ڏکڻ اوڀر پاسي ٿورو پريان ”جي“ ايراضي آهي. هن
ايراضيءَ ۾ ڪافي کوٽائي ڪئي ويئي آهي، پر ايف. دڙي
۽ ان جي پسگردائيءَ جي کوٽائي اڃا تائين ڪا نه ٿي
آهي. حفاظتي ديوار جي ڀرسان ڏکڻ پاسي ڪوارٽرن
وانگر ٻه رهائش گهرن جون قطارون آهن. ان کان ٿورڙو
پريان اُتر پاسي پنج قطارون ٿلهن جون آهن، ۽ اُن
جي پٺيان وري اَن جي گودامن جي ٻٽي قطار آهي. اِها
ساري تعمير هڪ خاص رٿا
موجب ٿيل آهي، ۽ هڪ ئي زماني ۾ ٺهرايل آهي.
ڪاريگرن جا ڪوارٽر:
هي مخروطي شڪل جا ٻه ـ رخا گهر آهن ۽ ٻن قطارن ۾
آهن. هي ٻنهي رخن کان نامڪمل آهن. اُتر واريءَ
قطار ۾ ستن ۽ ڏکڻ واريءَ قطار ۾ اٺن گهرن جا ڦٽل
نشان مليا آهن. انهن گهرن جي سامهون، پٺِيان ۽
پاسي کان چئن چئن فوٽن جون ٽي ڳليون هيون، ۽ انهن
جي چئن ئي پاسن کان اڱڻ جي چوگرد ديوار هئي، جنهن
جا ڪجهه نشان اڄ به اُتر ۽ ڏکڻ پاسي نظر اچن ٿا،
هر هڪ گهر 56 فوٽ ويڪرو آهي. انهن ۾ اندر وڃڻ جا
رستا ڪجهه پاسيرا ٺاهيل آهن، جنهن ڪري گهرن ۾ پردو
رهيو ٿي.
ڪاريگرن جا ڪوارٽر
هر هڪ گهر ۾ يا ته ٻه ڪمرا يا هڪ ڪمرو ۽
اڱڻ هوندو هو. گهر جو فرش پڪ سرو هو. هي ڪوارٽر
ڪنهن وڏيءَ رٿا هيٺ ٺهرايل نظر اچن ٿا.
بٺا:
انهن ڪوارٽرن جي ڀرسان ٿورو مٿانهينءَ تي سورنهن
بٺا آهن، جي ناسپاتيءَ جي شڪل جا آهن، ۽ 3 فوٽن 4
انچن کان وٺي 6 فوٽن 2 انچن تائين ڊگها آهن. انهن
۾ ڪوئلا ۽ ڇيڻا ٻاريا ويندا هئا، ۽ انهن ۾ لوهه جي
نليءَ سان هوا ڦوڪي باهه ٻاري ويندي هئي. خبر نه
آهي ته اُهي ڪهڙي ڪم ايندا هئا، پر اهڙا ڪي نشان
پتا مليا آهن، جن مان سمجهجي ٿو ته انهن ۾ ٽامو
پگهاريو ويندو هو.
ٿلهن جون حدون:
بٺن جي اتر ۾ ڀڳل ٽٽل ڀتين ۽ فرش جي وچ ۾ هڪجهڙين
سِرن جي ٺهيل سترهن ٿَلهن جون حدون لڌيون آهن.
جيڪڏهنوڌيڪ کوٽائي ڪرائي وڃي، ته ممڪن آهي ته اُتي
وڌيڪ ٿلها ملن. ٻن ٿلهن جي حد جي وچ ۾ 21 فوٽن جو
مفاصلو آهي. اُنهن جو قطر 15 فوٽ 9 انچن کان وٺي
11 فوٽن تائين آهي، ۽ پاسن کان گولائيءَ تي سَرن
سان چار ٻنا ٺهيل آهن، انهن ٻنن جي اندر جو فرش
سِرن جي ٽُڪرين ۽ رنگين پٿرن جي ٽُڪرين جو ٺهيل
آهي. انهن ٿلهن جي وچ ۾هڪ کڏ اهي، جنهن ۾ ڪڏهن ڪاٺ
جوٿنڀو کتل هوندو،جو ايتري عرصي گذرڻ ڪري ڳري سڙي
ويو هوندو. انهن کڏن ۾ ڀوسي جا تُهه ۽ ٿلهن تي ڪڻڪ
۽ جوَنَ جا سڙيل داڻا لڌا ويا آهن. انهن شاهدين
مان پتو پوي ٿو ته اُنهن ٿلهن تي ڪڻڪ ۽ جوَنَ جي
سڪل ول مٿان ڏاندن جي جوڙي گهمائي، يا اُن کي ڪُٽي
اَن ڪڍيو ويندو هو. اُنهيءَ طريقي جو اڄ به هند ـ
پاڪ ۾ رواج آهي.
