سيڪشن:تاريخ

ڪتاب:هالا جا رنگ هزار(هالا متعلق لکڻين جو مجموعو)

باب:

صفحو16

هڪ دفعي پنهنجي ڪنهن مريد کي شهر کان ٻاهر ڪنهن ڪم لاءِ روانو ڪندي تاڪيد ڪيائينس ته انهيءَ ڳوٺ ۾ جتي تون وڃي رهيو آهين، اتي چورن جون پاٿاريون آهن. تنهنڪري، انهن جي مهماني هر گز نه کائج ۽ نه انهن جو پاڻي پئج!

        اهو فقير برابر 12 ڏينهن، انهن ماڻهن جي ڳوٺ ۾ رهيو پيو هو. مگر ڪنهنجو به نه کاڌائين ۽ نه پيتائين، جڏهن ڪم پورو ٿيس. تڏهن واپس اچي هالن ۾ روزو کوليائين!

        هڪ دفعي ڪنهن ماڻهوء کي ڪو ڪم چيائون مگر اهو ماڻهو پنهنجي گھر جي لڏ پلاڻ ۾ مشغول هو. ۽ مخدوم صاحب جي حڪم جي تعميل ۾ سستي ڪندي چيائين ته مان لڏ پلاڻ ۾ لڳو پيو آهيان، فراغت ئي ڪانه آهي. جنهن تي. پاڻ فرمايائون ته اسانجو ڪم الله جي حوالي، باقي اهو ماڻهو سو هميشه لاءِ لڏ پلاڻ ۾ رهندو. پوءِ ڏٺو ويو ته ماڻهو هميشه دربدر هوندو هو ۽ ٿورا ڏينهن به ڪنهن گھر ۾ آرام ڪري نه ويهندو هو.

        نقل آهي ته هڪ بزرگ سندن خدمت ۾ آيو ۽ دل ۾ وهم گذريس ته اڄوڪي زماني ۾ ”غوث“ الائي ڪير هوندو. مخدوم صاحب فرمايو ته جنهن کي تون هٿ ڏئي رهيو آهين.

(دليل الذاڪرين مسودات ڪتب خانه مخدوم غلام حيدر صاحب)

حضرت مخدوم امين محمد 16 سال 2 مهينا سجاده نشيني تي رهي، 63 سالن جي مسنون ڄمار کي پهچي، جمعه ڏينهن ٻن پهرن جو ست شعبان المعظم سن 1015 وفات فرمائي. شرف الابرار مان سندس سال وفات حاصل ٿئي ٿو. (ص ص 50-52)

۱۴۷- مخدوم ابو محمد هالائي

        حضرت ابو محمد ولد مخدوم امين محمد اول ولد مخدوم نوح عليه الرحمت هي بزرگ 9 محرم الحرام سن 980هه پنهنجي ڏاڏي بزرگ جي حياتي ۾ تولد ٿيو ۽ تصوف جو طريقو پنهنجي جد امجد ۽ پنهنجي والد بزرگ کان حاصل ڪيائين. پنهنجي والد جي وفات کانپوءِ سجاده نشيني جا فرائض مٿس عائد ٿيا، جي بخوبي ادا ڪيائين. سندس هٿ تي ڪيترن بزرگن کي فيض ۽ ڪرامت حاصل ٿيو. جن مان شيخ هاشم ابن حماد هڪ مشهور بزرگ آهي.

        مخدوم ابو محمد شريعت جو بيحد پابند هوندو هو. ڪشف جي ذريعي، ڪجھ به معلوم ٿئي، ان تي نه هلندو هو. هر حالت ۾ کيس شريعت جو لحاظ مقدم رهندو هو.

        روايت آهي ته درويش ٻڍو سهتو جو حضرت مخدوم معظم نوح عليه الرحمت جي مريدن مان هو، سو ٻهراڙي ۾ وڃي ماڻهن کان ڏڌ، کير مکڻ زوري ڦري ماري فقيرن کي کارائيندو هو. جنهن تي حضرت ابو محمد کيس منع ڪئي ته ائين ڪرڻ ٺيڪ نه آهي. فقير چيو ته هڪ ڏينهن حضور رسول ڪريم صلي الله عليه وسلم جي ڪچهري جو شرف نصيب ٿيو هوم. جتي مخدوم معظم به موجود هو. مخدوم صاحب حضور جن کي عرض ڪيو ته هي فقير زوري ڪجھه کاڌو حاصل ڪري فقيرن کي کارائي ٿو. جنهن تي نبين جي سردار پنهنجو هٿ مبارڪ منهنجي هٿ ۾ ڏئي فرمايو ته جو ڪجھه ماڻهن کان وٺي فقيرن کي کارائي ٿو، ان ۾ به انهن ماڻهن جي ڀلائي آهي.

        حضرت ابو محمد فرمايو ته درويش ٻڍا اگرچه ائين آهي، پر ان هوندي به توبهه ڪر. ڇو ته اسان کي ظاهر شريعت تي هلڻو آهي. جيڪي به تو ڏٺو، اها هڪ جدا شئي آهي. جنهن کانپوءِ ٻڍي سهتي توبهه ڪئي ۽ زوري وٺڻ ڇڏي ڏنائين.

        حضرت مخدوم ابو محمد 35 سال ٽي مهينا سجاده نشين رهي ستر سال، 9 مهينا، 29 ڏينهن جي ڄمار ۾ 8 ذي القعد سن 1050 هه ۾ وفات فرمائي. (ص ص 52-54)

۱۴۸- مخدوم ابراهيم هالائي

مخدوم ابراهيم ولد حضرت مخدوم نوح ملقب به ادهم ثاني. هن بزرگ بابت تحفتة الڪرام ۾ لکي ٿو ته:

        ”ميان ابراهيم بزرگ زمانه و معتقد عليه طائفه عليه بوده“ يعني مخدوم معظم جي اولاد مان، ميان ابراهيم زماني جو وڏو ماڻهو ۽ سهرورديه نوحيه جماعت جو معتقد عليہ هو.

        هن بزرگ شروع زندگي جو وڏو حصو اعتڪاف ۽ چلن ۾ گذاريو. هڪ قبرستان ۾ جو آبادي کان تمام پري هو، برابر چار چلا ويٺو، جتي کائڻ پيئڻ جو ڪوبه سامان ڪونه هو. جنهن ڪري پوءِ 5 مهينا کاڌي پيتي جو محتاج نه ٿيو. روزو کولڻ وقت فقط پاڻي مان اڱر آلي ڪري زبان تي رکندو هو ۽ هڪ ٻه ترن جو داڻو کائي روزي کولڻ جي سنت ادا ڪندو هو. فرمائيندو هو ته کاڌي پيتي جي نفس کي ضرورت ڪانه رهي آهي. فقط سنت جي لحاظ ڪري روزو کولجي ٿو. انهن چئن چلن ۾ عالم ارواح ۽ ملائڪ وغيره وٽس حاضر ٿيا، مگر هنن ڏانهن ڪو به توجه نه ڪيائين. الله تعاليٰ جي ذڪر کانسواءِ، سندس زبان تي ڪجھ به جاري نه رهيو.

        هڪ دفعي پوئين چلي وقت، خوبصروت پري چهره عورتن جي هڪ وڏي ٽولي آئي. انهن کان پڇيائين ته اوهان ڪير آهيو؟ هنن جواب ۾ چيو ته اسان اهي زالون آهيون، جو پنهنجي مڙسن جي پوئتان ستي ٿي جيئري پاڻ کي باهه ۾ جلايو هيوسين. جڏهن ٻين جا ارواح اوهانجي ڏسڻ لاءِ اچڻ لڳا ته اسانکي به اشتياق ٿيو ته اوهانجي زيارت جو شرف حاصل ڪريون، جو حاصل ڪيوسين.

        حضرت ابراهيم هميشه نماز جماعت سان ادا ڪندو هو. پوئين وقت ۾ هميشه مسجد ۾ اعتڪاف ڪندو هو ته جيئن با جماعت فوت نه ٿئي. حديث شريف ۾ آيو آهي ته جيڪو به ماڻهو چاليهه ڏينهن جماعت سان نماز ادا ڪندو ته منافقي کان پاڪ رهندو. انهي قول تي سندس عمل هوندو هو.

        سادگي ۽ بي نفسي هن حد تائين منجھن هئي، جو ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي خادم جعفر نالي کي، ان جي ڀري ٻڌائڻ ۽ کڻڻ ۾ مدد ڪندا هوا ۽ فرمائيندو هو ته سموري ڄمار ۾ اهو ئي دنيا جو ڪم ڪيو اٿم.

        هڪ عيد جي موقعي تي گھر ۾ کاڌي لاءِ ڪجھه به ڪونه هو. جڏهن اهو پتو پيس تڏهن فرمايائين الحمدالله جو اها سنت به ادا ٿي، جو بعض وقتن حضرت رسالت پناهه جي گھر ۾ به عيد ڏينهن کاڌي لاءِ ڪجھه نه هوندو هو. (دليل الذاڪرين)

        مخدوم ابراهيم جي بزرگن ۾ ڪرامت جا ٻيا به ڪيترائي چشم ديد واقعا مٿئين رساله  ۾ آيل آهن. مگر هت طوالت سبب ڇڏيا وڃن ٿا. پنهنجي والد جي وفات کانپوءِ اگرچه گادي نشين سندس وڏو ڀاءُ مخدوم امين محمد هو. مگر جماعت جو فيض حاصل ڪرڻ لاءِ هن برزگ ڏانهن رجوع رهندو هو. جيئن تحفةالڪرام ۾ لکيل آهي.

        سندس وفات يارهين صدي جي آخر ۾ ٿي آهي. رحمت الله عليه رحمة واسعة (ص ص 54-55)

۱۴۹- مخدوم جلال محمد هالائي

        حضرت مخدوم نوح عليہ الرحمة جي جليل القدر فرزندن مان هڪ بزرگ آهي، تحفت الڪرام ۾ لکي ٿو ته:

        مخدوم جلال بايات بزرگي وسترگي محاسن کمال والا بي مهال زيستہ“

        يعني ته مخدوم جلال بزرگي ۽ ساراهيل نشانين ۽ بيشمار ڪماليت جي خوبين وارو هو. دليل الذاڪرين ۾ لکي ٿو ته هڪ دفعي، هڪ ماڻهو تي ٺٽي جي گورنر شاد خان ڳورو ڏنڊ وڌو، ويچارو ڏنڊ هلڪي ڪرائڻ جي لاءِ مخدوم جلال محمد کي حاڪم ڏانهن ميڙ وٺي ويو. مگر شاد خان مخدوم صاحب کي نه مڃيو. جنهن تي مخدوم صاحب فرمايو ته هي ماڻهو، هن ملڪ جي حڪومت جو لائق نه آهي. تنهنڪري هن کي هتان بدلي ڪري سندس جاءِ تي سيد امير خان (ابوالبقا امير خان) کي گھرايو وڃي ٿو ته ٺٽي جو اهو ئي حاڪم ٿي رهي. انهن لفظن کانپوءِ ڏٺو ويو ته ستت ئي شاد خان جي بدلي ٿي ۽ ٺٽي تي امير خان مقرر ٿي آيو. وڌيڪ لکي ٿو ته:

        ”مخدوم جلال محمد مقبول الڪلام بودند هرچه برلسان شان جاري شد عز اجابت مي يافت“

        يعني ته سندس ڪلام درگاهه الاهي ۾ قبول هوندو هو. جيڪي به سندس زبان تي جاري ٿيندو هو، سو قبول پوندو هو.

        مطلب ته مخدوم صاحب جا 12 ئي پٽ شريعت جا پابند ۽ پرهيزگار هوا. جن جي قول يا فعل مان ڪوبه ڪڏهن غير شرعي فعل صادر نه ٿيو هو.

(فائده) سيوهڻ جو رهاڪو ملاقاسم نالي جو ڪنڀار ڪو ڪم ڪندو هو تنهن پنهنجي سموري ڄمار هن ريت ٺاهي هئي، جو چار مهينا حرمين شريفين جي سفر ۾ لڳائيندو هو ۽ ان کانپوءِ موٽي اچي پنهنجي ڌنڌي کي لڳندو هو. انهيءَ آمدورفت ڪري هنکي اندر جي ڏاڍي صفائي حاصل ٿي هئي. هن جو چوڻ هو ته مونکي حضور رسول الله صلي الله عليه وسلم کان حڪم ٿيل آهي ته مخدوم نوح جي اولاد جي خدمت سبب سعادت ۽ نيڪي حاصل ٿيڻ واري آهي.  (دليل الذاڪرين)

(ص ص 55-57)     

۱۵۰-  دوريش يحيٰ رائٽو هالائي

        حضرت مخدوم نوح عليه الرحمت جي مريدن ۽ خليفن مان هڪ ڪامل برزگ آهي. هيمشہ رياضتن ۽ مجادهن ۾ گذاريندو هو. هو ان سان گڏ ظاهري ورد وظيفا به پڙهندو رهندو هو. جيئن ته حذب البحر، حرز يماني، حزب محبوبي، حذب جعفري ۽ سبعات عشر ۽ اوراد فتحي ۽ ٻيا وظيفا پڙهندو هو.

        هڪ دفعي شيخ محمود فخري سان ملاقات ڪندي ظاهر ڪيائين ته پنهنجي هر هڪ دم ۾ چار سئو دفعا الله جو نالو ذڪر ٿئي ٿو. مگر اهو ذڪر اڃا مون وٽ شمار ۾ آهي. ڇو ته ذڪر جا اهي درجا آهن جو.

مالا عيد رئت ولا اذن سمعت

        نه اکين ڏٺا آهن ۽ نه ڪنن ٻڌا آهن.

ڏٺو ويندو ته ساڳي وقت ۾ درويش جي زبان مان ذڪر جو آواز به ٻڌڻ ۾ ايندو هو ۽ هوڏانهن قرآن شريف به ويٺو پڙهندو هو.    

        حضرت مخدوم صاحب جي وفات کانپوءِ هميشه سندس فرزند مخدوم ابراهيم ادهم جي خدمت ۾ رهندو آيو. جو ڪجھه به نذرانو ملندو هو. يا فتوحات ٿيندي هئي ته اهو سمورو فقيرن کي ڏئي ڇڏيندو ۽ پاڻ بکن تي گذاريندو هو ۽ سندس انهيءَ قلندرانه روش ڪري، سندس عيال به بکون پيو ڪڍندو هو. چون ٿا ته زر جواهرن جي هن وٽ ڪمي ڪانه هئي. مگر ان مان ڪجھه به خرچ ڪونه ڪندو هو. ڇو ته دنيا جي درويشن جي نظرن ۾ ڪابه عزت ڪانه ٿيندي آهي.

