موهن جي دڙي مان چٽساليءَ وارن ٿانون جي ڀيٽ ۾
سادا ٿانو تمام گهڻي تعداد ۾ هٿ آيا آهن. ۽ حقيقت
هيءَ آهي ته رنگين ٿانو عام طرح کوٽائيءَ وقت
هيٺين تهن مان زياده ملن ٿا، جيئن جيئن اسين پوئين
دور طرف وڌون ٿا ته ٿانون جا نمونا سادا ٿيندا ويا
آهن، پوئين دور ۾ ڪجهه برتن اهڙا به مليا آهن،
جيڪي ميٽائين رنگ جي مٽيءَ مان ٺهيل آهن ۽ انهن تي
ڪاري پالِش ٿيل آهي. هِن نموني جا ٿانوَ سمير ۾ به
هٿ آيا آهن، پر انهن جو دور سنڌو ماٿريءَ جي
تهذيبي دور کان اڳ جو آهي.
انهن ٿانون جو اڀياس ڪيترين ئي اهم ڳالهين ڏانهن
اشارو ڪري ٿو، مثلن ٿانون کي رکڻ، کڻڻ ۽ جهلڻ لاءِ
دستا ۽ ڪَڙا تمام گهٽ لڳايل ڏسجن ٿا، ۽ جيڪڏهن آهن
به ته به چِپترا سوراخ اٿن يا ڪن جي شڪل جهيڙا ڪڙا
آهن، جن کي جدا ٺاهي، ٿانون سان ڳنڍيو ويو آهي.
بابل مان لڌل ڏُنڊِي يا تُنِ وارن ٿانون جهڙا ٿانو
سنڌو ماٿريءَ مان هٿ ڪين آيا آهن. البت ڳچ اهڙا
ننڍيءَ ڏُنڊيءَ وارا ٿانو مليا آهن، جي شايد ٻارن
کي کير پيئارڻ جي ڪم ۾ ايندا هئا.انهيءَ دور ۽
انهيءَ نموني جا ٿانو سمير مان به هٿ آيا آهن،
هتان ڪُٺ ۽ مٽيءَ جون اهڙيون سرميداڻيون به لڌيون
ويون آهن، جن جا منهن تمام سوڙها آهن. انهيءَ کان
سواءِ ڳچ مٽيءَ يا پٿر جا ٺهيل اڌ انچ ڊگها ننڍا
ننڍا ٿانو به مليا آهن، ۽ خيال آهي ته انهن ۾ شايد
سُرهو تيل رکيو ويندو هوندو. اهريءَ ريت مٽيءَ جون
ٺهيل اهڙيون ”ٻيڙيون“ به هٿ آيون آهن، جن ۾ خانا
ٺهيل آهن. اندازو ڪيو وڃي ٿو ته انهن ۾ کاڌي ائڻ
وقت آچار وغيره رکيو ويندو هوندو. انهن ”ٻيڙين“ کي
ننڍا ننڍا ڪَڙا به لڳل آهن.
سنڌو ماٿريءَ ۾ استعمال ٿيڻ وارن ٿانون جا تَرا
چپترا ۽ هڪساريڪا هوندا هئا. شربتن لاءِ استعمال
ڪرڻ وارن ٿانون جا ترا ته چهنبيارا هوندا هئا، يا
انهن ۾ لاٽونءَ جهڙيون گول ڦندڻيون لڳل هونديون
هيون. انهيءَ مان ظاهر ٿئي ٿو ته اِهي گلاس
استعمال کان پوءِ اونڌا رکيا ويندا هوندا. ڪن ڪن
وڏن مٽن جا ترا به چهنبيارا هوندا هئا، جن کي يا
ته گهڙا گهرا منجيءَ تي رکيو ويندو هو يا زمين ۾
کوڙيو ويندو هو. اهڙيءَ ريت وڏا مٽ پاڻيءَ لاءِ به
استعمال ٿيندا هئا ۽ ڪن ۾ سامان پڻ رکيو ويندو هو.
ڪي اهڙا ٿانو به هوندا هئا، جن ۾ زيور رکي، زمين ۾
پُوريا ويندا هئا. جيڪي ماڻهو گندي پاڻيءَ جي
هودين ٺهرائڻ جي پهچ نه رکندا هئا، اهي وڏا وڏا
موَٽ نالين جي مُنهن وٽ پوري ڇڏيندا هئا.
ميسيپوٽيما ۾ دلن جي ترن ۾ سوراخ ڪري، انهن کي
هڪٻئي مٿان رکي، مٿينءَ ماڙيءَ و گندو پاڻيءَ هيٺ
آندو ويندو هو. موهن جي دڙي ۾ هن مقصد لاءِ مٽيءَ
جا گول ”پائيپ استعمال ڪيا ويا آهن(پليٽ نمبر 6
-الف ). هيءُ نمونو سنڌو ماٿريءَ جي ماڻهن جي
زياده سڌريل هجڻ ڏانهن اشارو ڪري ٿو.
