ڀاڱو ٻيو
ڳالهه ۾ سومرن ۽ سندن دؤر بابت
تاريخي اهميت وارو مواد
باب ستون
ڳالهه جو تاريخي پس منظر
هيءُ داستان اڄ کان ست - اٺ سؤ ورهيه اڳ سومرن جي
حڪومت واري تاريخي دؤر ۾ اُسريو ۽ پوءِ ان کي سنڌ
جي ڀاڳن ۽ ڀانن بيان ڪيو ۽ ڳايو. 11 - صدي هجري
(17 - صدي عيسوي) جي شروع ۾ ’تاريخ طاهري‘ جي مصنف
سيد طاهر محمد هن قصي جي هڪ انوکي روايت کي قلمبند
ڪيو. انهيءَ ساڳئي دؤر ۾ لکيل مير محمد معصوم جي
تاريخ جي ڪن قلمي نسخن ۾، هن قصي جون مختلف
روايتون ملن ٿيون. 12 - صدي هجري (18- هين صدي
عيسوي) ۾ مير علي شير قانع ”تحفة الڪرام“ ۾ هن قصي
جي هڪ روايت کي قلمبند ڪيو. ان کان ڪجهه وقت اڳ
ميين شاه عنات ۽ ٻين شاعرن هن قصي جي اهڃاڻن کي
پنهنجن بيتن ۾ آندو. ”شاهه جي رسالي“ جي ’سر
بلاول‘ ۾ پڻ انهن اهڃاڻن وارا بيت موجود آهن ۽ ان
کان پوءِ، ويندي اڄ ڏينهن تائين سنڌ جي هر ڀاڱي ۾،
هر ضلعي ۾ سڄاڻ سگهڙن ۽ هنرمند منگتن مڱڻهارن هن
ڳالهه کي پئي ڳايو آهي. هن هلندڙ دؤر ۾ پڻ هيءَ
ڳالهه عوام ۾ ايتري قدر ته مقبول رهي آهي، جو
گذريل ويهن سالن کن ۾ اسان سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ قائم
ڪيل ڪچهرين ۾ ڪيترن ئي هنرمندن کي ڳالهه کڻندي ۽
ڳائيندي ٻڌو ۽ ڪيترن ئي ٻين سگهڙن کي زباني ڳالهه
بيان ڪندي ٻڌو. پنهنجي تحقيق دؤران ڪتابي روايتن
کان سواءِ، پڻ اسان کي هن ڳالهه جون پنجاه کان
وڌيڪ زباني روايتون مليون، جيڪي هن ڳالهه بابت
ڪتاب جي ٻن جلدن ۾ شامل ڪيون ويون آهن. هن سلسلي
مان ظاهر آهي ته صديون اڳ جڏهن کان هي ڳالهه
اُسري، تڏهن کان وٺي ويندي اڄ ڏينهن تائين، سڄي
ملڪ ۾ عام مشهور ۽ مقبول رهي آهي، جو ان کي سگهڙن
۽ هنرمند ڳالهه کڻندڙن پئي بيان ڪيو آهي، بلڪ ان
کي ڳائي، وڄائي، وهڃائي پئي عام خاص کي وندرايو
آهي.
ڳالهه جا بنيادي خاڪا:
اصل ڳالهه ڪٿان شروع ٿي ۽ ڪيئن شروع ٿي، ان بابت
يقيني طور ڪابه راءِ قائم ڪري نٿي سگهجي، ڇاڪاڻ جو
هن ڳالهه ۾ بيان ٿيل واقعي بابت ان ساڳئي وقت جو
ڪوبه تاريخي حوالو يا بيان موجود ڪونهي. البت جيڪو
به واقعو ٿيو سو ٿي گذريو ۽ پويان ان جون جيڪي
ميساريل يادگيريون باقي وڃي بچيون، تن جي بناءِ تي
سنڌ جي مختلف ڀاڱن ۾ جدا جدا سگهڙن، شاعرن ۽ ڳائڻن
ان کي پنهنجي پنهنجي زباني بيان ڪيو ۽ ڳايو ۽
انهيءَ مقصد خاطر هنن اصل واقعي جي خاڪي کي وڌايو
ويجهايو ۽ ان ۾ پنهنجي پنهنجي ذهن ۽ فن مطابق رنگ
ڀريو. بهرحال ڳالهه جون مختلف روايتون جيڪي هن وقت
اسان وٽ لکيل سوالن يا زباني بيانن ذريعي موجود
آهن، سي ئي مکيه ماخذ ۽ سرچشما آهن، جن مان
تاريخي، سماجي ۽ ثقافتي ماحول جو اندازو لڳائي
سگهجي ٿو.
گذريل سوَن سالن دؤران غالباً هن ڳالهه جون
ڪيتريون ئي روايتون هليون هونديون، جيڪي سڀئي
سلامت نه رهيون آهن، مگر جيڪي هن وقت تائين موجود
آهن، سي به ايتريون گهڻيون آهن جو غالباً اهي
گذريل دؤر وارين سڀني روايتن جون جاءِ نشين آهن.
روايتن ۾ جزوي اختلافن ۽ ڏند ڪٿائي ٽاڻن کي
نظرانداز ڪندي، مجموعي طور سان هيٺين روايتن کي ئي
مکيه ۽ مستقل قرار ڏيئي سگهجي ٿو. اهي روايتون يا
انهن جا اهڃاڻ ٻن قسمن جا آهن: هڪ اهي جيڪي لکيت ۾
آيل آهن ۽ ٻيا اهي جيڪي زباني ۽ صدري طور هلندا
آيا آهن. هيٺ انهن کي مختصر طور، مگر ضروري ٽاڻن
سميت ۽ سنن مطابق سلسليوار ڏجي ٿو:
(الف) تاريخ معصومي (اندازاً سال 1009هه/1600ع
ڌاري جي تصنيف) جي هڪ قلمي نسخي جي روايت(1)
سومري حاڪم عمر (پٽ دودو پٽ عمر پٽ ڦتو) جي وفات
وقت سندس پٽ دودو ننڍي عمر جو هو، جنهنڪري حڪومت
جي سربراهن سندس ڀاءُ چنيسر کي تخت تي وهاريو(1)
. پوءِ جڏهن دودو وڏو ٿيو ته چنيسر کيس قيد ڪرڻ
چاهيو، جنهنڪري دودو مدد واسطي سلطان مودود وٽ
غزني ۾ ويو. سلطان ان وقت بيمار هو ۽ سندس حالت
نازڪ هئي. رستي ۾ دودي کي ڪنهن بزرگ وٽان هڪ معجزي
واري لٺ ملي هئي، جنهن جي مدد سان معلوم ڪيائين،
ته سلطان ڪنهن وقت پاڻي پيئندي نانگ جا ٻه
آنسـُـرا ٻچڙا ڳيهي ويو هو، جيڪي اندر وڏا ٿي
سـُـرِي، سلطان کي ايذائي رهيا هئا. پوءِ دودي
ڪنهن حيلي سان انهن کي ٻاهر ڪڍيو. سلطان صحتياب ٿي
ويو ۽ خوش ٿي دودي کي چيائين ته ”جيڪي گهرڻو اٿئي
سو گهر.“ دودي وجهه وٺي پنهنجو حال بيان ڪيو، جنهن
تي سلطان ساڻس گڏ هڪ شاهي لشڪر روانو ڪيو. ٻارهن
ڏينهن جي زبردست جنگ کان پوءِ، چنيسر مارجي ويو ۽
دودو پنهنجي پيءُ جي تخت تي ويٺو. هن وڏي عرصي
تائين قوت ۽ عقلمندي سان حڪومت ڪئي، جنهن کان پوءِ
فوت ٿيو.
