سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌو ماٿر جي سڀيتا

باب:

صفحو: 11

تاريخ اسان کي ٻڌائي ٿي ته گپتا دور ۾ سڀ کان وڏي واپاريءَ کان سواءِ، جيڪو شهر جو ناظم پڻ هوندو هو، قافلئي واپارين جي نمائندن، هنر مندن ۽ ڪاريگرن جي نمائندن ۽ عالمن جو پڻ سماج ۾ خاص درجو هوندو هو. موهن جي دڙي ۾ به هن نموني جي نظام جي موجودگيءَ جو انومانڪڍڻ خوش فهمي نه آهي، ڇاڪاڻ ته اسين هن ڳالهه جو اندازو چڱيءَ ريت لڳائي سگهون ٿا ته اُن جي هِيتريءَ خوشحاليءَ جو سبب ان جو اندروني ۽ ٻاهرين ملڪن سان واپار ئي هو. سنڌونديءَ جي ڪناري تي آباد هئڻ سببان هتي ٻيڙين جي وسيلي نه فقط ملڪ جي اندر پيدا ٿيندڙ سامان آندو ۽ نيو ويندو هو، پر وڏن مُهرُنَ ۽ مڙهن وارن سامونڊي ٻيڙن جي وسيلي هتان جو ٻاهرين ملڪن سان به واپار عام جام ٿيندو هوندو. انهيءَ کان سواءِ بلوچستان جي لَڪن وسيلي هيءَ علائقو ايران ۽ اوڀر قريب جي ٻين ملڪن مان خشڪيءَ جي رستن وسيلي پڻ ڳنڍيل هو. اهڙي ريت ڪاٺياواڙ، ڏکڻ هندستان ۽ ٻين علائقن مان هتي تجارتي مال آڻڻ وارا قافلا ايندا هئا. گويا ڪراچيءَ وانگر موهن جو دڙو به هڪ بين الاقوامي نموني جو شهر هو، جنهن جي وڌيڪ ثابتي انهن مختلف قومن ۽ نسلن جي هڏائن پڃرن ۽ کوپڙين مان ملي ٿي، جن جي مالڪن هن سر زمين تي رهائش اختيار ڪئي ۽ آخر  هتي ئي مري کپي ويا. انهيءَ جي ابتڙ مصر جي مقبرن ۾ هڪ ئي نسل جي ماڻهن جا ڍانچا مليا آهن، سنڌو ماٿريءَ جي واپار ۽ دولت جي واڌاري ۽ سک سانت جو سبب اهي ئي مختلف قومون هيون،جن ان جي ترقيءَ کي ايڏيءَ بلنديءَ تائين پهچايو، پر برباديءَ واري دور ۾ اِهي ئي مختلف نسل جا ماڻهو هن تهذيب جي تباهيءَ جو پڻ سبب بنيا (1).

زراعت ۽ خوراڪ: جيئن مٿي بيان ڪيو ويو آهي ته موهن جو دڙو ڪنهن وقت واپار جو وڏو مرڪز هو، واپاري مَنڊيون ڪنهن غير آباد ۽ ويران علائقي ۾ ڪين ٺهنديون آهن، ڇاڪاڻ ته گهڻيءَ آباديءَ جي خوراڪ لاءِ ئي ڀرپاسي ۾ اناج ۽ ٻين کاڌي جي شين جي پيدائش ۽ موجودگي لازمي آهي. اهڙيءَ ريت موهن جي دڙي جا پهريان رهاڪو جيڪڏهن بلوچستان يا ڪنهن ٻئي علائقي جي پهاڙن مان آيا هوندا، تڏهين انهن سنڌو ماٿريءَ جي زرخيز ۽ سرسبز ميدانن جي دامن ۾ ڏاڍو سک جو ساهه کنيو هوندو، ۽ پوءِ ٻهڪندڙ کيت ۽ سون اوڳارڻ واري هيءَ سر زمين هن تهذيب جي شروعات جو ڪارڻ بني هوندي، پر ، سنڌو نديءَ جي آندل لَٽ ۽ واريءَ جي تَهن انهن شروعاتي کيتن ۽ پاڻيءَ جي پيچ جي بندوبستن جا سمورا نشان مٽائي ڇڏيا آهن، ۽ هينئر اسين هتان جي قديمي زراعت ۽ آباديءَ جو اندازو، هٿ آيل چيزن مان ئي لڳائي سگهون ٿا. هتي ڪڻڪ ۽ جَون جا اهڙا سڙيل داڻا مليا آهن، جيڪي ازخود جهنگل جي پيداوار ٿي نٿا سگهن، نه فقط ايترو پر انهيءَ جي ڪڻڪ اڄ به اولهه پاڪستان ۾ پوکي وڃي ٿي. ساڳئي نموني جا جَو مصر جي قديمي حڪمرانن جي مقبرن مان به هٿ آيا آهن. اهو اناج چپترن پٿرن يا گهوڙي جي زين جهڙيءَ شڪل واريون سِرن تي پيٺيو ويندو هو، ڇاڪاڻ ته ان وقت تائين اَٽي پيهڻ جو جنڊ (ٻن پڙن وارو گول) اڃا ايجاد ڪو نه ٿيو هو. پهڻ کان اڳ ڪاٺ جي ٺهيل اُکرين ۾ اناج کي ڇڙهي ڇنڊي صاف ڪيو ويندو هو.

