سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سومرن جو دور

باب: 11

صفحو :14

 

باب يارهون

حڪمرانن جي چونڊ ۽ حڪومت جو نظام ۽ انتظام

دودي - چنيسر جي ڳالهه جي مختلف روايتن مان مجموعي طور سان نئين حاڪم جي چونڊ ۽ خودمختاري، بادشاهي جهنڊي، سرڪاري دفتر ۽ ملڪ جي انتظام بابت هيٺين ريت اهڃاڻ ملن ٿا:

(الف) حڪمرانن جي چونڊ جو طريقو: دودي - چنيسر جي ڳالهه جو بنياد ئي نئين پڳدار ۽ حڪمران جي چونڊ ۽ مقرري تي آهي، جنهن مان اهو نتيجو نڪري ٿو، ته سومرن جي دؤر ۾ پڳ ۽ حڪومت بالڪل موروثي شيون ڪين هيون، پر انهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ حسب نسب ۽ اهليت ٻئي لازمي جز هئا ۽ ان کان وڌيڪ راڄن جي راءِ ۽ چڱن طرفان چونڊ کي وڏو دخل هو. جڏهن ڀونگر راءِ وفات ڪئي، ته پڳ ۽ حڪومت جي فيصلي لاءِ سومرن جي پاڙن جا سرڪردا ٻيا سردار ۽ راڄن جا سربراهه گڏ ٿيا. اڪثر روايتن موجب سومرن جا سورهن پاڙا ان موقعي تي اچي مڙيا:

ڀڙ ڀونگر مري ويو، ٿيو واقعو وڳـہ سان
سورهن پٿر سومرا، اچي گڏ ٿيا(1)

سومرن کان سواءِ خاص طرح سما (سنڌ جا) ۽ ٻيا راڄ ۽ قبيلا، جهڙوڪ: جاڙيجا، ڀٽي، گجر، چنا، ابڙا، راڄڙ، ٿهيم، سوڍا سڀ ان ڏينهن گڏ ٿيا(2). راڄن ۽ قبيلن جي عام خاص ماڻهن جي گڏجاڻي جو مقصد اهو هو، ته جيئن نئين حڪمران بابت سڀني جي راءِ معلوم ڪري سگهجي. ان بعد سومرن جي سربراهن، پاڙن جي سردارن ۽ ٻين راڄن ۽ قبيلن جي چونڊ چڱن جي هڪ خاص گڏجاڻي (مارڪو يا ڪچهري) ۾ نسب ۽ نسبت توڙي اهليت ۽ لياقت ٻنهي کي ڌيان ۾ رکي فيصلو ڪيو ٿي ويو ته ڪير پڳ ٻڌي ۽ حڪمراني ڪري. دودي ۽ چنيسر جي فيصلي لاءِ ستر چونڊ چڱن جي سٿ ويٺي ۽ مارڪو قائم ڪيائون ۽ هن مسئلي بابت پاڻ ۾ سوال جواب ڪيائون.

مـَـلـِـهي ويٺا مارڪي، چـَـيون ڪي چـِـيندا
مـَـنجي سومرن جي الائي ڪهڙي کي ڏيندا(1)

هن مارڪي يا اسيمبلي ٻه ڳالهيون ڳڻيون: هڪ ته نسب جي لحاظ سان دودو چـِـندُ آهي ۽ چنيسر ۾ لوهار جي لـِـک گڏيل آهي، پر ان کان به وڌيڪ ٻي ڳالهه ته لياقت ۽ اهليت يعني سمجهه ۽ دانائي جي لحاظ سان پڻ پڳ دودي جي سر تي ئي سونهي:

دودو ساروئي سون جو، جنهن کي ريهه رُڀي جو ناه
پڳ ٻڌايو دودي داناء کي، جنهن سـِـر جوڙ جڳاءِ.(2)

انهيءَ ڪري اها راءِ ڏنائون ته پڳ دودو ٻڌي، مگر دودي جي پنهنجي مرضي هئي ته چنيسر وڏو ڀاءُ آهي، انهيءَ ڪري پڳ چنيسر ٻڌي. سو پاڻ کيس آڇ ڪيائين ته:

ادا ويهه منجي، ٻڌ پاڳڙي، تون پيڙهي راڄ وَساءِ

(ص 78)

