ڀاڱو پهريون
دودي - چنيسر جي ڳالهه
جو
تفصيلي وچور ۽ ويچار
باب پهريون
دودي چنيسر جي ڳالهه: هيئت، قدامت
۽ مختلف روايتون
”دودي چنيسر جي ڳالهه“ سنڌ جي سورهين ۽ سورمن جي
ڳالهه آهي، هتان جي ڪـُـوپن ۽ ڪـُـونڌن جي ڪٿا
آهي، ۽ سومرن جي دؤر جي ڪنڌارن ۽ ڪونڌرن جي ڪهاڻي
آهي. سورهيائي جي جڳ مشهور ڳالهين مان هيءَ هڪ
”وڏي ڳوري ڳالهه“ آهي. هيءُ سنڌ جو آڳاٽو مشهور ۽
مڃيل جنگي داستان آهي، جيڪو نه فقط ”سنڌ جي جنگ
نامي“ يا رزميه شاعريءَ جو پڻ بنياد آهي، بلڪه
دنيا جي ڪـُـوپائي ڪٿائن ۾ هڪ وڏي ڪوپائي ڪٿا آهي.
هي ڪو عام معنيٰ ۽ مفهوم وارو جنگي داستان ناهي،
بلڪه خاص ”دودن جو داستان“ آهي، هيءَ هڪ ”شاهي جنگ
جانگاه“ ۽ ”وڏو جـُـنگ - ڪيڏارو“ آهي(1)
، جيڪو پنهنجي اصليت، هيئت ۽ عام مقبوليت جي
لحاظ سان انوکو ۽ بيمثال آهي. سنڌ جي عام روايت
موجب جيئن جڳ ۾ اڍائي قلندر ٿيا، تيئن وڏا جانگاه
جهيڙا به جهان ۾ ڪل اڍائي ٿيا:
”اڍائي قلندر جڳ ۾، آهن اڍائي ڪل جهيڙا“
انهن وڏن جـُـنگ ڪيڏارن مان هڪ جهيڙو امامن وارو،
ٻيو جهيڙو دودن وارو ۽ اڌ جهيڙو باقي سڄي جهان جي
ٻين جنگين وارو(2)
.
دنيا جي مختلف ملڪن ۾ قديم زماني کان وٺي ڪي
ڳالهيون ۽ حڪايتون، صدين دوران، زباني روايتن ۽
انهن ۾ اضافن ذريعي وڌي وڻ ٿيون. ڪن ڪهاڻين کي
عقيدي طور وڌائي ويجهائي مها - ڪٿائون بنايو ويو،
ته ڪن حڪايتن کي جنگ - نامن ۽ ڪوپائي ڪٿائن جو
جامو پهرايو ويو. اهڙن قصن ۽ ڪهاڻين جي ڪن ميساريل
نشانن، نيم تاريخي ٽاڻن يا تاريخي اهڃاڻن جي بابن
۽ بيانن کي مسلسل طور سنوارڻ ۽ ساڌارڻ جي پويان
اهو جذبو ڪارفرما هو، ته ماڻهو پنهنجي ملڪ جي
مانجهين ۽ ساڻيهه جي سورمن کي ساراهين، پاڻ ۾
وطنيت جو جذبو جاڳائين، پنهنجي مستقل تاريخي ۽
ثقافتي ورثي کي ورجائين ۽ ان کي چـِـٽو ڪري
چمڪائين.
”جـُـنگ - ڪيڏاري“ يا ”ڪـُـوپائي ڪٿا“ جي هيئت:
دنيا جي مختلف قومن ۽ ٻولين ۾ رائج مثالن جي
مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو، ته ”جـُـنگ - ڪيڏاري“ يا
”ڪـُـوپائي ڪٿا“ جي هيئت ۽ قالب جا ڪم از ڪم
هيٺيان چار پهلو وڌيڪ نمايان آهن: ڳالهه جو تاريخي
يا نيم - تاريخي بڻ بنياد، صدري روايتن جو سلسلو،
پنهنجن سورهين جي ڪارنامن کي چمڪائڻ خاطر ڪرشمائي
وڌاءُ، ۽ قومي برتري ۽ وطنيت جو جذبو. دودي -
چنيسر جي جـُـنگ - ڪيڏاري جا پڻ اهي مڙئي پهلو
نشانبر ۽ نمايان آهن، ۽ انهيءَ لحاظ سان هيءُ
داستان اهڙن جڳ مشهور داستانن ۾ هڪ امتيازي حيثيت
رکي ٿو.
مختلف ملڪن ۽ ٻولين ۾ رائج رزميه داستانن ۽ مشهور
جنگنامن مان ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مس آهن، جيڪي
نيم - تاريخي يا تاريخي حيثيت رکندڙ هجن. مثلاً:
فرودسي جو ’شاهنامو‘ رزميه داستانن جو هڪ شاهي
دفتر آهي، جنهن ۾ بالڪل اوائلي ۽ قديم تاريخي دؤرن
بابت منظوم ڪيل داستان ته محض خيالي خرافات آهن،
مگر بالڪل پوئين تاريخي (ساساني) دؤر وارا داستان
به ڄڻ نيم - تاريخي افسانا آهن. انهن جي ڀيٽ ۾
دودي - چنيسر جي ڳالهه محض ڏندڪٿا ناهي، مگر سنڌ ۽
هند جي هڪ تاريخي دؤر سان تعلق رکي ٿي. مختلف ملڪن
۾ رائج ڪوپائي شاعري وارا ڪـُـهنا داستان گهڻو ڪري
سڀ بنيادي طور تي ڏندڪٿائون هيون، جن کي پوءِ ڌرمي
ويساهه يا سماجي برتري جي جذبي هيٺ وڌائي ويجهائي
”مـَـها ڪـَـٿائون“ بنايو ويو. انهن جي ڀيٽ ۾،
دودي چنيسر جو داستان هڪ تاريخي پس منظر مان
اُسريو، جنهن تي اسان هيٺ وڌيڪ تفصيل سان روشني
وجهنداسون.
