سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌو ماٿر جي سڀيتا

باب:

صفحو: 16

مسٽر جي. آر هنٽر جي ڪوشش به قدر ڪرڻ لائق آهي. ، جنهن هن رسم الخط جو ڏاڍو گهرو مطالعو ڪيو، پر جيڪي اصول هن بنيادي طور ترتيب ڏنا، انهن مان گهڻا پوريءَ طور صحيح نه هئڻ ڪري، هن جيڪي انهن مان نتيجا ڪڍيا، سي به غلط نڪتا. هِن رسم الخط کي هُن صوتياتي ڄاڻايو. هن جي چوڻ موجب شروع ۾ هيءُ خط تصويري هو، پر پوءِ ان جي نوعيت بلڪل بدلجي ويئي، ۽ آخر ۾ هن لينگڊن جي نظريي سان اتفاق ڪندي چيو ته سنڌو ماٿريءَ جو رسم الخط برهمي زبان جهڙو آهي. (هن تصور جو غلط هئڻ مٿي بيان ٿي چڪو آهي). اهڙيءَ ريت هڪ اٽليءَ جي لسانياتي ماهر، مسٽر مريگي، چيو ته هي سموريون نشانيون تصويري آهن، ۽ هر هڪ نشانگويا هڪ پورو جملو آهي . هن جي خيال ۾ هيءَ زبان سنسڪرت ڳالهائڻ وارن ماڻهن جي زبان نه آهي. پر هو هنن تحريرن جي زبان نٿو ٻڌائي، البت هن ان جي تشريح ڪئي آهي ۽ مطلب ٻڌايو آهي. هن جي تحقيق به خامين کان خالي نه آهي. پروفيسر هروزنيءَ مٿي بيان ڪيل راين ۽ نظرين جو نهايت باريڪ مطالعو ڪيو آهي، ۽ سڀني نظرين سان اختلاف ڪندي، هيءَ راءِ قائم ڪئي آهي ته سنڌو ماٿريءَ جي زبان سان جيڪڏهن ڪا زبان شراڪت رکي سگهي ٿي، ته اها خطي زبان آهي  پر هي نظريو به ڪن بي بنياد مفروضنتي قائم ڪيو ويو آهي. اهڙيءَ ريت  فادر هراس  موهن جي دڙي جي رسم الخط کي قديمي تامل زبان ٻڌايو آهي، پر اهو نظريو به مڃڻ لائق نٿو ڏسجي. ڇاڪاڻ ته موجوده تامل زبان جنهن جي فادر هراس  سنڌو ماٿري جي زبان سان ڀيٽ ڪئي آهي، اها تقريبن پنج سئو سال بعد مسيح کان زياده قديم نه آهي. هيءَ ڳالهه به غور لائق آهي ته قديم تامل ٻولي، صوتي خيال کان، ان دراوڙي زبان کان گهڻي بدليل آهي، جيڪا مسيح کان اڳ سنڌو ماٿريءَ جي دور ۾ڳالهائي ويندي هوندي. انهيءَ ڪري ٻنهي جو پاڻ ۾ لاڳاپو اعتبار جوڳو نه آهي.

        ڪن محققن ان کي سنسڪرت سان وڃي ملايو آهي، جنهن ۾ سڀني کان اڳتي سوامي شنڪرانند آهي (1)، جنهن کي سنڌو ماٿريءَ جي زبان جو راز ”تانترڪ“ منجهان ملي ٿو، جن جي زبان سنسڪرت آهي. هُن هِن رسم الخط جي ڪيترين نشانين جي، قديم سِڪن ۽ تاريخي دور جي ڪن مهرن تي اُڪريل نشانين سان هڪجهڙائپ ڏيکاري آهي. هن پنهنجي نظريي کي ثابت ڪرڻ ۾ کِل جهڙا دليل پيش ڪيا آهن ۽ هن بنيادي ڳالهه کي ڄاڻي ٻجهي وسارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب براعظم هند ــ پاڪ ۾ آرين جي اچڻ کان اڳ جي تهذيب آهي. هن خيال سان ڪلڪتي يونيورسٽيءَ جي هڪ پروفيسر، بروا، به ٿوريءَ گهڻيءَ ترميم سان اتفاق ڪيو آهي (2). اهڙيءَ طرح ڊاڪٽر ڪرمارڪو به سنڌو ماٿريءَ جي زبان کي سنسڪرت ڄاڻايو آهي (3)، بلڪ هن جي خيال موجب سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب ويدڪ دور يا ان کان پوءِ جي آهي. انهيءَ جي ابتڙ مولانا ابو جلال *  ندويءَ جي تحقيق موجب، هي رسم الخط عربي رسم الخط تان ورتل آهي (1). هن هتان جي مهرن تي قديم عربي اکر دريافت ڪيا آهن. هن جي خيال موجب انهن مهرن تي نه فقط عربي رسم الخط ۾ اکر اُڪريل آهن، پر ان جي اُڪريندڙ کي به عرب ٻڌايو اٿس. هو هيءَ به دعوا ٿو ڪري ته مهر جي ٺاهيندڙ جو مقصد تصويرن ذريعي عربي زبان لکڻ ۽ پڙهڻ جي تعليم ڏيڻ هو. گويا هي مهرون تعليمي تاس جا پتا آهن ۽ درسي پٽين جي حيثيت رکن ٿيون.

هي ۽ ٻيا اهڙا رايا ايترا ته گهڻا پيش ڪيا ويا آهن، جو پڙهڻ وارو انهن نظرين جي گورک ڌنڌي ۾ مُنجهي پوي ٿو. حقيقت هيءَ آهي ته هيءُ مسئلو انهن سمورين ڪوششن ۽ تحقيقاتن جي باوجود اڄ به اتي ئي آهي، جتي اڄ کان ٽيهه سال اڳ هو، ۽ انهن سمورين ڪوششن ۾ ڪا به ڪوشش اهڙي نه آهي، جنهن کي سواءِ ڪنهن اعتراض جي قبول ڪيو وڃي.

سنڌو ماٿريءَ جي رسم الخط کي تصويري رسم الخط چيو ويو آهي، پر جهرڪين، مڇين، ماڻهن ۽ ڳچ ٻين شڪلين کان سواءِ ٻيون سموريون نشانيون گهڻو ڪري رواجي طرح ليڪيل آهن، جن مان ڪا به تصوير ڪا نه ٿي ٺهي. هن تحرير جي خاص خوبي هيءَ آهي ته اُها سِڌين ليڪن ۾ لکيل آهي، يعني ان کي خط الاوتاد ۽ ميخي خط به چئي سگهجي ٿو. ڪن مخصوص لفظن ۽ ٻين نشانين مان هن ڳالهه جو اندازو لڳايو ويو آهي ته هي رسم الخط ساڄي طرف کان کاٻي طرف لکيو ويندو هوندو، پر ڳچ تحريرون اهڙيون به آهن، جن مان هن ڳالهه جي ترديد ٿئي ٿي. اهڙيءَ طرح جن مهرن تي ٻن سٽن ۾ عبارت اُڪريل آهي، انهن مان پتو پوي ٿو ته مٿين سٽ *  ساڄي طرف کان کاٻي طرف ۽ هيٺين سٽ ان جي لاڳيتو کاٻي کان ساڄي طرف لکي ويئي آهي.

موجوده رسم الخط ۾ تقريبن ٽي سو ڇهانوي نشانيون شمار ڪيو ويون آهن. شروع ۾ هي نشانيون يقينن تمام گهڻيون هونديون. جيئن سميري خط پنهنجي شروعاتي دور  ۾ موجوده نشانين کان تقريبن ٻيڻين نشانين تي مشتمل هو، ۽ آهستي آهستي غير ضروري ۽ ثابوني نشانيون ختم ٿي، ان جي موجوده صورت پيدا ٿي. سنڌو ماٿريءَ جو رسم الخط به اهڙيءَ طرح پهريائين اڻ چٽو ۽ بي ڍنگو هوندو ۽ پوءِ سڌري سڌري، پنهنجي موجوده صاف ۽ مستحڪم صورت ۾ آيو هوندو.

هن رسم الخط ۾ ڪي اهڙا واضح آثار موجود آهن، جن مان هي اندازو لڳائي ٿو سگهجي ته اِهو ابجدي يا الف ــ ب وارو نه پر رُڪني آهي، جنهن ۾ تصويري، تصوري، تشڪيلي، پيڪاني يا آشوري خطن جي ملاوت آهي. ڪيترن لفظن تي تاڪيدي نشانيون به ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، جي ان عبارت جي پختگيءَ جو ثبوت آهن رسم الخط جي هٿ آيل تحريرن جي اکرن جي شڪل ۽ صورت جو پورو جائزو ورتو وڃي، ته معلوم ٿئي ٿو ته انهن جي بناوت ۾ڪا خاص تبديلي پيدا ٿيل ڪا نه ٿي ڏسڻ ۾ اچي. هِنن سمورين هٿ آيل مهرن ۾ اُهي شروعاتي نمونا، جن مان ترقي ڪندي هيءَ تحرير شڪلين واريءَ تحرير کان تصوري رسم الخط يا صوتي رسم الخط (اکر) جي صورت ۾ آئي هوندي، موجود ڪو نه ٿا ملن. اهڙيءَ ريت اهي سموريون وچ واريون ڪڙيون، جن مان هن تحرير جي شروعاتي دور واريءَ ڪچيءَ صورت ۽ پوءِ جي سڌريل ۽ صاف ٿيل صورت جو صحيح اندازو لڳائي سگهجي، اڃا تائين لڀي نه سگهيون آهن. ان جي ابتڙ جيڪڏهن اسين برهمي رسم الخط جي انهن سڀني تبديلين ۽ ترڪيبن تي غور ڪريون، جيڪي الڳ الڳ دورن ۾ اُن ۾ ٿينديون رهيون آهن، ۽ جن مان هن جو جمود جيئن پوءِ ٽٽندو رهيو آهي، ته پوءِ اسان کي سنڌو ماٿريءَ جي رسم الخط جو هيءُ جمود ڏاڍو فطري معلوم ٿئي ٿو. دراصل هيءَ هڪ بيحد عجيب ڳالهه آهي، جنهن لاءِ ڪا سمجهاڻي ڪا نه ٿي ملي سگهي ته سنڌو ماٿريءَ ۾ تقريبن هڪ هزار سالن تائين هڪ ئي خط، سواءِ ڪنهن ڦير گهير ۽ تبديليءَ يا ترقي جي، رائج رهيو ! البت هيءَ ڳالهه مڃڻ کان مٿي نه آهي ته سنڌو ماٿريءَ جي زبان ٻاهرين اثرن کان بي نياز رهي، وڌي ويجهي هوندي. هيءَ ڳالهه به مڃي سگهجي ٿي ته جيڪا ٿوري گهڻي هڪجهڙائپ هِن رسم الخط ۾ ۽ برهمي يا سامي رسم الخط ۾ آهي، اها اتفاقي ئي آهي. بهرحال، هن تحرير جو صحيح حل ان وقت ٿي سگهي ٿو، جڏهن ميسوپوٽيميا يا سنڌو ماٿريءَ جي وڌيڪ کوٽائي مان ڪو اهڙو ڪتبو يا مهر هٿ اچي وڃي، جنهن ۾ انهن ٻنهي زبانن ۾ اُڪريل ڪتبا دريافت ٿي سگهن، ۽ اهڙيءَ طرح ميسوپوٽيميا جي زبان جي مدد سان سنڌو ماٿريءَ جي رسم الخط پڙهجي سگهجي. ڇاڪاڻ ته ميسوپوٽيميا جي زبان پڙهجي چڪي آهي.

