سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌو ماٿر جي سڀيتا

باب:

صفحو: 6

هڪ اعليٰ رٿابنديءَ هيٺ آباد ٿيل شهر جو پهريون بنيادي اُصول هيءَ آهي ته اُهو جنهن هنڌ تي اڏيل هجي، اُهو ٻاهرين ۽ اندرين بندش کان آجو هجي. ٻي خاص ضرورت ان لاءِ هڪ اهڙِي مرڪزي بااختيار انتظام جي آهي، جنهن ۾ رستن ۽ ڳلين جي سنڀال، عوام لاءِ کوهن جو بندوبست، گندي پاڻيءَ جو نيڪال، صحت صفائيءَ جي اُصولن جي پابندي ۽ گهرن جي بيهڪ جي رٿابندي آسانيءَ سان ٿي سگهي ۽ ان لاءِ شهر واسين جو تعاون خوشيءَ توڙي رنج سان حاصل ڪري سگهجي.

        موهن جي دڙي مان لڌل شهر ۾، اِهي ٻيئي ڳالهيون موجود هيون. شهر جي سرزمين ان زماني ۾ سچ پچ ته ڪافي وڏي، ويڪري ۽ سنئين سڌي رهي هوندي، ۽ هتان جا رهاڪو ڪافي خوشحال ۽ سماجي قانونن جا پابند هوندا. پر شهر جي ڀرسان درياهه جي هئڻ ڪري پاڻيءَ ۽ مٽيءَ ٻنهي جي سطح گڏو گڏ مٿي ٿيندي رهندي هوندي، جنهن ڪري هتان جي رهاڪن کي ٿوري ٿوري عرصي گذرڻ کان پوءِ پنهنجن گهرن کي اوچيءَ سطح تي اڏڻو پوندو هوندو. ڊي. ڪي ايراضيءَ ۾ اِن قسم جي ستن تهن جا نشان لڌا ويا آهن، ۽ ان بستيءَ جي هيٺاهين تهه ۾ٻوڏ جي پاڻيءَ جي بيهي رهڻ جا نشان به ڪنهن ڪنهن هنڌ نظر اچن ٿا. اهڙيءَ ريت پراڻين جاين مٿان نيون جايون اڏبيون ويون، ايتري قدر جو شهر جي سطح اوچي ۽ تنگ ٿيندي ويئي، جنهن ڪري اُها قوم، جنهن کي شروع ۾ گهرن جي عمارتن جي ننڍين ننڍين ضرورتن جو به خيال رهندو هو، سا پوئين دور ۾ شهر جي اڏاوتي رٿابنديءَ جي اُصولن کان لاپرواهه ٿي ويئي ۽ آخري ڏينهن ۾ ته شهر جا حاڪم زمين جي تنگيءَ سبب ماڻهن کي سڙڪن ۽ ڳلين جي زمين تي قبضي ڪرڻ کان به نه روڪي سگهيا.

        سرون ٺاهڻ:  برصغير هند ـ پاڪ  جي اڏاوتي فن جي تاريخ ۾سنڌو ماٿريءَ جي هن دور جون سِرون پنهنجو مٽ پاڻ آهن. هتي غالبن ڪنهن به پوءِ جي دور ۾ هنن سرن کان وڌيڪ ڪارائتيون سرون ڪو نه ٺهيون آهن. هنن سرن جي ماپ  1/3 I: ½ :  جي نسبت ۾ هوندي هئي. تاريخي دور ۾سرن ٺاهڻ جي فن شهنشاهه اشوڪ جي زماني ۾ترقي ڪئي. پر اُن زماني جون سرون به سنڌو ماٿريءَ جي سرن کان ماپ ۾ ٻيڻيون هونديون هيون. پوءِ ڪشان، گپتا ۽ وچين دور ۾ سرن جي ماپ گهٽجي ويئي، ۽ انهن جي ڊيگهه، ويڪر ۽ ٿولهه ۾ ان تناسب جو خيال ڪو نه رکيو ويو، جو سنڌو ماٿريءَ جي اوائلي سرن ۾ مقرر ڪيل هو. تعميرات جي ڪن ماهرن جو ته هيءُ رايو آهي ته سنڌو ماٿريءَ جون هي سرون پنهنجي انهيءَ اعليٰ تناسب جي خيال کان نه ققط هن برصغير ۾ بهترين آهي، پر سمير، مصر(رومي دور کان اڳ) ۽ ٻين ملڪن جي سرن کان به برتر آهن. مصر ۽ سمير ۾ پٿر ۽ چيروليءَ جي گاري جي موجود هئڻ ڪري، سرن جي بناوت ڏانهن وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت محسوس ڪا نه ٿي ڪئي ويئي، جنهن ڪري هن سرن جي هن تناسبي پهلوءَ جو خيال ڪو نه رکيو. پر سنڌو ماٿريءَ جي سپوتن کي ته درياءَ جي مٽيءَ مان سرون ٺاهڻيون پونديون هيون، ۽ اُن هنر ۾ هنن واقعي پنهنجي اعليٰ ڪاريگريءَ جو ثبوت ڏنو آهي.

