رانديڪا:
سنڌو ماٿريءَ جا ٻار اڄ جي ٻارن جي مقابلي ۾ وڌيڪ
خوش بخت هئا. هتان بيحد گهڻا کيڏوڻا مليا آهن،
جنهن مان پتو پوي ٿو ته اُن زماني جا ماءُ پيءُ
ٻارن جي وندر ۽ راندوند جو ڪافي خيال رکندا هئا.
هتان مٽيءَ، سپ، پٿر ۽ عاج جا رانديڪا مليا آهن،
جن جي بناوت مان سمجهجي ٿو ته تن ڏينهن ۾ اها
ڪاريگري گهڻيءَ ترقيءَ تي هئي. (پليٽ نمبر 16 ــ
17). گمان آهي ته ضرور ڪاٺيءَ جا رانديڪا به
ٺاهيندا هوندا، جيڪي صدين جي گذرڻ ڪري ڳري خاڪ ٿي
ويا. پر مٽيءَ مان ٺهيل ننڍيون گاڏيون، سو تمام
گهڻيون نڪتيون آهن، جي شباهت ۾ انهن بيل گاڏين
جهڙيون آهن، جيڪي اڄ به اُتر سنڌ جي ڳوٺن ۾ عام
آهن(پليٽ نمبر 17 ــ 1، 3). اُن مان اِهو اندازو
پڻ ٿئي ٿو ته موهن جي دڙي جا رهاڪو مسافريءَ ۽ بار
ڍوئڻ لاءِ بيل گاڏيون عام جام ڪم آڻيندا هئا. ڪن
گاڏين سان گڏ مٽيءَ جا ڍڳا به لڌا آهن. هتان اهڙا
ڪي به رٿ نه لڌا ويا آهن، جيڪي جنگ جي ميدان ۾ڪم
ايندا هجن.
کيڏڻ ۾ اهڙا جهنجهڻا جيڪي کينهونءَ وانگر گول ۽
اندران ڀورا آهن، ڏاڍا سهڻا ٿا لڳن. انهن جي اندر
جي اندر وري ننڍڙيون
ننڍڙيون پٿريون ڀريل آهن، جن جي ڇمڪائڻ
سان آواز پيدا ٿين ٿا. ٻارن لاءِ اِهي ضرور خاص
دلچسپيءَ جي شيءِ هوندا. اهڙيون جهرڪيون به لڌيون
آهن، جيڪي اندران پوريون آهن. سندن پَر وٽ هڪ ٽنگ
آهي، جتان ڦوڪ ڏجي ته سيٽيءَ جهڙو آواز نڪري ٿو.
ڀائنجي ٿو ته ٻار انهن کي سيٽين وانگر وڄائيندا
هئا. نموني نموني جون ٻيون به گهڻيئي جهرڪيون
لڌيون آهن. هڪ جهرڪيءَ جي چنهنب کليل آهي، ڄڻ چون
چون پئي ڪري. هڙاپا ۽ موهن جي دڙي مان جهرڪين جا
پڃرا پڻ لڌا آهن، جنهن مان سمجهجي ٿو ته اُتي جا
رهاڪو جهرڪيون پڻ پاليندا هئا.
هڪ پڃري مان جهرڪيءَ کي ٻاهر نڪرندو
ڏيکاريو ويو آهي (1). بانس جي ڇڙين تي چڙهندڙ
باندر يا ڪنهن ٻئي جانور جا به گهڻا نمونا مليا
آهن. انهن کان سواءِ ننڍن سڱن وارن ڍڳن، گينڊن،
مينهن ، شينهن ، سوئرن، ڀولڙن، ڪتن، سيهڙن، ٻڪرين،
۽ پاڻيءَ جي جانورن ۾ مڇين، واڳن، ڪُمين ۽ پکين
۾وري ڪڪڙين، طوطن ۽ ڳيرن جا به ننڍا ننڍا ڪيترا
بوتا مليا آهن.
