باب نائون
سومرن جي سياسي خودمختاري، حڪومت جون
حدون ۽ ٻيا راڄ ۽ رياستون
بغداد جي عباسي خلافت جي ڪمزور ٿيڻ تي، خلافت جي
ڏورانهين صوبي سنڌ جو مرڪزي انتظام پڻ ڪمزور ٿيو،
جنهنڪري مرڪز طرفان مقرر ٿيل گورنر فقط نالي جا
گورنر وڃي رهيا ۽ طاقت سنڌ جي مقامي عرب اميرن جي
هٿ ۾ اچي وئي، جن پنهنجون رياستون قائم ڪيون. اهي
مکيه رياستون غالباً ٽي هيون: 1. مرڪزي گادي جي
شهر منصوره واري رياست جيڪا موجوده سنڌ، ڪڇ ۽ لس
ٻيلي تي مشتمل هئي، 2. ملتان جي رياست جيڪا ڏکڻ
پنجاب ۽ اوڀر طرف راجپوتانا واري حـصي تي مشتمل
هئي، 3. مڪران جي رياست جنهن جو مرڪز پنجگور يا
خزدار هو ۽ جيڪا بلوچستان واري خطي تي مشتمل هئي.
چوٿين صدي هجري ۾پهرين ٻن رياستن جا حوالا ابن
حوقل ۽ ٻين مصنفن جي ڪتابن ۾ ملن ٿا ۽ پڻ ڪي اهڃاڻ
خزدار (خضدار) ۽ پنجگور جي حاڪمن ۽ اميرن بابت ملن
ٿا.
ٽين ۽ چوٿين صدي هجري ۾ هڪ طرف قرمطين ۽ دُرُوزين
جي تحريڪ سنڌ جي نو مسلم عوام جي عقيدن کي لوڏيو،
ته ٻئي طرف مصر جي فاطمي حڪمرانن جي وڌندڙ طاقت ۽
سندن تحريڪ ۽ تبليغ سنڌ جي مقامي اميرن کي بغداد
جي عباسي خليفن بدران مصر جي فاطمي حاڪمن جي سهاري
وٺڻ تي آماده ڪيو. انهن لاڙن مقامي طور انتشار
پيدا ڪيو، تان جو مصر جي اسمـــٰـعيلي عقيدي جي
داعي جـَـلـَـم بن شيبان سنه 350هه بعد ملتان تي
قبضو ڪري ان کي پنهنجي طاقت جو مرڪز بنايو. انهيءَ
نئين سياسي تسلط جو بنياد اڃان مضبوط ئي ڪونه ٿيو
هو، جو مصر جي حڪمران الحاڪم کان پوءِ سندس پوين ۾
اختلاف پيدا ٿيو، جنهن جي ڪري اسمــٰـعيلي، دُروزي
۽ قرمطي فرقن ۾ ڪشمڪش شروع ٿي. ان جو اثر سنڌ -
ملتان تي پڻ پيو ۽ انهيءَ ڪري ويتر مقامي رياستن
جي حڪمراني ۾ وڌيڪ ڪمزوري پيدا ٿي. ٻئي طرف عام
مسلمانن جي وڏي اڪثريت انهن نـَـوَن عقيدن کي قبول
نه ڪيو ۽ هو انهن حڪمرانن جا مخالف ٿي بيٺا، جن
انهن عقيدن جي بناءِ تي پاڻ کي مصر جي فاطمي خليفن
جي پٺڀرائي سان مضبوط ڪرڻ ٿي چاهيو. چوٿين صدي جي
آخر ۽ پنجين صدي جي شروع ۾ غزني جي ترڪ گهراڻي جي
طاقت سلطان محمود جي وقت ۾ عروج کي پهتي. سلطان
محمود، مصر جي فاطمي حاڪمن بدران بغداد جي عباسي
خليفن جو حامي هو ۽ انهيءَ ڪري هن ملتان تي حملو
ڪري، فاطمي حاڪمن جي پوئلڳن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش
ڪئي. غزني گهراڻي جي سلطانن توڙي ان کان پوءِ غوري
گهراڻي جي سلطانن مسلسل طور ملتان جي حڪمرانن تي
ڪڙي نظر رکي ۽ پنهنجي طاقت ۽ عام مسلمانن جي
موافقت سان ملتان توڙي هيٺ سنڌ ۾ فاطمين جي سياسي
اثر توڙي قرمطي دروزي ۽ اسمــٰـعيلي اڳواڻن جي
مقامي اثر رسوخ کي ختم ڪري ڇڏيو.