هڪ هنڌ ڪيترا لوٽن جهڙا ٿانون لڌا ويا آهن. هي
لوٽا ڪافي وڏا آهن، ۽ آسانيءَ سان هڪ هٿ ۾ کڄي
نٿا سگهجن. انهن جا ترا چهنبيارا ۽ پيٽ ڪافي وڏا
آهن. انهيءَ ڪري هيءُ اندازو لڳايو ويو آهي ته
اُهي شايد نار يار هُرلي جي نموني جي چرخين وسيلي
کوهن مان پاڻي ڪڍڻ جي ڪم ايندا هجن.
ڳچ اهڙا ٿانو به مليا آهن، جن جي ٻاهرئين
مٿاڇري تي گول داڻا يا چهنبون ظاهر ڪيون ويون آهن.
هن نموني جا ٿانو عراق جي مٿئين ڀاڱي ۽ تل
الاسمرنا ۾ به ڏٺا ويا آهن، ۽ اُهي انهن ٻنهي
ملڪن ۽ سنڌو ماٿريءَ جي تهذيبن جي لاڳاپي جو ڏس
ڏين ٿا.
هتي ڪيترا ئي ويڪرا ٿالهه به مليا آهن، جي ٽن انچن
کان وٺي ٻن فوٽن تائين اونها آهن. هي صورت ۾ ”ڪش“
مان لڌل ٿالهن سان گهڻي مشابهت رکن ٿا. البت انهن
تي ڳاڙهي تر مٿان ڪاري رنگ ۾ نڪتل پنن کان سواءِ
ٻي ڪا به چٽسالي تمام گهٽ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. هي ٻن
ڀاڱن ۾ ٺاهيا ويندا هئا، جن کي پوءِ هڪٻئي سان
ملايو ويندو هو. اندازو ڪيو وڃي ٿو ته هنن ٿالهن ۾
ماڻهو گل، پرساد ۽ ٻيون شيون وجهي، ديوتائن کي
ڀيٽا رکندا هئا.
ٿانون کان سواءِ مٽيءَ جون ٻيون به ڪيتريون ئي
شيون ٺاهيون وينديون هيون. مثلن مٽيءَ جا ٻه ڪئا ـ
مار به مليا آهن، انهيءَ کان سواءِ مٽيءَ جو پڃرو
به هٿ آيو آهي. اهڙيءَ ريت مٽيءَ جا ڦيٿا، سُٽ ڪتڻ
جا ائٽ، چوڙيون، ۽ ديوين، ديوتائن، انسانن ۽
جانورن جا مجسما به ٺاهيا ويندا هئا.
مطلب ته هڙاپا ۽ موهن جي دڙن مان اهي سمورا ٿانو
مليا آهن، جي ڪنهن اهڙيءَ بستيءَ ۾ ئي موجود سمجهي
سگهجن ٿا جنهن جا رهاڪو سادگيءَ ۽ سليقي کي پسند
ڪندڙهجن. نموني نموني جا گلدان، ڪونرا، صراحيون،
وٽا، ٿالهيون، نَس هنڊيون، سامان رکڻ جا مٽ، اناج
رکڻ جون گُنديون، آرتيءَ يا ڀيٽا جا ٿالهه، ناديون
وغيره گهڻي تعداد ۾ لڌيون ويون آهن. انهن سڀني
سادن پر قسم قسم جي ٿانون کي ڏسڻ سان هي اندازو
ٿئي ٿو ته انهن جي ٺاهڻ وارا انهيءَ فن ۾ وڏي
مهارت رکندا هئا. هيءُ اندازو لڳائڻ تمام مشڪل آهي
ته اِهو ڪمال انهن کي ڪيتري عرصي ۾ ۽ ڪهڙين ڪهڙين
منزلن طي ڪرڻ کان پوءِ حاصل ٿيو هوندو. ڇاڪاڻ ته
شروعاتي نمونا، جيڪي يقيني طور اڻوندڙ ۽ بدشڪلا
هئڻ گهربا هئا، سي اڃا تائين دريافت نه ٿيا آهن،
پر ان جي ابتڙ هيٺين تهن مان لڌل ٿانو مٿين تهن
مان ملندڙ ٿانون کان وڌيڪ خوبصورت ۽ مضبوط آهن.
هِنن ٿانون ۾ ڪا به اهڙي نَواڻ يا انفراديت به نظر
نٿي اچي، جنهن مان هيءُ اندازو لڳائي سگهجي، ته
انهن جي ٺاهڻ ۾ ڪهڙو ڍنگ ۽ ڪهڙو نمونو ڪڏهن ۽ ڪهڙي
دور ۾ اختيار ڪيو ويو. معلوم ائين ٿو ٿئي ته اٽڪل
ڏيڍ هزار سالن تائين هيءُ فن ۽ ان جي ڪاريگري گهٽ
وڌ جاري رهي، پر جيڪڏهن ائين چئجي ته هيءُ هنر ۽
ڪاريگري جيئن پوءِ اڳتي وڌڻ بدران هتي پوئتي پوندي
رهي، ته زياده مناسب ٿيندو. گمان ڪري سگهجي ٿو ته
هن فن جي ترقيءَ ۽ عظمت جو زمانو گهڻو اڳ گذري چڪو
هوندو، ۽ اسان جي کوجنا جنهن دور جي تهذيب مان
اوچتو روشناس ٿي آهي، ان کان اڳ ڪو اهڙو دور هن
سرزمين تي ضرور گذري چڪو هوندو، جيڪو اُن کان وڌيڪ
ترقيءَ ۽ عروج جو دور هوندو.