ڏيئي پير پلنگ تي، اچي ويهه منجيءَ موڀي ڀاء

(ص 693)

دودي جڏهن پاڻ چنيسر کي پڳ ڏني، ته مارڪي به کڻي ماٺ ڪئي. پر پوءِ جڏهن چنيسر پڳ ٻڌڻ کان اڳي يا ڪن بيانن موجب پڳ جي هڪ ور ڏيڻ کان پوءِ، انهيءَ آڇ کي پنهنجي طرفان قبول ڪرڻ کي تيستائين ملتوي ڪيو جيستائين هو پنهنجي ماءُ کان پڇي اچي، ته مارڪي ۾ ويٺل معتبرن پنهنجي راءِ کي آخري فيصلي طور قائم ڪري، دودي تي زور آندو ته هو پاڻ پڳ ٻڌي ۽ حڪمران ٿئي:

ڀائن ڏيئي ڀر، منجيءَ چاڙهيو مانسر

(ص 265)

يعني ته راڄ جي ڀائرن ۽ چڱن پنهنجي متفق فيصلي جي زور سان دودي کي تخت تي ويهاريو ۽ باوجود سندس ذاتي راءِ جي دودي کي چڱن ۽ راڄن جو اهو فيصلو قبول ڪرڻو پيو. بلڪ ان بعد انهيءَ فيصلي کي رد ڪرڻ جو کيس ڪوبه اختيار ڪونه هو ۽ انهيءَ ڪري ئي چنيسر کي پوءِ، منٿن ڪرڻ وقت وري وري پئي چيائين ته گادي ۽ حڪومت سندس حوالي آهي، بشرطيڪ هو راڄن کي مڃائي.

(ب) خودمختاري جا نشان: پڳ، منجي (گادي)، بادشاهي جهنڊو ۽ اميرن امرائن توڙي صاحبزادن ۽ سربراهن جو کيس سڄي هٿ سان سلام حڪمران جي خودمختاري جا خاص نشان هئا. مٿي بيان ٿي چڪو آهي، ته حڪومت جو ڌڻي اهو ٿي ٿيو، جنهن کي راڄ ۽ رعيت حڪمراني جي پڳ ٿي ٻڌائي. منجي (گادي) تي ويهڻ جو فقط اهوئي حقدار هو. جڏهن نئون حڪمران منجيءَ چڙهندو هو (گاديءَ تي ويهندو هو) ته ڀيريون وڄنديون هيون ۽ غالباً سندس ڪوٽ يا حويلي تي به روزانو ڀير جي نوبت وڄندي هئي. بادشاهي ’جهنڊو‘ پڻ سندس ڪوٽ ۽ حويلي يا درٻار جي مٿان چڙهندو هو. حڪومت جي معاملن ۾ پڻ هو پنهنجي فيصلي جو ڌڻي هو. راڄن جا چڱا ۽ سردار سندس مارڪي (فيصلا ڪندڙ ڪچهري) جا ميمبر هئا ۽ وڏا مکيه فيصلا انهن جي راءِ وٺڻ کان پوءِ ٿيندا هئا، مگر آخري طور فيصلن ڪرڻ جو اختيار گادي واري حڪمران کي ئي هو. عالادين جي چڙهي اچڻ وقت دودي راڄ گهرايا ۽ ساڻن صلاح ڪيائين ۽ پوءِ عالادين سان جنگ جو فيصلو/عزم ڪيائين.

پڳ ٻڌڻ ۽ منجيءَ تي ويهڻ کان پوءِ، سڀني حاضر اميرن ۽ سردارن لاءِ لازمي هو ته منجهائن هرهڪ گادي واري کي حڪمران تسليم ڪرڻ جي ثبوت طور کيس سلام ڪري. مثلاً: چنيسر اڃان گهر ۾ ئي هو جو پويان ڀير ڌڪاء ٿيو. چنيسر سمجهيو ته دودي کي پڳ ٻڌائي گادي تي ويهاريو اٿن، پر پوري پڪ ڪرڻ لاءِ خاص طرح اهو پڇيائين ته:

ڪنهن ٻڌي پڳ، ڪنهن جو ڪن سلام؟
چيائون ته: ’دودي ٻڌي پڳ، دودل جو ڪن سلام‘(1)