هڙاپا مان مٽر جا سڙيل داڻا، هنداڻي جو ٻج ۽ تر  هٿ آيا آهن موهن جي دڙي مان ڪتل جون ڳچ ککڙيون به مليون آهن، ٿي سگهي ٿو ته اها ايراني نار کان آندي ويئي جي (1). اهڙيءَ ريت هڙاپا مان هٿ آيل هڪ هڪ مُهر تي اهڙي تصوير ٺاهي ويئي آهي، جنهن لاءِ ناريل جي وڻ جو گمان ٿئي ٿو. سنڌو ماٿريءَ ۾ هن وڻ جي وجود جي ثابتي انهيءَ ٿانو مان به ملي ٿي، جيڪو ناريل جي ڏونگهي مان ٺهيل آهي. اهڙيءَ ريت هڪ ٻيءَ مهر تي نڪتل تصوير مان ڏاڙهونءَ جي وڻ جي موجود هجڻ جو گمان ڪيو وڃي ٿو.

هتي ڪڻڪ ۽ جوَنَ کان سواءِ ساريون ۽ دالين جا فصل به پوکيا ويندا هئا، ۽ انهن سان گڏوگڏ ڀاڄيون به چڱي انداز ۾ پوکيون وينديون هونديون. کير جي گهڻائي ڳئن ۽ ٻڪرين جي موجود هجڻ مان ظاهر آهي. اناج ۽ ڀاڄين کان سواءِ جانورن جو گوشت به کاڌو ويندو هو، ڇاڪاڻ ته هتان جي گهٽين، رستن ۽ جاين مان ڳئن، ڍڳن، سانن، ٻڪرين، دريائي ۽ سامونڊي مڇيءَ، ڪَڇُن ۽ مانگر مڇن جا بي انداز هڏا مليا آهن.*

پوشاڪ: سنڌو ماٿريءَ مان سڀ کان اهم جا شيءَ لڌي آهي، سا اهو ڪپهه مان تيار ڪيل ڪپڙي جو ٽڪرو آهي، جيڪو ٽامي ۽ چانديءَ جي ٿانون سان گڏ هٿ آيو آهي. هيءَ ڪپهه جي پراڻي ۾ پراڻي دريافت آهي(1)؛ ڇاڪاڻ ته مصر، جتي اڄ ڪافي انداز ۾ ڪپهه پيدا ٿئي ٿي، سو پراڻي زماني ۾ اُن کان محروم هو. ڪپهه لاءِ سنسڪرت زبان ۾ ”سنڌو“ لفظ استعمال ٿيل آهي، جنهن مان هيءُ اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته پراڻي زماني ۾ ڪپهه جي پيداوار فقط سنڌ ۾ ئي ٿيندي هئي. اهڙيءَ ريت بابلي زبان ۾ ڪپهه جي لاءِ ”سنڌو“ ۽ يوناني زبان ۾ لفظ ”سِنڊن“ پڻ انهيءَ ڳالهه جا دليل آهن ته ڪپهه سنڌ مان ڪچي مال ۽ ڪپڙي جي صورت ۾ انهن ملڪن ڏانهن موڪلي ويندي هوندي. ڪپهه کان سواءِ ڪاري تُلسيءَ جو تنَدو به ڪپڙي تيار ڪرڻ جي ڪم ۾ ايندو هو، ڇاڪاڻ ته مڇي ڦاسائڻ واري هڪ ڪلوئڙي تي انهيءَ نموني جو ڌاڳو ويڙهيل ڏٺو ويو آهي، جيڪو تُلسيءَ جي تندن مان تيار ڪيل آهي.