بهرحال سنڌو ماٿريءَ جي رسم الخط مان هن ڳالهه جو اندازو ٿئي ٿو ته مهرن، تختين ۽ ٿانون تي ڊگهي عرصي تائين هڪ ئي نموني جي عبارت لکي پئي ويئي. عبارت ۾ انهيءَ پختگيءَ تائين پهچڻ لاءِ شروعات ۾ تمام گهڻا نقش ٺاهيا ۽ مٽايا ويا هوندا، جن مان ئي هيءَ ترقي يافته شڪل پيدا ٿي هوندي. پر ، جيئن اڳ ۾ ئي چيو ويو آهي، هن تهذيب جي نڪي ته ڪا ابتدا معلوم آهي ۽ نڪي انتها. ائين ٿو معلوم ٿئي ته ڄڻ اسين اوچتو هڪ اهڙي دور سان روشناس ٿي ويا آهيون، جيڪو ان تهذيب جو سونهري دور هو. ۽ اِهو ئي سبب آهي، جو هن تحرير جي شروعاتي ۽ آخري شڪلين جو اسان کي پتو نٿو پئجي سگهي.

زمانو

سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب جي زماني جو سهينُ هڪ نهايت ڏکيو مسئلو آهي. اُن جو خاص سبب هيءُ آهي ته هتان جي کوٽائيءَ ۾ الڳ الڳ تَههَ تفصيلي طور صحيح نموني ۾ مقرر نه ڪيا ويا هئا. تنهن کان سواءِ اڃا تائين هتان هٿ آيل رسم الخط واريون تحريرون به نه پڙهجي سگهيون آهن، جيڪي هن سلسلي ۾ ڪا مدد ڪري سگهن. موهن جي دڙي جي کنڊرن مان فقط اسٽوپا تاريخي دور جي عمارت آهي جيڪا ٽي صدي قبل مسيح ۾ تعمير ٿيل آهي. پر اسٽوپا جو سنڌو ماٿريءَ جي اصلوڪيءَ تهذيب ساڻ ڪو به تعلق نه آهي، ۽ هِن اسٽوپا واري دور جون جيڪي به ٻيون چيزون برصغير هند ــ پاڪ  مليون آهن، انهن جو به سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب جي باقيات سان ڪو به واسطو نه آهي. سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب کي پنهنجون انفرادي خصوصيتون آهن. پر انهيءَ جي باوجود، هيءَ تهذيب ٻين پاڙيسري تهذيبن کان الڳ ٿلڳ ۽ بي تعلق نه هئي، پر ان جي ابتڙ انهن سان ان جا گهٽا لاڳاپا هئا. ۽ جيئن ته ميسوپوٽيميا ۽ ٻين تهذيبن جو دور مقرر ٿي چڪو آهي، انهيءَ ڪري سنڌو ماٿريءَ جي زماني جو عڪس انهن پاڙيسري تهذيبن سان هن جي تعلقات جي آئيني ۾ ڏسڻو پوندو.

هن تهذيب جي باقيات جي پاڙيسري تهذيبن جي باقيات سان ڀيٽ ڪرڻ کان اڳ موهن جي دڙي جي کنڊرن جي مختصر جائزو وٺڻ به ضرور آهي. هتان کوٽائيءَ مان جاين جي هڪ ٻئي مٿان ست مختلف تهه مليا آهن. انهن مان  هڪ شروعاتي، ٽي وچولي دور جا ۽ ٽي آخري دور سان واسطو رکندڙ آهن. انهيءَ کان سواءِ سن 1950ع ۾ ”اونهي کوٽائي“ ڪرڻ تي پاڻيءَ جي هيٺئين تهه جي هيٺان به ماڻهن جي رهائش وارا تهه لڌا ويا آهن، ۽ جيتوڻيڪ پاڻيءَ ڪڍڻ جون ٻه مشينون لڳاوين ويون هيون، پر پاڻي ايترو گهڻو نڪرندو رهيو، جو آخر پاسن جون ڀتيون ڪيري پيون ۽ کوٽائيءَ جو ڪم جاري نه رهي سگهيو هو. هيءَ کوٽائي زير زمين پاڻيءَ جي موجوده مٿاڇري کان ڏهه فوٽ هيٺ تائين ڪئي ويئي هئي، ۽ ان ۾ هڪٻئي پٺيان انساني رهائش جا نشان ڏسڻ ۾ آيا هئا. مطلب ته ائين نٿو چئي سگهجي ته هتي اڃا ٻيا ڪيترا آباد تهه زمين ۾ دفن ٿيل آهن.

انهيءَ کان سواءِ هيءَ ڳالهه به بيان ٿي چڪي آهي ته موهن جو دڙو سنڌو نديءَ جي اُجهل وهڪري جو گهڻو شڪار رهيو آهي، ۽ هتي ٻوڏين پٺيان ٻوڏيون اينديون رهيون آهن، جن سببان هيءُ شهر آباد ٿيندو ۽ اُجڙندو پئي رهيو آهي. پر هيءُ برباديءَ ۽ آباديءَ جو عمل تيز تيز جاري رهندو ٿي آيو، جنهن جو اندازو هتان جي لڌل چيزن جي بي مثل موجودگيءَ، جاين جي نقش ۾ ڪنهن خاص تبديليءَ يا فرق جي هئڻ ۽ هڪ ئي شڪل صورت ۽ ڍنگ رنگ جي مهرن ۽ مٽيءَ جي ٿانون وغيره مان ٿئي ٿو. هڙاپا ۽ موهن جي دڙي جي جنهن تهذيب سان اسين واقف ٿيا آهيون، ان کي ”هڙاپا ڪلچر“ جو نالو ڏنو ويو آهي. پر سنڌو ماٿريءَ جي باقياتي جانچ وسيلي ٽي مختلف ڪلچر يعني آمري ڪلچر، جهڪر ڪلچر ۽ جهانگر ڪلچر به دريافت ٿيا آهن. آمري ڪلچر، هڙاپا ڪلچر کان اڳ ۾ هو. جهڪر ۽ جهانگر ڪلچر، هڙاپا ڪلچر کان پوءِ جي دور سان تعلق رکندڙ آهن. يعني جهڙيءَ طرح موهن جي دڙي جي دور جي سلسلي ۾هڪ طرف شروعاتي زماني واري ڳالهه وضاحت گهري ٿي، اهڙيءَ طرح تباهه ٿيڻ کان پوءِ به هيءَ تهذيب زمانو ٻين هنڌن تي قائم رهي، ۽ سندن ان پوئين زماني جو سمجهڻ پڻ ضروري آهي. هڙاپا ۾ مٿئين تهه تان اهڙيون چيزون به مليون آهن، جن مان هيءُ اندازو ٿئي ٿو ته هيءُ علائقو موهن جي دڙي جي برباديءَ کان پوءِ به آباد رهيو آهي. چانهون دڙي جي مٿئين تهه تان به جهڪر ۽ جهانگر ڪلچر جون چيزون لڌيون آهن. جهڪر ڪلچر جي تاريخ 1700 قبل مسيح تجويز ڪئي ويئي آهي.