        جڏهن هن جي وفات جو ويلو آيو تڏهن ميان ڪامل محمد ولد مخدوم ابراهيم مٿانس ويو. هن لاءِ ته سڪرات جي وقت وٽانئس تصوف يا خدا شناسي جو ڪو نڪتو ٻڌي، مگر درويش يحيٰ چپ نه کوليو. جڏهن سندس روح بدن جي پڃري مان پرواز ڪري ويو، تڏهن سندس جنازه کي غسل ڪفن ڏياري رات جي وڳڙي ڪري هڪ ڪوٺي ۾ ڪري رکيائون. ميان ڪامل محمد انهيءَ ڪوٺي جا دروازا بند ڪرائي اندر وڃي ويٺو. جنهن کانپوءِ درويش يحيٰ جي روح کيس اچي چيو ته سڪرات جو وقت ڏاڍو اڻانگو ڏکيو هيو. جنهن ڪري اوهانکي ڪو جواب نه ڏيئي سگھيس ٿي، ته متان حق تعاليٰ جي ڪا حقيقت اهڙي ڪري بيان ٿي وڃي جنهن کي شريعت قبول نه ڪري. هاڻي جڏهن بدن جي لباس کان روح جدا ٿيو آهي ته اوهان سان روحاني گفتگو ڪري سگھان ٿو. ميان ڪامل محمد صبح تائين انهيءَ حجري ۾ ويٺو رهيو ۽ صبح جو درويش کي وڃي دفن ڪيائين.

        دليل الذڪارين جو مؤلف لکي ٿو ته:

        ”اين نقل بلا وسطه از حضرت محمد ڪامل بسمع رسيد“

يعني اها ڳالهه مون سڌي سنئين حضرت محمد ڪامل (مخدوم نوح جي پوئين) کان ٻڌي آهي.

درويش يحيٰ يارهين صدي جي ولين مان آهي. (ص ص 57-58)

 ۱۵۷- حسن ٻانگو ڀاڻوٺي

        درويش حسن ٻانگو هڪ مشهور ڪرامتن جو مالڪ ۽ راهه سلوڪ جو سالڪ سيد حيدر سنائي جو خليفو ۽ مريد آهي. سيد حيدر جي وفات کانپوءِ مخدوم نوح سان به ارادتمندي رهندي آئي. دليل الذاڪرين ۾ آهي ته درويش حسن جي گھر ۾ ٻير جو وڻ هوندو هو جنهن جا ڏاڍا مٺا ٻير هوا. اتان ٻير کڻي مخدوم صاحب لاءِ آڻيندو هو ۽ ادب کان سندس فرزندن جا نالا وٺي پيش ڪندو هو. مخدوم صاحب ان مان ڪجھه به نه کائيندو هو. هڪ ڏينهن عرض ڪيائين ته اوهان ٻيرن مان الائي ڇو نه ٿا کائو. حضرت مخدوم صاحب جواب ۾ فرمايو ته اوهان ٻير ٻين جي نالي ڏيو ٿا، تنهن ڪري منهنجو حق نه ٿو رهي. جنهن کان پوءِ درويش حسن پنهنجي هٿن سان ٻير کڻي مخدوم صاحب کي پيش ڪيا، جتان پاڻ ڪجھه کاڌائون.

        هن جي عادت هوندي هئي جو روزانو هڪ ماني پچرائي پاڻ وٽ رکندو هو ۽ هڪ سوا ٻڪري به وٽس بيٺي هوندي هئي. پوءِ جيڪو به مهمان وٽس هوندو هو پوِءِ کڻي هڪ سئو هجن، تڏهن به ان ماني مان ٽڪر ڀڄي ۽ کير جو چڪو ڏيندو ويندو هو، جنهن مان سمورا ڍاپي ويندا هوا. نقل آهي ته هڪ مسافر سندس خدمت ۾ آيو، جنهن جي احوال مان معلوم ٿيس ته هو مسافر قرآن مجيد جو حافظ آهي. درويش پڇيس ته ٽيهه سيپارا پوري طرح ياد اٿو. چيائين ته هائو سائين. چيائين ته قرآن پڙهندي تنهنجي دل ۾ عشق جي نشتر ڪانه ڇپي آهي. پوءِ حافظ تي توجه وڌائين، جنهن ڪري عشق الاهي جا مٿس دروازا کلي پيا ۽ وحدت جي دريا ۾ غرق ٿي ويو. مگر پوءِ ستت ئي سندس سيني واري پڃري مان روح جو پکي پرواز ڪري بهشت جي باغ ۾ وڃي پهتو. (ارشاد الطالبين)

        درويش حسن ٻانگو ڏهين صدي جي رجالن مان آهي. ڀاڻوٺ تعلقه هالا ۾ مشهور ڳوٺ آهي. (ص ص 69-70)

182. آخوند اميد علي سانوڻي هالائي

        عالم فاضل، عامل شاعر نقشبندي طريقي جو صوفي آخوند اميد علي تخلص سها ولد حاجي عبدالله ملا سانوڻي، خواجه عبدالقيوم مجددي قندهاري جي مريدن مان هڪ ڪامل شخص ٿي گذريو آهي. گھڻو وقت حيدرآباد جي ٽالپرن وٽ گذاريندو هو. هو سندس کلي دل سان خدمتون ڪندا رهندا هوا. علم جفر ۽ عمليات ۽ علم تڪثير ۽ اعداد جو وڏو ماهر هو. ۽ انهيءَ فن ۾ سندس دستخط هڪ رسالو به نظر مان گذريو آهي. جنهن ۾ مستحصله نقش ڀرڻ جون واٽون ڏيکاريل آهن. هو فارسي جو نهايت عمدو شاعر آهي ۽ تاريخي ماده ڪڍڻ جي فن ۾ هڪ بي مثل قابليت جو مالڪ هو.

قصيده برده جو شرح فارسي نظم ۾ ٻن نمونن ۾ نهايت اعليٰ نموني ۾ ادا ڪيو اٿس. ان سان گڏ نثر ۾ به ان مان هيٺ ترجمه ڏنل آهي. ته جيئن وڌيڪ وضاحت سان قصيده جو مطلب دل نشين ٿئي. هڪ شعر جو نموني طور ترجمه هيٺ ڏجي ٿو.

فمالعينيک ان قلت اڪففا همتا - ومالقلبڪ ان قلت استفق يهم .

1.      چيست اين چشمانت راگريند گر گوئي بمان

ورهمي گوئي دلت را هوش کن گردديهم (پريشان)

2.     پس چيست چشم گريه کنان ترا اثر

گر گويمش که گريه مکن گريد او بهتر

باز اين دل تراچه ريد ست آفتي

گويم بهوش شو شود هوش بيخبر

سندس فارسي شعر جو نمونو هي آهي. حضرت عارف حاجي جن .........۾ مناجات ۾ فرمائي ٿو.

خدا وندا دلم را زندگي ده

بکار نيکوئي فرخندگي ده

زبانم را بذکر خويش بکشا

بکا مم شکر شکرانه بفرسا

شب نا اميديم را صبح گردان

بفيروزي چو خورشيد درزخشان

گل پرمرده از باد خزاني

بخندان از نسيم جاوداني

 

پنهنجي محبوبه جي نالي تي هيٺين نظم لکي اٿس.

بگوش هرکه رسد همچومن ملامت عشق

زند به تعبيه نام حسن به نو بت عشق

حقيقتي ست نهان در حقيقت صورت

خوشا حقيقت حسن است درحقيقت عشق

کبش چه لب که لب کوثر ولب حيوان است

مگر ببوسه شوم خضر در طريقت عشق

يقين که مفتئي عشاق مي دهد فتويٰ

بخون من بستم کيش در شريعت عشق

مرا بجا دوئي چشمانش رخنه درکار است

بيک نگاه دلم را ربود غيرت عشق

تبارک الله که دلبري پري پيکر

نهاد در دل ويرانه ام وديعت عشق

نوشت از سر هر بيت نام موزونش

سها بشيفتگي نا مه وثيقت عشق

 

        هن فارسي جي خوشگو شاعر ته صوفي جو وصال 15 ربيع الاول سن 1298 ۾ ٿيو. سندس هڪ همعصر عزيز آخوند احمد هيٺين ريت قطعه تاريخ لکي آهي؛

فرقت ياران عذاب داغ دهله بردل

نيست کسي را گذار خواه نبي و ولي

عابد و ساجد تمام - جاهد عقبيٰ مدام

خاصه با خلاق حق باسم اميد علي

بر دل او نَقش است شاهه قيوم الست

بود زخيل ڪرام شيخ مجدد ولي

بيک اجل چون رسيد گوش دل او شنيد

فا دخلوا جنات عدن) شارب جام ملي

                                        1398

ماه ربيع لاولين پانز دهم يوم ثلث

بود هزار دو صد و نود هشت تلي (1)

سال وصالش بگوش گفت با احمد شروش

عابد و حافظ (2) وائي اميد علي

وهود خل بجنت السلام مان به سندس سال وفات ملي ٿو. (از مسودات آخوند احمد هالائي).

1 مخفف تالي،2. اتي هڪ حرف ڇڏيل آهي. (ص ص 115-118)

۱۸۳- آخوند احمد سانوڻي هالائي

عالم، فاضل، شاعر حافظ آخوند احمد قادريه طريقي جو فقير ۽ پير سيد علي گوهر بن پير صبغةالله بن سيد پير محمد راشد روضي ڌڻي جي مريدن مان هو. سموري زندگي تعليم ۽ تعلم ۽ شعر گوئي ۾ گذاريائين. حيدرآباد جي ٽالپرن وٽ سندس وڏي عزت ۽ مان هو. مير نور محمد ۽ مير محمد حسن علي خان ولد مير نصير خان وٽس تعليم حاصل ڪئي. ميرن جي ڪيترن صاحبزادن جي ڄمڻ جون تاريخون لکيون اٿس. ۽ ڪن جي وفات تي به قطعات آهن. هو تاريخ جي ماده ڪڍڻ واري فن ۾ بلڪل يڪتا زمانه هو. سندس هعصرن مان آخوند اميد علي سها هالائي ۽ مولوي احمد ڀٽائي سان شعرن جو تبادلو ۽ تتبع ٿيندو رهيو آهي. عربي، فارسي، سنڌي ٽنهين زبانن ۾ ڪلام موزون ڪندو هو. وڏو عابد زاهد متقي هو. جنهن ڪري ڄمار به تمام وڏي حاصل ٿي هئس يعني ته هڪ سئو سال کان به وڏي ڄمار حاصل ڪري، پوءِ وصال ڪيائين ۽ پنهنجي همعصر دوست آخوند اميد علي جي وفات جو به پاڻ مرثيو لکيو اٿس. جو اميد علي جي تذڪره ۾ درج آهي. آخوند اميد علي نقشبندي طريقي جو صوفي هو. مگر ان هوندي به بهادر نالي پنهنجي شاگرد تي نظارو رهندو هوس.

        هڪ دفعي اميد علي بهادر جي شان ۾ هيٺئين رباعي ارشاد فرمائي.

بهادر چه دري ست پاکيزه

نباشد چنين گوهر در صدف

نه هر جوهري قدر او را شناخت

بهادر گران را مده با خزف

آخوند احمد مرحوم انهيءَ قطعي جي جواب ۾ فرمايو ته:

بهادر نه دري ست پاکيزه

ز خرمهر ارزان برابر خزف

چو شعراءِ تابع غوا گفته حق

تو داناي هستي مفرما قذف

        انهيءَ سلسلي ۾ هڪ ٻئي سان ٻنهي شاعرن جا ڊگھا سوال جواب هليا آهن. جن کي اختصار سبب هت ترڪ ڪيو وڃي ٿو.

        هڪ ڊگھو منظوم عربي خط مولوي احمد ڀٽائي کي لکيو اٿس. جنهن ۾ فرمائي ٿو.

 

فيامن هو احرق قلبنا بنار هجرڪ

فيجمع بيننا رب الخلائق

هن عربي خط جي اخير ۾ عربي کان پهلو بدلائي فارسي ۾ خطاب ڪري ٿو.

شوق زياد گشت بسوي وصال تو

ليکن بد ست خويش ندارم زمام را

چون اختيار نيست مرا در طريق وصل

پس اختيار کردم اينک کلام را

احمد صبور باس که ناگھه صبا رسد

از بوءِ گل معطر سازم مشام را

فارسي عربي ڪلام کان پوءِ سندس سنڌي ڪلام جو نمونو هڪ قطعه تاريخ ۾ معائنه ڪري سگھجي ٿو. جو سيد خان محمد شاه سنائي جي تعمير مسجد جي سال لاءِ لکيو اٿس. فرمائي ٿو.

سيد خان محمد مسجد جوڙائي گھڻي هيج منجھاءِ

شروع مهيني رجب ۾ پوري شب قدرا

تاريخ انجي سال جي چئي ان پر هاتفا

مسجد سڳوري، گھر خدا ڀلي جو آهي.

        آخوند صاحب ۾ علم، عبادت جي وصفن کان سواءِ خانداني عمليات ۽ علم جفر ۽ وظيفن ۽ مسخرات جو ڄاڻ به هو. مگر عمليات تي گھٽ ڪاربند هوندو هو. شعر شاعري ۽ ياد خدا ۾ مشغول رهندو هو ايڏي ڪماليت وارو بزرگ 1317هه ۾ وفات ڪري هالن ۾ دفن ٿيو. (بياض آخوند احمد هالائي)

        (31 آگسٽ 1947 بروز يکشنبه ڪراچي ، وفائي.) ( ص ص 118-120)

۱۸۴-  مفتي محمد رفيق هالائي

هي بزرگ عالم فاضل، صاحب فتويٰ ٽالپرن جي زماني ۾ هالن ۾ ٿي گذريو آهي. درس تدريس سان گڏ، انهيءَ وقت فتويٰ نويسي جو معاملو به سندس حوالي هو. هو سڀني علومن جو ماهر ۽ فاضل عالم هو.

        هن بزرگ جي وفات پهرين جمادي الثاني سن 1182 ۾ ٿي گذري آهي. سندس معتقدن مان هڪ شاعر سندس تاريخ وفات هيٺئين ريت لکي آهي.

وه چه انسان فاضل و فائق

بود اندر لطافت او لائق

عالم  و عامل ديانتدار

دائما با ڪتابيان مشفق

در علوم چهارده دائي بود

لطف طبعش بهر ڪسي لا حق

علم فقہ و فرائض و تفسير

از حديث و معاني و منطق

هم ڪلام او اصول قرات و صرف

نيز بود او بماظره مسبق

قضيئه فوت شان ز هوشم برد

طعن جگر ها نمود همچو شفق

بر نماز جنازش مردم

بود الف چهار از تحقق

در شب اول، جمادي الثاني

کرد مولاءِ ما رحيل بحق

گفت هائف ز سال تاريخش

بود ازان مرشدم هدايت حق

 1182 هه

(از ڪتب خانه ملا سانوڻي هالائي)

(ص ص 120-121)

185. آخوند محمد قاسم سانوڻي هالائي

        آخوند محمد قاسم ولد آخوند محمود سانوڻي هالائي فارسي جو وڏو شاعر ۽ فاضل اديب ٿي گذريو آهي. هن سموري تعليم پنهنجو والد بزرگ وٽ حاصل ڪئي، جو نصر پور ۾ پيرن وٽ تعليم ڏيندو هو. ۽ سندس مقبرو به اتي نصرپور ۾ آهي. سندس وفات ٻارهين صدي هجري جي آخر ۾ ٿيل ڀانئجي ٿي. ڇاڪاڻ ته سندس دستخط هڪ ڪتاب ڏٺو ويو. جنهن تي 1172 لکيل آهي.