ڪپڙو گهڻن ڏينهن تائين زمين ۾ پوريل رهڻ سببان اُڏوهيءَ ۽ ٻين جيتن ۽ زمين جي ڪلر جو شڪار ٿي وڃي ٿو. اهڙيءَ ريت سنڌو ماٿريءَ مان مٿي بيان ڪيل ٽڪر کان سواءِ ٻيو ڪو به ڪپڙو هٿ نه آيو آهي، پر گهڻو ڪري هر هڪ گهر مان سٽ ڪَتڻ جون تڪليون هٿ آيون آهن. هي تڪليون مٽيءَ ۽ سِپُن  جون به ٺهيل مليون آهن، ۽ وڌيڪ قيمتي شيون منجهان ٺهيل پڻ لڌيون آهن، جنهن مان اندازو لڳايو ويو آهي ته امير ۽ غريب سڀئي واندڪائيءَ جي وقت ۾ سٽ ڪتيندا هئا (2). هتي مختلف نسلن جي ماڻهن جي رهائش هوندي هئي ۽ اندازو آهي ته انهن جون پوشاڪون به مختلف نمونن جون هونديون، مگر هڙاپا ۽ موهن جي دڙي جون باقياتي شيون هن سلسلي ۾ اسان جي ڪا خاص مدد نٿيون ڪن. فقط ڪن مجسمن ۽ ٿانون تي نڪتل چٽ هتان جي رهاڪن جي پوشاڪ جي نموني ڏانهن اشارو ڪن ٿا، ۽ انهن مان اندازو ٿئي* ٿو ته هي ماڻهو پوشاڪ جي وهِٽ جي نمونن کان اڻڄاڻ نه هئا؛ خاص ڪري عورتن جا مجسما انهيءَ قسم جي مطالعي لاءِ زياده ڪارائتا آهن. اُنهن مان ان دور جي پوشاڪ جا مختلف نمونا سهي ڪري سگجهن ٿا، مثلن عورتون عام طرح سان بدن جي هيٺئين حصي تي گوڏ جي نموني جهڙو ڪپڙو (پَڙو) پهرينديون هيون، جنهن تي چيلهه وٽ مڻين سان پوتل پَٽي، ڏور يا ڪمرپٽو اهڙيءَ طرح ٻڌنديون هيون، جو آڏو ڪنهن گل يا ڳنڍ جي شڪل ٿي بيهندي هئي. هيٺ جو هيءُ ڪپڙو گوڏن تي اچي ختم ٿيندو هو. ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته هتان جون عورتون دُن کان مٿي ڪو به ڪپڙو ڪو نه پهرينديون هيون، جيئن انڊونيشيا جي پالي ٻيٽ ۾ هڪ قوم جون عورتون اڄ به دُن کان مٿي ڪو به ڪپڙو پهرڻ عيب سمجهن ٿيون. مٽيءَ جون اهڙيون بي انداز مورتيون به مليون آهن، جن جي مٿان ڪو به ڪپڙو ڪونهي. البت انهن جي ڳچيءَ ۽ ڇاتيءَ تي بي انداز هار ۽ مالهائون پيل آهن. اهڙيءَ طرح هنن جي ٻانهن ۾ به بي انداز چوڙيون آهن. پر، هي مورتيون ڌرتي ــ ماتا جا مجسما آهن، جن جو احترام اوگهڙ ڍڪڻ ۽ اگهاڙپ جي قيد ۽ بند کان آزاد سمجهيو ويندو هوندو. انهيءَ کان سواءِ ڪُٺ جا بلڪل اگهاڙا پُتلا به مليا آهن، جن کي ناچڻين جا پُتلا چيو ويو آهي، ۽ ٿي سگهي ٿو ته قديم مصر جي ناچڻين وانگر  ڪن خاص ناچن جي پيش ڪرڻ وقت سنڌو ماٿريءَ جون ناچڻيون پڻ اگهاڙيون رهنديون هجن. پر انهن پتلن جي روشنيءَ ۾ هتان جي عورتن جي اڌ ــ اگهاڙپ يا سڄيءَ اوگهڙ جي باري ۾ ڪو به آخري فيصلو ڪرڻ مناسب نه آهي.