غزني ۽ غور جي سلطانن کان پوءِ، سنڌ ۽ هند ۾ دهلي
جي اُچ طاقت جا نوان مرڪز بنيا، غوري سلطانن جي
غلام گهراڻي جي اميرن مان قطب الدين ايبڪ دهلي جو
بادشاهه ٿيو ۽ ناصرالدين قباچه اُچ جو بادشاهه
ٿيو. قطب الدين ايبڪ کان پوءِ التتمش دهلي جو
سلطان ٿيو، جنهن سنه 625 هه (1228ع) ۾ ناصرالدين
قباچه جو خاتمو آندو. ان بعد سياسي طور اُچ ۽
ملتان جي مرڪزي حيثيت ختم ٿي وئي، مگر ملتان دهلي
جي سلطنت جو مکيه صوبو بنيو ۽ دهلي طرفان مقرر ڪيل
ملتان جي گورنرن کي ملتان توڙي سنڌ جي سياسي ۽
انتظامي معاملن ۾ وڏو دخل رهيو.
اندازاً 275هه / 888ع ڌاري بغداد جي عباسي خليفن
جو صوبي سنڌ جي مٿان انتظامي عمل ڪمزور ٿي ويو.
250 - 275هه (864 - 888ع) واري دؤر ۾، سنڌ ۽ ملتان
۾ عرب اميرن جي حڪمراني هيٺ جدا جدا رياستون قائم
ٿيون جيڪي پنجاه سٺ سالن بعد چوٿين صدي جي وچ ڌاري
مصر جي فاطمي حاڪمن جي سياسي اثر هيٺ آيون. چوٿين
صدي جي پوئين اڌ (350 - 400ع) ۾، فاطمي حاڪمن سان
بيعت ڪندڙ مـُـبلـَـغينَ سنڌ ۽ ملتان جي رياستن جي
اميرن کي پنهنجي اثر هيٺ آندو، پر ساڳئي دؤر ۾
قرمطي ۽ دُرُوزي فرقن جا اڳواڻ پڻ سندن پنهنجي اثر
کي وڌائڻ لاءِ، ڪوشش ڪندا رهيا. سلطان محمود (388
- 421هه / 998 - 1030ع) ملتان ۽ منصوره تي چڙهائي
ڪري، انهن فرقن جي پيروئن جي طاقت ۽ اثر کي گهڻي
حد تائين ختم ڪري ڇڏيو. سنه 1022ع ۾ ملتان تي
چڙهائي ڪيائين ۽ سومناٿ کان موٽندي سنه 1026ع ۾
منصوره جي حاڪم کي مطيع ڪيائين. ان بعد غزني ۽
غوري سلطانن جي دٻاءَ سببان، اسمـــٰـعيلي - دروزي
- قرمطي اثر جو خاتمو ٿي ويو.
ٻي صدي هجري ۾ خليفي سليمان (96 - 99هه/715 -
717ع) جي دؤر ۾، صوبي سنڌ ۾ مـُـتـَـعـَـين ٿيل
عرب اميرن، فوجي سپاهين ۽ ٻين منتظمن ۽ اهلڪارن
لاءِ قطعي فرمان آيو ته: کين هميشه لاءِ اتي ئي
رهڻو آهي، انهيءَ ڪري ’ٻنيون ڪاهين ۽ سنڌ کي هميشه
لاءِ پنهنجو وطن بنائين‘. ايندڙ ٻن سؤ سالن ۾ عرب
قبيلا سنڌ جا باشندا ٿي ويا. عرب قبيلن ۽ سنڌ جي
مسلمان قبيلن ۾ سڱابندي جو رشتو آڳاٽو شروع ٿي چڪو
هو ۽ چوٿين صدي هجري ڌاري، مقامي رياستن جاعرب
امير يا ته سنڌ جي مسلمان قبيلن جا ڏهٽاڻ يا سندن
ناناڻا ٿي چڪا هئا. انهن ئي گڏيل نسل جي اميرن جا
پويان جاءِ نشين سومرا حڪمران ٿيا، جن جا وڏا سنڌ
جي عام روايت موجب، يا عرب هئا يا عربن جا ڏوهٽاڻ
هئا.