ٻيو ته دودي چنيسر جي ڳالهه سيني - به - سيني
هلندڙ زباني روايت جو بهترين مثال آهي. ڪن ٻين
ڪـُـوپائي ڪٿائن وانگر هيءَ ڪنهن خاص شاعر يا
ڪـَـوِي جو منظوم ڪيل داستان ناهي، بلڪ آڳاٽي وقت
کان وٺي هيءَ ڳالهه هڪ عوامي ڳالهه طور اُسري ۽
ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مشهور ٿي. ان بعد هر دؤر ۾ ان کي
راوين زباني طور بيان ڪيو، مختلف سگهڙن ۽ شاعرن ان
کي ”نثر ۽ نظم“ واري گڏيل سٽاءَ ۾ سينگاريو،
هنرمند قصه - خوانن ان کي ڳايو ۽ وهڃايو، ۽ عوام
ان کي دل سان ٻڌو ۽ پاڻ وندرايو. هيءَ ڳالهه ڪنهن
خاص لکيت يا لکيتن جو نتيجو ناهي، بلڪ متعدد ۽
مسلسل زباني روايتن جي شهرت جو ثمر آهي. هيٺ اسان
انهيءَ سلسلي جي وڌيڪ وضاحت ڪنداسون.
ٽيون روايتي طور هن قسم جي جڳ مشهور جـُـنگ -
ڪيڏارن ۽ ڪـُـوپائي ڪٿائن ۾، سورهين جي ڪردارن ۽
ڪارنامن کي چمڪائڻ خاطر ڏند ڪٿائي مبالغي ۽
ڪرشمائي وڌاءُ کي دخل رهيو آهي، ڇاڪاڻ جو عوامي
ذهن غير معمولي ڪارنامن ۽ ڪرشمن کان ئي جلد ۽ وڌيڪ
متاثر ٿئي ٿو. انهيءَ ڪري، سـُـورمن جي سگهه ۽
سورهيائي کي عوامي سطح تي ذهن نشين ڪرائڻ لاءِ، اڻ
ٿيڻيون ڳالهيون ۽ غير معمولي ڪارناما مانجهين
ڏانهن منسوب ڪيا ويا. اهي ڪرشمائي وڌاءُ جـُـنگ -
ڪيڏاري ۽ ڪوپائي ڪٿا جا روايتي ۽ نفسياتي جـُـزا
آهن، جن سان سورمن جي ڪردار کي اُڀاريو وڃي ٿو.
ڪرشمن جو بيان انهيءَ لاءِ ناهي ته سورهين ۽ سورمن
جي حقيقي شخصيت زائل ٿئي: ڪرشما سورمن جي هيبت،
حشمت ۽ طاقت جي ڏيکاءُ کي ڄڻ ڏهوڻو ڪن ٿا، ۽
اهڙيءَ طرح ڪوپائي ڪٿا جو روايتي مقصد پورو ڪن ٿا.
ڪرشمن جي بيان جي باوجود سورمن جي حقيقي شخصيت
پنهنجي جاءِ تي قائم رهي ٿي.
دودي - چنيسر جي هن جـُـنگ - ڪيڏاري ۾ پڻ سورهين
جي ڪردارن کي عوامي سطح تي چمڪائڻ خاطر ڪن ڪرشمن ۽
سندن غير معمولي ڪارنامن کي بيان ڪيو ويو آهي،
جيڪو ڪوپائي ڪٿا جو هڪ لازم ملزوم جـُـز آهي.
ڪرشمن جا مثال اهي آهن، جو سومرن جي وڏي ڏاڏي عرف
”واڇري“ کي واءُ اُڏائي آندو، وڏي دودي هڪ کنو ڏٺو
جنهن پاڻمرادو نانگ ماريو، دودي کنو کنيو ۽ نديءَ
۾ هنيو ته پاڻيءَ جاءِ ڏنس، وڏي دودي توڙي چنيسر
مقابلي وقت شينهن سان ڳالهايو، شينهن ۽ شينهڻ پاڻ
۾ به ڳالهايو، ڪتن ڳالهايو، پکين ڳالهايو ته جي
چنيسر هن وڻ مان لڪڻ ڀڳو ته ڪامياب ٿيندو، ننگر ۽
ڀونگر جڏهن جنگ تي چڙهيا ته سندن گهوڙن ڳوڙها
ڳاڙيا، چنيسر توڙي ننگر ۽ محمد جي گهوڙن ڳالهايو،
دودي جي گهوڙي توڙي محمد جو گهوڙو اُڏامندا هئا،
وغيره وغيره
(1).
سورمن جي غير معمولي ڪارنامن جا اهي مثال جو وڏي
دودي سڪر ديو کي ماريو، پوءِ گـُـرڙ پک کي ماريو،
چنيسر شينهن ماريو، هن ”گور“ کي جهليو ۽ پڻ
آدمخور ۽ مست اُٺ کي ماريو، دهلي ۾ چنيسر پهريائين
راڪاس ماريو ۽ پوءِ بادشاهه جي مـَـڪني هاٿي کي
ماريو(2).
چوٿون ته دنيا جي ٻين ڪوپائي ڪٿائن وانگر هن
جـُـنگ - ڪيڏاري ۾ پڻ قومي برتري ۽ وطنيت جو جذبو
سمايل آهي. مثلاً:
سک وسي سنڌڙي، سکن سندو ڏيهه
(ص 72)
-
سدا وسي سنڌڙي، جتي ولين جا ميڙا
(ص 72)
-
سنڌ وسي شهباز جي، جنهن جا ظاهر پير فقير
(ص 660)
-
ساراه ڪريان دوداڻين جي، سڻي جڳ سارو(3)
-
سنڌ ملهائيندا سومرا، جاسين هوندن ساه
(ص 899)
-
وڳهه قلعو قادر جو، جنهن کي لڳي نه ڪوسو واءُ
ڀلي ته دودا ڄائيين، تنهنجي نچ ويائي ماءُ
(ص 864)
-
سورهيه سڄن ٿا سومرا، جي وڳـہ راڄ رهن
(ص 124)
-
سورهيه ننگر سومرا، ڪيهر شينهن ڪنڌار
(ص 134)
-
سنڌ جا سورهيه سومرا، پيا ويريءَ ساڻ وڙهن
(ص 1180)
-
ڏجئين سوڀ سچا ڌڻي، سومرا سرسي ڪن
(ص 148)
-
ڳالهه جي قدامت:
دودي - چنيسر جي ڳالهه جيڪا سنڌ ۽ ان سان لاڳو
ايراضين (ڪڇ، جيسلمير، ٻاهڙ مير، رحيم يار خان ۽
ڀاڳ ناڙي ۽ سبي) ۾ پوئين دؤر ۾ رائج رهي آهي ۽ پڻ
هن دؤر ۾ هلندڙ آهي، سا پنهنجي بنيادي سٽاءَ ۽
واقعات جي لحاظ سان ساڳي ڳالهه آهي، جيتوڻيڪ ان جي
مختلف روايتن ۽ زبانين ۾ آيل ڪن ٽاڻن ۽ اهڃاڻن ۾
فرق آهي. هيءَ ڳالهه انهيءَ سٽاءَ سان ڪڏهن کان
شروع ٿي، سو خاطري سان چئي نٿو سگهجي: البت اها
ڳالهه ڪيتري وقت کان وٺي عام مشهور ٿي ڳائجي رهي
آهي، ان جو اندازو ان جي هيٺين روايتن تي ويچار
ڪرڻ سان لڳائي سگهجي ٿو.