        آخوند محمد قاسم پنهنجي والد جي وفات کانپوءِ ڪجھه وقت نصرپور ڇڏي ۽ آخر مير ڄام خان جي ٽنڊه ۾ تدريس جو شغل جاري رکيو. کائنس فارسي زبان جي تعليم وٺي ڪيترائي فائدو پرائي ويا. هن جي سفر ۾ هڪ ”ديوان قاسم“ جمع ٿيل آهي. نموني طور سندس ڪلام مان ڪجھه هيٺ ڏجي ٿو.

رسيده در جھان بي سرو رفتار

بسنت همچنين از دور دوار

رخ خجلت ده گل اي گل اندام

تو هم با عاشقان بنماءِ اظهار

روان شو بادل افگاران بگلشن

که گل هم گردد رويت دل افگار

ربا تاج گلرو ده لاله را داغ

ز حسن خود بهريک کن خبردار

رود اندوه هجران از دل من

به بستان چون شوم با تو قدح خوار

رحيق کامراڻي نوش با دت

بقاسم هم عطا کن قدح دوچار.

ايضاله

زود آءِ که در قالب ... آيد جان باز

جان باز تو ام  .. روح روان باز

زود آء ز .......غم آئينه دل

کز عکس خور رويت شود نور افشان باز

زلفت چو سب تار رخت صبح منور

روزم بشب اين .... مگر دور زمان باز

زنجير کجا که اين دل آشفته دراين شب

ديوانه شده شب از هوس زلف بتان باز

زين گو نه قاسم بدر دير نشين است

شايد که کند رحم بر او پير مغان باز

ايضاله

چهره اش خوب است رخسارش عليٰ هذا القياس

خنده اش خوش است و گفتارشّ عليٰ هذا القياس

شڪل او دلحواه و ناز جان فزايش زان قبيل

صور قرن ........کردارش عليٰ هذا القياس

جلوه اش جادوي اوصاف جمالش زين نمط

قامتش نيکو است و رفتارش عليٰ هزا القياس

ديده شوخش ستمگار و جفا کار است بس

گيسوئي خمدار و طرارش عليٰ هذا القياس

طبع قاسم دلکش و طرز بديعش دلنواز

نظم او نغز است و اشعارش عليٰ هذا القياس.

 

        سندس ٻيو ڪلام به عليٰ هذا القياس ڏاڍو شيرين ۽ دل پسند آهي. مرحوم محمد قاسم جي وفات 13 صدي جي اوائل ۾ ٿيل آهي. اگرچه سندس مقرر تاريخ معلوم نه ٿي سگھي. (مسودات ڪتبخانه خاندان سانوڻي). (

۱۸۶- آخوند نور محمد سانوڻي هالائي

        نور محمد بن آخوند الهه بخش بن عارف صوفي حاجي متين الدين سانوڻي هالائي. آخوند اميد علي هالائي جي دستخط هڪ ڪتاب تي لکيل ڏٺو ويو ته ملان سانوڻي عقيلي نسب جا هاشمي آهن. مگر سلسله نسب گھڻي ڳولا سان به هٿ ڪونه اچي سگھي ٿو.

        آخوند نور محمد علم تعويذات ۽ عمليات ۽ علم تڪثير جو وڏو ڄاڻو هو. فارسي زبان جو پڻ چـڱو شاعر هو. سندس مخمس ڪريما سعدي نظر مان گذري. جنهن مان هڪ بند هيٺ ڏجي ٿو.

در ايام گلزار فصل بهار

بهم مجلس مهوس گلعذار

بوقت صبا خنده لاله زار

مئي لالا در ساغر زرنگار

بود روح پرور چو لعل نگار

        آخوند نور محمد 2 ذوالحج سن 1281 ۾ هن دنيا فاني مان رحلت فرمائي جاوداني جھان ڏانهن روانو ٿي ويو. قطعه تاريخ وفات سندس عزيز همعصر آخوند احمد هيٺئين ريت لکي آهي.

بسالکان هدايت طريق دين متين

بود نصيب مدارج علا بلاشک و شين

حرم ڪعبه فردوس را دخول و طواف

کسي ندارد خبر حاجيان عين يقين

زهي مهذب اخلاق، مودب علم

باسم ان لہ ذمة  بفضل مبين

به بيت دوم ازماهه حج بود هجرت

هزار دو صد هشتاد و هفت سنين

گذاشت کثرت از سوق و حدت واحد

بمرغ طائر باشد قفس عذاب مهين

بگفت احمد تاريخ رحلتش از دل

مقيم نور محمد بود بخلد امين

                                          1287هه

(از مسودات آخوند احمد هالائي)

۱۸۷- آخوند عبدالصمد سانوڻي هالائي

        پخته گو شاعر ۽ عامل، رمل جفر جو ماهر بزرگ ٿي گذريو. هو آخوند خليفه گل محمد هالائي جو عزيز ۽ همعصر هو. سندس دستخط هڪ ڪتاب نظر مان گذريو. جنهن تي 21 ربيع الاول سن 1224 لکيل هو. سندس فارسي ڪلام جو هيٺين نمونو آهي.

        زمانه جي شڪايت، دوستداري ۽ ناقدري جي باب ۾ فرمائي ٿو.

نادار را عزيز نه باشد نه خويش کس

نادار عيبدار بود بوء دار بس

چون داشت درد بوديم درد حلقه عزيزان

کس يار غار خواند کسي دوست دار بس

دولت ازدست رفت زبون گشتم از چون مور

بائمال خلاق گشتم در زير بار بس

عبدالصمد خموش مکن ناله عبث

خوش دار خويش بر قلم کردگار بس

        مرحوم آخوند عبدالصمد 22 محرم الحرام سن 1272 جي هن دنيا فاني مان لاڏاڻو ڪري جاءِ جاوداني کي وڃي هميشه لاءِ وسايو.

۱۸۸- حافظ نصرالله سانوڻي هالائي

        قاري  عالم شاعر نصر الله بن حافظ بلال بن حافظ هارون سانوڻي. ”سانوڻي“ هن ڪري هن خاندان کي سڏيو ويندو آهي. جو علم درياء هنن وٽ سانوڻي جي موسم جيان ڇوليون هڻندو رهندو هو. چيو ويو ته هن خاندان جو سلسله نسب حضرت عقيل بن ابي طالب سان وڃي ملي ٿو. والله اعلم.

        آخوند حافظ نصرالله فارسي ۾ هڪ مناجات چئي آهي. جنهن جا چند شعر هيٺ ڏجن ٿا.

ز شر نفس اماره نگا هم دار يا الله

هوائي غير خود کلي زمن بردار يا الله

کريما از کرم ما را بده  توفيق بر طاعت

مرا از لطف خود هر گز فرو مگزار يا الله

مرا از درد بيماري بفضل خود نگھداري

برحمت خويش کن ياري بدين بيمار يا الله

دران تنگي وتاريکي که اندر لحد من باشد

فراخي بخش روشن کن پراز انوار يا الله

ز وسو سهاري شيطاني، دگر خطرات نفساني

از ان هر يک تو مي داني منم بيزار يا الله

شکسته دل همين نالد بدر گاهه تو نصر الله

برو رحمت فراوان کن کرم بسيار يا الله

سموري زندگي درس تدريس ڏيندي هن فاني جھان مان لاڏاڻو ڪري ويو. اگرچه سندس وفات جي تاريخ مقرر طور معلوم نه آهي. مگر هو صاحب 13 صدي هجري رجالن مان آخوند گل محمد ”ديوان گل“ واري جي معاصرن مان آهي.

۱۸۹- خليفو حاجي لطف الله سانوڻي هالائي

        لطف الله بن حاجي حافظ نصر الله سانوڻي، هڪ عالم شاعر ۽ مدرس ۽ نيڪ سيرت بزرگ ٿي گذريو آهي، سندس ڪلام سنڌي فارسي ۾ مدح ۽ مناجات ۽ مولودن جي صورت ۾ موجود آهي. هن صاحب جي شادي سنڌ جي مشهور شاعر خليفو حاجي گل محمد هالائي ”ديوان گل“ جي مصنف جي دختر نيڪ اختر سان ٿي هئي. هي سمورو خاندان پير صاحب صبغت الله پاڳاري جو مريد هو. جنهن ڪري هنن کي خليفو جي لقب سان به سڏيو ويندو آهي. آخوند لطف الله پنهنجي والد جي وفات کانپوءِ هالن پراڻن جي بازار واري مسجد ۾ پنهنجي والد جي جاءِ تي درس تدرس ڏيندو رهيو. اها مسجد اڃا تائين سندس فرزند آخوند حبيب الله جي نالي سان مشهور آهي، جو 1353 ۾ وفات ڪري ويو آهي.

        آخوند لطف الله 13 صديءَ جي آخر ۾ وفات ڪئي ۽ هنن سٽن لکڻ وقت سندس شاگردن ۾ هڪ بزرگ اسي 80 سالن جو هالن پراڻن ۾ اڃا زنده موجود آهي. 

سنڌي ڪافي آخوند لطف الله

                هو وئيڙا ڪنهن ڏس ڏور عمر! ادا آئون ڏوٿي ڏسان ڪين ٿي

جيڪس جھانگي جوءِ مان، لڏي ويڙا ڪنهن زور ضرور

مدون موٽي آئيون مارو نه موٽيا مور

ملڻ ڪارڻ مارن جي، رڙي ٿيس رنجور

الاهي لاڳاپا لطف چئي، ماري ويا مهجور

عمر ادا آئون ڏوٿي ڏسان ڪينڪي.

ايضا غزل

محب ماڻا ڪريو تون مارين ٿو

سور دل جا سدا سڌارين ٿو

تون بڇين ٿو تير برهه جا تازا

نيڻ کڻيو جڏهن نهارين ٿو

قرب وارن قريب ڪوٺايو

پرت جا جام پر پيارين ٿو

عاشقن کي اها بشارت بس

پيش پنهنجي پرين پوڪارين ٿو

آهي حيران لطف هالائي

نت نوان ناز جنهن ڏيکارين ٿو.

ايضا مناجات فارسي

غمي دارم دوايش از تو جويم تن بيمار طبعم را طبيبي

پريشان دل فتادم از وطن دور، نظر فرما برين حال غريبي

درين آوارگي بيچار گشتم به تنهائي توبا قربت قريبي

ز لطف عام تو اميد دارم دعائي مستمندان را مجيبي

        قصيدو طويل آهي. چيو وڃي ٿو ته مدينه شريف ۾ حاضري واري موقعي تي روضه اطهر هجي سامهون پڙهيو هوائين. والله اعلم. (ڪاغذات قلمي ڪتبخانه ملا سانوڻي هالائي)

۱۹۰ - آخوند رحمت الله سانوڻي هالائي

        آخوند رحمت الله ولد آخوند محمد شاڪر سانوڻي چـڱو شاعر هو. ڪجھه فارسي ڪجھه سنڌي ڪلام سندس ڪتبخانه ۾ موجود آهي. هو فارسي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ سرڪاري ملازمت ۾ گھڙيو. ۽ ناري جيل (حيدرآباد) تي جيلر هو. ۽ اتان ريٽائرڊ ٿي اچي هالن ۾ ياد خدا ۾ مشغول رهيو. سندس فارسي ڪلام هيٺئين ريت آهي.

از اسقام و علل رنجور گشتم، کريما بخش يک شرب شفائي

علاج خويش را جز تو ندارم، دوائي درد من اخر نمائي

درود مصطفيٰ اولاد و اصحاب، طفيل او اجابت کن دعائي

فقير رحمت الله داغدار است، شهنشاها احب واسمع دعائي

        آخوند صاحب 15 جمادي الثاني 1304 هه جي هن دنيا فاني مان گذاري ويو. ۽ پنهنجي خانداني قبرستان ۾ دفن ٿيو.

۲۳۴- مخدوم با يزيد هالائي

       مخدوم با يزيد بن مخدوم عربي آيانو هالائي. هن ظاهري ۽ باطني علم پنهنجي والد بزرگ کان حاصل ڪيو. هو سڌي رسته تي صداقت هميشه فائدي ڏيڻ ۾ مستقيم رهيو. ڪيترن طالبن کائونس فائدو پرايو. (تحفت الڪرام)

        سنڌ جي فتح ڪرڻ لاء جڏهن مرزا عبدالرحيم خان خانان سنڌ ۾ آيو هو ته واپس ٿيڻ وقت برهانپور ۾ شيخ عيسيٰ سنڌي، مسيح الاولياءَ سان بيان ڪيائين ته صوبه  ٺٽه جي فتح واري زماني ۾ آئون مخدوم با يزيد جي خانقاهه ۾ ويو هوس، اتي درويشن جي هڪ جماعت ڏٺم، جن جا هٿ ته ظاهري ڪم ڪار ۾ رڌل هوا، مگر هنن جون زبانون قرآن جي تلاوت ۽ ذڪر الاهي ۾ مشغول هيون، سندن قلب نفساني خطرات جي دور ڪرڻ ۾ رڌل هوا، مان سندن سڳوري صحبت مان گھڻون ڪجھه فائدو پرايو ۽ اندار جو سوجھرو  حاصل ڪيو.  (تذڪره ابرار گلزار)

        مرزا عبدالرحيم خان خانان سنڌ ۾ 998 کان 999 تائين هو، جنهن مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو، هن بزرگ جي وفات يارهين 11 صدي جي اوائل ۾ ٿي هوندي.

۲۴۶- مخدوم عبدالرؤف هالائي

        عبدالرئوف بن مخدوم عمر ڀٽي هالائي، سهروردي طريقي جو فقير ۽ سنڌي شاعر ۽ عالم درويش هو. سموري زندگي فقط عبادت ۽ رياضت ۾ گذاريائين ۽ پنهنجي وقت جي مشائخن ۾ وڏي عزت وارو هو. هن جون ڪرامتون شمار قطار کان ٻاهر آهن. ميان نور محمد ڪلهوڙو، سندس معتقد ۽ خدمتگذار هو. جنهن ڪري مخدوم صاحب جي اخراجات جو سمورو بار ميان صاحب تي هوندو هو. سن 1166هه ۾ هن دنيا فاني مان انتقال ڪيائين. ميان ابراهيم قاضي زاده هالائي سندس تاريخ ”ڪان ولياً رئوف الخلق“  جي فقري مان ڪڍي آهي.    ( تحفت الڪرام)

ميان عبدالرئوف جي کيتي تان ڍل نه وٺڻ جي باري ۾ هڪ خط ميان نور محمد (شاه قلي) جي مهر سان اڄ تائين سندس خاندان ۾ موجود آهي، جنهن مان ظاهر آهي ته ميان صاحب مخدوم صاحب سان تمام رعايت سان پيش ايندو هو.