        موهن جي دڙي ۽ هڙاپا ۾گهڻو ڪري پڪيون سرون استعمال ڪيون ويون آهن. سواءِ ڪن جاين جي، جتي ڪچيون ۽ پڪيون سرون هڪ خاص سلسلي سان اوساريءَ ۾ يا بنياد ۾ ڪم آندل آهن. هنن سرن جي ڊيگهه ويڪر کان ٻيڻي ۽ ٿولهه ويڪر جو اڌ رکيل آهي. هن سرون 10.25 x5x2x.25 انچن کان وٺي 2.25x5.8x5.2 انچن جي جدا جدا ماپ جون ٺاهيون ويون آهن. اڃا به وڏيءَ ماپ جون سرون خاص خاص استعمال، مثال طور نالين کي ڍڪڻ وغيره، لاءِ ٺاهيون  وينديون هيون. عام طرح هتي 11x5.25x2.25 انچن جي سرن جو استعمال ٿيل آهي. اهي سرون هاڻوڪي طريقي تي ڪاٺ جي کليل چوڪنڊن سانچن ۾ ٺاهيل آهن.درياءَ جي چيڪي مٽيءَ کي ڳوهي، سانچي ۾ وڌو ويندو هو. سانچي جي مٿان آيل وڌيڪ مٽيءَ کي ڪاٺ جي تختي سان پري هٽايو ويندو هو. اهڙِيءَ طرح سرن جون ڪنڊون صاف ۽ سطح هڪ ڪري ٿي بيهندي هئي. سڪڻ کان پوءِ اهي ڪچيون سرون ڪاٺين جي باهه سان زير زمين بٺو تپائي، ان ۾ پچائيندا هئا، جتي اُهي پچي سهڻي ڳاڙهي رنگ جون ٿي پونديون هيون. حد کان وڌيڪ پڪل سرن کي يا ته بنياد ۾ ڪم آندو ويندو هو، يا وري انهن کي ڪڪريءَ طور ڪم آندو ويندو هو. گهڻي پچڻ ڪري ڪن سرن مٿان وري سائي رنگ جو گهٽ وڌ تهه ڄمي ويندو هو. چوڪنڊين سرن کان سواءِ ٻين شڪلين جون سرون به ٺاهيون وينديون هيون. کوهن ٺاهڻ لاءِ V شڪل جون سرون خاص طرح