(ب) تاريخ معصومي جي ٻئي هڪ قلمي نسخي ۾ ڏنل روايت(2)
. نقل آهي ته دودو سنڌ جو حقي حاڪم هو، مگر ڀائرن
جي دشمني سببان ڪاوڙجي دهلي ۾ سلطان ناصرالدين
محمود وٽ دانهين ويو. رستي ۾ ملتان لڳ قطب
العارفين شيخ پـَـٺي رح سان سندس ملاقات ٿي، جنهن
کيس سنڌ جي حڪومت (وٺي ڏيڻ) جو وعدو ڪيو ۽ پڻ
پنهنجي مزار واسطي کانئس ملهه سان زمين ٽڪر
گهريائين. دودي قيمت وٺڻ کان انڪار ڪيو، پر جڏهن
درويش اها ڳالهه نه مڃي، تڏهن رقم وٺي زمين (جو
پروانو) کيس ڏنائين. پوءِ دودو دهلي ۾ سلطان
ناصرالدين محمود سان مليو، جنهن کيس شاهانه
انعامات سان نوازيو ۽ پنهنجي خاص درٻارين ۾ جاءِ
ڏني. دودي پوءِ درٻار جي هڪ خاص امير سان پنهنجي
ڀائرن جي ظلم ۽ زبردستي جو داستان بيان ڪيو، جنهن
اهو بادشاهه تائين پهچايو. بادشاهه جي حڪم تي ٻئي
ڏينهن صبح جو شاهي لشڪر -- پنجاه هزار پيادا ۽
سوار ۽ ٽي سؤ مست هاٿي -- تيار ٿيو، جنهن جو
بادشاهه معائنو ڪيو ۽ پوءِ اهو لشڪر دودي ساڻ سنڌ
ڏانهن روانوٿيو. ڪي چون ٿا، ته بادشاهه پاڻ لشڪر
ساڻ چڙهيو ۽ ڪن جو چوڻ آهي، ته بادشاهه پنهنجي
غلام سارنگ خان کي سپهه سالار ڪري، دودي ساڻ گڏ
روانو ڪيو.
جڏهن هي شاهي لشڪر سنڌ پهتو، ته دودي جي ڀائرن ۾
وڏو لشڪر گڏ ڪيو ۽ پنهنجي اهل عيال کي درياء جي
ڪناري لڳ محفوظ ڪري مقابلو ڪيو. جنگ ۾ گهڻا ماڻهو
مارجي ويا. ٻئي ڏينهن دودي پنهنجن ڀائرن ڏانهن
پيغام موڪليو، ته جيڪڏهن اوهان پنهنجي ڪـَـئي تي
پشيمان ٿيو ته تلوارون ڳچيءَ ۾ لٽڪائي پيش پئو ته
خطائون معاف ڪيون وڃن. هنن انڪار ڪيو ۽ بدستور جنگ
جاري رکيائون. آخر سندن گهڻو لشڪر مارجي ويو ۽
باقي جيڪي بچيا سي ابڙي نالي سردار ڏانهن هليا
ويا.
خبرن جي راوين جو بيان آهي، ته ابڙي ڏانهن ٻارن
ٻچن موڪلڻ بعد هنن پنهنجي لشڪر کي نئين سر گڏ ڪيو.
انهيءَ وچ ۾ دودي سومري، ابڙي ڏانهن پيغام موڪليو
ته: هڪ ته تو ۾ ايتري طاقت ڪانهي ۽ ٻيو ته تنهنجو
هن معاملي سان ڪهڙو واسطو؟ بهتر ائين آهي ته جيڪو
عيال تو وٽ آيو آهي، سو بنا دير جي موٽائي موڪل.
ابڙي جواب ۾ چوائي موڪليو ته: خدا نه ڪري جو اهي
مايون جيڪي مون وٽ پناهه لاءِ آيون آهن، سي وري تو
ڏي موٽايان. ڌڻيءَ جي مهرباني ۽ حضرت بادشاهه جي
برڪت سان هي ٻه - چار مايون منهنجي واسطي ڪنهن به
طرح نقصانڪار ڪين ٿينديون. بنده اهڙو ڪو ڪم نه
ڪندو، جيڪو شرمندگي ۽ پشيماني جو باعث بنجي. اهو
جواب ٻڌي، دودي لشڪر سان ابڙي تي چڙهائي ڪئي. ابڙو
پنهنجن پنجاهن پهلوانن سان لشڪر جو پهرو ڏيئي رهيو
هو، ته پري کان دودي جو لشڪر ايندو ڏٺائين، تڏهن
پنهنجن پنجاهن ساٿين سميت مست هاٿي ۽ گجندڙ شينهن
وانگر پنهنجي لشڪر کي هوڪاري زبردست جنگ جوٽيائين،
مقابلن ۾ ڪيترن کي ماريائين ۽ بالآخر بهادري سان
وڙهندي پاڻ به زخمي ٿي پيو. تڏهن فوج کيس وڪوڙي
وئي ۽ گهڻا زخم کائي گهوڙي تان ڪـِـري مارجي ويو.
ان بعد باقي بچيل سومرن وڏي مردانگي سان مقابلو
ڪيو ۽ اهي پڻ مارجي ويا. هنن جي عيال جي پاڪدامن
عورتن پنهنجي عصمت بچائڻ لاءِ دعا گهري، جنهن تي
زمين چيرجي پئي ۽ هو اندر پيهي ويون. هاڻي ان جاءِ
تي، ساموئي جي ويجهو درياء جي ڪناري تي، انهن ستن
ئي ڀيڻن جون قبرون (مرمت ڪري) ٺاهيون ويون آهن،
جيڪي ٺٽي وارن لاءِ زيارت گاهه آهن.
چون ٿا ته وڏي جنگ جدل کان پوءِ، سارنگ خان، دودي
کي ٺٽي جي تخت تي ويهاري، ٿورن ماڻهن ساڻ پاڻ موٽي
ويو. ان کان پوءِ، دودي ڪيترائي سال خودمختار ٿي
حڪومت ڪئي. والله اعلم بالصواب.
(ج) تاريخ طاهري (تصنيف سال 1030هه/1621ع) جي
روايت: دلوراءِ جي ظلم کان، درياء اروڙ کان رخ
بدلائي سيوهڻ واري طرف کان وهڻ لڳو ۽ سومرن جا
آباد شهر خشڪي سببان ڦٽڻ لڳا. دودو سومرو، داڳجڻ
جي ڊپ کان، سلطان علاؤالدين وٽ دهلي ۾ دانهين ويو.
’سالار‘ نالي بادشاهه جو سپهه سالار وڏي لشڪر سان
چڙهي آيو. سومرن پنهنجا ٻارٻچا ڏوم (ڀاڳ) سان گڏ
ابڙي ابڙاڻي ڏانهن ڪڇ ۾ ڏياري موڪليا، جيڪو خود
مٿي ذڪر ڪيل سمن جي آزار يعني ظلم ۽ داڳجڻ جي ڊپ
کان ڪڇ ملڪ ڏي ڀڄي ويو هو ۽ ان کي وڃي پنهنجو ڪيو
هئائين (فتح ڪري پنهنجي اتي حڪومت قائم ڪئي
هئائين). پاڻ بهادري سان وڙهيا، پر ’ساهڙ سلطاني‘
نالي سومرن جو سپهه سالار مارجي ويو ۽ ٻيا ڀڳا.
بادشاهي لشڪر، سومرن جي گادي جي شهر محمد طور کان
وٺي ڪڇ تائين، انهن جي پٺيان پيو. ابڙي سمي،
سلطاني لشڪر سان جنگيون ڪيون، پر آخر ميدان ۾
مارجي ويو. سومرن جو عيال هڪ جبل وٽ شاهي لشڪر جي
گهيري ۾ اچي ويو. پاڪدامن سومرين ڌڻيءَ کان دعا
گهري ۽ کين جبل جاءِ ڏني ۽ هو غار اندر پيهي ويون.
