موهن جي دڙي ۾ ايڇ. آر. ايراضيءَ مان سون جا بي
انداز مڻيا هٿ آيا آهن، جن مان ڳچ گول چپترين ٽڪين
جهڙيءَ شڪل جا آهن، ۽ جن ۾ هڪ چوڦير سِير آهي. هن
قسم جون ٽِڪيون مصر ۾ 2300-2500 ق. م ۽ ٽراءِ ۾
اٽڪل 2300 ق. م جي دور جون لڌيون آهن. ٽامي ۽ ڪُٺ
جا مڻيا ڪا خاص خُوبي رکندڙ نه آهن.
اسٽيٽائيٽ جا مڻيا، ان جي ٻُوڙي کي آلو
ڪري ڪٺ جي ٻورن ۾ وجهي ٺاهيا ويندا هئا. چينيءَ جي
نموني جا مڻيا به مليا آهن. موهن جي دڙي، هڙاپا ۽
چانگهونءَ جي دڙي مان هٿ آيل مڻڪن مان 35 مڻڪا
وڏيءَ اهميت وارا آهن. هي مڻيا تهدار آهن. هن
نموني جي مڻيا شام ۾ جموت نصر جي دور، يعني اٽڪل.
300 ق. م ، ۽ ڪريٽ مان به هٿ آيا آهن(2).
عام طرح هن نموني جا مڻيا اسٽيٽائيٽ جي ٻوري مان
ٺاهيا ويا آهن. ڊگهن مڻين تي ٽپتائين ڊزائين جي
نقاشي ڪئي ويئي آهي. هي ڊزائين گرمٽ يا ڪنهن ٻئي
چهنب واري اوزار سان ڇِلهيا ويا آهن. انهن چٽن ۾
ڳاڙهو يا ڪارو مصالحو ڀري، باقي مٿاڇرو کرڙي،اُن
تي سفيد مصالحو لڳايو ويو آهي. اهڙيءَ ريت سفيد تر
تي ڪاري يا ڳاڙهي رنگ جا چٽ اُڪيريا ويا آهن. ڪن
مڻين جو تَر ڳاڙهو آهي. ٽپتائين ڊزائين جيڪا عام
طرح انهن مڻين تي ٺاهي ويئي آهي، اها سرغوني دور
يا ان کان پوءِ رواج ۾ هئي. ميسوپوٽيما ۾ اُن جي
تاريخ 2300 ق. م آهي. هن نموني جا مڻيا مصر ۾ اٽڪل
هڪ هزار سال بعد جي دور مان مليا آهن (3).
عقيق پٿر جا مڻيا به ذڪر ڪرڻ جي لائق آهن.
هي ٻن نمونن جا آهن: ڳاڙهو تَر تي سفيد چٽن وارا
يا سفيد تر تي ڪارن چٽن وارا. ڳاڙهي تر تي ڪاري
رنگ جا مڻيا ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مليا آهن. اندازو
آهي ته انهن چٽن اُڪيرڻ کان پوءِ مڻيي تي سوڍا
هڻي، پٿر کي گرم ڪيو ويندو هو، ۽ ان ڪري سوڍا انهن
چٽن تي ڄمي ويندي هئي، ۽ پڪي سفيد ڊزائين ٺهي
پوندي هئي. ٻين نمونن جي مڻين ۾ ڀُوري پٿر تي سوڍا
لڳائي ويندي هئي ۽ پوءِ ان تي ڪاپرنائٽريٽ (1) جي
سوليوشن سان ڊزائين ٺاهي، ان کي باهه ۾ پچايو
ويندو هو. هن نموني جا مڻيا ميسوپوٽيما مان به
مليا آهن.
آمد رفت ۽ واپار
آمد رفت، واپار، وٽ ۽ ماپا
آمدرفت: قديم تربن زماني ۾ موهن جو دڙو هڪ واپاري
مرڪز هو. هتي آسپاس جي علائقن ۽ ٻين ملڪن مان
واپاري شيون گهرايون وينديون هيون. ڏسڻو هيءُ آهي
ته آثاري ثابتيون انهن جي آمدرفت جي ذريعن متعلق
نشاندهي ڪرڻ ۾ اسان جي ڪهڙي مدد ڪن ٿيون.
