سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سومرن جو دور

باب: 6

صفحو :8

باب ڇهون

ڳالهه جي ثقافتي، فني ۽ ادبي اهميت

هن ڳالهه جي افاديت ۽ اهميت جا ڪيترائي رخ آهن، جيڪي سڀ وڌيڪ گهـَـري مطالعي ۽ سوچ ويچار جي لائق آهن. تاريخي، سماجي، نفسياتي، ثقافتي، فني ۽ ادبي پهلوئن کان هي ڳالهه هڪ خاص اهميت رکي ٿي.

ڳالهه جو تاريخي پهلو وڌيڪ نمايان آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي حڪمران گهراڻي ۽ دهلي جي سلطانن جون جنگيون هن ڳالهه جو مرڪز ۽ مـَـحـوَر آهن. هي ڳالهه ڪو ’تاريخي بيان‘ ناهي، مگر ان ۾ تاريخي پس منظر جا اهڃاڻ سمايل آهن. هڪ محقق ان جي تـَـر ۽ بـَـر کي ميچي، ان جي مختلف روايتن کي ڀيٽي، ان جي ٽاڻن کي توري تڪي، سومرن جي تاريخي دؤر بابت ڪي اهم نتيجا نروار ڪري سگهي ٿو. ڪن تاريخي ڪتابن ۾ هن دؤر بابت جيڪي پڪا پختا حوالا ملن ٿا، تن کان پوءِ هن ڳالهه جو مواد ئي سومرن جي دؤر بابت هڪ پڪو ۽ مسلسل روايتي ماخذ آهي، جنهن کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. اسان مٿي مختلف عنوانن هيٺ، هن ڳالهه جي مواد کي تاريخ جي روشنيءَ ۾ توريو تڪيو آهي ۽ پڻ سومرن ۽ سندن دؤر بابت ڪن اهڃاڻن جو تفصيل ڏنو آهي، جيڪي هن ڳالهه جي تـَـر ۽ بـَـر ۾ سمايل آهن.

تاريخي پس منظر کان سواءِ هن ڳالهه جي مختلف روايتن جي شاهي ذخيري ۾ سومرن جي دؤر توڙي سنڌ جي ماضي جو سماجي ۽ نفسياتي عڪس موجود آهي، جنهن جو تجزيو ڪري خاطر خواه نتيجا ڪڍي سگهجن ٿا.

ڳالهه جا ثقافتي، فني ۽ ادبي پهلو البت وڌيڪ نمايان آهن، جن کي اسان هيٺ واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسون. ثقافتي لحاظ سان هي سنڌ جو ’جـُـنگ - ڪيڏارو‘ ۽ ’ڪـُـوپائي ڪـَـٿا‘ آهي، جنهن ۾ جنگنامي جا مڙئي پهلو نمايان آهن. فني لحاظ سان، ڳالهه کڻڻ ۽ ڳالهه ڳائڻ وارا ٻئي پهلو نهايت اهم آهن. ادبي لحاظ سان هن ڳالهه جي مواد ۾ ’سٽاء‘ توڙي ’بيان‘، سنڌي ٻولي جي لغات ۽ لفطن، توڙي ٻولي جي مختلف محاورن بابت نهايت ئي قيمتي سرمايو موجود آهي.

ڳالهه ۾ جنگنامي جا جنسار:

اسان مٿي منڍ ۾ چئي آيا آهيون، ته هي هڪ وڏي ’ڪوپائي ڪـَـٿا‘ ۽ جـُـنگ ڪيڏارو آهي. هي سڄو قصو جنگ جو آهي ۽ انهيءَ ڪري ئي هن ڳالهه جا عام ٻڌندڙ انهيءَ خيال جا آهن ته هيءَ ڳالهه کڻائجي، ته خير خيرات ڪجي. سگهڙ واٽو مهر (تعلقو ميرپورماٿيلو) چيو ته: ”هيءَ ڳالهه ٽي راتيون هلندي آهي ۽ جنهن جاءِ تي هي ڳالهه هلندي آهي، اُتي ڳالهه پوري ٿيڻ تي پوئين رات ڪو پـَـهرُو ڪهي ”رَتاهو“ ڪندا آهن، ڇو ته سڄو قصو ”رَتاهي“ يعني جنگ جو آهي. اها خيرات انهيءَ لاءِ آهي، ته خير ٿئي ۽ ان جاءِ تي ڪو ماڻهو نه ڀـُـري.“

هن ڳالهه ۾ هڪ اعليٰ ’ڪـُـوپائي ڪـَـٿا‘ جا مڙيئي مکيه عنصر توڙي جنگنامي جا جملي جنسار ۽ منظر موجود آهن(1). ديمين ۽ دُومن جو اچڻ، ڇلين جو چڙهڻ، ڪـَـرهه کي ڪاهڻ، جنگ کي جـُـنبائڻ، رِڻ مـَـنڊڻ، آرڻ تي اچڻ، اَڙ جهلڻ، قلعو منڊڻ، رڻ ڀيلڻ، رِڻ سـُـوڌ ڪرائڻ(2) ۽ ٻيا اهڙا اصطلاح توڙي الفاظ جنگ جي سنبت ۽ جنگ جي ميدان جي جدا جدا سٽائن کي نروار ڪن ٿا. جنگ جا بگل باجا (3)، جنگ جا جدا جدا هٿيار(4)، جنگي گهوڙا ۽ شهسوار ان دؤر جي جنگي اسبابن جو پتو ڏين ٿا. ڪـُـونڌن جو ڪـُـڏڻ ۽ نـُـونڌن جو نچڻ، سورهين ۽ سورمن جو مرڻ گهڙي تائين مقابلو ڪرڻ جوانمردي ۽ جانبازي کي چمڪائين ٿا. بهرحال، هن ڳالهه جي بناوت ۽ بيان ۾ جنگ جي سنبت، سٽاءُ ۽ سمان توڙي اسلحن ۽ اسبابن ۽ جنگ جي جنسارن بابت ايترو ته اهم مواد موجود آهي، جو ان جي تفصيلي تجزيي لاءِ هڪ جدا ڪتاب جي ضرورت آهي.

نـَـوَ ڳالهيون جيڪي ڳايون ويون:

هڪڙا ڳالهين جا شاعر، جن ڳاهن ۽ بيتن ۾ ڳالهيون سٽيون ۽ جوڙيون، ٻيا ڳالهيون کڻندڙ ۽ ڳائيندڙ، جن اهي ڳالهيون عام ڪچهرين ۾ کنيون ۽ ڳايون. عام خيال اهو آهي ته دودي - چنيسر جي ڳالهه جو پهريون شاعر ڀاڳوڀان آهي(1)، يعني ته دودي - چنيسر جي ڳالهه سڀ کان پهريائين ڀاڳوڀان بيان ڪئي. ڀاڳوڀان سومرن جي در جو خاص فقير هو ۽ دودي جو صلاحڪار ۽ دل گهريو مشير هو.

سنڌ ۾ اندازاً 18 - صدي کان وٺي گذريل اڍائي سؤ سالن ۾ هن ڳالهه کي وڏي ذوق شوق سان ڳايو ويو. ڪن شاعرن جون جوڙيل يا ڪن ڳالهه کڻندڙن جون بيان ڪيل ڳالهيون، ملڪ جي مختلف ڀاڱن ۾ وڌيڪ مشهور ٿيون. فقير مولا بخش ميراثي چيو ته اسان وڏن کان ٻڌو ته ”دودي جون نـَـوَ ڳالهيون هلندڙ هيون، جن مان هڪڙي مـَـٽـُـلي واري ڳالهه هئي، يعني ته ان ڳالهه جو شاعر يا بيان ڪندڙ مـَـٽـُـلو هو.“ هن زباني مطابق اندازاً هن صدي جي شروع ڌاري هن ڳالهه جون نـَـوَ مکيه زبانون هلندڙ هيون.

اهي نـَـوَ مشهور ڳالهيون جن کي پنجاه - سٺ سال اڳ ڳايائون پئي، سي ڪهڙيون هيون، تن سڀني بابت يقين سان ڪجهه چئي نٿو سگهجي. موجوده وقت ۾ ٻن جلدن ۾ سهيڙيل مواد کي سامهون رکي، جيڪڏهن ڪي مشهور ڳالهيون چونڊجن ته پوءِ، انهيءَ لحاظ سان ڪم از ڪم هيٺيون ڳالهيون مکيه ڪري ڳڻبيون، جن کي ڳالهه کڻندڙن وڏي ذوق سان کنيو ۽ ڳايو.

مـَـٽـُـلي واري ڳالهه: مٽلي واري ڳالهه اها ساڳي آهي، جيڪا غلام حسين ڪلهوڙي اسان کي ٻڌائي ۽ جيڪا ”دودي - چنيسر“ ڪتاب جي پهرئين جلد ۾ ص ص 489 - 636) آندل آهي. مٽلو ذات جو لوچي هو ۽ خانواهڻ (تعلقي ڪنڊياري) جو ويٺل هو. ڳالهه ۾ مٽلي جو نالو موجود آهي:

مـَـوتـَـن جي مـَـٽلو چئي، هو ڪنهن کي دانهن ڏين!

ميان غلام حسين چيو ته: اصل ڳالهه آڳاٽي وقت کان وٺي گنبٽ تعلقي ۽ ڪنڊياري تعلقي ۾ خانواهڻ واري تر ۾ هلندڙ هئي، جنهن کي مٽلي وڌيڪ سوڌيو ۽ سنواريو ۽ ان ۾ چـِـٽ گل وجهي واڌارا ڪري ڳالهه جي کڻڻي کي وڌيڪ سهڻو بنايو. غلام حسين هي ڳالهه خود مٽلي کان اندازاً 1912 - 1915ع ڌاري سکي، جڏهن مٽلي جو اوج هو.

مٽلي جي ڳالهه نسبتاً پوئين ويجهي دؤر جي آهي. هيٺيون ٽي ڳالهيون ان کان اڳ واري دؤر ۾ ڳايون ويون.

سامي نالي شاعر جي آڳاٽي جوڙيل ڳالهه: هن ڳالهه کي گذريل صدي يا اڃان به اڳ کان وٺي لاڙ ۾ ٽنڊي باگي تعلقي جي ڀانن فقيرن (ويٺل کاهي ٻيرو ۽ شورن جو پتڻ) ڳايو. ٻين ڀانن فقيرن (ويٺل شاهه طريل) نسبتاً پوئين دؤر جي شاعر صالح شاهه سيد جي جوڙيل ڳالهه کي ڳايو، جيڪا پوءِ جمالين سگهڙن وٽ آئي ۽ هن وقت عبدالله جمالي ڳائي ٿو.

منشي اَڌارام جي لکايل ڳالهه: ڪنهن آڳاٽي شاعر جي جوڙيل ڳالهه، جنهن کي گذريل صديءَ ۾ لکارائي منشي اَڌارام ميرچنداڻي سنه 1881ع ۾ ڇپايو. غالباً هيءَ ڳالهه پڻ لاڙ جي ڀانن يا ميراثين فقيرن جي سلسلي جي آهي، جيڪا ڪافي آڳاٽي وقت کان وٺي ڳائجڻ ۾ آئي ۽ جنهن جو اثر پوئين دؤر جي ڳالهين تي پيو. هن ڳالهه ۾ آيل ڪن ڳاهن کي پوءِ سگهڙن پڻ پنهنجي جوڙيل روايتن ۾ آندو.

مومڻيي نالي شاعر جي جوڙيل ڳالهه: هن ڳالهه کي اندازاً 1880ع ڌاري ڊگهڙي تعلقي جي نوحاڻين سگهڙن ۽ (پوءِ) جسڪاڻين سگهڙن ڳايو. اصليت جي لحاظ سان هي ’ڳاهن‘ واري ڳالهه آهي، جيتوڻيڪ ان جي پوئين اڌ ۾ پوئين دؤر جا ’بيت‘ شامل ڪيل آهن. ڳاهن جي سٽاءَ ۽ ٻولي مان معلوم ٿئي ٿو، ته شاعر مومڻيو جنهن هيءَ ڳالهه جوڙي، سو ڪافي آڳاٽو ٿي گذريو.