سومرن جي سياسي خودمختاري:
اوائلي سومرا امير، جيڪي غالباً چوٿين صدي هجري جي
پڇاڙي ڌاري منصوره ۽ ملتان رياستن جي عرب اميرن جا
جاءِ نشين بنيا، سي ايندڙ سوا ٻن سوَن سالن تائين،
غزني جي سلطانن (388 - 582هه) توڙي غور جي سلطان
معزالدين محمد بن سام غوري (569 - 602هه/1174 -
1206ع) ۾ سلطان محمد جو غلام قطب الدين ايبڪ دهلي
جو سلطان ٿيو ۽ ناصرالدين قباچه اُچ جو حاڪم مقرر
ٿيو. ناصرالدين قباچه غالباً پهريون ڀيرو سنڌ جي
سڄي صوبي توڙي ڏکڻ طرف ڪڇ ڪاٺياواڙ ۽ ويندي کنڀات
تائين پنهنجو سياسي غلبو قائم ڪيو ۽ سنڌ جا سومرا
پڻ سلطان ناصرالدين قباچه جي زير تابع حڪمراني ڪرڻ
لڳا. ان وقت صوبي سنڌ جي سرحد ڏکڻ طرف ڪڇ -
ڪاٺياواڙ کان ويندي کنڀات تائين پکڙيل هئي، جو
سلطان ناصرالدين قباچه پنهنجي هڪ امير، مشهور اديب
۽ عالم، سديدالدين محمد عوفي کي، جيڪو سنه 617
هه/1220ع ۾ سندس درٻار ۾ پهتو هو، انهيءَ سال کان
پوءِ، کنڀات جو مصنف يا قاضي مقرر ڪيو. سنه 620 -
621هه ۾ عوفي کنڀات ۾ هو ۽ اتي ئي قاضي تنوخي جي
عربي ڪتاب ”الفرج بعد الشدهِ“ جو فارسي ۾ ترجمو
ڪيائين. ناصرالدين قباچه جي حڪومت واري دؤر (602 -
625هه/1206 - 1228ع) کان وٺي 725 - 752هه / 1325 -
1351ع) تائين، انهن باقي ڏيڍ سؤ سالن واري عرصي ۾
جيڪو سومرن جي حڪمراني جو پويون دؤر هو، سنڌ جا
سومرا ڳچ وقت خودمختار ۽ بعد ۾ دهلي جي سلطانن يا
ملتان ۾ سندن گورنرن جا تابع ٿي رهيا. سلطان محمد
بن تغلق جي دؤر ۾ هڪ باغي حڪمران ”طغي“، کنڀات -
ڪاٺياواڙ مان ڀڄي، سنڌ جي سومرن وٽ مدد لاءِ آيو،
جنهن مان تصديق ٿئي ٿي ته عربن ۽ پوءِ سومرن جي
دؤر ۾ سنڌ جو سياسي اثر ڪاٺياواڙ - کنڀات تائين
هلندو پئي آيو.
دودي - چنيسر جي ڳالهه ۾ پڻ دهلي جي سلطان ۽ ملتان
جي حاڪم جي طاقت جو پڙاڏو موجود آهي. چنيسر جڏهن
پڳ تان دودي سان ڪاوڙيو، تڏهن چيائين ته:
پڳ منهنجي پيءَ جي دودا مون کي ڏي
نه ته وڃان دلي آگري، وڃان ملتان ڏي
هت آڻيندس مغل - غوري جيڪو ٽڪر ٽوٽ ڪري
(ص 264)
ان جي معنيٰ ته دودي - چنيسر واري دؤر ۾ دهلي جي
سلطان ۽ ملتان جي حاڪم جي طاقت جو احساس موجود هو.
سومرا خودمختار هئا، ته به دهلي جي طاقت کي وڏو ٿي
سمجهيائون. ٻئي هڪ اهڃاڻ مطابق، دودي - چنيسر واري
دؤر ۾ سومرا ڄڻ دهلي جا ڏن ڀريندڙ حاڪم هئا.