اناج جا گدام:
مٿي ذڪر ڪيل ٿلهن ۾ اُتر ۾ ، 100 والن جي فاصلي
تي ، نديءَ جي خشڪ پيٽ جي ڪناري سان اناج رکڻ جا
16 گدام آهن. اُهي گدام 50 فوٽ ڊگها ۽ 25 فوٽ
ويڪرا آهن، ۽ 23 فوٽ ويڪريءَ سڙي جي ٻنهي پاسن کان
آهن. انهن ۾ اناج رکڻ جو رقبو 900 چورس فوٽ آهي.
اُهي چار فوٽ مٿانهينءَ تي ٺهيل آهن.
ڊاڪٽر وهيلر (1) انهيءَ علائقي جي باري ۾
ڏاڍيون دلچسپ ڳالهيون چيون آهن. اُن جي بيان موجب،
مٿي ذڪر ٿيل ڪوارٽرن کي ڏسي، مصر جي تل الا
مرنا(2) دائره المدينه (3)، ڪاهون (4) ۽ غيزه (5)
جون پراڻيون مزدور بستيون ياد اچن ٿيون، جتان جي
قطارن ۾ ٺهيل ۽ اڱڻن ۾ گهيريل ننڍن ننڍن هڪجهڙن
گهرن جي هنن ڪوارٽرن سان مشابهت خاص اهميت ٿي رکي.
ڇو ته تل الامرنا ۾ 1356-1369 قبل مسيح انهن گهرن
۾ ممي ٺاهڻ وارا رهندا هئا، جن کي شهر کان ميل کان
پري آباد ڪيو ويو هو. دائر المدينه جو ڳوٺ (
سورهين صدي قبل مسيح) بادشاهن جي ماٿريءَ (2) جا
مقبرا ٺاهڻ وارن جي بستي هئي، جا پڻ آباديءَ کان
پري آباد ڪئي ويئي هئي.
اهڙيءَ طرح ڪاهون ۽ غيزه ۾ به اهرام مصر ٺاهڻ وارا
رهندا هئا. ظاهر آهي ته اُنهن سڀني بستين کي شهر
کان ٻاهر آباد ڪرڻ ۾ وقت جي حاڪمن جي اِها مصلحت
هوندي ته، ڇاڪاڻ ته انهن بستين جا رهاڪو لاشن کي
مميءَ ۾ تبديل ڪرڻ جو ڪجهه گندو ۽ ڪجهه هيبتناڪ ڪم
ڪندا هئا، اهڙو ڪم شهر ۾ نٿي ٿي سگهيو. پر هڙاپا
جي ڪاريگرن جي بستي اهڙن ماڻهن جي نه هئي، جي ڪفن
دفن جو ڪم ڪندا هجن.
انهن جو ڪم ته زندگي جي ضرورتن سان لاڳو هو ( ول
مان اَنُ وغيره جدا ڪرڻ). هونئن به حفاظتي ديوار
جي ايترو ڀرسان هئڻ ڪري،هو عوام جي نظرن کان
هروڀرو ايترو ته پري به ڪو نه هئا، ۽ نه وري هو
اهڙو ڪو ڪم ڪندا هئا، جو عالم آشڪار نه ڪرڻ کپي.
البت ائين ٿي سگهي ٿو ته هتان جي پورهئي جو نظام
پڻ اُنهن ئي اصولن پٽاندر هلندڙ هوندو، جي سمير
مذهبي نظام رائج هئا، جتي آر جي چنڊ جي ديوتا
نانار (1) جي مندر جي اڱڻ ۾ ديوتا ۽ حڪومت جي نالي
تي هڪ ڪپڙي ٺاهڻ جو ڪارخانو هو، جنهن ۾ 98 زالون ۽
63 ٻار ڪم ڪندا هئا، يا جهڙيءَ طرح لاغاش(2) ۾
بائو جي مندر ۾ 11 بورچي، 27 ديوداسيون، 25 شراب
ڪڍڻ وارا، 6 زنانه ڪپڙا ٺاهڻ وارا ۽ سٽ ڪٽڻ وارا
غلام، هڪ لوهر ۽ ٻيا ڪاريگر ۽ حاڪم رهندا هئا.
