قدرتي جانورن ۾ ڪونهين واري ڍڳي، گينڊي، بنان
ڪونهين جي ننڍن سڱن واري ڍڳي، شينهن ۽ هاٿيءَ جون
تصويرون گهڻي تعداد ۾ نڪتل آهن. انهن جانورن مان
سانههَ، گينڊي ۽ شينهن جي سامهون ڪونَر رکيل آهن.
ڪن مُهرن ۾ هاٿيءَ جي سامهون به ڪونر رکيل آهي. پر
ڪن ۾ وري نه به اٿس. بنان ڪونهين جي سڱن واري ڍڳي
جي سامهون ڪونر رکيل ڪونهن. اهي ڪونر شايد انهن
پاڪ جانورن وٽ خوراڪ جي ڀيٽا ڏيڻ جي خيال کي ظاهر
ڪن ٿا.انهن کان سواءِ گهيٽا، سوئر، ڪتا، ڀولڙا،
رڇ، سيهڙ ۽ نوريئڙا به دريافت ٿيا آهن، پر مهرن تي
انهن جون تصويرون چٽيل نه آهن. انهن جا مجسما ٽامي
جي پترن تي نڪتل آهن. يا وري مٽيءَ جا ٺهيل آهن.
ائين ٿو ڏسڻ ۾ اچي ته اِهي ٻارن جا رانديڪا هئا.
انهن کان سواءِ مٿي ذڪر ڪيل ٻين جانورن جي حيثيت
ڪجهه ڪجهه طلسمي ٿي لڳي. مُهرن تي اُڪريل انهن جا
نقش گهڻو ڪري هر گهر مان لڌا آهن. انهن جو مقصد ڇا
ٿي ٿو سگهي؟ انهيءَ لاءِ ڪجهه چوڻ مشڪل آهي. اهڙي
ئي قسم جي ٻين مهرن تي ديوين ۽ ديوتائن جون
تصويرون به آهن، جنهن مان اِهو اندازو ٿئي ٿو ته
حقيقي، غير حقيقي يا نيم حقيقي جيترا به جانور
آهن، انهن جي حيثيت هنن ماڻهن وٽ ٿوري يا گهڻي
مذهبي ضرور هئي. پر انهن جي انهيءَ مذهبي اهميت ۽
رتبي جو تعين ڪرڻ مشڪل آهي. نٿو چئي سگهجي ته
ڪهڙو جانور وڌيڪ مقدس سمجهيو ويندو هوندو ۽ ڪهڙو
گهٽ. ان لاءِ اسان وٽ ڪي به مضبوط دليل نه آهن!
تنهن کان سواءِ ڪنهن شيءِ مذهبي تقديس يا اهميت ۽
اُن جي پوڄا ڪرڻ لازم ملزوم نه آهن، ڇو ته ڪنهن به
جانور کي سدورو يا ندورو سمجهي سگهجي ٿو، پر ضروري
نه آهي ته ان جي وڄا به ڪئي وڃي!
پر اِهو گمان ڪرڻ غلط نه ٿيندو ته مرڪب
جانورن جون مورتيون (جن جا منهن ماڻهن جهڙا آهن) ،
ٽه مُنهيون مورتيون ۽ وڻن جون ديويون پوڄيون
وينديون هيون. اهڙيءَ طرح وڏا جانور مثال طور هڪ
سڱ وارو ڍڳو ، سانُهه، چيتو، هاٿي، گينڊو ۽ واڳو
وغيره کي ديوتا سمان سمجهيو ويندو هو، باقي ٻيا
جانور ڪنهن نه ڪنهن وهم جي ڪري به مذهبي اهميت
رکندا هئا. مثلاً هندن وٽ شينهن يا چيتو دوي ماتا
جي سواريءَ جو جانور سمجهيو ويندو هو، پر ماتا جي
تصور کان الڳ انهن جانورن جي ڪا به حيثيت ڪانهي،
بلڪ ماتا جڏهن غصي ۽ جلال ۾ اچي ٿي، ته چيتي جو
روپ پڻ وٺي ٿي بيهي. بهار جي گونڊ قوم جا ماڻهو ان
کي ”وگهئي ديوي“ يعني ”شينهن ديوي“ سڏيندا آهن.
ڀيل قوم جا ماڻهو انهيءَ قسم جي هڪ ديوتا جا مريد
آهن، جنهن کي هو ”واگهيا ڪنور“ يعني ”شينهن
شهزادو“ڪوٺيندا آهن. کنڊ قوم وٽ ساڳي ڌرتي ماتا
چيتي جي بجاءِ هاٿيءَ جو روپ ٿي وٺي.برصغير هنڌ-
پاڪ جي ويدڪ دور ۾ هاٿيءَ کي ”ايرادت“ يعني ’اندر
جي سواري‘ چيو ويندو هو، پر انهيءَ کي گڻيش يا
گنپت (عقل جو ديوتا ۽ خوشبختيءَ جو مجسمو) سمجهي،
ان جي پوڄا ڪندي پڻ ڏسجن ٿا. گڻيش شِوَ جو وڏو پٽ
آهي، جيڪو کيس پار پتيءَ مان ڄائو.ڏکڻ هندستان ۾،
جتي غير آريا گهڻائيءَ ۾ آهن، اڄ به گڻيش جي پوڄا
ڏاڍيءَ شرڌا سان ڪئي ويندي آهي.
هڪ مهر تي پاڏي جي شبيهه آهي، جنهن چند
ماڻهن تي حملو ڪري ڪيرائي ڇڏيو آهي ۽ پاڻ اُنهن جي
وچ ۾ فاتح بڻيو بيٺو آهي (پليٽ نمبر 19-2) . ٿي
سگهي ٿو اِهو خيال ڪنهن ديوتا جي دشمن تي فتح پائڻ
کي ظاهر ڪندو هجي. هڪ ٻئي هنڌ هڪڙو وڏو پاڏو ڪنهن
ماڻهوءَ کي سڱن تي کنيو بيٺو آهي. جهنگلي پاڏو
هندستان ۽ آفريڪا ۾ ڏاڍو خطرناڪ سمجهيو ويندوآهي.
ان کي ”يم“ معنيٰ (موت جي ديوتا جي سواري) به
چوندا آهن ۽ ”پاڻيءَ جو ڪارو ديوتا“ پڻ چوندا اٿس،
۽ ”پاٽوسَرَ“ جي نالي سان ان جي پوڄا به ڪئي ويندي
آهي. اهڙا پاڏا ڪيترين ئي مهرن تي اُڪريل آهن، ۽
اِهو عين ممڪن آهي ته سنڌو ماٿريءَ جي رهاڪن جي
ڪنهن خاص عقيدي سان تعلق رکندڙ هجن.
سانهه، ڪونهونءَ وارا ۽ بغير ڪونهونءَ جي
ڍڳا، هندو مذهب ۾ شِوَ مهراج سان لاڳاپو رکندڙ
آهن. شِوَ مت جا ماڻهو هنن جي پوڄا ڪندا آهن.سال ۾
هڪ ڏِڻ رڳو هنن جي پوڄا لاءِ مخصوص هوندو اٿن.
سانَهه کي داغ ڏيئي، شِوَ جي نالي آزاد ڇڏي ڏيڻ
ثواب جو ڪم سمجهنداآهن، ۽ اِهو عقيدو به اٿن ته
ٻئي جنم ۾ ساڳيو سانُهه سندن سواريءَ جي ڪم
ايندو.ويدڪ دور ۾ آريائي ديو مالا ۾ سانَهه کي اهو
درجو حاصل ڪونهي. چئي نٿو سگهجي ته سنڌ جا رهواسي
پنهنجا ڪهڙا عقيدا سانَهه سان وابسته رکندا هئا!