انهيءَ کان سواءِ سنڌو ماٿريءَ مان لوهه جون چيزون دريافت نه ٿيون آهن، جنهن مان هيءُ اندازو ڪيو ويو آهي ته هيءَ تهذيب نئين دور کان اڳ جي زماني سان تعلق رکندڙ آهي. لوهه وچ مشرف جي سڀني ملڪن ۾تقريبن ٻه هزار سال ق. م جي دور ۾ دريافت ٿيو آهي. اسان کي هي به معلوم آهي ته سنڌو ماٿريءَ جو تعلق تاريخ کان اڳ جي انهيءَ طور ساڻ آهي، جڏهن شهر ٺهڻ لڳا هئا، ۽ شهري زندگي ڪنهن نه ڪنهن انتظام هيٺ آيل هئي. هٿيارن، اوزارن ۽ ٿانون جي ٺاهڻ لاءِ ٽامي ۽ ڪُٺ سان گڏوگڏ پٿر جو استعمال به اڃا جاري هو. ڪنڀار جا چڪ ٺهي چُڪا هئا،جنهن سبب ٿانون جي بناوت ۾ خوبصورتي ۽ نفاست پيدا ٿي چڪي هئي، بنان ڦيٿن ترڪندڙ گاڏين جي بدران گول ڦيٿن واريون گاڏيون ٺهي ۽ ڪم ۾ اچي چڪيون هيون. جايون پڪل ۽ ڪچين سرن جي اُڀريل بنيادن تي ٺاهيون ٿي ويون. رسم الخط ترقي يافته شڪل وٺي چڪو هو. نموني نموني جي سادن سستن پٿرن ۽ سپيءَ ۽ سنک تي ڪاريگريءَ جا ڪم ٿيندا رهيا. سون ۽ چانديءَ جا نهايت اعليٰ ۽ ڪاريگريءَ وارا زيور به ٺهي رهيا هئا. هي چيزون ڏکڻ اولهه ايشيا جي دريائن جي ڪنارن تي لڌل سڀني بستين ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. انهن مان هر هڪ جو الڳ الڳ جائزو وٺڻ بدران جيڪڏهن سڀني جي ترقي تي گڏي غور ٿو ڪجي، ته اسان کي مڃڻو پوي ٿو ته سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب سمير جي اوائلي تهذيب ۽ ايلام ۽ ميسوپوٽيميا جي ”طوفان نوح“ کان اڳ واري دور جي تهذيب جي هممصر هئي. اُن جو اندازو انهن باقياتي شين جي تحقيق مان ٿئي ٿو، جيڪي ان زماني ۾ سفر ۾ ۽ واپار سانگي هڪ هنڌان ٻئي هنڌ آنديون وينديون هيون، ۽ جيڪي اسان جي ان قسم جي اندازن ۽ گمانن جو مرڪز آهن. هن نموني جون باقيات سنڌو ماٿريءَ ۽ ميسوپوٽيميا مان قبل مسيح جي ٽي هزار سالن واري دور جي آخري اڌ صدي ۽ ٻه هزار سالن واري دور جي شروعاتي اڌ صدين ۾ مليون آهن. هن سلسلي ۾ مسٽر گَئڊ جي تحقيقات نهايت اهميت واري آهي (1)، جنهن ۾ هن آر مان لڌل، سنڌو ماٿريءَ جي نموني جي سورهن مهرن ۽ بلبل مان لڌل اهڙين ٻين اڻ تحقيق ٿيل مهرن جو ذڪر ڪيو آهي، ۽ ان کان اڳ جي لڌل اهڙين اٺن مهرن جي پڻ فهرست ڏني آهي، جيڪي ڪش، سوسا، لاگاش، آما ۽ تل اسمير  مان ۽ ٻه غير معلوم هنڌن تان لڌيون ويون هيون. انهيءَ نموني جي هڪ مهر موصل جي ويجهو ٽيپ گوارا مان ۽ هڪ شام مان به ملي آهي. هي اوڻٽيهه يا ٽيهه مهرون نهايت اهم آهن، پر انهن سڀني جي باري ۾  مڪمل تفصيل جو پتو نه آهي. فقط ٻارهن مهرون ئي اهڙيون آهن، جن جي دريافت ڪرڻ وارن انهن جي زماني کي واضح ڪري انهن جو بيان ڪيو آهي. بهرحال اهو به يقيني طور نٿو چئي سگهجي ته اهي سنڌو ماٿريءَ مان گهرايون ويون هيون، يا اتان جي مهرن وانگر مڪاني طور اُتي تيار ڪيون ويون هيون يا ڪنهن ٽئين ذريعي سان اُتي موجود ٿيون هيون. انهن مان ڪن مهرن تي ته مڪاني * ڪاريگريءَ جي نموني جي جهلڪ کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. ۽ هيءَ ڳالهه به غور لائق آهي ته انهن هنڌن تي جيڪي مهرون ڪم اينديون هيون، اهي سنڌ جي چورس يا مستطيل مهرن جي بدران گول پوپائين شڪل جون هونديون هيون، ۽ غالبن اهڙيون مهرون چوڪنڊيارين مهرن کان وڌيڪ ڪارائتيون به هيون، ڇاڪاڻ ته انهن سان واپار جي سامان تي آلي مٽيءَ جي مدد سان مهر هڻڻ آسان ٿيندي هوندي. لاگاش جي ويجهو هڪ ڪپڙي جي ڳٺڙيءَ تي انهيءَ نموني جي مهر لڳائي وئي هئي. جن مهرن کي اسان سنڌو ماٿريءَ جي مهرن جو نقل يا انهيءَ ڊزائين ۽ اهڙي چٽ گل جون مهرون ڄاڻايون ٿا، انهن تي هڪ سڱ واري ڍڳي، هاٿيءَ، گينڊي ۽ واڳونءَ جون تصويرون ۽ سنڌو ماٿريءَ جي رسم الخط ۾ تحريرون اُڪريل آهن. انهن مهرن مان اٺ مهرون اهڙن تهن مان لڌيون آهن، جيڪي سارگن دور کان اڳ يعني تقربن 2350 ق.م سان تعلق رکندڙ هڪ مهر 1800 ق.م جي ، هڪ مهر،جنهن جو تهه پورو مقرر ٿيل ڪونهي، 1500 ق.م جي، ۽ هڪ مهر 2000 ق.م کان 1750 ق.م جي دور جي آهي. هڙاپا مان هڪ مهر ۽ چانهونءَ جي دڙي مان جهڪر ڪلچر جي هڪ گول مهرملي هئي، جن تي عقاب جي شڪل ٺهيل آهي. سوسا مان اهڙي مهر 2400 ق.م جي دور جي ۽ تل باريڪ (اتر شام ) مان هڪ اهڙي مهر 2100 ق. م جي دور جون دريافت ٿيون آهن. مطلب ته جن تهن مان هي مهرون هٿ آيون آهن، انهن جي تاريخ تقريبن 2500 ق. م کان 1500 ق. م آهي. پر انهن جو يقيني دور 2350 ق.م کان 1700 ق.م مڃيو وڃي ٿو، ۽ اهو ئي سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب جو زمانو چيو وڃي ٿو.

هن سلسلي ۾ ٻيون شهادتون به غور جي لائق آهن، اهڙي طرح تل اسمير جي عڪادي جي تهن مان، جتان مٿي بيان ڪيل مهرن مان ٻه مهرون مليون هيون، سنڌو ماٿريءَ جون چٽن نڪتل سنگ (ڪوڏ) جون ٺهيل گول ٽڪيون به مليون آهن، انهن سان گڏ اهڙا گِرنَهِن وارا ٿانو به مليا آهن، جيڪي ٻنهي موهن جي دڙي ۽ هڙاپا جي هنڌن تان دريافت ٿيا آهن. اهڙا ٿانو ڪنهن ٻئي هنڌ سان وابسته نٿا چئي سگهجن ۽ سواءِ ڪنهن شڪ جي سنڌو ماٿريءَ مان ئي اُنهيءَ دور ۾ اُتي پهتا هوندا.

اهڙيءَ طرح ساواڻ مائل ڀوري رنگ جي پٿرن جا اهڙا ٽڪرا، جن تي تڏي جي پٽين جهڙيون ڊازئينون ٺهيل آهن، جيڪي موهن جي دڙي جي ابتدائي تهن مان لڌا آهن، اُن قسم جا ٽڪرا اُر، ڪش ۽ لاگاش مان ابتدائي فرعونن جي دور دوران مڪران ۽ سيستان ۾ ٺاهيا ويندا هئا، ۽ اُتان اوڀر ۽ اولهه وارن ملڪن ڏانهن موڪليا ويندا هئا. پٿر جا ٻياٿانون، جن ۾ ٽڪنڊاوان چٽ خانن خانن ۾ اُڪريل آهن، ۽ جيڪي يا ته چوڪنڊا آهن يا اڀا گول آهن ۽ جن مان ڪن ۾چار چار خانا ٺهيل آهن،جن ۾ مصالحا وغيره رکيا ويندا هئا، سي ڏکڻ بلوچستان ۾ ماهيءَ ۽ موهن جي دڙي جي مٿين تهن مان لڌا ويا آهن. مختلف  شڪيلن وارا معمولي پٿرن مان ٺهيل مڻڪا سنڌو ماٿريءَ ۽ تل اسمير جي عڪادي دور جا ماڻهو هڪ ئي وقت استعمال ڪندا هئا.سون جون گول چپتريون ٽڪيون جيڪي هارن ۾پُوتيون وينديون هيون، ۽ جن ۾ ڌاڳي وجهڻ لاءِ سوراخ نڪتل هوندا هئا (پليٽ نمبر 13 ــ ب – 7) موهن جي دڙي ۾ ميسوپوٽيميا جي عڪادي دور ۽ ٽرائي جي تهه جي 2 ( جنهن جي تاريخ 2300 ق.م آهي) منجهان لڌا ويا آهن.

انهن شاهدين مان بهرحال هيءَ ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي ته سنڌو ماٿريءَ ۽ اولهه وارن ملڪن ۾ 2300 سال ۽ 1700  سالن جي وچ ۾ گهرا لاڳاپا هئا، ۽ ان مان ڪافي يقين سان چئي سگهجي ٿو ته تقريبن اِهي ئي تاريخون سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب جي دور جون هيون. انهن تاريخن ۾ ٻن ٻن سون سالن جي گهٽ وڌائي ڪري سگهجي ٿي، ۽ ان جون انتهائي تاريخون 2500 ق. م کان وٺي 1500 ق. م تائين مقرر ڪري سگهجن ٿيون. پر هن سلسلي ۾ هن ڳالهه جو به لحاظ رکڻ ضروري آهي ته موهن جي دڙي ۽ چانهونءَ جي دڙي جو بنهه پهريون دور اڃا تائين معلوم نه آهي، ۽ انهيءَ ڪري نٿو چئي سگهجي ته ان دور جي وسعت ڪيستائين آهي.

 


 

 

تهذيب جي پڄاڻي

 

        قومن ۽ تهذيبن جي ڪِرڻ ۽ ناس ٿيڻ جو داستان ڪمزوريءَ ۽ خرابيءَ جي هڪ اهڙي روئداد آهي، جنهن جا سبب گهڻو ڪري هر هنڌ ساڳيا ئي هوندا آهن.پر جتي سنڌو ماٿريءَ جون ڪيتريون ڳالهيون اڃا تائين سراسر راز ۾ آهن، اتي هيءَ به هڪ دکدائڪ حقيقت آهي ته ان جي انتها اڃا تائين معلوم نه آهي. حسن ۽ عشق جو داستان  هجي ته  ڏنگيءَ رفتار واري آسمان، جي شڪايت ڪري دل جو بار هلڪو ڪيو وڃي، پر  لڙاين  ۽ جنگين جي ٺوس حقيقتن جي ڪهاڻي ايتريءَ آسانيءَ سان ختم ڪري نٿي سگهجي، ۽ جيتوڻيڪ اهو نٿو چئي سگهجي ته آسمان جي ڪهڙي گردش هئي، جنهن هن عظيم الشان  آباديءَ کي تباهيءَ جي دنيا ۾  بدلائي ڇڏيو، پر اسان کي بهرحالاهڙا آثار ڳولڻا پوندا ۽ انهن تي گفتگوڪرڻي پوندي جيڪي انهن اسبابن جو اسان کي ڪجهه پار پتو ڏين، جن موهن جي دڙي ۽ هڙاپا کي آثار قديمه وارن جي حوالات ۾ ڏنو آهي.