ميرو نالي شاعر جي جوڙيل ڳالهه: هيءَ ڳالهه 18 - صدي جي شروع کان وٺي روهڙي تعلقي جي ناري واري تر ۾ ڳائجڻ لڳي. ان کي خاص طرح انهيءَ تر جي مڱرين ۽ ڀنڀرن سگهڙن ڳايو، ۽ پوءِ اها ڳالهه ويندي ميرپورماٿيلي تائين مشهور ٿي. موجوده دؤر ۾ اسان هيءَ ڳالهه مرحوم بودن فقير ڀنڀري (نارو تعلقو روهڙي) ۽ واٽو مهر (گنجو پٽ، تعلقو ميرپورماٿيلو) کان ٻڌي (ص 257). هيءَ به سڄي ڳاهن واري ڳالهه آهي، جيتوڻيڪ ڳالهه جي بلڪل آخر ۾ جکري بابت بيت پڻ شامل آهن. غالباً ٻاهڙ مير ۽ جيسلمير طرف به اها ڳالهه هـَـلي، ڇاڪاڻ جو هن ڳالهه، فقير عبدالستار مهر واري ٻڌايل ڳالهه (ص  314) ۽ کپري تعلقي مان رکيل راڄڙ واري ڳالهه (ص 228) جا ڪي انگ هڪٻئي سان ملن ٿا. ٽنهي ۾ عالادين (چغدي) جي (ڀاٽـِـي) ڀاءُ، بجيراءِ جو ذڪر آهي، جيڪو ٻين ڳالهين ۾ ڪونهي.

حيدرآباد جي ميراثين جي کنيل ڳالهه: هن ڳالهه کي حيدرآباد جي تر ۾ رهندڙ ميراثين فقيرن کنيو ۽ ڳايو.

مٿين ڇهن ڳالهين کان سواءِ وارهه جي گرگيجن واري ڳالهه (ص 439)، لاڙ جي ماڇين واري ڳالهه (ص 790) پڻ ڪنهن وقت مقامي طور مشهور ڳالهيون هلندڙ هيون. اهي نـَـوَ ڳالهيون يقيني طور هن پوئين دؤر ۾ مشهور ٿيون. مگر هن ڳالهه بابت ٻن جلدن ۾ سهيڙيل مواد جو جيڪڏهن غور سان مطالعو ڪبو، ته ڳالهه جي ڪن ٻين مستقل روايتن جا اهڃاڻ پڻ نظر ايندا.

موجوده دؤر ۾ ڳالهه جا سگهڙ راوي:

موجوده تحقيق دؤران اسان کي اهڙن ڳالهه کڻندڙن، ڳائيندڙن ۽ ڳالهه جي سگهڙ راوين ۽ بيان ڪندڙن جا حوالا يا حالات معلوم ٿيا آهن، جيڪي اندازاً پوين ٻن سون سالن ۾ ٿي گذريا ۽ جن انهيءَ دؤر ۾ دودي - چنيسر جي انهيءَ ڳالهه کي ڳايو ۽ بيان ڪيو، جيڪا هن موجوده دؤر ۾ هلي رهي آهي.

هيٺين هنرمند سگهڙن ۽ ڳائيندڙن هيءَ ڳالهه اسان جي قائم ڪيل ڪچهرين ۾ کنئي ۽ ڳائي، يا اسان کي بيان ڪري ٻڌائي(1).

* علي محمد ڀان، تعلقو ٽنڊوباگو (ص 63)

عبدالله جمالي، تعلقو سامارو (ص 71)

عرس جمالي، تعلقو ٽنڊوباگو (ص 109)

عارب ڪپري، تعلقو سامارو (ص 117)

جمعو ماڇي، تعلقو عمرڪوٽ

وريام ۽ احمد نقرچ، تعلقو عمرڪوٽ (ص 1231)

صابر نوحاڻي، شادمان نوحاڻي ۽ سلطان جسڪاڻي، تعلقو ڊگهڙي (ص 158)

* مٺو نهڙيو اصل ڪڇ جو، ساڪن بدين (ص 197)

* ڏاڙهون شيدي، تعلقو ننگر پارڪر (ص 207)

* بودن فقير ڀنڀرو، ويٺل نارو، تعلقو روهڙي (ص 257)

* فقير عبدالستار مهر، تعلقو سـِـئو، ضلعو ٻاهڙمير (ص 314)

امام بخش مهر، تعلقو صادق آباد، ضلعو رحيم يار خان (ص 334)

* صابر شر، تعلقو اُٻاوڙو (ص 356)

* پيروز گڏاڻي، تعلقو ميرپورماٿيلو (ص 360)

* ڪريم بخش مهر، تعلقو ميرپورماٿيلو (ص 378)

محب فقير ملڪ، تعلقو ميرپورماٿيلو (ص 393)

* محمد فريد ٻرڙو، ويٺل بيرون (ناڙي)، تعلقو اوستو محمد، بلوچستان (ص 432)

* ڌڻي بخش ٻٻر، ويٺل ’باغ - هيڊ‘، ناڙي، بلوچستان (ص 434)

بهادر ميربحر، تعلقو قنبر (ص 439)

حاجي واحد بخش ڄامڙو، تعلقو گنبٽ (ص 466)

غلام حسين ڪلهوڙو، تعلقو ڪنڊيارو (ص 489)

* هاشم ڀنڀرو، تعلقو هالا (ص 638)

بادل ڪوري، تعلقو هالا (ص 659)

ڌڻي بخش ۽ ڇٽو ميربحر (ص 690)

محمد ملوڪ ڪوري، تعلقو ماتلي (ص 745)

علي محمد لغاري، تعلقو ٽنڊو محمد خان (ص 771)

* حامد خاصخيلي، تعلقو ماتلي (ص 782)

يار محمد ماڇي، تعلقو بدين (ص 790)

جمعو مهاڻو، تعلقو بدين (ص 748)

دودو مهاڻو، تعلقو بدين (ص 858)

* احمد خان نظاماڻي، تعلقو ماتلي (ص 860)

تاج محمد، تعلقو بدين (ص 862)

* علي محمد مري، تعلقو کپرو (ص 882)

ماڻڪ خان چانڊيو، تعلقو شهدادپور (ص 903)

فقير مولا بخش ميراثي، تعلقو حيدرآباد (ص 953)

* لعلڻ خان لغاري، تعلقو شهدادپور (ص 1176)

* الله بخش لاشاري، لڳ ٻنو، ضلعو ٺٽو (ص 1223)

* جاڙو خان مري، تعلقو کپرو (ص 1228)

وريام نقرچ، تعلقو عمرڪوٽ (ص 1231)

آچر فقير مڱڻهار، شهر مولوي ناڙي، بلوچستان (ص 1237)

* محمد ابراهيم کٽي، تعلقو خيرپور (ص 1225)

* امام بخش جوڻيجو، تعلقو هالا (ص 1240)

موجوده هلندڙ دؤر ۾ يا ان کان اڳ، ٻين هيٺين سگهڙن ۽ هنرمندن هن ڳالهه کي توڙي سنڌ کان ٻاهر سرحدي علائقن ۾ ڳايو ۽ بيان ڪيو:

* مير الله بچايو عمراڻي، تعلقو طنبو، ضلعو ڪڇي، بلوچستان (وفات 1964ع) ڳالهه بيان ڪندڙ هو.

* ميوو کوکر، پاڙو جـَـنڊُون، ويٺل علي آباد لڳ اوستو محمد (1969ع ڌاري عمر 60 سال) ڳالهه کڻي.

* غلام علي ٻرڙو، ويٺل ناڙي، بلوچستان (وفات 1966ع) تنهن کان محمد فريد ٻرڙي ڳالهه سکي (ص 434).

* لعل بخش ڪنڀار، ويٺل ميرپور بيبي واري، ناڙي بلوچستان، جنهن پاڪستان کان اڳ گذاريو. ان کان محمد فاضل ٻٻر ڳالهه سکيو ۽ پوءِ ان کان سندس پٽ ڌڻي بخش ٻٻر ڳالهه سکيو (ص 434).

* آدم خان جويو، ويٺل بيرون، رب نواز شاخ تي، (1969ع ۾ عمر 60 سال) ڌڻي بخش ٻٻر کان ڳالهه سکيو.

* پنهون ميربحر، ويٺل ڳوٺ ٻٻر، تعلقو قنبر، سنجر گرگيج جو ٻالڪو هو (ص 334).

* لطيف ميربحر، ويٺل محبوب جو بنگلو، تعلقو ميرو خان، پنهون جو ٻالڪو، جنهن کان پوءِ، دوسو ۽ ڀاڻس بهادر ڳالهه سکي (ص 334).

* مينهل هـَـڪڙو قنبر جو ۽ غلام رسول ابڙو ويٺل کنڊو تعلقو واره، دوسو ۽ بهادر جا ٻالڪا، جيڪي هن وقت ڳالهه کڻن.

* حڪيم شاهه، شهر اوستي محمد جو، پاڪستان کان اڳ گذاري ويو.

* لهڻو ميربحر (ويٺل ڳوٺ جانڊه لڳ شهدادڪوٽ) 1957ع تائين (عمر 70 ورهيه) ڳالهه کڻندو هو. لهڻو ۽ حسين بخش جت گڏجي ڳالهه کڻندا هئا.

* گل شير نوحاڻي، ويٺل ڳوٺ نوحاڻي، تعلقو ڊگهڙي، 1870ع ڌاري حيدرآباد ۾ ڪنهن سگهڙ کان ڳالهه سکي ۽ 1920ع تائين ڳالهه کنيائين.

* سومر مـَـلڪ، ويٺل ماڪاهي، تعلقو ميرپورماٿيلو، جنهن 1950ع کان اڳ واري دؤر ۾ ڳالهه کنئي. سنه 1962ع ۾ اسي ورهين جي عمر ۾ وفات ڪيائين. کانئس پيروز گڏاڻي ڳالهه سکي.

* واٽـُـو مـَـلڪ، ويٺل ديهه جهم، تعلقو ميرپورماٿيلو، جنهن سٺ ورهين جي عمر ۾ سنه 1958ع ڌاري گذاريو. کانئس ڪريم بخش مهر سخيجي ڳالهه سکي. هن ڳالهه جو شاعر ’مهراڻ‘ نالي آهي. (ص 388).

* قادر بخش لـُـنڊ، ويٺل ڳوٺ يارو لنڊ، تعلقو ميرپورماٿيلو، جنهن 1950ع کان اڳ وفات ڪئي. کانئس سندس پٽ موليداد ۽ محب فقير مـَـلڪ ڳالهه سکي، جيڪي ٻئي هن وقت ڳالهه کڻن (ص 393).

* جمعو ميربحر، ويٺل ڏَٻر لڳ خيرپور ڳالهه کڻندڙ هو، گذاري ويو. هن وقت سندس ٻالڪا (ڀلو ميتلو ۽ عثمان) ڳالهه کڻن.

* دادو ڄامڙو ابڙو، لڳ صوڀوديرو، تعلقو گنبٽ، جنهن هي ڳالهه خانواهڻ تعلقي ڪنڊياري جي سگهڙن کان 1870ع ڌاري سکي. جنهن کان پوءِ ميهر ڄامڙي ۽ ان کان پوءِ سندس پٽ واحد بخش ڄامڙي سکي ۽ کنئي (ص 466).

* سومرا ويٺل نواڙو، تعلقو گنبٽ ڳالهه کڻندا هئا.

* غلام حسين ڪلهوڙو، ويٺل ڳوٺ شهمير نئون ديرو، تعلقو ڪنڊيارو، جنهن مٽلي لوچي کان هي ڳالهه سنه 18 - 1917ع ڌاري سکي ۽ 1920ع - 1965ع واري دؤر ۾ کنئي ۽ ڳائي. ويندي 1967ع تائين باوجود وڏي عمر جي سندس ڀاءُ احمد بخش ۽ خدا بخش ڪلهوڙي سان ڳالهه کڻڻ ۽ اڳواڻي ڪيائين (ص 489).

* کاجينو پارو ويڙهيچو جوڻيجو، ويٺل مرادشاهه جي وسين. اندازاً 1825ع - 1860ع واري دؤر ۾ ڳالهه کنئي (ص 638).

* الله رکيو ڀنڀرو ويٺل ڳوٺ معروف ڀنڀرو تعلقو هالا، جنهن 1850ع ڌاري کاجيني جوڻيجي (ويٺل مراد شاهه جي وسين) کان ڳالهه سکي (ص 638). الله رکيي 75 سالن جي عمر ۾ سنه 1925ع ۾ وفات ڪئي.