ڪيترين ئي مهرن تي گينڊي جي شڪل اُڪريل
آهي. (پليٽ 20-1) اڄڪلهه گينڊو برصغير هند- پاڪ ۾
گهڻو عدم پيدا ٿي چڪو آهي، ۽ نه وري ان سان
وابسته پراڻي تقدس جو ثبوت ملي ٿو. لهوٽا ناگا قوم
جا ماڻهو، سو اڃا سوڌو گينڊي جي هڏيءَ کي پنهنجي
ٻنين جي ڀرسان اِن لاءِ دفن ڪندا آهن، جو سندن
عقيدو آهي ته ائين ڪرڻ سان پيدائش جهجهي ٿيندي.
ڪن لڌل ثبوتن مان اِها ڳالهه به واضح ٿئي
ٿي ته نانگ کي به ديوتا سمان سمجهيو ويندو هو.
هڙاپا مان نانگ جي هڪ صاف چٽي مورتي لڌي آهي.
مهرن تي پڻ نانگ جون شڪليون نڪتل آهن. هڪ مهر تي
ڪنهن ديويءَ جي اڳيان ٻه شخص سجدي ۾ پيا آهن، ۽
ديويءَ جي پٺيان نانگ ديوتا ڦڻ ڪڍي، سسي جهڪائي
بيٺل ڏيکاريو ويو آهي. (پليٽ نمبر 19-8) . هڪ
ٻيءَ مهر تي ننڍڙيءَ ٿلهيءَ جي سامهون نانگ جي
تصوير آهي. ٿلهيءَ تي ننڍڙيءَ تسريءَ ۾ کير پيل
هئڻ جي خيال کي ظاهر ڪيو ويو آهي. ويدڪ دور ۾ نانگ
جي عقيدي جو تصور ڪو نه هو، پر بعد جي دور ۾ نانگ
جي تصوير کي يا سندس مجسمي کي ڪنهن ديويءَ يا
ديوتا جي اڳيان عقيدت جي اظهار ڪندي ڏيکارڻ
مصوريءَ جو ڪمال سمجهيو ويندو هو. مزي جي ڳالهه
هيءَ به آهي ته فنڪاريءَ توڙي آڱاڻين ۾ نانگ جو
پاڻيءَ سان خاص لاڳاپو ڏيکاريو ويو آهي. نانگ جي
پوٺا جي باري ۾ هڪ عقيدو هيءُ به آهي ته نانگ کي
پاڻيءَ جو روح سمجهيو ويندو هو. ٿي سگهي ٿو ته
سندس زهر ڀري، موتمار خاصيت ئي هن کي ماڻهن لاءِ
تقدس جو سبب بڻايو هجي. نانگن جي باري ۾ ڪيترائي
عقيدا آهن،پر اِها ڳالهه اڃا تحقيق جي محتاج آهي
ته سنڌو ماٿريءَ ۾ انهن سان لاڳاپيل
ڪهڙو عقيدو عام هو.
هڙاپا مان هڪ مهر لڌي آهي، جا ٻه- رخي
آهي- هڪ طرف اُن تي هڪ ٻئي کي ڪاٽينديون ٻه ليڪون
نڪتل آهن ۽ ٻئي پاسي باز جي شڪل نڪتل آهي، جنهن جو
مٿو ٿورو ڏائي پاسي جهڪيل آهي. باز جي ٻنهي کنڀن
تي هڪ هڪ نانگ ڏيکاريل آهي.(پليٽ نمبر 22-1) . اهو
نشان ميسو پوٽيميا ۾ به لڌو ويو آهي. سوسا، شام ۽
تل بارڪ ۾ به ساڳيا نشان موجود مليا آهن. سوسا ۾
هي ”نن گرسون“ آهي، جو نم اسپ“ جو آسماني شڪاري
روپ آهي. هندستان ۾ وري هي ”گرودا“ سان لاڳاپو
رکندڙ هوندو. گرودا، وشنو مهراج جي سواري آهي، جو
هميشه مک ۾ نانگ کڻي اُڏامندو ڏيکاريو ويندو آهي.
هتي جا ماڻهو ڳيري کي به مقدس سمجهندا
هئا. ان جا پتلا گهڻو ڪري سنگهاسن تي رکيل مليا
آهن. ڳيرو ميسو پوٽيميا ۽ ڪريٽ ۾ به مقدس سمجهيو
ويندو هو.
هندو مذهب ۽ ٻين پراڻن مذهبن ۾ ”هَر“
ديوتا جي سواريءَ لاءِ ڪو نه ڪو خاص جانور مقرر
آهي. مثال طور برهما راج هَنس تي سوار ٿيندو آهي،
شِو مهراج ڍڳي تي، شِوَ جي زال، درگا، شينهن تي،
شِوَ جو پٽ، گڻيش، ڪُئي تي، ۽ اهڙيءَ طرح ٻيا به
ڪي جانور ديوتائن ۽ ديوين سان لاڳاپو رکندڙ آهن يا
ديوتائن جون علامتون قرار ڏنا ويا آهن. يوناني جو
عقيدو هو ته ڪڏهن ڪڏهن ديوتا جانورن جي ويس ۾
ايندا آهن، تنهن ڪري يونان ۾ نانگ ”اسٿر“ جي، ڍڳو
”زيوس“ جي، ڳئون ”هيرا“ جي، سوئر ”ڊيمبر“ جي، ڪُئو
”اپالو“ جي، گهوڙو ”پوزيدان“ جي، هرڻ ”ارسميٽس“
جي، ۽ ڳيرو ”آفروڊائيٽ“ جي، شبيهه مڃيا ويندا هئا.
پر اِها خبر نه آهي ته سنڌو ماٿريءَ جا ديوتا
پاپياده سفر ڪندا هئا يا انهن جون به ڪي سواريون
مخصوص هيون، ۽ نه وري اِهو ئي ڀروسي سان چئي
سگهجي ٿو ته ڪهڙا ڪهڙا جانور ساڻن لاڳاپيل هئا.
ٻيا عقيدا: سنڌو ماٿريءَ جي رهواسين جي
مذهبي عقيدن ۾ پاڻيءَ کي به پاڪ ۽ پوڄا لائق
سمجهيو ويندو هو يا نه، اهو فيصلو ڪرڻ ذرا ڏکيو
آهي. پر موهن جي دڙي جي رهاڪن وٽ انهيءَ کي وڏي
اهميت حاصل هئي، تنهن جو اندازو سندن غسلخانن ۽
ٻين وهنجڻ ۽ ڌوءَ پوءَ جي جاين جي اهتمام مان ٿئي
ٿو. موهن جي دڙي کان وڌيڪ اهتمام ڌوءَ پوءَ جي
جاين جو ڪنهن ٻئي پراڻي شهر ۾ نٿو ڏسجي. هنن جو
اِهو حُسن انتظام ان ڳالهه جو دليل سمجهي سگهجي ٿو
ته هنن ماڻهن وٽ پاڻيءَ جي پاڪيزگيءَ جو خيال هو،
۽ ائين چوڻ ته ان جو بياد سندن مذهبي اعتقاد تي
بيٺل هو، غلط نٿو سمجهي سگهجي. ڇو ته برصغير هند-
پاڪ ۾ گهڻي زماني کان واهن، چشمن ۽ دريائن تي
وهنجڻ مذهبي عقيدن سان منسوب رهيو آهي. اڄ به ڪي
هندو پره ڦٽيءَ کان اڳ ڪنهن واهه تي، چشمي يا
درياءَ تي يا ڪنهن کوهه تي يا گهر ۾ ئي اشنان ڪرڻ
ضروري خيال ڪندا آهن. هنن جو خيال آهي ته اِئين
ڪرڻ سان هڪ ڏينهن جا گناهه ڌوپي پوندا آهن. گنگا
اشنان سان ته زندگيءَ سڄيءَ جا پاپ ڌوپجي صاف ٿي
وڃن ٿا. پاڻيءَ کي به هندو پاڪ ۽ پوتر سمجهندا
آهن، پر ان جي معنيٰ جي پاڻيءَ پرستش نٿي چئي
سگهجي. دريائن جي پرستش البت هڪ جدا ڳالهه آهي.