        هڪ عام چوڻي آهي ته سنڌو نديءَ جي سِير ۾ سونُ وهندو آهي، پر هيءَ تلخ حقيقت به آهي ته ان مان موت جا چشما به ڦٽن ٿا، جتي هن پنهنجي ماٿرين ۾ هزارين بستين کي آباد ڪيو آهي، اُتي هن لکين آبادين کي ڳهي به ڇڏيو آهي. هن جي انهيءَ مست ۽ اجهل روش جيترو نقصان سندس ڪنارن تي آباد ٿيندڙ بستين کي رسايو آهي، ان کي ڪنهن به طرح وساري نٿو سگهجي. هن نديءَ خبر نه آهي ته ڪيترا  ڀيرا موهن جي دڙي کي پنهنجي جولان جو نشانو بڻايو هوندو.  هڙاپا، چانهونءَ جي دڙي ۽ ڳچ ٻين هنڌن تي به ٻوڏين جا  نشان ڏسڻ ۾ آيا آهن. ممڪن آهي ته هن تهذيب جي برباديءَ جي زميداري انهن ٻوڏين تي ئي هجي. ائين به ٿي سگهي ٿو ته آبهوا جي اها تبديلي، جنهن جو ذڪر ’جاگرافيائي پس منظر‘ جي باب ۾ بيان ٿي چڪو آهي، اها هن برباديءَ ۾ برابر شريڪ رهي هجي.۽ هي به ممڪن آهي ته ڪا اهڙِ ويا پکڙي هجي، جنهن هن سموريءَ ابادي جو خاتمو آڻي ڇڏيو هجي.

        سنڌو  ماٿريءَ جي تباهيءَ جي باري ۾ ڪي اهڙآ نظرييا به آهن، جن جو بيان ڪرڻ دلچسپيءَ کان خالي نه ٿيندو. ڪنهن دور جي تاريخ گڏ ڪرڻ ۾ پراڻن ڪتبن کي وڏو دخل هوندو آهي. برصغير هند- پاڪ ۾ سڀ کان قديمي اهي ڪتبا آهن، جيڪي سنڌو ماٿريءَ جي مُهرن تي اُڪريل آهن، پر بدقسمتيءَ سان اهي اڃا تائين پڙهجي نه سگهيا آهن. انهيءَ دور کان پوءِ ٻين مڙني کان قديم ڪتبو 300 سال ق. م، مها راجا اشوڪ جي دور جو آهي. هنن ٻنهي ڪتبن جي درمياني دور متعلق اڃا تائينڪو به اهڙو تحريري مواد هٿ نه آيو آهي، جو اسان جي معلومات ۾ واڌارو آڻي سگهجي، البت ان دور متعلق مذهبي قسم جو اهو ادبي سرمايو موجود آهي، جو هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين، سواءِ ڪنهن لفظي ڦير ڦار جي، موجوده دور تائين پهتو ۽ نيٺ تحرير ۾ آندو ويو. هن ۾ رگ ويد سڀ کان پراڻو آهي. هن جو دور لسانيات جي ماهرن ٻارهين صدي ق. م يا ان کان ڪجهه اڳ تجويز ڪيو آهي. خيال ڪيو ويو آهي ته هيءُ ئي اهو دور آهي، جڏهن آريا اولهه ايشيا ۾ داخل ٿيا. اهڙيءَ طرح رگ ويد جي مدد سان اسين ان دور جي تاريخ جي تشڪيل ڪري سگهون ٿا، جڏهن ٻئي هزار سال ق. م جي وچ ڌاري آريا هتي آباد ٿيا هئا.

        سر مارٽيمر وهيلر هن سلسلي ۾ نهايت دلچسپ ڳالهيون ڪيون آهن. (1) هُن جي بيان مطابق ائين معلوم ٿئي ٿو ته آرين، اصلي رهاڪن جي قلعن اندر آباد شهرن تي حملا ڪري، انهن کي برباد ڪيو هو. انهن آبادين لاءِ رگ ويد ۾ ’پور‘ جو لفظ استعمال ڪيو ويو آهي، جنهن جي معنيٰ قلعو يا چوڦير ڀتين اندر ماڻهن جي رهندڙ بستي آهي. هڪڙي شهر کي ”پوٿري“ ۽ ”يوروي“ چيو ويو آهي، جن لفظن جي معنيٰ ’وڏو ۽ ويڪرو‘ ڪري ڪري سگهجي ٿي. ڪن قلعن کي ’فولاد جو ٺهيل‘ يعني ’نهايت مضبوط‘ ٻڌايو ويو آهي. ڪي قلعا اهڙا چيا ويا آهن، جن جي چوڌاري ’سرادي‘ يعني موسمي قلعا هئا، يعني برسات جي موسم ۾ دريائن جي ٻوڏين جو پاڻي دشمن جي حملي خلاف گويا قلعي جهڙي حفاظت ڪندو هوندو. اهڙا قلعا به ڄاڻايا ويا آهن، جن کي ’ ست ڀوجا‘ ڪوٺيو ويو آهي، يعني جن ۾ ٻه سو ديواريون هيون. آرين جي ديوتا اِندر کي ’پورم ودرا‘ يعني ’قلعا ڀڃندڙ‘ به چيو ويو آهي. هي به بيان ڪيو ويو آهي ته اندر پنهنجي مددگار ديوداس لاءِ نوي قلعا فتح ڪيا هئا. هي اهي نوي قلعا هئا، جن تي مقامي سردار سمبارا جي عملداري هئي، ۽ جن کي اندر اهڙيءَ طرح ناس ڪري ڇڏيو هو، جيئن باهه ڪپڙي کي ساڙي ڇڏيندي آهي.

        سوال پيدا ٿئي ٿو ته هي قلعا ڪٿي هئا؟ هينئر کان ڪجهه ڏينهن اڳي هيءُ تصور ڪيو ويندو هو  ته هي سڀ  قلعا فرضي ۽ محض آکاڻيءَ مثلهئا. پر هڙاپا ۽ موهن جيدڙي مان لڌل شهر پناهون (قلعا) ۽ ستڪاجن دور، علي مراد ۽ ٻين هنڌان لڌل اهڙين ڀتين هي نظريا بدلائي ڇڏيا، ۽ هاڻي هي خيال ڪيو ٿو وڃي ته اِهي ڀتيون ئي رگ ويد ۾ بيان ٿيل قلعا آهن ۽ اُنهن کي برباد ڪرڻ وارو ’مهاراج اندر‘ هو.

        سر وهيلر ۽ اسٽوئرٽ پگٽ هن نظريي کي ثابت ڪرڻ لاءِ پنهنجي پنهنجي قلم جو وڏو جولان ڏيکاريو آهي. هنن جو خيال آهي ته آريا هندستان ۾ بلوچستان جي طرف کان آيا هوندا. زوب علائقي ۾ گندئي جي ٽئين دور جي خاتمي، يعني 2000 ق. م جي لڳ ڀڳ تباهيءَ، برباديءَ ۽ لٽ مار جا نشان مليا آهن. اهڙا ساڳيا نشان ٻين هنڌن تي به ڏسڻ ۾ آيا آهن. هي وسيع لڏپلاڻ ۽ تباهين جا ڪرشما دريائن جي عارضي ٻوڏن، هوا جي تبديلين ۽ وبائن سببان ڪين ٿيا آهن، پر هي وحشتپڻي جي هڪ بيحد دل جلائيندڙ داستان ڏانهن اشارو ڪن ٿا. وچ بلوچستان ۾ گهڻن قديمي دڙن تي رَکَ جا تهه ۽ ڍير ڏسڻ ۾ آيا آهن. ائين معلوم ٿئي ٿو ته ڄڻ ڪنهن ساريءَ بستيءَ کي جلائي خاڪ ڪري ڇڏيو آهي. نال  جي کنڊرن جي زمين باهه ۾ سڙڻ سببان اڄ به ڳاڙهاڻ تي مائل ڏسجي ٿي، ۽ انهيءَ ڪري هن کي ’شور دمب‘ يعني ڳاڙهو  دڙو ڪوٺيو وڃي ٿو. بلوچستان ۾ وڏي پيماني تي کوٽائي ڪا نه ٿي آهي، جنهن ڪري باهه لڳڻ جون وڌيڪ ثابتيون نه ملي سگهيون آهن، پر عام تباهيءَ ۽ برباديءَ جون ثابتيون  اڪثر اُتي نظر اچن ٿيون.

