وڏا وڏا شهر گهڻو ڪري اهڙي هنڌ آباد ٿيندا ۽ وڌندا
آهن، جتي آسپاس ۾ زرخيز ۽ شاداب علائقا هجن، جن
مان اُتي جي رهاڪن کي کاڌي خوراڪ جو سامان آسانيءَ
سان ملي سگهي. پراڻي زماني ۾ سفر جي تڪليفن ڪري،
شهر آباد ڪرڻ وقت، انهيءَ ڳالهه جو خاص خيال رکيو
ويندو هو. موهن جو دڙو ۽ هڙاپا جون بستيون به اهڙن
ئي علائقن ۾ آباد ڪيون ويون هونديون،جتان لکين
ماڻهن کي زنده رکڻ لاءِ کاڌ خوراڪ جو سامان سولائي
سان ميسر ٿي سگهندو هجي.
مطلب ته اِهي سڀ ڳالهيون ثابت ٿيون ڪن ته
سنڌ جي آبهوا ۾ وڏو انقلاب آيو آهي. تاريخ شاهد
آهي ته آبهوا جي بدلجڻ جو اِهو سلسلو سڪندر اعظم
جي هندستان تي حملي ڪرڻ وقت ايتري قدر اڳتي وڌي
چڪو هو، جو هن جي لشڪر کي واپس ويندي، مڪران جي رڻ
پٽ ۾ سخت مصيبتن جو مقابلو ڪرڻو پيو هو. اهڙِيءَ
طرح جڏهن 23 هجري مطابق 645ع ۾ حضرت عمر رضه جي
دور خلافت ۾ عرب فاتح مڪران تائين اچي پهتا، ۽
حضرت عمر جڏهن صحار عبديءَ کان، جو هِن سرزين کي
ڏسي آيو هو، ان بابت پڇيو، ته هن جواب ڏنو هو ته
”امير المومنين! اُتي پاڻيءَ جي ڏاڍي نافت آهي.
اُتي جا ماڻهو ڊاڪو آهن. ٿوري فوج اُتي وڃي ته هنن
جي هٿان ڦرجي ويندي. گهڻي وڃي ته اُڃ مري ويندي!“
ظاهر آهي ته آبهوا جي انهيءَ انقلاب جو هن
تهذيب جي برباد ٿيڻ ۾ وڏو هٿ هوندو. پر آخر آبهوا
جي ايڏي وڏي انقلاب جو ڪارڻ ڪهڙو هو؟ ٿي سگهي ٿو
ته اُنهيءَ جو سبب اِهو ٿيو هجي، جو بحر اوقيانوس
جا طوفان
(Cyclones)
مُڙي اتر طرف لڳڻ شروع ٿيا هجن--- جيئن ڪنهن دور ۾
اُهي مُڙي ڏکڻ طرف به لڳڻ لڳا هئا ۽ آفريڪا جي
اترينءَ ويڪرائي ڦاڪ وارن علائقن کان وٺي عرب،
ايران ۽ هندستان تائين پکڙي ويا هئا. ٻيو سبب هيءُ
به ٿي سگهي ٿو ته اُن زماني ۾ اڄڪلهه واريون ڏکڻ
اولهه واريون چوماسي هوائون سنڌو ماٿريءَ طرف
لڳنديون هيون. پر اِهي تبديليون به اڪيلو سبب
نٿيون ٿي سگهن، سنڌو ماٿريءَ جي زراعت حالت جي
برباديءَ جو. اُن لاءِ هيءُ به سوچي سگهجي ٿو ته
گهرن ٺاهڻ لاءِ سرن جي پچائڻ واسطي، جو آسپاس جا
جهنگل ۽ ٻيلا وڏي پيماني تي ڪاٽيا ويا، تنهن ڪري
مينهن جي وسڻ ۾ گهٽتائي ٿيڻ شروع ٿي—ڇاڪاڻ ته
گهاٽا جهنگل ۽ ٻيلا مينهن جي وسڻ جو وڏو سبب بنجن
ٿا. انهيءَ خيال کان ئي هزارن سالن جي گذرڻ بعد هن
وقت پاڪستان جي حڪومت واري اِنهن علائقن کي سائو
ڪرڻ لاءِ ٻيلن پوکائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.