امير امرائن لاءِ اهو لازمي هو ته حڪمران کي سڄي هٿ سان سلام ڪن. سڄي هٿ سان اهو سلام ڄڻ حڪمران جي خودمختاري کي تسليم ڪرڻ ۽ سندس فرمانبرداري جي اقرار جي برابر هو. ٻيو ’سڄي هٿ سان سلام‘ فقط پنهنجي پيءُ ۽ والد لاءِ ئي هو، ڇاڪاڻ جو ذاتي عزت جي لحاظ سان والد جو درجو ڄڻ حڪمران جي برابر هو. ننگر جڏهن عالادين جي لشڪر ۾ ويو ته بادشاهه جي سڀني صوبن ۽ سپـہ سالارن کي، توڙي خود بادشاهه کي کٻي هٿ سان سلام ڪيائين ۽ فقط پنهنجي پيءُ چنيسر کي ئي سڄي هٿ سان سلام ڪيائين(1) . وڌيڪ عالادين کي چيائين ته: ٻيو منهنجو سڄي هٿ سان سلام نبي صلعم ۽ سندس شريعت کي ئي آهي:

آءٌ سڄي سلام ڪريان تن جو، جن جو مديني

 ۾ مقام(2)

(ج) بادشاهي جهنڊو: سومرن جو پنهنجو بادشاهي جهنڊو هوندو هو، جيڪو تخت تي ويٺل حڪمران جي جاءِ تي چاڙهيو ويندو هو. ڀونگر راءِ بادشاهه خيال ڪيو ته پنهنجي جيئري گادي پنهنجي پٽ کي ڏيان، ته جيئن سڀڪو سندس حڪم مڃي ۽ پڻ شاهي جهنڊو (لـِـوالو) سندن دروازي مٿان لهرائي:

پيڙهي ڏيان پٽ کي، ڀونگر چيو پو:
وائي تنهن وريام جي سڻي سڀڪو
ان در مٿي اَو سونهي ٻـَـڌو لـِـوالو

 

(ص 43)

سومرن جي جهنڊي جو نمايان رنگ سفيد هو ۽ ننگر ان کي ’اڇو جهنڊو‘ ڪري سڏيو آهي:

اڇو جهندو در تي، سو ڀي ڳاڙهي روءِ ٿيندا(3)

 

(د) سرڪاري دفتر: ملڪ جي انتظام لاءِ مرڪزي عملي ۾ عامل ۽ ڪاتب مقرر ٿيل هئا(4) . گادي جي شهر ۾ حڪومت جو ’شاهي دفتر‘ هو، جيڪو پهريائين همير سومري بادشاهه قائم ڪيو هو. جڏهن ڀائرن زور ٻڌي دودي کي تخت تي ويهاريو ۽ چنيسر ڏمرجي دهلي دانهين ويو ته ڄڻ سومرن جي حڪومت تي زوال آيو ۽ وڏي همير بادشاهه جو قائم ڪيل دفتر ٿئي ويو:

ڀائن ڏيئي ڀـَـر، منجيءَ چاڙهيو مانسر
جو هٿ هو همير جي، سو دهوڙيو دفتر.

 

(ص 265)

يعني اهو دفتر ۽ قانون جيڪو وڏي همير بادشاهه جي هٿ جو لکيل هو سو ڄڻ برباد ٿي ويو.

(ب) ملڪ جو صوبائي نظام: سومرن جو دؤر ۾، انتظامي لحاظ سان سڄو ملڪ ’صوبن‘ يعني ننڍن انتظامي پرڳڻن ۾ ورهايل هو. جڏهن چنيسر ڪاوڙجي دهلي ڏانهن ٿي روانو ٿيو، ته دودي کيس پرچائيندي ’پنجاهن صوبن‘ جي پڳ (خودمختاري) کيس ڏيڻي ڪئي هئي:

ڳل ڏيو ڳرهاٽڙيون، چئي ڀاڪر وجهيو ڀاء:
ادو ابو توکي چوان، تنهنجي مريم ڀانيان ماء
پنجاه صوبن جي پاڳڙي آهي تو مهنداء
ننگر نالي منهنجو، سونل ننهن سندياء

 

(ص 710)