تارازين جا ننڍڙا پُڙ به لڌا آهن، جن ۾ ڏور وجهڻ
لاءِ ٽنگ به آهن، اِهي پڙ سهڻي نموني جا ٺهيل نه
آهن، جنهن مان سمجهجي ٿو ته اِها ٻارن جي ڪاريگري
آهي. اهڙيءَ طرح گهرن ۾ ڪم آڻڻ جي ٿانون جي شڪل جا
ننڍڙا ٿانو به لڌا آهن، جن مان ڪن تي ٻارن جي
آڱرين جا نشان به موجود آهن. ٻاراڻي وهيءَ جون
اِهي انبيلايون ۽ وندر ورونهن جون ڳالهيون ڪيتريون
نه عجيب ۽ دلچسپ آهن!
اوچي نموني ٺهيل رانديڪن ۾ اهڙي قسم جا
جانور به آهن، جن جون سسيون ڌڙ کان جدا ٺهيل آهن (
پليٽ نمبر 18 ــ 2). اِهي سسيون پوريءَ ڳچيءَ سان
هڪ ڪُنڍاي وسيلي ڳنڍيون وينديون هيون، ۽ ڌڙ جي
اندران پڇ وٽ هڪ ٽنگ ڪري، تنهن مان ڏور وجهي،
انهيءَ سسيءَ مان ٻڌي ڇڏبي هئي—اهڙيءَ طرح اُن
ڌاڳي يا ڏور کي ڇڪڻ سان بوتي جي سسي لڏندي هئي.
اهڙي قسم جو ڀولڙي سان مشابهت رکندڙ هڪ جانور جو
مجسمو مليو آهي، جنهن جا وري هٿ لڏن لمن ٿا. ڪن
رانديڪن ۾ اهڙيءَ ته ڪاريگريءَ سان ٽنگ ڪري ڌاڳا
وڌا ويا آهن، جو پنهنجيءَ مرضيءَ سان ڍرو ۽ تکو
انهن کي هيٺ مٿي ڊوڙائي به سگهجي ٿو. پر افسوس
اِهو آهي، جو ڇوڪرين جي کيڏڻ جو پيارو رانديڪو،
گُڏي، ڪٿي به نه ملي. اندازو آهي ته اِهي ڪاٺيءَ
يا ڪپڙي جون ٺاهيندا هئا، جيڪي وقت جي بي ترس هٿن
۾ ڳري ڀسم ٿي ويون.
وندر ڇڪو: هند ــ پاڪ جي اوئلي تاريخ ۾ ڇَڪي کي
گهڻو دخل رهيو آهي. اِنهيءَ ڇڪي ۾ يدشٽر کي پنهنجو
تخت ۽ تاج ته ڇڏڻو پيو پر پنهنجي راڻي دروپديءَ
تان به هٿ کڻڻو پيس. ساڳيءَ طرح راجا نل جو قصو به
هر ڪنهن جو ٻڌل آهي، ۽ اڄ به ڇڪي ۽ ڪوڏين کيڏندر
راجا نل جي شوق تي رشڪ ڪندا آهن. رکَ ويد ۾ به
اِنهيءَ راند جو ذڪر ٿيل آهي. پر هيءَ راند
اُنهيءَ تاريخي دور کان گهڻي پراڻي آهي. هيءَ راند
سنڌو ماٿريءَ جي ماڻهن جي دل گهري وندر هئي. سندن
ڇڪا مٽيءَ ۽ پٿر جا ٺهيل مليا آهن. انهن جي ڇهن ئي
پاسن کان جدا جدا عدد جا گول نشان ڏنل آهن.