* هاشم ڀنڀرو، جنهن پنهنجي سؤٽ الله رکيي کان هي ڳالهه سکي (ص 638).

* امام بخش پٽ جنگو پٽ کاجينو پٽ جنگو پٽ کاجينو، ويڙهيچو جوڻيجو، ويٺل مراد شاهه جي وسين، ڳالهه کنئي. سندس ڏاڏو کاجينو ڳالهه کڻڻ جو وڏو ملوڪ هو.

* محمد ۽ پيرو نقرج، ويٺل ڳوٺ وريل نقرج، ديهه 14 هيرل، گذريل صدي جي آخر ۾ ڳالهه کڻندا هئا (ص 1231).

* الله ڏنو ميربحر، ويٺل موري منگر تعلقو حيدرآباد، سنه 1950ع کان اڳ ڳالهه کڻندو هو.

* ڌڻي بخش ۽ ڇٽو ميربحر، الله ڏني جا پٽ هن وقت ڳالهه کڻن  (ص 690).

* رمضان جوکيو، ويٺل ڳوٺ ڏاڏون، تعلقو ٽنڊو محمد خان، 1965ع ڌاري ۽ ان کان اڳ واري دؤر ۾ ڳالهه کنئي (ص 745).

* علو مهاڻو، ويٺل چار جي مياڻ، تعلقو ميرپوربٺورو، سنه 1930ع کان اڳ واري دؤر ۾ ڳالهه کڻندو هو (ص 790). کانئس يار محمد ماڇي ڳالهه سکي ۽ ڳائي.

* علي محمد ماڇي، ويٺل ڪڙيو گنهور، تعلقو ٽنڊو محمد خان (يار محمد جو ٻالڪو) هن وقت ڳالهه کڻي.

* کمون مهاڻو، ويٺل غلام شاهه، تعلقو ٽنڊوباگو (يار محمد جو ٻالڪو) هن وقت ڳالهه کنئي.

* ولي محمد ماڇي، ويٺل ڏندو، تعلقو بدين (يار محمد جو ٻالڪو) هن وقت ڳالهه کڻي.

* لونگ مهاڻو ۽ ٻانهو مهاڻو، ڳوٺ محمود ملاح، تعلقو بدين، سنه 1930ع - 1945ع وارن سالن ۾ ڳالهه کڻندا هئا. ٻئي مجني ماڇي جا ٻالڪا هئا. کانئس سندس ڀائٽيي دودي ڳالهه سکي (ص 858).

* خيرو ڇلگري، ويٺل ڪاري واهه تي، تعلقو بدين، ڳالهه کڻي.

* قادو مهاڻو، ويٺل ڳوٺ حاجي محمد بوهڙ، تعلقو بدين (55 - 60 سالن جي عمر ۾ 1942ع ۾ گذاريائين) ڳالهه کڻندو هو.

* صديق لـُـنڊ، ويٺل ’ٻانڌو تڙ‘ (ٿر ۾) ڳالهه کڻي.

* نورل ميربحر، ميڻن ۾ (ضلعو لاڙڪاڻو) ڳالهه کڻندو هو.

* پيارو گوپانگ، ويٺل ڳوٺ حيات گوپانگ، تعلقو ميرو خان ڳالهه کڻندو هو.

* ڏنو جـَـت، ويٺل لڳ ڇتو فقير، ڳالهه کڻندو هو.

* دولت وَڌو، ويٺل ٽار ۾ (شاهه جو لئو) ڳڙهي خيري جي پريان جنگ - دوست جمالي پڻ رهي، ڳالهه کڻي.

* مبارڪ فقير جمالي، ڳوٺ شهبيگ جمالي ۾ اچي، پر هلندڙ فقير، ڳالهه کڻي.

مشهور ڳالهه کڻندڙ ۽ ڳائيندڙ:

مٿين کان سواءِ ٻين ڪيترن ئي هنرمند ڳالهه کڻندڙن ۽ ڳائيندڙن هن ڳالهه کي وڏي ڪاريگريءَ سان سازن تي کنيو ۽ وڏي هنرمنديءَ سان مختلف راڳن ۾ ڳايو، ۽ اهڙيءَ طرح گذريل ٻن سون سالن واري دؤر ۾ ڳالهه کڻڻ جي فن(1) کي اوج تي پهچايو. هيٺين نالي وارن هنرمندن مان ڪن کي اسان پاڻ ڳالهه کڻندي ڳائيندي ٻڌو ۽ ٻين جا حوالا ۽ حالات اسان کي موجوده تحقيق دؤران معلوم ٿيا. جن جا حالات هنن ٻن جلدن ۾ موجود آهن، تن لاءِ صفحن جا حوالا ڏنا ويا آهن. جن سازن تي ۽ جن راڳن ۾ انهن ڳالهه کنئي ۽ ڳائي تن جا نالا نروار ڪيا ويا آهن ته جيئن سنڌي موسيقي جي تاريخ جو هي اهم باب روشن رهي.

* عبدالله جمالي يڪتاري تي ڳالهه کنئي ۽ سندس ساٿي دلو وڄائي. عبدالله لوڙائو، راڻي توڙي جوڳ جي سرن مان ڳالهه کي ڳائي (ص 71).

* عرس جمالي، عبدالله جو ٻالڪو، يڪتاري تي ڳالهه کڻي ۽ سندس ساٿي دلو وڄائي. ڳالهه لوڙائو ۾ ڳائي، پر وچ ۾ ڳالهه هلندي، شاهه جا بيت ڏوهيڙي طور ڏئي ۽ ڪافيون چوي (ص 109).

* عارب ڪپري، عرس جو ٻالڪو، يڪتاري تي يڪي سير (بنان ڪنهن ساٿي جي جيڪو دلو وڄائي) ڳالهه کڻي. يڪتاري تي تار ’يڪو‘ يا ’گت‘ وڄائي. اسان کيس ٻڌو ته ’لوڙائو‘ ۾ ڳالهه ڳايائين، جنهن ۾ مٿي بعضي ’سارنگ‘ جون ڇڪون پئي ڏنائين، چلتي لاءِ وچ ۾ راڻي جي سر مان ڪافيون چيائين. ڳالهه جي بيت (ڳاهه) جي پڄاڻي تي ”الله آڻي ئي“ جا الفاظ آلاپي، ان بعد وراڻي ٿي ڏنائين ته ”هادي الله تون! مٺو الله تون!“ (ص 117).

* لڌو لاشاري، ويٺل چوراسي جمڙائو، 1920ع - 1930ع وارن سالن ۾ ۽ ان کان اڳ سارنگ جي سر مان ڳالهه کڻندو هو. کانئس نهال ماڇي ويٺل ڳوٺ حاجي ولي داد پلي تعلقو عمرڪوٽ، ڳالهه سکي ۽ سارنگ مان ڳايائين. کانئس سندس پٽ جمعي سکي، جنهن کي اسان 13 - ڊسمبر 1964ع تي ڳوٺ عبدالله خان ڪپري تعلقو سامارو ۾ ڪيل ڪچهري ۾ ٻڌو، جو بنان سازن جي سارنگ جي سـُـر مان ڳالهه ڳايائين.

* وريام ۽ احمد نقرج (ڳوٺ سنجر خان بنگلاڻي، تعلقو عمرڪوٽ ۾ رکيل ڪچهري ۾) يڪتاري ۾ دلي تي سارنگ مان ڳالهه کنئي.

* نـِـمريو فقير مڱريو (ويٺل نارو تعلقو روهڙي) ۽ ٻيا (1850ع کان اڳ) ميرو شاعر جي جوڙيل ڳالهه کڻندا هئا. پوءِ نمريي فقير جي ٻالڪي وڏيري فضل ڀنڀري ۽ سندس ساٿين، جن مان ڪي جيسلمير طرف جا ڀنڀرا هئا، اندازاً 1850ع - 1885ع واري دؤر ۾ ڳالهه کنئي. بنان سازن جي سر سان ڳالهه کڻندا هئا ۽ مهينو راتيون هلندي هئي (ص 257).

* سـُـنهائو ڀنڀرو، اصل عمرڪوٽ جو ۽ پوءِ ناري (تعلقي روهڙي ۾) لڏي آيو. 1925ع کان اڳ واري دؤر ۾، بنان سازن جي ڳالهه کڻندو هو. سندس ڳالهه لاڳيتو ٽي راتيون هلندي هئي (ص 257).

* سگهڙ احمد، چـُـهڙو مهر، ويٺل سرڪاري تڙ، ضلعو جيسلمير، پاڪستان کان اڳ واري دؤر ۾ بنان سازن جي پر سـُـر سان ڳالهه کڻندو هو (ص 314).

* پيراڻو، مـَـڪو، اڪبر (گمنا مهر) ۽ رائڌڻ، ويٺل منڊائو تڙ ضلعو جيسلمير، بنان واڄي، پر سـُـر سان ڳالهه کڻندا هئا. رائڌڻ وڏو ڪـَـوِيسر (هنرمند ڪاريگر) هو (ص 314).

* کنڊو ڏيراچو مهر (تعلقو صادق آباد، ضلعو رحيم يار خان)، يڪتاري ۽ گهڙي تي سـُـر راڻي مان ڳالهه کڻي. کنڊو هيءَ ڳالهه سندس پيءُ عيسي کان سکيو ۽ عيسو وري مورند نالي ڏيراچو مهر کان ڳالهه سکيو. اهي پڻ سر سان ڳالهه کڻندا هئا (ص 334).

* امام بخش چنڙ مهر، کندو مهر جو ٻالڪو ۽ جهيلي، يڪتاري ۽ گهڙي تي راڻي جي سر مان ڳالهه کڻي (ص 334).

* محب فقيرمـَـلڪ، تعلقي ميرپورماٿيلي جو، ڀيروي مان ڳالهه کڻي ٿو (ص 393).

* محمد عظيم ڪـَـلوَڙ، ويٺل لڳ عادلپور، تعلقو گهوٽڪي، بنان سازن جي سـُـر سان ڳالهه کڻي. بيت جي آخر ۾ سندس وراڻي جا فقرا هن طرح:

”ديهه ۾ دودو راءِ

سائين! ديهه ۾ دودو راءِ“ (ص 413).

* سنجر گرگيج ۽ ساٿي (تعلقو واره ضلعو لاڙڪاڻو) اندازاً 1870ع - 1910ع واري دؤر ۾ راڻي جي سر مان ڳالهه کڻندا هئا. اها ڳالهه پوءِ قنبر ۽ ميرو خان تعلقن جي ميربحرن سکي. دوس ۽ بهادر ميربحر ڀائرن 1920ع - 1950ع واري دؤر ۾، هيءَ ڳالهه سر راڻي مان کنئي. دوس اڳواڻ هو، جنهن کي يڪتارو هوندو هو ۽ بهادر جهيلي هو، جنهن وٽ ٿالهي هوندي هئي. يڪتاري ۽ ٿالهي جي وڄت تي ڳالهه کنيائون. هن وقت سندس ٻالڪا هڪ مينهل هـَـڪڙو ۽ سندس ساٿي ۽ ٻيو غلام رسول ابڙو ۽ سندس ساٿي، ساڳيءَ طرح سـُـر راڻي مان ڳالهه کڻن (ص 439).

* حاجي واحد بخش ڄامڙو ۽ سندس پٽ (لڳ صوڀوديرو تعلقو گنبٽ) ٿالهي ۽ گهڙي جي وڄت تي سر ڪوهياري مان ڳالهه کڻن. حاجي واحد بخش جو ڏاڏو ميهر فقير 1890ع ڌاري ۽ پوءِ، ڪنجهي جي ٿالهي جي وڄت تي ’ڪوهياري‘ مان ڳالهه کڻندو هو. ميهر فقير هيءَ ڳالهه خانواهڻ جي سگهڙن کان سکي، جيڪي پڻ ’سر ڪوهياري‘ مان ڳالهه کڻندا هئا (ص 466).

* علي ڊکڻ، ويٺل منگي جو شهر تعلقو نوشهروفيروز، 1920ع کان اڳ واري دؤر ۾ ڪوهياري مان ڳالهه کڻندو هو (ص 489).

* مٽلو لوچي، ويٺل خانواهڻ تعلقو ڪنڊيارو، پاڻ شاعر ۽ ڳالهه کڻڻ جو وڏوقابل هو. سنه 1900ع - 1925ع واري دؤر ۾ ٿالهي ۽ گهڙي تي ڪوهياري مان ڳالهه کنيائين. سندس ڳالهه گهڻو مشهور ٿي (ص 489).