بهرحال هتي پڻ ڪاريگرن جي ڪنهن نه ڪنهن طرح جي
تنظيم ضرور موجود هئي، جنهن جو اندازو انهيءَ ۾
لڳائي سگهجي ٿو ته ملڪور ايراضيءَ ۾ اناج ڳاهڻ جا
ٿلها ۽ اَن جا گدام اُتان جي رهاڪن جي پيشي کي ئي
ظاهر ڪن ٿا.
اَن هتان جي وڏي سماجي دولت هو، ۽ ڏيتي ليتيءَ ۽
ڪاروبار ۾ ناڻي جي بجاءِ ڪم ايندو هو. ڍل وغيره به
اناج جي صورت ۾ وصول ڪئي ويندي هئي. هيءَ ڍل انهن
گودامن ۾ جمع ڪئي ويندي هئي، جتان اَن جي درآمد ـ
برآمد ٿيندي هئي، اُنهيءَ مقصد جي پورائيءَ لاءِ
ظاهر آهي ته منشي ۽ مزدور ملازم طور رکيا ويا
هوندا. هڪ اهڙي دور ۾ جڏهن سڪو هوئي ڪونه، ۽ اناج
ئي هڪ اهڙو ذريعو هو، جنهنجي وسيلي شين جي مٽاسٽا
ڪئي ويندي هئي، اهڙِيءَ صورت ۾ اناج جي اِنهن ئي
گودامن مان ملڪ جي دولت جو اندازو لڳايو ويندو
هوندو. سو انهيءَ دور ۾ دجله ۽ فرات جي ماٿريءَ ۾
هر مکيه بستيءَ جي ڀرسان اناج جا گدام لڌا ويا
آهن، گدام مندرن ۽ عبادت گاهن جي ڀر ۾ هئا، ۽ ڪي
دريائن ۽ ندين جي ڪنارين تي هئا، اُر ۾ لڌل هڪ
ڪتبي ۾ هڪ اهڙي ئي گدام جو ذڪر ٿيل آهي، جنهن
۾ايترو ته جوَنَ جو ذخيرو جمع ٿيندو هو، جنهن مان
2-4 ڏينهن جي محنت جي مزدوي ڏيئي سگهجي. هڪ ٻئي
دستاويز ۾ اهڙي ئي
هڪ گدام جي سنڀاليندڙ جي انهيءَ
ذميداريءَ جو ذڪر آهي، ته هو انهيءَ ڳالهه جو خيال
رکي ته هن گدام جي اناج مان 10930 ماڻهن جي اُجرت
ڏيئي سگهجي. انهن محنت مزدوري ڪندڙن ۾ ناظر،
ريڍار، ۽ آبپاشيءَ جو ڪم ڪندڙ به شامل هئا. اِهي
سموريون لکتون 2130 کان 2135 ق. م. جون آهن، ۽
گهڻو ڪري سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب جي همعصر آهن. پر
بدقسمتيءَ کان هڙاپا توڙي موهن جي دڙي مان اهڙيون
ڪي لکتون اڃا تائين دريافت ڪو نه ٿي سگهيون آهن.
چانهون جو دڙو:
موهن جي دڙي کان اسي ميلن جي مفاصلي تي ڏکڻ پاسي،
سڪرنڊ جي ڀرسان، جمال ڪيرئي جي ڳوٺ کان اڌ ميل
پري، ٽي دڙا آهن، جيڪي چانهون جي دڙن جي نالي سان
مشهور آهن. شروع شروع ۾ اُهي ٽيئي دڙا گڏيل هئا، ۽
سنڌو درياءَ جي ڪپ تي هئا، پر بعد ۾ ٻوڏن انهن کي
ٽن جدا جدا دڙن ۾ ورهائي ڇڏيو. هينئر سنڌو درياءَ
هتان اٽڪل 12 ميلن جي مفاصلي تي وهي ٿو.