ٺاهيون وينديون هيون. هي سرون محرابن ٺاهڻ لاءِ به استعمال ٿي سگهيون ٿي، پر ائين ٿو معلوم ٿئي ته موهن جي دڙي جا ماڻهو محراب ٺاهڻ جي فن کان ناواقف هئا. ٻين مقصدن لاءِ عام رواجي سرن کي ڪٽي ۽ ڇانٽي ڪم ۾ آندو ويندو هو. هي سرون ايتريءَ ته قابليت سان ڪٽيون، ڇانٽيون ۽ لسايون وينديون هيون ۽ ايتريءَ ته خبرداريءَ سان جڙيون وينديون هيون، جو انهن جي سيرن مان ڪڏهن به پاڻي سِمي ڪو نه سگهندو هو. غلسخانن جا فرش خاص طرح اهڙين گسائي لسيون ڪيل سرن جا ٺهيل آهن. فرش جي جڙت سادي هوندي هئي، ان ۾ڪنهن قسم جي چٽساليءَ يا ڊزائين وغيره جو خيال ڪو نه ڪيو ويندو هو. البت غلسخانن جي ڪنڊن ۾ ڪٿي ڪٿي L شڪل جون سرون ڪم آندل آهن. سرون مٽيءَ جي گاري سان لنبيل آهن، ۽ هزارن سالن جون اُهي وڏيون وڏيون ڀتيون اڄ به مضبوط بيٺيون آهن. خاص خاص هنڌن تي جهڙوڪ نالين، حمامن ۽ ڪاڪوسن وغيره جي بناوت ۾، چن ۽ چيروليءَ جو گارو استعمال ٿيل آهي. مٽيءَ جو گارو سرن سان لڳي سيمنٽ يا ٻين مصالحن وارن گارن وانگر چنبڙي ڪو نه ٿو پوي، ۽ اندازو آهي ته هتانجون سرون هڪ جاءِ تان ڪڍي ٻئي هنڌ استعمال ڪيون پئي ويون آهن—ڇو ته اسٽوپا جي عمارت، جا تاريخي دور جي تعمير آهي، اُنهن اُکڙيل سرن سان جوڙيل آهي. هن ڳالهه جي وڌيڪ ثبوت لاءِ جدا جدا ماپ جي سرن جا اهڙا ٽڪرا به پيش ڪري سگهجن ٿا ، جي کوٽائيءَ وقت اهڙيءَ حالت ۾ لڌا ويا، ڄڻ ته اُهي هڪ هنڌان نڪري ٻئي هنڌ استعمال ٿيڻ وارا هجن(1). اهڙي قسم جا نظارا اُر ۾ پڻ لڌا ويا هئا. جيڪڏهن چن يا چيروليءَ  جو گارو عام طرح ڪم آندل هجي ها، ته اهڙيءَ طرح سرن کي هڪ هنڌان ڪڍي ٻئي هنڌ لڳائڻ ناممڪن هو.

گهر: موهن جي دڙي جا گهر سادا ۽ آرام وارا آهن، جن کي اڏڻ وقت خوبصورتيءَ ۽ ٺاهه ٺوهه کان وڌيڪ انهن جي مضبوطيءَ ۽ پائداريءَ جو خيال رکيو ويو هو. هتي ايڏيون شاندار ۽ سينگاريل عمارتون ڪو نه ٿيون ملن، جهڙيون مصر، سمير ۽ ٻين قديم تهذيبن وٽان لڌيون آهن. هِتي ڪن ڳالهين جو خاص طرح خيال رکيو ويو آهي: مثلن هتان جي عمارتن جي پيڙهه ڪافي اونهي ۽ مضبوط رکي ويئي آهي، ۽ ان ۾ ٺڪر ٺوٻر ۽ ڪڪري وجهي ۽ پوريءَ طرح ان کي پڪو ڪيو ويو آهي. عمارتن کي ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ انهن جي آڏو مٽيءَ جا وڏا ٿلها بنايا ويندا هئا. اڪثر ڀتين ۾ ترتيب سان، انگلش بانڊ (2) جي طرز تي، اُڀين ۽ وڇايل سرن جون اوساريون ڪيل آهن (3).

وڌيڪ ٿلهين ڀتين ٺاهڻ لاءِ ٻاهران ۽ اندران سرن جي اوساري ڪري، اُن جي اندر مٽي، گارو ۽ ٺڪريون ۽ سروٽا ڀري ڇڏيندا هئا.

        کوٽائيءَ ۾ لڌل عمارتن کي ٽن قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو: (1)رهائشي گهر، (2) وڏيون عمارتون جن جي اڏاوت جو ڪارج پوريءَ طرح  سمجهه ۾ اچي نه سگهيو آهي، ۽ (3) غسلخانا ۽ حمام.