        مخدوم عبدالرئوف سنڌي زبان جو بهترين شاعر هو. فارسي علم عروض جي نموني تي سڀ کان پهريان هن صاحب ئي نظمون موزون ڪيون آهن، جي مولودن جي صورت ۾ عام طرح مولود خوان ماڻهو پڙهندا آهن. هن صاحب ٻه دفعا حج ڪيو ۽ پوئين حج جي سفر ۾ وفات ڪيائين.

۲۴۷- مخدوم عبدالحميد هالائي

        عبدالحميد ولد مخدوم فتح الله (متوفي 13 صفر 1124) ڀٽي خاندان جو عالم فاضل بزرگ هو ۽ مخدوم عبدالرئوف موصوف جو تربيت يافته هو. پنهنجن وڏن جي درويشانه زندگي جو بهترين نمونو هو. سندس وجود ذي جود پنهنجي زماني ۾ نج  برڪت ۽ خاص غنيمت هو. مخدوم عبدالرئوف کان پوءِ اهوئي فيض ورشد جو مالڪ بڻيو ۽ خلق کي هدايت ڏيندو هو.

        حج جي فريضه ادا ڪرڻ کان فارغ ٿي جڏهن مدينه طيبه ۾ پهتو تڏهن اتي ئي وفات فرمايائين. (تحفت الڪرام)

        مقالات الشعراءِ ۾ آهي ته مخدوم محمد حيات سنڌي ۽ مخدوم محمد قاسم تتوي جي قبر ۾ دفن ڪيو ويو. ٻي هڪ روايت آهي ته ازواج مطهرات جي قبه لڳ (جنت البقيع) ۾ کيس دفن ڪيو ويو. اهو واقعو 1171 ۾ ٿي گذريو. هيٺئين عربي فقري مان سندس تاريخ وفات نڪري ٿي.

اد خل الله الجنت في جوار المحبين

(از بياض مير صابر علي مرحوم ٺٽوي).

۲۹۰- شيخ طاهر اڏيرو لعل

        چيو وڃي ٿو ته هو شيخ بهاءالدين ذڪريا ملتاني جو مريد هو. اصل ۾ هو هندو ڇوڪر هو. هو گھور ڪري ڪجھ ڪمائيندو هو. هڪ ڏينهن اوچتو ئي اوچتو دل ۾ الله تعاليٰ جي محبت ۽ شوق جو جذبو پيدا ٿيس. الله تعاليٰ جي نالي سکڻ لاءِ شيخ بهاءُالدين جي خدمت ۾ وڃي پهتو، جڏهن شيخ جي نظر ڪيميا اثر سندس وجود تي پئي، تڏهن اتي جو اتي هن جي حالت ئي بدلجي وئي. مسجد جي منبر تي چڙهي خطبو پڙهيائين. ان کان پوءِ مرشد کان تلقين حاصل ڪري مريد ٿيو. ان کان پوءِ هو سنڌ ۾ اچي جھيجي جي ڳوٺ ۾ رهيو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين.   (ارشادالطالبين)

        مير علي شير قانع لکي ٿو ته هن ولي جي ذات بابرڪات دنيا جي عجائبات مان آهي. هندو کيس لال اڏيرو سڏيندا آهن ته مسلمان وري شيخ طاهر.

بهرحال معتبر ذريعه سان معلوم ٿيل آهي ته هو حقيقت جي شراب کان متوالو شروع ۾ هڪ بيابان ۾ گذاريندو هو. هڪ ڏينهن ماني ٽڪر هٿ ۾ جھلي کائڻ جو ارادو ڪري رهيو هو ته اوچتو هڪ اٺ گلي مان ڇڄي هن بزرگ جي ڀونگي تي اچي بيٺو، فقير اٺ ۾ مظهر الاهي پسي کيس چيو ته سائين منهنجا مون تي احسان ڪري جو اڄ منهجي ڀنگي ۾ آيا آهيو. اجھو جيڪي حاضر آهي، سو کائي احسان فرمايو. اٺ کي ائين چئي رهيو هو. ٽاهڙ ۽ ڀڳل سو ڪٿي ٿو قرار ڪري، سو وٺي ڀڳو. فقير به اٺ جي پوئتان ڊوڙندو رهيو. آخر انهيءَ ڊڪ ڊوڙ ۾ جتي کيس پهچڻو هو، اتي پهچي ويو! جنهن کان پوءِ سندس مشهوري جو غلغلو بلند ٿيڻ لڳو، وفات کان پوءِ ڀات ڀات جا ماڻهو سندس مقبري تي اچن ٿا.

        هر سال هڪ خاص ڏينهن تي هندو زالون سموري سنڌ مان اتي اچي گڏ ٿين ٿيون. ڪنهن پردي يا  شرم کان سواءِ هو عجيب عجيب حرڪتون ڪنديون آهن. لال اڏيري جو نالو وٺي، جيڪڏهن ڪي ماڻهو انهن سان گڏجي نچندا آهن. هندو زالون پنهنجي مردن وغيره جو ڪوبه خيال ڪونه ڪنديون آهن. (تحفت الڪرام)

        شيخ بهاءَ الدين زڪريا جي مريد هجڻ واري حالت ۾ شيخ طاهر لال اڏيرو 7 صدي جي رجالن مان سمجھڻ گھرجي. اگرچه هن جي تاريخ وفات ميسر نه ٿي آهي.

        اڳ جنهن نموني هندو زالون نهايت بي پردگي سان لال اڏيري تي پٽ حاصل ڪرڻ لاءِ حرڪتون ڪنديون هيون. جنهن جو مير علي شير ذڪر ڪيو آهي. اڄ ڪلهه سڌريل زماني ۾ اهي رسمون تمام گھٽجي ويون آهن ۽ هندن ۾ ڪافي بيداري اچي چڪي آهي.

        ملا علي ٺٽوي شيخ طاهر اڏيري لال جي شان ۾ هڪ ننڍو قصيدو لکيو آهي، جو درگاهه تي هڪ پٿر مٿان اڪيرايو ويو هو. (مگر هن وقت اهو قصيدو ۽ پٿر ضايع ٿي ويا آهن) قصيده هي آهي.

آن گوهر بهر وحدت حق

پروانه نور شمع مطلق

گنجور کنوز بادشاهي

منظور عنايت الاهي

مقبول مقربان درگاهه

يعني که اڏيره بن رتن شاهه

از فيض زيارتش همه غم

واکرده ز جان جمله عالم

                                (مقالات شعراءَ)

        هن نظم مان پڌرو آهي ته سندس والد جو نالو ”رتن شاه“ هو. والله اعلم با الصواب.

۲۹۱- شيخ نوح کيبرائي

       درويش نوح قوم جو هوٿياڻي سواءِ ڪنهن نام نمود جي خاموش وقت گذاريندو رهيو. سموري  زندگي ٻڪرين چارڻ ۾ گذاريائين. هو وڏو عارف ولي ڪرامتن ۽ ڪشف جو مالڪ هو.

        نقل آهي ته هالن ۾ هميشه مخدوم نعمت الله مخدوم نوح جي والد بزرگ جي خدمت ۾ اچي ڪجھه نه ڪجھه نذر نياز ڏئي ويندو هو. جڏهن مخدوم نوح پنهنجي والد جي پيٽ ۾ سنجريو، تڏهن درويش نوح هوٿياڻي جو ڪجھه به هديو آڻيندو هو سو مخدوم نعمت الله جي خدمت ۾ پهچائڻ جي بجاءِ مخدوم نعمت الله جي حويلي ۾ پهچائي ڏيندو هو. مخدوم نوح جي ولادت کان پوءِ درويش مخدوم نعمت الله وٽ پهچي فرزند جي مبارڪ باد ڏئي ۽ مخدوم نوح جو ٻارڙو هو، ان کي ڏسي، سندس قدم بوسي ڪري پوءِ پنهنجي ڳوٺ کيبري (جو هالن کان ٿوري مفاصلي تي آهي) واپس هليو ويو. ان کان پوءِ ستت ئي وفات ڪري ويو.

        ڄام جوڻو سمه جڏهن ٺٽي جو حاڪم ٿيو، تڏهن هن پنهنجن ٻن عزيزن ڄام صلاح الدين ۽ ڄام تماچي کي، دهلي جي بادشاهه کي چغلي ڪري اتي قيد ڪرايو هو. ٻئي دهلي ۾ (سلطان فيروز تغلق وٽ) ڪيترو ئي وقت قيدي هوا.

        آخر هو پنهنجي عقلمندي سان قيد مان ڇوٽڪارو لهي سنڌ ڏانهن روانا ٿيا، جڏهن کيبرن جي ڳوٺ وٽان لانگھائو ٿيا ته هڪ درويش (نوح هوٿياڻي) کي عارفانه صورت ۾ بيٺو ڏٺائون. ٻئي ڄڻا سندس پيرن تي ڪري، بيحد نيازمندي سان پيش آيا. ۽ پنهنجي تڪليفن ۽ حڪومت کان برطرف ٿيڻ جو سمورو احوال پيش ڪيائيون. درويش کين دلجاءِ ڏيندي فرمايو ته ٻه چار ڏينهن ٿيا آهن، جو آئون پکين جي واتان ۽ وڻن جي پنن مان اهو آواز ٻڌي رهيو آهيان ته سنڌ ۾ ڄام تماچي جي حڪومت آهي ۽ ڄام جوڻي جو خاتمو ٿي چڪو آهي. جڏهن اهي ٻئي ڀائر ٺٽي ۾ پهتا، تڏهن ڄام جوڻو ستت ئي وفات ڪري ويو ۽ سنڌ جي حڪومت ڄام تماچي جي حوالي ٿي. جنهن کان پوءِ ڄام سما هميشه شيخ نوح هوٿياڻي جا معتقد ٿي رهيا. شيخ جي وفات (سن             ) ۾ ٿي ۽ سندس مقبرو کيبرن ۾ مشهور معروف آهي.

(ارشاد الطالبين وحديقت الاولياءَ).

        ( ص ص 335-36)

جلد ٻيو 

محمود مجذوب هالائي

خواجه محمد زمان بزرگ لواري وارن جي خدمت ۾ ننڍ پڻ کان رهندو آيو ۽ سندس صحبت ۾ مجذوب الحال ٿي رهيو ۽ سندس وفات کان پوءِ لواري مان لڏي اچي هالن ۾ مقيم ٿيو.

هڪ دفعي خواجه صاحب پنهنجي مرشد جي خدمت ۾ ويٺو هو ته کائونس پڇيائين ته هو محمود نالي هڪ ڇوڪرو اوهان جو مريد ، جو اوهان وٽ رهندو هو، سو هاڻي ڪٿي آهي؟ خواجه صاحب فرمايس ته تو ان ک وري ڪونه ڏٺو آهي ڇا؟ عرض ڪيائين ته ڪيترو زمانو ٿيو آهجي جو ان جو پتو ئي ڪونه ٿو ملي. خواجهگ صاحب پنهنجن مجلس وارن ڏانهن منهن ڦيرائي فرمايو ته سڀاڻي بهشت ۾ هنن ماڻهن کي آندو ويندو. هالن ۾ رهڻ واري زماني ۾ ماڻهو ميوا ۽ کاڌي جا قسم کڻي اچي سندس واٽ وٺي بيهندا هوا ته من ڪنهن جي شيء مان ڪجھ کڻي کائي، پوءِ جڏهن به ڪنهن ماڻهو جي ڪا شيء کڻندو هو ته اهي ماڻو سمجھندا هوا ته ان جي دل جي مراد پوري ٿيندي.

جنهن سال فقير عبدالرحيم گروهڙي ميرن واري خدا آباد ڏانهن ظاهري عالمن جي مناظري لاءِ وڃي رهيو هو ته ان سفر ۾ هالن مان حضرت مخدوم نوح جي مقبري کان اچي لنگھيو. گھوڙي تي سواري هئس، مجاورن فقير کي منع ڪئي ته سوار ٿي نه لنگھو پر گھوڙي تان لهي پئو ته ايتري ۾ مجذوب محمود به اچي اتي پهتو. فقير صاحب مجذوب پير بائي کي ڏسي ادب کان گھوڙي تان لهڻ ٿيو ته رڪيب جو دوال ڇڄي پيو. فقير صاحب گوڏن ڀر زمين تي ڪري پيو. مجاورن چيو ته اسان منع ڪئي سون پر نه مڃيائين ، اها کيس سزا ملي آهي. فقير عبدالرحيم ته مجاورن جي گفتگو تي توجھ نه ڪيو ، پر مجذوب فرمايو ته ائين نه آهي، پر عبدالرحيم گوڏا هڻي قبي کي ڊاٺو آهي. آزر ٿيو به ائين جو درياء جي پائيندڙ ۾ قبو ڊهي پيو ۽ مخدوم صاحب جي جسم کي اتان کڻائي نون هالن ۾ آڻي دفن ڪيو ويو. 13 صدي جي پهرين اڌ ۾ مجذوب هالن ۾ وفات ڪئي.   (مرغوب)

مولانا پير محمد هالائي

هڪ وڏو عالم ، درس تدريس جو مالڪ ۽ مهمان نواز بزرگ هو. هالن ۾ ايندڙ درويش ۽ بزرگن جي مهمانداري ۽ خدمت گذاري ڪندو رهندو هو. هڪ دفعي خواجه محمد زڪي ولد خواجه محمد حنيف ولد خواجه عبدالاحد ولد خواجه امام محمد سعيد ولد خواجه شيخ احمد رباني مجدد الف ثاني حج جي ارادي سان ملتان مان ٿٿيندو ، هالن اچي پهتو. هالن جي آب و هوا جي لطافت ڪري اُتي ڪجھ وقت رهي پيو ، جتي مولانا پير محمد هالائي سندس خدمت ۾ ڪمر همت ٻڌي بيهي رهيو. خواجه صاحب جي خرچ لاءِ هڪ مودي وٽان اوڌر تي سيڌو وٺي انتظام ڪندا رهيا. جڏهن خواجه محمد زڪي هالن مان ٺٽي جي ارادي سان روانو ٿيڻ لڳو. تڏهن مولانا پير محمد دعا لاءِ استدعا ڪئي. خواجه صاحب فرمايو ڪهڙي دعا ڪريون. مولانا پير محمد عرض ڪيو ته مون کي اهڙي ڪشايش رزق نمصيب ٿئي، جو سواءِ ڪنهن محتاجي سڀ ڪنهن مسافر کي ماني ڀور کارائيندو رهان. خواجه صاحب فرمايو ، ٻيو به ڪجھ گھرجي؟ منولانا چيو، منهنجي ته فقط اها آرزو آهي. خواجه صاحب دعا ڪئي، پوءِ ته مولانا تي ايڏي فراخي ٿي، جنهن جي ڪا حد ڪانه آهي. آخر ڄمار ۾ مولانا پير محمد حج جو سفر ڪيو ۽ مڪه مڪرمه ۾ ئي وفات فرمائي ويو.