(د) تحفة الڪرام (تصنيف 1182هه/1768ع) جي روايت:
عمر سومري جو وزير جيڪو ’تميم‘ قبيلي مان هو، تنهن
جي سهڻي زال ’گنگا‘ کي سندس هٿان طلاق ڏياري، عمر
ان سان پاڻ شادي ڪئي، جنهنڪري اهو تميمي وزير
داڳجڻ جي ڊپ ۽ زال جي کسجڻ سببان دهلي جي بادشاهه
سلطان علاؤالدين وٽ دانهين ويو، جنهن تي ڪي چون
ٿا، ته بادشاهه پاڻ ۽ ڪي چون ٿا ته ’سالار خان‘
نالي سندس سپهه سالار سومرن تي چڙهائي ڪئي. سومرن
پنهنجو عيال ابڙي ابڙاڻي سمي ڏانهن ڪڇ ڏانهن
موڪلي، جنگ جوٽي، پر سندن سردار سـَـپڙ سومرو
مارجي ويو. ٻين گادي جي شهر ’محمد طور‘ ۾ رهڻ جي
همت نه ساري ۽ ڪڇ ڏانهن ڀڄي ويا. بادشاهي لشڪر
سندن پٺيان ڪڇ ۾ ويو، جتي ابڙي سمي، سومرن جي عيال
کي بچائڻ خاطر، سلطاني لشڪر سان ڪيتريون ئي جنگيون
ڪيون. چون ٿا ته انهيءَ هنگامي دؤران، ڌڻي پاڪدامن
سومرين جي دعا قبول ڪئي ۽ جبل ۾ شگاف ٿيو، جنهن ۾
داخل ٿي ويون ۽ فقط سندن چادرن جا پـَـلوَ ٻاهر
رهجي ويا. اها جاءِ ان وقت کان وٺي اڄ ڏينهن تائين
ماڻهن لاءِ هڪ زيارت گاهه آهي ... شهر محمد طور
جيڪو ’درڪ‘ پرڳڻي ۾ هو، سو سلطان جي لشڪر هٿان
برباد ٿي ويو. سومرن کان پوءِ حڪومت جڏهن سمن جي
هٿ ۾ آئي، ته هنن شهر محمد طور کي منحوس ڄاڻي ڇڏي
ڏنو ۽ ’ساموئي‘ ۽ ٻيا شهر آباد ڪيائون.
(هه) 17 ۽ 18 صدي جي ڪلاسيڪي سنڌي شاعري ۾ سمايل
اهڃاڻ: 17 ۽ 18 صدي عيسوي ۾ ميين شاه عنات، شاهه
عبداللطيف (؟) ۽ ڪن ٻين معاصر شاعرن جي بيتن ۾ هن
ڳالهه جا اهڃاڻ سمايل آهن، جيڪي جلد پهرئين (صفحا
6 - 10) جي شروع ۾ تفصيل سان قلمبند ڪيا ويا آهن.
انهن اهڃاڻن مطابق ته عالادين بادشاهه، وڏي شاهي
لشڪر سان ڪاهي آيو، دودي عالادين سان جنگ ڪئي.
ابڙي سمي سامون جهليون ۽ عالادين بادشاهه سان وڏي
بهادري سان مقابلو ڪيائين ۽ سامن تان سر ڏنائين.
اهي بنيادي ٽاڻا يقيني طور انهن زباني روايتن
مطابق آهن، جيڪي ميين شاه عنات، شاهه عبداللطيف ۽
سندن معاصرن واري وقت ۾، يعني ته 17 - صدي جي آخر
۽ 18- صدي ۾ هلندڙ هيون.
(و) تاريخ گلزار سنڌ (1340هه/1922ع) ۾ ڏنل بيان(1):
”گلزار سنڌ نادرات هند“ جي عنوان سان مرحوم مولوي
عبدالرحيم سومري زنگي پوري (تعلقو ٺل) پنهنجي ذاتي
ٻڌسڌ، ڪن ڪتابي حوالن ۽ زباني هلندڙ روايتن جي
بناء تي فارسي ۾ ’سومرن جي تاريخ‘ مرتب ڪئي، جنهن
جو پوءِ سنه 1340هه (1922ع) ۾ سنڌي ۾ ترجمو
ڪيائين. هن ڪتاب ۾ ڏنل روايت جو مدار پڪن تاريخي
حوالن تي ناهي، بلڪ ان جو مواد (خاص طور ننگر ۽
منگر جي جنگ) گهڻي حد تائين سنڌ ۾ هلندڙ ”دودي
چنيسر جي ڳالهه“ تان ورتل آهي. ”گلزار سنڌ“ جي
روايت مطابق، شمس الدين ڀونگر چاليهه سال حڪومت
ڪرڻ بعد، چنيسر کي تخت تي وهاريو ۽ پاڻ گوشه نشيني
اختيار ڪيائين. چنيسر اوڻيهه سال بادشاهي ڪئي، پر
پوءِ سندس نااهليت سببان اميرن امرائن کيس تخت تان
لاهي دودي کي تخت تي وهاريو. معزولي کان پوءِ،
چنيسر هندوستان ۾ سلطان بهرام شاهه ترڪ وٽ ’پتورا‘
۾ دانهين ويو، جنهن کيس دلاسو ڏنو. ٻن سالن کان
پوءِ سلطان بهرام شاهه وفات ڪئي ۽ علاؤالدين تخت
تي ويٺو، جنهن سالار خان جي اڳواڻي هيٺ چنيسر سان
گڏ شاهي لشڪر چاڙهي موڪليو. ننگر، محمد، منگر ۽
آخر ۾ دودو جنگيون ڪندي مارجي ويا. دودي جي مارجڻ
تي چنيسر جنگ ڪئي ۽ مارجي ويو. پوءِ سالار خان ۽
سومرن جي امير محمد صالح سومري جي وچ ۾ عهدنامو
ٿيو ۽ حڪومت دودي جي پٽ ڀونگر جي نالي ٿي، جيڪو
ستن ورهين جو هو ۽ سامن سان گڏ هو. سالار خان
(ابڙي تي ڪونه ڪاهيو) صلح بعد واپس ’پتورا‘ ويو،
جتي علاؤالدين چيو ته بيگناهه هيڏي خون خرابي تي
اسان تي ڪا مصيبت ايندي! سالار خان جي موٽڻ بعد،
ڀونگر سامن کي ٺٽي وٺي آيو. سومرن واري جنگ کان
پوءِ، امرائن سلطان علاؤالدين کي تخت تان لاهي
سلطان ناصرالدين محمود شاهه کي تخت تي وهاريو.
(ز) ’سنڌ جي ادبي تاريخ‘ (ڇپايل 1937ع) ۾ آندل
ڳالهه: ’سنڌ جي ادبي تاريخ‘، محمد صديق ميمڻ سنه
1937ع ۾ شايع ڪئي. ان ۾ آندل ڳالهه هن جلد ۾
’ضميمي‘ هيٺ ڏني وئي آهي. هن ڳالهه موجب دودو ۽
چنيسر ٻئي سومري حاڪم ڀونگر جي پٽ هئا. چنيسر وڏو
پٽ هو پر ڌاريءَ مان هو. سنه 1312ع ۾ ڀونگر ڏاڏي
پوٽي سان شادي ڪئي، جنهن مان ٻاگهي ۽ دودو ٿيا.
چنيسر ۽ دودي جو پڳ تان معاملو متو ۽ چنيسر دهلي
جي بادشاهه علاؤالدين وٽ دانهين ويو، جيڪو پاڻ
لشڪر سان چڙهي آيو. ننگر، دودي جو وزير حيدر
هالاڻي، هاسو سوڍو ۽ دودو جنگيون ڪندي مارجي ويا.
علاؤالدين پوءِ ابڙي سمي تي ڪاهيو، جنهن وٽ
سومريون سامون هيون. ابڙي جو پٽ ممٽ، ڀائٽيو سپڙ ۽
ابڙو پاڻ مقابلن ۾ مارجي ويا، پر سامون نه ڏنائون.