- ميين شاهه عنات (وفات: 1120 - 1125 هه/1713ع)،
شاهه عبداللطيف (وفات: 1165هه/1752ع) ۽ سندن ڪن
معاصرن جي بيتن ۾ آيل مکيه اهڃاڻ (عالادين جو
چڙهڻ، دودي جو نه دهلجڻ، ابڙي سمي جو سامون جهلڻ)
ساڳيا موجوده دؤر ۾ هلندڙ ڳالهه وارا آهن، جنهن جي
معنيٰ ته ميين شاهه عنات جي حياتي واري دؤر کان
وٺي، يعني ته 17 - صدي عيسوي جي پوئين اڌ (1650ع -
1700ع) کان وٺي، شاهه عبداللطيف جي حياتي تائين
يعني ته 18 - صدي جي پهرئين اڌ (1752ع) تائين هيءَ
ڳالهه انهيءَ ساڳي سٽاءَ سان هلندڙ هئي.
- حاجي يوسف ڀان واري روايت (ص 42) جو شاعر سگهڙ
”سامي“ نالي (مسلمان ڀان) آهي. اها ڳالهه حاجي
يوسف ڀان جي بياض تان اتاري ويئي. حاجي يوسف 1864ع
۾ ڄائو ۽ 1942ع ۾ وفات ڪيائين. انهيءَ جي معنيٰ ته
اها گذريل صدي جي آخر ۾ حاجي يوسف پنهنجي بياض ۾
قلمبند ڪئي. حاجي يوسف ڀان جي پٽ فقير علي محمد
ٻڌايو ته اسان جا وڏا اهائي ڳالهه ڳائيندا هئا ۽
اهي ئي بيت ڳاهن طور چوندا هئا، جنهن جي معنيٰ ته
حاجي يوسف جا وڏا اها ڳالهه ڳائيندا هئا. انهيءَ
لحاظ سان هيءَ روايت پڻ سنه 1800ع کان اڳ جي آهي.
سامي شاعر يقيني طور اڃان به اڳ ٿي گذريو، ڇاڪاڻ
ته سندس بيتن جي زبان آڳاٽي ڪلاسيڪي دؤر (15 -
صدي؟) واري آهي، جيتوڻيڪ ان ۾ ڪي بيت يا ڪي سٽون
پوءِ ٻين سگهڙن ۽ راوين ڳنڍيون(1).
- منشي اڌارام جي ڇپايل ڳالهه (ص 12) جيڪا هن ڪنهن
سگهڙ کان ٻڌي، لکائي ۽ پوءِ 1881ع ۾ ڇپائي، تنهن
جون ڳاهون پڻ ڪلاسيڪي دؤر واريون آهن، جيتوڻيڪ خود
منشي اڌارام يا ڪنهن ٻئي هن ڳالهه ۾ آيل ڳاهن جي
آخر ۾ پنهنجي طرفان هڪ سٽ ڳنڍي هر ”ڳاهه“ کي ”بيت“
بنائي ڇڏيو آهي.
- صابر نوحاڻي واري روايت (ص 158). هيءَ ڳالهه
گلشير نوحاڻي (1850ع - 1920ع) جوانيءَ واري دؤر ۾
سکي. هن ڳالهه جو شاعر ”مومڻيو“ آهي. ڪن ڳاهن جي
زبان ۽ اسلوب بيان مان معلوم ٿئي ٿو، ته اهي ڪافي
آڳاٽيون (غالباً 16 يا 17 صديءَ جون) آهن، حالانڪه
هن روايت جي بيتن ۾ پڻ پوءِ ٻين سگهڙن ۽ راوين
اضافا پئي ڪيا آهن.
- بودن فقير ڀنڀري واري ڳالهه (ص 257)، وڏيري فضل
ڀنڀري سنه 50 - 1840ع ڌاري نـِـمري فقير ڀنڀري کان
سکي، جنهن جي معنيٰ ته هيءَ ڳالهه اندازاً 1800ع
کان وٺي هلندي آئي آهي. هن ڳالهه جو شاعر ”ميرو“
نالي آهي، جيڪو غالباً 1800ع کان اڳ ٿي گذريو. هن
روايت جي اصل بيتن ۾ پوءِ ٻين سگهڙن ۽ راوين اضافا
ڪيا آهن.
- حيدرآباد تر جي مراثين واري روايت (ص 881)، هيءَ
ڳالهه ميراثين فقيرن ۾ ٽالپورن اميرن جي دؤر کان
وٺي ورثي طور هلندي آئي آهي ۽ ان جو سلسلو گذريل
صديءَ جي شروع تائين پهچي ٿو.
- ڪنڊياري طرف جي روايت، جيڪا واحد بخش ڄامڙي جي
ڳالهه (ص 465) توڙي غلام حسين ڪلهوڙي جي ڳالهه (ص
489) جو بنياد آهي، سا گذريل صديءَ ۾ سنه 1890ع
کان اڳ خانواهڻ طرف هلندڙ هئي. واحد بخش ڄامڙي
واري ڳالهه ۾ ڪي ڳاهون آڳاٽي وقت جون ٿيون لڳن، ۽
انهيءَ لحاظ سان شايد هيءَ روايت گذريل صديءَ کان
به اڳ جي هجي.
- هاشم ڀنڀري واري روايت (ص 438). هيءَ ڳالهه الله
رکئي ڀنڀري (1850ع - 1925ع) سندس استاد کاجيني
جوڻيجي کان سکي، جنهن جي معنيٰ ته هن ڳالهه جو
سلسلو گذريل صديءَ جي پهرئين اڌ تائين پهچي ٿو.
- احمد خان نظاماڻيءَ جي روايت (ص 858) جو سلسلو
اندازاً گذريل صديءَ جي اڌ تائين پهچي ٿو.