گنگا ۽ جمنا هندن لاءِ ديوين جي حيثيت
رکندڙ آهن. ۽ هو انهن دريائن جي پوڄا مذهبي فرض
سمجهي ڪندا آهن. پر آزاديءَ کان اڳ دريا شاهه جي
پوڄارين جو سڀ کان وڌيڪ متبرڪ مقام سنڌ ۾ هو. ممڪن
آهي ته سنڌو درياءَ جي پوڄا جي رسم گهڻي قديم هجي،
ڇو ته ”درياءَ جي پوڄا“ هڪ عالمگير اعتقاد رهيو
آهي. ۽ هيءَ راءِ بي بنياد نه ٿي ٿي سگهي ته سنڌو
ماٿريءَ جا ماڻهو پڪ ئي پڪ سنڌو درياءَ کي پوڄا جي
لائق سمجهندا هئا.
ڪيترين مهرن تي واڳونءَ جي شڪل نڪتل آهي.
(پليٽ نمبر 19-6) ، جن مان ڪن جي وات ۾ مڇي جهليل
ڏيکايل آهي. ٿي سگهي ٿو ته انهن کي به دريائي
ديوتا سمجهيو ويندو هجي، ڇو ته قديم زماني ۾
ڪيتريون ئي قومون واڳن کي به مقدس سمجهنديون هيون
۽ سندن پوڄا ڪنديون هيون. مڌيه پرديش جي سونجهر
قوم جا ماڻهو اڄ به واڳونءَ کي جيئرو جهلي، سندس
پوڄا ڪري، واپس کيس درياهه ۾ ڇڏي ڏيندا آهن. ڪي
جهنگلي قومون ڪاٺ جا واڳون ٺاهي، ٻن پِيل پاون ۾
لڙڪائي، ان جي پوڄا ڪندا آهن. واڳن جا ٻه قسم آهن-
هڪڙو واڳون ۽ ٻيو مانگر مڇ؛ پر پوڄا ٻنهي جي ڪئي
ويندي آهي.
ڪن مهرن مٿان سو استڪا جو نشان آهي (پليٽ
نمبر 20-2) . هيءُ نشان ايلام جي ابتدائي دور ۾ به
عام هو ۽ مقدس سمجهيو ويندو هو. آرين جو سو استڪا
سان تعلق پوءِ جي ڳالهه آهي.
ديوتائن ۽ روحن کي پرسن ڪرڻ لاءِ ناچ گاني
جي محفل کي مذهبي حيثيت حاصل آهي. سنڌو ماٿريءَ جي
ڪن مهرن تي به اهڙي قسم جا منظر اُڪريل آهن. هڪ
مهر تي آيل تصوير ۾ ڏيکاريل آهي ته هڪ ماڻهو ڍولڪ
ٿو وڄائي، ۽ ٻيا نچي رهيا آهن. ٻيءَ مهر تي وري
هڪ ماڻهوءَ کي شينهن اڳيان ڍولڪ يا مردنگ وڄائيندي
ڏيکاريو ويو آهي.(پليٽ نمبر 19-4) هڪ مهر تي هڪ
مست پاڏي اڳيان هڪ عورت کي نچندي ڏيکاريل آهي.
سنڌو ماٿريءَ ۾ ديوداسين جو به رواج هو يا نه-
ائين ڀروسي سان نٿو چئي سگهجي. پر ٻين قديم قومن
جي تهذيب ۾ انهن جو وجود ۽ سنڌو ماٿريءَ مان لڌل
ڪُٺ جو ٺهيل نچڻيءَ جو مجسمو، مردنگ ۽ تال ڏيڻ
لاءِ کڙتالون- انهن سڀني شين جي موجودگي انهيءَ
گمان کي وڌيڪ پختو ڪري ٿي ته رقص هتي عبادت ۾ شامل
هو، ۽ تنهن ڪري ديوداسين جو وجود به امڪان کان
ٻاهر نٿو ٿي سگهي.
تدفين
سنڌو ماٿريءَ جي رهاڪن جي ڪفنائڻ دفنائڻ
جي طور طريقي جي باري ۾ موهن جي دڙي کان هڙاپا ۾
وڌيڪ شاهديون مليون آهن. هڙاپا ۾ لڌل اهي آثار
سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب جي آخري دور سان تعلق رکن
ٿا. خيال آهي ته انهن مان ڪن جو تعلق اُن دور سان
آهي، جڏهن موهن جي دڙي کي زوال اچي چڪو هو، ۽
هڙاپا جي آباديءَ ۾ به نسلي تبديلي گهڻي اچي چڪي
هئي. موهن جي دڙي ۾ اڃا تائين ڪوئي باقاعده
قبرستان ڪو نه لڌو آهي. جدا جدا هنڌن تان انساني
هڏن جا پڃرا لڌا آهن، جن لاءِ اِئين چوڻ ته اُنهن
کي دفن ڪيوويو هوندو، ٺيڪ نه ٿيندو. ممڪن آهي ته
موهن جي دڙي ۾جڏهن وڌيڪ کوٽائيءَ جو ڪم ڪيو وڃي،
تڏهن ڪو قبرستان لڀي به پوي. هڙاپا ۾ ڪيترا
قبرستان مليا آهن، جن مان هڪ قبرستان کي آر 37 چيو
ويو آهي. هڪ ٻيو قبرستان ’جي‘ ايراضيءَ ۾ هو.
اهڙيءَ طرح مدفن آر- 37، ۽ هڙاپا جي ڪوٽ واريءَ ڀت
جي وچ ۾ هڪ ٻيو قبرستان لڌو آهي، جن کي مدفن ايڇ ،
چيو ويو آهي. انهن مقبرن مان جي باقيات لڌيون آهن،
تن مان پتو پوي ٿو ته سنڌو ماٿريءَ ۾ دفنائڻ جا ٽي
طريقا رائج هئا: 1- مڪمل تدفين
،
2- جزوي تدفين (4) ۽ 3- خاڪستري تدفين (5) .
مڪمل تدفين:
مڪمل تدفين جو مطلب آهي ته سمورو لاشو دفن ڪيو
وڃي. ان حالت ۾ لاش سان گڏ مٽيءَ جا ٿانوَ، مڻڪا،
سپ جا چمچا، عاج جون ٻه چار ٺڪريون ۽ ٻيا ڪي ننڍا
وڏا ٿانوَ، آخرت جي توشي طور، پوريا ويندا هئا.