هيءُ هنڌ 1931ع ۾ لڌو ويو هو، ۽ ٽن هفتن
جي کوٽائيءَ کان پوءِ، اُتان موهن جي دڙي ۽ هڙاپا
جي دور جون باقيات مليون هيون. پر انهيءَ وچ ۾ ڪي
اهڙيون اَڻلڀ شيون پڻ لڌيون، جن مان اِهو اندازو
لڳايو ويو آهي ته هن دڙي جو تعلق موهن جي دڙي ۽
هڙاپا جي برباد ٿي وڃڻ کان پوءِ جي دور سان به
رهيو آهي. 35-1936ع ۾ مسٽر مئڪي هتي گهڻي کوٽائي
ڪرائي هئي. ايترو ته هيٺ تائين کوٽيو هئائون، جو
زمين مان پاڻي نڪرڻ لڳو هو. انهيءَ کوٽائيءَ مان
ڏاڍا دلچسپ نتيجا حاصل ڪيا ويا آهن. هتانجو خاص
دڙو ٺل نمبر (2) آهي (1) آهي. هن ۾ هڙاپا جي دور
جا ٽي جدا جدا تهه موجود آهن،جن مان پتو پوي ٿو ته
هيءَ بستي گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڀيرا ٻوڏ هيٺ اچي تباهه
ٿي ۽ ٻيئي ڀيرا وري آباد ڪئي ويئي. اُن دور کان
پوءِ ڪجهه عرصو هيءَ بستي غير آباد رهي، ۽ پوءِ
وري اُن کي ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ مٽيءَ جي ڪچين سرن
جو ٿلهو ٺاهي ٿورو مٿي ڪيو ويو، ۽ پوءِ ان ٿلهي
مٿان گهر ٻڌا ويا. کوٽائي ڪيل حصي جون عمارتون 25
فوٽ ويڪريءَ سڙڪ تي آهن. ٻيون ڳليون 30 ڊگرين جي
سڌائي تي ان سڙڪ سان اچيو ملن ٿيون. انهن ڳلين ۾
ڪنارن تي تمام سٺيون ڍڪيل ناليون پڻ آهن، جن کي
هميشه صاف ڪيو ويندو هو. هتان ڪُٽ، ٽامي، سپيءَ ۽
عاج جي سامان ٺاهڻ جون شيون به گهڻي تعداد ۾ لڌيون
آهن. هتان ٽامي جا اوزار ۽ غير مڪمل ڌانوءَ جا
پگهاريل ٽڪرا به تمام گهڻا لڌا آهن. ٻئي ٺل جي
مٿئين تهه تي هڪ اهڙي دور جون باقيات مليون آهن،
جي سنڌ جي جهڪر جي دڙي واريءَ تهذيب سان مشابهت
رکن ٿيون. ائين ٿو معلوم ٿئي ته جهڪر دور جي ماڻهن
هڙاپا ڪلچر جي (1) خاتمي کان پوءِ چانهون جي
بستيءَ تي قبضو ڪيو، ۽ پراڻن، خالي، ڀڳل ٽٽل گهرن
جي سرن کي بي ترتيبيءَ سان ڳنڍي جوڙي گهر آباد
ڪيا. هي ماڻهو غالباً چورس يا مستطيل جهوپڙين ۾
رهندا هئا. انهن جهوپڙين جا فرش ڪچا هوندا هئا، ۽
سندن رڌ پچاءُ لاءِ چلهيون گهرن جي ٻاهران هونديون
هيون، جتي هوا کان بچڻ لاءِ ننڍڙيون وڏيون ڀتيون
اُڏ وانگر ٺاهي ڇڏيندا هئا. باقياتي شهادتن مان
هيءُ اندازو ٿئي ٿو ته هي ماڻهو هڙاپا ڪلچر جي
خاتمي کان گهڻو عرصو پوءِ هتي اچي آباد ٿيا هئا.
