سيڪشن:تاريخ

ڪتاب:هالا جا رنگ هزار(هالا متعلق لکڻين جو مجموعو)

باب:

صفحو:3

جنت السنڌ ۾ هالا جو ذڪر

رحيمداد خان مولائي شيدائي

(محترم رحيمداد خان مولائي شيدائي سنڌ جو نامور مؤرخ رهيو آهي. ”جنت السنڌ“ سندس مشهور ترين ڪتاب آهي. ان ڪتاب ۾ متخلف جاين تي هالا جو ذڪر آهي. ڪن جاين تي آيل احوال کي ورجاءَ جي ڊپ ڪري ڇڏي، ٻيو سڄو ذڪر هيٺ هڪ جاءِ پيش ڪجي ٿو.)

... دودي (سومري) جي وفات (سن 1092ع) ڪرڻ وقت سندس پٽ سنگھار صغير هو، سومرن کيس سرداريءَ جي پڳ ٻڌرائي، مگر حڪومت جون واڳون دودي جي ڌيءُ تارا ٻائيءَ جي هٿ ۾ هيون. هيءَ پهرين سنڌي خاتون هئي، جنهن سياست ۾ مردانگيءَ سان قدم رکيو هو.... جڏهن سنگهار وڏو ٿيو ته ان کي تخت نشين ڪيائون. گاديءَ تي ويهڻ شرط نوجوان ڪڇ کان وٺي هالڪنڊيءَ تائين باغين کي مطيع ڪري، حڪومت ڪئي. سنه 1106ع ۾ بنان اولاد مري ويو. (صفحو 269)

دودي سومري نصرپور ۽ هالا تائين حدون وڌايون هيون، مگر بکر ۽ سيوهڻ دهليءَ جي سلاطين جي قبضي هيٺ هئا، جن سنڌ کي مغلن جي ڪاهن کان بچايو هو. (ص 278)

مخدوم عبدالله: هيءُ جيسلمير جي هندو راجا جو نوجوان راجڪمار هو، جو پوءِ مسلمان ٿيو هو ۽ جنهن کي روحاني فيض سان حضرت بهاءُ الدين مالامال ڪري، سنڌ ۾ روحانيت جي تبليغ لاءِ حڪم ڏنو هو. مخدوم عبدالله پراڻن هالن ۾ اچي رهيو ۽ وڏو فيض بخش بزرگ ٿي گذريو. هالن پراڻن وارا ڀٽي انهيءَ مخدوم عبدالله جو اولاد آهن، جن ۾ خلافت جو درجو اڄ تائين پشت بپشت هليو اچي ٿو. (ص 285)

سنه 1523ع ۾ سمن جي صاحبيءَ جو سنڌ ۾ خاتمو ٿيو ۽ ارغونن سڄيءَ سند تي قبضو ڪيو. ڄام فيروز ڪڇ کان گجرات ڏانهن ويو، جتي بهادر شاه گجراتيءَ کيس اميرن ۾ داخل ڪيو ۽ باقي عمر جا ڏهاڙا اتي گذاريائين. شاه حسن (ارغون) ٺٽو فتح ڪرڻ کان پوءِ هالڪنڊي ۽ سيوهڻ کان ٿيندو بکر پهتو. (ص 323-24)

اڪبري توبخاني مرزا جاني بيگ جا ست غوراب ٻوڙي ڇڏيا. مرزا جاني بيگ جو پيءَ مرزا پائنده خان ۽ سندس ڀاءُ مرزا ابوالفتح به جنگ ۾ مارجي ويا. پورچوگيز ايجنٽ به قيد ٿي ويو(1). ملڪ تباه ٿي ويو ۽ ڪيترا شهر ناس ٿي ويا. خود اڪبري لشڪر جا سپاهي به بک وگھي مرڻ لڳا، ان وچ ۾ راءِ سنگ اڪبري فوج لاءِ توبخاني سميت سامان رسد آندو ۽ عمر ڪوٽ جو راجا راول ڀيم سنگھ به تازي لشڪر سان پهتو. مرزا جاني بيگ سيوهڻ کان چاليهن ڪوهن تي هالڪنڊيءَ ۾ خندقون کوٽائي مقابلو ڪرڻ لڳو. (ص 342)