(ح) موجوده دؤر ۾ هلندڙ عام مشهور ڳالهه. مٿيان
مختلف اهڃاڻ ۽ بيان سڀ لکيت ۾ آيل آهن ۽ پڻ مختصر
آهن. انهن کان سواءِ، ڪنهن آڳاٽي وقت کان وٺي هي
ڳالهه زباني طور پڻ سنڌ ۾ پئي بيان ٿي آهي ۽ هر
دؤر ۾ سنڌ جي سگهڙن ان کي پئي ورجايو ۽ وهڃايو آهي
۽ پڻ هنرمند ڀاڳن، ڀانن، چارڻن، منگتن ۽ مڱڻهارن
ان کي پئي ڳايو آهي. بالڪل شروع واري دؤر ۾
(اندازاً 8 صدي هجري/14 صدي عيسوي تائين) يا ان
کان پوءِ وچين دؤر (12 صدي هجري/ 17 صدي عيسوي
تائين) ۾ انهن زباني روايتن جو بنيادي خاڪو ڪهڙو
هو، سو معلوم ناهي. البت هن پوئين دؤر واريون
روايتون ڪم از ڪم 17 صدي عيسوي جي آخر کان وٺي
هلندڙ آهن، ڇاڪاڻ جو ميين شاه عنات، شاهه
عبداللطيف ۽ سندس معاصر شاعرن جي بيتن ۾ آيل ٽاڻن
وارو بنيادي خاڪو هنن روايتن جي بنيادي خاڪي سان
ملي ٿو. ميين شاه عنات ۽ سندس سلسلي جي شاعرن جي
بيتن ۾ ’شاهه جي رسالي‘ ۾ ’سر بلاول‘ جي بيتن ۾
ڏنل ٽاڻا، يقين طور هن ڳالهه جي سنڌ ۾ عوامي سطح
تي هلندڙ ڪنهن آڳاٽي روايت جا يادگار آهن. انهن
بيتن ۾ البت اهو اهڃاڻ ڏنل ناهي ته سنڌ مان ڪير
دهلي ويو ۽ ڪير بادشاهه کي چاڙهي آيو، مگر هن دؤر
۾ هلندڙ عام مشهور ڳالهه جا ٽي مکيه ٽاڻا انهن
بيتن ۾ موجود آهن: يعني ته سلطان علاؤالدين چڙهي
آيو، سنڌ مان دودي سومري مقابلو ڪيو، ابڙي سمي
سامون جهليون ۽ هو بهادري سان وڙهندي مارجي ويو،
پر سامون نه ڏنائين. انهيءَ جي معنيٰ ته موجوده
دؤر ۾ هلندڙ ”دودي - چنيسر جي ڳالهه“ جو بنيادي
خاڪو ڪافي آڳاٽو آهي، ڇاڪاڻ جو اهي ٽي ئي ٽاڻا
ڳالهه جي انهن سڀني زبانين ۽ بيانن ۾ موجود آهن،
جيڪي هن وقت نه فقط سنڌ مان مليا آهن، پر ٻين ڀر
وارين ايراضين (ڪڇ، جيسلمير ۽ بلوچستان جي علائقن)
مان پڻ دستياب ٿيا آهن. انهن کان سواءِ ٻيو هڪ
وڌيڪ ٽاڻو (جيڪو ميين شاه عنات ۽ ٻين جي ڪلام يا
”شاه جي رسالي“ ۾ موجود ناهي) جيڪو سڀني زباني
روايتن ۾ موجود آهي سو هي آهي، ته دودي ۽ چنيسر جو
پڳ ۽ گادي تان تڪرار ٿيو، جنهن تان چنيسر دهلي
دانهين ويو ۽ علاؤالدين بادشاهه کي چاڙهي آيو.
نتيجي طور چونداسون ته هن ڳالهه جي عام مقبول ۽
مشهور روايتن ۾ جيڪي عوامي سطح تي ڪافي آڳاٽي وقت
کان وٺي ويندي موجوده دؤر تائين رائج رهيون آهن،
تن سڀني جي سٽاءَ ۾ هيٺيان ٽاڻا مکيه ۽ مرڪزي
حيثيت رکن ٿا.
- دودي ۽ چنيسر جو پڳ ۽ گادي تان تڪرار.
- وڏي ڀاءُ چنيسر جو ڪاوڙجي دهلي ۾ دانهين وڃڻ.
- علاؤالدين بادشاهه جو وڏي لشڪر سان چڙهي اچڻ.
- ننگر ۽ سندس ساٿين ۽ ٻين جو شاهي لشڪر سان وڙهڻ
۽ مارجڻ.
- دودي جو بهادري سان مقابلو ڪرڻ ۽ بالآخر مارجي
وڃڻ.
- ڪڇ جي حاڪم ابڙي سمي جو سامون جهلڻ ۽ بهادري سان
وڙهندي مارجي وڃڻ، پر سامون نه ڏيڻ.
ڳالهه جي بنيادي خاڪي جو تاريخي جائزو:
ڳالهه جي مٿين اٺن ئي بنيادي خاڪن ۾ اختلاف آهي.
البت سڀني ۾ ڪي ٽاڻا ساڳيا آهن، ۽ اهي تاريخي
نوعيت جا آهن. مثلاً: سڀني ۾ حڪمرانن جو ذڪر آهي:
يعني ته سنڌ جي سومرن حاڪمن ۽ غزني يا دهلي جي
سلطان جو ذڪر آهي، جيڪي تاريخي حيثيت رکن ٿا. ٻيو
ته سومرن واري دؤر ۾ غزني يا دهلي جي سلطانن طرفان
لشڪر ڪشي جو ذڪر آهي، جيڪو پڻ تاريخي طور ثابت
آهي. ٽيون ته سومرن حاڪمن مان چنيسر ۽ دودي جا
نالا اچن ٿا ۽ غزني ۽ دهلي جي سلطانن مان سلطان
مودود، سلطان بهرام شاه، سلطان ناصرالدين محمود ۽
سلطان علاؤالدين جا نالا اچن ٿا. اهي سڀئي شخصيتون
تاريخي آهن، جن جو ذڪر تاريخ جي ڪتابن ۾ ملي ٿو.
اهي سڀ تاريخي حقيقتون آهن، جيڪي هن ڳالهه جي
بنيادي خاڪن ۾ سمايل آهن. ٻئي طرف وري جڏهن وڌيڪ
ويچارجي ٿو ۽ وچور ڪجي ٿو ته پوءِ، ڳالهه جي تـَـر
۽ بـَـر جا تفصيلي ٽاڻا تاريخي حقيقتن ۽ واقعن سان
نٿا ڀچن. مثلاً: سلطان مودود ۽ بهرام شاه برابر
غزني گهراڻي جا بادشاهه هئا، سلطان ناصرالدين
محمود دهلي جي غلام گهراڻي جو بادشاهه هو ۽ سلطان
علاؤالدين دهلي جو بادشاهه هو. پر هنن سنڌ تي لشڪر
موڪليو يا نه؟ سلطان علاؤالدين پاڻ لشڪر وٺي
چڙهائي ڪئي يا ڪنهن سپهه سالار کي موڪليائين؟ جڏهن
مٿين سلطانن سنڌ تي لشڪر چاڙهي موڪليو، تڏهن دودي
۽ چنيسر وارو دؤر هو يا ڪي ٻيا حڪمران هئا؟ دودي
نالي به هڪ کان وڌيڪ سومرا حڪمران ٿيا، اهو ڪهڙو
دودو هو ۽ ان وقت دهلي جو بادشاهه ڪير هو؟ اهي ۽
ٻيا ڪي سوال اهڙا آهن، جن جا جواب هن ڳالهه جي
لکيل توڙي زباني بيانن مان پورا پڪا نٿا ملن. البت
ڪن ٿورن تاريخي حوالن ۽ مٿين بنيادي خاڪن ۾ سمايل
اهڃاڻن جي روشني ۾ اهڙن سوالن جي جوابن تي وڌيڪ
ويچار ڪري سگهجي ٿو.
مٿين اٺن مکيه خاڪن مان پهريان چار هڪ ٻئي کان
مستقل طور جدا آهن، باقي پويان چار اصولي طور ڄڻ
ڳالهه جي ساڳئي بنيادي خاڪي (يعني دودي ۽ چنيسر
ڀائرن جو تڪرار ۽ چنيسر جو دهلي جي سلطان
علاؤالدين کي چاڙهي اچڻ) جا جدا جدا عڪس آهن،
جيتوڻيڪ ’گلزار سنڌ‘ واري بيان ۾ سلطان علاؤالدين
کان اڳ سلطان بهرام شاهه جو ذڪر آهي. انهي ئي لحاظ
سان هن ڳالهه جي بنيادي سٽاءَ بابت جملي پنج مستقل
بيان آهن، جن جو تاريخي تجزيو هيٺينءَ طور تي ٿي
سگهي ٿو:
* روايت (الف) موجب دودو سومرو پنهنجي ڀاءُ
چنيسر جي خلاف غزني جي سلطان مودود وٽ مدد لاءِ
ويو. سلطان مودود 433هه کان 440هه (1040 - 1048ع)
تائين حڪومت ڪئي. انهيءَ جي معنيٰ ته هن روايت
وارا دودو ۽ چنيسر ٻئي 5 - صدي هجري ۾ سلطان مودود
غزنوي جي دؤر ۾ ٿيا هوندا. ٻيو ته اهو پڻ ڄاڻايل
آهي، ته دودي ۽ چنيسر جي پيءُ جو نالو عمر هو،
اُهو پٽ دودي جو، اُهو پٽ عمر جو ۽ اُهو پٽ
ڦـَـتـُـو جو هو. ان جي معنيٰ ته دودو جيڪو غزني
جي سلطان مودود وٽ ويو سو ٻيو نمبر دودو هو، ڇاڪاڻ
ته کانئس اڳ سندس ڏاڏو دودو ٿي گذريو. ٽيون ته
جيڪڏهن سومرن جي حڪمراني دودي - چنيسر کان اڳ، مٿي
پنجين پيڙهي مان ڦتو کان يا ان کان به اڳ شروع ٿي
هجي، ته پوءِ چئبو ته سومرن حاڪمن جي سرداري غزني
گهراڻي کان اڳ شروع ٿي. ڇاڪاڻ ته سلطان مودود غزني
گهراڻي جو چوٿون بادشاهه هو، ٻئي طرف موجوده
تاريخي معلومات جي بناءَ تي وڌيڪ وثوق سان ائين
چئي سگهجي ٿو، ته سومرن جي حڪومت جو باني ’سومار
راءِ‘ هو جنهن جو پٽ ’ابن سومار‘ سنه 423هه
(1032ع) ۾ سلطان مسعود غزنوي جي عهد حڪومت ۾ زنده
هو.