هي نشان هڪ کان ڇهن تائين آهن، ۽ اهڙيءَ طرح ڏنل
آهن، جيئن هڪ جي پٺيان ٻه، ٽن جي پٺيان چار ۽ پنجن
جي پٺيان ڇهه آيل آهن. اهڙي ئي قسم جو مٽيءَ جو
ٺهيل ڇڪو ”موصل “ جي ڀرسان ”ٽيپ گوارا“ جي چوٿين
تَهَه مان مليو آهي، جيڪو اٽڪل 2355 سال ق.م جو
ٺهيل اهي (1). ڪن ڇڪن جون ڪنڊون گَٺل آهن، شايد
انهن کي ڪنهن نرم شيءِ تي ڦٽي ڪندا هئا. ڪن
چوڪنڊيارن ڇڪن تي ، جيڪي گهڻو ڪري تاج جا آهن، ٽن
پاسن کان ته هڪ، ٻه
۽ ٽي نشان آهن، پر چوٿين پاسي تي ڊگها ليڪا نڪتل
اٿن. ڪن ڇڪن جي پاسن تي ڪي تصويري لکيتون اُڪريل
آهن، جيڪي اڃا تائين پڙهڻ ۾ نه آيون آهن. اهڙا
اُڪريل ڇڪا به مليا آهن، جن جي وسيلي نجومي قسمت
جو لکيو ٻڌائيندا هئا (پليٽ نمبر 11).
هاڻوڪي شطرنج جي پيادن جي شڪل جون مٽيءَ، پٿر ۽
يشب مان ٺهيل ڪيتريون ئي ڳوٽيون پڻ مليون آهن، جن
مان ڪي ته سچ پچ ڏاڍيون سهڻيون آهن. اِهي مقدار ۾
هڪٻئي کان وڏيون وڏيون آهن. بهرحال، يقين سان نٿو
چئي سگهجي ته اِهي ڪي شطرنج جون ڳوٽيون ئي هونديون
(پليٽ نمبر 15 ــ 4).
موهن جي دڙي مان هڪ اهڙي سر به لڌي آهي، جنهن تي
چئن چوڪنڊن خانن جون ٽي قطارون اُڪريل آهن، جن مان
هڪ خاني ۾ ڪندائتيون سڌيون ليڪون هڪٻئي کي آر پال
ڪاٽيل موجود آهن، يعني مستطيل، جنهن جون آمهون
سامهون ڪنڊون ليڪن سان ڳنڍيل خيال آهي ته اِها
چوسر راند جي تختي جو هڪ ٽڪر آهي. انهيءَ سر وانگر
ٻيون سرون به هونديون، جن جي ٽن خانن جون جملي ڏهه
قطارون هونديون، ۽ انهن تي موهن جي دڙي جا ماڻهو،
مصر جي (1) رهاڪن وانگر ” ڏهه ٽڻ“ کيڏندا هوندا. ۽
جيڪڏهن اسين ائين سوچيون ته انهيءَ راند ۾ جنهنجو
ٽڪر هيءَ سر آهي، ڇويهه خانا هوندا ۽ اهڙيءَ طرح
ٺهيل هوندا، جو هڪ پاسي ٽن قطارن ۾ ٻارنهن ۽ ٻئي
پاسي وارين ٻن قطارن ۾ ٻارنهن خانا هوندا، ۽ انهن
ٻنهي جي وچ ۾ وري ٻه خانا هوندا،ته اِها راند وڃي
سر ووليءَ (2) جي اُر مان لڌل سميري راند جي تختي
سان مشابهه ٿئي ٿي. هيءَ سر هڪڙي فرش مان لڌي آهي.
۽ اهڙيون بازيون فرش تي ويهي ئي کيڏيون وينديون
آهن. اهڙي قسم جون ٻيون به ڪيتريون ئي سرون مليون
آهن، ۽ اهو خيال سچ ثابت ٿيندو ٿو وڃي ته چوسر ۽
نَو ٽڻ قسم جون رانديون اُن زماني ۾ کيڏيون
وينديون هيون. البت اُهي ڪنهن ٻئي نالي سان سڏبيون
هونديون، ۽ انهن جي کيڏڻ جا طريقا به ضرور ٻيا
هوندا. هتان مٽيءَ ۽ پٿر مان ٺهيل چدا به لڌا آهن.
هڪ مُهر تي پکين جي تصوير نڪتل آهي، جيڪي هڪٻئي
تي جهپڪو رهيا آهن، جنهن مان سمجهجي ٿو ته اُتي
پکي ويڙهائڻ جو به رواج هو. جيئن هن زماني ۾
بلبلين، ڪڪڙن، تترن ۽ بٽيرن ويڙهائڻ جون ماڻهن کي
شوق آهي، تيئن سنڌ جا قديم رهاڪو به جانورن تي
شرطون ٻڌند هوندا. هو ڍڳا به ضرور ويڙهائيندا
هوندا، ڪڪڙ به ويڙهائيندا هوندا. مطلب ته انسانن
جون اهي دلچسپيون ڪي نيون نه آهن. انهن جو وجود
ڪريٽ جي پراڻي تهذيب ۾ به مليو آهي.