مرزا جاني بيگ اڪبري توبخاني سان مقابلي ڪرڻ لاءِپورچوگيزن کان مدد ورتي هئي، ليڪن پورچوگيز مڪار ۽ دغاباز هئا، هنن مرزا جاني بيگ کي پوري مدد ڪانه ڏني هئي. جنگ جي ڪري سنڌ جا ڳوٺ ۽ شهر ويران ٿيڻ لڳا، ريل ۽ هالڪنڊي جهڙن پرڳڻن جون آباد زمينون، غير آباد ٿي ويون. (ص 361)

هالاپراڻا به سنڌ ۾ ڪاشيءَ جي سرن جي صنعت ڪري مشهور هو. اهي سرون گھڻو ڪري مسجدن ۽ اوليائن جي مقبرن تي لڳنديون هيون. اصفهان کان پوءِ ٻيو نمبر شهر ڪاشيءَ جي صنعت ۾ ايشيا ۾ هالا هو. اڄ به هالا ڪاشيءَ توڙي جنڊيءَ جي عمدي ڪم جي ڪري مشهور آهي. (ص 410)

16 فيبروري سنه 1843ع تي سر چارلس نيپيئر هالا کان مٽياريءَ پهتو. (ص 594)

نون شهرن ۽ ٽنڊن جي تعمير ٿيڻ کان پوءِ پراڻن شهرن جهڙوڪ ٺٽي، هالا، سيوهڻ، نصرپور وغيره جو باقي رهيل اوج به گھٽجڻ لڳو. (ص 623)

... (ٽالپوري دؤر ۾) شڪارپور، سکر، روهڙي، لاڙڪاڻو، ڪنڊيارو، هالا، حيدرآباد، ميرپورخاص، عمر ڪوٽ، ٽنڊو محمد خان، نصرپور، سيوهڻ، ٺٽو ۽ ڪراچي واپار جا مرڪز هئا. (ص 626)

حوالا

1. پورچوگيزن پنهنجي ايجنٽ معرفت توبخاني سان گڏ فرنگي سپاهين جو دستو به مرزا جاني بيگ جي مدد لاءِ مڪو هو. سنڌين لاءِ پهريون دفعو هو، جو هنن فرنگي سپاهين کي يڪ رنگي ورديءَ ۾ ڏٺو هو ۽ پهريون دفعو هو جو سنڌين توبن سان جنگ ڏٺي، اڳ وٽن ترار، نيزا، تير ڪمان، بڙڇيون، خنجر جنگ جا هٿيار هئا. فرشته، جلد-2، ص- 517.

(جنت السنڌ، سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي، 2000)