بستيون
موهن جو دڙو- اسٽوپا- وڏو حوض- جامعه – هيٺيون شهر
– هڙاپا – ڪاريگرن جا مڪان – بٺيون – گول چبوترا-
اناج جو گدام- چانهوءَ جو دڙو- ستڪاجن جو دڙو –
علي مراد- آمري- دبر ڪوٽ.
سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب هڪ هزار ميلن کان
وڌيڪ علائقي ۾ پکڙيل هئي. اُن جي اثر جو دائرو
بابلي تهذيب کان چوڻي ۽ مصري تهذيب کان ٻيئي
علائقي تائين پکڙيل هو، ۽ جيئن جيئن باقياتي کوجنا
اڳتي وڌندي رهي ٿي، تيئن تيئن اُن جا پلاند پري
کان پري تائين پهچندا رهن ٿا. اُن وسيع علائقي ۾
هزارين بستيون آباد رهيون هونديون، جن مان ڪيترين
جا پار پتا لڌا ويا آهن. انهن بستين ۾ ، باقياتي
دريافت جي خيال کان، موهن جو دڙو، هڙاپا، چانهوءَ
جو دڙو، ستڪاجن جو دڙو، علي مراد، آمري، دبر ڪوٽ ۽
ڪوٽ ڏيجي وڌيڪ مکيه آهن.
موهن جو دڙو:
موهن جي دڙي جو مقامي نالو ”مُئن جو دڙو“ آهي(1).
کوٽائي ڪرڻ وارا ماڻهو مڪاني زبان نه ڄاڻندا هئا،
تن کي ”موهن“ لفظ وڌيڪ سهڻو لڳو، تنهن ڪري انهن
”مئن“ جي بجاءَ ”موهن“ جو لفظ استعمال ڪيو. هينئر
اُهو نالو ايترو ته عام ٿي ويو آهي، جو اصل نالي
جي اهميت ئي نه رهي آهي. سنڌ ۾ باوجود هِن جي ته
اڳينءَ حڪومت جي سرڪاري گزيٽ ۾ اصلي نالي کي
قانوني حيثيت ڏني ويئي هئي، پر جيڪو غلط استعمال
عوام ۾ عام ٿي ويو، سو اڄ مشهور آهي، بين الاقوامي
شهرت حاصل ڪري چڪو آهي. موهن جو دڙو اُتر سنڌ جي
ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ، ڪراچي ڪوئيٽا ريلوي لائين تي
ڏوڪري اسٽيشن کان 6 ميل پري آهي. ڏوڪريءَ کان موهن
جي دڙي تائين پڪو رستو آهي. سنڌو درياءُ اُن جي
اوڀر طرف وهي ٿو. ڪنهن مٿاهينءَ
جاءِ تي بيهي، جيڪڏهن سڄيءَ بستي تي نظر ڦيرائي
وڃي، ته معلوم ٿيندو ته هِن بستيءَ ۾ ڇهه ست محلا
هئا، ۽ هر هڪ محلو اُتر ڏکڻ 1200 ۽ اوڀر اولهه 800
فوٽ ايراضيءَ ۾ پکڙيل هو. انهن محلن کي ڪشادا رستا
هڪٻئي کان جدا ڪندا هئا. هيءُ شهر شڪل ۽ صورت جي
لحاظ کان برطانوي ٻيٽن جي شڪل سان ملندڙ جلندڙ
آهي، ۽ جهڙي طرح آئرليند جو سمنڊ انگلينڊ ۽
آئرلينڊ کي جدا ڪري ٿو، اهڙِيءَ طرح شايد سنڌو
درياءَ جي ڪنهن اوائلي ليٽ هن بستيءَ جي اِسٽوپا
ايراضيءَ کي ٻين ايراضين کان جدا ڪري ڇڏيو آهي، ۽
هينئر اُهي کنڊر ٻن وڏن حصن ۾ يعني ”مٿيون شهر“ ۽
هيٺيون شهر“ ۾ ورهايل آهن. ”مٿيون شهر“ هڪ بيضوي
شڪل جي دڙي تي قديم آباديءَ جي اولهه واريءَ ڪند
جي مُنهن وٽ آهي. انهيءَ ۾ اسٽوپا، هڪ وڏو حوض،
جامعه يا مدرسو، ۽ ٿنڀن وارو هال گهڻو مشهور آهن.
