موهن جي دڙي جي آخري دور ۾ ڪي به نوان کوهه ڪو نه
کوٽايا ويا ۽ پراڻا کوهه ئي استعمال ٿيندا پئي
رهيا. پوئين دور جي ماڻهن پنهنجن وڏن جي کڻايل
کوهن جي مرمت خاص ڌيان به ڪو نه ڏنو، انهيءَ جو
اندازو هن ڳالهه مان ٿي سگهي ٿو ته کوهن جي
هيٺانهن ڀاڱن واريون سِرون نهايت صفائي ۽ سِڌائيءَ
سان ٺاهيون ويون آهن، ۽ مٿين حصن ۾ اوساري بي
ترتيب ۽ نهايت بيڪار نموني جي ڪئي ويئي آهي. ڇاڪاڻ
ته زير زمين پاڻيءَ جي هيٺئين مٿاڇري ۽ مٿئين
مٿاڇري جي وچ ۾ مفاصلو ويهن فوٽن جو آهي، انهيءَ
ڪري اڃا تائين ڪنهن به کوهه جي تر تائين پهچڻ ممڪن
ڪين ٿي سگهيو آهي.
صفائي:
سنڌو ماٿري جا رهواسي صفائيءَ جو تمام گهڻو خيال
رکندا هئا: رستن، کوهن ۽ گهٽين مان گندي پاڻيءَ جي
نيڪال ڪرڻ جو بندوبست فقط موهن جي دڙي ۾ ئي نظر
اچي ٿو. انهيءَ ڳالهه کي سامهون رکندي، جيڪڏهن
هيءَ دعويٰ ڪئي وڃي ته هم عصر تهذيبن ۾ ٻي ڪا به
قوم هن باري ۾ ان جو مٽ ڪانه هئي، ته اهو چوڻ غلط
نه ٿيندو. گههڻو ڪري هر گهٽيءَ ۾ پڪين سرن جون
هوديون ۽ گهٽيءَ جي ٻنهي طرفن جاين مان گندي
پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ ٺهيل موريون پنهنجو مثال پاڻ
آهن. ننڍيون موريون وڏين نالين ۾
وڃي ٿيون پون، جيڪي 19 انچ اونهيون ۽ 8 انچ
ويڪريون هونديون هيون. پاڻيءَ جي مقدار جي خيال
کان انهن جي اونهائي ۽ ويڪر جدا جدا آهي. اهڙيءَ
طرح ڪي ناليون ماپ ۾ ٻيڻيون آهن. هي ناليون معمولي
پڪين سرن مان ٺاهيون وينديون هيون ۽ مٽيءَ جي گاري
سان انهن جي اوساري ڪئي ويندي هئي. پر، ڪن ڪن
نالين ۾ ڏامر استعمال ڪيو ويو آهي ته جيئن پاڻي
مٽيءَ ۾ جذب ٿي نه سگهي ۽ آسانيءَ سان وهي وڃي.
انهن نالين کي سِرن سان ڍڪيو ويندو هو، ۽ انهن کي
گاري سان لمبي ڪو نه ڇڏيندا هئا، ته جيئن سِرن کي
مٿي کڻي، ناليون آسانيءَ سان صاف ڪري سگهجن. وڌيڪ
ويڪريون ناليون پٿر جي پڙڇن سان بند ڪيون وينديون
هيون. ڪٿي ڪٿي انهيءَ مقصد لاءِ وڏيون ۽ ويڪريون
سِرون به استعمال ڪيون ويون آهن، پر ڇاڪاڻ ته
وڏيون سِرون بار پوڻ سان ڀڄي پونديون هيون، انهيءَ
ڪري ان ڪم لاءِ پٿر جي پڙڇن کي وڌيڪ پسند ڪيو
ويندو هو.
