تعارف
(ڊاڪٽر فضل احمد خان، ناظم محڪمه آثار قديمه،
پاڪستان)
علم الاثار ۽ خاص طرح ان سلسلي ۾ جيڪي
کوٽايون ٿيون آهن، تن جو هيءُ وڏو ڪارنامو آهي، جو
انهن دنيا کي پنهنجي قديم دور جي ثقافتي ورثي سان
روشناس ڪرايو آهي. کوٽاين جي سلسلي ۾ جيڪي
هيلتائين لاڳيتيون ۽ باقاعده ڪوششون ٿيون آهن، تن
قديم تاريخ جا ايترا ته باب کولي ڇڏيا آهن، جو
هاڻي انساني زندگيءَ جو تاريخي دور ايترو اهم ۽
طويل نه رهيو آهي، جيترو ان جو تاريخ کان اڳ وارو
دور. دنيا جي قديم تهذيبن ۾ سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب
جو انڪشاف به ان سلسلي جي اهم ڪَڙي آهي، جيڪو هن
صديءَ جي پهرئين حصي جو ڪارنامو آهي. ان انڪشاف
کان پوءِ برصغير هند- پاڪ جي تاريخ صاف طرح پنج
هزار سال اڳ جي ڳالهه بنجي ويئي.
زير نظر ڪتاب ۾ سنڌوماٿريءَ جي تهذيب جو
تفصيلي جائزو ورتو ويو آهي. ڪتاب جي لکجڻ کان پوءِ
هن قسم جي هڪ ٻيءَ زير زمين بستيءَ، ڪوٽ ڏيجي، جي
کوٽائي عمل ۾ آئي، جيڪا سنڌ جي سڀني قديم بستين
کان پراڻي آهي. ڪوٽ ڏيجي، موهن جي دڙي جي اوڀر ۾،
ٽيهه ميل پري، سنڌونديءَ جي ٻيءَ ڀر واقع آهي. هتي
جيڪا کوٽائي ٿي آهي، ان وسيلي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو
هن عظيم الشان تهذيب جي ابتدائي دورن تي روشني پوي
ٿي. هيءُ دورن جو امتياز ۽ فرق خاص طرح مٽيءَ جي
ٿانون تي ڪافي نمايان نظر ٿو اچي، جيڪو کوٽائيءَ
جي ماهرن لاءِ نهايت اهم آهي. ان جو تفصيلي مطالعو
اسان کي ٻڌائي ٿو ته ڪوٽ ڏيجي ۽ سنڌوماٿريءَ جي
تهذيب جي قانون ۾ سڀ کان وڏو فرق هيءُ آهي ته ڪوٽ
ڏيجيءَ جا ٿانو گهڻو ڪري هلڪي ۽ سنهي ٺڪر جا آهن ۽
مٿن رنگن جي ترتيب ۽ سينگار جو الڳ الڳ ۽ خاص
نمونو پڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته هي ٿانو هڪ اهڙي
تمدن جا نشان آهن، جيڪو سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب کان
اڳوڻو به آهي ۽ جدا پڻ آهي. هتي جي کوٽائيءَ مان
هي ثابت ٿي چڪو آهي ته سنڌوماٿريءَ جي تهذيب جا
پهريان ماڻهو ڪوٽ ڏيجيءَ جي سڀ کان هيٺئين آباد
تهه تي ئي هڪدم پوءِ اچي آباد ٿيا هئا، جتي هتان
جي اصلي رهاڪن پنهنجا آخري نشان ڇڏيا آهن. ڪوٽ
ڏيجي جي هنن اصلي رهاڪن هڙاپا ۽ موهن جي دڙي وارن
ڪي فني ۽ ٻيون ڳالهيون پڻ سکيون، جن ۾ شهر جي
رٿابندي، قلعه بندي ۽ غالباً مذهبي طريقا ۽ عقيدا
پڻ شامل هئا.