* غلام حسين ڪلهوڙو، ويٺل شهمير ديرو نئون، تعلقو ڪنڊيارو، مٽلي جو ٻالڪو ۽ پنهنجي وقت ۾ وڏو مشهور ٿيو. اڳ سندس ساٿي الله بخش موچي هو ۽ ڏهه - ٻارهن سال اڳ سندس ڀاءُ احمد بخش ۽ خدا بخش ڪلهوڙو ساڻس گڏ ڳالهه کڻائيندڙ هئا. ميان غلام حسين يڪتاري ۽ گهڙي تي پهاڙي مان ڳالهه کنئي ۽ وچ تي رس توڙي ساهي لاءِ ڪافيون چيائين. (ص 489).

* لعل بخش لوهر، تعلقو ڪنڊيارو، مٽلي جو ٻالڪو، ڪوهياري مان ڳالهه کڻندو هو (ص 489).

* الله رکيو ڀنڀرو (ويٺل ڳوٺ معروف ڀنڀرو، تعلقو هالا، دلي ۽ ٿالهي تي ڳالهه کڻندو هو. ٿالهي گوڏن ۾ جهلي وڄائيندو هو. وڏي جوش ۽ جذبي سان ڳالهه کڻندو هو ۽ ڳالهه ڪندي اُٿي ويندو هو، انصاف بلڪل ڪونه وٺندو هو.

* دريا خان پٽ صفر ويڙهيچو جوڻيجو، ويٺل وسين مراد شاهه، تعلقو هالا، دلي ۽ ٿالهي تي لوڙائو مان ڳالهه کڻندو هو. هن وقت سندس ڏوهٽو ۽ ٻالڪو امام بخش جوڻيجو ٻن دلن ۽ يڪتاري تي لوڙائو مان ڳالهه کڻي (ص 1240).

* موسو خاصخيلي، ويٺل ڳوٺ باقر نظاماڻي تعلقو هالا، يڪتاري ۽ گهڙي تي 1950ع کان اڳ پهاڙي مان ڳالهه کڻندو هو (ص 459).

* بادل ڪوري، موسي جي ٻالڪي 1915ع - 1940ع واري دؤر ۾ يڪتاري ۽ گهڙي تي پهاڙي مان ڳالهه کنئي. سنه 1965ع ۾ اسان جي ڪچهريءَ ۽ پهاڙي مان ڳالهه کنيائين ۽ ڳالهه جي وچ تي ڪافي پوري ڪري، ساهه ٿي کنيائين. هر ڳاهه يا بيت کان پوءِ وراڻي طور ”الو الو، يا هادي الله! يا مٺو الله!“ ٿي اَلاپيائين (ص 459).

* خميسو ميربحر، تعلقو حيدرآباد، 1930ع کان اڳ يڪتاري ۽ دلي تي ڳالهه کڻندو هو (ص 690).

* صفر ميربحر، تعلقو حيدرآباد، 1940ع کان اڳ يڪتاري ۽ گهڙي توڙي ڪنجهي جي ٿالهيءَ تي ڳالهه کڻندو هو (ص 690).

* ڌڻي بخش ۽ ڇٽو ميربحر، تعلقو هالا، يڪتاري ۽ دلي تي لوڙائو جي سـُـر مان ڳالهه کڻن، ۽ ڳاهه يا بيت جي آخر ۾ ”هڪ هادي الله، تون مٺو الله“ وراڻيءَ طور اَلاپين (ص 690).

* رمضان جوکيو، تعلقو ٽنڊو محمد خان، 1960ع ڌاري ۽ ان کان اڳ واري دؤر ۾ هيءَ ڳالهه يڪتاري ۽ گهڙي تي لوڙائو مان کنئي. هر ڳاهه يا بيت کان پوءِ ”الو الله! هادي الله! تون الله“ وراڻي طور اَلاپيائين (ص 704).

* محمد ملوڪ ڪوري، تعلقو ماتلي، رمضان جوکيي جو ٻالڪو، 1955ع کان وٺي، هن وقت تائين، دِلي ۽ يڪتاري تي ’لوڙائو‘ مان ڳالهه کڻي (ص 745).

* سگهڙ شاعر سوني خان لغاري، تعلقو ٽنڊو محمد خان، هيءَ ڳالهه 1930ع کان اڳ واري دؤر ۾، ’سـُـر راڻي‘ مان ڳائي.

* علي محمد ۽ سندس ڀاءُ عيسي (سوني خان جا پٽ ۽ ٻالڪا) 1930ع کان وٺي 1965ع تائين، علي محمد خان جي اڳواڻيءَ هيٺ يڪتاري ۽ دلي تي هيءَ ڳالهه ’راڻي جي سـُـر‘ مان ڳائي. هن وقت عيسو ۽ ٻيا ڳائين (ص 771).

* حاميد خاصخيلي، تعلقو ماتلي، بنا سازن جي، پر سـُـر سان 1955ع کان اڳ واري دؤر ۾ هيءَ ڳالهه ڳائي. سنه 1958ع ۾ اسان جي آڏو ڳالهه کنيائين ۽ هر ڳاهه ۽ بيت کان پوءِ، ”ڀلو الو الو! هادي الله! تون يا الله“ وراڻي طور اَلاپيائين (ص 872).

* يار محمد ماڇي، ويٺل ديهه ڪنڀاري تعلقو بدين، هن وقت هيءَ ڳالهه يڪتاري ۽ ٻن گهڙن تي ’سـُـر لوڙائو‘ مان کڻي (ص 790).

* جمعو مهاڻو، ويٺل ڳوٺ محمود ملاح، تعلقو بدين، يڪتاري ۽ دلي تي ’سـُـر سورٺ مان ڳالهه کڻي (ص 847).

* مجنو ماڇي، 1930ع کان اڳ واري دؤر ۾ حيدرآباد ضلعي جي (ڏاکڻي) لاڙ واري ڀاڱي ۾ گهمندو هو ۽ ڳالهه ڳائيندو هو. وڏو هنرمند هو (ص 858).

* وريام ماڇي، تعلقي ماتلي جو، 1880ع - 1920ع واري دؤر ۾، دلي ۽ ٿالهيءَ تي ڳالهه کڻندو هو. ڳالهه جو ڪاريگر ۽ زبان ۾ وڏو اثر هوس، جو ٻڌندڙن کي به جوش ۾ آڻي ڇڏيندو هو (ص 860).

* احمد خان نظاماڻي، تعلقو ماتلي (وريام جو ٻالڪو)، 1900ع - 1920ع واري دؤر ۾، دلي ۽ ٿالهيءَ تي ڳالهه کڻندو هو (ص 860).

* جمعو فقير ميراثي، ويٺل ٺارو شاهه، تعلقو نوشهروفيروز، 1930ع کان اڳ واري دؤر ۾ پنهنجن ساٿين سان اڳواڻ ٿي، سازن تي ڳالهه کڻندو هو (ص 903).

* ماڻڪ خان چانڊيو، تعلقو شهدادپور (جمعي فقير ميراثي جو ٻالڪو) يڪتاري ۽ گهڙي تي سورٺ جي سر مان ڳالهه کڻي (ص 903).

* گلو جوکيي ذات جو مغل، تعلقي ميرپورساڪري جو، دودي چنيسر جي ڳالهه ڳاهن سان اڪيلي سر کڻندو هو، بنا سازن جي سـُـر سان کڻندو هو ۽ بيهي کڻندو هو. آواز تمام گهڻو، مٺو ۽ اثرائتو هوس ۽ وڏو رس لائيندو هو. سنه 1954ع ڌاري گذاريائين.

* منٺار وسائي پوٽو چانڊيو، ويٺل کاکڻهار رحمعلي، تعلقو مٺي. بنا سازن جي ڍار سان ڳالهه کڻندو هو.

* ميرل چانڊيو، ويٺل سانوَري لڳ دڙيلو، تعلقو سامارو، دهلڙي تي ڳالهه کڻندو هو. سنه 1958ع ۾ وفات ڪيائين.

* وريام ۽ احمد نقرج، تعلقو عمرڪوٽ، يڪتاري ۽ دلي تي سارنگ جي سـُـر مان ڳالهه کنئي.

* علي خان (قنبر شهر سان لڳ) ۾ هـَـڪڙا ڳالهه کڻندا هئا. قنبر ۾ سـِـيهل هـَـڪڙو ۽ سندس ساٿي يڪتاري ۽ ٿالهيءَ تي ڳالهه کنئي.

* لهڻو ميربحر (ويٺل ڳوٺ جانڊه، لڳ شهدادڪوٽ) سورٺ مان ڳالهه کڻندو هو.

* دولت سانگي، دودي چنيسر، توڙي مومل راڻي جي ڳالهه کڻندو هو.

* آچر پٽ رمضان مڱڻهار، ويٺل مولوي ناڙي. هن وقت سر راڻي مان ڳالهه کڻي. ڳاهه ۽ بيت جي آخر ۾ وراڻي ڏئي ته:

الو الله، هادي الله! تون يا الله!

* ٽوهه گوپانگ، ويٺل ميرپور بيبي واري، ناڙي. پهاڙي مان ڳالهه کڻندو هو. سنه 1970ع ۾ گذاريائين.

* ڪيوڙو ماڇي ۽ پٽس (ويٺل اول شهدادڪوٽ، پوءِ ڳڙهي خيرو، پوءِ جيڪب آباد) سنه 1935ع ڌاري هي ڳالهه ٿالهي تي لوڙائو يا راڻي جي سر مان کڻندا هئا.

* حافظ (نابينا) شير محمد منگي، ويٺل دانو جو لئو‘ تعلقو ڳڙهي خيرو. سنه 1890ع - 1920ع ڌاري جڏهن سندس عمر 75 سال کن هئي، يڪتاري تي ڳالهه کڻندو هو.

* ٽـِـڪيو، تڳيو ۽ آندل، ذات جا واٽيا، ويٺل لڳ هڱورجا، ٿالهي ۽ گهاگهر تي ڳالهه کڻندا هئا. وڏا سگهڙ ۽ راڳ جا ڄاڻو هئا. پاڪستان کان اڳ گذاريائون. ٽـِـڪيي جي عمر ان وقت 70 - 80 ورهيه هئي.

* آچر راهو، ويٺل ڳوٺ محمد بچل ڀنڀرو ڳالهه کڻندو هو، ۽ 1948ع ڌاري گذاري ويو. هن اها ڳالهه کوکر ذات جي هڪ شخص کان سـِـکي، جيڪو محمد بچل ڀنڀري جي ڳوٺ کان 2 ميل ڏکڻ طرف رسول آباد جو ويٺل هو. وڏيري مير خان ڀنڀري سندس ڳوٺ محمد بچل ڀنڀري ۾ 2 - نومبر 1969ع تي اسان سان ڪچهري ڪندي، آچر راهو واري ڳالهه جا ڪي ٽاڻا ٻڌايا.

* بيگ فقير، مرزا ۽ شامل، ذات جا ڀيلار، تن 1969ع ۾ ڳالهه کنئي. بيگ فقير جي عمر ان وقت سٺ سال کن هئي. اسان کي اها خبر هڱورجن (ضلعو خيرپور) ۾ پئي.

* هڪ مهراج هندو، شڪارپور يا ٻئي پاسي جو، 1920ع ڌاري يا ان کان اڳ ٿالهي ۽ دِلي تي ڳالهه کڻندو هو. بادل ڪوري چيو ته: حسين خان لوڙهي جي ڳوٺ ۾ مهراج ڳالهه کنئي ۽ اسان اها ڪچهري ٻڌي.

* سائينڏنو چاڪي، ٽنڊي الهيار جو، دودي جي ڳالهه جو سنڌ ملوڪ هو.  اندازا 1925ع ڌاري گذاري ويو. سڄي سربستي ڳالهه کڻندو هو، ۽ وچ ۾ ڏوهيڙا ۽ ڪافيون به چوندو ويندو هو. سڄو هٿ دِلي جي مٿان ۽ کٻو گوڏي تي رکيل ٿالهي تي هڻندو هو، جيڪا نغاري وانگر پئي وڄندي هئي. يڪيون سـَـتَ - اَٺ راتيون ڳالهه کڻندو هو. اها خبر اسان کي تاجپور ۾ 21 - مارچ 1959ع تي ڪيل ڪچهري ۾ پئي. ان کان پوءِ، بادل ڪوري ان ڳالهه جي تصديق ڪئي، جنهن سان اسان جي ٻي ڪچهري 29 - مارچ 1970ع تي هن ڳالهه بابت ٿي. ان وقت بادل جي عمر نـَـوي سال هئي. چيائين ته: ’سائيڏنو چاڪي دودي جي ڳالهه جو گوهر هو. اسان کان وڏو هو. دِلي ۽ ٿالهي تي ڀيروي يا تـِـلنگ مان ڳالهه کڻندو هو‘.

