جانورن جي پتلن ۽ ننڍن سڱن واري ڍڳي جو پتلو چڱو
موچارو آهي، پر بيٽ ڪبي تي مٽيءَ جا ٺاهيل ڍڳا
وڌيڪ سٺا آهن (پليٽ نمبر 9). اهڙيءَ ريت پٿر جو
ٺهيل هڪ وڏو ڪتو (2) (جنهن جا ڪن ۽ چپ لڙڪيل آهن)
نهايت خوبصورت آهي. اُن جي ڳچي نهايت خوبصورت آهي
اُن جي ڳچيءَ جي کل جا گهنج نهايت هوشياريءَ سان
تراشي اُڀاريا ويا آهن.انهن مجسمن کي ڏسڻ کان پوءِ
اندازو ٿئي ٿو ته هي ننڍا پتلا وڏن پتلن جي ڀيٽ ۾
وڌيڪ چِٽا ۽ صاف آهن.
سنڌو ماٿريءَ جي رهاڪن جي ڪامياب ترين
تخليق مهرون آهن، جيڪي فقط موهن جي دڙي ۽ هڙاپا
مان ئي اٽڪل ٻه هزار کن مليون آهن، ۽ جن مان هيءُ
گمان
ٿئي ٿو ته شايدهر ماڻهو وٽ پنهنجي مهر هوندي هئي.
سي مهرون اسٽائيٽ (3) (ابرڪ جهڙو پٿر) مان ٺاهيون
ويون آهن ۽ ڏيڍ انچ چور کان وٺي اڍائي انچ چورس
تائين مختلف ماپن جون مليون آهن. عام ماپ 1.7 ۽
1.2انچ اٿن. هي مهرون چورس شڪل جون اهن، جن تي
جانورن جون تصويرون ۽ تصويري اکر اُڪريل آهن. ڳچ
مهرون مستطيل نموني جون آهن، جن تي فقط اکر اُڪريل
آهن، ۽ ڪجهه ٿنڀ جي صورت جون گول مهرون به مليون
آهن. چورس مهرن جي پٺئين پاسي ٻه سوراخن وارا ڪڙا
لڳل آهن، جن ۾ ڌاڳو وڌو ويندو هوندو. مستطيل مهرن
کي ڪڙا نه هوندا هئا، البت انهن جي ڊيگهه واري
پاسي ۾ آرپار سوراخ ڪيا ويندا هئا، جن ۾ ڌاڳا وڌا
ويندا هوندا. معلوم ائين ٿو ٿئي ته اِهي مهرون وڏن
پٿرن مان ٽڪرا ڪاٽي بنايون وينديون هيون. هيءُ ڪم
ڪارائيءَ سان ڪيو ويندو هوندو ۽ آخر ۾انهن ٽڪرن کي
چاقوءَ يا ڇيڻيءَ سان ڇلهي صاف ڪري، مٿن چِٽ
اُڪِيريا ويندا هوندا. ڪتبن جي لکڻ لاءِ اُڪر وارا
تيز ٽڪندا اوزار استعمال ڪيا ويندا هوندا ۽ سنهي
ڪم لاءِ برمو استعمال ٿيندو هوندو. ڇلهه ـ گهڙ کان
پوءِ مُهرن تي چوني جو تهه ڄمائي، اُن کي بٺيءَ ۾
پچايو ويندو هوندو.
انهن مهرن کي مهرون چوڻ ڪيتري قدر صحيح آهي، اهو
فيصلو ان وقت ٿي سگهندو، جڏهن انهن تي ٺهيل چِٽ
پڙهيا ويندا. اندازو لڳايو ويو آهي ته جهڙيءَ طرح
لاک کي گرم ڪري مٿانئس مهر هنئي ويندي آهي، اهڙيءَ
طرح سنڌو ماٿريءَ جا ماڻهو آلي مٽيءَ يا ڪنهن ٻيءَ
اهڙيءَ صورت وٺي بيهندڙ شيءَ تي هي مهرون هڻندا
هئا. انهيءَ خيال کي هن ڳالهه مان به ٽيڪو ملي ٿو
ته ڪيترين مهرن جا نقش موجوده زماني جي پتل جي
مهرن وانگر اُبتا بنايا ويا آهن، ۽ جڏهن انهن کي
ڪنهن صورت وٺي بيهندڙ مادي تي لڳايو وڃي ٿو، ته
اصلي تصوير ٺهي پوي ٿي ( پليٽ 19، 20 ۽ 2).