شڪار :
پهرين صفحن ۾ اچي چڪو آهي ته سنڌو ماٿريءَ جا
ماڻهو گوشت کائيندڙ هئا. هو پاليل جانورن کان
سواءِ جهنگلي جانورن جو شڪار به ڪندا هئا ۽ انهن
جو گوشت به کائيندا هئا. هڪ مهر تي ٻن ماڻهن جي
شڪل اُڪريل آهي، جي تير سان هرڻ شڪار ڪري رهيا آهن
( پليٽ نمبر 22 ــ 2). ٻيءَ مهر تي جهنگ جي هڪ
ٻڪريءَ کي نشانو بنايو پيو وڃي. موهن جي دڙي مان
هڪ هنڌان ته ڪيترائي تير پڻ مليا آهن، جن مان ظاهر
آهي ته هو شڪار ڪندا هوندا.
هتان جي تصويري لکيتن ۾ به تيرڪمان جا
نشان ملن ٿا. ان کان سواءِ مٽيءَ جا پڪل گليلا يا
ڳوڙها مليا آهن، جن کي ڪمان جي شڪل واريءَ گُليل ۾
وجهي، جهرڪيون ماريون وينديون هيون. ڪوئن کي پڪڙڻ
لاءِ مٽيءَ جون ٺهيل ڪوڙڪيون يا ڪئامار استعمال
ڪندا هئا. اهڙي قسم جا ڪئامار موهن جي دڙي مان
مليا آهن. مڇي مارڻ جون ڪنڍيون، ۽ ڄارن کي به
پاڻيءَ ۾ ٻوڙڻ لاءِ جن گولين کي ڪم آڻبو آهي، اُهي
به هتان گهڻي انداز ۾ لڌيون آهن، جنهن مان اِهو
ثابت ٿو ٿئي ته هتي مڇيءَ جو شڪار به عام جام
ٿيندو هو. مٽيءَ مان ٺهيل ڪتا به مليا آهن، جيڪي
شڪل شبيهه ۾ شڪاري ڪتن جهڙا آهن. ممڪن آهي ته
اِنهن ڪتن کان هو جانورن جو شڪار ۾ مدد وٺندا هئا.
گهريلو جانور:
سنڌو ماٿريءَ جا ماڻهو صرف گوشت کائو ئي ڪين هئا،
پر هو جانورن کي پالڻ به ڄاڻندا هئا، ۽ وٽن پاليل
جانورن جا ڪي ٿورا قسم ڪين هئا. کوٽائي ڪندي،
ڪونهين وارن سانهه ڍڳن، گهٽن، هاٿين، سوئرن ۽ ڪڪڙن
جا هڏاوان پڃرا يا ٽڙيل پکڙيل هڏيون مليون آهن.
انهيءَ ڏس ۾ ٻارن جي رانديڪن تي اُڪريل پاليل
جانورن جون شڪليون به اسان جي چڱي مدد ڪن ٿيون. ان
مان ظاهر ٿئي ٿو ته اُتي جا رهاڪو سانهه،ڀولڙي،
ڪتي، ٻليءَ، طوطي، مور ۽ ڪڪڙ مان چڱي طرح واقف
هئا. گڏهه جي موجودگيءَ جو پڪو ثبوت ڪونه مليو
آهي، ۽ تحقيق ڪندڙن ۾ ان ڳالهه تي به گهڻو اختلاف
آهي ته ڪو سنڌو ماٿريءَ جا رهاڪو گهوڙي کان به
واقف هئا.