هڙاپا ۾ جڏهن 1937ع ۽ 1946ع جي وچ ڌاري
کوٽائي ڪئي ويئي، ته ان جي ڪوٽ واريءَ ڀت جي اُتر
پاسي کان ٿورو مٿانهينءَ واري هنڌان ستونجاهه
قبرون نڪتيون. ان ٽُڪري کي مدفن آر- 37 چيو ٿو
وڃي. هن قبرستان ۾ سواءِ هيڪڙ ٻيڪڙ لاشن جي، گهڻو
ڪري سڀئي لاشا اُتر- ڏکڻ رخ تي رکيل آهن. انهن جا
منهن مسلمانن جي مردن وانگر اتر طرف ۽ پير ڏکڻ
پاسي آهن،۽ هر هڪ قبرستان مان پندرنهن ويهه پرڪن
ڪن مان ته چاليهه چاليهه، ٿانوَ به مليا آهن. ڪن
مردن کي زيور پاتل آهن، جي گهڻو ڪري سنگ صابو ۽
عقيق جي مڻڪن جا هار، ٽامي جون منڊيون ۽ ٽامي جي
سنهڙي ءَ تار مان ٺهيل واليون آهن. ڪنهن ڪنهن قبر
۾ هار سينگار جو سامان به پيل مليو آهي. مثال طور
ٽامي جا ديسي آئينا، ڪجل پائڻ جون سرايون، سپ جا
چمچا، وغيره هڪ قبر جي پيرانديءَ کان مٽيءَ جو ڏيو
۽ ڪڪڙ جون هڏيون پيل لڌيون ويون. گهڻو ڪري قبر جو
اهو توشو هيٺئين طبقي جي ماڻهن جو هوندو هو. انهن
سڀني قبرن مان ٻه قبرون خاص آهن، جن مان هڪ قبر ۾
اندران ڪچين سرن جي اوساري ڪري تابوتي صندوق ٺاهي
ويئي آهي، جنهن ۾ لاش رکيل آهي. دفنائڻ جو اِهو
طريقو ساڳئي زماني ۾ ڏکڻ بلوچستان ۾ نال جي مقام
تي به رائج هو. ٻيءَ قبر ۾ هڪ زنانو لاش ڪاٺ جي
تابوت ۾ رکي، دفنايو ويو آهي. هي تابوت ست فوٽ
ڊگهو، پيرانديءَ کان ٻه فوٽ ۽ سيرانديءَ کان اڍائي
فوٽ ويڪرو آهي.هيءُ تابوت ڏيڍ انچ ٿلهي ديال جي
لڪڙيءَ مان ٺهيل آهي. هن لاش جي هڏن جي مٿان ڇار
جي رنگ جو تهه چڙهيل هو، جنهن مان اندازو ٿئي ٿو
ته لاش کي سَرَن يا ڪانَن جي ڪفن ۾ ڍڪيو ويو
هوندو. هن لاش جي هڏن جي پڃري جي وچينءَ آڱر ۾ پتل
جي لسي ۽ سادي منڊي پاتل آهي، ۽ سپ جو ڇلو کوپريءَ
جي کٻي پاسي، ۽ اهڙي قسم جا ٻه ڇلا ڪنڌ جي مٿان
پيل پڻ ڏٺا ويا، جي شايد ڪننن جون واليون هونديس.
هن قبر ۾ ستٽيهه ٿانوَ پيل هئا، جن ۾ صرف هڪڙو
تابوت جي اندر هو ۽ باقي ٻيا مٿن کان ٽڙيل پکڙيل
پيا هئا. هيءَ قبر برصغير هند- پاڪ ۾ پنهنجي قسم
جي اڪيلي قبر آهي، ۽ سارگن ۽ قبل- سارگن دور يعني
”تقريباً“ . 230 قبل مسيح جي ميسو پوٽيميا جي
تابوتي قبرن سان مشابهت رکي ٿي.
بلوچستان جي نال ۽ شاهي ٽپ هنڌن ۾ به مڪمل
تدفين جا نشان مليا آهن. نال ۾ مڪمل تدفين سان گڏ
جزوي تدفين جا به آثار ملن ٿا. اُتي لاشن سان گڏ
ڪيترائي ٿانوَ به دفن ٿيل آهن، جن مان ڪي کائڻ
پيئڻ جي استعمال جا آهن، ۽ ڪي وري آخرت جي سفر ۾
ڪم اچڻ لاءِ آهن. شاهي ٽمپ ۾ لاشن کي پٺ ڀر يا
پاسيرو دفن ڪيو ويو آهي. انهن جي به مٿن ۽ پيرن
کان ٿانون جا ڍير پيل مليا آهن. ڪن ٿانون ۾ وري
دنبن ۽ ٻڪرن جون هڏيون پيل هيون. تنهن کان سواءِ
ٿر جا مڻڪا، ٽامي جون ڪي شيون، نيزن جون چهنبون ۽
اهڙو ئي ٻيو سامان اُتان لڌو ويو آهي.
جزوي تدفين: جزوي تدفين جو مطلب آهي ته لاش کي
کليو ڇڏي ڏجي، جيستائين ڪ ماڪوڙيون ۽ ڳجهون سندس
ماس کائي کپائي نه ڇڏين، ۽ پوءِ باقي بچيل هڏين کي
دفنائي ڇڏجي. موهن جي دڙي ۾ اهڙو مثال ايڇ – آر
ايراضيءَ جي هڪ گهر مان لڌل هڪ هڏن جي پڃري جي
ڪجهه هڏين مان ملي ٿو. هتان هڪ ڀڳل ٽٽل مٽيءَ جي
ٿانوَ ۾ رکيل هڪ کوپري لڌي هئي. ڀرسان ئي ڪجهه
ٽڪرا هڏين جا به پيل هئا.مٽيءَ جا ٿانوَ، پٿر جا
اوزار، سپ جا چمچا، عاج جا ٻه ٽي ٽڪر، ۽ ڪي ننڍڙا
ٿانوڙا به کوپريءَ جي ڀر ۾ پيل هئا. هيءَ کوپري
موهن جي دڙي جي وچئين دور جي هڪ گهر جي فرش هيٺان
لڌي، ۽ جنهن ٿانوَ ۾ پيل هئي، تنهن مٿان ٻارنهن-
سڱي سامبر، پپر جي پنن سان ڀريل شاخن۽ اهڙي قسم
جا ٻيا نقش اُڪريل هئا. اهڙي قسم جا نقش ۽ چٽ نال-
جدت نصر ۽ ٻين قديمي هنڌن تان به مليا آهن. وي-
ايس ايراضيءَ ۾ به اهڙي قسم جا مدفن دريافت ٿيا
آهن. هڪ هنڌان ڪيتريون ئي انساني هڏيون، طرح طرح
جا مٽِءَ جا ٿانوَ، پڪل مٽيءَ مان ٺهيل جانورن جي
شڪل جا رانديڪا، پٿر جا اوزار ۽ اهڙيون ٻيون شيون
هٿ آيون آهن. ڪن ٿانون ۾ سڙيل هڏيون به پيل هيون.