        رهائشي گهر ٻن ڪوٺين کان وٺي، ايترا ته وڏا ۽ ويڪرا آهن، جو انهن کي ڏسي، محلن جو ڌوڪو ٿئي ٿو. انهن جون ٻاهريون ڀتيون بلڪل ساديون آهن. انهن ۾ داخل ٿيڻ لاءِ جيڪي در آهن، سي وڏن ڪشادن رستن جي پاسي کلڻ بدران ڳلين ۾ ٿا کُلن. عام گهر 27 -30 فوٽن جا هوندا هئا، جن ۾ 4 يا 5 ڪوٺيون هونديون هيون. وڏا گهر انهن کان ٻيڻا ڪشادا هوندا هئا ۽ انهيءَ  انداز مطابق انهن ۾ وڌيڪ ڪمرا هوندا هئا – ايتري قدر  جو ڪن گهرن ۾35 ڪمرا به ڏٺا ويا آهن. موهن جي دڙي جي وڏي ۾ وڏي جاءِ 228 فوٽ ڊگهي ۽ 112 فوٽ ويڪري آهي. ان ۾ ڪيترائي صحن آهن، جن جي چوڌاري رهائشي ڪمرا ۽ گدام وغيره آهن. انهن مان ظاهر ٿو ٿئي ته هِن جاءِ جو مالڪ وڏيءَ حيثيت ۽ آڪهه وارو هوندو.

        سنڌو ماٿريءَ جي گهرن جي ڪوٺين جي ڊيگهه ۽ ويڪر اسان جي هاڻوڪن ڪمرن کان ڪجهه گهٽ هوندي هئي. اُن جو سبب ٿلهيون ڀتيون هيون، جي ٻوڏ کان بچڻ ۽ مٿينءَ ماڙ جي بوج جهلڻ جي خيال کان ٺاهيون وينديون هيون. انهن ڀتين تي بُهه مليل گچ جو پلستر هنيو ويندو هو، جنهن جا ڪجهه ڪجهه نشان اڃا سوڌا اُتي ڏسي سگهجن ٿا. ڪن گهرن جي ڀتين مٿان چوطرف کانچا ڏٺا ويا آهن، جن ۾ شايد اُهي شهتير رکيل هئا، جن تي عمارت جي ڇت ٻڌل هئي. انهن شهتيرن تي ڪاٺ جون سنهيون پٽيون رکي، انهن تي پَن يا سَرن جا ٽوٽا رکي، انهن کي مٽيءَ سان لنبي ڇڏيندا هوندا. اندازو آهي ته هي ڇتيون چورس ۽ هڪ ساريڪيون هونديون، ۽ انهن جي ڪنارن تي بچاءَ لاءِ پلوڙا ٺاهيا ويندا هوندا. مينهن جي پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ پڪيءَ مٽيءَ يا ڪاٺ جا ٺهيل نيسارا هڻي ڇڏيندا هوندا.

        هِنن جاين جو نقشو مجموعي طور مشرقي ملڪن جي جاين، خاص ڪري بابل ۽ بر صغير هند ـ پاڪ جي اُترين علائقن جي شهرن جي جاين سان ملي جلي ٿو. يعني هر جاءِ جي وچ ۾ اڱڻ هوندو هو ۽ اڱڻ جي چئني طرفن ڪوٺيون ٺاهيون وينديون هيون. اڱڻ جي ڪنهن هڪ ڪند ۾ ، کير ڏيندڙ جانور ٻڌا ويندا هئا ۽ ٻيءَ ڪنڊ ۾ رڌڻو هوندو هو. وڏين جاين ۾ گڏيل ڪٽنب رهندا هئا. ڪن جاين ۾ وچان آيل پردي جون اهڙيون ڀتيون به مليون آهن، جي جاءِ کي ٻن ڀاڱن ۾ ورهائين ٿيون، ۽ ائين معلوم ٿو ٿئي ته ڄڻ جاءِ کي ٻن ڀائرن جي زالن جي پاڻ ۾ کِٽ پِٽ يا ڪنهن ٻئي خانداني اختلاف جي ڪري جاءِ کي  ٻن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي. ڳچ جاين جي ٻاهرين ڀت، ڀر واري مڪان جي ڀت کان ٿورو هٽائي بنائي ويئي آهي، ۽ ان ڪري ٻنهي جاين جي وچ ۾ هڪ تمام سوڙهي گهٽي ٺهي پيئي آهي. ائين شايد گڏيل ڀت ۾ ڪِلين ٺوڪڻ، ڪٻٽن لڳائڻ يا پاڙِيسرين جي انهيءَ نموني جي آزار کان بچڻ لاءِ ڪيو ويو هوندو. دروازا گهڻو ڪري ڪاٺ جا ٺاهيا ويندا هئا، جيڪي چو ـ ڪاٺي جي وچ ۾ فٽ ڪرڻ بدران مٿينءَ اِيس ۽ چائنٺ ۾ ڦاسايا ويندا هئا. ٻاهرين ڀتين ۾ دريون ڪي اتفاق سان هونديون هيون.