وڏين وڏين مهرن تي جانورن جون شڪليون نهايت
خوبصورتيءَ سان اُڪيريون ويون آهن. هڪ مهر تي ڍڳي
جي ٺهيل تصوير، سنگتراشيءَ جو بهترين نمونو آهي(
پليٽ نمبر 20 ـ 6).
هن ڍڳي جي ڳچيءَ هيٺان لڙڪندڙ گوج، ڪُلهو يا
ڪونهون، وات، اکيون، سڱ، ڪنڌ تي پيل کڏون، ٽنگون،
کرُ مطلب ته هر هڪ عضوو فطري طور اهڙيءَ نفاست ۽
خوبصورتيءَ سان ٺاهيو ويو آهي، جو ڏسڻ وارو حيرت ۾
پئجي ٿو وڃي. ٻي مزي جي ڳالهه هيءَ آهي ته هيءَ
سموري ڪاريگري پٿر جي ننڍن ننڍن ٽڪرن تي ڏيکاري
ويئي آهي. هڪ مهر تي شينهن جي تصوير ٺاهي ويئي
آهي، جنهن جي کليل وات اندر زبان ۽ چهنبيارا ڏند
به ڏيکاريا ويا آهن، ان جي ڪنڌ جي ٻُر ۽ بدن تي
ڏيکاريل پَٽا نگاهه کي پاڻ ڏانهن ڇڪندڙ آهن.
اهڙيءَ ريت ٻين سوين مهرن تي ٺهيل تصويرن ۾ بدن جي
معمولي معمولي جزن کي به نمايان ڪيو ويو آهي ۽
انهن ۾ اصل سان مشابهت ۽ حقيقت پسنديءَ جو نهايت
اعليٰ خيال رکيو ويو آهي.
هي مهرون اهڙن فنڪارن ۽ ڪاريگرن جي
هنرمنديءَ ۽ هوشياريءَ جو نمون آهن، جي نه فقط
چٽسالي جي ڪم ۾ وڏي مهارت رکندا هئا، پر جانورن جي
بناوت، عضون ۽ انهن جي ٻين مختلف خصوصيتن کان به
چڱيءَ ريت واقف هئا. انهن مهرن جو ڪم آرٽ جي لحاظ
کان ڪاريگريءَ جي ٻين نمونن جي مقابلي ۾ تمام
سهڻو، نفيس ۽ اعليٰ آهي. سنڌو ماٿريءَ مان هٿ آيل
ٻيا پتلا، مورتيون ۽ ٿانو خوبصورتيءَ ۾ انهن جو
مقابلو نٿا ڪري سگهن. انهن ڪاريگرن جانورن ۽
ديوتائن جي تصويرن ڪڍڻ ۾ ڪنهن قابليت ۽ مهارت جو
مظاهرو ڪيو آهي، ان ۾ غالبن سندس عقيدت ۽ محبت کي
به وڏو دخل هو. اِن مان هيءُ اندازو لڳايو ويو آهي
ته جانور ۽ ٻيا چٽ گل هنن جي مذهبي تصورات جا مرڪز
هئا، ۽ اهو ئي سبب آهي، جو جنهن شوق ۽ خبرداريءَ
سان انهن مهرن کي ٺاهيو ويو آهي، ان جو مثال هن
تهذيب جي باقي ٻين چيزن جي ڪاريگريءَ ۾ نظر نٿو
اچي. ايتري قدر، جو خود پروهت يا پوڄاريءَ جو اڌ
قد وارو پتلو ۽ ڪُٺ مان ٺهيل نچڻيءَ جو پتلو، جيڪي
پنهنجي نفاست ۽ نزاڪت جي اعتبار کان ماتا ديويءَ
جي ڪيترين مورتين کان گهڻو مٿانهان آهن، سي به
هِنن مُهرن جي بنهه دز کي به نٿا پهچي سگهن.