گهرن جو گندو پاڻي يا مينهن جو پاڻي نالين ۾ سنئون
سڌو ڪين اچي پوندو هو، پر پهريائين ننڍا نارا هڪ
ننڍي حوض ۾ پوندا هئا، جتي گند ڪچرو، ٺڪر ڀتر حوض
جي تر ۾ وڃي ويهندا هئا، ۽ خالي پاڻي آسانيءَ سان
نالين ۾ وهي ويندو هو. انهيءَ طريقي وڏيون ناليون
گند ڪچري کان صاف رهنديون هيون، ۽ پاڻيءَ جي نيڪال
۾ رڪاوٽ ڪا نه ٿيندي هئي. حوضن کي بار بار صاف ڪيو
ويندو هو. ڪن جاين جا مالڪ جيڪي گندي پاڻيءَ لاءِ
حوض ٺهرائي نٿي سگهيا، سي جاين جي نارن جي آخري
ڇيڙي وٽ مَٽ پوري ڇڏيندا هئا، جن ۾ گندو پاڻي گڏ
ٿيندو هو. انهن مَٽن جي ترَي ۾ سوراخ هوندو هو،
جنهن مان پاڻي آهستي آهستي وهي، زمين ۾ چوسبو
رهندو هو. (پليٽ نمبر 6 – ب)
ڪن ڊگهن نالين ۾ ٿوري ٿوري مفاصلي تي وڏيون
هوديون بنيل آهن، جن ۾ اندر گهڙڻ لاءِ باقاعدي
ڏاڪا ٺهيل آهن ۽ انهن کي ڪاٺ جي ٿلهن تختن سان
ڍڪيو ويندو هو. انهن هودين جو مٿاڇرو نالين سان
سڌائي ۾ يا ڪجهه هيٺڀرو ڪيو ويندو هو. انهن کي
وڏيءَ آسانيءَ سان صفا ڪري سگهبو هو، انهن جي اندر
بيهي نالين کي، جن جو پاڻي ان ۾ پوندو هو، بانس يا
ٻئي لڪڙي وسيلي صفا ڪري سگهبو هو (پليٽ نمبر 5 –
ب). هن قسم جي صفائيءَ جو انتظام غالباً شهر جي
صفائيءَ جي داروغي جي نظرداريءَ هيٺ ٿيندو هو.
جن هنڌن تي مٿانهينءَ تي ڪا وهندڙ نالي،
هيٺانهينءَ ۾ وهندڙ ناليءَ سان ملندي هئي، اتي هڪ
ننڍڙي هودي بنائي ويندي هئي، ته جيئن هڪ ناليءَ جو
پاڻي، ٻيءَ نالي ۾ مٿان کان هيٺ ڪرڻ بدران ان هودي
۾ پوي، ۽ ڦڻنگون نه اڏامن جنهن سببان ڀر واري زمين
آلي نه ٿئي ۽ گندگي نه ڦهلجي. ۽ جتي هڪ نالي ٻيءَ
نالي سان ملي ٿي، اتي گوني ڪنڊ يا عمودي شڪل ۾
گڏجڻ بدران نالين ۾ گولائي پيدا ڪئي ويئي آهي،
انهيءَ ڪري ته جيئن وهندڙ پاڻي جو زور گهٽجي وڃي
(پليٽ نمبر 5 – ب). شهر جي ٻاهران اهڙا زير زمين
نالا ٺاهيا ويا آهن، جن جي ذريعي شهر جو گندو پاڻي
ٻاهر نڪرندو هو. انهن مان ڪي نالا ته اڍائي فوٽ
ويڪرا ۽ چار يا پنج فوٽ اونها آهن. شهر جي گندي
پاڻيءَ جو هيءُ اعليٰ انتظام سنڌو ماٿريءَ جي قديم
رهاڪن جي اعليٰ تعميري صلاحيتن جي شاهدي ڏئي ٿو.
غلسخانا:
سنڌو ماٿريءَ جا ماڻهو وهنجڻ کي وڏي اهميت ڏيندا
هئا، ۽ گهڻو ڪري روزانو وهنجڻ جي منجهن عادت هئي،
ڇاڪاڻ ته گهڻو ڪري هتان جي هر هڪ جاءِ ۾ غلسخانا
ٺهيل هئا، جن جي ٺهرائڻ ۾ خاص فني بندوبست رکيا
ويندا هئا. اهي گهڻو ڪري ٻاهرينءَ گهٽيءَ طرف
ٺاهيا ويندا هئا، ۽ چورس يا مستطيل هوندا هئا.