عبدالله ورياهه

هالڪنڊي

        سنڌ قديم زماني کان تهذيب، ثقافت، علم ۽ ادب جي خزانن سان مالا مال رهي آهي. هن سر زمين جو هر حصو پنهنجي خصوصي اهميت رکي ٿو. سنڌ جي تاريخ ۾ هالڪنڊي جي حيثيت تي نظر ڪبي ته خبر پوندي ته راءِ گھراڻي جي سنڌ تي حڪومت (۴۵۰ع کان ۶۳۲ع) وقت لوهاڻو سنڌ جو هڪ پرڳڻو هو. جنهن جو حاڪم راءِ گھراڻي جي پوين ڏينهن ۾ اگھم راجا هو. هن پرڳڻي ۾ لاکا، سما ۽ سهتا ايراضيون شامل هيون. هن پرڳڻي جو مرڪزي شهر برهمڻ آباد هو. سانگھڙ ضلعي جا شهداد پور، ٽنڊو آدم ۽ سنجھورو تعلقا ۽ حيدرآباد ضلعي جو هالا تعلقو به هن ۾ شامل هو. ٽنڊو آدم کان اوڀر طرف ڳوٺ پيرو فقير شوري جي ڀرسان درياءَ جو پراڻو ڍورو اڃا تائين لوهاڻو ڍورو سڏجي ٿو ۽ ان ديهه جو نالو به لوهاڻو آهي، لوهاڻي پرڳڻي جو مرڪزي شهر برهمڻ آباد اسان جي آڏو دلور جي دڙن جي صورت ۾ سنجھوري تعلقي ۾ جمڙائو ڪئنال جي ڪپ تي موجود آهي. لوهاڻي پرڳڻي ۾ هالا تعلقي واري ايراضي ته شامل هئي. پر ان وقت هالڪنڊي جي آباد هجڻ جي ڪابه شاهدي ڪانه ٿي ملي، جيڪر ڪا آبادي هئي، تڏهن به ان جا آثار هينئر ملڻ ممڪن نه آهن، ڇو ته درياهه پنهنجو رخ باربار مٽائيندو رهيو آهي. سنڌ تي سومرن جي مقامي حڪومت جي دور پنجين صدي هجري کان نائين صديءَ هجري تائين ڪڇ کان وٺي هالا ڪنڊي تائين وارو سڄو ملڪ سومرن جي حڪم هيٺ هوندو هو. هالڪنڊي جو ڳوٺ سنڌ تي سمن جي صاحبي دوران اٺين صدي هجري ۽ عيسوي پنڌرهين صدي ۾ آباد ٿيو، جنهن کي ٽوڙي سڏيو ويندو هو، پر سنڌو جي بار بار رخ مٽائڻ واري عادت سبب اهو ڳوٺ به باقي نه رهيو، درياهه ان کي پائي ويو ۽ ٽوڙي جو ڪو به آثار باقي نه بچيو. مخدوم نوح عليہ رحمة جن جا بزرگ به ان ڳوٺ ٽوڙي ۾ رهندا هئا. اٺين صدي جي آخر يا نائين صدي جي پهرئين ڏهائيءَ ۾ هالڪنڊي جو ڳوٺ آباد ٿيو ۽ ٽوڙيءَ مان لڏي آيل ماڻهو هن ۾ آباد ٿيا. نائين صدي هجري ۾ هيءُ ئي هالڪنڊي جو ڳوٺ آهي، جنهن جون روايتون مختلف تاريخي ڪتابن ۾ ملن ٿيون. ۹۲۸ هه ۾ شاهه بيگ ارغون جي وفات بعد ميرزا شاهه حسن ارغون سنڌ جو حاڪم ٿيو ته ڄام فيروز هڪ دفعو وري اقتدار هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر جنگ هارائي هميشه لاءِ گجرات هليو ويو. ميرزا شاهه حسن ٽي ڏينهن ميدان جنگ ۾ رهي مال غنيمت ميڙي اچي ٺٽي ۾ لٿو. ڇهه مهينا تغلق آباد ۾ رهڻ بعد هالڪنڊي مان ٿيندو سيوستان هليو ويو. ۹۴۷ هه ۾ هندستان جو مغل بادشاهه همايون جڏهن شير شاهه سوري کان شڪست کائي سنڌ ۾ آيو ته سنڌ جي ارغون حاڪم ميرزا شاهه حسن، همايون جي اميرن سان اقرار ڪيو ته هالڪنڊي کان بٺوري تائين درياهه جي هن ڀر وارا ڳوٺ حرامسراءِ جي خرچ لاءِ ڏيندو ۽ همايون بادشاهه جي اطاعت ۽ فرمانبرداري ڪندو، پر پوءِ اهو ٺاهه ٿي نه سگھيو.