هيٺين روايتن جو سلسلو يقيني طور گذريل صديءَ
تائين پهچي ٿو:
* فقير عبدالستار مهر واري ڳالهه جي شروع ۾ (ص
314)، هن ڳالهه جي اڳين راوين بابت ڪيل وضاحت مان
معلوم ٿيندو ته هيءَ روايت گذريل صديءَ کان هلندي
اچي.
* وارهه تعلقي جي گرگيجن جي روايت (ص 439). بهادر
مير بحر هيءَ ڳالهه 1910ع ڌاري يا ٿورو اڳ سنجر
گرگيج کان سکي، جيڪو ان وقت سٺ سالن کن جو هو، ۽
اهڙيءَ طرح هيءَ روايت گذريل صديءَ تائين پهچي ٿي.
* بادل ڪوريءَ جي روايت (ص 659). بادل ڪوري هيءَ
ڳالهه هن صديءَ جي شروع ۾ موسي خاصخيليءَ کان سکي،
جنهن ان کان اڳ ٻئي ڪنهن کان سکي، ۽ انهيءَ لحاظ
سان هن ڳالهه جو سلسلو گذريل صديءَ تائين پهچي ٿو.
* ڌڻي بخش ۽ ڇـُـٽي ميربحرن جي روايت (ص 690).
اُهي هيءَ ڳالهه صفر ميربحر (1870 - 1950ع) کان
سکيا، جنهن جو استاد اڃان اڳ هو. انهيءَ لحاظ سان
هن ڳالهه جو سلسلو گذريل صديءَ تائين پهچي ٿو.
* علي محمد خان لغاريءَ جي روايت (ص 771). علي
محمد هيءَ ڳالهه پنهنجي والد سوني خان لغاريءَ کان
سنه 915ع ڌاري سکيو. سونو خان وڏي عمر جو ماڻهو هو
۽ سنه 1850ع ڌاري ڄائو. انهيءَ لحاظ سان هن ڳالهه
جو سلسلو گذريل صديءَ تائين پهچي ٿو.
*
دودي مهاڻي جي روايت (ص 858) جو سلسلو به گذريل
صديءَ تائين پهچي ٿو.
*
ميرپورماٿيلي جي مـَـلڪن وارين روايتن (ص ص 360 -
412)، يار محمد ماڇيءَ جي روايت (ص ص 790 - 847)،
جمعي مهاڻي جي روايت (ص ص 848 - 857) ۽ ٻين ڪن
روايتن جو سلسلو هن صديءَ جي شروع تائين پهچي ٿو.
مٿئين تفصيل مان هن نتيجي تي پهچجي ٿو ته دودي -
چنيسرجي ڳالهه، جيڪا موجوده دؤر ۾ هلندڙ آهي، سا
ڪم از ڪم 17 صديءَ جي پوئين اڌ کان وٺي عام مشهور
رهي آهي، ۽ 18 صديءَ کان وٺي ويندي اڄ تائين ڳائجي
پئي.
ڳالهه جي روايتن ۾ اختلاف:
دودي - چنيسر جي هيءَ ڳالهه ساڳي بنيادي سٽاءَ سان
اندازاً
گذريل ٽن سون سالن کان وٺي هلندي آئي آهي. انهيءَ
وڏي عرصي ۾ ان کي جدا جدا راوين ۽ شاعرن منظوم
ڪيو، جدا جدا راوين بيان ڪيو، مختلف ڳالهه کڻندڙن
پنهنجي رنگ ڍنگ سان ان کي ڳايو، ۽ ڪيترن ئي سگهڙن
۽ سـُـيـَـن ان کي زباني طور وهڃايو. هر راوي ۽
شاعر توڙي هر ڳالهه کڻندڙ ۽ ڳائيندڙ جي ڪڇ وهٽ ۽
گهڙ ڀڃ پنهنجي پنهنجي هئي، ۽ پڻ ٻولي ۽ طرز ادا
پنهنجي پنهنجي هئي. انهيءَ ڪري ڳالهه جي مختلف
روايتن ۽ بيانن ۾ فرق آيو: يعني ته جيتوڻيڪ ڳالهه
جي بنيادي سٽاءَ ساڳي رهي، پر ڪن ٽاڻن جي تفصيلي
بيان ۾ وچور ۽ فرق پيدا ٿيو. ان کان سواءِ،
هن ڳالهه جي هر ڪا روايت لکيت ۾ نه پر يادگيري طور
هلندي آئي. جڏهن ننڍن پنهنجن وڏن کان زباني طور
ڳالهه سکي ۽ ياد ڪئي ته، تڏهن سندن ويسر، ڀـُـل
توڙي ذهني ڪچائيءَ سببان ڳالهه جا ڪي ٽاڻا وسري
ويا، ته ڪي ٻيا وري غلط نموني ۾ ياد رهيا. انهي
ڪري وقت گذرڻ سان روايتن ۾ نقص ۽ اوڻايون پيدا
ٿيون. هيٺ اسان انهن اختلافن ۽ اوڻاين جو وچور
ڏينداسون، انهيءَ لاءِ ته پڙهندڙ کي هن ڳالهه جي
بنيادي ۽ بهتر صورت سمجهڻ ۾ سولائي ٿئي.
(الف)
ڳالهه جي بنيادي سٽاءَ، دودي ۽ چنيسر جي پڳ تان
تڪرار واري واقعي کان شروع ٿي، ۽ ابڙي سمي جي سامن
جهلڻ ۽ سر ڏيڻ ۽ عالادين جي واپس وڃڻ واري مرحلي
تي ختم ٿئي ٿي. مگر ڪن روايتن جي شروع ۾ اڃان به
هڪ وڌيڪ مرحلي جو تفصيل شامل آهي: يعني ته دودي -
چنيسر کان اڳ واري دؤر جو بيان ڏنل آهي، جنهن ۾
خاص طرح وڏي دودي جي ڪارنامن ۽ سومرن ۽ گجرن جي
جنگ جو ذڪر آهي. اهڙيون روايتون جن م دودي - چنيسر
کان انهيءَ اڳ واري دور کان وٺي ويندي ابڙي سمي جي
آخري جنگ ۽ عالادين جي موٽڻ تائين سربستو بيان
موجود آهي، سي هن ڳالهه جون ڄڻ
”تفصيلي
روايتون“
آهن.