ڪوٽ ڏيجيءَ مان لڌل باقيات مان اندازو
لڳايو ويو آهي ته هتان جو تمدن پٿر واري دور جي
شروع ٿيڻ سان ئي هتي پيدا ٿيو، ڇاڪاڻ ته ڪوٽ
ڏيجيءَ جا ماڻهو هتي ان وقت آباد ٿيل ڏسجن ٿا،
جڏهن هو ٺڪر جي ٿانون ٺاهڻ جي هنر ۾ڪافي ترقي ڪري
چڪا هئا. هي ماڻهو ڪافي عرصو هتي آباد رهيا، جيئن
مٿئين دڙي جي يارنهن آباد تهن مان ڏسجي ٿو. هنن
لاڳيتن يارنهن تهن جي مدت جو اندازو گهٽ ۾ گهٽ پنج
يا ڇهه سئو سال ڪري سگهجي ٿو ۽ انهيءَ ئي اندازي
موجب اسين چئي سگهون ٿا ته ڪوٽ ڏيجيءَ جا هي اصلي
رهاڪو تقريبن 3000 سال ق .م هتي آيا ۽ چار يا پنج
سئو سال هتي آباد رهيا، ايستائين جيستائين
سنڌوماٿريءَ جي ماڻهن اچي سندن جڳهه والاري.
جتي ڪوٽ ڏيجيءَ جي کوٽائيءَ وسيلي تاريخ
جو سلسلو موهن جي دڙي جي تهذيب جي پهرئين دور سان
سڌيءَ طرح وڃي گڏجي ٿو، اتي پاڪستان جي قديم تاريخ
۾ انهيءَ ڪري پنج سئو سالن جو واڌارو پڻ ٿئي ٿو.
تنهن سان گڏوگڏ، ان وسيلي هڪ قديم سڌريل تمدن پڻ
ظاهر ٿئي ٿو، جيڪو پاڪستان جي قديم ترين تهذيب جو
اهم جز آهي.
سنڌوماٿريءَ جي گم ٿيل تهذيب جو لڀجڻ
انساني تاريخ ۾ اهم اضافو آهي ۽ دنيا جي گهڻو ڪري
هر مکيه ٻوليءَ ۾ هن موضوع تي ڪجهه نه ڪجهه لکيو
ويو آهي. پر اردوءَ ۾ هيل تائين ان باري ۾ڪا به
مستند ڪوشش ڪا نه ٿي هئي. زير نظر ڪتاب هن
اوڻائيءَ کي پورو ڪري ٿو، جنهن لاءِ محمد ادريس
صديقي صاحب جن مبارڪباد جي لائق آهن، جن هن تحقيقي
۽ فني موضوع کي دلچسپ پيرايي ۾ پيش ڪيو آهي.
مون کي اميد آهي ته اردو دان حضرات لاءِ هن ڪتاب
جو مطالعو معلومات افزا ۽ دلچسپيءَ جو باعث ٿيندو.
فضل احمد خان
ڪراچي
20 آڪٽوبر 1959ع
پيش لفظ
صاحب! اوهان هيءُ دڙو ڇو ٿا کوٽايو؟
هيءُ سوال هڪ بلوچ مزدور، مون کان رياست
مڪران جي شهر پنجگر کان ٽيهه ميل پري هڪ دڙي جي
کوٽائيءَ وقت پڇيو هو. هيءَ مارچ 1954ع جي ڳالهه
آهي. آءُ ان وقت ڊاڪٽر هينري فيلڊ سان گڏ بلوچستان
جي باقياتي جانچ جي سلسلي ۾ محڪمه آثار قديمه جي
طرفان ان ڪم ۾ رڌل هوس. هيءُ دڙو رخشان نديءَ جي
ڪپ تي بيٺل آهي، جنهن جي پيٽ ۾ هاڻي پاڻيءَ جي
بدران هوائن جي تيز رفتار سميت واري وهندي ٿي رهي.
هن ويران علائقي ۾ ميلن تائين آباديءَ جو ڪو به
نشان ڪونهي، ايتري قدر جو هي مزدور پڻ پنجگر
منجهان ٽرڪ تي آندا ويا هئا.