        يقيناً نوان حملي آور انهن هنڌن تي قابض ٿي چُڪا هوندا، ۽ انهن کان پوءِ ئي ڪي اهڙا حملي آور آيا، جيڪي اهڙا مٽيءَ جا ٿانوَ استعمال ڪندا هئا، جن تي ڪا به رنگ آميزي نه ڪئي ويندي هئي. اهڙيءَ ريت بلوچستان ۾ هڪ نئون ڪلچر، شاهي تمپ ۾، ڏسڻ ۾ اچي ٿو. تمپ جا اهي رهاڪو ڳن واريون ڪهاڙيون ۽ ٽامي جون  گول مهرون استعمال ڪندا هئا. انهن ماڻهن هتان جي قديم ڪلچر يعني ’ڪلي ڪلچر‘ کي ختم ڪري ڇڏيو. موهن جي دڙي جي آخري دور مان به اهڙا مٽيءَ ۽ پٿر جا ٿانوَ مليا آهن، جيڪي بلوچستان مان لڌا ويا آهن، ۽ جن مان هيءُ اندازو لڳايو ويو  آهي ته هتانجا رهاڪو حملي آورن کان شڪست کائي، سنڌو ماٿريءَ ۾، سلامتيءَ لاءِ آيا هوندا (1) ڊاڪٽر وهيلر جي خيال موجب سنڌو ماٿريءَ جي اولهه وارن سرحدي علائقن تي حملي آورن جي تباهيءَ سنڌو ماٿريءَ تي وڏو اثر وڌو. ماڻهو ڀاڄ کائي هتي آيا، آبادي وڌي، بد انتظامي پيدا ٿي، ۽ وڏا وڏا ڪمرا ننڍن ڪمرن ۾ تبديل ٿيڻ لڳا. محل بدلجي مڪان بنيا؛ ڪنڀارن جون نهانيون شهر اندر ۽ ويندي رستن تي ڪنارن تي ٺهڻ لڳيون. گهٽين جون رٿابنديون ختم ٿي ويون. نون آيلن سبب قانون ۽ امن ۾ خلل پئجي ويو. مطلب ته صورتحال نهايت ئي نازڪ بڻجي ويئي. هوڏانهن حملي آور سنڌو ماٿريءَ جو دروازو کڙڪائي رهيو هو. شهر جا حاڪم ماڻهن کان صدين جي پراڻن شهري قانونن جي پيروي نه ڪرائي سگهيا. افراتفري پکڙجي ويئي، جنهن جا نشان موهن جي دڙي جي مٿينءَ سطح تي ڏسي سگهجن ٿا. آخر اهو وقت آيو، جو حملي آور اندر گهڙي آيا.پر انهن جي اچڻ کان اڳ ۾ ئي ڪافي ماڻهو شهر ڇڏي ڀڄي چُڪا هئا، ۽ باقي جيڪي رهجي ويا، اهي ڪاهيندڙن جي قتل۽ غارت جو شڪار بنيا. هن ڳالهه جون ثابتيون ملن ٿيون ته موهن جي دڙي جي آخري دور ۾ مرد، عورتون ۽ ٻار گهٽين ۽ جاين ۾ قتل ڪيا ويا ۽ اتي ئي سواءِ ڪفن دفن جي پيا رهيا. اهڙيءَ ريت ايڇ آر ايراضيءَ جي هڪ جاءِ مان مردن ۽ عورتن جا تيرهن هڏاوان پڃرا ۽ هڪ ٻار جو ڍانچو مليا آهن. انهن مان ڪن کي منگليون، منڊيون ۽ مڻڪا پاتل هئا.ڪي وري اهڙيءَ  طرح پيل ڏسڻ ۾ آيا، جنهن مان  سندن اوچتي موت جو پتو پوي ٿو. هي هڏا تمام زبون حالت ۾ هئا، پر هڪ کوپڙيءَ تي 146 ملي ميٽر جيتور گهاءُ هو، جو ڪنهن تيز ۽ ڳري هٿيار سان ئي ٿي سگهيو ٿي. هڪ ٻيءَ کوپڙيءَ تي به انهيءَ نموني جا نشان هئا. وي. ايس ايراضيءَ جي هڪ گهٽيءَ مان سورنهن هڏاوان پڃرا مليا، جن ۾ هڪ ٻار جو هو. ايڇ آر ايراضيءَ جي هڪ گهٽيءَ مان به هڪ لاش مليو آهي. ڊي. ڪي ايراضيءَ جي هڪ گهٽيءَ مان  نوَ لاش مليا آهن، جن مان پنج لاش ٻارن جا هئا، جيڪي هڪ ٻئي جي  ڀر ۾ ڇڙوڇڙ پيل هئا. اهڙيءَ طرح ڊي. ڪي ايراضيءَ ۾ هڪ کوهه جي ويجهو  هڪ اهڙو حادثو ٿيل آهي، جنهن ۾ چار حياتيون ضايع ٿيل آهن. هن کوهه ڏانهن وڃڻ لاءِ ڀرواريءَ گهٽيءَ مان رستو هو. کوهه جي پڳ تي چڙهڻ لاءِ ڏاڪا ٺهيل هئا. انهن ڏاڪن تي ٻه لاش پيل مليا آهن. غالباً هي ماڻهو زخمي ٿيڻ کان پوءِ ڏاڪڻ تان چڙهي رهيا هئا، پر طاقت جواب ڏيئي وين ۽  اتي ئي ختم ٿي ويا. انهن مان هڪ عورت آهي، ۽ ٻيو شخص مرڻ کان اڳ پٺيءَ  ڀر ڪريو  هو. ٻن ماڻهن جا لاشا ٻاهر گهٽيءَ ۾ ڏٺا ويا آهن. انهيءَ ئي تهه تي هڪ ڪهاڙي به پيل ملي آهي، جنهن ۾ ٿلهي ڳن وجهڻ جو سوراخ هو، ۽ اُن جو ڦَرُ تمام سنهو هو. ظاهر آهي ته هيءَ ڪهاڙي حملي آورن جي هوندي، ڇاڪاڻ ته اهڙو عمدو هٿيار سنڌو ماٿريءَ جي ماڻهن وٽ ڪو نه هو. انهيءَ کان الڳ اهڙيون تلوارون به مليون آهن، جن جو انوکو گهاڙيٽو آهي، ۽ ڪافي مضبوط آهن. هڪ ٿانوَ ۾ منگول نسل جي هڪ شخص جي کوپڙي پيل ملي آهي، ٿي سگهي ٿو ته اها ڪنهن  حملي آور جي هجي.

        انهن واقعن جي تاريخ لاءِ اسان کي اوڀر قريب جي حالات جو جائزو وٺڻو پوندو. هيءَ تقريباً ٻه هزار سال ق. م جي ڳالهه آهي ته عراق جي ماٿريءَ، عڪادي تخت، جي حالت بدلجي چُڪي هئي؛ ڇاڪاڻ ته سارگن جي  پٽ فارم سن جي وفات کان پوءِ گوتي ۽ ٻيا قبيلا هن سرزمين ۾ گهڙي چڪا هئا. انهن وحشي ڪاهيندڙن اهڙيءَ تيزيءَ سان حملو  ڪيو، جو ان دور کان ٻن سون سالن بعد هڪ شاعر انهن جي باري ۾ لکيو آهي ته ”اهي هشام، جن جي حملي ۾ انڌاري ۽ طوفان جو زور آهي- هڪ اهڙي قوم آهن، جن ڪڏهن به شهر جي صورت نه ڏٺي“ (1).

        مطلب ته هڪ طرف ايشيا ۾ هڪ ڌارين حڪومت زور وٺي رهي هئي، ته ٻئي طرف ايران ۾ هڪ نئين دور جي شروعات ٿي رهي هئي، اتر ۾ روسي ترڪستان کان وٺي ڪئسپين سمنڊ تائين بي انداز جنگجو قبيلا هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪندا رهندا هئا. انهن جي سوچ جو انداز مختلف، زبان، نئين، خيالات نوان- هي آريا لوڪ هئا. انهيءَ ئي زماني ۾ آريا هر هنڌ پکڙيا پئي ويا- ڪجهه خراسان جي اتر کان آيا ۽ ڪرمان مان ٿيندا ايران ۾ پهتا، ڪجهه باختر جي ڏکڻ- اوڀر طرف وڌيا ۽ هندوڪش جي جبلن مان لنگهي پنجاب ۾ اچي پهتا. جيڪي ايران ۾ پهتا، اهي اوڀر ڏانهن روانا ٿيا ۽ لاڳيتا حملا ڪندي، آراڪوشيا (ڏکڻ افغانستان) ، دُورنحانھ ۽ مڪران تي پلٽيا. آرين جي هيءَ لٽمار ۽ آنشزني ڪيترين صدين تائين جاري رهي، ۽ آخر بلوچستان جا مظلوم رهاڪو  پنهنجي وطن ڇڏڻ تي مجبور ٿيا. ڪن سنڌو ماٿريءَ ۾ پناهه ورتي، ته ڪي وري پنجاب هليا ويا. پر سنڌ ۽ پنجاب ۾ پناهه وٺڻ کان پوءِ به هنن کي آرام نصيب نه ٿيو. ڇاڪاڻ ته آرين جي قبضي ۾ اڃا جيڪي علائقا آيا هئا، اهي ايڏا آباد ۽ سرسبز نه هئا. هو ڏسي رهيا هئا ته پنجاب ۽ سنڌ ۾ سرسبز فصل جهومي رهيا هئا، هر طرف خوشيءَ ۽ مسرت جا چشما جاري هئا. اهڙي بهشت جي زمين ڏسڻ کان پوءِ هنن کي ڪيئن ٿي آرام اچي سگهيو- هنن هڪدم سنڌو ماٿريءَ تي حملو ڪيو، ۽ هتان جي پراڻي جمود کي ٽوڙي وڌو. مقامي رهاڪو، خونخوار  ۽ جفاڪش آرين جي مقابلي جو تاب جهلي نه سگهيا، ۽ آخر سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب هڪ حيرتناڪ موڙ تي ائين پهچي، هميشه لاءِ ختم ٿي ويئي.

        سنڌو ماٿريءَ جي برباديءَ جو مٿي ذڪر ڪيل سبب ڊاڪٽر سر آر. اي. ايم وهيلر ۽ اسٽوئرٽ پگٽ جي تحقيق جو نتيجو آهي. ۽ ڪافي عرصي تائين ان کي سنڌو ماٿريءَ جي تباهيءَ جي سوال جو صحيح حل سمجهيو ويو. پر تازو هندوستان ۾ کوٽائيءَ مان اخذ ڪيل نتيجن ۽ پاڪستان ۾ ڊاڪٽر فضل احمد خان، ناظم محڪمھ آثار قديمھ، جي  تحقيقات، ۽ ٻين محققن، انهن بنيادن کي لوڏي ڇڏيو، جن تي هيءُ دلچسپ  پر ڪمزور انومانن تي ٻڌل نظريو قائم ڪيو ويو هو.  هڙاپا جي ايڇ قبرستان جي باري ۾ وهيلر جو هيءُ اندازو هو ته هي هڙاپا جي برباد ڪرڻ وارن يعني آرين جو قبرستان آهي؛  اهڙو قبرستان فقط هڙاپا ۾ ئي ڏسڻ ۾ آيو آهي؛ ۽ انهيءَ قسم جون باقيات ڪنهن ٻئي علائقي ۾ دريافت نه ٿيون آهن. حالانڪه هئڻ  ائين گهربو هو ته جيڪڏهن آريا  سموري اتر اولهه هندستان ۾ پکڙجي چُڪا هئا، ته انهن جا ٻيا قبرستان به انهن علائقن مان ملڻ گهربا هئا. ۽ ايڇ قبرستان مان هٿ آيل مٽيءَ جي  ٿانون سان برابري رکندڙ ٿانوَ گهٽ ۾ گهٽ پنجاب يا ٻين دريائن جي ڪناري جن کي هي ماڻهو مقدس خيال ڪندا هئا ۽ جتي برصغير هند ۽ پاڪ ۾ انهن جون اوائلي بيٺڪون هيون- ضرور ملڻ گهربا هئا.پر اهڙا ٿانوَ اڃا تائين ڪٿان به نه لڌا آهن.