ٻيون اهي روايتون جن ۾ ڳالهه جي بنيادي خاڪي يعني
دودي - چنيسر جي پڳ تان نزاع کان وٺي ابڙي سمي جي
سر ڏيڻ ۽ عالادين جي موٽڻ تائين سربستو بيان موجود
آهي، اهي پڻ هن ڳالهه جون
’پوريون
روايتون‘
چئي سگهجن ٿيون. موجوده تحقيق دوران اهڙيون جملي
چوڏنهن
’پوريون
روايتون‘
دستياب ٿيون آهن(1).
انهن کان
سواءِ
ٻيون روايتون اهڙيون آهن، جيڪي دودي جي جنگ يا ان
بعد محمد ۽ هاسي سوڍي جي جنگ تي ختم ٿين ٿيون، مگر
انهن ۾ ابڙي سمي جي جنگ جو ذڪر ڪونهي. جن اهي
روايتون سٽيون، تن پڻ پنهنجي ڄاڻ ۾ ڄڻ ڳالهه پوري
ڪئي، ڇاڪاڻ ته پوئين ويجهي دؤر ۾ دودي ۽ خاص طرح
ننگر جي جنگ تي وڌيڪ توجهه رهيو، جنهن ڪري ابڙي
سمي جي جنگ سان خود سگهڙن ۽ شاعرن يا ٻڌندڙن جي
ايتري دلچسپي نه رهي. هن هلندڙ دؤر جي ڪچهرين ۾ پڻ
اسان ڏٺو آهي، ته
ٻڌندڙن جو توجهه دودي جي جنگ کان به وڌيڪ ننگر جي
جنگ ڏانهن پئي رهيو آهي ۽ ڪيترين ڪچهرين ۾ ڳالهه
کڻندڙن
’ننگر
جي جنگ‘
تي
ئي ڳالهه کي ختم پئي ڪيو آهي. مگر مختلف روايتن جي
مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته آڳاٽي دؤر ۾ غالباً فقط
دودي جي جنگ ۽ پوءِ ابڙي سمي جي جنگ جو ذڪر هو.
سامي شاعر جي ڳاهن ۾ پڻ ائين آهي، ۽ ننگر جو نالو
ئي ڪونهي. ننگر ۽ ٻين جا نالا راوين غالباً
پوءِ آندا. آڳاٽين روايتن مان، ننگر جي جنگ ۽
مارجڻ جو ذڪر پهريائين منشي اَڌارام واري لکايل
ڳالهه ۾ ملي ٿو. ان بعد صابرنوحاڻي واري روايت ۾
ننگر توڙي ٻين گهڻن جا نالا آندل آهن.
(ب)
ڳالهه جي سٽيندڙن مان هر سگهڙ ۽ شاعر پنهنجي
پنهنجي ذوق موجب ڳالهه جي ڪنهن نه ڪنهن خاص ٽاڻي
کي وڌيڪ تفصيل سان پئي بيان ڪيو آهي. مثلاً: ڪن
چنيسر جي دهليءَ ڏانهن وڃڻ دوران ۽ دهلي ۾ رهڻ
واري وقت ۾ ڪيل ڪارنامن کي ڊگهو ڪيو آهي، ته ڪن
وري عالادين جي سنڌ ڏانهن چڙهائي، سندس فوج جي
گهڻائي، ۽ ننگر ۽ دودي کان اڳ جيڪي ان فوج سان
وڙهيا تن جي لڙائي کي ڊگهو ڪيو آهي. ننگر جي جنگ
کي اڪثر راوين وڌيڪ ڳايو آهي. ڪن وري دودي جي جنگ
کي، ڪن محمد جي جنگ کي، ته ڪن هاسي سوڍي جي جنگ کي
وڌيڪ
ڊگهو
ڪيو آهي، ته ٻين وري دودي کي گهڻو ۽ باقي ٻين کي
گهٽ ڳايو آهي. ڳالهه جي ٽاڻن جو سلسلو پڻ مختلف
روايتن ۾ مختلف نموني ۾ ڏنل آهي. مثلاً: ڪن
روايتن ۾ دودي جي جنگ اڳ ۾ ۽ محمد جي جنگ پوءِ
آهي، ته ڪن ۾ محمد ۽ هاسو سوڍو اڳ ۾ وڙهن ٿا ۽
دودو پوءِ چڙهي ٿو. اهڙيءَ
طرح
جدا جدا روايتن ۾ ڳالهه جا ٻيا ڪي جزئياتي تفصيل
پڻ جدا جدا نموني سان آيل آهن.
(ج)
ڳالهه جو مرڪزي خاڪو جيتوڻيڪ مڙني روايتن ۾ ساڳيو
آهي، مگر ڪن مکيه ٽاڻن جي وچور ۽ بيان ۾ اختلاف
آهن، اهڙا مکيه ٽاڻا هي آهن:
-
هڪڙين روايتن مطابق دودو ۽ چنيسر ٻيئي ڀونگر راءَ
جا پوٽا ۽ دودي جا پٽ هئا، ته ٻين روايتن موجب
ڀونگر راءَ جا پٽ هئا(1).
-
هڪڙين روايتن موجب عالادين دهليءَ
مان چڙهيو ته اچي
”بڪار“ ۾
لٿو ته ٻين روايتن موجب هو اچي
”ٻنگار“
۾
لٿو. جاگرافيءَ
جي
لحاظ سان
’بڪار‘
اتر طرف ته
’ٻنگار‘
لاڙ ۾ آهي(2)
.
-
هڪڙين روايتن موجب عالادين جڏهن چڙهي آيو ته دودو
’روپاه‘ ۾
هو ۽ ڄڻ گاديءَ
جو
شهر ئي
’روپاهه‘
هو، ته ٻين روايتن موجب دودو
’وڳهه
ڪوٽ‘
۾
هو ۽ اهو ئي گاديءَ
جو
شهر هو.
-
هڪڙين روايتن موجب چنيسر جو پٽ ننگر ۽ دودي جو پٽ
منگر گڏجي جنگ تي چڙهيا ۽ وڙهيا(1)
ته
ٻين روايتن مطابق ننگر ۽ دودي جو پٽ ڀونگر گڏجي
چڙهيا ۽ لڙيا
(2)
.
اهڙيءَ طرح هڪڙين روايتن ۾
’ننگر
۽ منگر جي جنگ‘
ته
ٻين ۾
’ننگر
۽ ڀونگر جي جنگ‘ جو
بيان آهي(3)
.
-
هڪڙين روايتن موجب وڏيون جنگيون روپاه جي ڀرسان
لڳيون ته ٻين بيانن موجب وڳهه ڪوٽ لڳ ٿيون.