سوال هن مزدور ٽن ڪلاڪن جي کوٽائيءَ کان
پوءِ پڇيو هو. غالباً، هو انهيءَٻڏتر ۾ هو ته
ايتريءَ محنت ۽ ايترن خرچن ڪرڻ کان پوءِ، هن سُڃ ۾
کوٽائي ڪرڻ سان، جتي ٺڪرن کان سواءِ ڪا به ”ڪم
واري“ شيءَ ڪا نه لڌي هئي، آخر هنن کي ڇا ملندو؟
مون گهريو ته هن جي سول جو جواب ڏيان. پر ڇا، هن
ويچاري اڻ پڙهيل مزدور کي منهنجو جواب راضي ڪري
سگهي ها؟ مون کلي، ڳالهه کي ٽاري ڇڏيو.
اهڙيءَ طرح جڏهن ٻين دڙن منجهان اسان ٺڪر
گڏ ڪندا هئاسون، ته آسپاس جا ڌراڙا ۽ ٻيا ماڻهو
اچي گڏ ٿيندا هئا ۽ اسان کي ڏاڍي چاهه ۽ محبت سان
ٺڪريون کڻندي ۽ انهن کي هيٺ مٿي پوري ڌيان سان
جانچيندي ۽ انهن جي عجيب غريب بناوت وغيره تي خوش
ٿيندي ڏسي، هو هڪٻئي سان سس پس ڪندا هئا ۽ اسان
ڏانهن ڏسي پيا کلندا ۽ ڀوڳ ڪندا هئا. هو اسان کي
شايد مٿي ڦريل ۽ چريو سمجهندا هئا. هنن جي اکين جي
چڪي مان اهڙي قسم جو سوال مون ڪيترا ئي ڀيرا هنن
جي دل ۾ اڀرندي محسوس ڪيو، پر هنن جي زبان تي اُهو
نه آيو ۽ ائين ان جي جواب ڏيڻ کان آءُ بچندو رهيس.
بلوچستان کان پوءِ اسين بهاولپور وياسون،
۽ قديم هَڪڙاي درياءَ جي سڪل پيٽ جي ڪپن سان دڙي
جي ڳولا ڪئيسون. ماڻهن جون اهڙي سوال ڀريل نظرون
اُتي به اسان جو پيڇو ڪنديون رهيون. نيٺ هڪ تعليم
يافته(؟) نوجوان اسان کي گڏيو، جنهن کي پڻ اسان جي
هن ”بيڪار“ رولڙي تي عجب لڳو ۽ هن اسان کان
پڇيو”اوهان هِنن ٺڪرن کي ڇا ڪندا؟“ پر، ڇا، هن
سوال جو جواب ايترو مختصر ٿي سگهيو ٿي، جنهن سان
هن راهه ويندي سوال پڇندڙ پڙهيل شخص کي راضي ڪري
سگهجي؟.
بهاولپور کان سين موهن جي دڙي تي پهتاسون.
هِتي اچي، جڏهن مون ستر فوٽ اوچي اسٽوپا(ٺُل) تي
بيهي، چئن ئي پاسي نظر ڊوڙائي، ته منهنجي دل ۾ آيو
ته اُهي حيرت ۾ ورتل ۽ سوال پڇندڙ اکيون هتي هجن
ها، ته آءُ سندن سوالن جو جيئرو جاڳندو جواب کين
ڏيئي سگهان ها. موهن جي دڙي جي وسيع برباد ٿيل
آبادي، اسان جي شاندار ماضيءَ جي حسين تصوير، اسان
جي پراڻيءَ عظمت جو چمڪندڙ نشان، جنهن کي اسان جو
مادر وطن متبرڪ سمجهي، پنهنجي ڀاڪر ۾ سوين سال
لڪائي رکيو ۽ جنهن کي آخرڪار آثار قديمه جي ماهرن
پنهنجي اڻٿڪ ڪوشش سان صفحه هستيءَ تي وري نمودار
ڪيو، اِهي ئي عظيم الشان کنڊر اڄ انهن سوالن جو
جواب، ۽ هن ڪتاب جو موضوع آهن.