* روايت (ب) مطابق دودو پنهنجي ڀائرن خلاف دهلي
جي سلطان ناصرالدين محمود وٽ فريادي ويو. سلطان
ناصرالدين محمود دهلي جي غلام گهراڻي جو بادشاهه
هيو، جنهن سنه 644 کان 664هه تائين (1262 - 1266ع)
حڪومت ڪئي. وڌيڪ ڄاڻايل آهي، ته هن دودي جي ملاقات
ملتان وٽ پير پٺي سان ٿي. تحفة الڪرام ۾ پير پٺي
جو سال وفات 646هه (1248ع) ڄاڻايل آهي، جنهن مان
ظاهر آهي ته هو سلطان ناصرالدين محمود جي حڪمراني
جي پهرين ٻن سالن ۾ زنده هو ۽ دودي جي ساڻس ملاقات
بلڪل سندس پيري وارن سالن (644 - 646هه) ۾ ٿي
هوندي. اهو سومرن جي حڪمراني جو وچون دؤر هو، جنهن
۾ هي دودو ٿي گذريو. هن روايت موجب هو پنهنجن
ڀائرن خلاف فريادي ويو، پر ائين ڄاڻايل ڪونهي ته
ڪو چنيسر سندس ڀاءُ هو، جنهن جي خلاف هو دانهين
ويو.
* روايت (ج) موجب دودو، دهلي جي سلطان
علاؤالدين وٽ فريادي ويو. سلطان علاؤالدين 695هه
کان 715هه تائين (1296 - 1316ع) حڪومت ڪئي: جنهن
جي معنيٰ ته دودو انهي دؤر ۾ ٿي گذريو. ائين
ڄاڻايل ڪونهي ته ڪو هو پنهنجي ڀاءُ چنيسر جي خلاف
دانهين ويو. البت هو پنهنجي هيڻائي ۽ شڪست سببان ۽
کانئس وڌيڪ ٻين طاقتور سردارن جي حڪمراني ۾ داڳجڻ
جي ڊپ کان دهليءَ ۾ دانهين ويو. هي دودو سومرن جي
حڪمراني جي پوئين دؤر ۾ ٿي گذريو، ڇاڪاڻ جو لڳ ڀڳ
سنه 750هه (1349ع) ڌاري سمن سردارن هٿان سومرن جي
حڪمراني جو خاتمو ٿيو. هن روايت ۾ اهڙو اشارو پڻ
ڏنل آهي، ته ان وقت سومرن جا شهر ويران ٿيڻ لڳا
هئا ۽ سما وڌيڪ طاقتور ٿيا.
* روايت (د) موجب، عمر سومري جو وزير
تـَـمـِـيمي (قبيلي جو)، عمر سومري جي ظلم جي
خلاف، دهلي جي سلطان علاؤالدين وٽ دانهين ويو،
جنهنڪري سلطان علاؤالدين جي لشڪر عمر سومري جي
خلاف چڙهائي ڪئي. ان جي معنيٰ ته هي عمر سومرو،
سلطان علاؤالدين جي حڪومت واري دؤر ۾ ٿي گذريو. هن
روايت ۾ دودي يا چنيسر جو ذڪر ڪونهي.
* روايت (هه) مطابق چنيسر سندس ڀاءُ دودي جي
خلاف هندستان ۾ سلطان بهرام شاهه ترڪ وٽ ’پتورا‘ ۾
دانهين ويو، جنهن کيس دلاسو ڏنو، پر ٻن سالن بعد
سلطان بهرام شاهه وفات ڪئي ۽ سلطان علاؤالدين تخت
تي ويٺو. انهيءَ جي معنيٰ ته سلطان بهرام شاهه،
سلطان علاؤالدين کان اڳ ٿي گذريو. اهڙو هڪ سلطان
بهرام شاهه غزني هو، جنهن 35 سال (512 -
547هه/1118 - 1152ع) حڪومت ڪئي. سنڌ ۾ سومرن جي
حڪومت ۽ غزني جي سلطنت جو هڪٻئي سان سياسي تعلق هو
۽ ٿي سگهي ٿو، ته چنيسر نالي سومرو حڪمران غزني ۾
سلطان بهرام شاهه وٽ ويو هجي. مگر هن بيان ۾
’غزني‘ جي بدران ’پتورا‘ جو نالو آيل آهي، جيڪو
هندستان ۾ هو. انهيءَ لحاظ سان، غلام گهراڻي جي
بادشاهه معزالدين بهرام (637 - 639هه/1240-1242ع)
ڏانهن ڌيان وڃي ٿو، جنهن ٻه سال حڪومت ڪئي ۽ جنهن
کان پوءِ، سندس پٽ علاؤالدين مسعود سلطان ٿيو،
جنهن 639هه/1242ع کان 644هه/1246ع تائين حڪومت
ڪئي. ’گلزار سنڌ‘ جي بيان موجب پڻ ’بهرام شاهه‘
کان پوءِ علاؤالدين سلطان ٿيو. انهيءَ لحاظ سان
دودو - چنيسر 1240-1246ع واري دؤر ۾ ٿيا، جيڪو
سومرن جي حڪمراني جو وچون دؤر هو. ٽيون ڌيان ملتان
جي حاڪم بهرام خان ڏانهن وڃي ٿو، جيڪو سلطان
علاؤالدين واري دؤر کان پوءِ سلطان محمد بن تغلق
جو گورنر هو(1).
ٿي سگهي ٿو ته ’پتورا‘ صوبي ملتان جي حدن ۾
هجي ۽ چنيسر پڻ ملتان جي گورنر بهرام خان وٽ ويو
هجي. اهو پڻ قرين قياس آهي، ته انهيءَ دؤر ۾ دودو
۽ چنيسر ٻئي ڀائر ٿي گذريا، ڇاڪاڻ ته دودي جو پٽ
همير ٿيو، جيڪو سنڌ جو آخري سومرو حڪمران هو ۽
سلطان فيروز شاهه تغلق جي دؤر ۾ ملتان جي گورنر
(عين الملڪ ماهرو) سندس مدد ٿي ڪئي.
* و، ز ۽ ح روايتن موجب، جن سان هه جا مکيه
ٽاڻا پڻ ملن ٿا، دودو ۽ چنيسر ٻئي ڀائر هئا ۽ وڏو
ڀاءُ چنيسر دودي کان ڪاوڙجي سلطان علاؤالدين وٽ
فريادي ويو، جنهن جي معنيٰ ته دودو ۽ چنيسر، سلطان
علاؤالدين جي دؤر ۾ ٿي گذريا. البت ز روايت ’سنڌ
جي ادبي تاريخ‘ ۾ ائين ڄاڻايل آهي، ته سومري
بادشاهه ڀونگر سنه 1312ع ۾ شادي ڪئي، جنهن مان
ٻاگهي ۽ دودو ڄايا. انهيءَ جي معنيٰ ته دودو 1313
- 1314ع ڌاري يعني ته سلطان علاؤالدين جي وفات
(1316ع) کان ٻه - ٽي سال اڳ ڄائو هوندو. ان مان
ظاهر آهي، ته هن بيان ۾ ڀونگر بادشاهه جي شادي
وارو ڄاڻايل سال صحيح ناهي.