اهو واقعو 12 صدي جي وچ ڌاري جو آهي. خوجه محمد ذڪي جي وفات سن 1143 هه ۾ ٿي آهي. جنهن کان پوءِ مولانا پير محمد جي وفات جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو.     (مرغوب)

(تذڪره مشاهير سنڌ جلد ٽيون صفحو نمبر 154 کان 156 تائين)

مخدوم ابراهيم ڀٽي هالائي

صوفي مخدوم محمد ابراهيم تخلص خليل مخدوم احمد ڀٽي جي اولاد مان هڪ بزرگ ٿي گذريو آهي.

سنڌي فارسي زبان جو عمدو شاعر ۽ پونئين وقت جي شاعرن ۾ هڪ نامور شاعر ٿي گذريو آهي. علم، فضل ۽ تصوف ۾ ڏڏاڍو ماهر ۽ وقت جو معتقد عليه بزرگ هو. نظم کان سواءِ سنڌڌي نثر نويس به هڪ ئي هو. اردو ۾ هڪ نشتر نالي نناول پنهنجي زبان ۾ واقعي جي صحت جي لحاظ کان عجيب شي آهي، جنهن جو سنڌي ۾ مخدوم صاحب ترجمو ڪيو ۽ ان وقت جي سنڌي دانن سندس داد ڏنو.

مرحوم سيد اسد الله ٽکڙائي، قاضي هدايت الله متعلوي ، رئيس شمس الدين بلبل ۽ ٻين وقت جي فاضلن، شاعرن سان طرحي مصرعن تي سندس شعر بازي يا مشاعرا رسالن ۽ اخبارن ۾ شائع ٿيندا رهندا هوا.

افسوس جو هي بزرگ انسان 4_ ربيع الاول 1331 هه جي هن ههلندڙ دنيا جي حياتي کان منهن موڙي، هميشه جي آرام واري حياتي کي وڃي حاصل ڪيو. سندس معاصرين مان جن بزرگن وفات تي قطعات تاريخ لکيا آهن، تن مان ڪجھ هيٺ ڏجن ٿا:

علامه فدا ٽکڙائي

جناب حضرت صوفي ابراهيم

که برد سبقت در فضل و علم از همه اقران

فصيح و فاضل و فائق فهيم در فر فن

بحسن نظم نظامي و ثاني حسان

شنيد چو از حق ارجعي اليٰ ربک

گست از همه پيوست با خدائي يگان

ببار بارش غفران رحمتش يا رب

بحق سرور عالم شفيع انس و جان

سن وصال مکرم نجيب حق مخدوم

فدا نوشت به لوح مزار او غفران

                         1331 هه

ايضاله

فدا سال ترحيل آن محترم

رقم کرد مخدوم و الاتبار

1331 هه

از شمس الدن بلبل مرحوم

چهارم مه ربيع الاول از شوق

همين سر الاهي گشت مکتوم

حق وصل آن خليل حق هاتف

بگفتا مقبره مخدوم مرحوم

         1331 هه

از مرزا قليچ بيگ مرحوم

اي دريغا محمد ابراهيم

مرد مخدوم صوفي دوران

بچهارم ربيع الاول رفت

سوء جنت ز عالم گذران

صحبتش بس که بود روح افزا

خواستم سال فوتش از هاتف

در جوابم بگفت او غفران

        1331 هه

ايضاله

فکر کردم براي سال وفات

آمد آواز درد غم الم

      1331 هه

(تذڪره مشاهير سنڌ جلد ٽيون صفحو نمبر 196 کان 198 تائين)

هالا جا فارسي گو شاعر

محمد حبيب سنائي

 

ڊاڪٽر ايڇ آءِ سدا رنگاڻي صاحب جي ڪتاب Persion Poets of Sindh جو ٻيو ڇاپو 1987 ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپايو ويو آهي. اهو ڪتاب ڊاڪٽر صاحب جي پي ايڇ ڊي جي ٿيسز تي مبني آهي، جيڪا هن بمبئي يونيورسٽي کي پيش ڪري، سال 1946ع ۾ ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري ورتي. هن ڪتاب ۾ هالا جي ٽن فارسي شاعرن جوخصوصي احوال ڏنل آهي. انهي احوال جو آزادانه ۽ اختصاري ترجمو پيش ڪجي ٿو. 

1. آخوند محمد قاسم

آخوند محمد قاسم ولد محمود، هالاپراڻا (جنهن کي ان وقت هالاڪنڊي ڪوٺيو ٿي ويو) جو رهواسي هو. هو ارڙهين عيسوي صدي جي آخر ۽ اوڻهين صدي جي شروع ۾ شاعريءَ جي افق تي اڀريو. هو مير ڪرم علي خان ٽالپر جو همعصر هو. هن جي ديوان جي مسودي جي ڪاپي تي نائين شوال، 1240 هه / 1825ع سال لکيل آهي، جنهن مان اندازو ڪجي ٿو ته شاعر پنهنجي لکت ان تاريخ کان اڳ پوري ڪئي هوندي. هن جي زندگي جي باري ۾ وڌيڪ گھڻو معلوم نه آهي. هيٺيون احوال هن جي ديوان مان ڪوريل آهي.

        هو سني مسلڪ وارو هو، پر ساڳئي وقت هن وٽ پنج تن پاڪن واسطي اڻ ميو پيار پاٻوه هو.

        هيٺين شعر مان سندس فرزند محمود جي ڄمڻ جي سال 1222هه / 1808ع جي خبر پوي ٿي.

تاريخٖ تولدش خرد گفت

”محمود زهي ببخت محمود!“

شاعر کي محمد حيات نالي هڪ ٻيو پٽ به هو، جنهن لاءِ هن ڪجھ شعر لکيا آهن. هڪ ملاحظه ٿئي:

به ”محمد حيات“ يا ربي

دولتِ بيڪران ڪني ارزان!

        هن مخدوم نوح، جيڪو سال 1505ع ۾ ڄائو ۽ 1590ع ۾ وفات ٿيو، جي ساراه ۾ هيٺيان بيت چيا آهن:

سرٖ سروران شاهٖ مخدوم نوح

به از خلد درگاهٖ مخدوم نوح

شههٖ روم و ايران و توران و هند

بود هر يکي داهٖ مخدوم نوح

****

نهد بر سر و چشمٖ خود هر ولي

بصد آرزو پاي مخدوم نوح

قمر وار روشن همه ملڪٖ سند

ز خورشيد سيماي مخدوم نوح

هن پنهن جي شاعري ۾ محي الدين عبدالقادر جيلاني کي پنهنجو مرشد ڪري ساراهيو آهي:

شاهٖ ما غوثٖ اعظم و اڪبر

هست محبوبٖ حضرت رحمان

 

يا الهي بيمنٖ محي الدين

ختم عاصي ڪني مع الايمان!

ڪجھ شعرن مان پتو پوي ٿو ته هو ڪنهن وقت بيحد غريب هو. چند مصرع ملاحظه ٿين:

از قرض دارم دل غمين، هستم ز جرم اندوهگين

بر حالٖ زار بنده بين، بشنو دعا فريادرس!

برادرم از افتادگي، در فرح بخش استادگي

از قرض ده آزادگي، اي متڪا فريادرس!

هن پنهنجي جنم ڀومي هالاڪنڊي کي ٻن غزلن ۾ ڀرپور نموني ساراهيو آهي. چند شعر ڏجن ٿا

يا رب شگفته بادا گلزار هاله ڪندي

سر سبز سايه گستر اشجار هاله ڪندي!

* * *

شيرين و خوشگواره هست آبٖ هاله ڪندي

يادم دهد ز ڪوثر ڪولابٖ هاله ڪندي!

*

يارب دعاي ”قاسم“ ڪن مستجاب هردم

باشند خوش هميشه اصحابٖ هاله ڪندي!

هو حافظ ۽ سعدي جي شاعري جو وڏو ساراهيندڙ هو. هن انهن جي ساراهه ۾ به شعر چيا آهن:

بهرٖ خدا چشانم ساقي مي حقيقت

گاهي ز جامٖ حافظ گاهي ز جامٖ سعدي1

* * *

”قاسم“ تمام گيرد هر روز فيضٖ معني

گاه از ڪلام حافظ گاه از ڪلامٖ سعدي!

ڪن شعرن ۾ هن صاحب اهڙن عالمن ۽ استادن جي نندا ڪئي آهي، جيڪي پنهن جي شاگرد سان سچا نه هوندا آهن، کين پورو علم نه سيکاريندا آهن :

قلبٖ استاد هر ڪهه رنجاند

خانه خود خراب گرداند

* * *

”ابن محمود“ خدمت استاد

بسعادت قرين گرداند

هيٺين مصرع ۾ شاعر پنهنجي محبوب جي چهري کي سج قراري ٿو، جنهن جي مدد سان هو ڏسڻ لائق ٿئي ٿو، ۽ محبوب جي چهري تي ويڙهيل پردي کي هڪ ڪڪر مثل ڀانئي ٿو، جيڪو سج کي لڪايو ويٺو آهي:

برقع از رخ بڪشا چشم جهان روشن ڪن

مهر درميغ، مها! چند نهان خواهد بود

2. آخوند محمد قاسم ولد نعمت الله قريشي (وفات 1298 هه بمطابق 1881ع)

        هي شاعر هالا پراڻا جي ملان سانوڻي قبيلي سان تعلق رکندو هو. جواني ۾ هو پائونڊ منشي ٿي رهيو، پوءِ هو تپيدار به ٿي رهيو. هو شاعري جو شوقين هو. هي حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ ٿيندڙ مشاعرن ۾ شريڪ ٿيندو هو، ۽ انهن محفلن ۾ هو پنهنجي کليل ۽ ظريف شعرن سان رنگيني وجھندو هو. فارسي کان علاوه هو عربي، اردو ۽ سنڌي ۾ به شاعري ڪندو هو. ان وقت جي رسالي مفرح القلوب ۾ مستقل سندس شعر ڇپبا هئا. تنهن ڪري کيس ملڪ جي مختلف جڳهين تان داد پيو ملندو هو.

پنهنجي نوڪري مان ملندڙ پگهار کيس پورو نه پوندو هو، جيئين هن شعر ۾ لکيو اٿس:

بسڪهه ڪم شعلم و ضرورت بيش

زيرٖ ڪوهٖ حوائجم چون ڪاه

ان ڪري هن پنهنجي علمي صلاحيتن کي ڪم آڻيندي روزگار جا ٻيا ذريعا به ڳوليا. هو اڪثر مهاراجائن، مير ن۽ ٻين اميرن جي شان ۾ قصيدا لکندو هو، ۽ عيوض ۾ مالي مدد جو متقاضي هوندو هو. هن کي هزهائينيس مير علي مراد خان خيرپورواري طرفان ٻه سو روپيه ساليانو اجورو ملندو هو، جنهن لاءِ هن مفرح القلوب ۾ ان جو شڪريو بجا آندو هو. ان کان علاوه کيس حيدرآباد جي مير محمد حسن علي خان طرفان سٺ روپين جو انعام به مليو هو. ان جي شڪريه ادائي ۾ هيٺيون شعر لکيائين:

وه ڪهه هر ماه پنج روپيه فقد

مير صاحب مقررم فرمود

بڙودا جي مهاراجا جي شان ۾ لکيل قصيدي جا ڪجھ بند هيٺ ڏجن ٿا:

منڪهه بي برگ و نوايم چون درخت بي ثمر

سر زدم بر بارگاهش بر اميدٖ برگ و بار

* * *

حلقه موجٖ تردد چون محيط آمد مرا

ميخورم صد غوطه در درياي ناپيدا ڪنار

3. سيد غلام محمد شاه گدا (وفات 1322هه / 1904ع)

هن جي والد جو نالو سيد حسن علي شاه هو. هو هالا جي پسگردائي ۾ ڄائو هو. هن جا وڏا خراسان جا هئا، جتان هو قندار آيا ۽ پوءِ هو ميان نور محمد ڪلهوڙي جي دور ۾ هالا ۾ اچي ورسيا. هن صاحب هالا جي آخوند احمد ولد عبدالعليم ۽ حيدرآباد جي محمد روشن وٽ مذهبي، دنيوي ۽ فني تعليم ورتي. پويون صاحب مير صوبدار خان جو شاگرد هو ۽ ان جي وفات جي تاريخ گدا پنهنجي هن شعر ۾ ياد ڪئي آهي

چو استاد ”روشن“ بجنت روان شد

بگفت اي ”گدا“: ’آه شيرين سخن‘ رفت

 گدا جا مير حسين علي ٽالپر سان گهرا لاڳاپا هئا، جيڪو کيس سندس ادبي ڪوششن تي انعام به ڏيندو هو. ٻڌايو وڃي ٿو ته مذڪوره مير صاحب جي ڪلڪتي مان واپسي تي، جتي هو رياستي قيدي بنجي ويو هو، محمد حسين شيرازي (جنهن سان هو جلاوطني واري وقت ۾ شناسان ٿيو هو) وٽس ملاقات لاءِ آيو. هن ان ملاقات ۾ هيٺين شعري ڳجھارت کي سلي ڏيڻ جي گذارش ڪئي.

در عدد چيزي ڪهه باشد پانصد و سهه در حساب

خواهم از ميرٖ معظم داور مالڪ رڪاب

*

گر بتصحيفش درآري سبز باشد در رخش

قلبٖ او مر مير را هر لحظه در زيرٖ رڪاب

*

پانصدٖ آن را سپارم بر عدوي ملڪ تو

سهه مرا بفرست تا از عمر باشم ڪامياب

*

گدا صاحب به ان محفل ۾ موجود هو. هن جھٽ ۾ ئي ان جو جواب ”شراب“ ٻڌائي آقائي شيرازي کي حيران ۽ خوش ڪري وڌو. ان چار اکري لفظ جو عددي جوڙ 503 هو.

سيد گدا نه صرف فارسي ۽ اردو ۾ شاعري ڪئي، بلڪ هو سنڌي زبان جو به شاعر هو ۽ ان ۾ هن جو ديوان مرتب ٿيل آهي. سندس فارسي شاعري مفرح القلوب ۾ ڇپجندي هئي.

        نبي سڳورن جي شان ۾ ڪيل شاعري جا ڪجھ شعر ڏجن ٿا:

يا رسول خدا عليڪ صلواة

خاتمٖ انبيا عليڪ صلواة

*

بجنابٖ تو ملتجي هستند

جمله شاه و گدا عليڪ صلواة

*

هن جي شاعري ۾ روحاني رمزن کان وٺي محبوب جي ادائن جو احوال آهي. معشوق جي منهن واري تر جو ذڪر ڪجھ هن طرح ڪيو اٿس:

خال را بر رخ چو ديدم دل پريشان شد مرا

ڪافري بر صدرٖ جنت پادشاهي ميڪند

گدا هڪ شعر ۾ چهري ۽ تر کي هندو ۽ مسلم جي استعاري سان استعمال ڪيو آهي.