سنڌوماٿريءَ جي تهذيب برصغير هند-پاڪ جي
تاريخ ۽ ثقافت جي بنياد جي پهرينءَ سر جي حيثيت
رکي ٿي. پر بدقسمتيءَ سان علم الاثار کي اردو دان
طبقي سان روشناس ڪرڻ لاءِ هن وقت تائين تمام گهٽ
ڪوشش ٿي آهي، ۽ سواءِ ڪن ٿورن مضمونن جي، جيڪي
اردوءَ جي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ وقت بوقت ڇپبا
رهيا آهن، هن دائري ۾ ٿيل ڪو به بنيادي ڪم نظر مان
نه گذريو آهي. هنن ورقن ۾انهيءَ ڪميءَ کي پوري ڪرڻ
جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي. ظاهر آهي ته هيءُ هڪ خشڪ
موضوع آهي. علم الاثار جي ڳرن اصطلاحن ۾ پٿرن،
سرن ۽ رديءَ جي ذرڙن بابت گفتگو ڪرڻ ڪا دل کي
وندرائڻ جهڙي ڳالهه ڪانهي. ان ۾ شاعريءَ کي ،
خصوصا”، ڪا جاءِ ڪانهي. ان هوندي به مون ڪوشش ڪئي
آهي ته بيجان باقيات جي بيزبانيءَ کي زبان بنائي،
انهن جو هيءُ داستان جو مون بيان ڪيو آهي، سو گهٽ
۾ گهٽ بي روح نه هجي. هن سسلسلي ۾ هيلتائين جيڪا
تحقيقات ٿي آهي، ان کي جيترو ٿي سگهيو آهي، هڪ هنڌ
گڏ ڪيو اٿم، ۽ ان سلسلي ۾ جن ڪتابن کان مدد ورتي
اٿم، انهن جي نالن جي فهرست پڇاڙي ۾ شامل ڪئي اٿم،
وڏي ناانصافيءَ جي ڳالهه ٿيندي جيڪڏهن انهن محققن
جي خدمتن جا احسان نه مڃيا وڃن،جيڪي هن ڪم ۾
پنهنجيءَ پنهنجيءَ عمر جو وڏو حصو صرف ڪري چڪا
آهن.
هيءُ منهنجو خوشگوار فرض آهي ته پنهنجي
ڪرم فرما ڊاڪٽر فضل احمد خانصاحب ، ناظم آثار
قديمه، پاڪستان، جو شڪريو ادا ڪريان، جن
واندڪائيءَ نه هجڻ هوندي به نه رڳو هن ڪتاب کي نظر
مان ڪڍيو ۽ مفيد صلاحون ڏنيون، پر ان جي اشاعت جو
پڻ بندوبست ڪيو. آءُ محترم دلاور حسين صاحب، ڊپٽي
سيڪريٽري، وزارت تعليم، حڪومت پاڪستان ۽ مسٽر رائو
ڪيوريل، سابق مشير آثار، حڪومت پاڪستان، جو پڻ شڪر
گذار آهيان، جن ڪتاب جي اشاعت جي سلسلي ۾ منهنجي
وڏي مدد ڪئي آهي.
محترم ممتاز حسن صاحب جي علم دوستيءَ ۽
ادب پروريءَ کان ڪير واقف نه آهي؟ پر جيڪو ذاتي
چاهه کين هن ڪتاب جي اشاعت سان رهيو آهي ۽ جنهن
طرح ان سلسلي ۾ پاڻ منهنجي مدد ۽ همت افزائي
فرمائي اٿن، ان جي شڪريي ادا ڪرڻ لاءِ نه مون وٽ
پورا لفظ آهن ۽ نه سندن مهربانيءَ جو صحيح معنيٰ ۾
شڪريو ادا ٿي ئي سگهي ٿو.