هر صوبو ’شهرن‘ ۾ وراهيل هو. ٻنگار جو صوبو نهايت زرخيز هو ۽ منجهس ٻارهن ’شهر‘ هئا. جڏهن چنيسر اڳتي روانو ٿيو، ته سندس پٽ ۽ پنهنجي ڀائٽيي ننگر کي دودي موڪليو، ته وڃي چنيسر کي ميڙ ڪري موٽائي، باقي ٻارهن شهرن سميت ٻنگار جي ’ڀاڳ‘ (سرداري) ۽ سڄي ملڪ جي ’واڳ‘ سندس حوالي آهي:

ٻارهن شهر ٻنگار جا ڀلي خان کڻي کائي
نـَـون لکن جي سنڌڙي اچي هٿ سان هلائي

 

(ص 768)

گادي جي مرڪزي شهر يا سڄي ملڪ ۽ حڪومت کي اصطلاحي طور ’ديهه‘ (ڏيهه) سڏيو ويو آهي:

پيڙهيءَ ويٺو پاتشاهه، ديهه ۾ دودل راءِ

(ص 493)

ڳالهه جي ٻين اهڃاڻن ۾ پڻ ’ديهه ۾ دودو راءِ‘ جو اصطلاح آيل آهي، يعني ته سڄي ملڪ جو خودمختار حڪمران ’دودو راءِ‘ ئي آهي. ’پيڙهيءَ ويٺو‘ يعني تخت تي ويٺو. ’تخت‘ کي نج سنڌي نالن سان ’پيڙهي‘ يا ’منجي‘ سڏيو ويندو هو. مثلاً: دودي سڀني کان پهريائين چنيسر کي چيو هو ته:

ادا ويهه منجي، ٻڌ پاڳڙي، تون پيڙهيءَ راڄ وساءِ.

اقتصادي حالت:

آڳاٽي دؤر کان وٺي سنڌ جي آبادي جو دارومدار سنڌوندي تي پئي رهيو آهي. سومرن جي دؤر ۾ اُڀرندي طرفان هاڪڙو ڍورو (اڀرنديون نارو) هڪ ڦاٽ جي صورت ۾ وهندڙ هو، پر درياء جو مکيه وهڪرو الهندي طرفان پـُـراڻ واري ڍوري مان هو. پراڻ جي ڍوري جو مکيه وهڪرو مٿان موجوده نواب شاهه ۽ سانگهڙ ضلعن مان اچي هيٺ ٿرپارڪر ضلعي جي حدن ۾ داخل ٿيندو هو ۽ اتان هڪڙيون شاخون الهندي طرف حيدرآباد ۽ بدين ضلعن جي حدن ڏانهن وينديون هيون ۽ ٻيون اوڀر طرف وڃي، هاڪڙي ڍوري سان ونگي کان مٿي ۽ ونگي وٽ ملنديون هيون. پـُـراڻ ۽ هاڪڙي جو گڏيل پاڻي اڃان به هيٺ وڃي موجوده رڻ واري اراضي کي آباد ڪندو هو. مٿان اتر ۾ (غالباً موجوده نواب شاهه، سڪرنڊ، شهدادپور ۽ سنجهوري تعلقن وارين حدن اندر) جتان مکيه درياءِ ڏکڻ - اوڀر طرف پـُـراڻ وارن وهڪرن ڏانهن مڙندو هو، اتان ٻي ننڍي شاخ ڏکڻ اولهه طرف موجوده حيدرآباد ۽ ٺٽي ضلعي وارين اراضين ڏانهن وهندي هئي. مگر اها شاخ ننڍي هئي ۽ انهيءَ ڪري حيدرآباد ۽ ٺٽي ضلعن واري زمين ايترو گهڻو آباد ڪانه هئي. سانگهڙ، ٿرپارڪر ۽ بدين ضلعن ۽ هيٺ موجوده رڻ واري اراضي ان جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ زرخيز هئي. سومرن جي حڪومت جي اوائلي ۽ وچين دؤر ۾ انهن اراضين جي زراعت ۽ زرخيزي ئي سومرن جي دؤر جي آبادي ۽ آمدنيءَ جو مکيه ذريعو هئي. هاڪڙي ۽ پـُـراڻ جي پاڻي تي آباد ٿيندڙ پرڳڻن کي نظر ۾ رکندي، اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته نواب شاهه، سانگهڙ ۽ ٿرپارڪر ضلعي جي (مٿئين ڀاڱي وارين) ايراضين ۾ سارين ۽ وؤڻن جا مکيه فصل ٿيندا هوندا. هيٺ لاڙ طرف پڻ ساريون گهڻيون ٿينديون هونديون، پر ڍورن ۽ ڍنڍن ۾ مڇي بهه ۽ لوڙهه وڏي مقدار ۾ ٿيندا هئا، جنهن جي تصديق ان وقت جي هڪ آڳاٽي بيت مان ٿئي ٿي(1). ان کان سواءِ ان وقت ٻي وڏي پيدائش چوپائي مال جي هئي. اهڙا اهڃاڻ دودي - چنيسر جي ڳالهه جي روايتن ۾ ملن ٿا، جن مان معلوم ٿئي ٿو، ته ڪپهه جي پيدائش، مڇي ۽ مال وارا ماڻهو ان وقت سکيا ستابا ۽ وڏي همت ۽ حوصلي وارا هئا. عالادين جي حملي وقت جن ماڻهن دودي کان اڳ شاهي لشڪر جا مقابلا ڪيا، تن سڀني ۾ مکيه ڪردار ويرم پاهوڙي جو آهي. ڪن مکيه بيانن موجب ويرم پاهوڙو ڪورين جو سردار هو. هن ويجهي پوئين دؤر ۾ ’ڪورين‘ کي ڪمزور تصور ڪيو ويو آهي، پر سومرن جي دؤر ۾ ڪورين جي سردار کي طاقتور تصور ڪرڻ واري اهڃاڻ مان اها تصديق ٿئي ٿي، ته ان وقت ڪپهه جي فصل ۽ اڻاوت جي ڌنڌي کي وڏي اهميت حاصل هئي. جڏهن عالادين جو لشڪر درياءَ جو ڪو ڍورو ٽپيو، ته ميربحرن ۽ مهاڻن مقابلو ڪيو(2) ، جيڪي پڻ مڇي جي آمدني سببان سکيا ستابا ۽ وڏي همت وارا هئا. ٽيون ذڪر مال وارن ڌنارن جي مقابلن جو اچي ٿو ته ڌنار، پنهوار، ٻڪرار ۽ ميهار عالادين جي لشڪر سان وڙهيا(3) . اهو اهڃاڻ ڏيکاري ٿو، ته ان وقت چوپايو مال گهڻو هو جنهن مان وڏي آمدني هئي. ڪن اهڃاڻن مان اهو اندازو ٿئي ٿو ته اوائلي دؤر جي سومرن حڪمرانن واهه ۽ ڪڙيا کڻايا ۽ آبادي کي وڌايو ۽ سنڌو درياءَ جي هاڪڙي ۽ پراڻ وارن وهڪرن جو پاڻي وڳـہ ڪوٽ تائين پهچايو. وڳـہ ڪوٽ وٽان ’وڳهه واهه‘ وهندڙ هو(4) . ٻيو به ڪو واهه يا ڪڙيو وهندڙ هو جنهن کي ڪن روايتن ۾ ’خان واهه‘ يا ’خان واهه جو ڪڙيو‘ سڏيو ويو آهي(1) . ڪن روايتن موجب ’خان واهه‘ روپاهه لڳ وهندو هو پر روپاهه واري واهه جو نالو ’روپاهه واهه‘ هو(2) . انهن کان سواءِ وڳـہ ڪوٽ ۽ روپاهه وارين حدن ۾ ٻين واهن جو ذڪر آيو آهي، جيئن ته راڄ واهه، گونگڙو واهه، وڏڙو واهه، والي واهه(3) . ’وڳـہ‘ جي آبادي مٺي پاڻي جي گهڻائي سان وڌي ۽ سنڌو درياء جي ڪنهن وهڪري جي ڪا شاخ وڳـہ کي ويجهو وهڻ لڳي، جنهن مان واهن ۽ ڪڙين ذريعي وڳـہ واري اراضي آباد ٿي. غالباً سومرا گهراڻي جي تاريخي دؤر جي پهرئين اڌ ۾ ئي وڳـہ جي آبادي وڌي ۽ شهر پڻ وڌيو ۽ پنهنجي اوج ۽ عروج کي پهتو.