-
هڪڙين روايتن موجب دودي جي مرڻ کان پوءِ چنيسر به
اچي بگڙيو ۽ پوءِ وڙهيو ۽ ماريو، ته ٻين روايتن
موجب دودي جي مرڻ بعد هو ويندي ڪڇ تائين عالادين
سان گڏ رهيو، ۽ جڏهن ابڙو سمو مـُـئو،
تڏهن
چنيسر بگڙيو، وڙهيو ۽ ماريو.
-
ابڙي جي مارجڻ کان
پوءِ پويان ڪو ننڍڙو ٻار تنجڻن ۾ هو، جنهن جي نالي
سان عالادين کي جنگ جو دڙڪو ڏنائون. هڪ روايت موجب
اهو ٻارڙو ڀونگر راءِ هو، جيڪو دودي جو پٽ هو(4)
،
ٻي روايت موجب ننگر جو پٽ هو(5)
،
ٽئين مطابق هو محمد جو پٽ هو(6)
، ۽
اڃا به ٻين ٻن روايتن موجب هو ابڙي جو پٽ هو(1)
. ڪن
ٻين روايتن موجب اهو ٻارڙو ڀونگر راءِ
هو، جيڪو دودي جو پٽ هو(2)
،
يا وري محمد جو پٽ هو(3)
.
روايتن ۾ نقص ۽ اوڻايون:
ڪن
روايتن ۽ ڳالهه کڻندڙن جي ويسر ۽ ڀـُـل، ڪن نون
سکندڙن ۽ لکندڙن جي بيجا عقلمندي، يا وري ڪن راوين
جي اڻڄاڻائيءَ
سببان
ڪن روايتن ۾ نقص ۽ اوڻايون رهجي ويون، جن کي ذهن ۾
رکڻ ضروري
آهي.
(الف)
ملڪ جي هر ڀاڱي ۾ هن ڳالهه جي مقامي روايت سيني به
سيني هلندي آئي آهي: يعني ته جتي ڪٿي ننڍن هي
ڳالهه وڏن کان سکي، ۽ ٻالڪن اُستادن کان سکي.
ڳالهه سکڻ وقت ڪن کي ڪي لفظ ۽ بيان سمجهه ۾ نه
آيا، ته ڪن وري ڳالهه جا ڪي ڀاڱا ياد ڪيا ۽ ٻيا
کانئن رهجي ويا، يا جي ياد ڪيائون ته پوءِ وسري
ويا. انهيءَ ڀـُـل ۽ ويسر سببان، ڪن روايتن ۾ ڳاهن
۽ بيتن جون سٽون کٽل آهن، ته ڪي روايتون ماڳهين
اڻپوريون رهجي ويون آهن، يعني ته اهي منڍ ۾، وچان
يا آخر ۾ کٽل آهن. مثلاً: تاج
محمد جي بيتن واري روايت شروع ٿي عالادين جي چڙهڻ
سان ٿئي
ٿي. يار محمد ماڇي واري روايت ۾ چنيسر جي دهلي
پهچڻ ۽ اتي رهڻ وارو بيان وچان غائب آهي ۽ ڳالهه
جو سلسلو وري عالادين جي چڙهي اچڻ ۽ ننگر جي جنگ
لاءِ سنڀرڻ سان اڳتي هلي ٿو(4)
. ڪن
پوين سکندڙن جي ذهني ڪچائي ۽ ڀـُـل سببان ڪن ڳاهن
۽ بيتن ۾ ڪچايون رهجي ويون آهن.
مثلاً:
رمضان جوکيي، محمد ملڪ ڪوري ۽ يار محمد ماڇي وارين
روايتن جي بيتن ۾ نسبتاً
گهڻيون ڪچايون آهن. يار محمد ماڇي واري روايت جو
اصل شاعر ڪو وڏو ملوڪ هو ۽ سهڻا بيت چيائين، پر
پوين سکندڙن اهي کاري ڇڏيا(5)
. ڪچهرين
۾ اسان ڏٺو ته هن موجوده دؤر جي نسبتاً
ننڍي عمر وارن سگهڙن ۽ ڳالهه کڻندڙن جي بيان ۾
گفتي جي پڪائي ۽ بيان جي ملوڪت بدران ڪچائي ۽
ڪوتاهي البت وڌيڪ اچي وئي آهي.
(ب) ڪن
پوين سکندڙن ۽ لکندڙن پاڻ کي وڌيڪ عقلمند سمجهي اڳ
هلندڙ روايتن ۾ پنهنجي طرفان گهڙ ڀڃ ڪئي، بلڪ
احمقانه اضافا ڪيا. اهڙي گهڙ ڀڃ جو هلڪو مثال اهو
آهي جو بادل ڪوري واري روايت ۾ عالادين جي وزير يا
سپهه سالار جي اڳ هلندڙ نالي
’
نظر بيگ‘
کي
ڀڃي ٻه جدا نالا ڪيا ويا آهن، هڪ
’نظر‘
۽
ٻيو
’بيگ‘(1)
.
اجائي احمقانه اضافي جو وڏو مثال اهو آهي جو منشي
اَڌارام جڏهن هي ڳالهه لکائي ته ان ۾
’ڳاهون‘
هيون، جن کي
’ناقص
بيت‘
سمجهي،
هر ڳاهه جي آخر ۾ وچين قافيي جي وراڻي سان هڪ سٽ
وڌائي وئي، ۽ اهڙي طرح هر
”ڳاهه“
کي
ڄڻ
’درست‘
ڪري
’سهڻو
بيت‘
بنايو
ويو. حقيقت ۾ اهڙي بيجا
’ڳاهن‘
جي
اصلي ۽ اوائلي سٽاءَ کي پوئين دؤر جي
’بيت‘
جي
صورت ۾ بدلائي ڇڏيو(2)
.
(ج)
پوئين دؤر جي ڪن شاعرن يا ڳالهه کڻندڙن پنهنجي
ذهني ڪچائي سببان، سنڌ جي سماجي قدرن جي برعڪس،
بيان جي سهڻائي کي هٿان ڇڏي ڪي کارا لفظ ڪم آندا.
مثلاً:
ننگر ڪاوڙجي پڻس چنيسر کي چئي ٿو:
ٿُڪ
چنيسر لعنتي، تون واتان ڪيم وڃاءِ
پـُـٺ ڪريئين ٿو پڌري،
آهي
لوهر تنهنجي ما
ِّ.