باباءِ اردو ڊاڪٽر عبدالحق، ڊاڪٽر محمود
حسين(ڪراچي يونيورسٽي)، ڊاڪٽر احمد حسن داني(ڊاڪا
يوينورسٽي)، پير حسام الدين صاحب راشدي، جناب
قريشي محمد منير صاحب، سابق ناظم محڪمه آثار
قديمه، پاڪستان، ۽ مسٽر ولي الله خانصاحب، مهتمم
مغربي پاڪستان سرڪل آف آرڪيالاجي، لاهور، جو شڪريو
ادا ڪرڻ منهنجو فرض آهي، جن تڪليف وٺي، ڪتاب جي
مسودي کي پڙهيو ۽ پنهنجي قيمتي راين سان مون کي
نوازيو.
شڪريي جي هن فهرست ۾ چند دوست به اچن ٿا،
مرزا محمود بيگ، لائبريرين محڪمه آثار قديمه، جنهن
جي سهڪار سان هن موضوع تي گهربل مواد گڏ ڪرڻ ۾ مون
کي ڏاڍي سهوليت ۽ مدد ملي، احمد نبي خانصاحب ۽
ايس. اي. عزيزرسول آبادي، جن پروفن ڏسڻ ۽ ڇپائيءَ
جي صبر آزما ڪم ۾ مون سان ساٿ ڏنو.
پڇاڙيءَ ۾، ع.س. مسلم صاحب، مڪتبه نياراهي،
ڪراچيءَ، جو خاص طرح شڪريو ادا ڪرڻ چاهيان ٿو، جن
جي فنڪارانه مهارت هن ڪتاب جي ڇپائيءَ، بائينڊنگ ۽
گيٽ اپ کي ايترو ديده زيب بنايو آهي.
ز دستم آستين بردار و گوهر
راتماشا ڪن
محمد ادريس صديقي
ڪراچي
27 آڪٽوبر، 1952ع
تمهيد
سنڌوماٿريءَ جي تهذيب ۽ ان جي مختلف ڳالهين جي
پيرائتي بيان ڪرڻ کان اڳ ٿورن اوائلي مسئلن جو ذڪر
ڪرڻ ضروري آهي- يعني هيءُ ته علم الاثار جو مقصد
ڇا آهي، انجي ڪم جو طريقو ڪهڙو آهي ۽ تاريخ جي
ٺاهڻ ۽ سنوارڻ ۾ اَن کان ڪهڙي مدد ملي سگهي ٿي.
انسان هن فاني جهان ۾ تقريبن پنجن لکن
سالن کان رهندو پئي آيو آهي—پنجن لکن سالن کان!
انهيءَ مدت جو صحيح اندازو لڳائڻ ڪيترو نه ڏکيو
آهي! هيئن کڻي سمجهو ته جيڪڏهن انهيءَ سڄيءَ مدت
کي 24 ڪلاڪن جو هڪ ڏينهن تصور ڪجي، ۽ فرض ڪجي ته
هن وقت رات جا 12 لڳا آهن، ته ائين سمجهبو ته حضرت
عيسيٰ گويا هينئر کان رڳو ساڍا پنج منٽ اڳ پيدا
ٿيو هو، ۽ انسان جي قديم ترين تاريخ پندرهن منٽ اڳ
شروع ٿي هئي. گويا پوڻين ٻارهين بجي کان اڳ جي هر
ڳالهه تاريخ کان اڳ جي زماني جي ڳالهه آهي.
علم الاثار جو نسبتن محدود عرصي سان واسطو
آهي. ان جي تحقيقات ٿورن هزارن سالن جي مدت جي
دائري ۾ ئي محدود آهي. ان جو موضوع نه ”ڪائنات جي
تخليق“ آهي ۽ نه ”انساني نسل“، بلڪه هيءُ علم
موجوده انسان جي ڳالهه ٿو ڪري. اسين ائين سوچيندا
۽ چوندا آهيون ته عجائب خانن ۾ رکيل ٺڪر جا ٿانو،
مڻڪا، زيور ۽ ٻيون باقياتي شيون ٽي هزار سال يا
چار هزار سال قبل مسيح
}مسيح
کان اڳ{
جا آهن.