حيدرآباد جي مراثين فقيرن جي ڳالهه کڻڻ ۽ ڳائڻ جو فن

حيدرآباد تعلقي جي ڳوٺ محمد علي ميراثي (لڳ مسوڀرڳڙي) جي ويٺل فقيرن وٽ آڳاٽي وقت کان وٺي هيءَ ڳالهه هلندي آهي، ۽ پنجن پـُـشتن کان وٺي، هنن هن ڳالهه کي وڏي هنرمندي سان پئي ويچاريو ۽ ڳايو آهي. هنن فقيرن جا هيٺيان جوڙ ڳالهه کڻڻ ۽ ڳائڻ ۾ مشهور ٿيا:

* علي فقير ۽ فضل فقير. هي ٻئي فقير ٽالپورن جي دؤر ۾ ٿي گذريا. هنن پنهنجن وڏن کان ڳالهه سکي، پر پاڻ ڳالهه ڳائڻ ۾ اهڙا ته قابل ۽ ڪاريگر ٿيا، جو ميرن صاحبن جي درٻار ۾ ڳالهه کڻندا هئا، ۽ پڻ ميرن صاحبن جي وزيرن تاجپور جي نوابن جي ڪچهري ۾ ڳالهه کنيائون. ستار، سارنگي ۽ دلي تي ڳالهه کڻندا هئا. فضل فقير سارنگي وڄائيندو هو ۽ علي فقير اڳواڻ ٿي، ڳالهه جو ويچار ڪندو هو.

* غلام حيدر ۽ رکيل فقير. ٻئي فضل فقير جا پٽ هئا، علي ۽ فضل فقير کان پوءِ، هنن ڳالهه ڳائي. سارنگي، ستار ۽ دِلي تي ڳالهه کڻندا هئا. غلام حيدر ڳالهه جو ويچار ڪندڙ اڳواڻ هو.

* بچل فقير ۽ محمد علي فقير. ٻئي رکيل فقير جا پٽ هئا، ۽ رکيل فقير ۽ غلام حيدر فقير کان پوءِ هنن ڳالهه کنئي. هي فقير به سارنگي، ستار ۽ دِلي تي ڳالهه کڻندا هئا. بچل فقير اڳواڻ ۽ ڳالهه جو ويچاريندڙ هو.

* جمعو فقير، فضل فقير، ڪرم فقير ۽ علي فقير. اهي چارئي محمد علي فقير جا پٽ هئا ۽ گڏجي ڳالهه کنيائون. هنن سارنگي، ستار ۽ دِلي سان گڏ يڪتارو ۽ هارمونيم پڻ سازن ۾ شامل ڪيا. جمعو فقير ستار وڄائيندو هو ۽ فضل فقير سارنگي وڄائيندو هو. ٻئي فقير ڳالهه جو ويچار ڪندڙ هئا. چون ٿا ته: ”جمعو فقير ويچار‘ جو بادشاهه هو، ۽ جمعي فقير جهڙو نه ڪو ٿيو، نه ڪو ٿيندو“. جمعي فقير واري دؤر ۾ عنايت فقير پٽ وزير فقير جو ۽ لائق فقير (عنايت فقير وارن مان) ٻئي پڪي راڳ جا اُستاد هئا. لائق فقير وڏو گـَـويو ۽ مشهور ڳائڻوهو. عنايت فقير، جمعي فقير جو مامو ۽ سهرو هو. هو جمعي فقير کان ڳالهه سکيو ۽ ڪجهه وقت اڳواڻي ڪري ڳالهه کنيائين(1).

* موجوده دؤر ۾ هيٺيان فقير دودي - چنيسر، سـَـيفـَـل، بوبنا جراڙ، ليلان - ڪؤنرو ۽ مرزا - صاحبان جون ڳالهيون کڻن، پر دودي - چنيسر جي ڳالهه کي وڏي رنگ ڍنگ سان ڳائين.

1 - مولا بخش فقير پٽ فضل فقير جو. پڪواز توڙي هارمونيم وڄائي، ۽ اڳواڻ ٿي ڳالهه جو ويچار‘ ڪري.

2 - نواز علي فقير پٽ جمعي فقير جو. هارمونيم وڄائي ۽ ڪافيون ڪلام ڳائي.

3 - دوست علي فقير پٽ جمعي فقير جو. پڪواز وڄائي، ڪافيون ڪلام چوائي، ۽ پڻ اڳواڻ ٿي ڳالهه جو ويچار‘ ڪري.

4 - محمد يوسف عرف ڪالـُـو پٽ ڪرم فقير جو. دِلو ۽ پڪواز وڄائي.

5 - نبي بخش فقير پٽ امير بخش ڪلام چوائي ۽ پڻ پڪو راڳ ڪري.

مولا بخش فقير چيو ته: اسان جي ميراثي گهراڻي ۾ ڳالهه هميشه راڻي مان کڻن. پر ڳالهه جي ڇانوڻي‘ سورٺ مان ٿيندي. پڪواز تي وڄت تين تار (ناڌي ڌنا‘) جي اڌڪ مان ٿيندي. چيائين ته اسين ساز ملائي، وقت جي راڳ مان ترانو يا خيال چئي، پوءِ ڪنهن عاشق شاعر جو ’توحيدي ڪلام ڳائينداسون.  اها ڄڻ ڳالهه جي تياري ۽ محفل کي مچائڻ جي سنبت ٿي. ان کان پوءِ ڳالهه کڻبي، ۽ پهريائين منڍ وارو صفت ۽ ساراهه جو بيت پڙهبو ته:

اول نام الله جو، ٻانهان ٻيءَ مَ لڳ“ - الخ.

ان کان پوءِ ڳالهه جو ويچار ٿيندو ۽ ويچار جوڙ جو اڳواڻ ڪندو. اهڙيءَ طرح ڳالهه هلندي، هر بيت جو ويچار ٿيندو. ويچار‘ ۾ ٿيل بيت جو بيان ڪبو، ڳالهه جو هلندڙ سلسلو وهڃائبو ۽ اڳتي ڇا ٿو ٿئي، ان جو اهڃاڻ ڏبو. ’بيت وڄت تي ۽ سـُـر تار سان هلندو، پر ويچار وقت ساز بند رهندا.

هن وقت مولا بخش فقير ويچار‘ جو ملوڪ آهي. موجوده تحقيق دؤران اسان ڪوشش ڪري هيءَ ڳالهه مولا بخش فقير جي زباني سندس تفصيلي ويچار‘ سميت نقل ڪئي(1)، انهيءَ لاءِ ته سنڌ ۾ ڳالهه کڻڻ ۽ بيان ڪرڻ جي هنرمندي ۽ ڪاريگري جو پهلو روشن ٿي سگهي. باوجود ڪن جزوي هلڪن لفظطن ۽ فقرن جي (جيڪي هلندڙ دؤر جو عڪس آهن) فقير مولا بخش هن وقت ڳالهه جي ويچار جو سدا ملوڪ آهي.

ڳالهه کڻڻ جا مکيه پهلو ۽ بنيادي اصول:

سنڌ ۾ ڳالهه کڻڻ جو فن آڳاٽي وقت کان وٺي هلندو اچي. جڏهن کان وٺي ڳالهه بابت ڳاهون هليون، تڏهن کان وٺي ڳالهه کڻڻ ۽ ڳائڻ جو سلسلو شروع ٿيو. اهو سلسلو يقيني طور آڳاٽو آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌي لفظ ڳاه ٻـُـڌن جي دؤر جي گاٿا“ جو يادگار آهي. موجوده وقت ۾ سنڌ اندر ڳالهه کڻڻ‘ جو جيڪو سلسلو هلندڙ آهي، سو ڪم از ڪم ’سومرن جي دؤر‘ تائين پهچي ٿو. اهو دؤر سنڌ جي تاريخ جو افسانوي ۽ رومانوي دؤر هو، جنهن ۾ ڪيئي ڳالهيون ۽ افسانا اُسريا، جيڪي پوءِ ڳايا ويا. انهن سڀني ۾ دودي - چنيسر‘ جي ڳالهه کي سڀ کان وڌيڪ کنيو ويو ۽ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڳايو ويو. دودي - چنيسر جي ڳالهه سان ئي ڳالهين کڻڻ جي هنرمندي ۽ ڪاريگري اوج ۽ عروج کي پهتي.

موجوده وقت ۾ اسان سنڌ جي جدا جدا ڀاڱن ۾، جدا جدا سگهڙن ۽ ڳالهه کڻندڙن کان مختلف ڳالهيون ٻڌيون، جن مڙني ۾ دودي - چنيسر جي ڳالهه گهڻو ڪري هر جاءِ ٻڌڻ ۾ آئي. دودي - چنيسر جي ڳالهه کڻندڙن مان پڻ هر هڪ جي بيان ڪرڻ جي ڪاريگريءَ جا انگ، سمان رچڻ جي هنرمندي جا ڍنگ، ۽ ڳائڻ جا رنگ نرالا نظر آيا، جن سڀني کي سامهون رکڻ سان سنڌ ۾ ڳالهه کڻڻ جي فن جا هيٺيان پهلو روشن ٿين ٿا.

(الف) شاعر ۽ راوي:. ڳالهه کڻندڙ ۽ ڳائيندڙ ڄڻ ڳالهه جو راوي آهي. ڳالهه جو اصل جوڙيندڙ يا شاعر اڪثر ٻيو هوندو آهي(1). انهيءَ ڪري ئي سنڌ ۾ ڳالهه کڻڻ جي آڳاٽي اصول مطابق ڳالهه کڻندڙ لاءِ اهو لازمي ٿيو، ته هو ڳالهه جي اصل شاعر جو اهڃاڻ ڏيندو اچي. انهيءَ آڳاٽي اصول موجب، فقير مولا بخش ۽ ميراثي فقير اڪثر ڳالهه کڻندي ڳائيندي چوندا ته:

- شاعر بيت ڪيو، فقير چئي ٻڌائي!

- شاعر حقيقت بيان ڪري، فقير چئي ٻڌائي، پر ڪيئن چئي ٻڌائي!

ڳالهه کڻڻ جو اهو هڪ سهڻو اصول آهي، جنهن موجب ڳالهه جوڙيندڙ توڙي ڳالهه ڳائيندڙ ٻنهي جي قدرداني ٿئي ٿي ۽ ٻنهي کي جسون ملن ٿيون. ڳالهه کڻندڙ، پنهنجي اُستاد ۽ ان جي اُستادن جو ذڪر ڪري ته معلوم ٿئي، ته ڪهڙن ڪهڙن اڳ اها ڳالهه کنئي. ان سان گڏ ڳالهه جي اصل شاعر يا جوڙيندڙ جي خبر ڏئي. نه معلوم هجيس ته پوءِ مٿس ميار ناهي.

سنڌ ۾ قصه - خواني يا ڳالهه لکڻ‘ جي فن ۽ هنرمندي جا ٻه مکيه پهلو آهن: هڪ ڳالهه ويچارڻ‘ ۽ ٻيو ڳالهه ڳائڻ‘، جن تي هيٺ مختصر طور روشني وڌي ويندي..