سنڌو ماٿريءَ جا سانهه ڍڳن جي هڏن جا پڃرا
گهڻيئي لڌا آهن، جن مان سمجهجي ٿو ته انهيءَ قسم
جي ڍڳن جو نسلي چڱي نموني وڌايو ويندوهوندو. (پليٽ
نمبر 9). هي ڍڳا سنڌ، اُتر گجرات ۽ راجپوتانا جي
اڄوڪي شاندار ڍڳن جي شڪل سان پوريءَ ريت ته ڪو نه
ٿا ملن ، پر اڄڪلهه جي ننڍي ڪونهين وارن ڍڳن جهڙا
به هروڀرو نه آهن، جيڪي وچ هندستان ۽ دکن ۾ عام
جام آهن. تنهن کان سواءِ، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ بغير
ڪونهين جي ۽ ننڍن سڱن وارا ڍڳا به موجود هوندا
هئا.
انهيءَ ڏس ۾ سڀني کان دلچسپ شيءَ جا لڌي
آهي، سا هڪ پڪي سر آهي، جنهن مٿان ڪُتي ۽ ٻليءَ جي
پيرن جا نشان آهن. شايد جڏهن سرون ٺاهي سڪڻ لاءِ
رکيون هوندائون، تڏهن ڪنهن ڪتي جي پٺيان پوڻ ڪري
ٻليءَ وٺي انهن سرن مٿان ڊوڙ پاتي هوندي، ۽ ڪتي به
تيزيءَ سان پٺ ورتي هونديس. ڇو ته هي نشان گهڻا
اُونها آهن، جي زور مان ڊوڙڻ سان ئي پنجي سگهن ٿا.
اُها تکي ڊوڙڻ واري ٻلي ۽ سندس پٺيان پوڻ وارو ڪتو
ته خاڪ سان ملي خاڪ ٿي ويا، پر سندن پيرن جا نشان
زماني جي فنا ۽ بقا جو مثال بڻجي اسان جي سامهون
اِئين اچي بيٺا آهن.
جهنگ جا جانور:
شڪار وارن ۽ پاليل جانورن کان سواءِ اهڙا جهنگلي
جانور به تن ڏينهن ۾ موجود هئا، جي ائين گهرن ۾
ڪڏهن ڪڏهن گهڙي ايندا هوندا، جهڙوڪ نوريئڙا ۽ ڄاها
وغيره. انهن کان سواءِ سهو به موجود هو، ۽ شينهن
،هاٿي ۽ گينڊي جهڙا وحشي جانور به عام هئا. چئن
قسمن جي هرڻن جا سڱ لڌا آهن، جهڙوڪ ڪشميري ٻارهن
سڱون، سانبر، چيتل، ۽ ڦارهو. ٿي سگهي ٿو ته اِهي
سڱ ڪن دوائن ۾ استعمال ڪرڻ لاءِ ڏور ڏيهن کان
گهرايا ويندا هجن. ٻارنهن سڱن وارو هرڻ اڄڪلهه رڳو
ڪشمير ۽ هماليا جي آس پاس ئي ملي سگهي ٿو. چيتل ته
هاڻي نه سنڌ ۾ آهي، ۽ نه پنجاب ۾. سانبر به نه سنڌ
۾ ۽ نه پنجاب ۾ ۽ نه ئي وري ڪو راجپوتانا ۾ لڀي
ٿو.البت ڦارهو سو اڄ به سنڌ ۾ موجود آهي.
ناچ ۽ راڳ:
موهن جي دڙي جا رهاڪو ناچ ۽ راڳ جا ڏاڍا ڪوڏيا
هئا، جنهن جو ثبوت اسان کي نچڻيءَ جي ڪُٺ جي بوتي
مان به ملي ٿو. هڙاپا مان به هڪ پٿر جو بت لڌو
آهي، جنهن ۾ ناچ جو هڪ انداز ڏيکاريل آهي.
قديم هندستان جي مذهبي رسمن ۾ ناچ راڳ کي
هڪ خاص رتبو حاصل هئو. ناچ پوڄا جو حصو هوندو هو.