        سنڌ ۾ ترخانن جي حڪومت جو دور اهو دور آهي جڏهن هاله ڪنڊي مان روشني جا ڪرڻا ۽ فيض جو درياهه سڄي سنڌ کي سيراب ڪري رهيو هو، حضرت مخدوم سرور نوح عليه رحمة جن جي بزرگي ۽ ڪرامتن جي هند سنڌ ۾ هاڪ هئي ۽ ماڻهو پري پري کان ڪهي اچي هتان پنهنجا مطلب ماڻيندا هئا ۽ دل جي دز کي صاف ڪندا هئا، نه صرف عام ماڻهو پر وقت جا حاڪم ۽ امير به چاهيندا هئا ته هن در جي حاضري ڀري پنهنجي لاءِ هن ڪرامت جي صاحب جون دعائون ۽ فتح ۽ ڪاميابي لاءِ غيبي مدد حاصل ڪريون. ۹۷۵هه ۱۵۶۷ع ۾ وقت جي حاڪم ميرزا محمد باقي ترخان جو ڀاء ميرزا جان بابا، خان زمان بيگلار جي هوشيار ڪرڻ تي پاٽ ۽ صدر جھيجي کان ٿيندو هاله ڪنڊي پهتو، پٺيان ميرزا باقي به لشڪر سوڌو اچي هاله ڪنڊي پهتو. خان زمان بيگلار ڏٺو ته هاله ڪنڊي ۾ ٻنهي لشڪرن ۾ جنگ ٿيڻي ناهي، پوءِ ڇو نه اولياءَ الله حضرت مخدوم نوح عليه رحمة جي ميرزا جان بابا لاءِ دعا حاصل ڪجي. ان خيال سان رات جو گھوڙي تي چڙهي حضرت غوث الحق جي خانقاهه جي دروازي تي ٻاهر اچي ڏاڍي چيائين ته مخدوم صاحبن جي خادمن مان ڪو جاڳندو هجي ته مخدوم صاحبن جي خدمت ۾ ميرزا جان بابا جا نياز ادب ۽ سلام پهچائي عرض ڪري ته اسان کي ظالم ميرزا باقي جي ڀاڄوڪڙ لشڪر سان جنگ ڪرڻي هئي پر هينئر قبله سائين جي واهڻ ۾ اچي ويٺا آهن، ان ڪري اسين سائين جن جي ادب ۽ لحاظ کي سامهون رکندي خونريزي نٿا ڪري سگھون، ان ڪري وڙهڻ  کان پاسو ڪري هليا ٿا وڃون. اهو چئي هو هليو ويو، صبح جو مخدوم صاحبن جو خادم جان بابا وٽ ويو ۽ سائين جن جون دعائون رسائي چيائين ته اوهان کي ان ادب ۽ لحاظ لاءِ جس هجي، ميرزا جان بابا حيران ٿيو، پر پوءِ خبر پيس ته اهو ڪم خان زمان بيگلار جو آهي. جيتوڻيڪ ميرزا جان بابا کي ميرزا باقي اڳتي هلي مارائي ڇڏيو پر الله وارن جي ناراضگيءَ ۽ ميرزا باقي جي سندن عام ماڻهن تي ڪيل ظلمن جو آخر اهو اثر ٿيو ته هن قهري پاڻ پنهنجو انت آندو.

        الله وارن جي راضپي ۽ ناراضگي جو اثر انداز ٿيڻ جو هڪ ٻيو مثال به اسان جي آڏو آهي. جنهن جي شاهدي ڪئين تاريخي ڪتاب به ڏين ٿا.

        ۹۹۹هه ۾ مغل بادشاهه جلال الدين اڪبر، عبدالرحيم خان خانان کي سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ موڪليو ته ڪنهن الله واري کيس ٻڌايو ته ويجھڙائي ۾ جناب ڪرامت ماب مخدوم نوح هاله ڪنڊي عليه رحمة، تازو هاله ڪنڊي ۾ گذاري ويو آهي. جيڪڏهن ان جي فاتح خواني لاءِ توهان اڳ ۾ پهتا ته فتح اوهان جي ٿيندي، ۽ جيڪڏهن ميرزا جاني بيگ اڳ ۾ پهتو ته اهو جنگ کٽيندو. اتفاق اهو ٿيو جو جاني بيگ ويجھو هوندي به اتي حاضري نه ڀري سگھيو ۽ خان خانان ۽ جاني بيگ وچ ۾ ڪيترين جنگين کان پوءِ صلح ٿيو ۽ سنڌ هندستان جي مغل حڪومت جو هڪ صوبو بنجي وئي.