انهن جو فرش پڪو هوندو هو، جنهن جو لاهه ٻاهرينءَ
ديوار طرف هوندو هو. انهن غسلخانن جي نيڪال جون
ناليون گهٽيءَ جي نالين سان ملن ٿيون. ڪن جاين ۾
مٿينءَ ماڙي کان هيٺ تائين گندي پاڻي ڪڍڻ لاءِ
مٽيءَ جا ٺهيل پَڪا گول ”پائيپ“ لڳل ڏسڻ ۾ آيا
آهن (پليٽ نمبر 6 – الف). ممڪن آهي ته جاين جي
مٿين ماڙين تي به غلسخانا موجود هجن.س
حمام:
موهن جي دڙي ۾ ڪي اهڙيون جايون به ڏسڻ ۾ آيون آهن،
جن لاءِ گمان ٿو ٿئي ته اُهي عام حمامن طور ڪم
اينديون هيون. انهن جاين جي ڀتين ۾هر هنڌ اهڙا
”نل“ لڳل آهن، جن مان اهو اندازو ٿئي ٿو ته انهن
وسيلي گرم پاڻي موجود رکيو ويندو هوندو. انهن جاين
جي اندران رک ۽ ڪوئلو به هٿ آيا آهن، جنهن مان
اِهو گمان وڌيڪ پڪو ٿو ٿئي ته اُهي جايون حمام جو
ڪم ڏينديون هيون، پر ڪنهن به اهڙي خاص حمام جي
موجودگي بهرحال ڪنهن يقين جي حد تائين ثابت ٿي نه
سگهي آهي.
مٿي ڄاڻايل مثالن مان هيءُ اندازو ٿئي ٿو ته سنڌو
ماٿريءَ جي رهاڪن ، شهري اڏاوت جي رٿابنديءَ ۽
تعميري فن ۾، وڏي ترقي ڪئي هئي، ڇاڪاڻ ته هن تهذيب
جي تباهيءَ کان پوءِ، اٽڪل هڪ يا ڏيڍ هزار سالن
تائين برصغير هند ـ پاڪ ۾ نڪي ته اهڙيون شاندار
عمارتون بنايون ويون، ۽ نڪي وري ڪنهن اهڙي سليقي
سان شهري رٿابندي ئي ڪئي ويئي. پر هتي فطري طور
هيءُ سوال پيدا ٿئي ٿو ته فن تعمير ۾ هنن ماڻهن کي
هيءُ اوج ڪيئن حاصل ٿيو؟ ائين چوڻ صحيح ڪين ٿيندو
ته هِتي هِنن ماڻهن کان ڳ ڪا ٻي مهذب قوم آباد
هئي، جنهن کان هيءُ تعميري ورثو هِنن کي مليو ۽
جنهن کي هِنن ترقي ڏني، ڇاڪاڻ ته موجوده تحقيق
ڪنهن به اهڙيءَ اڳ رهندڙ قوم جو پتو ڪو نه ٿي ڏئي،
۽ نه ئي وري ڪنهن اهڙي اڳ جي تهذيبي ورثي جو ئي ڪو
ڏس اسان کي ملي ٿو، جو هن سلسلي ۾ اسان کي مطمئن
ڪري سگهي. بهرحال هيءُ تسليم ڪرڻو پوي ٿو ته شهري
رٿابندي ۽ اڏاوتي فن جو هيءُ معراج سنڌو ماٿريءَ
جي قديم فرزندن جي صدين جي لاڳيتين عملي ڪوششن جو
نتيجو هو. البت هن ڳالهه جو وڏيءَ کوجنا ڪرڻ کان
پوءِ پتو پوندو ته هُنن جون هي حاصلاتون ڪڏهن ۽
ڪهڙيءَ طرح ٻين علائقن ۾ پهتيون، ۽ کانئن پوءِ جي
نسلن انهن مان ڪيتريءَ حد تائين فائدو حاصل ڪيو.