مٿين بنيادي روايتن ۾ سواءِ (د) جي، دودي يا دودي
۽ چنيسر ٻنهي جا نالا آيل آهن، جيتوڻيڪ پڪن تاريخي
حوالن ۾ دودي ۽ چنيسر جا نالا گڏوگڏ ڪٿي به نظر
نٿا اچن. البت جدا جدا دؤرن ۾ چنيسر ۽ دودي نالي
سنڌ جا سومرا حڪمران ٿيا، جن بابت هيٺيان تاريخي
حوالا موجود آهن:
(الف) چنيسر نالي سنڌ جي حڪمران بابت هڪ آڳاٽو
حوالو موجود آهي. سنه 618هه/1221ع ۾ سلطان جلال
الدين مـَـنڪـَـبـَـرلـِـي خوارزم شاهي، جڏهن
چنگيز خان کان شڪست کائي، سنڌو درياءُ ٽپي، باقي
لشڪر ساڻ ڪري سنڌ ۾ آيو ته ديبل ۽ دَمر، يلـَـہ
علائقن جو رخ ڪيائين. ان وقت اتي جو حڪمران چنيسر
هو، جيڪو مقابلي جي طاقت نه سنڀاري ٻيڙيءَ ۾ چڙهي
سمنڊ جي رستي نڪري ويو(1).
سلطان جلال الدين پوءِ ڪرمان طرف روانو ٿي ويو،
مگر خـِـلجين جي فوج جو دستو جيڪو سلطان جي لشڪر
جو هڪ حصو هو، تنهن منصوره ۽ سيوستان علائقن
تي قبضو ڪيو. سندن سردار مـَـلڪ خان خلجي (يا ملڪ
خلجي خان) هو. سنڌ جي هيٺين لاڙ وارن علائقن ديبل
۽ دَمريلـَـہ (ڏنڀرلي) تي غالباً چنيسر جو بدستور
قبضو رهيو. ٻئي طرف دهلي جي سلطان التتمش ۽ اُچ جي
بادشاهه ناصرالدين قـَـباچـہ (جيڪو ملتان ۽ سنڌ جو
سلطان هو) جي وچ ۾ جنگ لڳي ۽ سلطان التتمش جي فتح
ٿي. بالآخر ناصرالدين قباچـہ بکر وٽ 19 - جمالدي
الاخر سنه 625هه/1228ع ۾ درياءَ ۾ ٻڏي ويو ۽ ان
بعد سلطان التتمش جي فوج سيوستان واري علائقي تي
قبضو ڪيو ۽ ويندي سمنڊ جي ڪناري تائين ملڪ فتح
ٿيو. ان وقت ديبل ۽ سنڌ جو والي مـَـلڪ سنان الدين
چنيسر، سپـہ سالار نظام الملڪ جـُـنـَـيدِي جي آڏو
پيش پيو ۽ پوءِ سلطان التتمش جي دربارين جي صف ۾
شامل ٿيو(2)
. ”تاريخ جهان ڪشاي“ توڙي ’تاريخ طبقات ناصري‘ جي انهن پڪن
حوالن مان ثابت ٿئي ٿو، ته 618 - 625هه (1221 -
1228ع) واري عرصي ۾ سنڌ جي لاڙ واري ڀاڱي جو حاڪم
’سـِـنان الدين چنيسر‘ هو. اهو دؤر سنڌ ۾ سومرن جي
حڪومت وارو دؤر هو، ۽ انهيءَ ڪري سـِـنان الدين
چنيسر يقيني طور سومرو حڪمران هو.
(ب) سلطان فيروز شاهه جي حڪومت واري دؤر (1351 -
1388ع) ۾ ملتان جو گورنر عـَـين الملڪ ماهرو هو،
جنهن ان دؤر ۾ سنڌ ۽ گجرات جي سياسي حالات تي
پنهنجن ڪن خطن ۾ روشني وڌي آهي، اهي خط هن اندازاً
1350 - 1365ع واري عرصي ۾ لکيا. ان وقت سنڌ ۾
سياسي طاقت سمن جي هٿ ۾ اچي چڪي هئي، جو سلطان
فيروز شاهه کان به اڳ سلطان محمد بن تغلق جي حڪومت
(734 - 752 هه/1334 - 1351ع) واري دؤر ۾ سمو
سربراهه ڄام انڙ ’فيروز الدين شاهه‘ جي لقب سان
سنڌ جو خودمختار حڪمران بنجي چڪو هو. البت سومرن
حڪمرانن جي نالي ماتر حڪومت اڃان موجود هئي.
غالباً ٺٽي کان وٺي سيوهڻ تائين، سنڌ جي وچين آباد
ايراضي تي ڄام انڙ جو قبضو هو ۽ ڏکڻ اوڀر طرف ڍوري
۽ پـُـراڻ واري ايراضي (عمرڪوٽ کان هيٺ بدين، جاتي
۽ ڏکڻ اوڀر طرف رڻ تائين) تي سومرن جي سرداري هئي.
ان وقت اندازاً 750 - 766هه (1349 - 1365ع) وارن
سالن ۾ ’همير پٽ دودي جو‘ سومرو حڪمران هو، جنهن
جو نالو عـَـينُ الـمـُـلڪ ماهرو پنهنجن خطن ۾
آندو آهي، ۽ پڻ لکبو اٿس، ته سومرن جي حڪومت جو وڻ
هاڻي سڪي رهيو آهي(1).
جيڪڏهن سلطان فيروز شاهه جي بادشاهه ٿيڻ وقت
(سنه 752هه/1351ع) همير جي عمر پنجاهه ٻاونجاهه
سال هجي، ته پوءِ چئبو ته هو سنه 700هه/1300ع ڌاري
ڄائو هوندو ۽ ان وقت سندس پيءُ دودو سنڌ جو حاڪم
هوندو. هن اهڃاڻ موجب چئبو ته سلطان علاؤالدين
خلجي جي حڪومت واري دؤر (696 - 715هه) ۾ دودو
حڪمران هو. ٿي سگهي ٿو، ته سندس ڀاءُ چنيسر هجي،
جيڪو سلطان علاؤالدين وٽ ويو هجي. تاريخي حوالن
مان اهو ثابت آهي، ته سلطان علاؤالدين جي سپهه
سالارن ملتان ۽ سنڌ تي 696 - 700هه (1296 - 1300ع)
واري عرصي ۾ چڙهائي ڪئي(2).
ان وقت غالباً دودو سومرو ئي سنڌ جو حڪمران
هو.
(ج) مٿيان حوالا سنڌ کان ٻاهر لکيل تاريخن جا آهن
۽ نهايت پڪا پختا آهن. سنڌ اندر لکيل تاريخن ۾
جيتوڻيڪ سومرن حڪمرانن جا نالا ملن ٿا، مگر سندن
حڪمراني جي سلسلي توڙي سندن حڪومت جي سنن سالن
بابت بيان جدا جدا آهن. ’تاريخ معصومي‘ ۾ چنيسر جو
نالو ئي ڪونهي. مگر ڀونگر ۽ دودي جو نالو ڏنل آهي،
جيڪي هڪٻئي پويان ٿيا. تاريخ معصومي ۾ ڏنل سومرن
حاڪمن جي نالن جي سلسلي مان گمان نڪري ٿو، ته
ڀونگر ۽ دودو سومرن جي حڪومت جي اوائلي دؤر جا
حڪمران هئا. تحفة الڪرام ۾ انهيءَ پهرئين ڀونگر جي
وفات جو سال 461هه ۽ دودي جي وفات جو سال 485هه
ڄاڻايل آهي. ان بعد تحفة الڪرام ۾ سومرن جي حڪومت
جي وچئين دؤر ۾ دودي نالي حڪمران جو نالو ڏنل آهي
۽ سندس وفات جو سال 590هه ڄاڻايل آهي. اهو دودو،
سلطان علاؤالدين کان اڳ ٿي گذريو. ان بعد وري
سومرن جي حڪومت جي آخري دؤر ۾ چنيسر جو نالو ڏنل
آهي ۽ سندس وفات جو سال 700هه ڄاڻايل آهي. اهو
سلطان علاؤالدين جي حڪومت وارو دؤر هو، پر نالو
چنيسر جو آندل آهي ۽ نه دودي جو. البت چنيسر کان
پوءِ چوٿين پيڙهي ۾ ”ٽئين دودي“ حاڪم جو نالو ڏنل
آهي، جنهن 758هه (1356ع) ۾ وفات ڪئي. اهو دودو
سلطان علاؤالدين کان گهڻو پوءِ ٿيو. مٿي عين الملڪ
ماهرو جي خطن واري حوالي مان ظاهر آهي، ته 758هه ۾
دودي جو پٽ همير حاڪم هو، جيڪو غالباً سومرا
گهراڻي جو آخري حڪمران هو.