        مغلن جي حڪومت واري وقت ۾ به هاله ڪنڊي هڪ اهميت واري ڳوٺ جي حيثيت سان قائم ۽ آباد نظر اچي ٿو، ڇاڪاڻ ته هي ٺٽي کان سيوهڻ وڃڻ واري رستي تي هو ۽ نصرپور سرڪار جي هڪ پرڳڻي هاله ڪنڊي جو مرڪزي هنڌ هو. سرڪار طرفان پرڳڻي جي حفاظت ۽ انتظام هلائڻ لاءِ مقرر ڪيل ماڻهون به هتي رهندا هئا. آڳاٽي زماني ۾ سفر درياءَ وسيلي يا خشڪي تي اٺن، گھوڙن ۽ گڏهن تي ڪيو ويندو هو. هاله ڪنڊي دريائي توڙي خشڪيءَ جي سفر ۾ اهم جاءِ هئي، جتي ٻيڙا يا قافلا ترسي سفر جو ٿڪ ڀڃي، ضرورت جون شيون هٿ ڪري وري اڳتي اسرندا هئا.

        ۱۱۰۵ هه ۾ ٺٽي جو نواب خسرو خان چرڪس مقرر ٿيو، پر هن جي وڌندڙ اثر رسوخ جي ڪري ۱۰۲۱ هه ۾ ميرزا غازي کيس هٽائي پنهنجي پاران هندو خان کي حاڪم ڪري موڪليو. خسرو خان چرڪس ٺٽي مان بيدخل ٿي جڏهن قنڌار وڃڻ لاءِ هاله ڪنڊي ۾ پهتو ته کيس ميرزا غازي بيگ جي وفات جي خبر پئي.

        مغلن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ جيڪي سندن طرفان حاڪم مقرر ٿيندا هئا، انهن جو مرڪز بکر ۽ ٺٽو هوندو هو. هاله ڪنڊي پرڳڻو نصرپور جي راڄڌاني جو هڪ حصو هئي ۽ ٺٽي جو حاڪم هن علائقي جو انتظام هلائيندو هو. هاله ڪنڊي پرڳڻي جو مرڪزي ڳوٺ به هالا ڪنڊي هو، جتي سرڪاري طرح ٿاڻو هوندو هو، جتي ٺٽي جي صوبه دار طرفان چند سؤ سوار ۽ توبچي پرڳڻي جو انتظام رکڻ لاءِ مقرر ٿيل هوندا هئا. هاله ڪنڊي پرڳڻي ۾ مغلن جي هڪ امير مير ابوالبقا ابڙيجن جو ڳوٺ ۾ به هڪ قلعو ٺهرايو هو، جنهن ۾ پڻ سرڪاري فوج رهندي هئي، پر تنهن هوندي به امن امان قائم ٿي نه سگھندو هو، پرڳڻي  ۾ رهندڙ چانڊيا، سميجا، ۽ انڙ ڪڏهن به مغل حڪومت جا حامي نه ٿيا. انهن هر وقت حڪومت خلاف مزاحمت جاري رکي ۽ راتاها هڻي مغلن جي فوج کي هيسائيندا رهندا هئا، ڪو به قافلو هتان حفاظت سان لنگھي نه سگھندو هو. شميشير خان اوزبڪ جي ٻيهر عملداري جي وقت ۾ ڪي سوداگر هڪ هزار کن اٺن جي وڳ سان ٺٽي کان بکر پئي ويا. اهي جڏهن هاله ڪنڊي پهتا ته کيس درياهه اڪري سميجن جي راڄ مان لنگھڻو هو، اتي پير پائڻ سان ئي هو مٿن ڪاهي آيا ۽ کيس تاراج ڪري سڀئي اٺ ڪاهي ويا. مغل عملدارن کان سواءِ جيسلمير جو راجا به انهيءَ عذاب کان بچيل نه هو، ان کي خشڪي واري رستي جي حفاظت لاءِ پنجن ڇهن سؤ مسلح سوارن جي ضرورت رهندي هئي. محافظن جي نه هجڻ جي صورت ۾ قافلا ڦورن جي نظر ٿي ويندا هئا.