        عورتن جي پتلن ۽ مهرن تي ٺهيل تصويرن جي مٿن تي وڃڻي جي شڪل جهڙو پوش به ڏسڻ ۾ اچي ٿو، پر اڃا انهيءَ ڳالهه جو اندازو نه لڳائجي سگهيو آهي ته اهو ڪهڙيءَ شيءَ مان ٺاهيو ويندو هو. گمان آهي ته سوٽي ڪپڙي کي ڪَلف ڏيئي، ڪنهن سانچي تي ويڙهيو ويندو هوندو. اهڙيءَ طرح اڪثر پُتلن جي ٻنهي ڪَنن وٽ ٻه ڪٽورين جهڙيون شيون لڳل ڏسجن ٿيون، جي ڪافي وزن واريون هونديون هيون؛ ڇاڪاڻ ته ڪن ڪن پتلن ۾ انهن کي مٿي سان اٽڪائي، انهن جي بار کي هلڪو ڪيو ويو آهي ( پليٽ 18  ـ الف). مٿي تي وڃڻي جي شڪل جو پوش اسان کي کِل جهڙو معلوم ٿو ٿئي، پر منگوليا جون ڪي قومون اڄ به اهڙو پوش استعمال ڪن ٿيون(1).*

مرد معمولي ڪپڙا پهريندا هئا. وڏا ماڻهو ڀرت سان ڀريل چٽن ۽ گلن ٻوٽن وارا ڪپڙا استعمال ڪندا هئا. پر عام پوشاڪ جي باري ۾ اندازو لڳائڻ تمام مشڪل آهي. ڇاڪاڻ ته ڪي پُتلا ته بلڪل اگهاڙا آهن ۽ ڪن تي رڳو اوگهڙ ڍڪڻ لاءِ هڪ سنهي پٽي نظر اچي ٿي. ڪن پُتلن مان هيءُ اندازو لڳايو ويو آهي ته هڪ سادي يا سبيل چادر اهڙي نموني ويڙهي ويندي هئي، جا کاٻي ڪُلهي کي ڍڪي، ساڄيءَ ٻانهن جي بغل وٽان لنگهي، پيٽ ڏانهن مڙهندي هئي. اهڙيءَ ريت ساڄي ٻانهن بلڪل آزاد رهندي هئي. هڪ پتلي تي بلڪل اهڙي ئي چادر گوڏن تائين پوندڙ ڏيکاري ويئي آهي. اڄ به  هندستان ۾ پراڻي ڍنگ جا ماڻهو اهڙيءَ ريت چادر ويڙهيندا آهن. ۽ هيءَ ڳالهه به دلچسپي کان خالي نه آهي ته يجرويد ۾ انهيءَ نموني چادر پهرڻ جي طريقي کي تفصيل سان بيان ڪيو ويو آهي، ۽ ان کي اُپاويتا (2) چيو ويو آهي (3). انهيءَ کان سواءِ مهاتما ٻڌ جي پٿر جي پتلن تي به اهڙيءَ طرح چادر ويڙهيل ڏيکاري ويئي آهي. هڪ پُتلي تي چيلهه وٽان ٻڌل گوڏ جهڙي پوشاڪ ڏيکاري ويئي آهي، ٿي سگهي ٿو ته اُها ڌوتي هجي، جنهن کي ائين ويڙهيل ڏيکاريو ويو آهي. اوچي طبقي جا ماڻهو عام طرح پٽتتاوين ڊزائين تي رڱيل ( يا ڀرت ڀريل) شال پائيندا هئا، پر عام ماڻهو چيلهه کان مٿي ڪو به ڪپڙو ڪو نه وجهندا هئا. اُهي رڳو بت جي هيٺئين ڀاڱي کي ڪنهن ڪپڙي سان ڍڪيل رکندا هئا. هيءَ رواج اڄ به هندستان جي گهڻن ئي علائقن ۾ موجود آهي (1).