مرحوم مولوي عبدالرحمان سومري هن پوئين دؤر ۾ جڏهن
سومرن جي تاريخ ’گلزار سنڌ‘ جي نالي سان لکي. تڏهن
اڳين تاريخن ۾ ڏنل سومرن حڪمرانن جي نالن کي ذهن ۾
رکيائين ۽ پوءِ، سومرن حاڪمن جو سلسلو پنهنجن
ترميمن ۽ اضافن سان مرتب ڪيائين، جنهن موجب پهرئين
ڀونگر ۽ پهرئين دودي کي، خطابن سان، ’حسام الدين
ڀونگر‘ يا ’صمصام الدين - دودو‘ ڪري ڄاڻايائين.
وچئين دؤر واري دودي جو (جنهن جو نالو تحفة الڪرام
۾ موجود آهي) نالو ئي ڪونه آندائين. پوئين دؤر
واري چنيسر ۽ دودي کي (جن جي وچ ۾ تحفة الڪرام
موجب چئن پيڙهين جو فرق آهي) هڪٻئي پويان لاڳيتا
حڪمران ’ڪمال الدين چنيسر‘ ۽ ’اسدالدين والدنيا
دودو‘ ڪري ڄاڻايائين. سندس لکڻ موجب چنيسر 19 سال
۽ دودي 7 سال حڪومت ڪئي. مولوي عبيدالله شائق پوءِ
’تاريخ دولت علويـہ‘ ۾(1)
وري ائين ڄاڻايو ته ’ڪمال الدين چنيسر‘ سنه
696هه ۾ وفات ڪئي ۽ ’اسدالملة دودي‘ سنه 700هه
(1300ع) ۾ وفات ڪئي. محمد صديق ميمڻ جي ’سنڌ جي
ادبي تاريخ‘ (ڀاڱو پهريون سنه 1937ع) ۾ دودي جي
وفات جو سال 1312ع ڄاڻايل آهي.
بهرحال سنڌ جي تاريخن جي انهن حوالن ۾ وڏو اختلاف
آهي ۽ انهن جي آڌار تي دودي ۽ چنيسر بابت في الحال
ڪوبه يقيني نتيجو ڪڍي نٿو سگهجي:
(د) سومرن جي شجرن ۽ نسب نامن بابت ڪي روايتون
لکيت ۾ ۽ ڪي زباني ملن ٿيون، جن ۾ پڻ پڳدار سردارن
۽ خاص طرح حڪمرانن بابت اختلاف آهن. سومرن جي شجري
۽ نسب نامي جي قدري هڪ آڳاٽي روايت جيڪا مرحوم
حاجي يوسف ڀان (وفات 1942ع) جي هٿ لکيل آهي(1)
تنهن مان ٻه اهڃاڻ ملن ٿا: پهريون ته سومرن جي
اوائلي ۽ وچين دؤر ۾ دودي جي نالي سان هيٺيان
پيڙهيءَ جا پڳدار (حڪمران) ٿي گذريا: ڪارو دودو پٽ
ڀونگر جو، پـَـتريو دودو پٽ ڀارمل ڀين جو ۽ دودو
پٽ کينئري جو (جيڪو ڀاڻس محمد کان پوءِ پڳدار
ٿيو). ٻيو ته سومرن جي پوئين دؤر ۾ چنيسر ۽ دودي
نالي ٻه ڀاءُ ٿيا، جيڪي پيڙهي جي پڳدار (حڪمران)
ڀونگر (پٽ خفيف پٽ همير جو) جا پٽ هئا. دودي جو پٽ
’سـَـميسو‘ ٿيو جنهن تي پڳ آئي ۽ جيڪو ’همير‘ جي
لقب سان مشهور ٿيو. مٿين روايت مان ظاهر آهي، ته
دودي - چنيسر جي ڳالهه وارا ٻه ڀائر اهي پوئين دؤر
وارا چنيسر ۽ دودو هئا. دودي جو پٽ سـَـميسو عرف
همير ئي غالباً سومرن جو آخري حڪمران هو، جنهن جو
ذڪر عين الملڪ ماهرو پنهنجن خطن ۾ ڪيو آهي.
سلطان علاؤالدين خلجي ۽ سومرا:
موجوده دؤر ۾ دودي - چنيسر جي هلندڙ ڳالهه موجب،
چنيسر دهلي جي بادشاهه عالادين وٽ دانهين ويو هو ۽
دهلي جي بادشاهه عالادين کي سنڌ تي چاڙهي آيو هو.
’دهلي جي بادشاهه عالادين‘ مان مراد ’سلطان
علاؤالدين خلجي‘ آهي، مگر سوال آهي ته ڇا دهلي جي
بادشاهه سلطان علاؤالدين خلجي پاڻ سنڌ تي ڪاهه ڪئي
هئي ڇا؟
سلطان علاؤالدين خلجي سنه 696هه / 1296ع ۾ تخت تي
ويٺو ۽ 6 - شوال سنه 717هه/1316ع ۾ وفات ڪيائين.
تاريخي حوالن مطابق، سلطان علاؤالدين خلجي پنهنجي
سپهه سالارن سان سنڌ تي لشڪر موڪليو هو، پر پاڻ
ڪونه چڙهي آيو. ملتان ۽ سنڌ تي لشڪر انهيءَ لاءِ
موڪليو ويو هو، ته ’جتي ڪا بغاوت هجي، ان کي ختم
ڪيو وڃي‘. ٻيو سبب اهو هو جو ان وقت مغلن (منگول)
اتر - الهندين سرحدن کان وٺي سنڌ تائين حملا پئي
ڪيا، جن کي منهن ڏيڻ لاءِ لشڪر موڪليو ويو. تاريخن
۾ مغلن سان مقابلي جو ذڪر موجود آهي، مگر سومرن
سان جنگ جو ذڪر موجود ڪونهي، مگر سلطان علاؤالدين
جي لشڪر جڏهن 696 - 697هه (1296 - 1297ع) وارن
سالن ۾ سنڌ تي چڙهائي ڪئي، تڏهن سومرا ئي سنڌ جا
حڪمران هئا.
ملتان ۽ سنڌ تي سنه 696هه جي آخر (1297ع) ۾ شاهي
لشڪر چڙهائي ڪئي. سلطان علاؤالدين کي تخت تي ويٺي
هڪ سال ٿيو هو، جو هن پنهنجي ڀاءُ الغ خان کي
ملتان تي چاڙهي موڪليو ۽ هن اچي ملتان جي گورنر
ارڪلي خان کان حڪومت جي واڳ کسي. سلطان پوءِ نصرت
خان کي ملتان، اُچ، بکر، سيوستان ۽ ٺٽي جو گورنر
مقرر ڪيو ۽ کيس ڏهه هزار فوج ڏني، ته هو چڙهي وڃي
۽ جتي به ڪو باغي هجي ته ان کي وڃي آڻ مڃائي ۽ ختم
ڪري(1).
نصرت خان سنڌ ۾ ڪهڙي حاڪم تي چڙهائي ڪئي ۽ ڪنهن
ساڻس مقابلو ڪيو ان جو ذڪر ڪونهي. انهيءَ وچ ۾ الغ
خان کي گجرات جي فتح لاءِ موڪليو ويو ۽ هو سنڌ تي
چڙهائي واري اڌ لشڪر کي ساڻ ڪري جيسلمير کان ٿيندو
گجرات ڏي روانو ٿيو(2)
.
سنه 697هه جي شروع ۾ (1297ع) ٿي، صلدي خان مغل
سيستان (افغانستان - ايران جي خطي) طرفان سيوستان
(سنڌ) تي حملو ڪيو ۽ (سيوهڻ جي) قلعي تي اچي قبضو
ڪيائين. سلطان علاؤالدين مقابلي لاءِ پنهنجي سپهه
سالار ظفر خان کي چاڙهي موڪليو، جنهن اچي مغلن کي
شڪست ڏيئي سيوستان (جو قلعو) فتح ڪيو(3)
.