ٽامي ۽ ڪٺ جا ٿانو:
سنڌو ماٿريءَ جا رهاڪو سون، چانديءَ، قلعيءَ، ٽامي
۽ ڪُٺ جي استعمال کان واقف هئا. انهن ڌاتن مان وٽن
ٽامون سڀ کان وڌيڪ استعمال ڪيو ويندو هو. موهن جي
دڙي ۽ هڙاپا جي هيٺانهن ڀاڱن مان، جي هن تهذيب جي
قديمترين دور جا مظهر آهن، ٽامي ۽ ڪُٺ جون ٺهيل بي
انداز شيون مليون آهن، جيڪي گهريلو استعمال جي
ٿانون، ڪهاڙين، خنجرن، چاقن، ڀالن، ڪٽارين، تيرن،
ڏاٽن، مجسمن، چوڙين، منڊين، ايرنگن، تارن، سيخن،
وغيره تي مشتمل آهن. ٽامي کان سواءِ ڪُٺ جا هٿيار
به انهن ماڻهن ٺاهيا. پر هيءَ ڳالهه اڃا به يقين
سان چئي نٿي سگهجي ته ڪُٺ ۽ ٽامي جي دريافت سنڌو
ماٿريءَ جي رهاڪن جي ذاتي محنت ۽ ڪوشش جو نتيجو
هئي، يا هنن انهيءَ جو استعمال ٻين قومن کان سکيو
هو.
مصر ۾ ٽامي جو استعمال فرعون جي دور ۾
ٿيندو هو، ۽ سمير وارا به ان وقت ٽامي کان واقف
هئا. اُرنينا (1) جي دور حڪومت کان اڳ (اٽڪل 2900
ق. م) هي ماڻهو ٽامي کي ڳاري، ٿانو ٺاهيندا هئا،
تلو(2)، اِريدو (3)، ۽ لعُبيد (4) جي هنڌن تان لڌل
چيزن مان اندازو لڳايو ويو آهي ته اهي ماڻهو تي
هزار سال ق.م. کان ڪُٺ کان واقف هئا، ۽ گهڻو ڪري
انهيءَ ئي دور ۾ ٽامو ۽ ڪُٺ سنڌو ماٿريءَ ۾ به
استعمال ۾ هئا.انهيءَ دور ۾ بابل جا رهاڪو به ٽامو
۽ ڪُٺ استعمال ڪندا هئا. ”سوسا“ (5) جي پهرين تهن
مان به ٽامو لڌو آهي، پر ڪريٽ ۾ ڪُٺ جو دور مصر
کان اڳ شروع ٿي چڪو هو. قبرص ۾ گهڻو ڪري 2211 ق.
م. تائين فقط ٽامو استعمال ۾ هو، ۽ ان کان پوءِ جو
ڪُٺ دور شروع ٿيو. انهن ثابتين جي بنياد تي
خاطريءَ سان چئي سگهجي ٿو ته دنيا جي قديمترين
تهذيبي مرڪزن۾ ٽامي جو استعمال ماڻهن کي چڱي طرح
معلوم هو، ۽ هو پنهنجي زندگيءَ جي ضرورت جون مختلف
شيون انهيءَ قيمتي ڌاتوءَ مان ٺاهيندا هئا.
ٽامو سنڌ ۾ پيدا نٿو ٿئي، البت سنڌ جي اولهه ۾ ،
بلوچستان جي ايراضيءَ ۾ شاهه بلاول (1) ۽ رباط (2)
مان ملي ٿو. انهن هنڌن تي اڄ به انهيءَ ڌاتوءَ جي
ڪَٺُ واريءَ مٽيءَ جا ڍڳ موجود آهن، جيڪا ڪَچي
ڌاتوءَ کي صاف ڪرڻ وقت ان مان نڪرندي آهي، جنهن
مان هيءُ پتو پوي ٿو ته قديم دور ۾ هتان ٽامو ڪڍيو
ويو آهي. انهيءَ کان سواءِ راس ڪوه ۽ ”ڪوه چڪ
اماران“ مان به ٽامو ملي ٿو، ۽ افغانستان ۾ شاهد
مقصود تَڪرن، ايران ۽ ڪرمان ۽ هندستان ۾ اجمير جي
ويجهو سروهي، ميواڙ ۽ جيپور ۾ ٽامو لڀي ٿو. سنڌو
ماٿريءَ جي تمام گهڻن ٿانون ۽ ٽامي ۾ قلعي جي
ملاوت ڏسڻ ۾ آئي آهي. بلوچستان ۽ افغانستان مان هٿ
آيل ٽامي ۾ به قلعي گڏيل آهي، جنهن مان هيءُ
اندازو لڳايو ويو آهي ته سنڌو ماٿريءَ جا رهاڪو
ڪنهن نه ڪنهن مقدار ۾هتان ٽامو حاصل ڪندا هئا.