(ب) ڳالهه جو ويچار:.ڳالهه ويچارڻ يا ڳالهه جو ويچار‘ سنڌي داستان گوئي جو هڪ خاص فني اصطلاح آهي، جنهن کي سمجهڻ ضروري آهي. ڳالهه کڻڻ جي ابتدا ڳالهه ڪرڻ‘، ’آکاڻي يا ڪهاڻي ٻڌائڻ‘ سان ٿي: يعني ته بنان ڪنهن هنرمندي جي، روزمره جي عام فهم زبان يا جيڏن سرتن جي وندر ۽ ورونهه لاءِ لسي زبان ۽ چئي ٻڌائڻ سان ٿي. جڏهن کان وٺي ڳالهه بيان ڪرڻ ۾ هنرمندي جو جز آيو، ته ڳالهه کڻڻ‘ جو سلسلو شروع ٿيو، ۽ جڏهن کان وٺي ڳالهه جي سٽاءَ ۾ ڳاهن‘ کي آندو ويو، ته ڳالهه ويچارڻ‘ ۽  ’ڳالهه ڳائڻ‘ جي هنرمندي ۽ ڪاريگري وارا به پهلو پيدا ٿيا. ڳاهون منظوم هيون، جن ۾ ڳالهه جا ٽاڻا اشارن ۽ اُهڃاڻن ۾ سمايل هئا، ۽ جن کي عام ٻڌندڙن لاءِ عام فهم زبان ۾ کولي سمجهائڻوهو. اهو ’کولي سمجهائڻ ڄڻ ڳالهه کي ويچارڻ هو. اهڙيءَ طرح ڳالهه جو ويچار نه فقط ’قصه - خواني يا ڳالهه کڻڻ‘ جو مکيه جز بنيو، پر هنرمندي واري انهيءَ اصطلاح تان روزمره جي ٻوليءَ ۾ ’ڳالهه جي ويچار‘ جو اصطلاح رائج ٿيو(1). ڳالهه جي ويچار‘ جا پڻ ٻه مکيه پهلو آهن: هڪ ’بيان ٻيو ’سمان‘، يعني اثرائتو بيان ڪرڻ‘ ۽ ’هوبهو سمان چٽڻ‘.

(ج) ڳالهه جو بيان:. ڳالهه جي ويچار ۾ ’بيان‘ جي هڪ خاص معنيٰ آهي. اها هي ته بيان هڪ ته لفظن ۾ سهڻو هجي ۽ ٻيو ته ريت وارو هجي ۽ ڪـُـريتو نه هجي. پهريون ته بيان جي ٻولي وڻندڙ ۽ اثرائتي هجي، لفظ چونڊ ۽ سهڻا هجنس، اهڙا جو ڳالهه کڻندڙ ڄڻ ڳالهه ۾ گل وجهندو اچي. ڳالهه کڻندڙ کي ٻولي تي مـَـلڪو هجي، آواز چـِـٽو ۽ زبان مـِـٺي هجيس، اجايو کارو گفتو نه ڪڍي، پر ملوڪت سان سهڻو ٻول ٻولي، پهاڪا ۽ مثال آڻي، ڳالهه کي وهڃائي. ٻيو ته بيان ريت وارو هجي. يعني هڪ ته ڳالهه ۾ آيل هر ڪردار جي شان ۽ مرتبي مطابق هجي، ۽ ٻيو ته راڄ رسم يا سماجي قدرن مطابق هجي. مثلاً: دودي جي گفتگو اهڙي هجي، جهڙي دودي کي جڳائي، وزير يا نوڪر جي ٻولي اهڙي هجي جيڪا وزير يا نوڪر ڳالهائي. ٻيو ته بيان راڄ رسم موجب هجي ۽ ان ۾ بيجا کٽا کارا ويڻ نه هجن. مثلاً: چنيسر دودي جي خلاف دهلي ۾ دانهين وڃي ٿو، ۽ عالادين وٽ دودي جي ڏاڍائي جي شڪايت ڪري ٿو، پر دودي يا ٻين لاءِ کٽا کارا لفظ نٿو ڳالهائي. جي ائين ڪري ته پوءِ اها ريت نه پر ’ڪـُـريت چئبي. دودي، ننگر کي چنيسر ۽ عالادين ڏي موڪليو، جو ننگر وڏي همت ۽ حوصلي وارو هو، بي ريا ۽ بهادر هو. کيس پنهنجي خاندان جو شان مان قائم رکڻو هو، پر ان سان گڏ دودي کيس تاڪيد ڪيو، ته هو ريت سان هلي(1). سنڌ جي ڳالهه سٽيندڙ شاعرن توڙي ڳالهه کڻندڙن سگهڙن ڳالهه جي بيان ۾ ريت‘ کي اعليٰ نموني سان نباهيو آهي. دودي چينسر جو پاڻ ۾ تڪرار ۽ جهيڙو هن ڳالهه جو ڪوجهو پهلو آهي، پر ڪاريگرن ان کي وڏي هنرمندي سان ڍڪيو آهي. نه فقط هنن دودي ۽ ٻين کي ساراهيو آهي، پر آخر ۾ ڪنهن حد تائين چنيسر کي به ڇڏائي ويا آهن.

(د) ڳالهه جو سمان: هنرمند ڳالهه کڻندڙ لاءِ ضروري آهي ته مؤثر ۽ معياري ’بيان‘ سان گڏ ڳالهه جو سمان چٽي، ۽ ڳالهه جي هر منظر کي اکين آڏو آڻي بيهاري. اهو ڳالهه کڻڻ جو ’سانگ جي سٽاءَ وارو پهلو يا ڊرامائي انداز آهي، جنهن کي قائم رکڻو آهي. هنرمند ڳالهه کڻندڙ، ڳالهه جي هر ڪردار جي زباني ائين ڳالهائي، جو ٻڌندڙ بنان نالي وٺڻ جي به سهي ڪري ته ڪير ٿو ڳالهائي. ڳالهه جدا جدا موقعي ۽ مهل جي مناسبت سان دودي جي زباني ائين ڳالهائي جيئن دودي کي ڳالهائڻ کپي. جدا جدا موقعن جي گفتن کي ڳڻي ڳوپي، لوڏي ڌوڏي، ٺاهي ٺوڪي يا لاهي چاڙهي اهڙي انداز سان ادا ڪري، جو ڳالهه جي سلسلي مطابق حال حقيقت نروار ٿئي: يعني ته موقعي جي مناسبت يا نزاڪت خوشي ۽ راحت، کل ۽ ظرافت، ڪاوڙ ۽ ڪشومت، نياز ۽ نئڙت، هيبت ۽ حشمت وغيره وارن جذبن جو اظهار ٿئي. موجوده وقت ۾ اسان جن هنرمند ڳالهه کڻندڙن کي ٻـُـڌو تن ۾ علي محمد خان لغاري ۽ فقير مولا بخش ميراثي، سانگ واري سمان چٽڻ ۾ ڪاريگر آهن(2) .

(هه) ڳالهه جو ڳائڻ: هن ڳالهه ۾ جڏهن کان ڳاهون آيون، تڏهن کان ان جو ڳائڻ شروع ٿيو. موجوده تحقيق دؤران نسبتاً وڌيڪ حوالا انهن ڳالهه کڻندڙن جا مليا، جن ’لوڙائو‘ جي سر مان ڳالهه کنئي. سنڌي موسيقي جي تاريخ ۾ (1) ’لوڙائو‘ خالص سنڌ جو راڳ آهي ۽ آڳاٽي دؤر جو راڳ آهي. هن ڳالهه کڻڻ ۾ ان جي مقبوليت (جيڪا اڃا تائين هلي اچي) مان گمان نڪري ٿو، ته اوائلي دؤر ۾ غالباً هيءَ ڳالهه لوڙائو جي سـُـر مان کنئي وئي.

وقت گذرڻ سان ’ڳالهه ڳائڻ‘ جي هنرمندي ۾ اضافو ٿيو، ۽ پوئين دؤر ۾ خاص طرح اندازاً 1700ع - 1930ع واري عرصي ۾ هن ڳالهه جو ڳائڻ اوج کي پهتو. انهيءَ عرصي ۾ ڳالهه جي ڳائڻ ۾، راڳن توڙي سازن جو دائرو وڌيو ۽ وسيع ٿيو. ملڪ جي مختلف ڀاڱن ۾ هنرمند سگهڙ ۽ ڳائڻا ڳالهه کڻڻ لڳا ۽ هر ڀاڱي ۾ ڳالهه ڳائڻ جي نوع تي مقامي رنگ چڙهيو. مختلف ڀاڱن ۾ مختلف سـُـر ۽ ساز مقبول پيا ۽ اهي استادن کان ٻالڪن ذريعي پشت بپشت هلندا آيا. ڪي ٻالڪا قابل ساماڻا، ته هنن نون راڳن ۾ ۽ نون سازن تي ڳالهه ڳائڻ شروع ڪئي.

موجوده تحقيق دؤران معلوم ٿيو، ته مختلف ڀاڱن ۾ هنرمند ڳالهه کڻندڙن ۽ ڳائڻن هن ڳالهه کي لوڙائو، راڻيءَ ڪوهياري، ڀيروي، سارنگ، جوڳ، سورٺ، پهاڙي ۽ تلنگ مان پئي ڳايو آهي(2) . ڪن ايراضين جي سگهڙن ڳائڻن ۾ پشت بپشت، استاد کان ٻالڪي تائين، ساڳئي سـُـر مان ڳالهه هلندي آئي. حيدرآباد تعلقي جي ميراثين فقيرن پشت بپشت هي ڳالهه راڻي جي سر مان پئي کنئي ۽ هن وقت به راڻي مان ڳائين. ڪنڊياري ۽ گنبٽ طرف اڳيان سڀ سگهڙ ڪوهياري جي سر مان ڳالهه کڻندا هئا(3) . سگهڙ مٽلي لوچي پاڻ پنهنجي سنواريل ڳالهه ڪوهياري مان کنئي، ۽ جتي به اها مشهور ٿي اتي ڪوهياري مان ئي ڳائي وئي.

اندازاً 1930ع کان پوءِ واري دؤر ۾، ڪن سگهڙن پشت بپشت هلندڙ سرن کي مـَـٽي، نون سرن ۾ ڳالهه ڳائڻ شروع ڪئي. مثلاً: مٽلي لوچي جي هنرمند ٻالڪي غلام حسين ڪلهوڙي ’ڪوهياري‘ جي بدران ’پهاڙي‘ سان ڳالهه کڻڻ شروع ڪئي. حيدرآباد جي ميراثين فقيرن ۽ سندن ٻالڪن هن پوئين دؤر ۾ ’راڻي‘ کان سواءِ ’سورٺ‘ مان پڻ ڳالهه کڻڻ شروع ڪئي، ۽ هن وقت سگهڙ ماڻڪ خان چانڊيو سورٺ مان ئي ڳالهه کڻي ٿو. ٻئي طرف ميراثين فقيرن ڳالهه ڳائڻ ۾ راڻي توڙي سورٺ ٻنهي سـُـرن کي شامل ڪيو. فقير مولا بخش چيو ته: ”ڳالهه راڻي مان هلندي، پر ’ڇانوڻي‘ سورٺ مان ٿيندي.“ يعني ته ڳاهن يا بيتن کي راڻي جي سر مان ڳائبو، پر انهن جي آخر ۾ وراڻين کي سورٺ جي اَلاپن سان سينگاربو.

(و) ڳالهه کڻڻ لاءِ ساز: ڳالهه جي ڳائڻ ۾ جيئن پوءِ تيئن نون ۽ وڌيڪ سازن کي آندو ويو. بالڪل اوائلي دؤر ۾ غالباً دلي جي وڄت تي ئي ڳالهه ڳائي وئي، ڇاڪاڻ جو دلو هر گهر ۽ هر جاءِ موجود هو. ان کان پوءِ ’ڪـَـنجهي جي ٿالهي‘ کي وڄت لاءِ استعمال ڪيو ويو. ويندي هن پوئين دؤر تائين ڪن ٿالهي تي ۽ ڪن ساڳئي وقت ٿالهي ۽ دلي تي ڳالهه کنئي. بادل ڪوري چيو ته: ”اڳ ٿالهي ۽ دلي تي ڳالهه کڻندا هئا، يڪتارو پوءِ آيو“. البت گذريل صدي کان وٺي، ڪن هنرمند ڳائڻن اعليٰ موسيقي جا ساز پڻ ڳالهه ڳائڻ لاءِ استعمال ڪيا. حيدرآباد جي موسيقار ميراثين ٽالپوري دؤر کان وٺي سارنگي ۽ ستار تي ڳالهه ڳائڻ شروع ڪئي. هن پوئين ويجهي دؤر ۾ هارمونيم ۽ دهلڙي تي ڳالهه کنيائون. ميراثين ۽ مڱڻهار فقيرن دلي جي بدران اڪثر دهلڙي تي وڄت ڪئي(1). عام طرح ٻيا سگهڙ هن وقت دلي ۽ يڪتاري تي ڳالهه کڻن ۽ ڪي ٿورا بنان سازن جي سر سان ڳالهه ڳائين. دلي، ٿالهي يا دهلڙي تي خاص ڳالهه کڻڻ جو ’يڪو تار‘ يا ’گت‘ وڄي. تاريخ 1 - مارچ 1968ع تي حيدرآباد ۾ ٻيڙي فقير مرحوم وٽ رکيل ڪچهري ۾ يار محمد ماڇي ڳالهه کنئي. تار ٻن دلن تي وڳو ۽ جڏهن منڊل متو ته ائين لڳو ته ڄڻ ڀير ۽ نغاري وارو تار ٿو وڄي يا ڍڍ ٿي وڄي.