هڙاپا ۾ سَوَ کان وڌيڪ جزوي تدفين جا نشان
مليا آهن، جن ۾ اي- بي ٺل جي ٻئي تهه وارا نشان
موهن جي دڙي جا همعصر آهن. هتي ٻه کوپريون، هڪ
هيٺينءَ ڄاڙِءَ جو هڏو ٻيون ڪي ٿوريون هڏيون ۽ هڪ
ڀڳل آرتي (پوڄا) ٿالهه هڪ گهر جي ڪنڊ ۾ دفن ٿيل
مليا هئا. انهن جي ٻن پاسن کان سرن جا ٺهيل پنوڙا
موجود هئا، جيڪي شايد ان پاسن کان سرن جا ٺهيل
پنوڙا موجود هئا، جيڪي شايد ان جي قبر هجڻ جو
اظهار ڪن ٿا. اهڙيءَ ريت ’جي‘ ايراضيءَ ۾ پڇ مدفن
جي هيٺين تهن مان پندرهن کوپريون، جانورن جون
هڏيون ۽ مختلف قسم جا مٽيءَ جا ٿانوَ لڌا ويا آهن.
هڙاپا جو سڀ کان وڌيڪ اهم قبرستان مدفن ايڇ آهي.
هيءُ مدفن آر- 37 ۽ قلعي واريءَ ڀت جي وچ ۾ واقع
آهي. ان جا ٻه تهه آهن. هيٺيون تَههُ موجوده مٿئين
تهه کان ڇهه فوٽ هيٺ آهي، ۽ مٿيون تهه زمين جي
مٿاڇري کان ٻه يا ٽي فوٽ هيٺ آهي. هيٺئين تهه ۾
تقريباً ٻه ڊزن هڏاوان پڃرا لڌا آهن. انهن جا
گوڏا مڙيل هئا ۽ مٿا اڀرندي يا اُتر اڀرندي پاسي
هئن. انهن مان ڪي لاشا جزوي تدفين جي طريقي تي
دفن ٿيل آهن. مٿئين تهه ۾ کوپڙيون ۽ ڊگهيون هڏيون
وڏن خاڪدانن ۾ رکي دفن ڪيل آهن. ٻارن جا سڄي جا
سڄا لاشا خاڪدانن ۾ رکي دفن ڪيل لڌا آهن. انهن
ٿانوَن جا مُنهن ڍڪڻ سان بند ڪيا ويندا هئا. هنن
خاڪدانن تي ٿيل نقاشي سنڌو ماٿريءَ جي ٻين ٿانوَن
تي ٿيل نقاشيءَ کان مختلف آهي. انهن جن مٿين ڀاڱن
۾ پٽيون نڪتل آهن، جن جي هيٺان وڻندڙ چٽن جا
ويڪرا پٽا ڏنل آهن. انهن تي هڪ اهڙي انساني شڪل پڻ
نقش ٿيل ملي آهي، جنهن جي صورت جهرڪين جي چهنب مثل
آهي. هيءُ ماڻهو يا ديوتا به ڍڳا جهليو بيٺو آهي ۽
انهن ڍڳن جي پٺيان ڪتو، اڏامندڙ مور ۽ هڪ ڪافي وڏي
ٻڪري بيٺل ڏيکاريل آهي، ۽ ٻڪريءَ جي سڱن تي اَٺَ،
ترسول ٺهيل آهن. ڪن تصويرن ۾ مور جي پيٽ ۾ ليٽيل
ماڻهوءَ جو خاڪو بنايو ويو آهي. هنن چِٽن ۽ تصويرن
۾ ويدڪ دور جي انهن خيالن جي جهلڪ ملي ٿي، جن ۾
انساني روح کي آسمان تي مٿي وٺي وڃڻ لاءِ هِن قسم
جي سوارين جي مدد جي ضرورت محسوس ڪئي ويندي هئي.
خاڪستري مدفن:
لاشن کي ساڙي، انهن جي رک ڪنهن ٿانوَ ۾ رکي دفن
ڪرڻ کي خاڪستري مدفن چيو ويو آهي. هيءَ رک ويڪري
منهن وارن اهڙن ٿانوَن ۾ رکي ويندي هئي، جيڪي
گهريلو ڪم ۾ ايندڙ ٿانون کان جدا قسم جا هوندا
هئا. انهن ۾ انساني هڏيون تمام ٿوريون ۽ اتفاق سان
مليون آهن. انهن ۾ هڏين جو موجود هئڻ ايترو اهم به
نه آهي، ڇاڪاڻ ته مدفن جي هن طريقي ۾ مقصد ئي رک
جي دفن ڪرڻ جو هو. هنن خاڪدانن ۾ ننڍا ننڍا ٿانوَ
مثلاً پياليون، ساسريون ۽ نوڪدار تري واريون
گهگهيون، مهرون ۽ پڪل مٽيءَ جا جانور مثلاً ٻڪري ۽
رڍ، مڇين جا ڪنڊا، پٿر جا اوزار ۽ ڪوئلا وغيره
مليا آهن. هڪ گهر مان لڌل خاڪدان ۾ ٿوريون سڙيل
انساني هڏيون، جن ۾ هڪ کوپري ۽ هٿ جي آڱرين جون
هڏيون آهن، ۽ ٿوريون گهگيون پيل مليون آهن،هڙاپا ۾
موهن جي دڙي کان وڌيڪ خاڪدان مليا آهن. موهن جي
دڙي ۾ اهڙا خاڪدان فقط ڇهن هنڌن تان لڌا آهن.
موهن جي دڙي مان ڪيترن هنڌان تمام گهڻا
هڏاوان پڃرا هٿ آيا آهن، جن جي باري ۾ هيءُ اندازو
ڪيو ويو آهي ته اهي ڪنهن نه ڪنهن حادثي جو شڪار
ٿيا آهن. ايڇ- آر ايراضيءَ ۾ هڪ جاءِ جي فرش هيٺان
41 هڏاوان پڃرا هٿ آيا آهن. انهن مان 40 مردن ۽
عورتن جا ۽ هڪ ٻار جو پڇرو هو.
انهن سان گڏ سپيءَ مان ٺهيل زيور، ٽامي جا ڪڙا،
منڊيون۽ مڻيا به هٿ آيا آهن. ڪن هڏن ۾ زيور پيل
ڏسڻ ۾ آيا آهن، جن مان هيءُ اندازو ٿئي ٿو ته هنن
ماڻهن کي مرڻ وقت زيور پاتل هئا. ڇهه هڏاوان پڃرا
وي- ايس ايراضيءَ مان مليا آهن. انهن مان هڪ ٻار
جو پڃرو آهي. هڪ هڏائون پڃرو مردن واري گهٽيءَ مان
سالم شايد انهن مان هڪ لاش به دفن نه ڪيو ويو هو،
پر هو ڪنهن نه ڪنهن اوچتيءَ آفت جو شڪار ٿيا هئا،
۽ انسانن جي هٿان پورجڻ بدران قدرت جي هٿن انهن کي
دفن ڪري ڇڏيو. اهڙيءَ ريت انهن لاشن مان سنڌو
ماٿريءَ جي ماڻهن جي لاشن پورڻ جي طريقي متعلق ڪو
به نتيجو ڪڍي نٿو سگهجي.
هڙاپا ۽ موهن جي دڙي جا شهر بين الاقوامي
صفت جا شهر هئا. ظاهرآهي ته هتي مختلف نسلن ۽ قومن
جا ماڻهو رهيا هوندا. اهي ماڻهو ڪهڙي دور ۾ رهيا
هوندا ۽ انهن جون رسمون ۽ اعتقاد ڪهڙا هوندا، ان
۾ ضرور منجهن تفاوت هوندو. انهيءَ ڪري انهن جي
ڪفنائڻ دفنائڻ جي رسمن ۾ به لازمي طور فرق رهيو
هوندو. ٿي سگهي ٿو ته سنڌو ماٿريءَ جي رهاڪن مان
ڪجهه ماڻهو پنهنجي لاشن کي پوريندا ۽ انهن سان
سامان به رکندا هئا، ڪي ماڻهو پنهنجي لاشن کي
کُليءَ فضا ۾ رکي ڇڏيندا هئا ۽ گوشت ڳري وڃڻ کان
پوءِ هڏن کي گڏ ڪري، ٿانوَن ۾ وجهي پوري ڇڏيندا
هئا، ۽ ڪي وري لاشن کي ساڙي، خاڪ ۽ هڏيون ڪنهن
ٿانوَ ۾ وجهي پوري ڇڏيندا هئا. ائين نٿو چئي سگهجي
ته ان وقت لاشن کي درياءَ ۾ اڇلڻ جو به ڪو رواج
هو.