اهڙيءَ ريت هندستان ۾ هزاري باغ، ۽ اتر اولهه
ايران جي ڪارا داغ ضليع (3) ۽ افغانستان جي ڏکڻ
اولهه ۾ وارنگيانه ۽ خراسان ۾ قلعي لڀي ٿي. هزاري
باغ جي کاڻين مان قلعي تمام ٿوري لڀي ٿي، خود
اُتان جي ضرورتن لاءِ ئي پوري نٿي ٿئي. ۽ پراڻي
زماني ۾ اُتي ايڏا ته گهاٽا ۽ ڏکيا ٻيلا هوندا، جو
اُتان قلعي ڪڍي ٻاهر آڻڻ تقريبن ناممڪن هوندو.
انهيءَ ڪري اسان کي قبول ڪرڻو پوي ٿو ته سنڌو
ماٿريءَ جا رهاڪو اتر ـ اولهه وارن ملڪن مان ئي
قلعي گهرائيندا هوندا.
قديم دور ۾ ، اتر ايران ۽ اولهه
افغانستان، بولان لڪ جي ذريعي، سنڌ ماٿريءَ سان
مليل هئا. انهن علائقن ۾ ٽامو پگهاريو ويندو هو، ۽
ٿي سگهي ٿو ته اتفاقي طور ٽامي ۽ ٽِين جي ملاقات
واري ڪچي ڌاتو پگهارڻ سان ڪُٺ جو پتو پيو هجي، ۽
اُها دريافت بولان لڪ جي ذريعي سنڌو ماٿريءَ ۾
آندي ويئي هجي. هن سلسلي ۾ هيءَ ڳالهه وڏي دلچسپ
آهي ته سنڌو ماٿريءَ مان هٿ آيل چاقو ۽ خنجر سوسا
۽ اَناو مان هٿ آيل ڳچ چاقن ۽ خنجرن سان وڏي
مشابهت رکن ٿا (1).
قلعي يا گلٽ جي ملاوٽ سان ٽامو نه رڳو سخت ٿئي ٿو،
پر ان جي پلٽڻ ۾ آساني پڻ ٿئي ٿي. موهن جي دڙي مان
ڪُٺ هٿ آئي آهي، ان ۾ عام طرح سان نو يا ڏيهه
سيڪڙو قلعيءَ جي ملاوت آهي.اهڙي ريت ڪُٺ جي ڳچ
مجسمن ۾ ڇويهه سيڪڙو قلعيءَ جي ملاوت آهي. هيءُ
ٽامو بٺين ۾ پگهاريو ويندو هو، ۽ کوٽائيءَ مان ڳچ
اهڙيون بٺيون مليون آهن، جن مان ڌاتن جا ٽڪرا هٿ
آيا آهن.
سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب کي ڪُٺ جي دور جي
تهذيب ڪوٺيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته هن دور ۾ زندگيءَ
جي ضرورتن جا سمورا اوزار ۽ ٿانوَ عام طرح سان
ڪٺ جا ٺاهيا ويندا هئا ۽ هتان ٽامي ۽ ڪُٺ جا
ٺهيل مختلف سائيزن ۽ شڪلين جا ٿانو مثلن گلدستا،
پيالا، ٿالهيون، هنڊيون( جن مان ڪن جا ڍڪڻ به
آهن.) هٿ آيا آهن. انهن مان ڪي ٿانو پلٽ ڪري ٺاهيا
ويا آهن، پر گهڻا ٿانو سنداڻ تي ڌاتوءَ کي ڪُٽي
ٺاهيا ويا آهن. انهن جي جدا جدا ڀاڱن کي پاڻ ۾
ڳنڍڻ لاءِ ٽاڪي کان ڪم ورتو ويو آهي. فقط هڪ ٿانو
جي ڪڙي کي ٽاڪي ۽ ريهه ٻنهي سان ڳنڍيو ويو آهي.