جدا جدا سازن جي وڄت تي، جدا جدا راڳن ۾ ڳالهه کڻڻ کان سواءِ، ڳائڻ جا جدا جدا انگ ۽ انداز پڻ استعمال ٿيا. ڳالهه کڻندي وچ ۾ ڳاهون سـُـر سان اَلاپيون ويون، پر ڳاهن ۾ پڻ ڳالهه جا ٽاڻا ۽ اُهڃاڻ سمايل هئا. ڳاهه ڳائڻ کان پوءِ، انهيءَ ڳاهه جو ويچار ئي ڪرڻو پيو. اهي سڀئي مرحلا ڳالهه جي بيان جا هئا. انهيءَ ڪري ٻڌندڙن جي سـُـڪون ۽ تفريح خاطر، ڳالهه جي بيان کان الڳ ’ڳائڻ‘ جو جز شامل ڪيو ويو. اهڙي ڳائڻ لاءِ ’ڳاهن‘ کان الڳ ٻيا ’نظم‘ سٽيا ويا، جن ۾ اندروني تر نظم هو ۽ جن جي ڳائڻ سان ڄڻ تفريحي تماشو لڳي ٿي ويو. اهڙن انوکن نظمن جو ثبوت سامي شاعر جي ڳاهن واري ڳالهه ۾ موجود آهي، جيڪو هن طرح آهي:

عالادين آيو! عالادين آيو!

هڪ سـُـن به سـُـنايو!

نغاري ڪئي ڌُڌ مـُـڌ

گهوٽا ڀئي بنايو!

--

ڪـُـسنب ڪورنب خمرڪو ٺاه ڀلو

عهد اڙيڪو اوهاء ڀلو

چمڪيو بجليو چڙهيو

جيئن ڌڌڪيو درياء ڀلو(1)

اهي منظوم مصراعون ڳاهن جي وچ ۾ ڏنل آهن ۽ ظاهر آهي، ته اهي خاص سٽاءَ واريون مصراعون ٻڌندڙن جي تفريح خاطر ڳايون ويون. بلڪل شروعاتي دؤر ۾ اهڙا منظوم فقرا وچ ۾ ڳايا ويا، پر وقت گذرڻ سان، عام ڪچهرين ۾ ڳالهه کڻندڙ هنرمندن ۽ سماع جي محفلن ۾ توحيد ڳائيندڙ ’ذاڪرن‘ جي ڳائڻ جا انداز هڪٻئي کي ويجها ٿيا. سنڌ جي ذاڪرن ڏوهيڙن ۽ ڪافين ڳائڻ ۾ ڪمال ڪري ڇڏيو هو ۽ سنڌ کان ٻاهر پڻ نالو ڪڍيو هئائون. کانئن متاثر ٿي، ڳالهه کڻندڙن پڻ ڳالهه جي وچ ۾ چلتي - تماشي وارن نظمن بدران ڪافيون ڳائڻ شروع ڪيون ۽ پڻ هر ڳاهه جي آخر ۾، وراڻي طور ’ذڪر جي توار‘ آندي. اهي ٻئي واڌارا جيڪي آڳاٽي وقت کان وٺي شروع ٿيا، سي ويندي اڄ تائين دودي - چنيسر جي ڳالهه، توڙي ٻين ڳالهين جي ڳائڻ جا لازم ملزوم جز آهن. ڳالهه کڻندي، ڪافين ڳائڻ ۾ موسيقي جو لطف مطلوب آهي ته ذڪر جي توار ۾ سڪون ۽ راحت جو اثر مقصود آهي. ميان غلام حسين ڪلهوڙي چيو ته: ”اسين رس لائڻ توڙي ساهي کڻڻ خاطر ڳالهه هلندي وچ تي ڪافيون چئون“. اسان بادل ڪوري، عرس جمالي، علي محمد خان لغاري ۽ يار محمد ماڇيءَ کي ڳالهه جي وچ ۾ ڏوهيڙا ڏيندي، ڪافيون چوندي رس لائيندي ٻڌو. حيدرآباد جا ميراثي فقير وري شروع ۾ ’ڳالهه کڻڻ جي سنبت‘ طور ڪلاسيڪي موسيقي واري لئي ۾ ڪلام ڳائين.

(ز) دعا، دانائي ۽ ذڪر: موجوده دؤر جي ’ڳالهه کڻڻ‘ واري سٽاءَ ۾ دعا ۽ ثنا، حڪمت ۽ دانائي، ۽ توحيدي ذڪر جي توار وارا جز شامل آهن.

* شروعاتي بيت الله تعاليٰ جي تعريف (اول نانءُ الله جو- الخ)، نبي صلعم جي صفت، يارن سڳورن ۽ پنجن تنن جي ثنا ۽ سنڌ جي ولين درويشن جي ذڪر سان ٿيندو. آخر ۾ دوداڻين جي ساراهه جي واڌائي ڏنل هوندي ته:

آءٌ ساراه ڪريان ٿو دودي جي، سڻي جڳ سارو

                  دوداڻين جي (ص 118)

ان بعد ٻيو بيت دعا ۽ خير جو هوندو، ته ڌڻي سڀڪنهن کي سکيو رکي ۽ شال ڪنهن تي به ڪا وڏي سوڙهه ۽ تڪليف نه اچي:

مثلاً: دعا ته سڀڪو سکيو هجي:

ڪـِـيڙي سـِـڪي ڪڻِ لاءِ، جنهن کي رازق روز رساءِ
هاٿي سوا مڻ لاءِ، جنهن جو گرهه تان نه گهٽاءِ.

 

--

سدا وسي سنڌڙي، جتي ولين جا ميڙا

 

دعا ته ڪنهن تي شال ڪا آفت نه اچي:

ڳوٺ وڏيرو نه مري، جنهن مٿي آه مدار
مري نه ماءُ ڪـَـلهن جي، جنهن جا ڇورا ٿيندا ٻار!

 

--

سانوڻ سوئا نه مري، مري نه هاري ڏاند!

 

دعا ته شال ڪو بيٺل ماڻهو نه کري يا ڪـِـري، جو پنهنجا هوش وڃائي ويهي:

هاٿي هر هياڙو نه ٿئي، سڃو نه ٿئي سردار!

 

* ٻيو ته ڳالهه جي ٽاڻن ۽ موقعن جي مناسبت سان حڪمت ۽ دانائي جا گفتا بيان ڪرڻ. اڪثر شروع وارن بيتن ۾ حڪمت ۽ حقيقت وارو نـُـڪتو نروار ڪرڻ، ته جيڪڏهن پنهنجي ويجهائپ مان ڪو ويري ٿي بيهندو ته (چنيسر وانگر) نقصان ڪندو:

ڪلر ويري ڪوٽ جو، مڇيءَ ويري ڄار

 

--

ڪلر ويري ڪوٽ جو، دودي ويري ڀار

 

(ص ص 71، 118)

* ٽيو ته ڳاهه يا بيت کي ڳائي پوري ڪرڻ بعد، يعني ته بلڪل پڇاڙي واري سـِـٽ کي اَلاپڻ کان پوءِ، وَرائڻي طور ذڪر جي سـُـرائتي توار ڪرڻ، جيڪا مٿان ڇانءَ ڪري بيهي. هر ڳالهه ڳائيندڙ وٽ ذڪر وارا فقرا ٿوري گهڻي تفاوت سان جدا جدا آهن، پر اهي توحيد جي معنيٰ وارا آهن. ٻيو ته هر ڳالهه کڻندڙ ذڪر جي توار کي پنهنجي پنهنجي انداز ۾ هڪ خاص ڍار ۽ لئي سان ادا ڪري ٿو. جن ڳالهه کڻندڙ ڳائيندڙن جا ذڪر وارا فقرا هن ڪتاب ۾ قلمبند ڪيا ويا آهن يا اسان کي ياد آهن، سي هيٺينءَ طور آهن:

- هادي الله، تون مٺو الله!

 

(عارب ڪپري، ص 118)

- اي الله! يا الله! هادي الله!

 

(ڏاڙهون شيدي، ص 210)

- ديهه ۾ دودو راءِ، سائين ديهه ۾ دودو راءِ!

 

(محمد عظيم ڪلوڙ، ص 413)

- الو الو! يا هادي الله! يا مٺو الله!

 

(بادل ڪوري، ص 659)

- هڪ هادي الله! تون مٺو الله!

 

(ڌڻي بخش ۽ ڇٽو ميربحر، ص 690)

- الو الله! هادي الله! تون الله!

 

(رمضان جوکيو، ص 704)

- ڀلو الو الو! هادي الله! تون يا الله!

 

(حاميد خاصخيلي، ص 782)

- الو الو! هادي الله! تون يا الله!

 

(لعلڻ خان لغاري، ص 1177)

- الو الله! هادي الله! تون يا الله!

 

(آچر فقير مڱڻهار ص 1237)

ڳالهه جي ادبي اهميت:

دودي چنيسر جي ڳالهه جي جدا جدا روايتن، ان جي بيشمار ڳاهن ۽ بيتن، ۽ ان جي مختلف بابن بيانن ۾ قيمتي مواد موجود آهي، جيڪو خاص ادبي اهميت رکي ٿو. ان جي وچور ۽ ويچار سان، سنڌي لغت جي قدامت، سنڌي ٻولي جي تاريخ، سنڌي ٻولي جي مقامي محاورن ۽ سنڌي شعر ۽ ادب جي تاريخ جا ڪي نوان پهلو روشن ٿين ٿا. شايع ڪيل ٻن جلدن ۾ ڳالهه بابت جيڪو مواد گڏ ٿيل آهي، ان ۾ انوکن لفظن ۽ لفظن جي بناوتن، اصطلاحن ۽ فقرن جو هڪ وڏو ذخيرو موجود آهي، جيڪو سنڌي لغت جي قدامت توڙي سنڌي ٻوليءَ جي تاريخي مطالعي لاءِ هڪ دستاويزي حيثيت رکي ٿو. هن مواد کي سهيڙڻ وقت جيتريقدر ٿي سگهيو، اوتريقدر اسان ڳالهه جي مختلف روايتن کي خود سگهڙن ۽ راوين جي سندن پنهنجي زباني نقل ڪيو. انهيءَ ڪوشش ۽ ڪاوش سان موجود ٻن جلدن ۾ ڪافي مواد اهڙو قلمبند ٿي چڪو آهي، جنهن مان سنڌ توڙي سنڌ سان لاڳو سرحدي علائقن جي مقامي لب و لهجن کي سمجهي سگهجي ٿو ۽ سنڌي ٻولي جي مختلف لغاتن ۽ محاورن جو مطالعو ڪري سگهجي ٿو.

سنڌي شعر ۽ ادب جي تاريخ لاءِ پڻ هن مواد ۾ قيمتي سرمايو موجود آهي. شاعر سامي ڀان(1) جون گهڻيون ڳاهون سمن جي دؤر جون معلوم ٿين ٿيون. جيتوڻيڪ ڪن ڳاهن ۾ ڪي سٽون غالباً پوءِ جون وڌايل آهن. ٻيون ڪي ٿورڙيون ڳاهون ۽ هڪ ٻه بيت پوءِ جا اضافا ٿا معلوم ٿين. ٻين ڪن روايتن ۾ پڻ اهڙيون ڪي ڳاهون ملن ٿيون، جيڪي ڪافي آڳاٽيون ٿيون ڀانئجن. اهو سنڌي شعر، سنڌي ٻولي توڙي سنڌي ادب جي تاريخ جي مطالعي لاءِ قيمتي سرمايو آهي. مثلاً:

پيڙهي ڌيان پـُـٽ کي، ڀونگر چيو ڀو
ان در مٿي او سونهي ٻـَـڌو لوالو(2).