عالادين بادشاهه دودي ڏي پيغام موڪليو ته:
دودي دوداڻي کي منهنجا ساري ڏيج سلام،
”پوک پوکين راوَري جنهن جا کڻين کيٽ انعام“
(ص 172)
يعني ته سنڌ جي حڪمراني سلطان طرفان دودي کي ڄڻ
انعام طور مليل هئي ۽ سندس حيثيت ڄڻ مقاطعيدار
جاگيردار جي هئي. عالادين بادشاهه جي زباني بهرحال
اهڙي دعويٰ ڪيل آهي. ٻئي دودي - چنيسر جي ڳالهه جي
مختلف روايتن ۾ ائين پڻ ڄاڻايل آهي، ته دودي ۽
عالادين بادشاهه هڪٻئي ڏي ايلچي پئي موڪليا(1)،
جنهن جي معنيٰ ته باوجود دهلي جي دعويٰ جي، دودي
جي حيثيت هڪ خودمختار حاڪم واري هئي ۽ خودمختاري
غالباً سندس پيءُ - ڏاڏي واري وقت کان وٺي هلندي
پئي آئي.
سلطان فيروز شاهه جي حڪمراني (752 - 790هه / 1351
- 1388ع) جي شروع واري دؤر ۾، سومرن جي آخري حاڪم،
همير پٽ دودي جو، اڃان موجود هو، پر سندس بقاءِ جو
سارو دارومدار سلطان فيروز شاهه جي ملتان جي گورنر
عـَـين الملڪ ماهـِـرُو جي مدد ۽ سهاري تي هو.
بالاخر سمن زميندارن جي طاقت ڄام انڙ جي اڳواڻي
هيٺ ايترو ته زور ٿي وئي، جو همير سومري کي ملتان
جي گورنر به بچائي نه سگهيو ۽ سندس خاتمو ٿي ويو.
سومرن جي حڪومت جون حدون:
دودي - چنيسر واري دؤر ۾ سومرن جي حڪومت جون حدون،
هيٺ ڏکڻ طرف ڪڇ تائين ۽ مٿي اندر طرف ميرپور
ماٿيلي تائين هيون. گادي جي شهر سان لاڳو پرڳڻي
واري مرڪزي اراضي خاص ’ڀونگراڻي ڀـُـون‘ سڏبي هئي(1)
، جنهن ۾ وڳ ڪوٽ ۽ روپاهه توڙي ٻنگار جا ٻارهن شهر
تڙ شامل هئا. گادي جو شهر ’وڳـه ڪوٽ‘ هو پر
’روپاهه‘ به هڪ وڏو وسندڙ ۽ وڌندڙ شهر هو.
وڳـہ ڪوٽ: ’وڳـہ‘ يا ’واڳـہ‘ آڳاٽي وقت جي هڪ
وَسين هئي، جنهن کي وڏي ڀونگر بادشاهه ۽ وڏي دودي
اَسوَد (’ڪارو دودو‘) پنهنجي گادي جو هنڌ بنايو هو(2)
. ڪن بيانن موجب، اهو لاڙ ۽ ڪڇ وارو سڄو ملڪ دلو
راءِ بادشاهه جي حڪومت جو حصو، جيڪو پوءِ پنهنجي
ناٺي دودي کي ڏنائين(3)
. وڳـہ جي بالڪل اوائلي وَسـِـئـَـن، جنهن جي
آبادي جو مدار مٺي پاڻي جي ذخيري تي هو، سو هڪ
شاهي تلاءَ ۾ ٿي گڏ ڪيو ويو. اهو تلاءَ پوئين دؤر
تائين قائم رهيو جو دودي - چنيسر جي ’ڳالهه‘ ۾
’وڳـہ يا واڳـہ جي تلاءَ‘ جو ذڪر آيو آهي(4)
. جڏهن سومرن حاڪمن جي ڪوشش سان هت درياهه جو پاڻي
پهتو ۽ واهه ۽ ڪڙيا کڻايا ويا(5)
۽ آباديون ٿيون ته وڳـہ جو شهر وڌيو. وڳـہ کي
پهريائين ’وڏي ڀونگر‘ بادشاهه پنهنجي گادي جو هنڌ
بنايو(1)
۽ وفات کان پوءِ، وڳـہ لڳ کيس ’ماروئڙي جي مقام‘ ۾
دفنايو ويو(2)
انهيءَ ڪري اهو سومرن جي قديمي
قبرستان ٿيو(3)
. ڀانئجي ٿو ته مقام جو عام نالو اهوئي هو(4)
، پر ان جو خاص نالو (مڪي شريف يا اتان جي ڪنهن
بزرگ جي نالي پويان) ’مـَـڪئي جو مقام‘ هو(5)
. ڀونگر راءِ پاڻ يا کانئس پوءِ، سندس پٽ ’دودي
اَسوَد‘ يعني ’ڪاري دودي‘ يا ’دودي ڪارونڀار‘ گجرن
جي حملن کي منهن ڏيڻ لاءِ وڳـہ ۾ قلعو قائم ڪيو.