هنر ۽ ڪاريگري
ڪنڀارڪو هنر، ٽامي ۽ ڪُٺ جا ٿانو، هٿيار ۽ اوزار،
سنگتراشي، مهرون ٻيا هنر، مڻيا
ڪنڀارڪو هنر؛ ٺڪر ۽ ٺڪريون جيڪي عام ماڻهن جي نظرن
۾ ڪا به اهميت نٿيون رکن، اهي آثار قديمه جي ماهرن
لاءِ آتيويتا جي اکرن واري حيثيت رکن ٿيون. انهن
ٺڪرين مان ئي تحرير ۾ نه آيل دور جي تاريخ گڏ ڪئي
وڃي ٿي. ٺڪرين جي بناوت، نقاشي، مضبوطي ۽ ٿلهائي،
مطلب ته هر خصوصيت پراڻيءَ تهذيب جي هڪ خاص دور جي
آئيني مثل تسليم ڪئي وڃي ٿي. قريب مشرق جي قومي
کنڊرن مان هٿ آيل ٺڪريون انهن تهذيبن جي مختلف
دورن ۽ ٻين تهذيبن مان انهن جي لاڳاپن، هڪجڙاين، ۽
سماجي زندگيءَ جي امتيازن جا داستان ٻڌائين ٿيون
خوش قسمتيءَ سان سنڌو ماٿريءَ جي ماڻهن مٽيءَ جي
ٿانون جي شڪل ۾ تمام گهڻو مواد ڇڏيو آهي، جيڪو هنن
جي رهڻيءَ ڪرڻيءَ ۽ زندگي جي طور طريقي ڏانهن
اشارو ڪري ٿو. انهن جي اهميت انهيءَ ڪري به زياده
آهي ته ڪن خاص حالات کان سواءِ مٽيءَ جا ٿانو جن
به هنڌان هٿ اچن ٿا، گهڻو ڪري اهي انهيءَ هنڌ ئي
ٺهن ٿا ۽ ساڳئي وقت پنهنجي دور جي صحيح ترجماني به
ڪن ٿا. ان دور جون ٻيون باقي چيزون يا ته ٻاهريان
حملي آور لُٽ مار ڪري، پاڻ سان کڻي وڃن ٿا، يا وري
خزاني تلاش ڪندڙن جي هٿ اچي وڃن ٿيون، پر، مٽيءَ
جا ٿانو، بيڪار هئڻ سببان، گهڻو ڪري پنهنجيءَ جاءِ
تي ئي پيا رهندا آهن، ۽ انهن کي ڪو به هٿ نٿو
لڳائي. موهن جي دڙي مان مٽيءَ جا ٿانو ايترا ته
گهڻا هٿ آيا آهن، جو خيال ٿئي ٿو ته شايد هتان جي
ماڻهن کي انهن جي ٺاهڻ ۽ ڀڃڻ کان سواءِ ٻيو ڪو ڪم
ئي ڪو نه هو.
موهن جي دڙي ۽ هڙاپا جي مٽيءَ جي ٿانون ۾ وڏي
هڪجهڙائي آهي. جيڪڏهن انهن ٻنهي هنڌان هٿ آيل ٺڪر
هڪ هنڌ گڏ ڪيا وڃن ته اهو فرق ڪرڻ گهڻو ڪري ناممڪن
ٿي پوندو ته ڪهڙو ٺڪر هڙاپا جو آهي ۽ ڪهڙو موهن
جي دڙي جو. هي سمورا ٺڪر سنڌونديءَ جي آندل چيڪيءَ
مٽيءَ مان ٺهيل آهن، جن ۾ چن ۽ ابرڪ جا جزا ننڍڙن
ننڍڙن ذرن جي شڪل ۾ شامل آهن. هي ٿانو ڪنڀار جي چڪ
تي ٺاهيا ويندا هئا، پر ڪي ٿانو هٿ سان به ٺاهيل
آهن. چڪ جيئن ته ڪاٺ جا ٺهيل هوندا هئا، انهيءَ
ڪري وقت گذرندي اُهي ناس ٿي ويا. البت اهي آويون
کوٽائيءَ ڪندي هٿ آيون آهن، جن ۾ مٽيءَ جا ٿانو،
رانديڪا ۽ ٻيون شيون باهه ۾ پچايون وينديون هيون.
انهن گول آوين جو گهيرو ڇهه يا ست فوٽ آهي، انهن
جي هيٺان اهڙيون ناليون بنايون ويون آهن، جن مان
هوا اندر وڃي باهه کي تيز ڪندي هئي. آوين جي تر ۾
سوراخ هوندا هئا، جن تي ٿانو رکي، هيٺان کڏ ۾ باهه
ٻاري ويندي هئي. دونهين نڪرڻ لاءِ آويءَ جي مٿان
هڪ سوراخ هوندو هو. باهه کي هڪساريڪو رکيو ويندو
هو، جنهن ڪري ٿانون تي ڪن هنڌ وڌيڪ پچڻ ڪري ڪارا ۽
گهٽ پچڻ ڪري پيلا يا هلڪي ڳاڙهي رنگ جا داغ نه
پوندا هئا پر اُنهن جو مٿاڇرو لاڳيتو خوبصورت
ڳاڙهي رنگ جو ٿيندو هو. چڪ تي ٿانون ٺاهڻ ۽ سُڪائڻ
کان پوءِ انهن تي اورچ يا دانگ (هڪ قسم جي مٽي
جنهن ۾ لوهه مليل هوندو هو، ۽ جنهن مان هلڪو
بادامي رنگ ٺهندو آهي) سان رڱائي ڪئي ويندي هئي.