موهن جي دڙي ۾ ناچ کي اُها حقيقت حاصل هئي يا اُتي
جي ماڻهن لاءِ اهو رڳو دل وندرائڻ جو مشغلو
هو،اِها خبر ڪا نه پئجي سگهي آهي. ناچ سان گڏ راڳ
لازمي آهي. هڪ مهر تي، جا ڍولڪ جي تصوير اُڪريل
آهي، تنهن مان سمجهجي ٿو ته موهن جي دڙي ۾ راڳ جو
رواج هو. هڪ ٻيءَ مهر تي وري هڪ مرداني شڪل نڪتل
آهي، جنهن جي ڳچيءَ ۾دهل يا مردنگ وڌل آهي، نچڻيءَ
کي تال ڏيڻ لاءِ کڙ تال جو به رواج هو، جنهن جا
ڪجهه نشان مليا آهن. تنهن کان سواءِ سنڌو ماٿريءَ
جي تصويري تحرير ۾ اهڙيون تصويرون به موجود آهن،
جن کي اسين بربط ۽ چنگ چئي سگهون ٿا. اهڙي نموني
جي سازن جو سمير ۾ به رواج هو.
حڪمت:
اهڙي قسم جون شاهديون گهٽ مليون آهن، جن جي آڌار
تي ائين چئي سگهجي ته سنڌو ماٿريءَ جا رهاڪو طب،
نجوم ۽ ابجد کان واقف هئا، يا نه ، هتان لڌل سمنڊ
ڦيڻ ۽ ٻارنهن سڱي هرڻ جي سڱن جي ٽڪرن مان اهو
اندازو ٿئي ٿو ته اُهي شيون هتان جي حڪيمن ۽ ويدن
جي نسخن ۾ استعمال ٿينديون هونديون. هڪ اهڙو ڪارو
سفوف به مليو آهي، جنهن جي لاءِ چيو ٿو وڃي ته
”سلاجيت“ آهي. سلاجيت مٺن پيشابن ۽ جگر جي ٻين
بيمارين لاءِ ۽ سنڌن جي سور لاءِ پڻ مفيد آهي.
اهڙيءَ طرح مٽيءَ جي ڪُنبن ۾ رکيل دهه شاخه يا
استخوان ماهي به لڌو آهي، جيڪو بک وڌائڻ لاءِ
استعمال ۾ ايندو هوندو ۽ ٻاهران لڳائڻ لاءِ ان کي
ڪن، اک، گلي ۽ ٻين چمڙيءَ جي بيمارين لاءِ ڪم
آڻيندا هوندا (1). ساڳيءَ ناڙي ۽ نم وغيره جا پن
به حفاظت سان رکيل مليا آهن، جيڪي ضرور دوا طور
استعمال ڪندا هوندا. انهن سڀني شين مان اهو اندازو
ٿئي ٿو ته تن ڏينهن آيور ويدڪ جي علاج جو طريقو
پنهنجي شروعاتي روپ ۾ موجود هو (2). پورن رخن تي،
باقاعدي ۽ صحيح ترتيب سان، ٺهيل گهرن ۽ گهٽين جي
اڏاوت مان اهو اندازو ٿئي ٿو ته اتان جا ماڻهو
زندگيءَ ۾ آسماني اثرن جا قائل هئا ۽ علم، نجوم
سان به شوق هوندو هون. ڪن محققن جو خيال آهي ته
هتان جي ماڻهن جو سال شمسي حساب مطابق هوندو هو.
اهو اندازو هو ان مان ڪن ٿا ته سنڌو نديءَ ۾
سانوڻيءَ جي موسم ۾ ٻوڏ ۽ اهڙيءَ ريت مقرر ٿيل
مهينن ۾ گرميءَ ۽ سردي جون مندون اينديون هونديون،
۽ اهي موسمي تبديليون سج جي عمل تي مدار رکن ٿيون،
ان مان اهو به اندازو ڪيو ويو آهي ته هتان جا
رهاڪو چنڊ جي ڀيٽ ۾ سج کي وڌيڪ مڃيندا هئا، جنهن
جو وڌيڪ ثبوت اُهي سواستڪا جا نشان به آهن، جن کي
سج جو پرتو سمجهيو ٿو وڃي، جيڪي اُتان گهڻي تعداد
۾ لڌا ويا آهن.
|