”هيٺين شهر“ ۾ رهڻ جون جايون، دڪان، ڪشادا
رستا ۽ ڳليون آهن. شهر جو هيءُ حصو ايڇ. آر.
ايريا، وي. ايس. ايريا ۽ ڊي. ڪي. ايريا جي مختلف
نالن سان بيان ڪيو ويندو آهي.
اِسٽوپا:
اسٽوپا ٻڌ زماني جي عمارت آهي، جنهن جي بلنديءَ ۽
ڪشش آثار قديمه جي ماهرن جو ڌيان ڇڪايو. ڄڻ ته اُن
عظيم الشان تهذيب جي دريافت جو سبب ئي هيءَ عمارت
آهي. اِسٽوپا زمين جي سطح کان ستر فوٽ مٿي آهي.
اُن جو گنبذ ڪري پيو آهي، ۽ سندس ڍانچي جو باقي اڌ
حصو وڃي بچيو آهي، جو عمارت جي بنياد کان 8 فوٽ 4
انچ مٿانهين چبوتري تي قائم آهي. انهيءَ ڍانچي جو
قطر 33 فوٽ 6 انچ آهي. اُهو اندران خالي ۽ پورو
آهي. ڪنهن زماني ۾ڪنهن شخص هيرن جواهرن جي تلاش ۾
ان جي اندران چوڏهن فوٽ اونهي کڏ کوٽي هئي، ۽ شايد
انهيءَ شخص کي اُتان سنگ جراحت جو ٺهيل هڪ خاڪدان
مليو هو، جنهن کي بيڪار ڄاڻي، اُن جا ٽڪر هُن اُتي
ئي اڇلائي ڇڏيا هئا، جي پوءِ آثار قديمه جي محڪمي
طرفان کوٽائي ڪندڙن کي مليا. هتان ئي ڪنول جي گل
جي آسڻ تي ويٺل مهاتما ٻڌ جي پٿر جي مورتيءَ جا
به ڪجهه ٽڪرا مليا هئا.
اِسٽوپا جي عمارت سنڌوماٿريءَ جي قديم
عمارتن جي سرن ۽ گاري وغيره مان تيار ڪيل آهي. ڏکڻ
پاسي، جتي ان جو بنياد ڏسڻ ۾ ٿو اچي، اِهو صاف نظر
ٿو اچي ته ان جي تعمير سنڌو ماٿريءَ جي قديم
عمارتن جي بنيادن تي مٿان بيهاريل آهي.
وهاِر (سَٺ) جي چؤطرف هڪ ويڪرو پڌر آهي.
ان جي پاسن کان ڀڪشن جي رهڻ لاءِ پڪ سِرا حجرا
ٺهيل آهن. انهن حجرن ۾ ٻه حصا آهن، جن مان اندريون
حصو شايد سمهڻ لاءِ ۽ ٻاهريون حصو ويهڻ ۽ ٻئي
ضروري ڪم لاءِ هو. انهن حجرن مان چوڪنڊا سِڪا به
لڌا هئا. اُهي سڪا ڪُشان دور جي راجا واسديو
(173-156ع) جي زماني جا آهن، ۽ غالباً سنڌ ۾ ئي
ٺاهيا ويا آهن، ڇو ته جهڪر (ضلعي لاڙڪاڻي) ۽ موهن
جي دڙي کان سواءِ اهڙا سڪا برصغير هند- پاڪ ۾ ٻئي
ڪنهن هنڌان نه لڌا آهن.