موهن جي دڙي، هڙاپا ۽ ٻين هنڌن تان بيل
گاڏين جا بيشمار پتلا مليا، جيڪي ٻارن جي راند
کيڏڻ لاءِ ٺاهيا ويا آهن، پر انهيءَ حقيقت کان
انڪار ڪرڻ جي ڪا گنجائش ئي نه آهي ته اهي پنهنجي
دور جي اصلي گاڏين جي نقل آهن ( پليٽ نمبر 17).
اهڙيءَ ريت اسين هي چئي سگهون ٿا ته سنڌو ماٿريءَ
۾ سامان ۽ ماڻهن جي آڻڻ نيڻ لاءِ بيل گاڏيون
استعمال ٿينديون هيون. موهن جي دڙي واري دور جون
ٻن ڦيٿن واريون گاڏيون اڄ به سنڌ ۾ موجود آهن.
انهن جا ڦيٿا مضبوط هوندا هئا. هڙاپا مان هڪ ٽامي
جو ٺهيل ٻن انچن جو يَڪو پڻ مليو آهي، جنهن جا
ڦيٿا گم آهن. هي سامهون ۽ پٺيان کليل ۽ ساڄي ۽
کاٻي طرفن کان بند آهي. اُن جي ڇت ڇپر وانگر پاسن
ڏانهن لاهيءَ تي آهي. چانهونءَ جي دڙي مان ٽامي
جون ٺهيل ٻه بيل گاڏيون مليون آهن، جن مان هڪ
هڙاپا جي نموني جهڙي آهي. ٻيءَ جا مضبوط ڦيٿا ته
موجود آهن، پر ڇت ڪا نه اٿس. چانهونءَ جي دڙي مان
مٽيءَ جون ٺهيل اهڙيون بيل گاڏيون به مليون آهن،
جن ۾ چار ڦيٿا لڳل آهن. انهن جا اڳيان ڦيٿا پوين
ڦيٿن کان وڏا آهن.
هيءَ ڳالهه اڃا يقين سان چئي نٿي سگهجي ته
سنڌو ماٿريءَ جا ماڻهو بار ڍوئڻ ۽ سواريءَ لاءِ
ڪهڙا ڪهڙا جانور استعمال ڪندا هئا. هتي خچر يا
گڏهه جي موجودگيءَ جي ڪا به ثابتي نٿي ملي، البت
موهن جي دڙي جي مٿئين تهه جي کوٽائي مان گهوڙي
جا هڏا هٿ آيا آهن. انهيءَ کان سواءِ مسٽر مئڪي جي
مجسمي کي گهوڙي جو پتلو ٻڌايو آهي. اتر بلوچستان
جي رعنا گندئي هنڌ تان پهرين تهن مان گهوڙي ۽
جهنگلي گڏهه جا ڏند هٿ آيا آهن. ٿي سگهي ٿو ته
قافلن ۾ واپار جي سامان آڻڻ نيڻ وارا سوداگر اٺ،
گهوڙا ۽ گڏهه رکندا هجن. هيءُ به يقين سان چئي نٿو
سگهجي ته اهي ماڻهو هاٿيءَ کي تربيت ڏيئي ان کان
ڪو ڪم وٺندا هئا يا نه. البت مهرن تي ٺهيل هاٿين
جي تصويرن مان هيءُ اندازو ضرور ٿئي ٿو ته هاٿي
انهن لاءِ اوپرو جانور نه هو.
