باب چوٿون
ڳالهه جا مکيه ٽاڻا: ابڙو سمو، سومرين جو
سام
پوڻ
ابڙي ۽ سندس ساٿين جون عالادين سان جنگيون:
ابڙو سمو هڪ سورهيه سردار هو ۽ وڏو وڙائتو سردار
هو. هن سامون جهليون ۽ پنهنجو سر ڏنائين، پر سامون
نه ڏنائين. انهيءَ ڪري ئي سنڌ جي اعليٰ سماجي قدرن
موجب، هو هن ”جنگ - ڪيڏاري“ جو مانجهي مرد بنيو:
يعني ته دودي - چنيسر جي ڳالهه جي مکيه ڪردارن ۾
برک ۽ اتم ٿيو. سنڌ جي اعليٰ ۽ اخلاقي شاعري ۾ پڻ
کيس جـَـسـُـون ڏنيون ويون ۽ ٻين مڙني کان وڌيڪ
کيس ئي واکاڻيو ويو. ميين شان عنات، شاهه
عبداللطيف ۽ ٻين وڏن شاعرن جيڪا به ڳالهه ڪئي آهي،
سا ابڙي سمي جي ڪئي آهي، ڇاڪاڻ جو هن ِلله ڪارڻ سر
ڏنو. دودو، ننگر ۽ ٻيا سومرا بيشڪ وڏا بهادر هئا،
پر هنن جي پنهنجي گهر جو جهيڙو هو، جنهنڪري لڄان
ڪڄان کين ئي منهن ڏيڻو هو. هنن بيشڪ مڙس ٿي منهن
ڏنو ۽ پنهنجو توڙي سنڌ جو منهن مٿي ڪيائون: جڏهن
مٿن آئي ته هنن وڏي مردانگيءَ سان مقابلا ڪيا ۽
پنهنجي ننگ ناموس خاطر سر ڏنا. ٻئي طرف ابڙي جو
پنهنجو ڪوبه معاملو ڪونه هو: هن سورهيه بنا ڪنهن
ذاتي غرض ۽ فائدي جي سامون جهليون ۽ بي گهر ۽
بيواه ضعيف زالن جي عزت آبرو بچائڻ لاءِ پنهنجو سر
گهوري گهوري مٿانئن قربان ٿيو.
ابڙي جي سرداري يا حڪومت ڪٿي هئي؟ جدا جدا روايتن
۾ کيس ”هالار ڌڻيءِ، ’ڪاڇي جو ڌڻي‘، ’گولائي ڌڻي‘،
’ڪـَـنڊ جي ڪـُـلاه‘ (ٽوپي)، ’جـُـوڻاچا جو
سردار‘، ’ڀـِـٽ - ڌڻي‘ ۽ ’ڪڇ - ڌڻي‘ سڏيو ويو آهي.
ابڙي جي سرداري يا حڪومت واري حد جي لحاظ سان اهي
نالا ڪنهن حد تائين مناسبت رکن ٿا، جيئن هيٺ وضاحت
سان معلوم ٿيندو. موجوده دؤر جي عام مشهور روايت
جي لحاظ سان ابڙي جي حڪومت جو مرڪزي ڀاڱو ڪڇ جو
اهو علائقو هو، جيڪو هن وقت ’اَبڙاسيو‘ يا ’گرڙيو
- ابڙاسيو‘ سڏجي ٿو. ابڙاسيو، ’ٻـَـني‘ واري
علائقي کان اولهه طرف ۽ عربي سمنڊ جي اوڀر طرف
ڪناري سان لڳولڳ آهي. عام خيال اِهوئي آهي ته ابڙي
جي نالي پويان ان کي ’ابڙاسيو‘ سڏيو ويو.
* هالار ڌڻي. هيٺين بيتن ۾ ابڙي کي ’هالار - ڌڻي‘
سڏيو ويو آهي:
جو ڇـَـليون پـَـسي نه ڇـَـڪيو، تنهن واکاڻيو وِکَ
لـُـڏي ڪين، لطيف چئي، لـَـکن اڳيان لـِـکَ
پير نه موڙي پانهنجو، تـِـکيءَ پـَـئي تـِـکَ
سـَـرڻين ڏئي سـِـکَ، هڪل سين ’هالار - ڌڻي‘(1)
دودي - چنيسر جي ڳالهه جي ڪن روايتن ۾ پڻ ابڙي کي
’هالار جو بادشاهه‘ ۽ ’ابڙي جو شهر‘ هالار ۾
ڄاڻايو ويو آهي(2).