انهن ٿانون کي ڏسندي اندازو ٿئي ٿو ته هتي ٽامي ۽
ڪُٺ جا ٿانو ريهيا نه ويندا هئا. سون ۽ چانديءَ
جون شيون گهڻو ڪري ريهڻ سان ٺاهيون ويون آهن. هتي
جا ٽامي ۽ ڪُٺ جا ٿانو تمام
سادي
نموني جا آهن ۽ لڳ ڀڳ مٽيءَ جي ٿانون جي نموني تي
ٺاهيا ويا آهن. انهن تي ڪنهن به قسم جي چٽسالي ڪا
نه ڪئي ويئي آهي. فقط هڪ ٿانو تي ٻٽي ڌاڳي جهڙي
ليڪ اُڀاري ويئي آهي. هڪ ڪڻڇيءَ يا تنيَءَ کان
سواءِ ڪنهن به ٻئي ٿانو ۾ ٽونٽي يا تُن ۽ نه ئي ڪو
ڪڙو لڳايل ڏسڻ ۾ آيو آهي.
هٿيار ۽ اوزار:
سنڌو ماٿريءَ جا هٿيار ۽ اوزار پٿر، ٽامي ۽ ڪُٺ جا
ٺهيل مليا آهن. هي اوزار ايترا مضبوط، ڪارائتا ۽
سٺا نه آهن، نڪي انهن سان لڙندي ڪا لڙائي فتح ڪري
سگهجي ٿي. بچاءَ جا خاص هٿيار مثلن، ڍالون ۽ زرهون
وغيره اڃا تائين لڌا نه ويا آهن. البت
نيزي جو ڦر، ڪٽاري، ڀالو، رنديءَ
جا ڦر، ڪهاڙيون، ڪوڏر، تير ڪمان، کانڀاڻيون،
بڙڇون، تيشا ۽ گرز گهڻي تعداد ۾ مليا آهن. ڪوڏريون
ٻن نمونن جون لڌيون ويون آهن. اُهي يا ته ڊگهيون ۽
سنهيون (پاهوڙيون) آهن يا ننڍيون ۽ ويڪريون. وڏين
ڪهاڙين مان هڪ جو ڦر 11 انچ ڊگهو آهي، جيڪو تور ۾
اٽڪل ٽي پائونڊ ۽ ٽي آئونس آهي. ان ۾ ڳن وجهڻ جو
سوراخ ڪو نه آهي، پر هڪ پاسو سوڙهو ۽ مُڏو اٿس،
جنهن کي ڪنهن ڪاٺيءَ جي ڳن سان ٻَڌو ويندو هوندو.
فقط هڪ ڪوڏر هن نموني جي لڌي ويئي آهي، جنهن ۾
پاهو يا ڳن وجهڻ لاءِ سوراخ موجود آهي. هيءَ ڪوڏر
انهيءَ ڪري اهيمت واري آهي، جو ڳن وجهڻ جي پاهن
وارا اوزار موهن جي دڙي مان تمام گهٽ هٿ آيا آهن.
هن نموني جي هڪ ڪوڏر ڪوهه قاف ۾، ڪوبان درياءَ جي
پيٽ مان پڻ لڌي ويئي آهي، جا اتر اوڀر ايران جي
”ٽيپ قلعي“ مان هٿ آيل ڪوڏر سان مشابهت رکي ٿي. هن
دور ۾ ، سمير ۾ ، ڳن جي پاهن وارا اوزار گهڻا مليا
آهن. پڪل مٽيءَ جي ٺهيل ٻارن جي رانديڪي جي صورت ۾
هڪ ڳن واري ڪهاڙي، جيڪا تبر جهڙي آهي، موهن جي دڙي
مان ملي آهي. هن نموني جون تبر جهڙيون ڪهاڙيون
اڄڪلهه به سنڌ ۾ هارين جي هٿن ۾ عام جام ڏسڻ ۾
اينديون آهن.
هِنن باقيات ۾ ٽامي جا ٻه ڀالا به آهن، جن
مان هڪ ساڍا ارڙهن انچ ڊگهو آهي. انهن ڀالن جا ڦر
ٻنهي پاسن سنهان ۽ وچ ۾ ڪافي ٿلها آهن. انهن جي
نوڪ مُڏي آهي، ۽ اُهي ڪنهن جسم ۾ ٽُنبڻ بدران شين
جي ڇلهڻ لاءِ زياده ڪم اچي سگهن ٿا. هن دور ۾ ٻين
قديمي هنڌن تي اتفاق سان ئي ڪي ڀالا هٿ آيا آهن.
البت ڀالو سر فلنڊيرس پيٽرڪ کي (1) تل الاعجول
(2) مان هڪ اهڙو ڀالو هٿ آيو آهي.
سنڌو ماٿريءَ مان عجيب بناوت جا نيزا هٿ
آيا آهن. هي ايتريقدر سنهان آهن، جو جيڪڏهن انهن
تي وڌيڪ زور ڏنو وڃي ته مُڙي پون ٿا. انهيءَ ڪري
انهن تي هڪ سنهو کَپُ بنايو ويو آهي، جنهن ۾ تار
يا ڪاٺي کُبائي، انهن کي مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي
ويئي هوندي.