رنگ سڪڻ تي ، هڏي يا ڪنهن ٺڪريءَ سان گسائي،
مٿاڇري کي لسو ڪيو ويندو هو. پوءِ ڪنهن برش سان
چِٽ گل ڪڍيا ويندا هئا. هي چٽَ گل گهڻو ڪري گَهري
ڪاري يا ڪاراڻ مائل ڳاڙهي مصالحي مان ٺاهيا ويندا
هئا. دور جي سڀ کان وڻندڙ ڊزائين اهڙن گولن جي
ٺاهيل آهي، جي هڪٻئي کي چئن هنڌن تي ڪاٽين ٿا، ۽
ائين انهن تي پَن ٺهي پون ٿا. انهن پنن اندر نهايت
خبرداريءَ سان پور وڇوٽ ليڪون ڪڍيون ويون آهن، جي
نهايت وڻندڙ معلوم ٿين ٿيون. پر ، هي گول ڇاڪاڻ ته
ڪنهن پلڪار يا ڪنهن ٻئي اوزار جي مدد کان سواءِ
ڪڍيا ويا آهن، انهيءَ ڪري اڪثر ڏنگا ۽ چٽا آهن.
ڊزائين جو ٻيو نمونو اهڙن وڻن جي شڪلين جو آهي، جن
جون پاڙون ڪونڊين ۾ ڏيکاريون ويون آهن. وڻن جي
وچان وچان ٻيا چٽ نڪتل آهن، خبرداريءَ سان ٺهيل
ٿانون کان سواءِ عام ٿانون تي جيڪي وڻن جون
ڊزائينون نڪتل آهن، تن ۾ رڳو سنڌين ليڪن سان وڻ ۽
وري به سڌين ليڪن سان انهن جون شاخون ڏيکاريل آهن.
ڪن چٽن ۾، اڀرندڙ سج جي شڪل گول ڦڻيءَ جي نموني
بنائي ويئي آهي، جنهن جا ڏند ٻاهرئين طرف جي ڪرڻن
لاءِ ڏيکاريل آهن. اهڙيءَ طرح برتنن تي جانورن،
جهرڪين، نانگن ۽ مڇين جون تصويرون به ٺاهيون ويون
آهن. جانورن جي خاڪن اندر، خوبصورتيءَ جي خيال
سان، ليڪون ڏنيون ويون آهن. عام طرح جانورن ۽ پکين
کي انهن جي فطري ماحول ۾، يعني جانورن کي گاهه تي
۽ جهرڪين کي جهنگ جي ٻوٽن ۽ وڻن تي ڏيکاريو ويو
آهي. هڪ ٿانو تي ٻه جهرڪيون جهنگلي ٻوٽن جي وچ ۾
ٽپندي ڪڏندي ڏيکاريون ويون آهن. ڳچ ٿانون تي هرڻ ۽
جابلو ٻڪر جون تصويرون به بنايون ويون آهن.
هڙاپا جي دڙي مان لڌل هڪ ٿانو تي هڪ ماڻهوءَ ۽ ٻار
جي تصوير کان سواءِ ڪنهن به ٻئي ٿانون تي انساني
شڪل جون تصويرون نڪتل ڪو نه مليون آهن. اهڙيءَ طرح
انساني جسم جي عضون جون تصويرون به ڪٿي نڪتل نظر
نٿيون اچن. البت ٿورا اهڙا بيضوي شڪل جا چٽ ڏسڻ ۾
آيا آهن، جن کي اکين سان تشبيهه ڏيئي سگهجي ٿي.