گجرن جي شڪست کان پوءِ اندروني امن امان ۽ زرعي
آبادي جي اضافي سان سومرن بادشاهن جي گادي جو هي
شهر وڌيو ۽ ’وڳـہ ڪوٽ‘ يا ’وڳـہ ڳڙهه‘ جي نالي سان
مشهور ٿيو(6)
. ’وڏي دودي‘ فخر وچان پاڻ کي ’وڳـہ ڪوٽ‘ جو ويٺل
چوايو ۽ وڳـہ ڪوٽ کي پنهنجي گادي بنايو هو(7)
.
جيئن پوءِ تيئن وڳـہ ڪوٽ وڌندو رهيو ۽ دودي -
چنيسر جي وقت ۾ به ڄڻ اوج تي هو. دودو ۽ چنيسر
وڳـہ ڪوٽ ۾ ئي ساماڻا:
’ڀڙ پوٽا ڀونگر جا وڳـہ راڄ رهن‘(8)
دودو پڻ ’وڳـہ ڪوٽ‘ ۾ ئي گادي تي ويٺو ۽ اتي ئي
حڪومت هلايائين(9)
:
’والي وڳـہ جو سومرو، دانـہ دودو راءِ‘(10)
چنيسر دهلي ۾ ويو، ته به فخر سان پاڻ کي وڳـہ جو
ويٺل چوايائين ته:
’سنڌي آهيان سومرو، وڳـہ جو وريام‘(7)
سومرن جي دؤر ۾ راڄ ۽ قومون ۽ ٻيون رياستون:
دودي - چنيسر جي ڳالهه ۾ سومرن واري دؤر ۾ جن قومن
۽ راڄن جو ذڪر اچي ٿو، سي هيءَ هئا: ٿهيم، سما،
جاڙيجا، ابڙا، سوڍا، پنهور، ٻارڻ، تـُـونئر، سهتا،
ڀٽي، گجر، چنا، پاهوڙا (پهوڙ؟)، ڪاڇيلا، ڳاها،
لاسـِـي. ڪن روايتن ۽ راڄپرن، راڄڙن ۽ جوڻيجن جو
پڻ ذڪر اچي ٿو.
* ٿهيم. وڏي مان ۽ عزت وارو قبيلو، جو چيائون ته
سندن سردار کي پڳ ٻڌائجي (ص 467).
* ابڙا. سومرن جو خاص راڄ هئا جو پڳ واري فيصلي
وقت دودي جيڪي قاصد موڪليا، تن مان هڪڙو خاص ابڙن
ڏانهن موڪليائين:
”چوٿان اماڻيائين ابڙي ڏانهن،
جيڪو ابڙو راڄ سندان“
(ص 692)
شادي وقت پڻ ابڙن جو راڄ ڏانهن ڪوٺ ويندي هئي. (
ص588)
* ڳاها: مم ڳاهو هڪ روايت موجب دودي جو سالو هو.
(ص 464).
* پاهوڙا (پهوڙ؟): ويرم پاهوڙو سندن طاقت وارو
سردار هو، جيڪو عالادين جي لشڪر سان وڙهيو. (ص ص
286، 864).
* ٻارڻ. دودي جو صلاحڪار ٻارڻ هو، جيڪو پوءِ
بادشاهي فوج سان وڙهيو (ص 54).
* ڀٽي. پڳ جي فيصلي وقت سندن سربراهن کي به سڏيو
ويو ۽ پڻ پوءِ دودي جي پاران عالادين جي فوج سان
وڙهيا (ص ص 955، 1024، 1042، 1129)
* جاڙيجا. “ “ “ “ “
“ “
*گجر. “ “ “
“ “ “
*تئـَـونر. “ “ “ “
“ “
* راڄڙ. “ “ “ “
“ “
* چنا: پڳ جي فيصلي وقت سندن سربراهن کي سڏيو ويو
(ص ص 864، 955)
* سوڍا: سومرن سان ڀيڙا هئا، بلڪ سومرن جو لشڪر
هئا. عالادين جي حملي کي منهن ڏيڻ لاءِ، دودي جن
قومن ۽ سندن سربراهن کي سڏيو، تن ۾ سوڍا پڻ موجود
هئا (ص 1024). اسيو سوڍو، سوڍن پرمارن دودي جو يار
۽ فوج جو سپـہ سالار هو (ص 54).