نسلي جائزو
سنڌو ماٿريءَ جي ماڻهن جو نسلي جائزو ۽
سندن جسماني ڊول جو اندازو انهن ٻن باقياتي نشانن
جي ڇنڊڇاڻ وسيلي ئي ڪري سگهجي ٿو، جيڪي هنن جي
کوپڙين ۽ هڏانون پڃرن، ۽ ڪُٺ ۽ پٿر جي ٺهيل انساني
مجسمن تي مشتمل آهن. موهن جي دڙي، هڙاپا ۽
چانهونءَ جي دڙن مان 50 کوپڙيون ۽ هڏاوان پڃرا ۽
بي انداز ڇڙوڇڙ هڏا مختلف هنڌن ۽ مختلف حالتن ۾
مليا آهن. انهن مان ڳچ باقاعدي دفن ڪيل آهن ۽ گهڻا
ڪنهن اوچتي حادثي جو شڪار ٿيل آهن.باقاعدي دفن ٿيل
نشان ان تهذيب جي سڀ کان اهم مدفنن يعني هڙاپا جي
ايراضيءَ جي ۽ مدفن آر- 37 مان مليا هئا، پر افسوس
آهي ته ان پڃرن جو نه ته اڃا تائين ڪو تفصيلي
جائزو ئي ورتو ويو آهي ۽ نڪا وري تفصيلي رپورٽ ئي
شايع ٿي آهي.انهيءَ ڪري وري به اسان کي موهن جي
دڙي جي گهٽين ۽ جاين مان هٿ آيل هڏانون پڃرن جي
تحقيق جي رپورٽ تي ئي ڀاڙڻو پوندو. هيءَ کوجنا
مارشل، مئڪي، ڪرنل سيول ۽ مسٽر گوها شايع ڪئي آهي،
۽ انهن جي رپورٽ مان پتو پوي ٿو ته موهن جي دڙي ۾
آسٽريليائي، ڀونچ سمنڊ، آلپيني ۽ منگولي، گويا چئن
مختلف نسلن جا ماڻهو آباد هئا. هٿ آيل کوپڙين مان
اڌ کان وڌيڪ گهڻو ڪري هڪ ئي نسل جي ماڻهن سان تعلق
رکن ٿيون ۽ انهن جو ڀونچ سمنڊ جي نسل سان تعلق
ڏيکاريو ويو آهي.پروفيسر اِسٽوئرٽ پوگٽ ڀونوچ سمنڊ
وارن ماڻهن جي باري ۾ لکيو آهي
ته ”موجوده زماني ۾ هي ماڻهو سائبيريا کان هندستان
تائين وڏي تعداد ۾ پکڙيل آهن. هن جنس جا خاص نمونا
فلسطين ۾ نطوني دور جا مليا آهن.انساني نسل جو هي
ٽولو اتر آفريڪا جي ڏاکڻين لاهه ۽ ايشيا ۾ ٻين
نسلن جي ماڻهن کان ممتاز رهيو هوندو. فرعونن جي
دور کان اڳ جا ماڻهو انهيءَ ئي جنس سان تعلق
رکندا هئا. هن گروهه جا بلڪل خالص نمائندا عرب جي
اپٻيٽ ۾ ملن ٿا.هي ماڻهو اتر هندستان جي آبادين ۾
۽ پڻ ٻين هنڌن جي اعليٰ جاتين ۾ به ملن ٿا. هي
وچولي قد جا به آهن ۽ قداور به .رنگ سانورو به ۽
پيلي قسم جو بادامي به اٿن. کوپڙي ۽ منهن ڊگهو،
سنهو، اڀريل ۽ ڊگهو نڪ، وار ڪارا، اکيون وڏيون ۽
ڪاريون به ۽ بادامي به اٿن. ۽ بدن اڪثر نازڪ ۽
ڪمزور به ٿئين. قديم آثارن جون شاهديون ٻڌائين
ٿيون ته ڊگهيءَ کوپريءَ وارا هي ڀونوچ سمنڊ جي
ايراضيءَ وارا ماڻهو سيالڪ، اناو، العبيد، علي شهر
وغيره، اولهه ايشيا جي قديم ترين ڪاشتگار آبادين ۾
هر هنڌ موجود هئا. العبيد جي هنڌ تان لڌل کوپڙيون
موهن جي دڙي جي کوپڙين سان ظاهر ويجهڙائپ رکن
ٿيون.“
ڪرنل سيول جي اندازي موجب سنڌو ماٿريءَ ۾
هن نسل جي مردن جو قد پنج فوٽ سوا چار انچ، ۽
عورتون چار فوٽ نوَ انچن کان وٺي چار فوٽ ۽ سوا
چئن انچن تائين قد جون هونديون.
ٽي کوپڙيون پروٽو آسٽرلايڊ
يا آسٽريليائي نسل جون مليون آهن- هي ماڻهو هتان
جا قديمي يا اصلي رهاڪو هوندا. هي ننڍي قد جا
هوندا هئا ۽ ڪرنل سيول جي اندازي موجب انهن جو قد
سراسري طور پنج فوٽ هڪ انچ هوندو هو.انهن جو رنگ
گهرو ڪارو، ورن وارا ۽ گهنڊيدار ڪارا وار، ڊگهو
مٿو، نڪ ويڪرو ۽ مِنو، چپ ٿلها ۽ گوشت سان ڀريل
هوندا هئا.هن نسل جا ماڻهو اڄ به وچ ۽ ڏکڻ هندستان
۾ ڏسڻ ۾ اچنٿا، ۽ برهمڻ انهن سان اڇوتن جهڙو
برتاءُ ڪن ٿا.
منگول نسل جي فقط هڪ کوپڙي ملي آهي. ان
کان سواءِ موهن جي دڙي مان هٿ آيل کوپڙين مان هڪ
کي يقين سان ۽ ٽن کي شڪ سان آلپيني نسل
جو ڄاڻايو ويو آهي.
جِي ايراضيءَ ۽ مدفن آر- 37 مان هٿ آيل
هڏانون پڃرن جي سراسري جائزي مان جيڪي نتيجا ڪڍيا
ويا آهن، انهن مان پتو پوي ٿو ته هي انهيءَ نسل جي
ماڻهن جا آهن، جن جا مٿا وڏا ۽ ڊگها يا بيضوي آهن؛
کوپڙيءَ جو مٿيون هڏو اُڀريل، چهرو ڊگهو ۽ نڪ
ويڪرو آهي. اِهي موهن جي دڙي جي آسٽريليائي نسل
سان مشابهه آهن.