ڳالهه جي ڪن روايتن ۾ ’وڳـہ وانءِ‘ (وڳهه جو کوهر) يا وڳـہ جي تلاء جو ذڪر آهي(4) ، پر وڌيڪ ذڪر ’وڳـہ واهه‘ جو آهي، جنهن ۾ ننگر پنهنجي يارن سان پئي وِهنتو ۽ ڏائي راند ڪئي(5) . ڪن روايتن موجب انهيءَ ساڳئي واهه ۽ ڍوري جي ڪنڌي کان مٿي ڪجهه فاصلي تي جنگ جو ميدان هو ۽ جڏهن ننگر ۽ ٻين جون عالادين سان لڙايون ٿيون، تڏهن ان واهه ۾ رت وهي ايندو هو، جيڪو دودو ڏسندو هو(6) . ڪن بيانن ۾ ان کي ’لوهيڙو‘ سڏيو ويو آهي، جيڪو وڳـہ جي ڀرسان يا وچان وهندڙ هو. ننگر جڏهن جنگ تي چڙهيو ۽ سندس مڱ ساڻس ڳالهايو، تڏهن جوش مان چيائين ته آءٌ زبردست جنگ ڪري لوهيڙو رت سان وهائيندس:

لوهيڙو وهايان رت جو وڳـہ جي وچان(7)

ٻين بيانن موجب ’لوهيڙو‘ درياء هو يا درياء جو هڪ پاٽ يا شاهي ڍورو هو، جيڪو ’بڪار‘ يا ’ٻنگار‘ لڳ وهندو هو، لوهيڙو تار پئي وڙهو، جو ننگر ڀونگر ان جي ڪنڌي سان جنگ لاءِ پنهنجي ڇانوڻي هڻي ويٺا هئا(1). وڳـہ جي آسپاس يا ڳچ فاصلي تي درياءَ جي ڪنهن شاخ يا ڍوري جي ٻنهي ڪنڌين ٻيلا هئا، جتي گاديواري معاملي وقت چنيسر شڪار لاءِ ويل هو ۽ وري جڏهن وڳـہ مان ڪاوڙجي نڪتو هو، ته به ٻيلي مان لنگهيو هو(2).

سومرن حاڪمن خاص طرح ڪاسبين ڪاريگرن جي قدرداني ڪئي ۽ ڌنڌي، هنر ۽ حرفت کي زور وٺارايو. ڪاسبين لاءِ هنن خاص حصا، بخرا ۽ لوازما مقرر ڪيا، جيڪي سومرن جي دؤر کان پوءِ، ويندي موجوده دؤر تائين رسمي طور هلندا آيا. انهن لوازمن مان هڪ اهو هو، جو جيڪڏهن ڪوبه پـَـهرُو ذبح ٿيندو هو، ته سسي موچي کي ملندي هئي ۽ هنجهي ڪنڀار کي ملندي هئي. پاڪستان کان اڳ واري دؤر تائين اها رسم ڪن ماڳن ۽ راڄن ۾ هلندي آئي. هنرمندن، ڪاريگرن ۽ ڪاسبين کي همتائڻ سان ڳوٺ ۽ شهر آباد ٿيا ۽ ملڪ جي پيداوار ۾ واڌارو ٿيو. سومرن جي دؤر ۾ ڪاسبي خوش هئا ۽ خوشحال هئا ۽ انهن پڻ عالادين جي حملي وقت مقابلا ڪيا. دودي - چنيسر جي ڳالهه ۾ لوهارن، ڪنڀارن ۽ ٻين جي مقابلن جو ذڪر آهي. جڏهن دودو ميدان ۾ مارجي ويو ۽ سومرن جي هار ٿي، ته ڪاسبين پڻ پنهنجن حڪمرانن سان غم ۾ شريڪ ٿي سوءِ ڪئي، مال وارن ريٻارين سوءِ ڪئي ۽ ڪنڀارن سوءِ ڪئي، جن جي زالن وري نٿ نه پاتي. اها رسم ويندي هن موجوده وقت تائين سومرن ۾ توڙي انهن ٻين غم شريڪ پيشه ورن ڪاريگرن ۾ هلندي آئي آهي.