انهيءَ جي ابتڙ هن دور ۾ ايلا، ۽ سُميري ٺڪر جي ڪم
۾ انساني شڪلين ڪڍڻ جي ڀرمار آهي. انهيءَ کان
سواءِ شطرنجي( جنهن ۾ چوڪنڊا ٺاهيا ويندا آهن)،
ٽڪنڊي جهڙا ۽ ڏنداوان چٽ به گهڻن ٿانون تي ڏسڻ ۾
آيا آهن. ڪن ٿانون تي مٿي ڄاڻايل چِٽن بدران،
گولائيءَ ۾ چوڌاري ٿلهيون ۽ سنهيون ليڪون وڌيون
ويون آهن. ڪن ٿانون تي هڪٻئي سان گڏجندڙ بيضوي
نموني جا گول ٺاهيا ويا آهن. هن گول هڪٻئي سان
گڏجي اهڙيون شڪليون بنائين ٿا، ڄڻ ته مڇيءَ جي
ڇلرن جي تصوير ڪڍي ويئي هجي. ڪن ٿانون تي ويڪرن
پَٽنَ جي اندر گول يا بيضوي نموني جي گولن سان
زنجيرون ٺاهيون ويون آهن. هيءُ نقاشي سڄي ٿانو تي
ڪا نه ڪئي ويندي هئي، اُن جو اهو ڀاڱو جيڪو تري جي
ويجهو گولائيءَ ۾ هئڻ ڪري نظر نٿو اچي يا جيڪو
زمين ۾ پُوريو ويندو هو، سادو هوندو هو.
ننڍن ٿانون جي وچ ۾، يا گِرنهِن جي ويجهو
هڪ ويڪرو پٽو ڏنل هوندو هئو، جنهن جي مٿان ۽ هيٺان
سنها پٽا هوندا هئا. وڏن ٿانون تي عام طرح ۽ سامان
رکڻ وارن وڏن مٽن تي خاص طرح چوڦير ڪارا يا ڪاراڻ
تي مائل ويڪرا پٽا نڪتل هوندا هئا، جيڪي تري کي
ڇڏي گهڻو ڪري سڄي ٿانو تي ٺاهيا ويندا هئا. ٿانون
تي چاڪيدار ڳاڙهي رنگ جي پالِش نه فقط سهڻائيءَ
لاءِ ڪئي ويندي هئي، پر ان مان هڪ فائدو هيءُ به
هوندو هو ته ٿانون جا سنهڙا سوراخ بند ٿي ويندا
هئا، ۽ منجهانئن پاڻي ڪو نه سمندو هو. سامان رکڻ
وارن وڏن مٽن جي ٻاهرئين مٿاڇري تي پالِش سان
گڏوگڏ اندرئين حصي ۾ به اهڙي مصالحي سان پالِش ڪيل
ڏسجي ٿي، جنهن ۾ گُگر جي ملاوت ڪئي ويندي هئي. ڪن
ڀورن يا هلڪي ڳاڙهي يا ناسي رنگ جي پالِش وارن
ٿانون تي دانگ جي رنگ سان چٽسالي ڪئي ويئي آهي.
اهڙا ٿانو ٿورا ڏسڻ ۾ آيا آهن، جن تي ٻن يا ٽن
رنگن جي چٽسالي ڪئي ويئي هجي. ۽ اهڙي قسم جي ٿانون
تي ڳاڙها ۽ ڪارا رنگ آويءَ تي چاڙهڻ کان اڳ ، ۽
ساوا ۽ پيلا رنگ اُن کان پوءِ استعمال ڪيا ويا
آهن. هي رنگ عام طور تي اڇي تر تي استعمال ڪيا ويا
آهن، پر ڪن ڪن ٿانون تي سفيدو به رنگ طور استعمال
ڪيو ويو آهي. عام طور اهڙي ئي نموني جي رنگين
ٿانون جا ٽڪرا مليا آهن، ۽ انهن تي هڪٻئي کي
ڪاٽيندڙ گولن ۽ وڻن جي پنن جي چٽسالي ڪيل ڏٺي ويئي
آهي. انهن ٿانون ۽ ايلام ۽ سمير جي مختلف رنگن
وارن ٿانون ۾ ڪا به هڪجهڙائي ڪانهي. گهڻن رنگن
وارا ٿانون آمري ۽ نال مان به هٿ آيا آهن، پر اڃا
انهن جو دور مقرر نه ٿي سگهيو آهي. مسٽر هار گيوز
انهن جي دور کي سنڌو ماٿريءَ کان اڳ جو، سر آريول
اسٽائن پوءِ جو ۽ پروفيسر گارڊ چائلڊ سنڌو ماٿريءَ
و همعصر دور ٻڌائين ٿا ۽ مسٽر مئڪي جو خيال آهي
ته نال ۽ آمريءَ جي رنگين ٿانون مان هيءُ اندازو
ٿئي ٿو ته اهڙا ٿانو سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب کان اڳ
ٺاهيا ويندا هئا ۽ سنڌو تهذيب جي عروج ۾ انهن جو
استعمال ختم ٿي ويو هو. |