وڏو حوض:
اسٽوپا جي اُتر اوڀر واريءَ ڪنڊ کان اسين هيٺ حوض
۾ لهون ٿا. اسٽوپا ۽ حوض جي وچ ۾ هڪ ڳلي آهي، جنهن
کي ”شاهراهه الهايه“ (1) چون ٿا. هيءُ حوض سنڌو
تهذيب جي وچ واري دور جي عمارت آهي. هِن جو نقشو
تمام سادو آهي. مستطيل شڪل جو آهي، ۽ 29 فوٽ ڊيگهه
۽ 23 فوٽ ويڪر اٿس. منجهس اندر لهڻ لاءِ اتر ۽ ڏکڻ
کان ڏاڪا ٺهيل آهن. حوض ۾ پاڻيءَ جي نيڪال جو
پوريءَ طرح ۽ باقاعده انتظام هو. هڪ زير زمين نالي
اُن جي ڏکڻ اولهه واريءَ ڪنڊ ۾ واقع آهي، جنهن جي
اوچائي تقريبن 6 فوٽ 6 انچ آهي. حوض جي چئن پاسن
کان ورانڊو آهي. ورانڊي جي اُتر ڏکڻ ۽ اوڀر پاسي
مختلف ڪمرا ۽ دالان آهن. ڏکڻ واريءَ ڊگهي گئلريءَ
جي ٻنهي پاسن وارا ۽ اوڀر پاسي وارا ڪمرا ننڍا
آهن. اُنهن ڪمرن جي وچ واي ڪمري ۾، جنهن کي ڪمرو
نمبر 16 چون ٿا، هڪ کوهه آهي، جنهن تي ٻٽي پڳ
تعمير ڪئي ويئي آهي. اندازو ڪيو ويو آهي ته انهيءَ
کوهه جي پاڻيءَ سان حوض ڀريو ويندو هو. پر ٿي سگهي
ٿو ته حوض جي ڀرڻ لاءِ ٻين کوهن جو پاڻي به
استعمال ڪيو ويندو هجي.
حوض جو پاڻي هڪ ويڪريءَ وڌاوڙي (Corbelled)
ناليءَ رستي ٻاهر ڪڍيو ويندو هو. هيءَ نالي، جيئن
مٿي ٻڌايو ويو آهي، ڏکڻ اولهه واريءَ ڪنڊ کان آهي
ڪمري نمبر 19 مان هڪ ڏاڪڻ مٿي وڃي ٿي، ۽ مٿينءَ
منزل جي پاڻي هيٺ آڻڻ وارين نالين جا ڀتين تي، جي
اڃا سوڌا نشان بيٺا آهن، انهن مان ظاهر ٿو ٿئي ته
اها عمارت ٻه ماڙ هئي. حوض جي ٺاهڻ ۾ ڪافي محنت
کان ڪم ورتو ويو آهي. سرون ڇلي، چڱيءَ طرح مصالحو
لڳائي، جڙيون ويون آهن. انهن کي جوڙڻ لاءِ گاري جي
پلستر بجاءِ ڦٽو ڪم آندو ويو آهي. پوسل ۽ پاڻيءَ
کان بچڻ لاءِ فرش جي هيٺان هڪ انچ ٿلهو پلستر
وڇايو ويو آهي.
وڏي حوض جي ڏاکڻي پاسي، ٿورو پريان ٻه فوٽ
ويڪري ڳليءَ جي ٻنهي پاسن کان ساڍا 9 فوٽ ڊگها ۽
11 فوٽ ويڪرا اَٺ غسلخانا ٺهيل آهن. اَنهن جا فرش
وڏيءَ خبرداريءَ سان مضبوط ٺاهيا ويا آهن. انهن
غلسخانن جي ٺاهڻ ۾ پرده داريءَ جو خاص خيال رکيو
ويو آهي. هڪٻئي جي آمهون سامهون هئڻ جي باوجود
انهن جا دروازا اهڙيءَ طرح کلن ٿا، جو بي پردگي
نٿي ٿئي، ۽ ڳليءَ جي هڪ پاسي وارن غلسخانن جي درن
۾ بيهي ڳليءَ جي ٻئي پاسي وارن غلسخانن ۾ نٿو ڏسي
سگهجي. هر غسلخاني ۾ مٿي وڃڻ لاءِ هڪ ڏاڪڻ آهي.
ڇاڪاڻ ته اُنهن جون ڀتيون ٿلهيون آهن، تنهن ڪري
اِهو اندازو ڪيو ويو آهي ته جايون ٻه ماڙ هيون.