ملڪ جي زرعي، مالي، هنري ۽ ٻي اندروني اپت ۽ پيدائش سڄي ملڪ جو سرمايو هئي ۽ ملڪ خوشحال ۽ آباد هو. جتي به زراعت يا چوپائي مال کي نقصان پهچندو هو، ته ان جي تلافي ٿيندي هئي. ان وقت جهنگلي جانور شينهن وغيره به سنڌ ۾ هوندا هئا. شينهن جو ذڪر هڪ کان وڌيڪ روايتن ۾ آيو آهي. هڪ شينهن ٻيلي ۾ هو، جنهن چوڌاري چوپايو مال ماريو. ماڻهو اها ڀيڻي ڇڏي ويا، جنهنڪري چوپائي مال توڙي زراعت کي نقصان پهتو. انهيءَ شينهن کي مارڻ لاءِ پهريائين ڪنهن ابڙي سربراهه ڪوشش ڪئي، پر پڄي نه سگهيو. پوءِ چنيسر ان شينهن کي ماريو. اتي جي ميهار چنيسر کي ٻڌايو، ته شينهن جي ڪري مال ۽ زراعت کي ڪيترو نقصان پهتو:

هتي اٺ ٻڪرين جي ڪمي هئي ڪانڪا،

 

هئي گونئرن ڪاهوڪا.

ڪڏهن ڪڻڪ پچندي هئي ڪيتري،

 

ڪڏهن پٻڻ ٿيندي هئي تار(1)

سرڪاري محصول غالباً ٻن قسمن جا هئا، جن جو دودي - چنيسر جي ڳالهه ۾ اهڃاڻ ڏنل آهي. ننگر سومرو ٿو چوي ته: اسان رعيت کان محصول وٺون ٿا ۽ انهيءَ ڪري اسان کي ئي سنڌ جي حفاظت ڪرڻي آهي ۽ ٻاهرين حملن کي مـُـنهن ڏيڻو آهي. تلوار هڻڻ (جنگ) اسان جي کيتي آهي ۽ اها اصل وڏن کان وٺي هلندي آئي آهي:

کنوکيٽ اسان جو، جيڪا وڏن پوکي آ
وائـُـڙ وٺون ٿا روڪڙو، لاڳو سنڌ مٿا(2)

 

يعني ته اسين (سومرا حاڪم) سڄي سنڌ مان ’رائڙ‘ ۽ ’لاڳو‘ وصول ڪريون ٿا. انهن ٻن موصولن جي نوعيت ڪهڙي هئي، تنهن بابت يقيني طور ڪجهه چئي نٿو سگهجي ۽ فقط اندازو ئي لڳائي سگهجي ٿو.’رائـُـڙ‘ معنيٰ ’راءِ جو‘ يا ’حاڪم جو‘ حصو. يعني بادشاهي يا سلطاني موصول جيڪو پيدائش اُپت جي مختلف ذريعن تي جدا جدا نرخن موجب نقدي صورت ۾ ورتو ويندو هو. ’لاڳو‘ غالباً اهو موصول هو، جيڪو سنڌ جي سرحدن تي ( = سنڌ مٿان) مختلف شين جي آمدني روانگي تي ورتو ويندو هو. سرڪاري خزاني ۾ انهن ذريعن مان ان وقت نـَـوَ لک (روپيا) سالياني آمدني هئي، جنهن ڏانهن دودي - چنيسر جي ڳالهه ۾ وري وري پئي ذڪر آيو آهي. دودي ننگر کي چيو ته: تون وڃي پنهنجي پيءُ چنيسر کي دهلي وڃڻ کان موٽاءِ ۽ کيس چئو ته ٻنگار جو پرڳڻو يارهن شهرن سوڌو نجي جاگير طور سندس حوالي آهي ۽ ٻيو ته سنڌ جي ’نون لکن‘ جي آمدني وارو انتظام به پاڻ ويهي هٿ سان هلائي:

ٻارهن شهر ٻنگار جا، ڀلي خان کڻي کائي
نوين لکين جي سنڌڙي، اچي هٿ سان هلائي.

 

(ص 868)

ٻاگهي به ساڳئي ڳالهه چنيسر کي چئي ته:

ٻارهن شهر ٻنگار جا، کڻ ويٺو ئي کاء
نون لکن جي سنڌڙي، هٿ سان ويٺو هلاءِ.

(ص 643)

دودي - چنيسر جي ڳالهه ۾، سومرن حڪمرانن جي ڪوٽن قلعن کان سواءِ، سندن هاٿين جو ذڪر آهي(1). اهي اهڃاڻ پڻ ان دؤر ۾ سنڌ جي مضبوط مالي حالت تي شاهد آهن.