پر ان هوندي به هن قسم جي نيزي جي
ڌار جي مُڙڻ جو خطرو باقي رهندو هوندو. ڪجهه ننڍا
پر ويڪرا ڦر اهڙا به مليا آهن، جن کي نيزن جا ڦر
سمجهيو ويو آهي. انهن نيزن ۾ سڀ کان وڏو ڦر پندرهن
انچ ڊگهو ۽ پنج انچ ويڪرو آهي. خنجر ۽ چاقو گهڻو
ڪري هڪ ئي نموني جا لڌا ويا آهن، يعني ڊگها ۽ پن
جي شڪل جا آهن ۽ انهن مان ڪن ڦرن جي وچ ۾ مضبوطيءَ
جي خيال سان هڪ ٿلهي نَس وڌي ويئي آهي. هي عام طرح
چٽِيل آهن ۽ ڪن ۾ ڳن وجهڻ لاءِ سوراخ به آهن. چاقن
جي ڦرن ۾ عام طرح فقط هڪ طرف تيز آهي ۽ ٻيو طرف
مُڏو آهي. پر اهڙا چاقو به ڪافي تعداد ۾ مليا آهن،
جي پَن جي شڪل جا آهن ۽ جن جا ٻيئي پاسا تيز آهن.
اهڙا چاقو گهڻو ڪري ڪُٺ جي ويڪرين پٽين مان ڪاٽي،
ٺاهيا ويندا هوندا. ڪن چاقن کي بار بار تيز ڪرڻ
ڪري انهن جون چهنبون گسي گول ٿي ويون آهن.
تيرن جون نوڪون به چڱي تعداد ۾هٿ آيون
آهن، هي ڪُٺ ۽ ٽامي جي پترن مان ڪاٽي، ٺاهيون
وينديون هيون. انهن پترن مان هيءُ به اندازو ٿئي
ٿو ته هي ماڻهو ڪمانن جي ٺاهڻ جي به سٺي قابليت
رکندا هوندا.
ٻين هٿيارن ۾ ، ٽن چئن نمونن جا پاڪ به
مليا آهن، جن مان ڳچ ل جي شڪل جا آهن. انهن ۾ ڊگها
ڳن لڳل آهن. انهن کان سواءِ ٻيا سڌا پاڪي به آهن،
جي ڪافي ڊگها آهن ۽ انهن جا ڇيڙا گول آهن. ڪن
پاڪين ۾ جهرڪين جي منڍيءَ جي شڪل جا ڳن لڳل آهن.
انهن کان سواءِ ٽامي ۽ پٿر جا گرز به هٿ آيا آهن
جن جون شڪليون ۽ نمونا ٽن قسمن جا آهن. انهن ۾
ناسپاتيءَ جي شڪل جا گرز عام طور رواج ۾ هئا. ٻن
نمونن جون کانڀاڻيون به هٿ آيون آهن: هڪڙي گول ۽
ٻي بيضوي نموني جي معلوم نه آهي ته هي ماڻهو
گُليليءَ کان به واقف هئا يا نه، پر پڪل مٽيءَ جا
ٺهيل اهڙا وزني گُليلا ضرور مليا آهن، جيڪي
گُليليءَ ۾ استعمال ڪيا ويندا آهن .
لڌل اوزارن ۾ ڪُٺ جي ٺهيل ڪارائي به ملي
آهي، جيڪا ساڍا سورهن انچ ڊگهي آهي، جنهن ۾ ڪاٺيءَ
جو ٺهيل مٺيو به لڳو هو. مُٺيي هجڻ جو اندازو ان
جي ڦر جي هڪ ڇيڙي تي نڪتل ٽن سوراخن مان لڳايو ويو
اهي، جنهن ۾ ڪِليون هڻي مُٺيي کي ڳنڍيو ويو ويو
هوندو. ڪن ڪارائين جا ڦر ڪمان جي شڪل جا هوندا
هئا. بنگال ۾ سِپيءَ جي ڪم ڪرڻ وارا اڄڪلهه به
ڪمان جي شڪل جون ڪارايون استعمال ڪن ٿا، پر انهن
جون ڪارايون لوهه جون ٺهيل هونديون آهن. هتان
ڪيتريون ٽنگڻيون به لڌيون ويون آهن، جيڪي ڪُٺ يا
ٽامي جي گول يا چوڪنڊين سيخن کي ڪاٽي ۽ پوءِ انهن
جي ٻنهي ڇيڙن کي ڌڪي بنايون ويون آهن.
موهن جي دڙي جي اوزارن جي هڪ خصوصيت هيءَ
به آهي ته انهن مان گهڻن تي اکر لکيل آهن. جن جي
باري ۾ ويچار ڪيو وڃي ٿو ته شاديد هي ڳڻپ جا انگ
آهن. اوزارن تي اکرن اُڪِرڻ جو سبب ايستائين سمجهه
۾ نٿو اچي سگهي، جيستائين انهن لکيتن کي پڙهيو نه
وڃي (پليٽ نمبر 10).