انهن غلسخانن جو ميرو پاڻي ڳليءَ ۾ هڪ ناليءَ ۾ گڏ
ٿي، مٿي ذڪر ڪيل وڌا وڙي واريءَ ناليءَ ۾ وڃي
پوندو هو.
اِئين معلوم ٿو ٿئي ته هي غسلخانا وڏي حوض
جي سلسلي ۾ هڪ حصو آهن. گهڻو ڪري انهن ۾ خاص خاص
ماڻهو، مثلاً پنڊت ۽ پڄاري، تڙ پاڻي ڪندا هوندا.
ٿي سگهي ٿو ته هي پروهت مٿينءَ ماڙ تي رهندا هجن.
موهن جي دڙي ۾ گهڻو ڪري هر وڏيءَ جاءِ غلسخانا
موجود آهن، جنهن مان اهو اندازو لڳايو ويو آهي ته
اُنهيءَ زماني جا ماڻهو تڙ پاڻيءَ جو خاص خيال
رکندا هئا.ڪن محققن جي هيءَ راءِ به آهي ته هندن
۾ جا روزانه شنان ڪرڻ جي رسم آهي، اُها وٽن سنڌو
تهذيب جو ئي ورثو آهي.
جامعه:
ذڪر ڪيل غسلخانن ۽ اسٽوپا جي وچ ۾ هڪ تمام وڏي
عمارت آهي، جا وڏي حوض جي عمارت کان وڌيڪ وڏي ۽
ويڪري آهي، جنهن جي ڊيگهه 235 فوٽ 7 انچ ۽ ويڪر
78 فوٽ 15 انچ آهي. انهيءَ جو وڏو در اولهه پاسي
هو. ائين ٿو خيال ڪيو وڃي ته هيءَ يا ته ڪنهن وڏي
پنڊت جو گهر هو يا ڪنهن پروهت جو ، يا ته ڪو وڏو
پاٺ شالو هوندو. اُن جا ايترا گهڻا ڪمرا، خاص بيٺڪ
جي ٿَلهن جون ٿُلهيون ۽ مضبوط ڀتيون، ۽ خاص طرح
ٻاهريون ڀتيون، جي ڪن ڪن هنڌن تان ته 4 فوٽ ٿلهيون
آهن، سي سڀ اُنهيءَ ڳالهه جو ثبوت ٿيون ڏين ته
هيءَ عمارت ٻه ماڙ يا ٽه ماڙ هوندي. وڏي در مان
لنگهي اچجي، ته هڪ هال ايندو، جو 23 فوٽ ڊگهو ۽
چار فوٽ چار انچ ويڪرو آهي. انهيءَ جي کاٻي پاسي
هڪ ويڪري در کان پوءِ هڪ اڱڻ اهي، جنهن کي چئن ئي
طرفن کان ڀتيون آهن. اُنهيءَ جي چئن پاسن کان وري
گهڻا ئي ڪمرا آهن، جي شايد ڪنهن زماني ۾ پاٺ شالي
جي پرنسپال جي رهائش جا ڪمرا هوندا. هال جي ساڄي
پاسي کان ٻه ڳليون آهن—هڪ ننڍي اڱڻ طرف ٿي وڃي،
جنهن جي چئن ئي پاسن کان وري ننڍا ننڍا ٻه ماڙ
ڪمرا آهن. اُنهيءَ ئي پاسي ڪيترا ٻيا به اڱڻ ۽
ڪمرا آهن، جن ۾ شاديد شاگرد رهندا هوندا. ميٿنءَ
ماڙ تي وڃڻ لاءِ ٻه ڏاڪڻيون آهن. سمجهيو وڃي ٿو ته
پروهت جي اچ وڃ لاءِ ڏاکڻي ۽ اولهه پاسي در هوندا.