هن سلسلي ۾ رهنمائي ڪرڻ وارا ٻيا نشان پٿر
۽ ڪُٺ جا ٺهيل انساني مجسما آهن؛ پر انهن مان
ڀروسي جوڳا نتيجا اخذ ڪرڻ مشڪل آهي ۽ انهن نتيجن
کي سامهون رکي، وري کوپڙين ۽ هڏانون پڃرن سان انهن
جي ڀيٽ ڪرڻ زياده صحيح نٿي ٿي سگهي؛ ڇاڪاڻ ته هي
مجسما نقل هئڻ جي ڪري اصل جيان ڪين ٺاهيا ويا آهن.
اُنهن جا مهانڊا زياده صاف به نه آهن. بهرحال،
موهن جي دڙي مان هٿ آيل چار مجسما توجهه طلب آهن.
هڪڙو ڪُٺ جو ٺهيل هڪ رقاصه جو مجسمو آهي، جنهن جي
وارن جو سينگار ۽ ٻي سجاوٽ ڏکڻ بلوچستان جي ڪِلي
ڪلچر جي پڪل مٽيءَ جي مورتين سان مشابهه آهي.
ٿُلهن ۽ ڀريل چپن واريءَ هن عورت جو آسٽريليائي
نسل سان لاڳاپو ڏيکاري سگهجي ٿو. آسٽريليائي نسل
جي ماڻهن جو ڪارو رنگ ۽ ڏکڻ بلوچستان جي قديم نالي
”گيڊروشيا“
يعني ”ڪاري رنگ جي ماڻهن جو ملڪ“ جو تعلق به بي
سبب نٿو ٿي سگهي
چُن ۽ پٿر مان ٺهيل هڪ ماڻهوءَ جي کوپڙيءَ
جو مجسمو به نهايت اهميت وارو آهي. (پليٽ نمبر 14-
ب). هن جي ننڍي ۽ پوري وَريل ڏاڙهي، مٿي تي ڄميل ۽
وَريل وار، جيڪي ونگوڙي جي شڪل ۾ ڇڪي مٿان پَٽي
ٻڌي ويئي آهي، ان جي ڀونوچ سمنڊ جي نسل منجهان هئڻ
ڏانهن اشارو ڪن ٿا. هڪ ٻئي مجسمي جون اکيون انجي
منگول نسل جي فرد هئڻ جي ثابتي ڏين ٿيون.
سنڌو ماٿريءَ جي رهاڪن جي نسل جي باري ۾
کوجنا ڪندڙن ڪجهه ٻيا نظريا به قائم ڪيا آهن. انهن
کي دراوڙ، بروهي، سميري، پانِي، آشور، رواتي،
واهيڪي، داس، ناگا ۽ آريا وعيره به چيو ويو آهي
. اڪثريت اهڙن محققن جي آهي، جيڪي انهن کي دراوڙ
سمجهن ٿا. پر دراوڙ جو لفظ برصغير هند- پاڪ ۾، غير
آريائي زبان ڳالهائڻ وارين سڀني قومن لاءِ استعمال
ڪيو ويو آهي؛ جنهن مان هيءَ ڳالهه چڱيءَ ريت سمجهه
۾ اچي سگهي ٿي ته دراوڙ نسلي گروهه کان وڌيڪ لساني
گروهن جو نالو آهي. اهڙيءَ ريت هتان جا اُهي رهاڪو
به، جن کي پراچين هندستان جا رهاڪو چيو وڃي ٿو، ۽
جيڪي اڄ به وچ ۽ ڏکڻ هندستان ۾ نيم وحشي زندگي
بسر ڪن ٿا ۽ پروٽو آسٽر لايڊ يا آسٽريليائي نسل
مان تعلق رکن ٿا، دراوڙ ڪوٺجن ٿا، ۽ خود اُهي
رهاڪو به دراوڙ سڏيا وڃن ٿا، جن کي ڀونوچ سمنڊ جي
نسل سان تعلق رکندڙ سمجهيو وڃي ٿو ۽ جن جي باري ۾
هيءُ گمان ڪيو وڃي ٿو ته هو هندستان ۾ آرين جي اچڻ
کان ڪيترا هزار سال اڳ داخل ٿي چڪا هئا. بروهي
جيڪي دراوڙي زبان ڳالهائين ٿا، اهي ترڪي- ايراني
نسل جا آهن
۽ نسلي اعتبار سان وچ ۽ ڏکڻ هندستان جي دراوڙي
زبان ڳالهائڻ وارن ٻين نسلن کان بلڪل مختلف ۽
برصغير هند- پاڪ جي ٻين قومن کان الڳ آهن. مطلب ته
ائين، بهرحال چئي سگهجي ٿو ته سنڌو ماٿريءَ جا
ماڻهو بروهي نه هئا. سميري ماڻهن جي نسلي ڪيفيت جي
باري ۾ اڃا ڪا به قطعي ڳالهه معلوم نه آهي. البت
موهن جي دڙي جي ماڻهن سان انهن جا تمام ويجها
تعلقات هئا، ۽ هيءَ ڳالهه قبول ڪري سگهجي ٿي ته
سنڌو ماٿريءَ ۾ ڪافي سميري آباد هئا. پاني ۽ ٻين
قومن جي باري ۾ اڃا تائين
اهڙو ڪو به پڌرو دليل پيش نه ٿيو آهي، جو اسين
انهن کي ڪنهن معلوم ٿيل نسلن سان لاڳاپيل ڏيکاري
سگهون ۽ هن ڳالهه تي به تقريباً سمورا کوجنا ڪندڙ
متفق آهن ته سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب آرين جي
هندستان ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ جي تهذيب آهي، انهيءَ
ڪري اُتان جي ماڻهن کي آريو چوڻ بلڪل غلط ۽ نسلي
عصبيت هڪ اڻ وڻندڙ مثال آهي.
رسم الخط
قومن ۽ ملڪن جي تاريخ ۾ زبان ۽ رسم الخط
جو مسئلو وڏي اهميت رکي ٿو، ۽ ان جي ترقيءَ ۽ تنزل
سان گڏوگڏ زبان ۽ رسم الخط کي به عروج ۽ زوال ڏسڻو
پيو آهي. تاريخ شاهد آهي ته جن قومن کي دنيا ۾
عروج نصيب ٿيو، ان جي زبان ۽ رسم الخط به عروج ۽
ترقيءَ جون منزلون طئه ڪيون. اهڙيءَ طرح ان قوم جي
زوال سان گڏوگڏ ان جي زبان به ڏينهون ڏينهن پٺتي
پوندي ويئي- ايستائين جو هڪ مخصوص دائري ۾ محدود
ٿي، مرده ٿي ويئي، ۽ پوءِ زماني جي اڳتي وڌڻ سببان
نوبت انهيءَ حد تائين پهتي، جو نڪي ڪنهن ان زبان
کي ٻُڌو ۽ نه وري ڪوئي ڪاغذ جوان جي اکرن جو اثر
قبولي سگهيو. البت ڪٿي پٿر ۽ سِر، ڪٿي وڻ جي کَل ۽
پن، ڪٿي جانورن جي هڏن، قبرن جي تختين، مٽيءَ جي
ٿانوَن، ڌاتن جي ٽڪرن يا ويران عمارتن جي پراڻين
ڀتين تي، قديمي آثارن وانگر، انهن جا باقي نشان
رهجي ويا.