ببين بڪعبه رويش تو خال هندو را

ز اتفاق عجب اجتماعٖ ضدين است

 

7 ۽ 8 جون 2006

هالا پراڻا

محمد حبيب سنائي

        حيدرآباد جي اتر - اولهه ۾ سٺ ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي قومي شاهراهه جي ڀر ۾ هڪ شهر ورسيل آهي. جنهن کي هٿ - هنرن واري شهر ”هالا“ طور ڄاتو وڃي ٿو. مقامي طرح ان جو نالو مڪمل نالو هالا نوان آهي. هن شهر جي وري ڏکڻ - اولهه ۾ ٻن اڍائي ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي، سنڌو درياءَ جي ڀڪ ۾ هڪ ٻي وستي آباد آهي، جنهنکي هالا پراڻا سڏيو وڃي ٿو. هيءُ ليکڪ انهيءَ ڳوٺ مان اوهان صاحبن سان مخاطب آهي. چيو وڃي ٿو ته هيءُ هالا پراڻا، ماضيءَ جي هڪ قديم تاريخي ۽ نامي گرامي شهر هالا ڪنڊيءَ جو هڪ  تسلسل آهي.

        نامور مورخ ۽ عالم جناب ڀيرومل مهر چند پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جي سيلاني“ ڀاڱو پهريون (صفحو 144) ۾ لکيو آهي ته: هيءُ شهر سمن جي صاحبي ۾ 1422ع ڌاري ٻڌايو ويو. محترم غلام محمد لاکي پنهنجي ڪتاب ”سمن جي سلطنت“ (صفحو 77) ۾ سمن جي دور ۾ جيڪي اهم علمي ۽ تعليمي مرڪز ڄاڻايا آهن، تن ۾ هالا ڪنڊي به شامل آهي. مير علي شير قانع ٺٽوي پنهنجي اهم ترين ڪتاب ”تحفة الڪرام“ جو هڪ پورو باب هالا ڪنڊيءَ جي اوليائن، عالمن ۽ مشاهيرن جي ذڪر سان ڀريو آهي. هن صاحب به هالا ڪنڊيءَ کي هڪ ناليرو شهر ۽ خدا وارن جو آرام گاهه سڏيو آهي. بهرحال هن وستيءَ جي اهميت رڳو عالمن ۽ الله وارن جي موجودگي باعث ڪونه هئي، پر ان زماني ۾ منهنجي ذاتي راءِ موجب هن وستيءَ جي اهميت هتي قائم پتڻ جي ڪري به هئي، انهيءَ وقت اڄوڪي ڏکڻ سنڌ مان اتر سنڌ ڏانهن يا اُتر سنڌ مان ڏکڻ سنڌ اچڻ لاءِ هي پتڻ اورانگھڻو پوندو هو. مرزا شاهه حسن ارغون جڏهن ڄام فيروز سان وڙهي بکر ويو هو ته هتان اچي ٽپيو هو. ان کان علاوه خسرو خان چرڪس به جڏهن قندار وڃڻ لاءِ هتان درياءَ اڪرڻ لاءِ هتي پهتو هو، تڏهن کيس خبر ملي ته سندس ويري مرزا غازي بيگ فوت ٿي ويو آهي.

صدين کان جھنڊيءَ جي ڪم باعث سنڌ کي ملڪان ملڪ ناماچاري مليل آهي. هالا ڪنڊي ۽ هاڻوڪو هالا پراڻا جھنڊي جا اهم ترين مرڪز رهندا اچن.

 

        اڳ ۾ ئي اهو ٻڌايو ويو آهي ته هيءَ ڳوٺ ڪيترن ئي اوليائن، عالمن جو آرام گاهه آهي. فارسي زبان ۾ قرآن حڪيم کي منتقل ڪندڙ غوث الحق حضرت مخدوم نوح سرور رحمت الله عليه، جيڪو اڄ ڪلهه ته مدفون هالا نوان ۾ آهي ۽ سندس پونير به هالا ۾ ورسيل آهن، پر ڄا.ئو نپنو ۽ علمي ۽ روحاني فيض هالا ڪنڊي ۾ ڏنائين. پهريائين هتي ئي دفن ڪيو ويو. پر درياءَ جي دست اندازيءَ ڪري سندن ميت مبارڪ کي هتان کڻي اڄوڪي هالا نوان ۾ وڃي دفن ڪيو ويو. سنڌ تي قابض مرزا غازي بيگ، جڏهن پنهنجي آقائن، مغلن کان منهن موڙڻ شروع ڪيو، تڏهن ان وقت جي مغل شهنشاهه جلال الدين محمد اڪبر کيس سيکت ڏيڻ لاءِ پهريائين صادق محمد خان جي سربراهي ۾ فوج اماڻي، جيڪا ناڪام ٿي، وري ان عبدالرحيم خان خانان کي هت اماڻيو، اهو صاحب پنهنجي مهم جي ڪاميابيءَ لاءِ هر پير ۽ ولي جي در تي دعا واسطي آيو. روايت آهي ته ان زماني ۾ مخدوم نوح فوت ٿيو هو ۽ هڪ اهل الله، خان خانان کي صلاحيو ته هو جلد از جلد مرزا جاني بيگ جي پهچڻ کان پهرئين مخدوم صاحب جي تعزيت ڪري ۽ ڪاميابي ماڻي. چون ٿا ته ان وقت جيتوڻيڪ مرزا غازي بيگ نصرپور جي پاسي ۾ هو، پر هيءُ خان خانان اڳواٽ پهتو. لکڻ وارا لکن ٿا ته ان کان پوءِ هيءُ خان خان پنهنجي مهم ۾ ڪامياب ٿيو. (تحفة الڪرام) (صفحو 91_190).

        مخدوم سرور نوح رحمت الله عليه کان علاوه هتي ٻيا ڪيترائي نامور اولياءَ ڪرام ۽ عالم سڳورا پيدا ٿيا آهن. مخدوم عربي ڌياڻو نه صرف ولي سڳورو هو، پر هڪ عالم هو ۽ مدرسو هلائيندو هو. ان کان پوءِ مخدوم اسحاق ڀٽي، مخدوم فتح الله، مخدوم احمد اول ۽ ثاني، شيخ سومار ۽ سيد ميرل شاهه وغيره به هتي مدفون آهن. انهن صاحبن جي تفصيلي احوال لاءِ مولانا دين محمد وفائيءَ جو ڪتاب ”مشاهير سنڌ“ ڏٺو وڃي. چون ٿا ته هتي مدفون سيد ميرل شاهه، هرات کان آيل سيد حيدر شاهه جو پٽ هو. ۽ سنڌ جا سيد انهيءَ ميرل شاهه جو اولاد آهن.

        هن ڳوٺ رڳو اوليا الله پيدا نه ڪيا آهن، پر شاعر ۽ اديب به پيدا ڪيا آهن. مذهبي شاعري جي اهم ترين صنف مولودن جو موجد جناب عبدالرؤف ڀٽي، موزون ۽ جديد زبان ۾ غزلن جو پهريون ديوان لکندڙِ جناب خليفو گل هالائي، هن سر زمين مان نسريا. ان کان علاوه چيو وڃي ٿه ته سنڌي ۾ ڪنهن ناول جو پهريون ترجمو به هتي جي هڪ شخص مخدوم محمد ابراهيم ڀٽي صاحب ڪيو هو، جيڪو هڪ ٻي ليکڪ، شاعر، ماهر تعليم جناب مخدو محمد صالح ڀٽيءَ جو ڏاڏو هو. مخدوم محمد صالح ڀٽي (وفات 1953) صاحب شاعري، ڪهاڻي ۽ اسلامي تاريخ تي 20 کان مٿي ڪتاب لکيا يا ترجما ڪيا آهن. انگريزن جي دور ۾ هتان جو ٻيو هڪ شاعر صوفي آسومل هو. هن صاحب هڪ ديوان کان علاوه شاهه ڀٽائيءَ جي طرز تي هڪ رسالو به لکيو آهي. ورهاڱي کان پوءِ به ڪيترا رهواسي علمي ۽ ادبي ميدان ۾ پاڻ پتوڙيندا رهيا آهن. سڀ کان پهريائين ذڪر قاضي محمد عالم معصوم قريشي صاحب جو ڪجي. هن صاحب نه رڳو هالا پراڻا ۾، بلڪ نوابشاهه ۽ جھول ۾ ادبي ادارا جھڙوڪ سنڌي ادبي سنگت جون شاخون قائم ڪرايون، پر اشاعتي ادارن جي قيام سان گڏ وڏيون مجلسون به ڪرايون. نوابشاهه مان نڪرندڙ رسالي ”ادا“ جا ڪافي شمارا مرتب ڪيائين. هالا پراڻا ۾ ادبي مجلسون ۽ مشاعرا ڪرايائين. مخدوم محمد اشرف ڀٽي، حڪيم رحمت الله ڀٽي، قاضي مريد علي قريشي، غلام رسول شيخ ۽ سوز هالائي جي تعاون سان هتي ادبي سنگت قائم ڪرايائين. ستر جي ڏهاڪي ۾ هڪ اشاعتي ادارو وطن پبليڪشن کولي ٻه ٽي ڪتابي سلسلا ڪڍيائين. ”سنڌي ادبي سنگت“ کي هر ڀيري سر گرم ڪرڻ ۾ هن صاحب جو هٿ رهيو آهي. اسي واري ڏهاڪي ۾ مون کي ۽ عرفان کي همٿائي شاخ کي سرگرم ڪيائين. يونين ڪائونسل ۾ طالب الموليٰ لائبرري ۽ اڀياس گھر 1989ع ڌاري قائم ڪرائڻ ۾ ثناءُ الله صدر کان پوءِ وڌ ۾ وڌ حصو قاضي محمد عالم صاحب جن جو آهي. هي اڀياس گھر اڄ تائين به ڪم ڪري رهيو آهي. سٺ واري ڏهاڪي ۾ اڄڪلهه اين جي اوز سان واڳيل محترم گل محمد مستوئي هتي انگريزي ٽيچر ٿي آيو هو. هن صاحب هتان جي محترم عبدالرشيد قريشي، سائين خليل احمد قريشي مرحوم، حاجي يار محمد صدر ۽ ٻين جي تعاون سان ڪاروان ادب جي اشاعتي سلسلي ۾ ڪجھ ڪتاب ڇپايا ۽ ٻه ٽي ادبي ڪانفرنسون ڪرايون.

        هن ڳوٺ قاضي غلام محمد قريشي جهڙو خاموش علم و ادب جو سرپرست به پيدا ڪيو. هن صاحب سڄي زندگي ديني ۽ ادبي ادارن جي سهائتا ڪئي. تازو سندس  ڪجھ تصنيفات سندن فرزند قاضي شوڪت علي قريشي صاحب جن ڇپايون ويون آهن. پر سندس خدمتون ۽ ڪاوشون تاريخ جي حوالي نه ڪيون ويون آهن، رڳو چند خواصن جي دلين ۾ اهي دفن آهن.

        هتي جو رهواسي محترم سوز هالائي نه رڳو سنڌ جو نامور شاعر آهي، پر هڪ وڏو موسيقيءَ جو پارکو به آهي. هيستائين سندس شاعري جا ٻه مجموعا ”رنگ رتا پيچرا“ ”درشن ڌارو ڌار“ ڇپجي چڪا آهن. نثر ۾ استاد محمد جمن جي حوالي سان سنڌي موسيقي تي هڪ ڪتاب ”ڪارون وس ڪيام“ ڇپيو ويو آهي. اڻڇپيل ڪتابن ۾ اَتم ڪهاڻي جو هڪ ڪتاب ۽ شاعري جو مجموعو مناسب پبلشر جي انتظار ۾ آهن. سوز صاحب جا ٻه فرزند جناب ڪوثر هالائي ۽ جاويد سوز هالائي به شاعري، ادب ۽ صحافتي ميدان ۾ پاڻ موکي رهيا آهن. سندس وڏو پٽ امتياز هڪ سٺو استاد آهي ۽ موسيقي جي شعبي ڏانهن راغب آهي.

هن ڳوٺ عرفان مهدي کي به جنم ڏنو آهي. عرفان 15 ورهين جي ڄمار ۾ 1979ع ڌاري هڪ اشاعتي ادارو وک وڌايو پبلڪيشن قائم ڪيو. ان اداري پاران ڏهاڪو کن ڪتاب ڇپرايا ويا. عرفان اهي ڪتاب پاڻ وڃي سنڌ جي سوين اسڪولن ۾ کپايا ها. ان کان پهرئين اسان جي اسڪول ۾ جڏهن اسان ستين جماعت ۾(1977ع ڌاري) پڙهندا هئاسون ته تڏهن هالا نوان جو سائين علي محمد ميمڻ صاحب هتي بدلي ٿي آيو ۽ اسان جو ڪلاس ماستر ٿيو. هن صاحب هڪ منڊلي ٺاهي. جنهن طرفان تقرير بازي، مضمون نويسي ۽ راندين جا مقابلا ڪرايا ويا. ان صاحب هڪ اخبار ڪڍي هئي، ۽ عرفان ۾ اشاعتي اداري جو شوق جاڳايو هو، جيڪو پوءِ چند سالن کان پوءِ عملي روپ وٺڻ لڳو. عرفان کان اتساهجي اسانجي ٻين هم ڪلاسين خالد صدر ۽ فضل قادر ميمڻ به اهڙا ادارا قائم ڪيا هئا. خالد صدر سهيل صدر ۽ آفتاب ڀٽي ۽ نثار احمد ميمڻ جي سهائتا سان روشن تارا پبليڪشن هيٺ ٽي ڪتابي سلسلا ڇاپيا. فضل قادر ميمڻ سڳند پبليڪشن جي نالي ۾ ٻه ٽي ڪتاب ڇاپيا هئا. ان کانپوءِ اسان جي هڪ سينئر دوست محترم شيخ منير هالائي به هڪ اشاعتي ادارو قائم ڪيو هو ۽ شايد ٻه کن ڪتاب ڇاپيا هُئا.

        هتي مونکي ياد اچي ٿو ته عزيز منگسي صاحب به هتي اچي هڪ ادارو صداءِ وطن پبليڪشن قائم ڪيو هو. ان صاحب هڪ تنظيم به قائم ڪئي هئي. جنهن جا مک شريڪ هئا محترم عبدالڪريم ميمڻ (هاڻو عبرت جو تعلقه رپورٽر)، محمد صادق بهزاد ميمڻ، محترم شيخ منير هالائي ۽ عاشق هالائي صاحب.  عاشق هالائي ڪيترو وقت شعرو شاعري ڪندو رهيو پر نوڪري ۾ چڙهڻ بعد شعرو شاعري کان پاسيرو آهي، ۽ اڄ  ڪلهه حيدراباد وڃي ويٺو آهي. ساڳي طرح  ثناءُ الله صدر (ثنا هالائي) صاحب ڪافي وقت شاعري ۽ علمي ۽ ادبي ميدان تي سرگرم رهڻ کان پوءِ هاڻي نوڪري ڏي ڌيان ڏئي رهيو آهي. ياد رهي ته طالب الموليٰ لائبرري جي قيام ۾ ثنا هالائي جو رول سڀ کان وڌيڪ رهيو آهي. ان کان علاوه ان لائبرري جي قيام ۾ مخدوم آفتاب احمد ڀٽي، مسرور احمد ڀٽي،  ۽ علي احمد دايو جو به ڀرپور حصو رهيو اهي. اڄ ڪلهه ادبي ميدان ۾ ماٺار متل آهي. ثنا هالائي جو ننڍو ڀاءُ امان الله صدر پرڙا ساهي رهيو آهي. باقي ننڍي ٽهي ڪرڪيٽ جي پويان آهن.