بيل گاڏين ۽ جانورن کان سواءِ هتي ٻيڙين
جي ذريعي به سامان آندو ويندو هو. سنڌوندي ٻيڙين
جي آمدرفت جي لائق آهي، ۽ وڏا وڏا ٻيڙا نهايت
آسانيءَ سان اڄ به سنڌ جي سڀني بندرن تي سامان
آڻين ۽ نين ٿا. ڪاٺ مان ٺهيل هئڻ سببان پراڻي
زماني جون ٻيڙيون ناس ٿي ويون آهن. البت ڳچ اهڙيون
نشانيون ضرور مليون آهن، جيڪي هن سلسلي ۾ اسان جي
ڪافي رهبري ڪن ٿيون. مثلن هڪ مهر تي مڙهه کان
سواءِ ٻيڙيءَ جي تصوير ٺهيل ملي آهي، جنهن جي آڳيل
۽ پاڇيل ڪافي مٿڀرو کنيل آهن. اُن جي وچ ۾ هڪ ڪوٺي
آهي ۽ پاڇيل تي ٻيڙيءَ هلائڻ وارو ملاح ڏيکاريو
ويو آهي. اهڙيءَ طرح ، هڪ برتن تي ٻيڙيءَ جي شڪل
نڪتل ملي آهي، جنهن جا پڻ ٻيئي ڇيڙا اٿيل آهن ۽ ان
تي به ملاح ويٺل ڏيکاريل آهي، پر وچ تي ڪوٺيءَ
بدران مهرون لڳل اٿس، جنهن کي ٻه ٽيڪون جهلي طور
ڏنل آهن. اهڙيون ٻيڙيون ۽ ٻيڙا دريائن ۽ سمنڊن
ٻنهي هنڌ هلي سگهن ٿا. هي آثار انهيءَ ڳالهه جي
ثابتي ڏين ٿا ته هي ماڻهو ٻيڙين ٺاهڻ ۽ هلائڻ ۾
وڏي مهارت رکندا هئا.
واپار:
سنڌو ماٿريءَ جي قديم آثارن مان اهڙيون بي انداز
چيزون هٿ آيون آهن، جيڪي هن علائقي مان نٿيون ملن.
ظاهر آهي ته هي شيون ٻاهران گهرايون وينديون
هونديون. ٽامي، ڪٺ ۽ قلعي آڻڻ جي باري ۾ پوين صفحن
۾ گفتگو ٿي چڪي آهي. سون هندستان ۾ ميسور ۽
افغانسان ۾ قنڌار ۽ ٻين هنڌن مان ملي ٿو، ايران ۾
به ڪن هنڌ ملي ٿو. سر ايڊون پاسڪو (1) جي خيال
مطابق ڏکڻ هندستان (حيدرآباد، ميسور ۽ مدراس) ۾ ،
تاريخ جي ابتدائي دور کان ، هندستان جي جملي سون
جو وڏو حصو لڀي ٿو. اُتان جي ڪن کاڻين ۾ قديم
زماني کان کوٽائيءَ جا آثار ڏسجن ٿا.
هن جو خيال آهي ته سنڌو ماٿريءَ
جا ماڻهو ڏکڻ هندستان مان سون گهرائيندا هئا. هن
اندازي جي تائيد هن ڳالهه مان به ٿئي ٿي ته موهن
جي دڙي ۽ هڙاپا مان جيڪو سون هٿ آيو آهي، اهو گهڻو
ڪري چانديءَ جي ملاوت وارو آهي. هن نموني جي ملاوت
وارو سون ڪولور، ميسور ۽ اننتپور جي کاڻين مان ئي
ملي ٿو. انهيءَ کان سواءِ سبز اميزن پٿر به نيلگري
ٽڪرين جي ويجهو داد بٽيا جي ايراضيءَ مان گهرايو
ويندو هو. ٿي سگهي ٿو ته سون ايران ۽ افغانستان
(قنڌار ) مان به گهرايو ويندو هجي. سون سان گڏ
چانديءَ جا ٿانو ۽ زيور به هٿ آيا آهن، يقين آهي
ته انهن جي ٺاهڻ لاءِ اجمير (هندستان)، افغانستان،
ايران ۽ ڏکڻ هندستان مان چاندي گهرائي ويندي
هوندي. لاجورد جا فقط ٻه مڻيا ۽ شطرنج جي پيادي
جهڙو هڪ ٽڪرو موهن جي دڙي مان، ئي مڻيا هڙاپا مان
۽ ڇهه
مڻيا
چانهون جي دڙي مان هٿ آيا آهن نال (بلوچستان) مان
لاجورد جي مڻين جون ڪيتريون لڙيون مليون آهن،
لاجورد ، فيروزه ۽ زمرد هندستان ۾ هر گز نه آهن.