ڪا به زبان، زندهه هجي يا مرده، هڪ تاريخ
نويس جي خيال کان ان جي اهميت ۾ فرق نٿو پوي. پر
مرده زبانون جيڪي قديم ماڻهن سان تعلق رکندڙ آهن،
اهي تاريخ جي لحاظ سان وڌيڪ اهميت رکن ٿيون، ڇاڪاڻ
ته ان زماني جي نامعلوم تاريخ گڏ ڪرڻ ۾ اُهي وڏي
مدد ڏين ٿيون. البت اُنهن زبانن کي پڙهڻ لاءِ
وڏيءَ کوجنا جي ضرورت پوي ٿي. انهيءَ ڪري تقريباً
هر قديم ۽ اڻڄاتل تحرير شروع ۾ غلط سلط پڙهي
ويئي، پر پوءِ لسانيات جي ماهرن جي کوجنائن نيٺ
اصلي حقيقت کي کولي ظاهر ڪيو. هن محنت ۽ تڪليف جو
نتيجو هيءُ نڪتو ته مصر، سمير، ايلام ۽ يونان جون
زبانون پڙهيون ويون، جن مان انهن قومن جي تاريخ
زياده روشن ٿي ويئي.
سنڌو ماٿريءَ جي فرزندن جو به پنهنجو رسم
الخط هو، پنهنجي زبان هئي ۽ ان ۾ ئي لکندا پڙهندا
هئا. پر افسوس،جو هيءَ زبان اڄ چند مهرن ۽ ٿانون
تي ڳچ نشانين کان سواءِ ڪٿي به محفوظ نه آهي. ممڪن
آهي ته هيءَ تحرير ٻين چيزن تي به لکي ويئي هجي،
پر اهي سڀ ناس ٿي چڪيون آهن، ۽ انهن جا آثار اڄ
ڪٿي به نٿا ملن. هي هٿ ڪيل تحريرون بنهه مختصر
آهن. سڀ کان وڏي تحرير فقط سترهن اکرن تي مشتمل
آهي.هي تحريرون تصويري نشانيون آهن، جن کي اڃا
تائين پڙهيو نه ويو آهي، ڇاڪاڻ ته اسان کي نڪي ته
انهن ماڻهن جي زبان معلوم آهي ۽ نه وري انهن جو
رسم الخط. انهيءَ کان سواءِ ڪنهن اهڙي ڪتبي جو پتو
به پئجي نه سگهيو آهي، جنهن ۾ عبارت ٻن زبانن ۾
لکيل هجي، ته جيئن هڪ جي مدد سان ٻيو رسم الخط
پڙهي سگهجي.
پر جيئن ته هن تهذيب برصغير هند- پاڪ جي
قديم تاريخ جي باري ۾ اسان جي تصور کي پوريءَ ريت
بدلائي ڇڏيو آهي، تنهن ڪري هن تهذيب جي حالات جي
صحيح واقفيت حاصل ڪرڻ لاءِ، هنن تحريرن جو پڙهڻ
نهايت اهم ۽ ضروري سمجهيو وڃي ٿو، ۽ ان ڪري ڪيترن
لسانيات جي ماهرن پنهنجي تحقيق ۽ تلاش هن ڏس ۾ صرف
ڪئي آهي ۽ ڪيترا ٻيا صرف ڪري رهيا آهن. هنن کوجنا
ڪندڙن ۾ سڀني کان اول مسٽر ويڊل جو نالو وٺي سگهجي
ٿو، جنهن جو خيال آهي ته سنڌوماٿريءَ جي رسم الخط
جي سميري رسم الخط سان گهڻي هڪجهڙائپ آهي.هن جي
راءِ آهي ته موهن جي دڙي جا ماڻهو آريا هئا،
انهيءَ ڪري هن سنڌو ماٿريءَ جي مهرن جي نشانن جي
سميري رسم الخط جي نشانن سان ڀيٽ ڪرڻ کان پوءِ ان
۾ ويدن واري دور جي بزرگن ۽ ديوتائن جي نالن تلاش
ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پر، هن جي مطالعي جو طريقو ۽
ان جا نتيجا اڻپورا هئا. ان کان پوءِ سر جان مارشل
جي ڪتاب ”موهن جو دڙواينڊ انڊس ويلي سويلائيزيشن“
شايع ٿيو. ان ۾ رسم الخط تي ٻه باب شايع ڪيا ويا
آهن. ان ۾ پروفيسر لينگڊن هڪ نئون نظريو پيش ڪيو ۽
هن رسم الخط کي برهمي زبان سان هڪ جهڙائپ رکندڙ
ڄاڻايو. پر هيءُ نظريو صحيح نه آهي، ڇاڪاڻ ته
برهمي زبان يقيني طور فيونيشي زبان تان ورتل آهي
۽ ان جو هِن سنڌو رسم الخط سان ڪو به واسطو نه
آهي. هڪ ٻئي کوجنا ڪندڙ مسٽر گيڊ جو خيال آهي ته
هي تحريرون رُڪني آهن ۽ هڪ قديم هند- آريائي زبان
سان تعلق رکندڙ آهن،۽ مهرن تي عام طرح سان نالا
تحرير ڪيا ويا آهن. پر هن جي دليلن جي علمي حيثيت
کي قبول نه ڪيو ويو آهي. سر جان مارشل جي ڪتاب
شايع ٿيڻ کان پوءِ ڊاڪٽر پران ناٿ ان رسم الخط تي
ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. هن هڪ ڀيٽا واري پٽي مرتب ڪئي،
جنهن ۾ انهن نشانن کي برهمي زبان جي اکرن سان
مطابق، ڏني ويئي هئي. جيتوڻيڪ هن جي ڪم جو طريقو
صحيح هو، پر هن اهو نظرانداز ڪري ڇڏيو ته اشوڪ جي
برهمي زبان جي ڪتبن ۽ موهن جي دڙي جي وچ ۾ هزارن
سالن جي عرصي جو فرق آهي، ۽ ان عرصي ۾ نشان،
جيڪي شروع ۾ هڪ لفظ يا جملو هوندا هئا، سي ڦري
اکر بنجي چڪا هئا. ڊاڪٽر پران ناٿ کان پوءِ
”مصريات“ جي عالم سر قلنڊرس پيٽري هن ڳجهارت ڀڃڻ
جي ڪوشش ڪئي. هن انهن مهرنجي نشانين ۾ قديم
مصري زبان جي اکرن پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي. هن جي نزديڪ
هي مهرون ان زماني جي سرڪاري عملدارن جون مهرون
آهن، جن تي نالي جي بدران انهن جا عهدا لکيل آهن.
هي نظريو انهيءَ ڪري به غلط آهي، جو موهن جي دڙي
مان هزارين مهرون مليون آهن- ۽ هر مهر جي تحرير
ٻيءَ مهر جي تحرير کان الڳ آهي، جنهن جي معنيٰ
هيءَ ٿي ته اتي هزارين عهديدار هئا، ۽ اها ڳالهه
ڪنهن به طرح مڃڻ جوڳي نه آهي. سر فلنڊرس کان پوءِ
هڪ ٻئي مشرقيات جي ڄاڻوءَ، هويسي، ان رسم الخط جو
سلسلو ”اِيسٽر ٻيٽن“ مان هٿ آيل ڪاٺ جي تختين تي
اُڪريل ڪتبن سان ملايو آهي. پر ”اِيسٽر ٻيٽن“ جي
انهن ڪتبن جي تاريخ شڪ جوڳي آهي ۽ هن قسم جون
شاهديون به موجود نه آهن، جن سان سنڌو ماٿريءَ جي
تهذيب جو ايسٽر ٻيٽن سان اهڙي قسم جو ڪو تعلق
تسليم ڪري سگهجي، جيڪو رسم الخط تي اثر وجهي سگهي.
|