        هڙاپا جي ايڇ قبرستان جي باري ۾ جيڪڏهن وهيلر جو دليل ٿوريءَ دير لاءِ صحيح مڃيو وڃي، ته پوءِ هيءُ سوال  پيدا ٿو ٿئي ته جيڪي ماڻهو هتي دفن ٿيل آهن، اهي ڪجهه عرصي تائين هتي آباد به رهيا هوندا، ڇاڪاڻ ته هيءَ ڳالهه قبولڻ جوڳي نه آهي ته ماڻهو آباد هڪڙي هنڌ تي هجن ۽ سندن قبرستان ڪنهن دور دراز هنڌ تي هجن! هڙاپا ۾، سنڌو  ماٿريءَ جي برباديءَ کان پوءِ وارن تهن ۾ جهڪر ۽ جهانگر ڪلچر جا تهه مليا آهن، جيڪي يقيناً آريا دور کان اڳ جا آهن. مطلب ته هتي، آرين جي آباد ٿي ويهڻ جي ثابتين جي بنهه نه هجڻ جي حالت ۾، وهيلر جي مٿئين نظريي کي صحيح نه ٿو سمجهي سگهجي.

        انهيءَ کان سواءِ بيڪانير جي علائقي ۾ به ڪيترن هنڌن تي کوٽائي ڪئي ويئي آهي- هتي ڪيترن هنڌان مٿين تهن مان ڀوري رنگ جا  ٿانوَ مليا آهن، جن جي تاريخ محققن 200 ق. م مقرر ڪئي آهي. ڀوري رنگ وارن ٿانون  جي تهه هيٺان ٻوڏن جي لَٽ جو ٿلهو تهه آهي. ۽ ان تَهه جي هيٺان سنڌو ماٿريءَ جون اهي باقيات مليون آهن، جيڪي هڙاپا ۽ موهن جي دڙي مان لڌل باقيات سان پوري هڪ جهڙائي رکن ٿيون. گويا سنڌو ماٿريءَ جي باقيات ۽ 200 ق . م دور جي ڀوري رنگ جي ٿانون جي درميان ڪنهن به هنڌ انهيءَ قسم جا ٿانوَ نه لڌا آهن، جن جو  ٺاهيندڙ آرين کي  ڄاڻائي سگهجي. ڀوري رنگ جا اهڙا ئي ٿانوَ پنجاب، اولهه- اتر پرديش، هستناپور، سرسوتي ۽ گهاگهر جي ڪناري، جيڪي آرين جون قديمي بيٺڪون آهن، تمام گهڻا مليا آهن. روپڙ ۾ تمام چمڪندڙ ۽ اڪثر ڪاري رنگ جا ۽ ڀورا باهه جا پڪل مٽيءَ جا ٿانوَ مليا آهن، جن کي ماهرن ’شمالي سياهه پالش ٿيل ٿانوَ‘ چيو آهي. اهڙا ٿانوَ ٽَڪسلا مان به لڌا ويا هئا، جن جي تاريخ 500-300 ق . م  تجويز ڪئي ويئي آهي.

        سنڌو ماٿريءَ جي باقيات، ’ڀوري رنگ جا ٿانوَ‘ ۽ ’شمالي  سياهه پالش ٿيل ٿانوَ‘ انبالا کان 65 ميل اتر طرف، ستلج نديءَ جي ڪناري هڪ ئي هنڌ ٿوري ٿوري وقت کان پوءِ جا دريافت ٿيا آهن. هتي سڀني کان هيٺين تهن ۾ سنڌو ماٿريءَ جي تهذيبي دور جون سموريون باقيات يعني مٽيءَ جا ٿانوَ، مڻڪا، چوڙيون، پٿر جا اوزار ۽ ٽامي جا ٿانوَ ڪافي تعداد م هٿ آيا آهن. هڪ اهڙي مهر به هٿ آئي آهي، جنهن تي سنڌو ماٿريءَ جي رسم الخط ۾ ٽي اکر اُڪريل آهن. انهن تهن جي مٿان ٻوڏ جي لَٽ جو  ٿلهو تهه آهي، جنهن جي مٿان ڀورا چِٽن وارا ٿانوَ مليا آهن، ۽ ان جي مٿين تهن ۾ ’شمالي سياهه پالش ٿيل ٿانوَ‘ هٿ آيا آهن. انهن تهن  کان پوءِ برصغير هند- پاڪ جو تاريخي دور شروع ٿئي ٿو. آرڪيالاجيءَ جي هنن نتيجن مان هيءَ ڳالهه بلڪل واضح آهي ته هڪ طرف باقيات جي آخري تاريخ 600 ق . م آهي ته ٻئي طرف باقيات جي قديم ترين تاريخ 1700 ق . م آهي. هنن ٻنهي تاريخن جي وچ ۾ هڪ خال آهي، جو اڃا تائين ڀرجي نه سگهيو آهي، ۽ جنهن کي وڌيڪ  تحقيقات ئي ڀري سگهي ٿي، ۽ ان کان پوءِ ئي سنڌوماٿريءَ جي تهذيب جي تباهيءَ جو صحيح ڪارڻ معلوم ٿي سگهندو.

پڙاڏو

 

        سنڌو ماٿريءَ جي هن تهذيبي جائزي مان، جيڪو گذريل صفحن تي پيش ڪيو ويو آهي، هيءُ اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اٽڪل اڍائي هزار سال ق . م سنڌو ماٿريءَ ۾ هڪ اهڙيءَ تهذيب جي حڪومت هئي، جيڪا اولهه ايشيا جي ٻين علائن وانگر پٿر جي آخري دور جي تهذيب هئي- جتي ٽامي ۽ ڪُٺ جي هٿيارن، اوزارن ۽ ٿانون سان گڏوگڏ پٿر جا هٿيار، اوزار ۽ ٿانو به استعمال ۾ هئا. شهري زندگي باقاعدي انتظام ۽ قانون جي تابع هئي. شهر کي رٿابندين مطابق آباد ڪيو ويندو هو، جن ۾ رستن ۽ گهٽين جي ڪشادگيءَ جو خاص خيال رکيو ويندو هو. شهر ۾ صفائيءَ ۽ صحت جي اصولن تي پائبنديءَ سان عمل ڪرايو ويندو هو. صفائيءَ لاءِ بيشمار موربن، نالين ۽ هودين جي موجودگيءَ ۽ باقاعدگيءَ مان اندازو ٿئي ٿو ته هتي صفائيءَ جو خاص محڪمو  موجود هو. اهڙيءَ ريت تور ماپ جي بندوبست رکڻ ۽ ان جي نظرداريءَ لاءِ نگهبان مقرر هوندا هئا. گهٽين ۽ سڙڪن جي ٻنهي پاسي نهايت خوبصورت ۽ پڪل سِرن جون جايون ٺهيل هونديون هيون، جن ۾ ڪيترا ڪمرا ۽ ويڪرا اڱڻ هوندا هئا. انهن جاين ۾ ڪاريگر ۽ واپاري رهندا هئا، جن جو سون، پٿر، عاج ۽ هڏن ۽ سنک وغيره مان ٺاهيل سينگار جو سامان دور دراز شهرن ڏانهن موڪليو ويندو هو. هي ڪاريگر پٿر جون اهڙيون نازڪ مهرون ۽ تختيون به ٺاهيندا هئا، جن تي ڍڳا، ساننهه، هاٿي، گينڊا، شينهن ۽ ٻين جانورن جون نهايت سهڻيون تصويرون اُڪريل هونديون هيون. هي ماڻهو سنگتراشيءَ سان گڏ ڪُٺ جا ٿانوَ ۽ هٿيار به وڏيءَ مهارت سان ٺاهيندا هئا. چَڪَ تي مٽيءَ جي ٿانون ٺاهڻ ۾ سندن شهرت مثالي حيثيت رکندي هئي. هي ماڻهو ڳاڙهي رنگ جا روغني سهڻا ٿانوَ ٺاهيندا هئا، جن تي نموني  نموني جي ڊزائينن جي نقاشي رکيل هوندي هئي. مٽيءَ مان  ٻارن جا رانديڪا- ڍڳا، گاڏيون، ننڍا ننڍا  جانور، جهنجهڻا، سيٽيون وغيره،   ۽ ماتا ديويءَ جون مورتيون به ٺاهيندا هئا. منجهانئن ڪي پوک جو ڌنڌو ڪندا هئا. جَو، ڪڻڪ، تر، مٽر ۽ ڪپهه جا فصل پوکيندا هئا، ۽ هن ماٿريءَ جي رهاڪن جي کاڌي جو بندوبست ڪندا هئا. دنيا جي ٻين تهذيب يافته قومن وانگر هنن جو به هڪ مذهب هو. اندازو ڪيو ويو آهي ته ماتا ديويءَ جون مورتيون جيڪي باهه ۾ پڪل مٽيءَ جون آهن ۽ هڪ اهڙي شڪل جنهن کي شِو جو ’تڙ ڏاڏو‘ چئي سگهجي ٿو، انهن ماڻهن جا ديوتائون هئا، جن جي هو پوڄا ڪندا هئا. بت پرستيءَ سان گڏ انهن ماڻهن جي عقيدن ۾ وڻن ۽ حيوانن جي پوڄا ۽ ٻيا عقيدا پڻ شامل هئا.

        اهڙيءَ طرح انهن جو هڪ رسم الخط هو، جنهن ۾ هي ماڻهو لکندا پڙهندا هئا. هيءُ رسم الخط ڪوششن جي باوجود اڃا تائين پڙهجي نه سگهيو آهي. حقيقت هيءَ آهي ته هيءَ تهذيب اُن دور جي مڪمل ترين تهذيبن مان هڪ هئي، ۽ جيڪڏهن اسان وٽ هن تهذيب جي مڪمل باقيات هجي، ته ان جي اهميت جو صحيح اندازو ڪري سگهجي ها:  هيءَ تهذيب تقريباً هڪ هزار سالن تائين سنڌو ماٿريءَ ۾ وڌي ويجهي ۽ ترقيءَ کي پهتي، ۽ ڪافي ڊگهي دور گذرڻ کان پوءِ نامعلوم طريقي سان ختم ٿي ويئي.