ڏسڻ وارا انهن جي قدامت تي عجب کائيندا آهن. پر
حقيقت ۾ انهن شين جي دلچسپ ڳالهه اسان لاءِ هيءَ
آهي ته اهي ”نيون “ آهن. جيڪڏهن انهن جي قدامت ئي
اسان لاءِ انهن جي اهميت جو سبب هجي ها، ته اسان
جون اِهي سموريون باقيات پَهڻيل (1)
]پٿر
ٿي ويل[
بيضن، پهڻيل جانورن ۽ پهڻيل
انسانن جي ڀيٽ ۾ اسان لاءِ ننڍڙن ٻارن جي راند جي
شين کان وڌيڪ ڪا به اهميت ڪا نه رکن ها. سچ پچ ته
اسان جي باقيات جي اهيمت صرف اِنهيءَ ڳالهه ۾ آهي
ته اُهي اسان جهڙن ۽ تقريبن اسان جهڙي ئي تهذيب
رکندڙ انسانن بابت اسان کي حال احوال ڏين ٿيون، ۽
اهي سڀ چيزون اسان جهڙن ئي انسانن جي انتهائي
محنتن جو نتيجو آهن، جيڪي پنهنجين ڪوششن سان هڪ
عظيم تهذيب ۽ نئين زندگيءَ جو بنياد رکي رهيا هئا
۽ جيڪي پاڻ سماجي زندگيءَ جي گذارڻ جا عادي بنجي،
دنيا ۾اڄ جي ترقي يافته سماجي زندگيءَ جي عمارت
لاءِ ميدان تيار ڪري رهيا هئا.
پٿر جي دور جو اوائلي انسان شڪار ۽ کاڌي
جو ڳولائو حيوان ناحق
}ڳالهائيندڙ
جانور{
هو. هيءُ انسان ننڍن ننڍن ٽولن ۾ ورهايل هو. ٿيندي
ٿيندي، هو باهه ٻارڻ سکيو ۽ پنهنجي بت کي موسم جي
اثر کان بچائڻ لاءِ کلن، وڻن جي ڇوڏن ۽ پنن سان
ڍڪڻ سکيو. علم الارضيات(2) جي ”وقت“ جي حساب موجب
انسان جي رهڻيءَ ڪرڻيءَ ۾ هيءَ سڄي ڦير گهير
تقريبن ڏهه هزار سالن کان ڇهه هزار سال قبل مسيح
جي عرصي ۾ پيدا ٿي. گارڊن چائلڊ جي چوڻ موجب، هن
عرصي ۾ انسان پنهنجي حالتن کي منهن ڏيڻ، فصل پوکڻ،
جانور پالڻ، ٿانو ٺاهڻ ۽ ڪپڙا پائڻ سکيا. ان کان
سواءِ، ڌاتوءَ جي لڀڻ کان اڳ، هو پٿرن جي اوزارن
تي اهڙي قسم جي پالش ڪرڻ سکيو، جنهن سان هي اوزار
پٿر جي دور جي اوزارن کان وڌيڪ ڪارائتا ثابت ٿي.
(1). سڌريل پوک جو ڪم ۽ پڪي
ڳوٺاڻي آبادي ( ڳوٺن ۾ رهائش) مشرق قريب ۾ تقريبن
پنج هزار سال ق. م. ۾ شروع ٿي. پاڪستان ۾ ان قسم
جون بستيون بلوچستان ۽ ڏکڻ سنڌ ۾ تقريبن چار هزار
سال ق. م. موجود هيون.
علم الاثار جي مراد هيءَ آهي ته اُن وسيلي
اهڙيون شاهديون ۽ ثابتيون ڳولي هٿ ڪجن، جن جي مدد
سان تاريخ کان اڳ جي زماني جي تاريخ ٺهي سگهي.