        هي ماڻهو سوٽي ڪپڙي کان سواءِ  ڪَنئوسَ جي نموني جو هڪڙو ٿلهو ڪپڙو پڻ پهريندا هئا، ڇاڪاڻ ته ههڙي نموني جي ڪپڙي جي گهڪي جا نشان مُهرن تي ڏٺا ويا آهن. ڪَتان ۽ اونهي ڪپڙي جي استعمال جو وٽن ڪو به ثبوت ڪو نه ٿو ملي. انهيءَ دور ۾ ايلام ۽ سمير جي پاسي ڪَتان جي ڪپڙي جو رواج هو، ۽ ٿي سگهي ٿو ته سنڌو ماٿريءَ جا ماڻهو اُهو اُتان گهرائيندا هجن ۽ استعمال ڪندا هجن. اهڙيءَ طرح اُن جي استعمال بابت به ڪجهه چئي نٿو سگهجي. پر هتان جي رڍن ۽ ٻڪرين مان اوني ڪپڙي جي تيار ڪرڻ لاءِ ڪافي اُن ۽ ڏاس ماڻهن کي حاصل ٿيندي هوندي ۽ سنڌوماٿريءَ جا ماڻهو تهذيب جي جنهن منزل تائين پهتل هئا، ان مان اهو اندازو لڳائڻ غلط نه ٿيندو ته هو شايد اوني ڪپڙو ٺاهڻ پڻ ڄاڻندا هئا.

وارن جي ٺاهه ٺوهه: وارن جي ٺاهڻ سنوارڻ ۾ عورتن جي نسبت مردن جي باري ۾ وڌيڪ معلومات حاصل ٿي آهي، ڇو ته زالن جي پُتلن ۾ مٿن تي گنديون آهن. البت هڪ پتلي ۾ عورت جا گهنڊيدار وار پٺيان وريل ڏيکاريل آهن. ساڳيءَ طرح هڪ ٻئي شڪته پتلي جا وڏا وار به پٺيءَ تي پيل ڏسڻ ۾ آيا.

        ڪن زنانه مورتين ۾ وارن جي چوٽي ڪري، پٺيان انهن کي ويڙهي، ڪنهن ڄاريءَ جهڙيءَ شيءِ ۾ وانگوڙي وانگر اٽڪايو ويو آهي. وارن جي ٺاهڻ جو اُهو طريقو ته موجوده زماني ۾  به آهي. هڪ نچڻيءَ جي ڪُٺ جي مجسمي جا وار هڪ پاسي کان ٿورو وڪڙ ڏيئي، مٿي اُڀاريل، ۽ ٻئي پاسي کان ڪن جي مٿان ورائي پٺيان چوٽيءَ ۾ ڳتيل آهن (پليٽ 14 ــ الف).. گهڻو ڪري زالن جي وارن ۾ ربينون ۽ ننڍا ڦڻوٽا وڌل آهن.

        مردن جي وارن ٺاهڻ جا طريقا وري ٻئي نموني جا آهن. هڪ مها پنڊٽ جا وار، سڌي سينڌ نڪتل، ٻنهي پاسن ڏانهن لسا ڦڻي ڏنل آهن، ۽ مٿانئن پٽي ٻڌل آهي. وارن جي ٺاهڻ جو اهو ساڳيو طريقو  سمير ۾ به هو. هڪ مجسمي تي چوٽين ٺاهڻ جي نموني مان ظاهر ٿو ٿئي ته چوٽي ڪري پوءِ ان جو چوٽو ٻڌي ڇڏيندا هئا. مٽيءَ مان ٺهيل ڪن مجسمن تي هن چوٽا ڇلي وانگر به ٺهيل آهن. ڦڻي ڏيئي، وارن سان ڪن ڍڪي، پٺيان ڇلي وانگر چوٽا ٺاهي ڇڏيندا هئا. هڪ ٻار جي پتلي تي سندس وار گهنڊيدار ڏسجن ٿا، تنهن مان ثابت ٿو ٿئي ته هتان جي ڪن ماڻهن جا وار گهنڊيدار هوندا هئا.