ٻيا هنر:
سنڌو تهذيب جي باقيات جي هن پوري جائزي کانپوءِ
اسين يقين سان چئي سگهون ٿا ته موهن جو دڙو ۽
هڙاپا هنر ۽ ڪاريگريءَ جي خيال کان مثالي حيثيت
رکندا هئا. مختلف ڌاتن جي استعمال کان ماڻهو چڱيءَ
طرح واقف ٿي چڪا هئا، ۽ انهن جي مدد سان زندگيءَ
جي ضرورتن جي پورائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. هو
ٽامي، ڪُٺ، پٿر ۽ مٽيءَ جا اوزار، ٿانو ۽ زندگيءَ
جون ٻيون ضروري چيزون چڱيءَ طرح ٺاهڻ ڄاڻندا هئا.
سندس خاص تخليق سندن مهرون هيون، جي ڪاريگرن جي
خاص فني ڄاڻ جي وڏي ثابتي ڏين ٿيون. انهيءَ کان
سواءِ اهي ماڻهو ڪن ٻين ڪاريگرين ۾ به مهارت رکندا
هئا، مثلن، جتي هي سون ۽ چاندي جو ڪم ڄاڻندا هئا،
اتي سئيءَ جو ڪم، ٽِڪڙن جو ڀرت ۽ سپيءَ جي جنسار
جي ڪم کان به واقف هئا، (پليٽ نمبر 12- ب). هيءَ
سپي حقيقت ۾ سَنک جا ننڍا ننڍا ۽ تمام نازڪ ٽڪرا
هوندا هئا، ۽ انهن تي ڪم ڪرڻ نهايت ڏکيو ٿيندو
هوندو. انهيءَ ڪري سپيءَ جون شيون گهڻيون لڌيون نه
ويون آهن. سپيءَ جا ٽڪرا وڏيءَ خبرداريءَ ۽ محنت
سان، سنهيءَ ڪارائيءَ سان ڪاٽيا ويندا هئا ۽ وڍيل
ٽڪرن جي کرنڊن کي واريءَ سان گهي لسو ڪيو ويندو
هو.پر هن هنر ۾ سنڌو ماٿريءَ جا ماڻهو سمير جي
ماڻهن سان مقابلو نٿا ڪري سگهن، جيڪي سپيءَ جي ڪم
ڪرڻ ۾ وڏي مهارت رکندا هئا. هِتي بازوبند، چوڙيون،
چوٽل ڦل ۽ انهيءَ نموني جي ٻين شين لاءِ عاج به
استعمال ڪيو ويندو هو. عاج جو هڪ اهڙو ٽڪرو به
مليو آهي، جو ڪنهن گلدستي جو مٿيون ڀاڱو هو. هن
ٽڪري تي اهڙا گول ٺهيل آهن، جن جا گهيرا هڪٻئي کي
ڪٽيندي هڪ خوبصورت ڊزائين ٺاهين ٿا. اُنهن ۾ وري
سِندور يا ڪنهن ٻئي ڳاڙهي رنگ جو مصالحو ڀريو ويو
آهي. عاج جون ٻيون شيون به هٿ آيون آهن، جيڪي هن
ڳالهه جي اندازي لڳائڻ ۾ اسان جي مدد ڪن ٿيون ته
عاج جو ڪم اُنهيءَ دور ۾ وڏي ترقيءَ تي هو.
زيورن ۽ ٿانون تي چلڪي پيدا ڪرڻ لاءِ زجاج
(شيشو) ۽ مڙداسنگ استعمال ڪيا ويندا هئا. رنگ ڏيڻ
لاءِ ڪجهه ٻيا مصالحا به ڪم آندا ويندا هئا. ڪن
ٿانون تي سائي ۽ نيري رنگ جي پالِش ٿيل آهي.
غالباً هي ماڻهو سچيءَ چينيءَ جي استعمال کان به
واقف هئا. ڇاڪاڻ ته چينيءَ جون اهڙيون ناياب قيمتي
شيون به هٿ آيون آهن، جن کي يقين سان هنر ۽
ڪاريگريءَ جو غير معمولي نمونو چئي سگهجي ٿو.
سنڌو ماٿريءَ جا ماڻهو سوٽي ڪپڙو استعمال
ڪندا هئا. هڪ پُتلي جي لباس تي ٿيل چٽساليءَ مان
هيءءُ اندازو ٿئي ٿو ته هي ماڻهو ڀرت ۽ زريءَ جي
ڪم کان به واقف هئا. البت سنڌ جي هاڻوڪين اجرڪن(1)
وانگر انهن جون چادرون ڇُريل نه هونديون هيون.