بهرحال تخت نشين ٿيڻ کان پوءِ پنجن سالن اندر يعني
سنه 700هه/1300ع سلطان علاؤالدين، بنگال، دکن،
گجرات ۽ سنڌ تائين سڄو ملڪ مطيع ڪيو. پنهنجي حڪومت
جي آخري دؤر ۾ (يعني سنه 717هه/1317ع ۾ يا ان کان
اڳ) ملتان، اُچ ۽ سنڌ جي حڪمراني غازي ملڪ جي
حوالي ڪيائين(1)
.
مٿين حوالن مان ظاهر آهي، ته سلطان علاؤالدين جي
لشڪر سنه 696هه ۾ پهريون ڀيرو ملتان ۽ سنڌ تي
چڙهائي ڪئي ۽ سنه 700هه ۾ سنڌ سميت سڄي ملڪ تي
قبضو ڪيو ويو. انهيءَ لحاظ سان وڌ ۾ وڌ 696 -
700هه/1296 - 1300ع وارو دؤر ئي شاهي لشڪر جي حملن
وارو دؤر هو. انهيءَ دؤر ۾، سنڌ ۾ ڪهڙا سومرا
حڪمران هئا، ان بابت يقيني طور ڪجهه چئي نٿو
سگهجي. تحفة الڪرام ۾ ڄاڻايل آهي، ته طائي نالي
سومري حاڪم سنه 682هه ۾ وفات ڪئي ۽ چنيسر نالي
حاڪم سنه 700هه ۾ وفات ڪئي: يعني ته 682 کان وٺي
700هه تائين چنيسر حڪمران هو، پر اهڙو گمان پڻ
دودي - چنيسر جي ڳالهه جي ٽاڻن جي برعڪس آهي.
تاريخ معصومي ۾ الغ خان جي سنڌ تي چڙهائي بابت هڪ
بيان هن طرح ڏنل آهي ته: ڄام جـُـونـہ (جـُـوڻو)
سمو خودمختار ٿي حڪومت ڪرڻ لڳو، جنهن تي سلطان
علاؤالدين پنهنجي ڀاءُ الغ خان کي ملتان جو حاڪم
مقرر ڪيو. الغ خان پوءِ ملڪ تاج ڪافوري ۽ تاتار
خان کي سنڌ تي چاڙهي موڪليو، پر انهن جي پهچڻ کان
اڳ ڄام جونـہ گذاري ويو. بادشاهي لشڪر پهريائين
اچي بکر تي قبضو ڪيو ۽ اتان پوءِ سيوستان (سيوهڻ)
تي چڙهائي ڪئي. ڄام تماچي پٽ انڙ جو، جيڪو پوءِ
تخت تي ويٺو هو، تنهن کي هو قيد ڪري دهلي وٺي ويا(2)
. تاريخ معصومي جو هيءُ بيان جيتوڻيڪ سلطان علاؤالدين جي دؤر
بابت آهي، مگر سومرن حڪمرانن بدران سمن حاڪمن سان
تعلق رکي ٿو. ٻئي لحاظ سان پڻ هيءُ بيان مـُـنڌل
آهي، ڇاڪاڻ جو وڌيڪ معتبر تاريخي حوالن مان ثابت
آهي، ته ڄام اُنڙ سلطان علاؤالدين کان گهڻو پوءِ،
سلطان محمد بن تغلق واري دؤر (اندازاً 734 -
750هه/1333 - 1349ع) ۾ خودمختار ٿيو هو. ڄام جوڻو
(جونـہ) غالباً سندس ننڍو ڀاءُ هو جيڪو پوءِ سلطان
فيروز شاهه جي آڻ مڃي سنڌ جو حڪمران ٿيو ۽ سلطان
فيروز شاهه، ڄام انڙ جي ٻن پٽن، ڄام ٻانڀڻيي ۽ ڄام
تماچي کي پاڻ سان دهلي وٺي ويو. گمان غالب آهي ته
سومرن جي آخري حڪمران همير جي پيءُ دودي جي وقت ۾
(يعني سلطان علاؤالدين جي حڪومت واري دؤر ۾)
خودمختاري تان سنڌ جي سومرن حڪمرانن ۽ دهلي جي
خلجي سلطانن جي وچ ۾ جيڪا ڪشمڪش شروع ٿي سا پوءِ
ويندي، سمن حڪمرانن ۽ تغلق گهراڻي جي بادشاهن جي
دؤر تائين هلندي آئي. تاريخ معصومي جي مٿئين بيان
۾ هن ڪشمڪش جي ٻنهي دؤرن کي (غلطيءَ کان)ڳنڍيو ويو
آهي. غالباً سومري حاڪم دودي خودمختار ٿي حڪومت
ڪرڻ چاهي جنهنڪري سلطان علاؤالدين جي سپهه سالارن
سنڌ تي چڙهائي ڪئي. دودي کان پوءِ سندس پٽ همير
(سومرن جو آخري حاڪم) دهلي جي سلطانن جو مطيع ٿيو
۽ سندن مدد جي سهاري سان حڪومت ڪرڻ لڳو. انهيءَ
تان سومرا توڙي سما سربراهه سندس مخالف ٿيا ۽ هنن
ڄام انڙ جي اڳواڻيءَ هيٺ هڪ جدا خودمختار حڪومت
قائم ڪئي. جنهن تي سلطان محمد بن تغلق سومرن ۽ سمن
تي چڙهائي ڪئي.
علاؤالدين غوري جي حملي جو امڪان:
’عالادين‘ جي نالي مان ٻيو گمان اهو اُٿي سگهي ٿو،
ته سلطان علاؤالدين غوري جيڪو ’علاؤالدين جهان
سوز‘ جي لقب سان مشهور ٿي گذريو، تنهن سنڌ جي
سومرن تي چڙهائي ڪئي هجي. ٽن اهڃاڻن مان ڄڻ انهيءَ
گمان جي پٺڀرائي ٿئي ٿي: پهريون ته ’غورُ‘ جو
جابلو علائقو موجوده افغانستان ۾ غزني ۽ هرات جي
وچ تي آهي ۽ انهيءَ ڪري غورين جي لشڪر کي هـِـرات
جو لشڪر پڻ سڏي سگهجي ٿو. دودي - چنيسر جي ڳالهه
جي هڪ روايت ۾ عالادين جي لشڪر کي ’هـِـراتي لشڪر‘
سڏيو ويو آهي:
’سکر، بکر، روهڙي، اَٺـُـون لـَـکم ڪوٽ چون هڪل
هـَـيراتـِـن جي پوي، اتي واڳون وات وجهن‘(1)
يعني ته لشڪر سکر بکر تائين پکڙيل هو ۽
هـِـراتـِـن (هرات وارن) جي حملي جي هڪل ٿي پئي.
ٻيو ته ’غور‘ واري ملڪ (۽ سڄي افغانستان) جو آڳاٽو
نالو ’خراسان‘ آهي ۽ انهيءَ لحاظ سان اتان جي لشڪر
کي خراساني لشڪر پڻ سڏي سگهجي ٿو. دودي - چنيسر جي
ڳالهه جي هڪ آڳاٽي روايت ۾ عالادين جي لشڪر کي
’خراسانين جو لشڪر‘ سڏيو ويو آهي:
’کيرون خـُـرسانن جون، ام ڇريون آهن سـُـور‘(1)
جيڪڏهن سٽ ۾ ڏنل لفظ ’سـُـور‘ آهي، ته پوءِ اهو
اشارو ’سـُـور‘ قبيلي ڏانهن ٿي سگهي ٿو. سلطان
علاؤالدين جهانسوز، ’سـُـور‘ قبيلي جو ترڪ پٺاڻ
هو. ٽيون ته هن ڳالهه ۾ بعضي دهلي جي بادشاهه کي
’مغل گوري‘(2)،
بعضي عالادين کي ’عالادين گوري‘(3)
۽ بعضي ’عالادين غوري‘، ۽ عالادين جي فرضي قبر
کي ’نول گوري پير‘ (نول غوري پير) جي قبر سڏيو ويو
آهي(4)،
جنهن ۾ پڻ ’غوري‘ جي نسبت وارو اهڃاڻ موجود
آهي.
***
|