لاجورد ميسوپوٽيميا ۾ نهايت گهڻائيءَ سان استعمال
ڪيو ويندو هو، ۽ ٿي سگهي ٿو ته سنڌماٿريءَ وارا
اتان گهرائيندا هجن. اتر ـ اوڀر افغانستان ۽
بدخشان ان به لاجورد ملي ٿو، ۽ جيئن ته
ميسوپوٽيميا جي ڀيٽ ۾ بدخشان سنڌوماٿريءَ کي وڌيڪ
ويجهو آهي، انهيءَ ڪري ممڪن آهي ته اُهو اتان ئي
گهرايو ويندو هجي. فيروزي لاءِ خراسان مشهور آهي ۽
ٿي سگهي ٿو ته اُهو اتان ئي گهرايو ويندو هجي. جيڊ
پامير جي علائقن، اوڀر ترڪستان، ٿٻيٽ يا اتر برما
مان گهرايو ويندو هوندو.
گُگر، جڪ مومي ڪپڙي يا ٻين چيزن ٺاهڻ جي ڪم ايندو
هو، اهو يا ته سنڌونديءَ جي ساڄي ڪناري عيسيٰ خيل
جي شهر مان گهرايو ويندو هو يا بلوچستان مان.
سنُدور وچ هندستان ۽ مڌيه پرديش مان ملندو آهي ۽
گهڻو ڪري اتان گهرايو ويندو هوندو. پر ان جو وڏو
مقدار ٻيڙين جي وسيلي هرمز ۽ ايراني نار جي ٻين
ٻيٽن مان به ايندو هوندو. هتي هڪ قسم جي سائي رنگ
جي مٽي به ملي ٿي، جا شايد بلوچستان مان مهيا ڪئي
ويندي هجي.
انهن معدني شين کان سواءِ زيورن ۽ ٻين ننڍن هنرن
۾استعمال ٿيندڙ چيزون مثلن هڏا، عاج، سپي ۽ ڪوڏ
وغيره به هٿ آيا آهن. هي چيزون هونئن ته مقامي طور
ملنديون هونديون، پر مختلف قسم جا ڪوڏ هندستان جي
ڪنارن، ايراني نار ۽ ڳاڙهي سمنڊ جي پاسي کان به
گهرايا ويندا هئا.
موهن جي دڙي ۾ انهن شين جي موجودگي کي نه ققط ان
جي سماجي زندگيءَ تي روشني وجهي ٿي، پر انهيءَ
کوجنا مان اهو پتو به پوي ٿو ته اهي شيون ڪٿان
ڪٿان گهرايون وينديون هيون، ۽ سنڌو ماٿريءَ جي
واپاري لاڳاپن جو سلسلو ڪهڙن ڪهڙن ملڪن تائن ڦهليل
هو، ۽ ان جا تهذيبي ناتا ڪهڙن ڪهڙن پرانهن علائقن
سان هئا.
سر ايڊون پاسڪو جي رايي مطابق سنڌو ماٿريءَ مان هٿ
آيل شيون هيٺين ملڪن مان گهرايون وينديون هيون:
سون ــ ڏکڻ هندستان، افغانستان، ايران ۽
ٿٻيٽ.
چاندي ــ ڏکڻ هندستان، افغانستان،
ايران، آرمينيا ۽ برما.
ٽامون ــ ڏکڻ هندستان، افغانستان،
بلوچستان ۽ راجپوتانا.
قلعي ــ افغانستان، ايران ۽ راجپوتانا.
لاجورد ــ افغانستان.
فيروزا ــ ايران ۽ خراسان.
سنگ جراحت ــ ڪاٺياواڙ ۽ بلوچستان.