سنڌو ماٿريءَ جي جانورن جي پتلن ۽ ٻين
مورتين ٺاهڻ ۾ ٽامو ۽ ڪُٺ اهڙيءَ هوشياريءَ سان
استعمال ڪيا ويا آهن، جنهن مان پتو پوي ٿو ته هي
ماڻهو ڌاتن جي ڪم آڻڻ جا وڏا ڪاريگر هئا. ڪُٺ مان
ٺهيل هڪ نچڻيءَ جو پتلو، هنن جي ڪاريگريءَ جو
اعليٰ نمونو آهي. هيءُ پتلو موهن جي دڙي مان ايڇ.
آر. ايراضيءَ جي هڪ جاءِ مان چار فوٽ ڇهه انچ جي
اونهائيءَ مان لڌو هو. اُن جون ٽنگون گوڏن کان هيٺ
ڀڳل آهن ۽ ان جي هاڻوڪي ڊيگهه ساڍا چار انچ آهي.
پتلي جو ساڄو هٿ ڪلهي تي رکيل آهي ۽ کاٻي هٿ واري
سموري ٻانهن چوڙين سان ڍڪيل ۽ سامهون جهڪيل آهي.
کاٻو پير سڌو ۽ ساڄو ڪي ندر وريل اٿس. مٿو ٿورو
نميل اٿس. اکيون وڏيون وڏيون ۽ نڪ ڪي قدر ٿلهو ۽
وار گهنڊيدار اٿس (پليٽ نمبر 14 الف)
هن پتلي کان سواءِ هڪ ٻئي پتلي جي پير جو
ڀڳل ٽڪر به مليو آهي، جنهن ۾ ڪڙي پيل هئي. انهيءَ
کان سواءِ سانههَ جو هڪ خوبصورت پتلو ۽ ٻڪريءَ ۽
گهِٽي جا لڌل پتلا به ذڪر ڪرڻ لائق آهن، جن کي هنر
۽ ڪاريگريءَ جا عمدا نمونا چئي سگهجي ٿو.
سنگتراشي:
سنڌو ماٿريءَ مان پٿر جون ٺهيل شيون تمام گهڻيون
مليون آهن. پٿر جو استعمال جاين ۾نالين ڍڪڻ کان
سواءِ ٻئي ڪنهن به هنڌ نه ڪيو ويو آهي. اڏاوت ۾
استعمال ٿيڻ وارا پٿر گهڻو ڪري ڪنهن ويجهي هنڌ تان
گهرايا ويندا هوندا. ڀرپاسي مان آسانيءَ سان ملڻ
وارا پٿر ٽن نمونن جا هئا. هڪڙو، سفيد يا پيلي رنگ
جو پٿر، جيڪو سکر وٽ ملندو هو، ۽ آسانيءَ سان
ٻيڙين وسيلي آڻي سگهبو هو، ٻيو وارياسو پٿر ۽ ٽيون
سنگمرمر.هي پٿر يا ته کيرٿر جي جبلن مان، جيڪي
هتان هڪ سئو ميلن جي مفاصلي تي آهن يا ڪاٺياواڙ
مان گهرايو ويندو هوندو. انيهيءَ کان سواءِ زرد
خوبصورت جيسلميري پٿر ۽ ڪاراڻ تي مائل ڀورو پٿر،
جيڪو سليٽ وانگر هوندو هو، اِهي پڻ ڪم ۾ ايندا
هئا. غالباً هي پٿر به راجپوتانا مان آندا ويندا
هوندا.
پٿر جا سڄا ٿانو تمام ٿورا مليا آهن. هي
ٿانو تر اکڙيون پيالن جهڙيءَ شڪل جا آهن ۽ عام
طرح سادا ۽ بد زيبا آهن، جي نرم پٿرن، مثلن
وارياسي پٿر يا چن واري پٿر، مان ٺاهيا ويا آهن.
تراکڙي تري وارو هڪ لوٽو، جنهن جي اوچائي چار انچ
آهي، ٽامي ۽ ڪٺ جي ٿانون سان گڏ هٿ آيو آهي. هيءُ
لوٽو سائي رنگ جي ڪرِسٽل واري جيڊ پٿر جو آهي.
اهڙو پٿر سمير ۾ ڏٺو ويو آهي، ۽ گهٽ لڀڻ سببان
قيمتي هوندو آهي. پر لوٽي ٺاهڻ ۾ ڪنهن هوشياريءَ ۽
ڪاريگريءَ جو ثبوت نه ڏنو ويو آهي. انهن ٿانون جي
ڇِلهه- گهڙ لاءِ مصري نموني جي پٿر جا برما
استعمال ڪيا ويندا هئا.
موهن جي دڙي ۽ هڙاپا مان اٽڪل 11 پتلا
مليا آهن، انهن مان ٽي جانورن جا ۽ چار ماڻهن جا
آهن. ماڻهن جي مٿن جا چار پتلا نهايت زبون حالت ۾
لڌا ويا آهن، ۽ انهن جا جسم ڳولا کان پوءِ به هٿ
اچي ڪين سگهيا آهن. فقط هڪڙو ئي مڪمل پتلو مليو
آهي،جو ايتريقدر ڀُري ويل آهي، جو ان کي انساني
پتلو چوڻ به شڪ کان خالي نه آهي. هڪڙو پتلو مٿي
کان سواءِ ڪي قدر چڱيءَ حالت ۾ هٿ آيو آهي.