وڳـہ ڪوٽ مان سومريون پڻ ڪڇ ڏانهن هالار واري
پاسي روانيون ٿيون:
”ڪر رکيائون ڪڇ تي، هـَـليون ڏونـہ هالار“
۽ آڏو ابڙو پڻ ڪڇ جي هالار واري پاسي کان چڙهيو ۽
اچي سامن سان مليو(3).
عالادين بادشاهه جي فوجن به ڄڻ هالار کي پئي
هيسايو:
هـِـنيون تنهن هالار جو هت بيٺيون ديميون دهلائي(4).
ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ جو اَلهندين سامونڊي ڪناري وارو
ڀاڱو ويندي ڄام نگر ۽ جهونا ڳڙهه تائين ’هالار‘
سڏجي. چون ٿا، ته اهو (خاص طرح ڪڇ جو ڏکڻ الهنديون
۽ ڄام نگر وارو پاسو) هالن جو ملڪ هو، انهيءَ ڪري
هالار سڏيو ويو.
* ڪاڇي جو ڌڻي: ڪن روايتن ۾ ابڙي کي ’ڪاڇي جو‘
سردار سڏيو ويو آهي، جنهن مان مراد ’ڪڇ جو‘ سردار
آهي. سندس حويلي ۽ ڪوٽ کي ’ابڙي جو ڪوٽ‘(5)
يا ’ڪُـوپيجن جو ڪوٽ‘ (ڪـُـوپن بهادرن جو ڪوٽ)
سڏيو ويو آهي ۽ پڻ ڄاڻايو ويو آهي، ته ’ابڙي جو
ڳوٺ‘ (صحيح ’ڪوٽ‘) ڪاڇي ۾ هو(6)
. ڪڇ جي شاعر ڪاراڻي کيس ”ڪاڇي جو نر“ يعني ’ڪڇ جو
بهادر مرد‘ ڪري سڏيو آهي:
ڪاڇي جو نر ڪيسري، ابڙو چئي ٿو ايئن:
’ڀلي آيون ڀينرون، ائين فڪرمَ، رهجؤ ڪيئن‘(1)
* گولائي – ڌڻي: جڏهن عالادين ابڙي تي چڙهائي ڪئي،
ته پهريائين ڀانيائين ته هو ’ڀـُـڄ‘ جو حاڪم آهي ۽
انهيءَ ڀل وچان پهريائين ’ڀڄ‘ تي چڙهائي ڪيائين:
”ڀـُـلي آيو هوس ڀڄ تي، نه ته جهـَـلي ڪـَـيان ها
جهي“
پوءِ وڌيڪ پڪ ڪرڻ لاءِ پڇيائين ته ابڙو ڪهڙي پاسي
آهي؟ انهيءَ تي ماڻهن ٻڌايس ته:
”گجي ٿو ’گولائي - ڌڻي‘، ٻيو ’مورهري‘ مستان“(2)
”گولائي“ ۽ ’ٻٻر‘ ٻئي لاڳيتا شهر ڪڇ ۾ لکپت کان
ڏکڻ ۽ تاريخي ماڳ ’مـَـڻـِـيهري گـَـڍ‘ (جيڪو ڄام
مـَـنهين جي نالي سان سڏجي) کان اُتر آهي. اهي ماڳ
ڪـَـنڊ جي علائقي ۾ اچي وڃن ٿا.
* ڪنڊ ملڪ جي ٽوپي: جڏهن دودي پڇيو ته سامون ڪنهن
وٽ ڇڏجن، تڏهن ڀاڳ فقير ابڙي جو نالو کنيو ۽
چيائين ته:
ابڙاڻي ابڙو، سـُـڄي ڪـَـنڊ ڪُـلاهه
ڏئي منهن مهند ۾ سمهون سن منجهاه
هـُـني جي اڳياه، بيهي سگهي ڪونه ڪو(3)
فقير ٿو چوي ته ابڙو ابڙاڻي، ”ڪَـنڊ“ جي ٽوپي
(ڪلاهه) آهي. ”ڪـَـنڊ“ (ڪاف جي زير سان) ڪڇ ملڪ جو
هڪ مشهور علائقو آهي ۽ لکپت کان وٺي ويندي جکائو
بندر تائين ’ڪنڊ‘ جي حد آهي. ان وقت ڪنڊ وارو ملڪ
ابڙي جي حڪمران هيٺ هو. ٻي روايت مطابق ان وقت
’ڪـَـنڊ‘ ۽ ’ڪـَـڪراڙو‘ ٻئي مهڙ، هوٿي، اَڍي ۽
لاکيار (ڀائرن) جي هٿ ۾ هئا. هن بيت ۾ ٻيو اهڃاڻ
’اڳياه‘ جو آهي، جنهن جي هڪ معنيٰ آهي اڳيان يا
آڏو ۽ ٻي معنيٰ ۾ شايد ابڙي جي ماڳ يا شهر جو نالو
هجي:’هـُـنـِـي جي اڳياه‘ معني هنن جي حد يا شهر
’اڳياه‘ ۾ ڪنهن کي بيهي مقابلي ڪرڻ جي طاقت ڪانهي.