نسبتاً
پوئين دؤر جي روايتن ۾ ئي اهڙا کارا لفظ آندل آهن.
سنڌ جي سهڻي اخلاق جي لحاظ سان، اهو ننگر جي لائق
ٿي نٿو سگهي جو پيءَ کي ائين چئي. پوئين دؤر جي ڪن
ٻين ڳالهه سـِـٽيندڙن وري دودي جي واتان چنيسر کي
کارا لفظ چوايا آهن. مثلاً:
لڙي وڃ پٽ لوهاري جا، منهنجي اکين جي مهندا
نه ته ڏيئي لت چڏن تي،
چيري ڪڍئين نه ساه
توکي عقل
اڱارن جو،
آيو
سـِـڪ سنداڻن ساء
مرد وڙهن ميدان ۾،
پوي سانهن جو به سماء
ست
زهون اٿئي سـِـيڱ کي، جيڪا ڪاهين وڃي ڪاه
پيِّ چاڙهي آءُ پانهنجو، پنهنجي آڇي لوهر ماء
هاڻي سنڌ ترارين وچ ۾، جيڪو کٽي سو کاء
آهــن
ســوڀــون وس ســتــار جــي، جــن ڏيـاري پاڻ الله(1).
هن
’ڊگهي
بند‘ ۾ 1، 2 ۽ 6 سٽون
پوين ڳالهه کڻندڙن وڌايون آهن، ۽ فقط ٽي (2، 5 ۽
7) يا چار (2، 5، 7
۽8) سٽون
اصلوڪي ڳالهه واريون آهن. اصلي شاعر غالباً
دودي جي واتان چنيسر کي وڌ ۾ وڌ اهي الفاظ چوايا
جيڪي 3 ۽ 5 سٽ ۾ آهن،
۽
اهي به جيتوڻيڪ ڏکيا آهن، پر ڍڪ ۽ پردي وارا آهن.
’اڱارن‘
ڏانهن
اشارو ڪافي هو. باقي 5 سٽ ۾ وڏي سهڻي ۽ مثالي
ڳالهه چئي وئي ته: اي چنيسر! تنهنجي ڪماڻ تي ڀل ته
هڪ زهه بدران ست زهون هجن (جو تون ست تير ساڳئي
وقت هڻي سگهين)، ته به جيڪي ڪرڻو هجئي سو وڃي ڪر.
بيتن ۾ کارا ويڻ نسبتاً
پوئين دؤر جي ڳالهه کڻندڙن پنهنجي بيانن ۾ وڌائي
آندا آهن(2)
۽ آڳاٽين
روايتن ۾ موجود ناهن.
(د)
ڪن راوين محض پنهنجي اڻ سڄاڻائي سببان ڪي اهڙا لفظ
آندا آهن، نالا کنيا آهن، لقب ڄاڻايا آهن، يا ٻيا
ڪي اشارا ۽ اهڃاڻ ڏنا آهن، جيڪي حقيقت جي خلاف
آهن: مثلاً:
- ”سومرن“
کي
’سمو‘
ڪيو
ويو آهي، شاعر مستي رند پنهنجي بيتن واري پوري
روايت ۾
’سومرن‘
کي
’سمو‘ ڪري
سڏيو آهي(1)
. ڪن
ٻين روايتن ۾ پڻ قوم ۽ قبيلي جي نالي واري اها
غلطي موجود آهي: نه فقط دودي يا چنيسر کي
’سمو‘
سڏيو
ويو آهي. پر چنيسر جي واتان ائين پڻ چوايو ويو آهي
ته هو
’سوڍو
سومرو‘
آهي(2)
. حالانڪ
سومرن جو قبيلو سمن توڙي سوڍن کان الڳ آهي.
- عالادين
۽ سندس عملي کي ڪٿي ترڪ، ڪٿي غوري، ڪٿي مغل، ته
ڪٿي پٺاڻ سڏيو ويو آهي(3)
. ڪٿي
بلوچن کي سندن لشڪر ڪري ڄاڻايو ويو آهي(4)
.
ٻاهڙ مير طرف وارين روايتن ۾ بيجيراءِ (ڀاٽي)
کي عالادين جو ڀاءُ بنايو ويو آهي(5)
. (اهو
غالباً
انهيءَ لحاظ سان جو جيڪڏهن عالادين چغدو آهي ته
پوءِ سنڌ جي نسبنامي جي هڪ آڳاٽي روايت موجب
’چغدو‘
۽ ’ڀاٽـِـي‘
ڀاءُ آهن).
- قبيلن
توڙي حاڪمن جا
’لقب‘
پڻ ڪٿي ڪيئن ته ڪٿي ڪيئن آندا ويا آهن. مثلاً:
سومرن
کي ڪٿي
’راءُ‘
ته
ڪٿي
’ڄام‘
جي
لقب سان سڏيو ويو آهي، جيئن ته دودو ڄام، چنيسر
ڄام، ننگر ڄام(6)
. حالانڪ
’ڄام‘
سمن
جو ئي خاص لقب آهي. نه فقط ايترو، پر چنيسر کي
’خان‘ جي
لقب سان
’چنيسر
خان‘
پڻ چيو ويو آهي(1)
، ۽
دودي کي
’سمو‘، ’تماچي‘ توڙي
’ٻاروچل‘
سڏيو
ويو
آهي(2)
. ساڳيءَ
طرح بنا امتياز جي عالادين کي پڻ
’ڄام‘
چيو ويو آهي(3)
.
- ’علاؤ
الدين‘
نالو آڳاٽي دؤر کان وٺي سنڌ جي عوام ۾
’عالادين‘
جي
صورت ۾ اُچارجڻ لڳو، جيڪو مقامي سنڌي لهجي موجب
”آرادين“
ٿيو. سمن جي نسبنامي ۾
’آرادين‘
(نالو)
توڙي
’آرادين
جا‘
(نـُـک)
ٻئي مشهور آهن. ڳالهه جي ڪن بيان ڪندڙن،
’علاؤ
الدين‘
نالو اڃا به ٻيءَ طرح ڦيرائي عالاوَندي،
عالابـَـندي، يا
’عالادي‘
ڪري
آندو(4)
.
اهي اُچار مقامي سنڌي لب و لهجي يا محاوري جو
نتيجو ناهن، پر زبان جي ڪچائي سببان آهن.
