتا ۽ مقصد لاءِ دعا پنيائون. سيد حيدر مزار مان منهن ڪڍي سڀني جي روبرو اعلان ڪيو ته ”سيد مير علي برابر مهنجو فرزند آهي ۽ منهنجي ميراث جي ٽئين حصي جو حقدار آهي. الله تعاليٰ جي حڪم پرماڻي ٽيئي ڀائر پوريون پنيون ورهاست ڪن.“ هاڻي سڀني کي پڪ ٿي. ڀائرن، عزيزن ۽ ٻين شريفن ۽ اڪابرن سيد ميرعليءَ جي مرحبا ڪئي ۽ سندس مهمانداريءَ ۽ ضيافت جا حق بجا آندا.

ڪجھه وقت هرات ۾ رهي، مال متاع جو ٽيون حصو وٺي، سيد مير علي سنڌ ڏي موٽيو. سندس چاچو مير شرف الدين پڻ ساڻس گڏجي آيو. هالا ڪنڊي پهچڻ شرط پنهنجي ملڪيت جا ٽي حصا ڪري ٻه ڀائرن ڏانهن موڪليائين، ۽ مير شرف الدين کي پاڻ سان رهايائين. جنهن ٿوري مدت بعد رحلت ڪئي. سيد مير علي کي ٻه پٽ ٿيا: هڪڙو سيد شرف الدين جو ’هالن‘ جو ڏهٽاڻ هو ۽ ٻيو سيد احمد، جو ترڪياڻيءَ مان هو. سيد شرف الدين شادي ڪري جدا حويلي ٺاهي ويٺو. سندس اولاد مٽارين جي شهر ۾ ”شرف پوٽا“ جي نالي سڏيو وڃي ٿو ۽ شاه ڪريم به سنديس چوٿين پيڙهيءَ مان هو. سيد احمد پرڻي بعد پنهنجي پيءُ جي خدمت ۾ رهيو ۽ ان جو پونير ”ميرڻ پوٽا“ جي نالي سان مشهور آهي.

(هيءُ مواد ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽا جي ترتيب ڏنل ڪتاب شاه ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام، جي ٻي ڇاپي تان کنيو ويو آهي.)


[1] سڄو احوال بيان العارفين جي ضميمي مان ورتل آهي.

[2]  هرات جو شهر پهريائين پهريائين سنه 782 ه (1380ع) ۾ تيمور جي قبضي ۾ آيو. تيمور هرات ۽ ٻين شهرن تي ايترو ڏن ڌريو جو رهواسي کٽي ڪنگال ٿي پيا. تيمور هندستان تي ڪاه جو منصوبو چوڏيهن صديءَ جي آخر ڏاري 1398ع ۾ سٽيو. سمر قند اپريل ڌاري ڇڏيائين. واٽ تي ڪافرستان تي ڪاه ڪرڻ، قلعن ٺهرائڻ ۽ ٻين ملڪي امورن ڪري ڪجھجج وقت رنڊجي پيو. آخر آگست مهيني جي 15 تاريخ ڪابل ڇڏي، 14 سيپٽمبر جي سنڌو ندي پاري پئي، هندستان ۾ داخل ٿيو. ان کان اڳ ۾ پوٽس پير محمد مئي 1398 ع ۾ ملتان جو شهر وڃي والاريو. لشڪر جي تعداد ۾ وڌاءُ آهي. تاريخن موجوب سارو لشڪر 92 هزار هو، جنهن جا ٽي دستا ٺاهيا ويا: هڪڙو ملتان ڏي موڪليو ويو، ٻيو پنجاب ڏي، ۽ ٽيون خود امير تيمور جي ڪمان هيٺ رهيو. ازانسواءِ ممڪن نه آهي تيه هڪ غريب سيد کي ايتري ملڪت هجي.

[3]  تاريخي نقطہ نظر کان انهن جي مقرري شڪ گاڏئين آهي. شايد سيد مير عليءَجي فرزندن کي پير محمد جا درٻاري ڪري جدا جدا هنڌن تي موڪليو هجيس. تنهن هوندي به اجمير جو پير مهمد جي قبضي ۾ هئڻ حقيقت جي خلا ڏسجي ٿو.

[4] انهيءَ مان هي انومان ڪڍي سگھجي ٿو ته امير تيمور ضرور 1398ع جي اوائل ڌاري هرات ۾ منزل ڪئي هوندي ۽ سيد مير علي ۽ سيد حيدر شاه ساڳئي سال جي سيپٽمبر مهيني ۾ هندستان جي حدن اندر داخل ٿيا هوندا. حاصل ڪلام ته سنڌ ۾ متعلوي ساداتن جو بنياد هجري اٺين صدي ۽ عيسوي پندرهين صدي جي شروعات ڌاري پيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org