هن ڳالهه کان ٻاهر ٻئي هڪ بيت ۾ پڻ آهي ته:
”ابڙو اڳياهن ۾، سٻڙ جئن ٻيلي“ (ڏسو هيٺ)
* جوڻاچا جو سردار: ڪڇ جي ڪن سگهڙن(1)
جي روايت موجب جڏهن ڀاڳ فقير سامون وٺي ابڙي
جوڻيجي وٽ پهتو ته هن پاڻ، يا سندس ماءُ، هن طرح
جواب ڏنو ته:
او ابڙو اڀڳ، او ڏونگر ئي ڏيهه ٻئو
او جـُـوڻا چائوجڳ، جو سرڻيين جا سوٺا سـَـهي.
يعني چيائون ته: اهو ابڙو جنهن جو اوهان پڇايو ٿا،
سو هت نه آهي: ان جو ڏونگر ۽ ڏيهه ئي ٻيو آهي.
’جوڻاچائو‘ ملڪ ۽ راڄ آهي، جتي ابڙو آهي. ’جوڻاچا‘
نالي شهر ۽ تر، ڪڇ جي شهر ’نـَـريي‘ جي الهندين
ڀاڱي (موجوده تعلقي لکپت) ۾ آهي، جتي چون ٿا ته
ابڙو جاڙيجو حاڪم هو. اَبڙاسيي وارو موجوده علائقو
انهيءَ ’جوڻاچا‘ واري مرڪز کان ڏکڻ طرف آهي.
* ڀٽ - ڌڻي (’آڳاها‘ يا ’ڳياهه‘ ۾؟). رسالي جي (سر
بلاول) هيٺين بيت ۾ ابڙي کي ’ڀٽ - ڌڻي‘ سڏيو ويو
آهي، سو غالباً انهيءَ ڪري جو اها جاءِ جتي چون
ٿا، ته ابڙي جو ’ڌڙ‘ پوريل آهي سا مٿي ’ڀٽ‘ تي
آهي، جيڪا ’ابڙي واري ڀٽ‘ سڏجي(2)
:
ابڙو اڳاهن ۾، سپڙ جيئن ٻيلي
سي پـَـٽَ ڪنهن نه پوريا، جي ٿو ڀڙ ڀيلي
سڄڻ سانوڻ مينهن جئن، رڃون ٿو ريلي
اچن جي ويلي، تن بور بخشي ڀٽ - ڌڻي.
پهرين سٽ مان اهڙو اهڃاڻ پڻ نڪري ٿو(1)
ته ’اڳاهن‘ يا ’اڳياهن‘ مان مراد ڪو شهر يا ماڳ
مڪان آهي، ڇاڪاڻ ته جيئن ’سپڙ‘، ’ٻيلي‘ (شهر يا
ملڪ) ۾، تيئن ابڙو ’اڳاهن‘ ۾ آهي. انهيءَ لحاظ سان
’اڳاها‘ يا ’اڳاهه‘ يا ’اڳياهه‘ ڪو ماڳ مڪان (يا
ملڪ جو ڀاڱو) هو. اهو گمان انهيءَ ڪري ٿئي ٿو، جو
هن ڳالهه جي هڪ روايت ۾ ڄاڻايل آهي، ته عالادين
جڏهن چڙهي آيو، ته ’اڳياهه‘ ۾ اچي لٿو(2)
. هڪ ٻئي بيت ۾ (جيڪو هيٺ ايندو) پڻ ’ابڙي جي
اڳياهه‘ جو حوالو انهيءَ معنيٰ ۾ ملي ٿو.
* ڪڇ ڌڻي: جيئن ته ابڙي جو ملڪ ڪڇ ۾ هو ۽ ٿي سگهي
ٿو، ته سڄي ڪڇ تي سندس قبضو هو، انهيءَ ڪري کيس
’ڪڇ ڌڻي‘ سڏيو ويو آهي:
ابڙو، وَڏ - وَڙو، سمو سونهن سڀن
تنهن در سڀ اچن، ڪنڌ نه ڪڍي ڪڇ - ڌڻي(3)
---
اَبڙو، وڏ - وڙو، سـُـوڙو جهلي سامن
سرڻن جا سونٺا سهي، سمو سونهن سڀن
تو در تـُـرڪ اچن، ڪيئن ڪـَـريندين ڪڇ - ڌڻي.