ٽامي ۽ ڪُٺ جون ڪيتريون آرون مليون آهن، انهن مان
ڪن جي ڇيڙن تي ڌاڳي وجهڻ جا سوراخ به آهن. ڪن آرن
جي ڇيڙن تي ڪُنڍو به ٺهيل آهي، جنهن ۾ ڌاڳو وڌو
ويندو هو. زيورن سان گڏ سون جون ٽي سيون به مليون
آهن، جن مان هڪ سئي ٻه انچ ڊگهي آهي. ٻن سئين تي
ننڍا ننڍا نشان ٿيل آهن. خيال آهي ته هي نشان ان
وقت ٿيا هوندا، جڏهن ڪپڙو سبندي سبندي ڪنهن مائيءَ
سُئيءَ کي ڏندن هيٺان ڏنو هوندو. هڏي، عاج ۽ ٽامي
جون سيون به هٿ آيون آهن.
زرعي اوزارن جيئن ته ڪاٺ جا ٺهيل هوندا
هئا، انهيءَ ڪري هزارين سال مٽيءَ ۾ پوريل هئڻ
سبباب ناس ٿي ويا آهن ۽ هٿ اچي نه سگهبا آهن. البت
ٽامي جا ٻه ڏاٽا لڏا ويا آهن. سمير جي ڀيٽ ۾ موهن
جي دڙي ۾ اوزارن کي تيز ڪرڻ جون روهيون تمام گهٽ
هٿ آيون آهن، ۽ اهو اندازو لڳائڻ مشڪل آهي ته هو
پنهنجي اوزارن ۽ هٿيارن کي ڪهڙيءَ شيءَ تي تکو
ڪندا هئا. شايد انهيءَ مقصد لاءِ سِرون استعمال
ڪيون وينديون هونديون. هٿ آيل روهين جا ڪنارا ۽
ڇيڙا جنهن حالت ۾ لڌا آهن، اُهي هن ڳالهه جو ثبوت
آهن ته انهن سان اوزارن کي تکو ڪرڻ بجاءِ ڌاتن تي
پالِش ڪئي ويندي هئي.
مڻيا:سنڌو
ماٿريءَ جي قديمي شهرن ۾ مختلف پٿرن، سون، چاندي ۽
مٽيءَ جي مڻين ٺاهڻ جي هنر جو تمام گهڻو رواج هو.
هي مڻيا عام طور عقيق، سليماني پٿر ۽ يشب جي پٿر
مان ٺاهيا ويندا هئا. پٿرن کان سواءِ سفيد ۽ نيري
مصالحي جا به ڪيترا مڻيا هٿ آيا آهن، جن مان هار ۽
مالهائون تيار ڪيون وينديون هيون.
مڻين ٺاهڻ وارن جي هڪ دڪان مان پٿر جا
تمام گهڻا مڻيا مليا آهن. هي مڻيا تيار ٿيڻ تائين
مختلف منزلن يعني
ڇلهڻ، گول بنجڻ، پالِش ٿيڻ ۽ ٽئنگ نڪرڻ جي حالت ۾
هٿ آيا آهن. انهن مڻين ۾ پٿر يا ٽامي جي ناليءَ
وارن گرمٽن سان سوراخ ڪيا ويندا هئا. پٿر جا گرمٽ
نهايت هوشياريءَ سان ٺاهيا ويندا هئا. انهن جي
چهنب تي ننڍڙي پيالي جي ڪنڍو لڳل هوندو هو، جن ۾
پاڻي ۽ پٿر جو ٻورو گڏ پيل هو. پاڻي گرمٽ کي اندر
وڃڻ ۾ مدد ڏيندو هو. اهڙا گرمٽ چانهونءَ جي دڙي
مان چڱي تعداد ۾ هٿ آيا آهن، ۽ ڊاڪٽر وهيلر جو
خيال آهي ته شايد هي گرمٽ ٻاهر به موڪليا ويندا
هجن (1). هن نموني جو هڪ گرمنٽ اُر مان به مليو
آهي.
|