ياقوت ــ ڏکڻ هندستان.
سليٽ جو پٿر ــ راجپوتانا ۽ راج پپلا.
عقيق يعني
سنگ سليماني ــ راجپوتانا ، ڪاٺياواڙ ، ڪشمير
۽ دکن.
يشب ــ راجپوتانا ۽ راج پپلا.
سائو پٿر (1) ــ راجپوتانا ۽ ڏکڻ هندستان
۾ ڪرشنا ۽ گوداوري ندين جا ڪنارا.
گگر ۽ ڪارو
چن ( تير ) ــ هرمز ٻيٽ، بو موساي ، هالوي لکپت.
سنگمرمر ــ راجپوتانا.
موهن جي دڙي، هڙاپا ۽ ٻين هنڌن تان پٿر
مان نهايت صفائيءَ سان تيار ڪيل ٽڪرا مليا آهن، جي
گهڻو ڪري تورڻ جي ڪم ۾ وُٽنَ وانگر استعمال ٿيندا
هوندا. انهن مان ڪي ته ايترا وڏا آهن، جو انهن کي
کڻڻ لاءِ رسين جي ضرورت پوندي هوندي. ۽ ڪي وري
ايترا ننڍا آهن، جو انهن سان سون ۽ چانديءَ
جهڙيون قيمتي شيون توري سگهجن ٿيون. هي وَٽَ گول،
چورس، مخروطيء ۽ دُهل جي شڪلين جا آهن. تارازيون
البت گهٽ هٿ آيون آهن. ٻن پُڙن سان گڏ هڪ ڪانِي هٿ
آئي آهي، جنهن جي ٻنهي ڇيڙن تي ڪَهين ٻڌڻ جا نشان
نظر آيا آهن ۽ خيال آهي ته هيءَ تارازيءَ جي ڪاني
هوندي.
هِنن هٿ آيل وَٽَن کي جڏهن توريو ويو، ته
انهن ۾حيرت ۾ وجهندڙ نسبت ۽ توازن ڏسڻ ۾ آيو. ننڍن
وٽن ۾ سوُسا وانگر ٻِڪي جي نسبت جو پتو پيو، پر
وڏن برتن ۾ ڏهائيءَ جو حساب رکيل آهي. هتي ٽڪي جي
نسبت جو ڪو به ثبوت نٿو ملي. وزن جي هڪ ايڪائيءَ
جو اندازو 870 گرام لڳايو ويو آهي ۽ سڀني کان وڏو
وزن 15975 گرام آهي. عام وزن 13.64 گرام هوندو هو،
جو وزن جي هڪ ايڪي سان
16:1جي
نسبت رکي ٿو. پاڪستان ۾ 1 ۽ 16 جي نسبت اڄ به هڪ
رپئي جي سورهن آنن ۽ هڪ سير جي سورهن آنن ۾ ڏسڻ ۾
اچي ٿي. ائين ٿو معلوم ٿئي ته وٽن ۽ ماپن جي
هميشه جاچ پڙتال ٿيندي هئي، هونئن نه ته واپاري
پوري وزن ۽ تباسب جا وٽ ۽ ماپا پاڻ وٽ رکڻ جا ايڏا
عادي بنجي ڪين سگهن ها.