        سنڌو ماٿريءَ جون اُهي خصوصيتون جيڪي اسان کي نمايان طور ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، اُهي اولهه ايشيا جي قديمي تهذيبن ۾ هر هنڌ موجود ڏسجن ٿيون. نيل نديءَ جو علائقو  هجي يا دجله ۽ فرات جو، قارون نديءَ جي سرزمين هجي يا هلمند نديءَ جي؛ سنڌو نديءَ جا وسيع ميدان – بهرحال، هي سموري جا سمورا علائقا انساني تهذيب جي پيدائش ۽ ترقيءَ لاءِ بيحد موافق ۽ موزون آهن. اُنهن تهذيبن ۾ هڪ قسم جي مشابهت ڏسڻ ۾ اچي ٿي- ان زماني ۾ به جڏهن انسان شڪاري دور مان گذري رهيو هو ۽ ان دور ۾ به جڏهن هنن پوک ڪرڻ شروع ڪئي ۽ پڪا ڳوٺ ٻڌي رهڻ سِکيو هو؛ ڇاڪاڻ ته انهن علائقن جي آبهوا نه گهڻي سرد هئي ۽ نه تمام گرم ۽ نه هتان جي موسم ناقابل برداشت هئي. هتي پاڻيءَ ۽ خوراڪ جي اڻاٺ ڪا نه هئي، ۽ دريائن جي ڪنارن سان سفر ڪرڻ به آسان هو. گويا هتي تهذيبن جي وڌڻ ويجهڻ جون سموريون سهوليتون موجود  هيون، ۽ انهيءَ جو ئي نتيجو هو، جو هن سموري علائقي ۾ گهڻو ڪري هڪ ئي دور ۾ انسانن تهذيب جا سمورا ڏاڪا طئه ڪيا. انهن تهذيبن۾ ٿورو گهڻو دور ۽ زماني جو اختلاف موجود هجي ته هجي، پر ڪُلي اختلاف بلڪل گهٽ اٿن- -  بلڪ ائين چوڻ زياده مناسب آهي ته هڪ تهذيب ٻيءَ جي مدد ورتي ۽ پنهنجي خاص جاگرافيائي ماحول ۾ ان خاص تهذيبکي وڌڻ ويجهڻ جو موقعو مليو، پر ان هوندي به بنيادي صورت شڪل ۽ سندن ٻيون گهڻيون ڳالهيون مشترڪه هيون. جيڪڏهن غور ۽ فڪر کان ڪم ورتو وڃي، ته انهن مڙني تهذيبن جي گڏيل خصوصيتن جي هڪ ڊگهي  لسٽ تيار ڪري سگهجي ٿي؛ جنهن ۾ رسم الخط، گول ڦيٿن واريون گاڏيون، ڪنڀار جي چَڪَ تي مٽيءَ جا ٿانوَ، سِرن جون ٺهيل جايون، ڪُٺ ۽ ٽامي جو پگهارڻ ۽ پوک وغيره، شامل ڪري سگهجن ٿيون. انهن مشترڪ خصوصيتن مان گهٽ ۾ گهٽ انهن ماڻهن جي خيالات جي هڪجهڙائي ۽ ايجاد ۽ ڪاريگريءَ جي ان همه گيريءَ جو پتو ضرور پوي ٿو، جيڪا هن سموري علائقي جي  زمين تي جاري هئي، پر هن اشتراڪ ۽ برابريءَ جي باوجود منجهن ڪجهه اختلاف به موجود آهن. مثلاً سنڌو ماٿريءَ جو رسم الخط سمير ۽ مصر جي رسم الخط کان بلڪل جدا آهي. سنڌ جون بيل گاڏيون هن ئي علائقي ۾ مخصوص آهن. هتان جا چڪ تي ٺهيل مٽيءَ جا ٿانوَ ۽ انهن جي  نقاشي ٻين هنڌن وارن ٺهيل ٿانون کان مختلف آهن.هتان جي سِرنجي سائيز به ايترو مختلف آهي، جيترو انهن مان ٺاهيل جاين جا نقشا. سنڌو ماٿريءَ جا ٽامي ۽ ڪُٺ جا ٺهيل سادي کان سادا اوزار به ايلام، ميسو پوٽيميا، مصر ۽ قبرص جي اوزارن کان بلڪل مختلف آهن.

        انهن سمورين قديمي تهذيبن ۾ اوليت جو شرف سمير جي تهذيب کي آهي. دجله ۽ فرات جي هيءَ تهذيب سنڌو  نديءَ جي تهذيب کان آڳاٽي آهي. ڇاڪاڻ ته ٿانون ٺاهڻ لاءِ ڪنڀار جو چڪ ۽ گاڏين جا گول ڦيٿا سمير ۾ اٽڪل 3000 ق . م ۾ دريافت ڪياويا هئا ۽ ٿي سگهي ٿو ته هي فن اتان کان ايران ۽ ايران کان سنڌو ماٿريءَ ۾ آيو هجي. اهڙيءَ طرح ڏاتوءَ جو ڪم سڀني کان اڳ سمير ۾ شروع ٿيو هو ۽ ٿي سگهي ٿو ته اتان ٻين هنڌ پکڙيو هجي. پر سنڌو ماٿريءَ جي فنڪارن ۽ ڪاريگرن به قديم انساني تهذيب جي ترقيءَ ۾ بي بها خدمتون سرانجام ڏنيون آهن ۽ اوڀر ايشيا جي مڙني تهذيبن مان خواهه اها ميسو پوٽيميا جي تهذيب هجي يا مصر جي، ڪٿي به اهڙيءَ نازڪ، خوبصورت ۽ اعليٰ قسم جي اُڪر جا نمونا نٿا ملن، جيترا سنڌو ماٿريءَ جي مهرن ۾ نظر اچن ٿا. اهڙيءَ ٻيءَ تهذيب ۾ غسلخانا، حمام، عام کوهه ۽ ماڻهن جي رهڻ ڪرڻ جون جايون ايتريءَ عمديءَ رٿا، مضبوطيءَ ۽ آسائش جي نقطي نگاهه کان نه ٺاهيون ويون آهن.

        سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب هڪ هزار ميلن کان به وڌيڪ وسيع علائقي ۾ ڦهليل هئي، بلڪه حقيقت ته هيءَ آهي ته جيئن جيئن باقيات جي ڳولا اڳتي وڌي ٿي، تيئن ان جو دامن وسيع تر ٿيندو وڃي ٿو. بهرحال هي علائقو پکيڙ ۾ بابل کان چؤڻو ۽ مصر کان ٻيڻو آهي.هن وسيع علائقي ۾ هڪ ئي عرصي ۾ هڪڙي ئي تهذيب ڦهليل هئي. هن وسيع تهذيب جون ٻه راڄڌانيون هيون، يعني هڙاپا ۽ موهن جو دڙو. ڊاڪٽر وهيلر موهن جي دڙي ۽ هڙاپا جون شهر پناهون دريافت ڪيون آهن، پر ائين چوڻ مشڪل آهي ته انهن ديوارين اندر ڪو وقت جو حاڪم رهندڙ هو، يا ڪنهن ديوتا جو اقتدار هو، جنهن جا پوڄاري ديوتا جي نالي تي حڪومت ڪندا هئا. پر ديوتائن جي شاندار مندرن ۽ بادشاهن جي عاليشان محلن ۽ مقبرن جي غير موجودگيء هن اندازي کي وڌيڪ تقويت ڏئي ٿي ته شايد هتي واپاري ماڻهن جي چونڊ يا طاقتور جماعت (تجارتي وڏيرپ يا سرداري Commercial Oligarchy ) اقتدار ۾ رهي هجي. بهرحال، هن علائقي جو سياسي نظام ڪهڙو به رهيو هجي، پر ايترو يقين آهي ته هتي  ثقافتي هڪجهڙائي ضرور هئي، جنهن جي قائم رکڻ ۾ دريائي رستن، بيل گاڏين ۽ واپاري قافلن جو وڏو دخل هو. هتي دولتمند واپاري ۽ ڪاريگر ۽ غريب گهرجائو سڀيئي موجود هئا. واپاري گهڻو ڪري ٻه ماڙ جاين ۾ رهندا هئا، جن ۾ گهڻا ڪمرا، حمام، غسلخانا، کوهه، گدام ۽ چوڪيدارن جا ڪمرا وغيره هوندا هئا. ان جي ابتڙ مزدورن جا ڪوارٽر ننڍا هوندا هئا، جن ۾ عام طور ٻه ڪمرا هوندا هئا،  ڀرپاسي جي زرخيز علائقي مان بيل گاڏين ۽ ٻيڙين وسيلي ڪاشتڪارن جي پيدا ڪيل ڪپهه ۽ اناج جا انبار شهرن ۾ آندا ويندا هئا. پر ائين نٿو چئي  سگهجي ته اهو اناج شهرن م ڪهڙي  نموني ۽ ڪهڙي نظام هيٺ وڪرو ڪيو ويندو هو. بهرحال خريد فروخت، محنت ۽ مزدوريءَ جا قاعدا ۽ قانون ڪهڙا به هجن، پر سنڌو ماٿريءَ جو نظام اٽڪل هڪ هزار سالن تائين برابر قائم رهيو ۽ نهايت حيرت ڏياريندڙ نموني تي ڪاميابيءَ سان هلندو رهيو. هن سموري عرصي ۾ سارو معاشرو گهڻو ڪري هڪ ئي ڍنگ تي قائم رهيو، ۽ چالو نظام سهڻي نموني مڙيئي ضرورتون پوريون ڪندو رهيو. پر ڪنهن نظام يا ڪنهن معاشري جو ڪنهن هڪ هنڌ بيهي رهڻ جو نتيجو جمود هوندو آهي، جيڪو هميشھ قومن جي برباديءَ جو سبب بڻيو آهي. اسان کي هن تهذيب جي جمود جا نشان اُن جي آخري دور  ۾ ڪافي نمايان ڏسڻ ۾ اچن ٿا، شايد انهيءَ ئي جمود سببان هيءَ تهذيب آخر ختم ٿي ويئي.

        اسين جڏهن غور ٿا ڪريون ته هن عظيم الشان تهذيب برصغير هند- پاڪ جي ايندڙ نسلن لاءِ ڪهڙو ورثو ڇڏيو، تڏهن اسان کي وڏي مايوسي ٿئي ٿي. سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب جي ابتڙ سميري تهذيب مغربي تهذيبن جي ترقيءَ ۾ جيڪو  زبردست ڪردار ادا ڪيو آهي، ان جا اثرات اسان کان لڪل نه آهن. ميسو پوٽيمياجي پٿر واري آخري دور جي تهذيب ۽  تاريخي دور جي تهذيب ۾ هڪ سلسلو آهي، جيڪو زماني جي انقلابن سان ٽڪرجڻ جي باوجود لاڳيتو ۽ قدم بقدم جاري نظر اچي ٿو. پر سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب جو زوال ڪجهه اهڙي نموني جو آهي، جو ڄڻ ته هيءَ انساني عقل ۽ ڪاريگريءَ جو معجزو صفحي هستيءَ تان اوچتو  ئي اوچتو ۽ پوري جو پورو هڪدم ختم ٿي ويو، ۽ پنهنجي سمورين معاشرتي صلاحيتن سميت ڄڻ هميشه لاءِ  دفن ٿي ويو. هن تهذيب جي تعميري، فني ۽ ٻين صلاحيتن جا آثار اُن خاتمي کان پوءِ هن سرزمين تي مشڪل سان ئي ڏسڻ ۾ اچن ٿا. هن تهذيب جي دور ۽ ان کان پوءِ جي ايندڙ تهذيبي دور ۾ ايتري قدر ته بنيادي فرق آهي، جو ٻنهي ۾ ڪنهن به قسم جو لاڳاپو قائم ڪرڻ نهايت مشڪل آهي.