سياسي ميدان ۾ عرفان مهدي کان علاوه هن ڳوٺ هڪ شخص لکان دان مٽ جناب حفيظ قريشي پيدا ڪيو اهي. جنهن کي سنڌ جو ابوالڪلام سڏيو وڃي ٿو. ان کان اڳ هتي خلافت تحريڪ ۾ هتان جي رهواسين سرگرمي ڏيکاري هئي.

اندازو آهي ته هن ڳوٺ جي آبادي ڏهه هزارن کان چڙهيل آهي. انهيءَ حساب سان هي ڪو ڳوٺ نه پر ننڍو شهر آهي. هن وقت چار بوائز ۽ ٻه گرلز پرائمري اسڪول، هڪ بوائز ۽ هڪ گرلز هاءِ اسڪول قائم اهن. ٻنهي هاءِ اسڪولن کي تازو محترم قاضي شوڪت علي صاحب جي ڪوششن سان هاير سيڪنڊري اسڪول طور اپگريڊ ڪرڻ جو سرڪاري اعلان ٿيو آهي. قاضي صاحب جي ڪوششن سان انفارميشن ٽيڪنالاجي سينٽر به قائم ٿي رهيو آهي. انهن مڙني اسڪولن ۾ منهنجي ذاتي اندازي موجب ٻه هزار کن ٻار داخل ٿيل اهن. چند سال اڳ 30 سالن کان قائم يوبي ايل بئنڪ جي برانچ بند ڪئي وئي. پوسٽ آفيس جي باقاعده افيس ڪانهي. بنيادي صحت ايڪو ڏهاڪو کن سالن کان قائم آهي، جنهن کي به قاضي شوڪت علي صاحب جي ڪوششن سان رورل هيلٿ سينٽر طور اپگريڊ ڪيو ويو آهي. ڳوٺ جون گھٽيون چاليهه سيڪڙو آر سي سي بلاڪ سان ٺهيل آهن، پنجاه سيڪڙو واري ۽ پڪي سر سان جڙيل آهن. واٽر سپلاءِ جون اسڪيمون به ڪافي آيون آهن. پر پوءِ به ڏيڍ کان ٻه سو گهرن ۾ خودڪار پاڻي ڪڍڻ وارا پمپ لڳل آهن. اڪثر گھر گئس استعمال ڪري رهيا آهن. ٻارهن کن چانهه جون هوٽلون اهن. جتي صبح کان وٺي اڌي رات تائين ٽي وي تي يا ته ڪئبل جا چينل لڳايا وڃن ٿا، يا وري وي سي آر تي هندستاني فلمون ڏيکاريون وڃن ٿيون. منهنجي ذاتي اندازي موجب هر وقت انهن هوٽلن تي ٽن کان پنج سون تائين ماڻهو ويٺل هوندا آهن. رات جي وقت اهو انگ هڪ هزار تائين پڄندو آهي. ياد رهي ته هوٽل تي هر وقت ويٺلن جو عمرون 15کان35 سالن تائين آهن. عمر جو اهو حصو ذاتي توڙي قومي ترقي ۾ وڏو ڪردار ادا ڪندو آهي. پر هي حضرت بجاءِ دل لائي پورهيو ڪري پنهنجي ذاتي يا ڪٽنب جون حالتون سڌارڻ جي، هوٽلن تي چانهيون پي، ڇورن تي خرچ ڪري، پاڻ کي وڌيڪ غريب بنائي رهيا آهن. ياد رهي ته انهن صاحبن جي اڪثر گھرن ۾ ٽي وي موجود آهي. چون ٿا ٿه پنجاب جي هر گھر ۾ هڪ ننڍڙو ڪارخانو اهي، ۽ اُتان جي اڪثريت ڪنهن نه ڪنهن ڪرت ۾ رنڀيل نظر ايندي آهي.

        هتي جا رهواسي ڏهه ٻارنهن ذاتين ۾ ورهايل آهن. بهرحال اڌ کان وڌ آبادي ميمڻ برادري تي مشتمل آهي. مقامي سطح تي ميمڻ ڪيترن ذيلي ذاتين يا پاڙن ۾ ورڇيل آهن: ڏناڻي (عرفان مهدي جو ڪٽنب)، لالواڻي، ڪوٽار، چاڪي، پهلاڻي، کلگور، ڦودي، آگواڻي، ٻوراڻي (فضل قادر ۽ عاشق هالائي جو خاندان، هنن جي اڪثريت حيدرآباد ۾ رهندڙ آهن). دوداڻي (هي به گھڻي ڀاڱي حيدرآباد ۾ ورسيل آهن. پوليس علمدار بشير ميمڻ جو تعلق هن خاندان سان آهي). رناڻي (عبرت اخبار جي تعلقه رپورٽر عبدالڪريم ميمڻ جو خاندان) ۽ سنائي (هن ليکڪ جو خاندان) وغيره. بهرحال ڪجھ گھر رڳو ميمڻ طور ڄاتا وڃن ٿا. جيئن نامياري سماجي ورڪر جناب غلام حسين دودي ميمڻ جو خاندان وغيره. ميمڻن جي گھڻائي خوانده آهي ۽ واپار وڙي سان لاڳاپيل آهي. ڪافي ماڻهو سرڪاري نوڪرين ۾ به رڌل آهن. ته ڪي وري زمينداري ۽ هارپو ڪن ٿا. اسان جو سنائي خاندان زمينداري ۽ هارپو ڪندو رهيو آهي.

        ڀٽي بزرگن جي ذات هتان جي اهم ترين ذات آهي. مقامي روايتن موجب ڀٽي صاحبان جيسلمير کان هتي لڏي آيا هئا ۽ پاڻ سان شيدي ۽ صدر آندا هئا. ڀٽي خاندان ٻن پاڙن ۾ تقسيم ٿيل آهن. هڪڙن کي خليفا ڀٽي، ته ٻين کي ميان صاحب سڏيو وڃي ٿو. ڀٽي صاحب پڙهيل ڳڙهيل آهن، اڪثر نوڪرين ۾ آهن. ٻنهي پاڙن جي اڪثريت حيدرآباد ۾ وڃي ويٺي آهي.

        هالا ارباب هتان جي هڪ قديم ترين ذات آهي. مقامي طرح انهن کي ونڊيار به سڏيو وڃي ٿو. اڪثريت ٻني ٻاري سان رنڀيل آهي ۽ اقليت نوڪرين ۾ مشغول آهي.

        هتي رهندڙ قريشي ٽن ذيلي ذاتين ۾ ورڇيل آهن. خليفي گل هالائي جا پونير ملان سانوڻي قريشي سڏجن ٿا. هي خاندان ڪافي پڙهيل لکيل آهي ۽ اڪثريت نوڪري پيشه آهي ته ڪجھ وري زمينداري وغيره سان لاڳاپيل آهن. قريشين جي هڪ ٻي ذيلي ذات قاضي قريشين جي آهي. محترم حفيظ قريشي (نامورسياستڪار)، قاضي غلام محمد قريشي(نامور عالم، اديب)، قاضي محمد عالم معصوم (نامور جاکوڙي، اديب)، قاضي خادم (نامور ليکڪ)، قاضي منظور حسين قريشي (انگريزي زبان ۾ تاريخ جي موضوع تي لکندڙ)، قاضي محمد اعظم قريشي (اڻورچ سماجي ڪارڪن، ۽ علم دوست)، قاضي محمد شوڪت علي (عالم ۽ اديب)، مرحوم قاضي خالد مسعود، ڊاڪٽر طاهر قريشي، قاضي اميدعلي ۽ قاضي اياز قريشي هن خاندان سان تعلق رکن ٿا. هن خاندان جي ڪافي ماڻهن ورهاڱي کان اڳ ئي اعليٰ تعليم ورتي هئي. منهنجي دوست اميد علي جي والد محترم قاضي رحمت الله صاحب جن سال 1938ع ۾ بي ايس سي ۽ سال 1942ع ۾ ايل ايل بي جي ڊگري بمبئي يونيورسٽي مان ورتي هئي. هن خاندان هڪ ٻيو نرالو شخص قاضي محمد تقي به پيدا ڪيو هو. چون ٿا ته هو ورهاڱي وقت روينيو کاتي ۾ ننڍو عملدار هو. پنهنجي ذهانت جي بل بوتي تي هڪ وڏو سرمائيڪار ۽ زميندار بنيو. ڪي مائٽ چون ٿا ته هو ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج جو رڪن به رهيو هو. قريشين جي ٽين ذات مولوي قريشن جي آهي. هن خاندان عالم سڳورا ته پيدا ڪيا آهن پر هنن جي اهم دين مدرسه محمديه جو اجراءُ آهي. جيڪو 1927ع ڌاري قائم ٿيو. هن مدرسي ۾ اڄ تائين پرائمري تعليم ڏني وڃي ٿي ۽ ماضي ۾ فائينل وڙهائي ويندي هئي. هن خاندان جي هڪ فرد عبدارشيد قريشي، گل محمد مستوئي جي مدد سان هڪ اشاعتي ادارو قائم ڪيو ۽ علمي مجلسون منعقد ڪيون. تازو هن خاندان جي هڪ فرد ڊاڪٽر عبدالحليم قريشي ياد ايام نالي ڪتاب لکي خاندان جي علمي واٽ تي گامزن ٿيو آهي. هتي ڏاڍي ڏک سان لکڻو ٿو پوي ته مذڪوره مدرسه محمديه (جنهن ۾ منهنجي خاندان جا هڙئي فرد پڙهيا آهن) پنهنجي اصلي جاءِ تان ٻي پاسي منتقل ڪيو ويو آهي، ۽ ائين ان جو تاريخي تشخص مجروح ڪيو ويو آهي.

        هالا پراڻا جي سڀ کان متحرڪ ۽ سماجي تعلقات کي وڌائڻ ويجھائڻ واري ماهر ذات صدرن جي آهي. ياد رهي ته ڪجھ صدر ڪاغذ پٽن ۾ پاڻ کي ميمڻ ئي لکائيندا آهن، ويجھي سٽ ۾ انهن جو مکيه شخص حاجي الهبچايو صدر هو جيڪو پسارڪو دڪان هلائيندو هو. پر هو هڪ سٺو ليکڪ ۽ عالم هو. سندس خانداني ۽ سماجي وهنوار جو نمونو اڄ به مثال طور اپنايو وڃي ٿو. سندن هڪ فرزند سائين عطامحمد صدر به هڪ اعليٰ اديب ۽ مقرر آهي. روشن تارا پبليڪشن جو خالد صدر، ڊاڪٽر رضا محمد صدر، سهيل صدر، ثنا هالائي، حنيف آخوند، گلشن صدر هن ڪٽنب جا اهم شخص آهن. هن خاندان جا اڌ ماڻهو نوڪرين ۾ ته اڌو اڌ دڪانداري ۾ آهن.

        هتي جا سيد سڳورا چئن پاڙن ۾ ورڇيل آهن. پهريون پاڙو سنائي سيدن جو آهي، سائين امير حيدر شاهه جو سهرو جناب غلام شاهه نه صرف هن خاندان پر اسان جي سنائي خاندان جو مربي هو. قاضي صاحبن جي ڀر ۾ رهندڙ سيد صاحبان پاڻ کي لڪياري شاهه سڏائين ٿا. سوزڪي  اسٽينڊ جي ڀر ۾ رهندڙ شاهه صاحب جرار پوٽا آهن ۽ گرلز اسڪول جي سامهون رهندڙ سبز واري شاهه آهن، جن جو آخري مرد سائين  سيد مڱيلڌو شاهه تازو وفات ڪري ويو آهي. هو صاحب هڪ سٺو شاعر ۽ مرثيه نگار هو

        سيدن سان گڏ پير صاحبن جو ذڪر به ضروري آهي. ملن سانوڻي قريشي سان گڏ رهندڙ پير صاحبان سرهندي پير سڏبا آهن. انهن جي گھڻائي ڪراچي منتقل ٿيل آهي. محترم غلام شاهه جو همعصر ۽ ڳوٺ جي هڪ معتبر شخصن پير وسون جو خاندان، پيرن طور ڄاتو وڃي ٿو. ڪوٽارن جي محلي رهندڙ ۾ هڪڙا پير پاڻ کي شاهه به سڏائين ٿا. ۽ ٻيا پير خانگاهي پير سڏجن ٿا. هن محلي ۾ هڪ گھر آخوندن جو آهي. جنهن جو وڏو آخوند ولي محمد هڪ بزرگ ڄاتو وڃي ٿو ۽ تازو وفات ڪري ويو آهي. سائين آخوند يار محمد هڪ ايماندار ۽ بهترين اليڪٽريشن آهي. سندس ننڍو ڀاءُ آخوند عبدالواحد هن وقت ڊائريڪٽر نيشنل سيونگز آهي. پاڻ هڪ سگا جو سرگرم رڪن رهيو آهي.

        هتي رهندڙ شيخ صاحب تعداد ۾ گھٽجي رهيا آهن. ڇو ته هو هتان لڏي حيدرآباد وسائي رهيا آهن. هي ننڍڙو ڪٽنب پنهنجي اثر رسوخ جي لحاظ کان مڃيل آهي. هن خاندان جو هڪ فرد محترم منير هالائي سالن تائين، علمي ۽ ادبي ميدان ۾ پاڻ پتوڙيندو رهيو آهي. منير صاحب جي مهربانين سان مون نئشنل ڊولپمينٽ فنانس ڪارپوريشن ۾ ٽي سال نوڪري ڪئي. خدا کيس وڏي ڄمار ۽ صحت عطا ڪري.

          هتي رهندڙ ڀنڀرا چون ٿا ته هو اصل ۾ مناهيجا آهن. هن خاندان سوز هالائي کي جنم ڏنو آهي، جيڪو اڄ ڪلهه هن خاندان جو وڏو به آهي. سائين جو هڪ ويجھو عزيز ڪريم ڏنو ڀنڀرو سنڌ جي تاريخ جو وڏو ڄاڻو هو. ڀنڀرن جي اوسي پاسي ۾ خاصخيلي سولنگي ۽ شيدي رهن ٿا. شيدين جو اڄ ڪلهه وڏو سائين پيراڻو شيدي آهي. جيڪو رٽائرڊ پرائمري ماستر آهي. پاڻ ڪهاڻيون به لکندو رهيو آهي. سولنگي صاحبن ۾ محمد خان تپيدار طور رٽائر ٿيو آهي. سندس هڪ ڀاءُ خادم حسين پوليس ۾ سب انسپيڪٽر آهي.