        مٿين ماڙين ڏانهن وڃڻ واريون ڏاڪڻيون اُڀيون، سنهيون  ۽ سوڙهيون آهن، ڪن ڪن ڏاڪن جي اوچائي 15 انچ ۽ ويڪر فقط 5 انچ آهي، جن تي چڙهڻ لاءِ وڏي خبرداري ڪرڻي پوندي هوندي، پر ڪي ڏاڪڻيون اهڙيون به مليون آهن، جيڪي بلڪل پوريءَ ۽ مناسب ماپ جون ٺهيل آهن. هڪ وڏيءَ جاءِ ۾ ته ڏاڪا سوا ٻه انچ اوچا ۽ سوا اٺ انچ ويڪرا آهن. ڪن جاين ۾، مٿينءَ ماڙي تي وڃن لاءِ ٻاهرينءَ گهٽي مان ڏاڪڻيون تيار ڪيون ويون آهن.

هِنن جاين ۾ فرنيچر تمام سادو پيل هوندوــــ پَن جا تڏا تونئريون ۽ سَرن مان مُوڙا ۽ ٽپايون ٺاهيون وينديون هيون جن جون هِتان جي لڌل مُهرن تي تصويرون مليون آهن. اُهي ويهڻ لاءِ استعمال ٿينديون هونديون. اناج رکڻ لاءِ پَليون يا گُندڙا موجود هئا، ڪن هنڌن تي ڀتين ۾ اونها جارا يا کانچا مليا آهن، جي شايد ڪٻٽن جو ڪم ڏيندا هئا.

رستا ۽ گهٽيون: موهن جي دڙي جا رستا ۽ گهٽيون اتر ـ ڏکڻ ۽ اوڀر ـ اولهه تي ٺهيل آهن. هي رستا هڪٻئي کي گونيءَ ڪنڊ تي ڪٽيندي، اڳتي وڌن ٿا. گمان آهي ته رستن جا اِهي طرف هوائن جي رخ کي نگاهه ۾ رکندي رٿيا ويا هوندا ۽ اتر يا ڏکڻ جي طرفن کان ايندڙ تازيون هوائون، ويڪرن رستن تان ويندي، سوڙهين گهٽين ۽ ڳلين جي گُهٽيل گنديءَ هوا کي به کڻي وينديون هونديون. اهڙيءَ ريت گهڻو ڪري هر هنڌ تازيءَ هوا جو گذر ٿيندو هوندو. ٿي سگهي ٿو ته رستن جي طرفن جي هيءَ بيهڪ اتفاقي ڳالهه هجي ۽ ان جو هوائن جي رخ سان ڪو به واسطو نه هجي، پر هوا کان ڪم وٺڻ  جو اهڙو ساڳيو انتظام  بابلي تهذيب جي ڪن شهرن ۾ به ڏسڻ ۾ آيو آهي.