ست ڪاجن دور: ست ڪاجن ڪراچيءَ کان ٽي سئو ميل پري
اولهه پاسي عربي سمنڊ جي ڪناري کان 25 ميل اُتر
طرف آهي. سر آريول اِسٽائن هتي ڪجهه خندقون
کوٽايون هيون. هتي هڪ پڪي قلعي جي ڀت جا آثار به
مليا هئا، جنهن جي اندر مستطيل شڪل جو ميدان اُتر
اولهه پاسي 170 وال ڊگهو ۽ اوڀر اولهه کان 125 وال
ويڪرو هو. شهر پناهه پٿر جي چورس سرن کي مٽيءَ ۽
گاري سان لنبي ٺاهي ويئي آهي، جنهن جي ڏکڻ اولهه
واريءَ ڪنڊ کان هڪ دروازي جا نشان آهن، جو اٺ فوٽ
ويڪرو هو. ان دروازي جي ٻنهي ڪنڊن کان مستطيل شڪل
جا برج ٺاهيا ويا هئا. کوٽائيءَ هلندي، هڪ وڏو
”خاڪدان“ لڌو هو. رک سال ڀريل هو. ان مان هيءُ
اندازو لڳايو ويو آهي ته انساني لاشن کي ساڙڻ بعد،
انهن جي رک کي پوريو ويندو هو. اهڙِي قسم جي رک
سان ڀريل ٻيا ٿانو به هتان مليا آهن. لڌل باقيات ۾
پٿر جا چاقو، پن جي شڪل جو پٿر جو ٺهيل تيرَ جو
مُنهن، ٽامي جي هڪ چِپٽي ٺپيل ڪهاڙي، جنهن جا پاسا
ڪارائيءَ وانگر آهن، مٽيءَ جون ڪنگڻيون، روهيءَ
مان ٺهيل ٿانو جو هڪ ٽُڪر ۽ ٻيا گهڻائي مٽيءَ جا
ٿانو، جن ۾ اُهي سوراخ دار ٿانو به شامل آهن ،جي
هڙاپا مان گهڻا لڌا آهن، ڪجهه چٽساليءَ وارا ٿانو،
۽ سيٽي وڄائڻ واري مٽيءَ جي جهرڪي، ۽ پڪيون سرون
به مليون آهن.
علي مراد: علي مراد دادوءَ کان 20 ميلن تي ڏکڻ ۾
آهي. وارياسي ميدان ۾ هڪ دڙو لڌو ويو هو، جنهن جي
چؤطرف پٿر جي چورس ڀت هئي. هن ڀت جي ڊيگهه ۽ ويڪر
250 وال آهي. هن ۾ 2فوٽ ڊگها ۽ هڪ فوٽ ويڪرا ۽ پنج
فوٽ ٿلها پٿر جا ٽڪر ڪم آندا ويا آهن. اُن جو
دروازو ڏکڻ پاسي هو. ڀت جي اندر هڪ کوهه ۽ ڪجهه
گهرن جا نشان مليا آهن. هتان جي لڌل شين ۾ڳاڙهيءَ
سطح تي ڪارن چٽن سان، ۽ هڙاپا دور سان مشابهت
رکندڙ پپر جي پنن جي نشانن وارا مٽيءَ جا ٿانوَ،
پڪل مٽيءَ جا ٺهيل ڏندن جا پُتلا،پٿر جا چاقو، ڪُٽ
يا ٽامي جي پيٺيل
پاسن واري ڪهاڙي، ۽ عقيق جا مڻڪا به مليا آهن.
آمري: سنڌو درياءَ جي اولهه واري ڪناري
تي، موهن جي دڙي کان 85 ميل ڏکڻ ۾، ۽ چانهون جي
دڙي کان 25ميل پري اولهه ۾، ڳوٺ آمريءَ جي ڀرسان
ٻه وڏا درا لڌا آهن. هتي مجمدار ٻه خندقون
کوٽايون هيون. انهن ۾ پٿر جي ڪن ڀتين ۽ ڪجهه ڪمرن
جا آثار موجود هئا. هتي ٻن تهذيبن جا نشان مليا
آهن—مٿانهين تهه ۾سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب جي دور
جون باقيات موجود آهن، ۽ اُن کان هيٺئين تهه ۾
بلوچستان ۾ لڌل قديم ديهي ثقافت جا آثار ڏٺا ويا
آهن.
دبر ڪوٽ:
سنڌو درياءَ کان 125 ميل اولهه ۾ لورالائيءَ جي
ڏاکڻي پاسي، دبر ڪوٽ جو دڙو آهي. هيءُ 113 فوٽ
اوچو آهي، ۽ اُن جو قطر 1255 فوٽ آهي. هيءُ قنڌار
ڏانهن ويندڙ پراڻيءَ سڙڪ تي واقع آهي. هن دڙي جي
مٿانهين تهه ۾ سنڌو ماٿريءَ جي دور جون باقيات
مليون آهن. جيڪڏهن وڌيڪ کوٽائي ڪرائي وڃي، ته
هيٺين تهن ۾ انهيءَ دور کان اڳ جي رهاڪن جي باقيات
ملN
جي اُميد رکي سگهجي ٿي.
شهري اڏاوت جي رٿابندي
سرون وجهڻ. گهرن جون جايون. رستا ۽ ڳليون. کوهه.
صفائي. غسلخانا. حمام
گذريل ڪن سالن جي کوٽائيءَ ۽ کوجنا جي
نتيجي ۾ سنڌو ماٿريءَ جي قديم رهواسين جو ڪافي بي.