سنڌو ماٿريءَ جي معمارن جي خيالن ۽ فلسفي جي باري ۾ ڪجهه به نٿو چئي سگهجي؛ ڇاڪاڻ ته خيال ۽  فلسفا مادي چيزون نه هوندا آهن، ۽ قديمي آثارن جو حقائق پرست ذهن مجبور ٿي اِن دائري ۾ هڪ خيالي محور جي چوڌاري ئي چڪر ڏيڻ شروع ڪري ٿو. هو ڏسي ٿو ته هن تهذيب جي برباديءَ کان پوءِ هتي آرين جو اقتدار قائم ٿيو، جن جا شروعاتي عقيدا سنڌو ماٿريءَ جي اعتقادن کان بلڪل الڳ آهن. پر پوءِ هن سرزمين تي ڳچ صديون رهڻ ۽ آباد ٿيڻ  کان پوءِ انهن عقيدن ۾ زبردست انقلاب اچي ٿو ۽ اندر ديوتا جا پوڄاري آخر ۾ شِو جي  پوڄا ڪندي نظر اچن ٿا، جنهن کي سنڌو ماٿريءَ وارا پنهنجو آقا مڃيندا هئا: بلڪه ڪجهه عرصي گذرڻ بعد هن جي شادي پارپتيءَ (جا هڪ آريائي ديوي آهي) سان رچائي وڃي ٿي  ۽ اندر ۽ ٻيا ديوتا ان شاديءَ تي خوش ٿين ٿا. اهڙيءَ ريت آهستي آهستي سمورا غير آريائي اعتقاد ٻيهر عام مقبوليت جو درجو حاصل ڪن ٿا ۽ آخر هڪ اهڙو مذهب بنجي ٿو ۽ اُسري ٿو، جيڪو آريائي ۽ غير آريائي اعتقادن جو پاڻ ۾ ميلاپ معلوم ٿو ٿئي ۽ جنهن کي هندو مت ڪوٺيو ٿو وڃي. اسين انهيءَ سوچڻ تي مجبور ٿيون ٿا ته کنڊرن جون ثابتيون هجن يا نه، سنڌو ماٿريءَ جا مادي اثرات ختم ٿي ويا هجن ته به ٺيڪ، پر ڪم از ڪم  ان جي اعتقادن ۽ روحاني تصورات هن برصغير کي اهڙو ورثو ڏنو، جنهن جو غلبو اڄ تائين ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ هتي هن سرزمين  تي موجود آهي.

        سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب، جتي هن برصغير جي تاريخ ۾ هڪ نئين ۽ روشن باب جو واڌارو ڪيو آهي، اتي ڪن پيچيدن مسئلن جو اضافو به ڪيو آهي. هن جو رسم الخط اڃا تائين پڙهڻ۾ نه آيو آهي. هتان جي ماڻهن جي دفنائڻ جا طريقا، نسلي ڪيفيت  اعتقادن جي باري ۾ ڪا به ٺوس ۽ آخري ڳالهه چئي نٿي سگهجي. نه هن جي ابتدا جي خبر آهي، نه هن جي انتها معلوم آهي. هن جي اونهائي کوٽائيءَ جي ماهرن جي چنجورن جي زد کان ٻاهر آهي، ڇاڪاڻ ته زمين اندران پاڻيءَ جو تهه اڳتي وڌڻ کان جهَل بنيو بيٺو آهي. مطلب ته ڪيترائي مسئلا اڃا حل طلب آهن، ۽ هن تهذيب جي باري ۾ اهڙا بي انداز سوال پيدا ٿين ٿا، جن جا جواب آثار قديمه جا ماهر ڪين ٿا ڄاڻن. اهڙا سوال جن جي باري ۾ ڪنهن ٺوس دليل جي موجود نه هئڻ سبب رڳو قياس آرائي ڪرڻ مناسب نه آهي. پر تلاش ۽ تپاس جاري آهي، ۽ ٿي سگهي ٿو ته جلد ئي آثار قديمه جا ماهر اِنهيءَ لائق  ٿي وڃن، جو پڇڻ وارن جي سمورن سوالن جو معقول حد تائين   تسلي بخش جواب ڏيئي سگهن، ۽ سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب تي جيترا پردا پيل آهن،سي سڀ هٽائي ڇڏين، ته جيئن ڏسڻ وارا حد نظر تائين پنهنجي شاندار ماضيءَ کي چٽيءَ طرح ڏسي سگهن.
 

اصطلاح

 

آلپيني

آسٽريليائي

آرتي ٿالهه

الف- ب وارو، ابجدي

قبر جو ثمر يا قبر جو توشو

اسٽيٽائٽ

سلينڊر جي شڪل جو

ڏند ڪٿائي

آمريت

هڪ سڱ وارو ڍڳو

باقيات

باقياتي جانچ

ڀونوچ سمنڊ جا

بربط

ڦاڙهو

ڇڪو

پڪل مٽيءَ جا پتلا، بت، مجسما

پيڪاني

تاڪيدي نشانيون

ٽپتائون

تجسيميت

هروغليفي

تصويري رسم الخط

تصويري تحرير، لکيت

ٺل، دڙا

تهه

ٻيڻ وارو يا ٻِڪي وارو

جزوي تدفين

ريهه ڏيڻ يا ٽاڪو هڻن

چَڪُ

چانديءَ ۽ سون جو مرڪب ڌاتو

چِپٽي يا ٺپيل ڪهاڙي

چقمقاقي اوزار

پٿر جا اوزار

پٿر جو دور

هِٽي

کوٽايون

خاڪستري مدفن

کاهي،خندق

ڏهاڪائي

ٻن ٻولين وارو

پلاسٽر

ديو مالا

ديهي ثقافت

ٿلها

ڏامر

رباب

رُڪني

رواجي

مُهاڙي

روَٽ

رُجاج

سچي چيني

ڇهه گُني

سرود

سلفيٽ

سنگ  سليمان

سنگ صابڻ

تڪليون

سنڌور

شنگرف

شهر پناهه، قلعي جي ڀت، قلعو

صوتي

ٺڪر جا ٿانوَ، برتن

وڏيرپ، سرداري

آڳيل

عقيق

علم  الآ ثار

علم الاصنام

علم الانسان

فيروزه

تاريخ کان اڳ جو،  قبل تاريخ

فرعونن کان اڳ، قبل فراعنه

ڪَٺُ جو دور

پَٽُ يا ريشم

ڪثرت پرستي

ڪمر پٽو

تئي، ڪڻڇي

ڪلر

چيرولي

کڙتال

گوٿي

مُهرون

ڌرتي ماتا

آخري پٿر جو دور

حالتي شاهدي

مخروطي

مردنگ

مرڪب جانور

مڪعبي

مڪمل تدفين

رنگين ٺڪر،

مڻڪا

منگول نسل جا، منگولي

سڌين سرن سان جڙيل ڪمان

جاميٽريءَ جون شڪليون

لاجورد

 ياقوت

بشپ

Alpinoid

Proto- Australoid

Offering Stand

Alphabetic

Grave Furniture

Steatite

Cylindrical

Mythic

Aristocracy

Unicorn

Antiquities, remains

Achaeological Exploration

Proto- Mediterranian

Harp

Hog deer

Dice

Terracotta Figurines

Cuniform

Accents

Trefoil

Anthropomophism

Hieroglyphic

Ideograms

Pictograph

Mounds

Stratum; layer

Binary

Fractional Burial

Soldering

Potter’s Wheel

Electronum

Celts

Chert implements

Stone implements

Stone age

Hitti

Excavations

Post- cremation Burial

Trench

Cent

Bilingual

Pilasters

Mythology

Village Culture

Recessed Platforms

Bitumen

Tamburine

Syllabic

Convential

Façade

Rivets

Vitreous

Faience

Sexagonal

Lyre

Sulphate

Onyx

Soap Stone

Spindle- whorls

Orche

Cinnabar

Citadel

Phonetic

Pottery

Oligarchy

Deck

Cornelian

Archaeology

Mythology

Anthropclogy

Turquoise

Pre- historic

Pre- Dynastic

Chalcholathic Period

Linen

 Polytheism

Girdle

Frying pan

Kalar

Gypsum

Castanets

Gothic

Seals

Mother Goddess

Neolithic

Circumstantial evidence

Conical

Elongated drum

Composite animals

Cubic

Complete Burial

Painted glazed Pottery

Beads

Mangoloid

Corbelled Arches

Gemetrical Patterns

Lapis- Lazuli

Amephyst

Juspeer


 


(3) Hunter, G.R.- the Script of Harappa & Mohenjodaro and its Connection With Other Scripts.

(1) Meriggi, Herr p.- Zur Indus Schrift der Dentschen Morgenlandischen Gese Ilschaft, XII. PP. 189-241

(2) Hrozny Bedrich. – Ancient History of Western Asia and India and Create, Prague.

(3) Heras- Rev S.J. – Studies in Proto- Indo Medeterranian Culture, Bombay, 1953.

·         (1) Sankaranand, - The Rigvedic Culture of Prehistoric Indus

·         (2) Barua, Dr. B.M. – Indus Script and Tantric Code, Indo – Iranica, I, PP 15-21

·         Karmarkar, Dr. A.P.- The Aryo- Dravidian Character of the mohen jo daro inscriptions pracyavani I, PP 99- 101

* (1) مولانا ابو جلال ندوي، ــ ”رسالا تاريخ و سياست“، انجمن ترقي اردو، پاڪستان، نومبر 1953ع

* (1) Gadd, C.J.-seals of Ancient Indain style found at ur, Proceedings of the Brithish Academy XVIII (1932)

(1) Wheeler, The Indus Civilization, Pp, 90. 93

(1) Basham A.L. – The Wonder that  was In iia, p, 26.

(1) Piggott Stuart, Prehistoric India, P, 214.

(1) “Norhern Black Polish”

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org