 

 

***


(1) ص 492. نور محمد سومري جي روايت، (ص ص 1234) ۾ ’تيرهن پٿر’ ڄاڻايل آهي، پر اڪثر بيانن ۾ ’سورهن پٿر’ آهي، پٿر يعني پاڙا.

(2) ص ص 467، 692، 860، 883، 954 - 955

(1) ص 261

(2) ص 883. اهو ساڳيو خيال ٻين لفظن ۾ ادا ٿيل ته:

دودو سڄوئي سون جو، جنهن کي رَند رُپي جو ناه
پڳ ٻڌايو دودي مير کي، جنهن سر جوڙ جڳاءِ.

 

(1) ص 794

(1) ص ص 533 - 534

(2) ص 815

(3) ص 518. ننگر ٿو دودي کي چوي ته: جڏهن آءٌ جنگ ۾ مارجي ويندس ته اڇو جهنڊو به رنگ مٽائي ڳاڙهو ٿي ويندو.

(4) وڳـہ ڪوٽ جا ڪاتب ۽ عامل دودي سڏايا (ص 1090)

(1) سومرن جي بالڪل آخري دؤر ۾، جڏهن اروڙ وٽان هاڪڙي ناري جو منهن ريٽجي ويو ۽ پڻ پـُـراڻ واري وهڪري بدران درياءَ جو مکيه وهڪرو ڦري اولهه واري شاخ سان حيدرآباد ۽ ٺٽي ضلعي وارين ايراضين مان (جتي سمن جي زمينداري هئي) ٿيو، تڏهن سومرن وارين ايراضين بدران سمن واري ايراصي ۾ بهه مڇي ۽ لوڙهه وڌيڪ ٿيڻ لڳا، هيٺيون بيت انهيءَ حقيقت جو يادگار آهي ته:

هاڪ وهندو هاڪڙو، ڀڄندي ٻنڌ اروڙ
بهه مڇي ۽ لوڙهه، سمي ويندا سوکڙي.

 

يعني ته شال هاڪڙو وري ڀرجي وهندو ۽ بهه مڇي ۽ لوڙهه به سومرن واري سرزمين ۾ ٿيندا جتان سمن ڏانهن سوکڙي ٿي ويندا.

(2) ص ص 467، 721، 758

(3) ص ص 346 - 347، 370، 424، 721، 759

(4) ص ص 442، 510 - 511، 520، 529

(1) خانواهه (ص ص 786، 900، 931)

            ”وڙهو ٿو واهو وهي جيڪو ڪڙيو خانواهه” (ص 865)

خاني واهه (ص 275)، ٻي روايت موجب خانواهه وڳـہ کان ڳچ مفاصلي تي هو. چنيسر وڳـہ ڪوٽ روانو ٿيو ته پهرين منزل ’جالوراڻي راڄ’ ۾ ڪيائين ۽ پوءِ ٻي منزل خانواهه پهتو (ص 889).

(2) ص ص 933، 935

(3) ص ص 566، 567 (والي واهه)، 778 (وڏڙو واهه)، 862 (راڄ واهه) 969 (گونگڙو واهه).

(4) ص ص 477 ۽ 496

(5) ص ص 510 - 511، 520، 529. ڪن روايتن موجب عالادين سان ننگر جون جنگيون پڻ انڙ واهه يا ڍوري تي لڳيون.

(6) ٿي سگهي ٿو ته ڪن آڳاٽين روايتن ۾ اهو لفظ ’لوهوئڙو’ هجي يعني ’رت وارو’.

(7) ص 726. ٻي روايت ۾ ’لوهو واهه’ (ص 1036)

(1) ص ص 721، 723، 729، 735. ڪن بيانن ۾ بڪار يا ٻنگار جي ٻاهران ’ويره واهه’ جو نالو آندل آهي (ص ص 776، 765) پر ائين ڀانئجي ٿو ته اهو ’واهه’ ڪونه هو پر ڪنهن ماڳ جو نالو هو. ٻنگار ۽ بڪار جي سڃاڻپ لاءِ ڏسو عنوان ”ٻنگار”، ص 59

(2) ص ص 792 ۽ 797

(1) ص 912

(2) ص 871

(1) وڏو دودو هاٿي جي هيٺان اچي ويو هو. ڀونگر بادشاهه جو ڀورو هاٿي هو. دودي جو مڪنو هاٿي هو. (ڏسو ص 130، 175، 728 وغيره).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org