’علاؤالدين‘
مان
’عالاوَ
دين‘
ٿيو جنهن کي پوءِ
’عالابـَـندي‘
سڏيو
ويو. ٻئي طرف وري
’علاؤ
الدين‘
مان
’عالادين‘
ٿيو، جنهن کي اڃا به وڌيڪ ڪچائي سان
’عالادي‘
ڪيو
ويو. ڪن جزوي اڻ پڙهيل راوين جي زبان جي انهي
ڪچائي کي ڪن اڌ - پڙهيلن سندن پنهنجي اڻ ڄاڻائيءَ
سببان
لکيت ۾ آڻي ڇڏيو. مثلاً:
هن ڳالهه جا ڪي بيت
’شاهه
جي رسالي‘
جي
’سر
بلاول‘
۾ شامل
آهن، جيڪي
’عالادين
آئيو‘ سان
شروع ٿين ٿا، پر ان وقت جي لکندڙن ائين لکڻ بدران
’عالاوندي
آئيو‘
يا
’عالابندي
آئيو‘ ڪري
لکيو. ساڳيءَ طرح منشي اَڌارام گذريل صدي ۾ جڏهن
هيءَ ڳالهه لکائي ته بيان ڪندڙ جي ڪچي اُچار
’عالادي‘ کي
ويتر وڌيڪ ڪچو بنائي
’اَلادي‘
ڪري
لکيائين. اسان 1951ع - 1976ع واري دؤر ۾ هن ڳالهه
جون جيڪي به روايتون ٻـُـڌيون تن ۾ سواءِ ڪن هڪ -
ٻن جي ٻين سڀني سگهڙ روايتن ۽ ڳالهه کڻندڙن هي
نالو
’عالادين‘ ڪري
پئي اُچاريو. اسان پڻ اهو ئي اُچار قائم رکيو آهي،
ڇاڪاڻ ته موجوده دؤر ۾ اهو اُچار ئي زبان زد عام
آهي.
-
اڪثر روايتن ۾ ائين ڄاڻايل آهي،
ته
سومرن جو ويس ميناڪاري يا سائو هو، پر ڪن روايتن
۾ سومرن جو ڪارو پٽڪو ڪري ڄاڻايو ويو آهي(1)
۽
ڀونگر جي وفات وقت چيو ويو آهي،
ته
سومرن ڪارا ڪپڙا ڪيا:
”اڇا
لاهي ڪپڙا تن ڪارا ويس ڪيا“(2)
اهو حقيقت جي برخلاف آهي، ڇاڪاڻ جو آڳاٽي دؤر کان
وٺي سومرن جي سماج ۾ اها رسم هلندي آئي آهي ته
ڪارو ڪپڙو نه پائيندا. ويندي اڄ ڏينهن تائين اصل
نسل صحيح سومرا ڪارو ڪپڙو نه پائيندا ۽ پڻ مايون
ڪارو رَئو نه ڪنديون.
(هه)
ڪن روايتن ۾ شروع کان وٺي، يا پوءِ بيان ڪندڙ جي
ڀـُـل وچان، ڪي انوکا اهڃاڻ ڏنا ويا آهن، جيڪي عام
مشهور ٽاڻن ۽ اهڃاڻن جي برعڪس آهن. مثلاً:
چنيسر دهلي ۾ لڪڻ سان هاٿي ماريو(3).
حالانڪ
عام مشهور ائين آهي ته تيل ميٽ واري وٽي يا تسري
سان ماريائين. چنيسر جو پٽ احمد ڄاڻايل آهي(4)،
جيتوڻيڪ
عام مشهور
’محمد‘
آهي.
هڪ بيان ۾ محمد کي ننگر جو ڀيڻويو ڪري ڄاڻايو ويو
آهي ۽ ساڳئي وقت کيس
’ساران
جو ور‘
ڪري
ڪوٺيو ويو آهي(5)
،
مگر عام مشهور ائين آهي ته محمد ننگر جو ڀاءُ هو ۽
دودي جي ڌيءَ
’ساران‘
جو
مڙس هو.
هڪ روايت ۾ سٻڙ ۽ سالار ٻئي عالادين جا پٽ ڪري
ڄاڻايل آهن(6)
. حالانڪ
اڪثر روايتن مطابق
’سٻڙ‘
عالادين
جو پٽ، ڀاءُ يا ڀائٽيو هو، ۽
’سالار‘
عالادين
جو پٽ يا سپهه سالار (سيد غازي سالار) هو. ابڙي جو
نالو هڪ اڪيلي راوي
’جئسينگ‘
ٻڌايو جيڪو صحيح ناهي(1)
.
هڪ بيان موجب، ابڙو سامن کي پنهنجي حويلي ۾ وهاري
وري دودي ڏي ويو ۽ دودي کان اڳ
هو پاڻ جنگ تي چڙهيو(2)
، حالانڪ
عام مشهور ائين آهي ته دودي جي مارجڻ کان پوءِ
عالادين ابڙي تي ڪاهي ويو ۽ ابڙي اتي ڪڇ ۾ ئي
مقابلا ڪيا. هڪ روايت موجب دودي کي وڙهندو ڏسي
چنيسر به ساڻس ٻانهن ٻيلي ٿي جنگ ۾ ڪاهي پيو. ٻئي
گڏجي وڙهيا ۽ سڄو لشڪر ماري ڇڏيائون، تان جو
عالادين باقي نوَن ساٿين سان گڏ لڪي ويو. پوءِ
چنيسر کي دودي چيو ته: ادا پوئتي ٻيو ڪوبه ڪونه
آهي. تڏهن ٻئي ڀاءُ گوري کائي مئا(3)
. عام
مشهور ڳالهه انهيءَ بيان جي بالڪل برعڪس آهي.
مٿيون وچور ۽ ويچار موجوده دؤر ۾ هلندڙ
’دودي
- چنيسر جي ڳالهه‘ جو
آهي، جنهن مان اها وضاحت ٿئي ٿي،
ته
هيءَ ڳالهه انهيءَ ساڳي سٽاءَ سان ڪڏهن کان وٺي
هلندڙ آهي، ٻيو ته هن ڳالهه جي مختلف روايتن ۾
ڪهڙا ڪهڙا اختلافي اهڃاڻ سمايل آهن ۽ ڪهڙا نقص ۽
ڪهڙيون اوڻايون آهن. هن ابتدائي تنقيدي جائزي بعد،
اسان هيٺ هن ڳالهه جي مرڪزي خاڪي يا واقعي جي
تاريخي پس منظر ۽ ٻين اهم پهلوئن تي روشني وجهڻ جي
ڪوشش ڪنداسون.
****
|