 

--

جيئن کيريون تيئن ڇٽ، جيئن ڏونگر تيئن هاٿيا
اميراڻا ڳاڀرو، واگهيان نه گهٽ.

 

چنيسر عالادين کي چيو ته:

سـِـهر سنڀايم سومرِي، ڀونگر ڌيءَ ڪيڻاءِ
ڀـُـوني - چنڊ پٽاندري، جيڪر تو جڳاءِ
دَڙي سا دودي جهلي، وانڌو رکي وچاءِ(1)

 

خاطري ڪيائون ته سومريون ابڙي وٽ سکيون سلامت ٿينديون:

دَٻـُـوچاڻا سون جا، هـُـونِ اَڏاڻيا آرٽ
آڳهه ماڻينديون ابڙي، وڏي ڪنهن ورٽ(2)

 

ابڙي چيو ته:

سـِـر سين آهينم سومريون، جي سـَـرڻيون(3)

 

ڏيان سي:

ته سورج سنئون نه اُڀري، ڌرتي ڌاڃ نه ڏي.

 

ڳالهه سٽيندڙ شاعرن توڙي هنرمند ڳالهه کڻندڙن، موقعي بموقعي ڪي اهڙا سهڻا پهاڪا ۽ مثال آندا آهن، جيڪي سنڌ جي سماجي ۽ اخلاقي قدرن جا آئينه دار ۽ سنڌ جي ادب جا شهپارا آهن. مثلاً:

- چوڻ پٺيئون هرڪو چوي، توڙي هجي بادشاهه (ص 374)

- کوءِ ڍلن جي دوستي، ڀلو ڀلن جو وير (ص 390)

- نينهن نياپي نه ٿئي، جي تون وڃي نه پاڻ (ص 401)

- آين پڇجي اڳ ۾، ويٺن پڇجي پوءِ  (ص 468)

- هيڪلڙو وڻ ڪانهرو، توڙي درخت هوءِ بابا (ص 873)

- مکڻ سونهي ماٽيين، ڌؤنرو سونهي لاٽ (ص 769)

- ڀائر وڏي وکري، جڳ جيوڻا هـُـونِ (ص 955)

ساڳيءَ طرح ڪيترين ڳاهن ۽ منظوم مصراعن ۾ اعليٰ اخلاقي قدرن ۽ اعليٰ شاعريءَ جا مثال موجود آهن. جيئن ته:

ننگر جي ننڍڙائپ جي تصوير:

دودي جي درٻار ۾ ڀـُـڻو چچلو چاڳ ڪري
سون ورڻو سومرو جئن ٿو مور ٽلي

 

(ص 874)

سونل ننگر جي مڱ:

وڄ جئن ولٽي اُٿي، ڪري ناز نينگر
کانئي ٿي کنونين وانگي، ڌي دودي دختر

 

(ص 801)

دودو کي پڳ ٻڌائڻ جو سبب:

دودو سڄو سون جو، جنهن کي ريهه رپي جو ناه
ٻڌايون پڳ دودي کي، جنهن سر جوڙ جڳاءِ
(ص 792)

دودو ٿو چنيسر کي چوي (جڏهن چنيسر نٿو مڙي) ته:

ڦوڪ ته لڳي انبرين، اڌما ڏيئي آڙاه
هاڻي سنڌ ترارين وچ ۾، جو کٽي سو نر کاءِ
(ص 887)

دودي جي طاقت:

شينهن ستي ڪر موڙيا، ڇني ڇپر کٽ
دودي دوداڻي جي ڪير جهليندو سٽ
(ص 119)

چنيسر ٿو سومرن جي لشڪر جو چڙهڻ بيان ڪري ته:

کنوڻ تجلو جـُـهڙ ۾، جامڪين جنسار
بادل جيئن برسيو اچي، ڪريو مينگهه ملار
(ص 876)

ننگر جو قول:

ڪهڙو سانگو ساهه جو، موت انهين مربو
رڪن سان رانديون ڪبيون، پير نه پوءِ ڪبو
(ص 520)

ننگر ٿو چوي:

سور ٻڌا اٿم سندرا، موت به مولهاٽا
طبل اسان جا تخت تي، آهن قلعي قبيلا
(ص 785)

--

کنا کيٽ اسان سندا، لوهارن جوڙيا
اهي چميو ٻڌون چيلهه تي، سونا ٻيا روپا
(ص 801)

ننگر جا حملا:

ڪاهيو پوي اُڙدن ۾، جيئن پورب واءُ لڳي
ننگر هٽي ٿو ڪينڪي، ڄڻ درياه دؤر ڪري
(ص 770)

منگر جو ميدان ۾ بيهڻ:

ارڙهن ڌڪ ترار جا لڳا منگر مٿي ڏانـہ
تان ڀي ٽـَـڪر ٽريو هو ڪينڪي، پوي جبل ڪونه سماءِ
(ص 1105)

هي ڳالهه هڪ وڏو جنگ نامو آهي، جنهن کي صدين کان وٺي سگهڙن پئي ڳايو آهي. سندن ڳاهن ۽ بيتن ۾ جنگ جي ميدا نن، فوجن ۽ صفن، بهادرن ۽ سندن حملن، موتن ۽ شهادتن جو سمان چٽيل آهي. هن ڳالهه جي آڳاٽين منظوم روايتن سان ئي پوءِ سنڌي شاعريءَ ۾ ’جنگنامي‘ يا ’ڪيڏاري‘ جي صنف جو بنياد مضبوط ٿيو. مثلاً: هيٺين ڳاهن ۽ بيتن ۾ ’ڪيڏاري‘ جا اهي مخصوص الفاظ ۽ اصطلاح ۽ مرڻ مارجڻ جا مناظر موجود آهن، جيڪي بعد جي شاعرن ’ڪيڏاري‘ جي موضوع لاءِ ڪم آندا:

- آرڻ اُپت انهن جو، آهي کنو کيٽ سندونِ
مصرين مـُـنهن ڪڍيا، فصل موڪ پڪونِ

 

(ص 878)

- سورهه سيخين سنرا، پتنگ جيئن پچن
اوس اکين سين ديکيو، او ڪوڏ قربانيون ڪن

 

(ص 409)

- ڪيو سانگين سنڌ ۾، آرڻ واري اَڄ
وڍي سر سنگين جا ڪيائون تهارين کاڄ

 

(ص 58)

- نيلي گهوڙي، ابڙو، ماڃـُـٺيءَ مهمٽ
جاڙيجاڻي جنگ ۾ ٿو ڪاجهو ٻري ڪٽڪ

 

(ص 61)

- ابڙاڻي اخوان ڀڙ، او ٿو گجي گجڻ راءِ
ان ڪيئي ڪونڌ نچائيا سومرين وٽاءِ
ڳجهن ڳاراڃو ڪيو رڻ ۾ پسي راءِ
تن ممٽ ماريو، تنهن سورهه ڏنو ساهه
اي قضائون ڪريم جون، ٿو ڪري پاڻ الله

 

(ص 61)

- پيرين لڳي ڀئو ٿئي، آلا ڪاٺ ٻرن
ڪـَـٽُ ملجي، رُڪ پچي، ٿيون مصريون مـَـلجن

 

(ص 285)

- کنا ٻڌي چڙهيا، مٿي ويڙهه وزير
تن سين عـَـلم - طـَـوق اَنباريون، تيغون ترڪش تير
چئنچل چوٽيرن کي چليو پائن چير
سـَـتـِـي ڄائين سومرا، ڪ سـَـتـِـي تنهنجي سير!
---

- ڏِيئي ڏمر جو ڪيو، پـَـکر ٿو پائي
اُتي ’اَسيو‘ سوڍو پڙ ۾، سر سالارن لاهي

 

---

- مر مرين سر مارجين، مر مرين ڪانڌ

 

ته به ڪجن وڏا پاند (ص 255)

--

- ساران پنهنجي ڪانڌ کي چئنچل اُڀي چوءِ
جان مرين، جان مارجين، ڀڄي اچج مَ پوءِ

 

---

ڪانڌ منهن ۾ ڌڪڙا چيٺيندي سونهان
هوندءِ جي پٺ ۾ ته ڪهڙيءَ لـڄ چيٺيان

 

(ص 191)

 

***


(1) ص ص 296، 582، 792، 807

(2) جنگ پوري ٿيڻ تي، ميدان ۾ ڪريل سپاهين ۽ سامان جي جانچ پڙتال ڪرائڻ.

(3) ص ص 19، 26، 867 ۽ 897

(4) مثلا= دودي جو ’ٽـِـهانگ هٿيار‘ (ص 26)

(1) حيدرآباد جي ميراثين فقيرن وٽ سندن وڏن کان وٺي اها ڳالهه هلي اچي ته ’دودي جي ڳالهه ڀاڳو ڀان جي چيل آهي.‘

(1) جن جي آڏو ستاري جو نشان آهي، تن زباني بيان ڪئي، باقي ٻين ڪچهرين ۾ ڳالهه کنئي ۽ ڳائي.

(1) Artistic narration-cum-singing.

(1) سنه 1925ع ڌاري جڏهن راقم ٻارڙو هو، تڏهن عنايت فقير ۽ ٻيا ساٿي لڳ ڳوٺ جعفر خان لغاري (تعلقو سنجهورو، ضلعو سانگهڙ) اچي لٿا ۽ ٽي راتيون ڳالهه کنيائون. هارمونيم به وڄايائون ۽ ڳالهه هلندي ڪافيون پڻ چيائون.

(1) ص ص 953 - 1140.

(1) ٿي سگهي ٿو ته ڳالهه جو شاعر پاڻ ڳالهه جوڙي ۽ پاڻ ڳالهه کڻي. سوني خان لغاري توڙي ’مٽلي لوچي‘ ڳالهه کي پاڻ سنواريو ۽ پاڻ ڳايو (ص ص 489 ۽ 771).

(1) چوندا ’ويچار ڪر‘، ’پنهنجو ويچار ڪر‘ يا ’ڳالهه جو ويچار ڪر‘ يا چوندا ته: ’اياڻو ڪا ڳالهه ڪري ته سياڻو ان کي ويچاري‘. چوندا ته ’ڳالهه جو ويچار نه ٿيو ته پوءِ انصاف ڪيئن ٿيندو‘. انهن سڀني اصطلاحن ۾ ڳالهه کي کولي بيان ڪرڻ ۽ ڳالهه جي مقصد سمجهڻ ۽ سمجهائڻ وارو مفهوم سمايل آهي، جيڪو تاريخي طور ’ڳالهه ۾ ڳاه جي وهڃائڻ‘ سان شروع ٿيو.

(1) ص 871.

(2) علي محمد خان ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته سال ٻه ٿيا جو گذاري ويو آهي.

(1) ڏسو راقم جو تصنيف ڪيل ڪتاب ”سنڌي موسيقي جي مختصر تاريخ”.

(2) ڏسو ڳالهه کڻندڙن ڳائيندڙن جي يادداشت، ص 27 - 31.

(3) ميان غلام حسين ڪلهوڙي جي زباني، ص 490.

(1) فقير مولا بخش ڳالهه کڻڻ وقت دهلڙي تي وڄت ڪري. ڪي سال اڳ نصرپور ۾ علڻ فقير مڱڻهار، بانڪي بهرام جي ڳالهه پڻ دهلڙي جي وڄت تي کنئي.

(1) ص 59 سامي شاعر جي ڳاهن جو متن مرحوم حاجي يوسف ڀان جي هٿ لکيل ڏکي صورتخطي تان اُتاريو ويو. اسان ان کي سنواري درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر ڪي عبارتون سمجهه ۾ نه آيون آهن. هت نظم ۾ ڪي وڌيڪ درستيون ڪيون ويون آهن.

(1) هي ڳاهن واري ڳالهه لاڙ جي ڀانن وٽ ئي محفوظ رهي آهي ۽ وٽن پشت به پشت هلندي اچي، جنهن مان سمجهجي ٿو ته شاعر سامي ڀان قبيلي مان ئي هو.

(2) ڀو = واه واه! ڪهڙي نه سهڻي ڳالهه! لـِـوالو = جهنڊو.

(1) سـِـهر = ڪنوار، ڇوڪري. ڪيڻاءِ = تو لاءِ. پوني چنڊ پٽاندري = چوڏهين جي چنڊ جهڙي.

(2) دٻو چاڻا = چرخا. ورٽ = سٽاءَ، صورت.

(3) سرڻيون = سامون. ڏاڃ = ان، اُپت.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org