تاريخ کان اڳ جا ماڻهو اسان لاءِ ڪو به لکيل مواد
ڪو نه ڇڏي ويا آهن، پر تنهن هوندي به هُنن، ائين
کڻي چئجي ته اڻ ڄاڻائيءَ ۾، پنهنجي زندگيءَ بابت
جيڪي نشان ڇڏيا آهن، اُهي اسان جي مقصد لاءِ اڄ
ڪافي اهم آهن ۽ انهن مان اسان کي ڪافي معلومات ملي
ٿي. علم الاثار انهيءَ مواد جي ڳولا ۽ تحقيق جو
نالو آهي. علم الاثار جي ماهرن جو هيءُ ڪم آهي ته
هو تاريخ کان اڳ واري دور جي انسانن جي ٺاهيل پٿر
۽ ڌاتن جي سامان، مٽيءَ جي برتنن، قبرن، غارن ۽
جڳهين جي ڳولا ڪن. پر فقط هيءَ ڳولا ئي اصل ڪو
ڪونهي،بلڪه علم الاثار جو بنيادي فرض هيءُ آهي ته
هر سڃاڻڻ لائق قديم نشان جي مدد سان متعلقه انساني
عمل جي تاريخ مقرر ڪري. هتي هيءَ سوال به ڪري
سگهجي ٿو ته قديم تهذيبن جي کوجنا ۽ انهن تي تحقيق
ڪرڻ علم الاثار جو مسئلو آهي يا تاريخ جو؟ ۽، ڇا،
هڪ تاريخدان ٿورين ٿورين مليل باقيات جي مدد سان
اُن دور جي تاريخ نٿو ٺاهي سگهي؟ ۽ ، ڇا، هر ڪو
ماڻهو هي شيون کوٽي ڪڍي نٿو سگهي؟
علم الاثار هيٺ کوٽائيءَ جو ڪم دراصل
پراڻين تهذيبن جي مدفنن( پوريل هنڌن) جي کوٽائيءَ
جو هڪ سائنٽفڪ طريقو آهي، جنهن جو بنياد هن اصول
تي بيٺل آهي ته ڪنهن شيءِ جي تاريخي اهميت ان جي
بناوت، نوعيت ۽ ماهيت تي مدار رکڻ سان گڏو گڏ ان
ماحول تي مبني آهي، جنهن ۾ اها لڌي ويئي آهي.
هڪ عام کوٽائي ڪرڻ واري يا پوريل
خزاني جي ڳولائوءَ جو مقصد انهيءَ وقت پورو ٿي ٿو
وڃي، جڏهن هن کي ڪا ئي انوکي يا قيمتي شيءِ هٿ اچي
ٿي وڃي. ان جي ابتڙ آثارن جو ماهر اهڙيءَ ڪنهن
عجيب و غريب ۽ خوبصورت شيءِ جي لڀجڻ تي ئي خوش نٿو
ٿئي، بلڪه هو ان کي چڱي طرح جانچي جونچي ٿو، ان جي
هر طرح جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري ٿو، ۽ ڏسي ٿو ته اها ڪهڙيءَ
جڳهه تان ۽ ڪيتريءَ اونهائيءَ تي ملي آهي، ڪهڙي
دور جي تهه ۾ ۽ ڪهڙي قسم جي سامان سان گڏ يا ان جي
آسپاس لڌي آهي، ۽ ٻيا سڀيئي سرزميني نشان ان جي
باري ۾ ڪهڙي نتيجي تي پهچڻ ۾ ۽ ڪيتريءَ حد تائين ۽
ڪهڙي مدد ڏين ٿا، ۽ ان جا ڪهڙا ڪهڙا تعبير ٿي سگهن
ٿا، ڇاڪاڻ ته انهن سڀني ڳالهين جي ڄاڻڻ کان سواءِ
ان شيءِ جي حقيقي تاريخي اهميت جو اندازو ڪرڻ بيحد
مشڪل آهي. اهو ئي سبب آهي، جو جڏهن پهرين تهن ۾
پاهوڙن، چنجورن ۽ بيلچن سان کوٽائي شروع ڪئي وڃي