گهربل ڪنهن نشان جي هٿ نه اچڻ ڪري سنڌو
ماٿريءَ ۾ ڊيگهه ماپڻ جي طريقي جو اندازو لڳائڻ
مشڪل آهي. البت سپيءَ جي هڪ اهڙي پٽي ضرور ملي
آهي، جا 6.62 انچ ڊگهي آهي. اُن ۾ نوَ خانا آهن ۽
هر هڪ خاني جي ڊيگهه 246. انچ آهي. ڊاڪٽر مئڪي جو
خيال آهي ته هيءَ ڊيگهه ماپڻ جي هڪ پٽي آهي. ان جي
هر خاني ۾ هڪ ٽٻڪو ڏنل آهي، پر پنجين خاني تي هڪ
ننڍڙو گول اٿس. هن مان هيءَ اندازو ٿئي ٿو ته
ماپڻ جا اوزار ڏهائي اصول تي ترتيب ڏنا ويا هئا ۽
اهڙيءَ ريت ڏهائيءَ جي هڪ ايڪائي 1.32 انچ تي
مشتمل هئڻ سببان ماپ جي هڪ فوٽ جي ڊيگهه 13.2 انچ
هئي. اهڙيءَ طرح هڙاپا مان هڪ جست جي ڇَڙي ملي
آهي، جا 1.5 انچ ڊگهي آهي. ان جا ٻيئي ڇيڙا ڀڳل
آهن ۽ ان ۾ هڪ ساريڪي مفاصلي تي چار نشان آهن. هن
مان هيءُ اندازو لڳايو ويو آهي ته اِها 25.62 انچ
جي ڪيوبٽ (1) جي اصول تي ٺاهي ويئي آهي. هتي هيءَ
ڳالهه ذڪر ڪرڻ جي لائق آهي ته هن نموني جا ڏهائي
ماپا، مصر جي چوٿين شاهي گهراڻي جي دور ۾ به رواج
هئا. اهڙيءَ ريت ايلام جون ابتدائي مهرون به ڏهائي
ماپ تي ٺهيل هيون، ۽ سمير جي ابتدائي دور ۾
ڏهائيءَ ۽ سَٺ جي ماپ جا اصول رائج هئا.
اٽڪل هڪ سئو پنجاهه هنڌن تي ماپ ڪرڻ مان
هيءَ ڳالهه ظاهر ٿي آهي ته سنڌوماٿريءَ ۾ ساڳئي
وقت فوٽ ۽ ڪيوبٽ ٻيئي ماپ جا طريقا رائج هئا. جيئن
ته هڙاپا اناج رکڻ جي ڪوٺين جي خاص ڀت 51 فوٽ 9
انچ يعني 35 ڪيوبٽ جي برابر هئي. اهڙيءَ طرح خاص
ڪمرن جي ويڪر 17 فوٽ 3 انچ يعني 15 ڪيوبٽ هئي.
هڙاپا جي گول چبوترن جا قطر 11 فوٽ آهن، جو 13.2
انچ جي حساب سان ڏهه فوٽ ٿئي ٿو. اندازو لڳايو ويو
آهي ته هڪ فوٽ اٽڪل 13.1 انچ يا 13.2 انچ جو ۽
ڪيوبٽ 25.3 انچ جو هوندو هو (2).
معاشرت
شهري جوڙجڪ، زراعت ۽ خوراڪ، پوشاڪ، وارن جي ٺاهه
ٺوهه، زيور، هار سينگار، رانديڪا، تفريح يا وندر،
شڪار، پاليل جانور، جهنگلي جانور، راڳ ۽ ناچ،
حڪمت، ڌنڌا.
مشرق قريب ۽ خاص طرح سان مصر جا قديم
رهاڪو جڏهن پنهنجي لاشن کي دفن ڪندا هئا، تڏهن
لاشن سان گڏ ڪافي سامان سندن آخرت جي راهه خرچ
لاءِ پڻ دفن ڪندا هئا. آثار قديمه جي ماهرن کي هن
سامان هٿ اچڻ سان انهن ماڻهن جي طرز زندگيءَ جي
اندازي لڳائڻ ۾ وڏي آساني ٿي آهي. ڇاڪاڻ ته انهيءَ
مان انهن جي معاشرتي زندگيءَ جي مختلف پهلوئن تي
روشني پوي ٿي. مثلن هي معلوم ٿي وڃي ٿو ته انهن جي
پوشاڪ ڪهڙي هوندي هئي، انهن جو هارسينگار ڪهڙي
نموني جو هو ۽ ڪيتري قدر ان ڏانهن سندن ذوق هو،
انهن جو مذهب ڪهڙو هو ۽ سندس اعتماد ڪهڙي نموني جا
هئا، وغيره. آخرت جي راهه خرچ سان گڏ مقبرن جي
ڀتين تي تصويرن سان گڏ قديم رسم الخط ۾ مختلف
عبارتون به اُڪيريون ويون آهن، جنهن مان اُن دور
جي پوري تصوير اسان جي سامهون اچي وڃي ٿي. انهن
مقبرن مان هٿ آيل ٻيون شيون ۽ انهن جي ڀتين تي
نڪتل تصويرون ڏسندي، هي اندازو ٿئي ٿو ته ان دور
جي اميرن ۽ بادشاهن جي زندگي عوام کان گهڻو مختلف
۽ مٿانهين هئي ۽ ان وقت ننڍن ۽ وڏن، اعليٰ ۽ ادنيٰ
۽ حاڪم ۽ محڪوم ۾ تمام گهڻو فرق هو.