هيٺيون شهر:
اسٽوپا ايراضيءَ کان هڪ رستو ڏکڻ اوڀر طرف ٿو وڃي،
جو ٿورڙو ئي پري وڃي، اوڀر پاسي مُڙي، اوڀر واريءَ
وڏيءَ سڙڪ سان ملي ٿو. اوڀر واري وڏي سڙڪ کوٽيل
علائقي کي ٻن حصن ۾ ورهائي ٿي. سڙڪ جي ڏکڻ پاسي
ايڇ. آر. ايراضي آهي ۽ اُتر طرف وي. ايس ايراضي
آهي. مشرق واريءَ وڏيءَ سڙڪ کي پهرين وڏي سڙڪ گوني
ڪنڊ تي ڪاٽي ٿي، ۽ وي – ايس ۽ ايڇ – آر ايراضين کي
ٻن حصن ۾ ورهائيندي، ڊي – ڪي ايراضيءَ تائين وڃي
ٿي.
انهن علائقن ۾ هزارين گهر، تمام گهڻيون
ڳليون ۽ بيشمار کوهه آهن. هي گهر خاص بيهڪ جا آهن.
ايڇ- آر- ايراضيءَ جي گهر نمبر 8 جي بناوت ڏاڍي
دلچسپ آهي. هيءُ هڪ وچولي درجي جو گهر آهي، ۽ موهن
جي دڙي جي وچين دور جي اڏاوت آهي، ۽ هاءِ لين(1)
تي واقع آهي. ان گهر جي اوچائي 85 فوٽ ۽ ويڪر 97
فوٽ آهي. ان جون ٻاهريون ڀتيون 4-5 فوٽ ٿلهيون ۽
ٻاهرئين پاسي کان مخروطي آهن. انهيءَ جو وڏو در
پهريائين ڏهه فوٽ ويڪرو هو، پر پوءِ ان جي ڀر
واريءَ ڪنڊ ۾هڪ ٿنڀو ٺاهيو ويو هو، جنهنڪري در جي
ويڪر 7 فوٽ 6 انچ باقي بچيل آهي. وڏي در ۾ داخل
ٿيندي وقت بُهه گڏيل مٽيءَ سان پلستر ڪيل اولهه
واريءَ ڀت جو ٽڪرو ڏسبو، جو جيئن جو تيئن اڃا بيٺل
آهي. در جي ٺيڪ سامهون ٿورو پريان هڪ ننڍو ڪمرو
آهي، جنهن جو در ٻاهر واري وڏي دروازي جي آمهون
سامهون آهي. ان جي اندر ساڄي هٿ تي 32 چورس فوٽ
اڱڻ آهي، جو سِرن جو ٺهيل آهي. فرش جي پاسي کان
اُتر کان اولهه طرف زمين جي اندر هڪ نالي آهي،
جنهن جي اُتر واريءَ ڪنڊ سان مٿينءَ ماڙ جو ميرو
پاڻي آڻيندڙ نالي اچي ميل ٿي. ۽ عجب جي ڳالهه
آهي، جو انهيءَ ناليءَ جو پاڻي ڳليءَ جي ڪنهن
ناليءَ ۾ ڪو نه ويندو هو، پر اڱڻ ۾ هيٺ زمين ۾
اندر پوريل هڪ مٽيءَ جي مٽ ۾ وڃيو پوندو هو! اڱڻ
جي چئن ئي پاسن کان ڪمرا آهن. ڏکڻ اوڀر واري پاسي
جي ڪمري، جنهن کي ڪمرو نمبر 6 چيو ٿو وڃي،هڪ کوهه
آهي. ڀرسان واري ڪمري جي وچينءءَ ڀت ۾ هڪ کليل دري
آهي، جنهن مان پاڻيءَ جو ٿانءُ هڪ پاسي کان ٻئي
پاسي وڃي اچي سگهي ٿو. هيٺئين طبقي جا سڀئي ڪمرا
گهڻو ڪري سامان رکڻ ۽ بورچيخاني وغيره جي ڪم ايندا
هوندا. مٿينءَ ماڙ جا ڪمرا جن ۾ پهچڻ لاءِ ڏاڪڻ
ٺهيل آهي، سمهڻ ۽ آرام وغيره ڪرڻ لاءِ استعمال
ٿيندا هوندا.