* پنهور: اولهه نالي پنهور ننڍي رياست جو حڪمران
سردار ۽ دودي جو يار هو (ص ص 590 -- 589).
* سهتا: سهتن جي وڏي قوم هئي ۽ اها سومرن سان
کيرکنڊ هئي. عالادين جي چڙهي اچڻ وقت مانڌن وزير
کيس چيو ته:
”اڳيان ٻجهن هڪ سهتا ۽ ٻيا سومرا
ائين ڀانيان ڪاڙهيو پين کير“ (ص 324).
هڪ روايت موجب سهتو هڪ ننڍي رياست جو حڪمران سردار
هو (ص 1129). ٻئي بيان ۾ ڄاڻايل آهي، ته ڪن دودي
کي سـَـوائي نالي سهتي سردار ڏانهن سامن موڪلڻ جي
صلاح ڏني هئي (ص ص 487، 840).
* راڄپر: رَتو راڄپر تنهن جي هٿان چنيسر جنگ ۾
ننگر جي ٿوري لشڪر ۽ هار جو پيغام دودي ڏي چوائي
موڪليو ته هو ننگر جي مدد لاءِ وڌيڪ لشڪر موڪلي (ص
947).
* ڪاڇيلا: ڪاڇيلو نواب جنهن جي حد ۾ ڪـَـنڊِي جا
نـَـو لک وڻ هئا (ص 458).
*لاسي: يعني لس وارا جن جو سردار ’لاسي لـُـڏڻ‘ هو
(ص 550).
انهن قومن کان سواءِ، ٻيا ڀاڳ ڀان منگتا ۽ مڱڻهار
هئا. پر وڏين قومن ۾ سومرن، سوڍن ۽ سمن جو ذڪر
گڏوگڏ اچي ٿو، جنهن مان گمان نڪري ٿو، ته حڪمران
سومرا هئا پر سندن خاص امير امراء سمن يا سوڍن مان
هئا. سومرن جي حڪومت جي مرڪزي اراضي، يعني سنڌ جي
ڏاکڻي ڀاڱي ۾ سومرن، سوڍن ۽ سمن جا قبيلا ئي گڏ
آباد هئا ۽ ٻين سڀني ۾ اهي قبيلا مکيه ۽ طاقتور
هئا. چنيسر پاڻ ٿو چوي ته:
”سما، سوڍا سومرا، جن جا ڏکڻ راڄ رهن“(1)
پڳ واري فيصلي وقت پڻ ڄاڻايل ته:
”سما، سوڍا سومرا، راڄ سڀ مڙن“ (ص 14)
سومرن جي دؤر ۾ ٻيون ننڍيون رياستون:
مٿين قومن ۽ راڄن کان سواءِ، سومرن جي حڪومت واري
دؤر ۾ هيٺين ننڍين وڏين وڏين رياستن جو ذڪر اچي
ٿو:
- اولهه پنهور جي رياست (ص 590)
- سوائي سهتي جي رياست (ص ص 487، 1129)
- لاسي لـُـڏڻ جي رياست (ص 550)
- ڪاڇيلي نواب جي نوابي (ص 458)
- جکريي جاڙيجي جي ڪڇ ۾ سرداري (ص 390)
- موريي يا موريل حڪمران جي رياست (ص 1129)
- اوڍر جي سرداري (ص 458)
- ڪنڊير جي سرداري (ص 839)
- اَسيي سوڍي جي ڍٽ واري سرداري (ص 22)
- بڪار (اروڙ واري) ۾ دلوراءِ (سومري) جي رياست
(ص ص 443، 523)
انهن ننڍين رياستن ۽ سردارين کان سواءِ، ڪڇ ۾ ابڙي
سمي جي حڪمراني هئي. ابڙو سمو سڀني ۾ طاقتور هو جو
دودي پڻ ڏانهس سامون موڪليون. هو هڪ خودمختار
حڪمران هو، جو کيس ’ڄام‘ ۽ ’سلطان‘ سڏيو ويو آهي:
پيرين اگهاڙيون پنڌ ۾ ٿيون سمو ڄام پڇن
--- (ص 24)
اول جهليندو ابڙو، جيڪو سلطان سمن
(ص 280)
***
|