سنڌو ماٿريءَ جي قديمي رهاڪن نڪي ته اهڙا
مقبرا ياد گار طور ڇڏيا آهن ۽ نڪي مقبرن تي اهڙيون
تصويرون ۽ نه وري هتان جون لکيتون ئي اڃا پڙهڻ ۾
آيون آهن. هتي مئلن ۽ جيئرن جون اهڙيون تصويرون،
جيڪي مصر ۾ گهڻي تعداد ۾ لڌيون آهن، بنهه هٿ نه
آيون آهن. گويا هتي جي موت ۽ حيات جي سلسلي ۾ اسان
جي اڳيان راز جو هڪ وڏو پردو ٽنگيل آهي. انهيءَ جي
باوجود، هتي اهڙن عاليشان مقبرن جي نه هئڻ ۽ جيڪي
معمولي قبرون هٿ آيون آهن، تن جي تعمير ۾ ايڏي
اهتمام نه هجڻ مان ائين سوچڻو ئي پوي ٿو ته هتي جا
عام ماڻهو پنهنجي همعصر دور ٻين هنڌن جي ماڻهن
کان، آزاديءَ ۽ زندگيءَ جي ضرورتن ميسر هئڻ ۾
اندروني طور ڪي قدر هڪجهڙن حقن جا مالڪ هئا، ۽
شايد هتان جي سماج ۾ ڏکوئيندڙ طبقاتي گهٽ ــ وايون
موجود نه هيون، ۽ هتان جا رهاڪو وڌيڪ اطمينان،
آسائش ۽ خوشحاليءَ واري زندگي بسر ڪندا هئا. وٽن
ڪي سماجي قاعدا ۽ قانون مقرر هئا، جن جي پائبندي
سڀني تي فرض هئي. هتي هڪ رٿائتو ۽ مناسب شهري نظام
چالو هو، ۽ انهيءَ سلسلي ۾ شهر کي صاف رکڻ،
صفائيءَ جي سهوليتن ميسر ڪرڻ، ۽ صحت جي اصولن کي
سامهون رکي ان لاءِ خاص بندوبست ڪرڻ ڏانهن جوڳو
ڌيان ڏنو ويندو هو. مختلف جاين جي نگهبانيءَ لاءِ
چوڪيداريءَ جو انتظام، وڏا وڏا مسافرخانا، عام ڀلي
لاءِ گودامن جي موجودگي، عوام لاءِ کوهه، ۽ تور ــ
ماپ لاءِ جا پورا وٽ ۽ ماپا ــ اهي سڀ ڳالهيون
ٻڌائين ٿيون ته هتي هڪ منظم سماجي زندگي موجود
هئي. موهن جي دڙي ۾، شهر جي انتظامي معاملن ۾
موريا گهراڻي جي دور واري جمهوري نظام يا گپتا دور
واري شهري ڪائونسلن جي نظام جا اثر ضرور ڪار فرما
هوندا، (1) ۽ اسين اندازو لڳائي سگهون ٿا ته هن
تهذيب جي دور ۾ جيڪڏهن ڪي ڏاڍا (2) يا ڪي امير (3)
طاقت ۾ هئا ته اُهي يقيناً واپاري طبقي جا چونڊ
وڏا (4) هوندا (5).
|