        سنڌو ماٿريءَ جي ماڻهن ۾ ڏاڙهين ڪوڙائڻ جا طريقا به نموني نموني جا هئا. ڪن مجسمن جون ڏاڙهيون ٻُچيون آهن. ڪن جا وار مٿئين چپ جي مُڇن جا وار ڪتريل آهن. ساڳيو دستور سمير ۾ به هو. ڪي اهڙا مجسما به لڌا آهن، جن جون مُڇون ائين ورتل نه آهن.

*       هڪ بوٽي جي ڏاڙهي ننڍي ۽ ٿوري ٻاهر نڪتل آهي. وري هڪ مٽيءَ جي مورتيءَ جي ڏاڙهي ته ، مصرين جي ٻاهر نڪتل نقلي ڏاڙهيءَ جي بنهه اُبتڙ، اندر مڙيل آهي. هڪ مورت جي ڏاڙهي مڇ بلڪل صاف آهي. البت کاڏيءَ هيٺان هيڪڙ ٻيڪڙ وار اٿس. انهن لڌل مورتين ۾ سڀ نه، ته به ڪي ته ضرور سندن ديوتائن جون به هونديون. پر سڀني مجسمن مان اهو اندازو ئي ٿئي ٿو ته سنڌ جا قديم  رهاڪو ڪُتريل ننڍيون  ڏاڙهيون رکندا هئا. سمير جي رهواسين جيان هو ڊگهيون ۽ گهاٽيون ڏاڙهيون نه رکندا هئا. منجهانئن ڪي مٿان کان وٺي فقط ڳلن تائين ڏاڙهيءَ جا مچا رکندا هئا ۽ هيٺان کاڏيءَ جا وار ڪُترائي ڇڏيندا هئا.

 زيور:هند ــ پاڪ جون زالون هميشه کان زيورن جون شوقين رهيون آهن. ساڳيو حال سنڌو ماٿريءَ جي عورتن جو به هو. هو به هار سينگار ۾ زيور گهڻا استعمال ڪنديون هيون.هڙاپا ۽ موهن جي دڙي مان سون چانديءَ جي گڏيل ڌاتوءَ، ٽامي، ڪٺ، سپ ، ڪوڏن ۽ عاج جا ۽ ڪيترا قيمتي ۽ غير قيمتي پٿرن جا ٺهيل زيور مليا آهن. اهي زيور گهڻو ڪري چانديءَ، ٽامي ۽ ڪٺ جي ٿانون ۾ رکيل مليا آهن. ڪي ائين ٻاهر پيل به لڌا آهن. زيور گهڻو ڪري گهرن جي فرشن ۽ ڀتين ۾ پوريل حالت ۾ لڌا ويا آهن. ائين ڏسجي ٿو ته ڄڻ سندن مالڪن ڪنهن خوف کان انهن کي لڪائي ڇڏيو هجي ته جيئن خطري ٽري وڃڻ تي انهن کي سلامت ڪڍي، پائي سگهن. پر شايد اهو وقت کين حاصل ٿي ڪين سگهيو، ۽ نيٺ هزارين سالن کان پوءِ آثار قديمه جي ماهرن اچي انهن کي اُتان ٻاهر ڪڍيو. زيورن جي سڀ کان وڌيڪ دلچسپ دريافت راءِ بهادر ديارام سوهنيءَ جا اُهي قيمتي هار ۽ مڻڪا آهن، جي چانديءَ جي ٿانو ۾ رکي، پوءِ پوريا هئائون. ان چانديءَ جي ٿانو جي ڀرسان پتل جا ٻيا به ڪي زيور مليا آهن. جنهن ڪپڙي ۾ اُهو ٿانءُ ٻڌل هو، اُن ڪپڙي جو ٿورو ٽڪرو به مليو آهي، جو ڳري سڙي وڃڻ کان بچي ويو آهي. ساڳيءَ طرح مسٽر ڊڪسٽ کي به چانديءَ جي ٿانو ۾ پيل نهايت سهڻا هار ۽ سون ۽ چانديءَ  جا ڪي ٻيا ڳهه ۽ وارن ۾ وجهڻ جا چوٽي ڦل مليا هئا. هڙاپا ۾ مسٽر وٽس کي  به هڪ قيمتي هار چانديءَ جي دٻي ۾ رکيل مليو هو. اُن هار ۾ ساوا ۽ نيرا ٿوري قيمت وارن پٿرن جا مڻڪا ۽ سون جا گول داڻا هڪ ئي لڙيءَ ۾ پوتل هئا، جن جي وچ ۾ وري عقيق ۽ يشب جا پتلا پوتل هئا. هن هار جي بناوت ڏاڍي سهڻي ۽ نازڪ آهي، جنهن مان پتو پوي ٿو ته انهن ماڻهن ۾ جمالياتي ذوق به پورو پورو هو . اُنهيءَ هار سان گڏ ڪجهه ڪنگڻ ۽ ڪي منڊيون به مليون آهن.