        ڪجھ ڌريون ٺلهو ماڇين طور ڄاتيون وڃن ٿيون. هنن کان علاوه  مهاڻا مير بحر به هتي رهن ٿا.

        جھنڊي جا ڪاريگر اڄ ڪلهه ته پاڻ کي ڀٽا لکائين ٿا. پر مقامي طرح پوڙها پڪا کين وگھامل سڏين ٿا. محترم عبد الله ڀٽو ادبي ۽ سماجي سطح تي سرگرم رهيو آهي. سندن ننڍو ڀاءُ قربان ڀٽو به علمي ۽ ادبي ميدان تي سرگرم آهي. خادم حسين ڀٽو هڪ بهترين استاد آهي. ڀٽن جي ڀر ۾ پنجابي پناهگير به وڏي انگ ۾ آباد آهن جيڪي ٽن چئن ذاتين ۾ ورڇيل آهن. هي زراعت سان گڏ ٽرانسپورٽ، ۽ لوهارڪي ڌنڌي سان لاڳاپيل آهن. هنن جي ڀر ۾ ڪورين ۽ ڪاسائين جا به چڱا گھر آهن.

        هتي رهندڙ حجام پاڻ کي عمراڻي ٻروچ سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪندا آهن، بهرحال خالص ٻروچ ته هتي گبول آهن. هي بيحد اشراف خاندان آهي. اڌو اڌ پڙهيل لکيل ۽ نوڪري پيشه آهن. محمد ايوب گبول جيڪو پوليس کاتي ۾ ڊي ايس پي هو، سو سال کن اڳ گذاري ويو آهي. نوراحمد گبول ڪراچي ۾ ڪنهن بئنڪ ۾ آفيسر آهي ۽ سندس وڏو ڀاءُ محمد مشين ٽول فيڪٽري ڪم ڪري ٿو. گبول جو هڪ پاڙو ٻيو به آهي، جيڪو ڪڏهن هت ته ڪڌهن سڪرنڊ يا سن پاسي رهي ٿو. ٽي وي ڊائريڪٽر ادل گبول جو تعلق ان پاڙي سان آهي. ڪنڀار جي هاڻ پاڻ کي پنهور سڏائين ٿا. سي چڱي به تعداد ۾ هتي رهندڙ آهن.

        علمي ۽ ادبي ادارن جو احوال ته اچي چڪو آهي، پر سماجي تنظيمن جو ذڪر به ضروري آهي. سگا جي شاخ ويهارو سال کن هتي سرگرم رهي جنهن ۾ محترم غلام حسين ”دودو“ ميمڻ، محمد حسين سنائي، قاضي محمد اعظم قريشي، عبدالله ڀٽو، عبدالواحد آخوند ۽ سوز هالائي سرگرم رهيا. ان کان علاوه ٽيهارو سالن کان هلال احمر جي ننڍي شاخ به هت سرگرم آهي. هن تنظيم جو روح روان جناب قاضي محمد اعظم قريشي آهي. هي صاحب ٻه ڀيرا هتان جي يونين ڪائونسل جو چئرمين رهيو آهي. هالا پراڻا ۾ جيڪي ترقياتي ڪم ٿيا آهن. تن جي تڪميل پويان هن صاحب جي ولوڙ مکيه عنصر آهي. هلال احمر ۽ رورل ويلفيئر آرگنائزيشن پاران پندرهن سالن کان هڪ خانگي اسڪول هتي هلي رهيو آهي. جنهن جو روح روان به قاضي محمد اعظم قريشي صاحب آهي. تازو هڪ غير سرڪاري تنظيم سنڌ هيلٿ ۽ ايجوڪيشن سوسائٽي (Sheds) جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي. جنهن جا سرواڻ عبيدالله صدر ۽ ڊاڪٽر زاهد صدر آهن.

        مخدوم خاندان جي جناب مولوي غلام حيدر صديقي جي ذاتي دلچسپيءَ جي ڪري هالا ۽ پسگردائيءَ ۾ ڪيترا تعليمي ادارا جڙيا. انهيءَ جي نتيجي ۾ هتي خواندگي جي شرح وڌيڪ آهي. البت اهو ضرور آهي ته هتي جا پڙهيا لکيا سول سروس ۾ وڃڻ بجاءِ انجنيري، ڊاڪٽر ۽ ٻين شعبن ۾ وڌيڪ ويا آهن.

        اسان جو ڳوٺ عمودي طرح يا زمين جي سڌ ۾ ايترو نه وڌيو آهي، پر افقي طرح ڪافي وڌيو ويجھيو آهي. گھڻ ماڙ جاين جو تعداد وڌي پيو. ٻي حقيقت اها آهي ته هر سال ڪل آبادي جو ڏهه سيڪڙو هتان لڏي وڃي ٿو.

(هي مضمون پهريائين ماهوار ڪينجھر جي ”منهنجو ڳوٺ نمبر“ ۾ شايع ٿيو هو. هاڻي ان کي نئين سر سڌاريو ويو آهي.)

ڪمپوزنگ ذوالفقارعلي ابڙو

28 جولاءِ، 2006

 

سنڌي مرثيا نويسي ۾ هالا جو حصو

مخمور بخاري

ارڙهين صدي عيسوي جي اڌ کان پوءِ سنڌي موزون مرثيي جو بنياد پيو جنهن جو مؤجد سيد ثابت علي شاهه پاڻ ان بابت چئي ٿو:

مرثيو سنڌي اڳهين هو ڪو نه اصلي سنڌ ۾،

جي ڪو هو تا پڻ نه هو مشهور هن پر ڪجا،

مون کي چئين ثابت علي هي شعر سنڌي درد ناڪ،

تون به سنڌي شعر ۾ ڪي چئج ماتم مرثيا.

مرثيي جي ارتقائي تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو. ته هي فن اول ايران ۾ اُسريو هو. ايران جو بادشاهه شاهه طهماسپ صفوي شاعرن کان فرمائش تي مرثيه لکرائيندو هو، اهڙي ريت مرثيو ايران مان دکن، دهلي ۽ لکنوءَ ۾ پهچڻ بعد پنهنجي عروج تي پهتو. ڪن عالمن جو رايو آهي ته مرثيو برصغير ۾ پهچڻ کان پوءِ سنڌي، ملتاني ۽ گجراتي زبانن ۾ چيو ويو ۽ پوءِ ئي اردو ۾ مروج ٿيو. سنڌي ۾ شاه عبداللطيف ڀٽائي جي سرڪيڏاري کي غير موزون مرثيو چيو وڃي ٿو. ابتدائي غير موزون مرثيو چوندڙن ۾ احسان فقير لانگاهه مخدوم عبدالله ٺٺوي، سيد خبر شاهه، مولوي احمد، جيئندل فقير ۽ ٻيا شامل آهن.

        لفظ مرثيو عربي اکر ”رثا“ مان نڪتل آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي ”مرڻ واري تي روئڻ“. شاعري جي اصطلاح ۾ مرثيو ان ڪلام کي سڏجي ٿو، جنهن ۾ مري ويندڙ جون خوبيون ۽ فضيلتون، درد ۽ غم سان بيان ٿيل هجن. خان بهادر محمد صديق ميمڻ مرثيي بابت لکي ٿو:

        ”مرثيه“ لفظ جي معنيٰ آهي اهو شعر جنهن ۾ ڪنهن به  درد ناڪ حادثي جو ڏک ڀريل لفظن ۾ بيان ٿيل هجي. جھڙوڪ بغداد جي قتل عام ۽ ان وقت جي ٻين دلسوز واقعن تي شيخ سعدي جا ٺاهيل عربي مرثيا.

        پراڄ ڪلهه عالمگير اصطلاح موجب مرثيه جي معنيٰ اهو رزميه ڪلام آهي، جنهن ۾ خاص طرح ڪربلا جي واقعي بابت دلسوز بيان هجي.(2)

        ڪربلا جي انهي دل ڏکوئيندڙ سانحي کي شاعري جي هيٺين مختلف صنفن ۾ ظاهر ڪيو وڃي ٿو جنهن کي مرثيو چئجي ٿو:

        زاري: ڪافي جي تتبع تي چيل مرثيو.

        اوسارو: لوڪ گيت جي ترتيب ۾ چيل - هي مرثيو فقط عورتون پڙهنديون آهن.

        سلام: غزل جي انداز ۾ چيل ڪربلا جي شهيدن جي بهادري  شجاعت کي سلام پيش ڪيو ويندو آهي.

        لوڙائو: هن جي لغوي معنيٰ  آهي سرسان بيت چوڻ. هن جي هر بند ۾ ٽي سٽون هو نديون آهن. هر بند جا پنهنجا وزن، قافيه ۽ رديف هوندا آهن.

        بند: چئن سٽن جي مرثيي کي چوندا آهن.

        اولاڻو: حضرت علي اصغر جو 9 محرم الحرام جي شام پينگھو ڪڍيو ويندو آهي. ان مناسبت سان لولي/ لوري جي انداز ۾ مرثيو چيو ويندو آهي. جنهن کي اولاڻو چئجي ٿو.

        ڏوهيرو: ڏور ، قصيدو، نوحه.

        ميندي: حضرت قاسم ابن الحسن عه جي 9 محرم الحرام جي شام جو ميندي ڪڍي ويندي آهي. ان موقعي ۽ مهل جي مناسبت سان چيل مرثيي کي ميندي جو نالو ڏنو ويو آهي.

        مرثيو شاعري جي جيتوڻيڪ الڳ صنف ته ناهي، پر جنهن به صنف ۾ ڪربلا جو واقعو پيش ڪيو وڃي ٿو، اهو مرثيو چورائي ٿو. مطلب ته مرثيو هڪ موضوع آهي. جيڪو محرم الحرام جي ڏينهن ۾ خاص طرح پڙهيو ويندو آهي. هنن صفحن ۾ اسان سنڌ جي قديم تاريخي، ثفافتي شهر ۽  علم ادب جي گھواري هالا جي مرثيه نويسن جو ذڪر ڪنداسين.

سيد مڱيل شاهه:

        سيد مڱيلڌو شاه سبزواري تخلص مڱيل 1952ع ۾ هالا پراڻا ۾ جنم ورتو. سندس وڏو ڏاڏو سيد ميرڪلان شاهه حضرت قلندر شهباز سان گڏ سنڌ  ۾ آيو هو. سندس شجرو حضرت امام موسيٰ ڪاظم سان ملي ٿو.

مڱيل شاه سٺو شاعر هجڻ سان گڏوگڏ بهترين خوشخط پڻ هو. هو علم حڪمت، رمل، نجوم، ڪيافه، روحانيت ۽ جعفر ۾ ڄاڻ رکندڙ هو. هن شاعري جي مڙني صنفن تي طبع آرمائي ڪئي آهي. پر خاص ڌيان مرثيي تي ڏنو اٿس. پاڻ ڪجھ عرصو اڳ وفات ڪري ويو. سندس سمورو ڪلام اڻڇپيل آهي. سندس مرثيا، نوحه ۽ سلام هالا ۾ پڙهيا ويندا آهن. هن وقت هٿ آيل سندس مرثيي جو هڪ بند نموني طور ڏجي ٿو.

اول بسم الله سان ڪريان شورع ٿو هي حقيقت آه،

 سڀئي تعريف رب جي جنهن بنائي ساري خلقت آهه،

ازبعد خدا حضرت محمد  جي رسالت آهه،

رسالت جو اجر آل محمد سان مودت آهه،

مگر امت رسالت جو ڏنو اهڙو اجورو هئي

شجر ڪائي ڪيئون باغ نيب ويران سمورو هئي. (18)

        اسان پنهنجي هن مختصر مطالعي ۾ هالا جي مرثيه نويس شاعرن جو تذڪرو  ڪيو آهي. سنڌي ادب ۾ ڪن ٻين موضوعن وانگر هن موضوع متعلق ڪو گھڻو ڪم نه ٿيو آهي. ڪيترا اهڙا مرثيه نويس شاعر آهن جن جي مرثين جا بياض قلمي حالت ۾ موجود آهن ته ڪن جا مرثيه ڏاڍي شوق سان پڙهيا ۽ ٻڌيا وڃن ٿا. پر اهڙو ذخيرو ٿوري تعداد ۾ ڪنهن هنڌ يڪجاء ٿيل آهي ۽ بلڪل ئي نه شايع ٿيل آهي.

        هالا جي ذڪر ڪيل هنن مرثيه نويسن کان سواءِ محمد رمضان اولياءٌ، حسين بخش ميمڻ، فتح محمد شيخ، محمد اسماعيل ميمڻ، سيف بخاري تنها، نور علي سمون، اياز احمد اياز، جاويد سوز هالائي ۽ خان محمد ميمڻ پڻ سانحه ڪربلا جي ڏکوئيندڙ واقعي بابت نوحه، قصيدا، سلام چيا آهن،

حوالا

1.      خان بهادر محمد صديق ميمڻ، سنڌ جي ادبي تاريخ، ص134 انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي 2000

2.     ساڳيو 136

3.     ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، شاه جو رسالو - رسالي جو ڪلام (جلد ڏهون) ص29، علامه قاضي رسالو تحقيقي رٿا ۽ اشاعت حيدرآباد سنڌ 1996ع

4.     مخدوم صالح ڀٽي، سرڪيڏارو، ص 10_12، ناشر محمد امين ۽ محمد اشرف ڀٽي، بارِ دوم

5.     ڪيڏارو، ص 43_42

6.     ڪيڏارو، ص 48

7.     مرزا عباس علي بيگ (ترتيب) ڪليات ثابت علي شاه، ص 15، اسلامڪ ڪلچر اينڊ ريسرچ سينٽر ڪراچي.

8.     مرزا امام علي بيگ سنڌ مرثيا نويسي جو تحقيقي جائزو، ص 263، پي ايڇ ڊي لاءِ تحقيقي مقالو (اڻڇپيل) 1995 

9.     پروفيسر محبوب علي چنه (مرتب) ڪليات امين، ص 208_ 207، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 1990ع.

10. مخدوم طالب الموليٰ، درناياب عرف ياد رفتگان، ص43، سنڌي ادبي بورڊ 1994ع

11.  ڪليات ثابت علي شاهه، صه 34

12. بياض مولا بخش قلمي؛ مخمور بخاري.

13. ڪيڏارو صه 140_139

14. سليم هالائي، تذڪره شعراءِ هالا، صه 29، آفتاب پرنٽنگ پريس حيدرآباد 1944ع

15. بياض عيسيٰ عاجز هالائي قلمي : مخمور بخاري

16. سنڌي مرثيا نويسي جو تحقيقي جائزو، صه 361

17. ساڳيو صه 359

18. ساڳيو صه 379

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org