ٿي، تڏهن انهن تهن ۾ جتان باقيات ملڻ لڳن ٿيون،
ننڍن چاقن سان ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته برش سان مٽي هٽائڻي
پوي ٿي. نهايت خبرداريءَ ۽ باريڪ بينيءَ سان ڪم
ورتو وڃي ٿو، ۽ هر چيز جو پورو پورو خاڪو تيار ڪيو
وڃي ٿو. سچ پچ هي ڏاڍو صبرآزما ڪم آهي. پر ههڙي
”کوٽائي“ بيحد دلچسپ پڻ ٿئي ٿي، ڇو ته اُتي اميد
۽ ڊپ جي هڪ عجيب ڪيفيت طاري رهي ٿي. نه فقط اهو،
بلڪه ههڙي قسم جي کوٽاين وسيلي مصر مان سون ۽
جواهرن جا ذخيرا، ڪريٽ ميناس جي محل جا خزانا،
ٽئڪسلا ۾ خوبصورت ڪندن جا زيور، موهن جي دڙي ۽
هڙاپا ۾ سون، چانديءَ، عقيق ۽ مرجان جون بنيل
اهڙيون باقيات هٿ آيون آهن، جو کوٽڻ وارن جون
اکيون چرخ ٿي ويون آهن.
علم الاثار جي کوٽائيءَ جا طريقا جديد
زماني جي تحقيقات جي روشنيءَ ۾ مرتب ڪيا ويا آهن.
تاريخ نويس گهڻو ڪري پنهنجي تحقيقات جو بنياد
اهڙين لکتن تي رکندا هئا، جيڪي کانئن اڳ جا لکندڙ
ڇڏيا ويا هئا اهي لکندڙ جيڪا ڳالهه چاهيندا ها سا
لکي ڇڏيندا هئا ۽ جيڪا ڳالهه نه چاهيندا هئا سا
ڇڏي ڏيندا هئا. انهن کي عام طرح اميرن ۽ بادشاهن
جي سرپرستين ۾ ڪم ڪرڻو پوندو هو، جنهن ڪري گهڻو
ڪري سندن تحريرون سندن دور جي حاڪمن جي نالن، انهن
جي نسبنامن، انهن جي عادتن ۽ دلچسپين، سير ۽ شڪار
۽ جنگين ۽ جهيڙن جي واقعن سان ئي ڀريل آهن، جنهن
مان ائين ٿو معلوم ٿئي ڄڻ دنيا ۾ رڳو بادشاهه،
راجا ۽نواب ئي رهندا پئي آيا آهن، ۽ عام انسانن جو
انهن تاريخن ۾ ڄڻ ڪو به عمل دخل هو ئي ڪونه! البت
ڪنهن دور جي ادب جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ سان ڪڏهن ڪڏهن ان
دور جي سماجي زندگي تي ٿوري گهڻي روشني پوندي هئي.
ان سڀ جي برعڪس، هڪ ماهر آثار، کوٽائي ڪندي، لکيل
مواد سان گڏوگڏ، قديم دور جا اهڙا انوکا خزانا ۽
نشان به کوٽي ڪڍي ٿو، جيڪي ان دور جي فن، روزمره
جي استعمال جي شين، رهڻي ڪهڻيءَ جي طور طريقن،
عبادت گاهن، اوزارن ۽ هٿيارن ۽ سير شڪار، ۽ ساز
سرود ۽ راڳ رس جون جيئريون جاڳنديون تصويريون اسان
جي آڏو آڻي بيهارين ٿا. جن کي اسين ڏسي سگهون ٿا ۽
محسوس ڪري ۽ ”شنيده ڪَي بود مانند ديده“ جي چوڻيءَ
موجب، ههڙي معلومات کوٽائيءِ کان سواءِ ڪنهن ٻئي
طريقي سان حاصل نٿي ٿي سگهي.
(1) اهڙا اوزار برصغير هند-پاڪ خاص طرح اتر
اولهه صوبن ۽ دکن ۾ لڌا ويا آهن.
|