پُتلن ۾ سڀني کان وڌيڪ اهميت وارو ڊي. ڪي.
ايراضيءَ مان هٿ آيل هڪ پروهت يا پوڄاريءَ جو پتلو
آهي (پليٽ نمبر 18 ب -1)، جيڪو ست انچ ڊگهو آهي.
ان جو هيٺيون ڌڙ شال سان ويڙهيل آهي، جنهن جا
ڪنارا ويڙهيل آهن، ۽ اُها ساڄي ڪلهي تان ورائي
کاٻيءَ ٻانهن جي هيٺان پاتل آهي. ان تي ٽپتائين
نموني جي چٽسالي ڪيل آهي، پتلي جي ڏاڙهي ڇڊي ۽
مٿيون چپ ڇلهيل ۽ اکيون اڌ کليل آهن. شايد اصل ۾
انهن جي اندر سڀ جا ٽڪرا جڙيل هوندا. نڪ وچولي
درجي جو اٿس، جو ڪافي پيٺل مٿي سان سڌو جُڙيل آهي.
منهن جي بيهڪ وچولي نموني جي اٿس، چپ ٿلها اٿس،
پوري وچ مٿي تان سينڌ نڪتل اٿس، ۽ مٿي جي چوڌاري
هڪ پٽي ٻڌل ڏسجيس ٿي، جنهن ۾ نرڙ جي وچ تي ڇلي
جهڙو گول ٺهيل آهي. اهڙي نموني جو هڪ گول ڇلو ساڄي
هٿ تي ٻڌل هڪ سادي بازو بند تي به نڪتل اٿس، ڪنن
جي هيٺان ٻه سوراخ اٿس، جن ۾ هار يا ڳچيءَ جو ڪو
ٻيو زيور لٽڪايو ويندو هوندو. هيءُ پتلو
سنگتراشيءَ جو اعليٰ نمونو آهي. ٻيا پتلا ايتريءَ
خوبصورتيءَ سان ٺهيل نه آهن.
هڙاپا مان هٿ آيل ٻيا ٻه مجسما به ذڪر ڪرڻ
جي لائق آهن. هنن پتلن برصغير هند ـ پاڪ جي قديم
سنگتراشي تي ڪافي روشني وڌي آهي. انهن جا مٿا، ڌڙ
۽ هٿ الڳ الڳ ٺاهيا ويا آهن. ڳچيءَ ۽ڪلهن ۾اهڙا
سوراخن وارا کانچا آهن، جن ۾ مٿو ۽ هٿ ڳنڍيا ويندا
هئا. هڪ پتلي جا ڪلها ويڪرا آهن، ۽ پيٽ ڪي قدر
ٻاهر نڪتل آهي، جنهن ۾ ويندي دن جي کڏ به ظاهر ڪئي
ويئي آهي. سينو ويڪرو ۽اُڀريل اٿس. سنگتراش پتلي
جو هر هڪ عضوو خوبصورت ۽ مناسب مقدار ۾ رکيو آهي.
ٻيو پتلو هڪ نچڻيءَ جو آهي، جو کاٻي پير تي بيٺل
آهي، ۽ جنهن جو ساڄو پير مٿي کنيل آهي. چيلهه کان
مٿي وارو حصو ۽ هٿ ساڄي طرف وريل اٿس. ڳچي سنهڙي
اٿس. ائين پيو ڀانئجي ڄڻ هيءُ چرپر ۽ زندگيءَ سان
ڀريل پتلو آهي. محققن جو خيال آهي ته هي شوِءَ جي
نٽ راج جو مظهر آهي (1). (پليٽ نمبر 18 ب 2)
مٿي ڄاڻايل پتلن مان ٽي پتلا چڱيءَ حالت ۾
مليا آهن، ۽ انهن پتلن سان ڀيٽي سگهجن ٿا، جي
انهيءَ دور ۾ ميسوپوٽيميا مان لڌا ويا آهن. انهن
پتلن جي اکين ۾مصر ۽ سمير جي پتلن وانگر سپ جا
ٽِڪرا جڙيل آهن. ٻن اوڪڙو ويٺل پتلن جا هٿ گوڏن تي
رکيل ۽ مٿي کنيل ٺاهيا ويا آهن. انهيءَ نموني جا
مجسما سمير مان به مليا آهن. سمير ۾ پتلن جا وار
گهنڊيدار نموني تي ٺهيل آهي، پر سنڌو ماٿريءَ جي
پتلن ۾اها ڳالهه نه آهي. سميري پتلن جي ابتڙ هتان
جي پتلن جا نڪ ۽ وات چٽا ۽ پوري مقدار وارا
ڏيکاريل آهن.
|