هتان جا رستا ڪافي ويڪرا آهن. پهريون شاهي رستو جيڪو ڊگهائيءَ ۾اڌ ميل کان به وڌيڪ کوٽجي چڪو آهي، اهو اتر ـ ڏکڻ طرف آهي ۽ هن ايراضيءَ جي سڀني کان اهم دڙي کي ٻن ڀاڱن ۾ ورهائي ٿو. هيءُ رستو هتان جي ٻين سڀني رستن کان وڌيڪ اهميت وارو رهيو هوندو، ڇاڪاڻ ته ڪن هنڌين اُن جي ويڪر 35 فوٽن کان به وڌيڪ آهي ۽ ڪيتريون بيل گاڏيون هڪ ئي وقت ان تي گڏوگڏ هلي سگهيون ٿي (پليٽ نمبر 4 ـــ ب). اڀرندي وارو شاهي رستو جيڪو پهرئين شاهي رستي جي ڏاکڻي ڇيڙي تي گوني ڪنڊ ٺاهي اڳتي وڃي ٿو، سو ظاهري طرح اُن کان به وڌيڪ ويڪرو آهي، پر اڃا تائين ان جي فقط هڪڙي حصي جي کوٽائي ٿيل آهي. وچون رستو به پهرئين وڏي رستي کي گوني ڪنڊ تي پار ڪري ٿو، ۽ مٿان کان ، جيتري تائين ان جي کوٽائي ٿي آهي، ته ويڪر 18 فوٽ اٿس. اسٽوپا ايراضيءَ جو سڀ کان وڌيڪ اهميت وارو رستو ساڍا تيرهن فوٽ ويڪرو آهي، ۽ اهو اتر ڏکڻ طرف وڃي ٿو. ٻيا رستا 9 کان 12 فوٽن تائين ۽ گهٽيون چئن فوٽن جون ۽ ان کان به وڌيڪ ويڪريون آهن. انهن رستن ۽ گهٽين مان ڪو به پڪو ٻڌل نه آهي، البت پهرئين شاهي رستي تي سِرن ۽ پٿرن جي ڪڪري وجهي، اُن کي ڪنهن ڳريءَ شيءِ سان ڪُٽي، سنوت ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي هئي، پر شايد هي تجربو زياده ڪامياب نه ٿيو، ۽ ان ڪري ئي ٻين هنڌن تي اهڙي ڪوشش ڪا نه ڪئي ويئي. (1)

        موهن جي دڙي جا سمورا رستا ۽ گهٽيون ڪافي کوٽائي کان پوءِ دريافت ٿيا آهن، ۽ ڪن هنڌن تي ته مٿاڇري کان 35 فوٽ هيٺ تائين کوٽائي ڪئي ويئي آهي. وڏن رستن جي ڀيٽ ۾  ننڍيون گهٽيون وڌيڪ سالم حالت ۾ آهن، انهيءَ ڪري جو اُهي وڏن رستن کان گهٽ استعمال ٿيون هونديون ۽ شهر جي تباهيءَ وقت جلد ئي مٽيءَ ۾ دٻجي ويون هونديون.  اُنهن گهٽين جي ويڪر هيٺان کان مٿئين  طرف وڌندڙ آهي. انهيءَ جو سبب هيءُ آهي ته ٻنهي طرفن وارين جاين جون ٻاهريون ديواريون مٿان کان هيٺ لهواريون ٺهيل آهن. (پليٽ نمبر 4 ــ الف)

        هتان جا ويڪرا رستا رونق ۽ دلچسپيءَ جي مڙني خوبين کان خالي آهن، ڇاڪاڻ ته عام دستور جي ابتڙ نڪي ته انهن رستن تي جاين جي بيٺڪن جون دريون ٿيون ٻاهر کان، جو انهن مان ڳالهين ٻولهين ۽ کل ڀوڳ جا خوشين ڀريا آواز ٻڌجن ۽ رات جي وقت روشنيءَ جا ڪرڻا انهن مان نڪري رستن کي روشن ڪن ، ۽ نه وري جاين جا دروازا ئي رستن جي پاسي آهن، جن مان ماڻهن جي اندر ٻاهر  اچڻ وڃن جو ڪو چهچٽو قائم هجي. ويڪرن رستن ۽ گهٽين جي گڏجڻ واري هنڌ اهڙا ڪمرا عام طرح ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جن مان جاين ۾ اچي وڃي سگهجي ٿو. پر انهن ڪمرن جا دروازا به گهٽين جي پاسي آهن. اندازو آهي ته اهي دروازا چوڪيدارن ۽ دربانن لاءِ ٺهرايا ويا هوندا. ڪن ثابتين مان هيءَ پڻ اندازو لڳايو ويو آهي ته چورن کان حفاظت لاءِ موهن جي دڙي جي سموريءَ بستيءَ کي جدا جدا چوڪين ۾ ورهايو ويو هوندو.