        واپارين جو ٻيو رستو درياهي هو پر اهو به سلامتي وارو نه هوندو هو. سوداگر سيوهڻ واري گھٽ وٽ پهچي ڪي ڏهاڙا ترسي، سيوهڻ جي جاگيردار جو محصول ڀري اتان چوڪي ساڻ ڪري سن جي تڙ تائين ايندا هئا، جتي وري محصول ڀري ٻي چوڪي ساڻ ڪري هاله ڪنڊي تائين پهچندا هئا. ان هوندي به اڪثر قافلا پنهنجي واپاري مال ۽ ٻيڙين سميت تاراج ٿي ويندا هئا، ۽ سوداگر قتل ٿي ويندا هئا. انهن واقعن کان تنگ ٿي مغل اميرن ٺٽي جي حاڪم کي لکي موڪليو ته چانڊين، سميجن ۽ ٻين باغين جي پاڙ پٽڻ لاءِ ٺٽي مان مسلح سپاهي گھرائي هاله ڪنڊي پرڳڻي جي ڳوٺ ابڙيجن ۾ ٿمائي انهن کي چئني پاسي کان گھيرو ڪجي. نصرپور راڄڌاني جي پرڳڻي هاله ڪنڊي ۾ سميجن جون پيل زمينون هاله قوم جي حوالي ڪجن، جيڪي مغل حڪومت جا وفادار هئا. هاله ڪنڊي وارو ٿاڻو جيڪو سدائين ٺٽي جي صوبدار جي واسطيداري سان سميجن جي فساد ٽارڻ لاءِ قائم ڪيو ويندو هو، اهو ٿاڻو وري ٻه سؤ سوارن ۽ هڪ سؤ توبچين سان هالا ڪنڊي پرڳڻي جي ابڙيجن واري ڳوٺ ۾ مير ابوالبقا جي ٺهرايل قلعي ۾ قا.ئم ڪرڻ کپي، اهي سپاهي ٺٽي جي حاڪم کان گھرايا وڃن. هڪ سؤ سوار ۽ پنجاهه توبچي بکر جي حاڪم کان ۽ ٽي سؤ سوار ۽ پوڻا ٻه سؤ توبچي سيوهڻ جي جاگير کان طلب ڪيا وڃن، ته جيئن هن ٿاڻي تي ساڍا ڇهه سؤ سوار ۽ سوا ٽي سؤ توبچي هر وقت موجود هجن. پر ان سموري انتظام مڪمل ڪرڻ کان پوءِ  به هالا ڪنڊي جي پرڳڻي ۾ امن امان قائم رکڻ ۾ مغل امير ناڪام ٿيا، ۽ مقامي ماڻهن مٿن راتاها هڻي سندن ننڊون حرام ڪري ڇڏيون.

        مرزا حسام الدين مرتضيٰ خان ثاني جي عملداري (۱۲۸هه) دوران هن پنهنجي سڪيلڌي پٽ صمصام الدوله کي سميجن مٿان مقرر ڪيو. جنهن هالا ڪنڊي پرڳڻي ۾ پهچي هالن جي ڀرسان ٽلٽيءَ جي ڳوٺ ۾ ڊاٻو ڪيو، جو هالن کان هڪ ميل جي فاصلي تي هو. هي ڳوٺ ايڏو ته وڏو هو جو خود هالن سان ٿي ڪلهو هنيائين. هو اتي اچي کڏون کوٽي مورچا ٻڌي ويهي رهيو ۽ تڪڙ ڪري هالن جي صوبيدار موسيٰ خان افغان سان هڪ جٿو گڏي سميجن تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ موڪليائين، پر هنن انهن کي ماري ڀڄائي ڪڍيو، پر پوءِ صمصام الدوله ڪنهن نموني هالن ۽ سماواتي پرڳڻي جي اربابن کي قيد ڪري پيءُ وٽ ٺٽي وٺي ويو، جنهن سميجن جي ڏوهه ۾ مٿن ڳاٽي ڀڳا ڏنڊ وڌا ۽ کانئن شرعي ضابطا لکرائي مٿن مڙهي ڇڏيا.

        صمصام الدوله جي واپسيءَ کان پوءِ ساڳئي ٽلٽيءَ جي ڳوٺ تي سميجن وري راتاهو هنيو. جنهن ۾ ڪيترا مغل سپاهي مارجي ويا ۽ بچيلن ڀڄي وڃي هالن ۾ پناهه ورتي. مظهر شاه جهاني جي لکندڙ يوسف ميرڪ پڻ اهو ڳوٺ ڏٺو هو، هو چوي ٿو ته اڃا تائين انهيءَ ڳوٺ ۾ سڃ پئي واڪا ڪري، ماڻهن جي ڀينگ ڏسي هنيا پڄرڻ لڳي ٿو.