مثل ورثو دريافت ٿيو آهي، ۽ ان ورثي جي روشنيءَ ۾
ان قديم تهذيب جون ڪيتريون ئي خوبيون ۽ خصوصيتون
کلي ظاهر ٿيون آهن. خاص طرح سندن اڏاوت جي فن جا
ڪيترائي اهڙا پهلو اڄ اسان کي معلوم آهن، جن تي
پوري غور ڪرڻ بعد اسين آسانيءَ سان چئي سگهون ٿا
ته هي ماڻهو اڏاوت جي ڪم ۾ وڏي قابليت رکندا هئا.
سندن گهر، دڪان، مڪتب، کوهه، رستا، مطلب ته سڀ
اڏاوتي پوريءَ رٿا هيٺ عمل ۾ ايندا هئا. موهن جي
دڙي جي کنڊرن ۾ شهري اڏاوت جي هنن شاندار نشانن کي
ڏسي، جيڪي اڄ به جديد کان جديد پيا لڳن، هڪ انگريز
مصنف ائين لکڻ لاءِ مجبور ٿي پيو ته هن اُتي بيهي
ائين ٿي محسوس ڪيو ته ڄڻ هو اڄ جي لنڪا شهر جي
کنڊرن ۾ بيٺو هو.وڌيڪ چيائين ته موهن جي دڙي جي
شاهراهه اول (1) ۽ شاهراهه مشرق(2) جي ميلاپ وارو
هنڌ ته کيس آڪسفورڊ سرڪس جو چوراهو (3) ٿي معلوم
ٿيو (4) ڏسڻ ۾ ته هي ڳالهيون ڄڻ خوشفهميءَ واريون
پيون ڀائنجن، پر حقيقتن جي اونهي اڀياس مان پتو
پوي ٿو ته اِهي سڀ دلڪشن تشبيهون بي بنياد نه
آهن.ٿورو تفصيل ۾ وڃبو ته اِهي تشبيهون حقيقت جي
روپ ۾ سامهون اچي بيهنديون. مثال طور، ان دور جي
اڏاوت جي مکيه جزي، سرن، کي ئي ٿو ڏسجي ته اُهي
هند ـ پاڪ جي ٻين قديم توڙي جديد سرن جي ڀيٽ ۾
انگلينڊ جي سرن سان وڌيڪ مشابهت رکندڙ نطر ٿيون
اچن. نه رڳو ايترو، پر اُنهن سرن ۽ عمارتن ۾
چٽساليءَ جو ڪم ته بنهه نه ٿيل آهي، جيڪو هونئن
اسان جي قديم فن تعمير جو امتياز آهي. اڳتي هلي،
گپتا دور ۾ته سرن تي چٽساليءَ ۽ اُڪر جي ڪم ۾
ايتري مهارت پيداٿي ويئي هئي، جو تعمير جو اُهو فن
اُن دور ۾ پنهنجو مثال پاڻ بنجي پيو هو. ٿي سگهي
ٿو ته موهن جي دڙي ۾ به چٽسالي ۽ نقش نگاري وغيره
جو ڪم عام هجي، پر اِها نقاشي ڪاٺ تي ڪئي ويندي
هئي، ۽ اُهي نقش ٿيل تختا هن مهل تائين سڙي ڳري
ويا هجن. پر اهڙي قسم جي نقش نگاريءَ ۽ اُڪرَ جو
ظاهر ثبوت بهرحال نٿو ملي. هتي البت پٿر ۽ پڪل
مٽيءَ جون ٺهيل ڄاريون سو مليون آهن، پر اُهي
ايتري قدر گهٽ آهن،جو اهو خيال ئي نٿو ڪري سگهجي
ته ڪو اهي هر گهر ۾ ڪم آنديون ويون هونديون.
هڙاپا ۾ سِرنُ جي چورن جي ڪار گذارين سبب
اڏاوت جا آثار تمام گهٽ لڌا ويا آهن، پر موهن جو
دڙو، پاسائتي علائقي ۾هئڻ ڪري، چورن جي هٿ چراند
کان بچي ويو آهي. سو ان جي سڙڪن، ڳلين، گهرن، ميري
پاڻيءَ جي نالين، کوهن ۽ غسلخانن مان شهري اڏاوت
جي رٿابندي، شهر وسائڻ جي نظام، ۽ صحت جي عام رائج
اُصولن جي پابنديءَ جو گهڻو ڪجهه اندازو لڳائي
سگهجي ٿو.
|