        ڪن رستن جي موڙ تي ڀتين سان ماڻهن جي ڪپڙن ۽ سامان سان لڏيل جانورن جي رڳڙجڻ جا نشان به ملن ٿا. ڪن هنڌن تي رستي جي موڙ تي ڀتن ۾ اهڙيون سرون استعمال ڪيون ويون آهن، جن جون ڪنڊون گولائيءَ تي ڇلهيل آهن،

 ته جيئن سامان سان لڏيل جانور انهن جي ڪنڊن ۾ ڦاسي نه پون. هن نموني جا موڙ اُر جي جاين جي ڀتين ۾ به ڏٺا ويا آهن.(1)

      کوهه: کوهه موهن جي دڙي جي هڪ تمام وڏي خصوصيت آهن، ۽ هزارين سال پراڻا هئڻ جي باوجود، گند ڪچري صاف ڪرڻ کان پوءِ اڄ به نهايت صاف ۽ ٿڌو پاڻي ميسر رکن ٿا. جنهن وقت هتي کوٽائي شروع ٿي هئي، تڏهن آثار قديمه جي ملازمن ۽ مزدورن کي پيئڻ لاءِ ٽن ميلن جي مفاصلي تان پاڻي آڻڻو پوندو هو. هن تڪيلف کان بچڻ لاءِ پراڻن کوهن جي کوٽائي ڪئي ويئي، ۽ صفا ٿيڻ کانپوءِ انهن مان ٿڌو ۽ سٺو پاڻي حاصل ٿيو.

        هي کوهه گهڻو ڪري هر وڏي گهر ۾ موجود آهن. ڪن ماڻهن ته کوهن کوٽائڻ وقت هن ڳالهه جو به خيال رکيو هو ته جيئن گهر ۾ پردو به رهي ۽ ٻاهريان ماڻهو به ان مان فائدو حاصل ڪري سگهن. اهڙيءَ ريت جاءِ جي ٻاهرينءَ ڀت جي ويجهو کوهه کوٽائي، ان کي اهڙيءَ طرح ڀت ڏني ويئي آهي، جو جاءِ جي انداران توڙي ٻاهران گهٽيءَ مان به پاڻي ڀري سگهجي ٿو. انهيءَ کان سواءِ هنڌين هنڌين رستن ۽ گهٽين جي ڀر پاسي ۾ به کوهه کڻايا ويا آهن. گهڻو ڪري سڀئي کوهه مٿان کان تر تائين پڪا ٺهيل آهن، هڪ ٻن هنڌن تي بيضي شڪل  تي آهن،  ۽ باقي کوهه گول نموني تي آهن، بيضوي شڪل جا کوهه پنهنجي ڏيک ۾ نرالا آهن، ۽ ٻئي ڪنهن به هنڌ نه ڏٺا ويا آهن. هڪ  کوهه ايترو ته سوڙهو آهي، جو ان جو گهيرو فقط هڪ فوٽ ۽ ڏهه انچ آهي. کوهن جي پڳ تي رسيءَ جي رڳڙ سان پيل نشان هنڌين هنڌين نظر اچن ٿا. ڪيترن هنڌن تي گول ۽ گهرا نشان به ڏسڻ ۾ آيا آهن، جي هر هر دلي رکڻ جي مهٽ سببان ٿيا آهن. کوٽائيءَ ۾ ٻارن جي راند جون مٽيءَ جون ٺهيل چرخيون به هٿ آيون آهن، جن مان هيءُ اندازو لڳايو ويو آهي ته کوهن تي پاڻي ڪڍڻ لاءِ وڏيون چرخيون لڳايون وينديون هونديون.

هزارن سالن کان هن پراڻيءَ بستيءَ جو مٿاڇرو ڏينهون ڏينهن مٿي اٿندو رهيو آهي، ۽ سنڌو نديءَ ۾ هڪٻئي پٺيان ٻوڏن اچڻ، ۽ زمين جي هيٺئين پاڻيءَ جي مٿاڇري ۾ ڦير گهير اچڻ سببان، هنن کوهن جي ڀت کي مٿي ڪيو ويو هوندو. ڪن کوهن ۾ اهڙا مختلف دور صاف نظر اچن ٿا،، جتي انهن جي مٿئين حصي کي بنياد بنائي، ڪيترا ڀيرا اوچو به ڪيو ويو آهي.( پليٽ نمبر 3 – ب)


* (1) Macuay, Earnest – The Indus Civilization, P.30 (2) English Bond

  (3) Vedic Age, P.171

* (1) Machay, - Indus Civilization, PP. 23-24

*(1)  Machay, - Indus Civilization, P. 26

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org