        سنڌ تي ڪلهوڙن جي حڪومت قائم ٿيڻ بعد به هالاڪنڊي جي اهميت برقرار رهي ۽ هن پرڳڻي ۾ ئي هالن جي ڀرسان خدا آباد نئين جو بنياد وڌو ويو، جيڪو ڪلهوڙن جو مرڪز هو، جتي ڪلهوڙن حاڪمن ۽ ٽالپر اميرن جا مقبرا اڄ تائين موجود آهن.

        ميان غلام نبي جي مارجي وڃڻ بعد ميان عبدالنبي کي گاديءَ تي ويهارڻ لاءِ حيدرآباد مان گھرايو ويو. عبدالنبي پنهنجي سامان سڙي ۽ لشڪر سميت هڪ ئي ڏينهن ۾ اچي هالا ڪنڊي پهتو، جو نئين خداآباد جي نزديڪ هو. ٻئي ڏينهن مير بجار خان ٽالپر ۽ ملڪ جاة امير اليان جي خدمت ۾ حاضر ٿيا ۽ حضرت مخدوم نوح عليه رحمة جن جي درگاهه ۾ مير بجار خان ٽالپر پنهنجي هٿن سان ميان عبدالنبي جي سر تي ۱۱۹۱هه ۾ حڪومت جي دستار ٻڌي، پوءِ اتان وڏي شان شوڪت سان کيس ميان سرفراز خان جي محل ۾ اچي ويهاريائون. ڪلهوڙن جي دور حڪومت ۾ هالا ڪنڊي جي تجارتي حيثيت برقرار هئي. غلام شاهه ڪلهوڙي ۱۸ محرم ۱۱۷۲ هه (۲۲ سيپٽمبر ۱۷۵۸ع) تي لکرايل هڪ تجارتي پرواني، جنهن تي قاضي محمد يحييٰ جي صحيح ٿيل آهي، جنهن ۾ انگريزن کي تجارتي رعايتون ڏنل آهن. ان ۾ به هالا ڪنڊي جو ذڪر آهي، ٻيو پروانو ۲۲ اپريل ۱۷۶۱ع  جو جاري ڪيل آهي، ان ۾ انگريزن کي واپاري رعايتون ڏيڻ جي سفارش ۽ ملڪي حدن ۾ هالا ڪنڊي جو نالو شامل آهي. هن ئي پرڳڻي ۾ هالا ڪنڊي جي ڀرسان ٽالپرن جو ديرو شاهپور هو جتي ڪلهوڙن حاڪمن جي تاجپوشي ٿيندي هئي.

        ڪلهوڙن کان پوءِ جڏهن سنڌ تي ميرن جي حڪومت قائم ٿي تڏهن به هالا ڪنڊي جي حيثيت کي ڪوبه ڇيهو نه رسيو ۽ هي خطو پنهنجي جاگرافيائي اهميت جي ڪري مرڪزي حيثيت وڃائي نه سگھيو. هن دور جي تاريخي ڪتابن ۾ به هالن جو ذڪر ملي ٿو.

        ۱۵ فيبروري ۱۸۴۲ع ۾ جڏهن بلوچن جوش ۾ اچي ميجر آئوٽرام جي انگريزي ڇانوڻي کي جيڪا حيدرآباد کان ٽن ميلن تي سنڌو درياهه جي ڪناري تي هئي، حملو ڪري قتل و غارت گري ڪئي ته ميجر آئوٽرام جان بچائي بتيلي ۾ چڙهي وٺي ڀڳو، انگريزي فوج جو اڳواڻ نپيئر ان وقت هالن ۾ منزل انداز هو. هن جڏهن اها خبر ٻڌي ته ڪاوڙ ۾ ڪنبڻ لڳو ۽ فوج کي هڪدم درياهه جو ڪپ وٺي هالن کان حيدرآباد ڏي ڪوچ ڪرڻ جو حڪم ڏنائين ۽ حيدرآباد ۾ ميرن جي شڪار گاهه وٽ اچي منزل ڪيائين ٻئي ڏينهن سندس فوجون ميرن جي لشڪر خلاف صف آرا ٿيون. سنه ۱۲۵۵هه ۾ جڏهن مير شير محمد خان ٽالپر شڪارپور ٿي ويو ته پهرين هاله ڪنڊي ۾ اچي ترسيو هو جتان پوءِ شڪارپور روانو ٿيو.