پهرينءَ وڏيءَ سڙڪ جي ٻئي پاسي
بضوي شڪل جو هڪ بَٺو آهي. هي 7 فوٽ ڊگهو ۽ 5 فوٽ
ويڪرو آهي، ۽ ان جو منهن ، جو ڏکڻ طرف آهي، تنهن
جي ويڪر 13 انچ آهي. ايڇ – آر – ايراضيءَ جي اُتر
۾ اوڀر واري سڙڪ آهي، جنهن جي وري ٻئي پاسي کان
وي-ايس – ايراضي آهي. هن سڙڪ جي ڪناري کان فرش تي
پڪ سِرا گول ٿالهه جي شڪل جا ٽڪرا ٺهيل آهن، جن ۾
V
شڪل جون سرون جَڙيل آهن. هي سرن جا ٿالهه موهن جي
دڙي جي انهن مٽن رکڻ لاءِ ٺهرايا ويا هئا،جن جا تر
چهنبائتا هوندا هئا. ڪن جو خيال آهي ته هيءُ ڪو
ميخانو هو، ۽ ڪِن جو چوڻ آهي ته هيءَ ڪا سبيل هئي.
اُن جي ڀرسان هڪ کوهه آهي، جنهن جو قطر 6 فوٽ 8
انچ آهي، ۽ اٽڪل 35 فوٽ اونهو آهي. انهيءَ ۾ پڻ
V
شڪل جون سرون ڪم آندل آهن. اُن کوهه جو پليٽفارم
ڏاڍيءَ خبرداريءَ سان ٺهيل آهي ۽ ان جي سِرن جي
اوساري نهايت مضبوطيءَ ۽ خيال سان ڪئي ويئي آهي.
کوهه جي گهاٽ تي گهڻي وقت تائين پاڻيءَ
ڇڪڻ ڪري، رسن جي رڳڙ جا نشان اڄ به موجود آهن. ان
سان گڏ کوهه جي ڪنارن واري فرش تي دلن رکڻ جا نشان
به موجود آهن. انهيءَ کوهه تان پاڻي ڀرڻ وقت جيڪو
پاڻي ڇلڪي ڪري پوندو هو، اُهو انهيءَ پليٽفارم يا
پڳ هيٺان هڪ پڪ سري حوض ۾جمع ٿيندو هو، ۽ اُتان
وري هڪ ناليءَ رستي ٻاهر نيڪال ڪيو ويندو هو!
وي. ايس ايراضيءَ جي اُتر ۾ ٿورو پريان
ڊي. ڪي. ايراضي آهي. هيءُ علائقو شايد هِتان جي
اميرن جي بستي هئي. هِن جي تعمير ٽن جدا جدا دورن
۾ ٿي--- شروع وچين، ۽ آخري دور جا آثار صاف نظر
اچن ٿا. ۽ عجب جي ڳالهه ته هيءَ آهي، جو اسين جڏهن
شروع زماني جي تعميراتي ڪم جي آخري دور جي تعميرات
سان ڀيٽ ڪريون ٿا، ته خبر پوي ٿي ته شروعاتي
تعميري فن درجي بدرجي بگڙندو پئي ويو آهي! هِن
ايراضيءَ ۾ تمام گهڻيون ڪشاديون، وڏيون ۽ ويڪريون
جايون آهن. هتي مٿانهينءَ سطح کان اٽڪل 35 فوٽن
تائين کوٽائي ڪيل آهي. هتي تمام وڏيون اوچيون
ڀتيون ۽ ڳليون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون.هن علائقي ۾ بي شمار
کوهه آهن، جن جي چئن ئي پاسن جي مٽي کوٽائي ڪندي
ڪڍي ويئي آهي، ۽ هينئر اُهي زمين کان ٻاهر ڪارخانن
جي چمنين وانگر بيٺا نظر اچن ٿا.