        هڪ اهڙي گهر جي فرش مان ، جنهن ۾ ڪچيون سرون جمع ڪيون ويون هيون، ٽامي جي ڍڪيل هڪ ديڳڙي لڌي ويئي، جنهن ۾ سونن ڦُلڪن سان گڏ چانديءَ جا ايرنگ ۽ ٻيا زيور ۽ عقيق جي مڻڪن جون ٻه ڇهه سَريون دهريون پيل هيون، جن جي هر هڪ سَري يا لَڙيءَ ۾ وڏي پوپي جي شڪل جي ڳاڙهن عقيقن جا پنج پنج داڻا پوتل آهن. انهن داڻن يا مڻڪن جي وچ ۾ ڪُٺ جون اهڙيون چوڪنڊيون پٽيون به پوتل آهن، جن ۾ ڇهه ڇهه ٽنگ آهن، جن مان دهريءَ جي لڙين جا ڏورا ورايل آهن. انهيءَ ٽي فوٽ چار انچ ڊگهيءَ دهريءَ جي ٻنهي پڇڙين تي ڪُٺ جا D شڪل جا ٽڪرا لڳل آهن، جن مان هر هڪ ۾ هڪ پاسي کان ڇهه ٽنگ آهن ۽ ٻئي پاسي ڇڙو هڪڙو. دهريءَ جون ڇهه لڙيون انهن ڇهن فنگن مان لنگهي، ٻئي پاسي جي اڪيلي سوراخ مان ٻاهر اچي پاڻ ۾ ملي وڃن ٿيون (پليٽ نمبر 13 الف ــ 10). عقيق جي مڻڪن تي ۽ انهن جي ٽنگن ۾ نهايت صفائي سان پالش ٿيل آهي. گمان آهي ته انهن ۾ ٽنگ برمي جي مدد سان ٿيل آهن، ۽ انهن کي شايد سنباذج جي پائوڊر سان چمڪايو ويو آهي. اِنهن قيمتي دُهرين کان سواءِ انهن ئي جهڙيون مگر سستيون ۽ معمولي دهريون به مليون آهن، جن ۾ عقيق جي بدران پڪل مٽيءَ جا مڻڪا پوتل آهن.

        دهرين کان سواءِ هتان قسمين قسمين هار به مليا آهن، جن مان هڪ هار ته ڏاڍو سهڻو ۽ نرالي نموني جو ٺهيل آهي. هن هار ۾ رڳي لڙي آهي، جنهن ۾ معمولي قيمت جا ساوا پوپي جي شڪل جا مڻڪا پوتل آهن. انهن مڻڪن جي ٻنهي پاسي هڪ هڪ گول داڻو پوتل آهي. انهن  داڻن کان پوءِ سون جون ٻه -ورقيون گول پٽيون پوتل آهن، جن کي اهڙيءَ طرح ڳنڍيو ويو آهي، لڙ جي ڌاڳي جي گذرڻ لاءِ انهن جي وچ ۾هڪ نالي ٺهي پيئي آهي. ان هار ۾ يمني عقيق ۽ يشپ جا ست پتلا به پوتل آهن، جن جي ڪري به هي هار ڏاڍو سهڻو ٿو لڳي (پليٽ نمبر 13 ــ ب ــ 7).


* Wheeler, - Indus Civilization, P.62

* Wheeler,te - Indus Civilization, P.62

(2) ايشور اٽوپا هندستاني تمندن ص . 16، حيدرآباد دکن ، 1943ع

* (1) Mackay, The Indus Civilization, P.102 (2) Upavita

(3) Kohli Sita Ram, The Indus Civilization, 1934, P.1

* (1) Dikshit, - Prehistoric Civilization of the Indus Valley, P.26

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org