سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌو ماٿر جي سڀيتا

باب:

صفحو: 12

ٻانهن رکيون، ڪنگڻ ۽ جهاجهارا به گهڻي تعداد ۾ مليا آهن. جن مان سهڻي اها ڇهه لڙي ٻانهن رکي آهي، جنهن ۾ سون جا گول مڻڪا پوتل آهن. ستن ستن مڻڪن کان پوءِهڪ هڪ سون جو پَت پوتل اٿس. هر هڪ پٽ ۾ ڇهه تنگ آهن، ۽ هر ٽنگ منجهان هڪ لڙ گذري ٿي. ان جي ٻنهي پڇڙين تي D شڪل جا اڌ گول پٽ لڳل آهن، جن مان  هر هڪ جي هڪڙي پاسي کان ڇهه ۽ ٻئي پاسي کان هڪ ٽنگ آهي. ٻانهن رکيءَ جون لڙيون انهن سوراخن مان گذري، ڇيڙن تي هڪٻئي سان ملي وڃن ٿيون (پليٽ نمبر 31 ب ــ 3). ههڙيون سهڻيون ۽ نازڪ ٻانهن رکيون موهن جي دڙي مان ڪيترن ئي هنڌن تان مليون آهن.

        سنڌو ماٿريءَ جا قديم رهاڪو وارن ٻڌڻ لاءِ چوٽي بند استعمال ڪندا هئا. هي چوٽي بند، يا ربينون اڌ انچ ويڪريون، سون چانديءَ يا ٻين ڌاتن جون ٺهيل سنهيون پٽيون ٿينديون هيون، جيڪي مخروطي يا محراب دار شڪل جون هونديون هيون (پليٽ نمبر 15 ــ 3). ڪي چوٽي بند ته 16 انچ ڊگها به آهن، جن جي ڪنڊن تي ٽُنگ آهن، جن ۾ ڌاڳو وجهي، سينگار پٽيءَ وانگر مٿن تي ٻڌندا هئا. ڪن سينگار پٽين تي ته چٽسالي به ڪيل آهي ساڳئي قسم جا چوٽي بند سمير ۾ به استعمال ٿيندا هئا. مهراڻ جي واديءَ جون زالون پيشانيءَ تي گول، ڪُنڊائتا جهومر به پائينديون هيون--- اهڙي قسم جا جهومر مارواڙي زالون هاڻ به پائين ٿيون. مجسمن تي ٿيل نقاشيءَ مان اِهو پڻ معلوم ٿئي ٿو ته اُن زماني ۾ زالون ڪنن ۾ واليون به پائينديون هيون. پر لڌل ڳهن ۾ واليون تمام ٿوريون مليون آهن. ڪي سونيون گول ڪنگري دارٽِڪيون به مليون آهن، جن کي نڪ جا ڦلڪا ته نه، پر ڪنن ۾ پائڻ جون ڦليون چئي سگهجي ٿو.

        ڪنگڻن ۽ ٻانهن رکين کان سواءِ ڪنگڻين يا چوڙين پائڻ جو به رواج عام هو، جي گهڻو ڪري سون ۽ چانديءَ جون ۽ ان کان سواءِ ٽامي، پتل، عاج ۽ مٽيءَ جون به ٺهيل هونديون هيون. سون ۽ چانديءَ جون ڪي پوريون چوڙيون به لڌيون آهن. غريب طبقي جون زالون مٽيءَ جون چوڙيون استعمال ڪنديون هيون. ڪن ڪنگڻين تي وري ڪي نقش اُڪريل آهن. نچڻيءَ جي پُتلي ۾ اُن جي ٻانهن تي ڪرائيءَ کان وٺي ڪلهي سوڌي ٻانهين پيل نظر اچي ٿي، جنهن جو رواج اڄ به سنڌ ۽ گجرات ۾ آهي. ظاهر آهي ته نچڻيءَ کي ٻانهين عاج جي ئي پيل هوندي، هونءَ نه ته ٻانهن چورڻ ئي مشڪل ٿي پويس ها. شيشي جون چوڙيون موهن جي دڙي مان ڪو نه لڌيون آهن، نه ئي وري اُتي ڪا ٻي شيءِ شيشي مان ٺهيل لڌي آهي.