هڙاپا:
هڙاپا منٽگمري ضلعي کان پندرهن ميل پري، راوي
نديءَ جي ڪچي ۾ واقع آهي، ۽ ڪراچي- لاهور ريلوي
لائين جي اسٽيشن ، هڙاپا روڊ، کان چئن ميلن جي
فاصلي تي آباد آهي. هن وقت جي هڙاپا جي بستي پراڻن
دڙن تي ۽ انهن جي آسپاس آباد
آهي ۽ اها ٿوري گهڻي آبادي ئي هڙاپا جي کنڊرن کي
ماڻهن جي نظر ۾ آڻڻ جي ذمه دار آهي. سرن
چورائيندڙن ۽ خزاني جي تلاش ڪندڙن انهن کنڊرن کي
اڳ ئي کوٽي ناس ڪري ڇڏيو هو. 1912ع ۾ جڏهن نارٿ
ويسٽرن ريلوي جا بند ٺهي رهيا هئا، تڏهن بندن جي
هيٺان وڇائڻ لاءِ ٺيڪيدارن بجري انهن کنڊرن جي
پڪين سرن کي ڀڃي ئي حاصل ڪئي هئي. انهيءَ بجري تي
وڇايل بند تان اڄ به اسين تقريبن سو ميل سفر ڪيون
ٿا. جيڪڏهن موهن جي دڙي وانگر هڙاپا به محفوظ جاءِ
تي هجي ها، ته اڄ جيڪر سنڌ جي تهذيب جي باري ۾
اسان کي جيتري خبر آهي، انهيءَ کان وڌيڪ معلومات
اسان کي حاصل هجي ها.
هڙاپا ۾ ٻارهن ڀيرا کوٽائي ٿي، پر نتيجو
گهڻو حوصله افزا نه نڪتو. هتي هڪ سڙي به پوريءَ
طرح دريافت نٿي سگهي. البت دڙن کي ڇڏي، سڌي سنئين
زمين جي هيٺان دفن ٿيل عمارتن، سرن چورائيندڙن جي
بربادي کان بچي ويون آهن، سو انهيءَ ڪري جو اُهي
نظر نٿي آيون. انهن جي کوٽائيءَ مان اهڙيون باقيات
جون شيون مليون آهن، جن جي مدد سان سنڌو ماٿريءَ
جي تهذيب تي گهڻي ڪجهه روشني پوي ٿي.
چيو وڃي ٿو ته هڙاپا جو موجوده نالو” رگ
ويد“۾ ذڪر ٿيل (هاري يوپويا) (1) جو مخفف آهي---
”هاري يوپويا“ اُهو هنڌ آهي، جتي ”اڀي ورتن
ڪيامنا“ (2) ”وارسي ونت“ (3) کي شڪت ڏني هئي.
”وارسي ونت“ هڪ قوم هئي جنهن جو ذڪر رگ ويد ۾ صرف
اِنهيءَ واقعي جي سلسلي ۾ ٿيل آهي. ٿي سگهي ٿو ته
اِهو وارسن قوم(4) جو ٻيو نالو هجي(1) رگ ويد موجب
وارسن آرين جي ديوتا، اندر، جا دشمن سڏيا ويا آهن.
تنهن ڪري ائين ٿو سمجهيو وڃي ته شايد هي غير
آريائي سنڌو ماٿريءَ جا اصل رهاڪو هجن، ۽ آرين ۽
غير آرين جي ڇڪتاڻ ئي هڙاپا جي برباديءَ جو سبب ٿي
هجي، پر محققن جي هڪ خاص طبقي جي اِنهن ٽاويلن، ۽
روايتن جي انهن تفسيرن تي اعتبار ڪرڻ ڏکيو آهي(2).
اڄڪلهه راوي ندي هڙاپا کان ڇهن ميلن جي
مفاصلي تي وهي ٿي، پر پراڻي زماني ۾ اها نديءَ
اُنهي ئي بستيءَ جي وچ ۾ وهندي هئي. اڄ به ان جو
ڇڏي ڏنل پيٽ اُتي نظر اچي ٿو. کوٽائيءَ جي سلسلي ۾
اناج رکڻ جو گدام، مزدورن جا ڪوارٽر، شهر جي حفاظت
جي ڀت ۽ ٻه قربستان لڌا آهن. شهر جي چوگرد هڪ وڏي
ڀت هئي، اُنهيءَ حفاظتي ڀت ۽ نديءَ راويءَ جي
پراڻي وهڪري جي وچ ۾ (ايف) دڙو
(Mound F.)
آهي. ان حفاظتي ديوار جي ڏکڻ ۾ جي. ايراضي
(Area G.)
آهي، جتي هڙاپا جو مدفن ايڇ
(Cemetry H.)
واقع آهي.
|