        سن ۱۱۴۰هه ۾ مخدوم نوح عليہ رحمة  جي چوٿين پوٽي، صاحب سجاده ڇهين مخدوم مير پير رح نئون شهر ٻڌي ان جو نالو اسلام آباد رکي، نئين شهر ٻڌڻ جو سبب سنڌو درياهه ۾ چاڙهه اچڻ ڪري پاڻيءَ جو اچي پراڻن هالن کي رسڻ هو. جنهن جي ڪري مقبرن جو پاڻيءَ ۾ اچي وڃڻ يقيني هو، تنهنڪري اجساد مطهره جون صندقون کڻائي نئين پٽ ۾ آنديون ويون. جتي مخدوم نوح عليه رحمة جن جي فرزند مخدوم حامد رح جن جو مقبرو اڳ ئي موجود هو. مخدوم صاحبن جي اصل ماڳ کي هالا سڏيو ويندو هو، ان ڪري اسلام آباد به هالا سڏجڻ لڳو، پوءِ ٻنهي ۾ فرق رکڻ لاءِ قديم شهر کي هالا پراڻا ۽ نئين پٽ کي هالا نوان سڏيو ويو. اهڙي طرح هالڪنڊي جي قديم ۽ تاريخي شهر مان ٻه شهر ٿي پيا. جن جي وچ ۾ ڏيڍ ميل کن جو فاصلو آهي. هي شهر هن وقت به علم، ادب ۽ هنر جا مرڪز آهن، هتي جا هنر نه صرف سنڌ ۽ پاڪستان پر پوري دنيا ۾ مشهور آهن. هالن جي جنڊي ۽ ڪاشي جو سامان ۽ هتي جو ٺهيل ڪپڙو سياحت لاءِ ايندڙ پرڏيهي وڏي چاهه سان وٺندا آهن. هالا هن وقت حيدرآباد ضلعي جي تعلقي هالا جو مرڪزي شهر آهي، جنهن جي هڪ طرف سنڌو درياهه ته ٻئي طرف قومي شاهراه آهي. هن شهر مرڪزي ۽ تجارتي شهر هجڻ جي حيثيت ۾ تمام گھڻي ترقي ڪئي آهي. هتي هر مهيني جي پهرئين سائي سومار تي ميلو ۽ پڙي لڳندي آهي، جتي وڏو واپار ٿيندو آهي. هر سال ذوالحج جي پهرئين سومار شريف تي درگاهه حضرت مخدوم نوح عليه رحمة تي ميڙو لڳندو آهي، جنهن ۾ هزارين مريد ۽ معتقد شريڪ ٿيندا آهن. سندن قبو ۱۹۷۷ع ۾ مخدوم محمد زمان سائين جن ٺهرايو هو، جنهن جو گنبذ مير فتح علي خان ٽالپر ٺهرايو ۽ قبي جي ڀر ۾ موجود مسجد مير ڪرم علي ٽالپر ٺهرائي هئي، باقي ٻيون جايون مخدوم پني لڌي سائين جون ٺهرايل آهن. انگريزن جي حڪومت ۾ انگريز سرڪار درگاهه جي مرمت پڻ ڪرائي هئي. هالا پراڻا جيڪو قديم زماني ۾ وڏي اهميت واري جاءِ هئي، هاڻي هڪ ڳوٺ آهي. هي سنڌو درياءَ جي ڪنڌيءَ تي آهي، وچ ۾ بچاءَ لاءِ مضبوط بند اٿس. هن وقت به هتي علم ۽ ادب سان دلچسپي رکندر ڪافي تعداد ۾ رهن ٿا، پر هن شهر جو اڳيون شان ۽ اها عظمت باقي نه رهي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org