        آڱر ۾ منڊيون ۽ ڇلا پايا ويندا هئا. منڊيون گهڻو ڪري لسيون، گول ۽ هڪ ٿلهيءَ تار جون ڇلي وانگر ٺهيل مليون آهن. ڪي ڇلا وري هڪ ئي تار کي ويڙهي سيڙهي ٺاهيا ويا آهن. ڪن ڇلن کي اهڙا ست ست ڦيرا ڏنل آهن. عام طرح منڊيون ٽامي يا پتل جون ٺاهيندا هئا—چانديءَ جي رڳو هڪ منڊي لڌي آهي، جنهن ۾ ٻُڙي واريءَ جاءِ چوڪنڊائون ڇپترو هنڌ ٺاهي، اُتي هڪٻئي کي ڪاٽيندڙ ليڪا ڪڍيا ويا آهن.

        پيرن ۾ اُتي جون زالون ڪڙا يا ڪڙيون پائينديون هيون. مٽيءَ مان ٺهيل ڪن بتن کي پيرن ۾ڪڙيون پاتل آهن. ڪُٺ جي هڪ بوتي جي پيرن ۾جيڪي ڪڙيون پيل آهن، اُن نموني جون ساڳيون ڪڙيون اڄ به سلي جون پهاڙي زالون پائين ٿيون. ساڳئي قسم جون ڪڙيون ڪريٽ ۾ به پائيندا هئا.

        زالون وارن ۾ ڦڻوٽا وجهنديون هيون. هڪ جوان مائيءَ جي کوپڙيءَ جي ڀرسان پيل هڪ عاج جو ٿلهن ڏندن وارو ڦڻوٽو لڌو ويو هو، جنهن جي ٻنهي پاسن کان، سونهن لاءِ، گول ٽٻڪن وانگر نقش اُڪريل آهن. هڪ ٻيو ڦڻوٽو به مليو آهي، جنهن جي شڪل V وانگر آهي. عاج جي هڪ نهايت ئي عمدي ڦڻي به لڌي آهي، جنهن کي اڄڪلهه جي عام ڦڻين وانگر ٻنهي پاسن کان ڏندا آهن ( پليٽ نمبر 15 ــ 1).

        ٽامي، ڪُٽ ۽ چينيءَ مان ٺهيل گول بٽڻ به لڌا آهن، جن جي شڪل مالٽا، پرتگال ۽ ڏکڻ فرانس جي بٽڻن جهڙي آهي، ۽ بلڪل سادي نموني جا ٺهيل آهن. انهن بٽڻن ۾ ڌاڳي پوئڻ لاءِ پٺئين پاسي به ٽنگ آهن. ڪُٺ جا بٽڻ وڪڙ تي ٺهيل لڌا ويا آهن، جن جي وري مٿئين پاسي کان ٻه ٽنگ آهن.

هار  سينگار:سنڌو ماٿريءَ جون زالون هار سينگار جون شوقين هيون ۽ انهيءَ ڏس ۾ هوشيار به گهڻيون هيون. حسن جي زيبائش لاءِ هو سرمو ۽ سرخيءَ جو استعمال ڪنديون هيون. تنهنڪري هِتان سرمي دانيون ۽ سرايون گهڻيون لڌيون آهن. سمجهجي ٿو ته اُن زماني جا مرد به سرمو پائيندا هئا. اڄ به سنڌ جا مرد ۽ زالون سرمو پائيندا آهن. سرمي کان سواءِ ڪوڙن ۽ سپين جي داٻين ۾ پيل ڳاڙهي رنگ جو پائوڊر به لڌو آهي، جيڪو شايد سرخيءَ طور استعمال ڪنديون هيون. اهڙين ئي دٻلين ۾ پيل اهڙو ئي ڳاڙهو پائوڊر ڪش ۽ آر جي مقبرن مان به لڌو آهي.

 

Text Box: پليٽ نمبر 13- ب .      زيور

 


 


 



        هڙاپا ۽ موهن جي دڙي مان شيهي جي ڪاربونيٽ به لڌو آهي، جنهن کي شايد مُنهن جي چمڙيءَ کي صاف ڪرڻ لاءِ ڪم آندو ويندو هو. ان کانسواءِ ، هتان جون عورتون حسن کي وڌائڻ لاءِ شنگرف به واپرائينديون هيون. هڪ اهڙي سائي رنگ جي شيءِ به لڌي آهي، جنهن لاءِ مسٽر مئڪي جو چوڻ آهي ته اُها شايد ڪجل طور استعمال ٿيندي هئي، جيئن مصر ۾ ملاڪيٽ (1) جو رواج هو. (2) ٽامي مان ٺهيل گول آئينا به مليا آهن، جن جي چٽائيءَ کي قائم رکڻ لاءِ سندن ڪناريون اُڀريل آهن. پيرن کي مهٽن لاءِ مٽيءَ مان ٺهيل کهريون ٺڪريون استعمال ڪيون وينديون هيون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org