هڪ روايت ۾ ابڙي کي ”ڪيهر ڪڇ - ڌڻي“ سڏيو ويو
آهي:
ڪيهر ڪڇ - ڌڻي ابڙو آهي
الله خاطر اَڀـِـينـَـدو مٿو منڊائي
سـَـهڄڻ سندو سومرين او نيندو نباهي(4)
’ڪيهر‘ جي هڪ معنيٰ شينهن آهي، پر ٻي معنيٰ ۾
’ڪيهر سما‘ آڳاٽو ٿي گذريا، جن ڪڪرالي ۽ ڪڇ طرف
پنهنجو ڌاڪو ڄمايو ۽ ويندي پوئين دؤر تائين ڪيهر
’ڪڪرالي جا ڄام‘ ٿي رهيا. هن قبيلي ۾ ’مهڙ ڄام‘
آڳاٽو ۽ مشهور ٿي گذريو. هن ساڳي روايت ۾ ’مهڙ
ڄام‘ جو نالو پڻ اچي ٿو. جڏهن سومريون سام ٿي ابڙي
ڏانهن ٿي ويون، ته ’مهڙ ڄام‘ جي حدن مان لنگهيون ۽
جڏهن کيس معلوم ٿيو ته عالادين جو لشڪر پويان ٿو
اچي، تڏهن مهڙ ڄام پڻ چيو ته: هن گس سان آءٌ به
ابڙي جو هڪ سڄڻ آهيان، پنهنجي وت آهر وڙهندس ۽
چڙهي چوٽ ڏيندس. پوءِ سندس ماءُ کيس آسيسون ڏنيون،
’ماءِ ته مهڙ ڄام کي اڀي ڏي آسيس‘(1)
هن روايت موجب ’ابڙو ڪيهر ڪڇ - ڌڻي‘ ۽ ’مهڙ ڄام‘
ساڳئي وقت ۾ ٿي گذريا. هن باري ۾ ٻيا جيڪي آڳاٽا
حوالا ملن ٿا، انهن ۾ اختلاف آهي، پر سگهڙن جي هڪ
زباني مان البت هن روايت جي قدري پٺڀرائي ٿئي ٿي.
هن زباني موجب، ابڙو جاڙيجو ۽ چار ڀائر (ڪيهرن جا
وڏا؟) مهڙ، هوٿي، اڍو ۽ لاکيار ساڳئي وقت ۾ ٿيا.
ڪڇ جي موجوده تعلقي لکپت جي ڏکڻ اڀرندين وارو ملڪ
’ابڙاسيو‘ ابڙي جي هٿ ۾ هو. ’ڪاري نئن‘ دنگ هئي،
جنهن کان الهندي طرف ’ڪـَـنڊ‘ ۽ ’ڪـَـڪراڙو‘
(سـَـتاهه جو اڀرنديون ڀاڱو، ڪاڪيجائي ۽ ان کان
اڀرندي طرف ’ڪاري نئن‘ تائين) چئن ڀائرن، مهڙ،
هوٿي، اڍي ۽ لاکيار جي هٿ ۾ هئا. ابڙي جي مارجڻ
کان پوءِ، ابڙي وارو ملڪ پڻ مهڙ ۽ سندس ڀائرن هٿ
ڪيو(2).
ابڙي جي وقت ۾ ٻيا به سما سردار ڪڇ جي ڀر وارن
علائقن ۾ هئا، پر ابڙو غالباً سڀني جو سرواڻ ۽
سلطان هو:
’اول جهليندو ابڙو، جيڪو سلطان سمن‘ (ص 280)
ابڙي جي پري پيڙهي:
اڪثر روايتن ۾ ابڙي کي جيتوڻيڪ ’سمون‘ سڏيو ويو
آهي، مگر ڳچ روايتون اهڙيون پڻ آهن، جن ۾ ابڙي کي
’جاڙيجو‘ ڪوٺيو ويو آهي:
آڳـَـهـُـه اڙين آهيين، تو جاڙيجا جس(3)
--
ابڙا! آيون تو ڳري، سانـُـو سرڻيون پـَـس
آڳهه اڙين آهيين، تو جاڙيجا جـَـس(1)
ابڙي پاڻ قول هو ڪيو ته: ’جاڙيجاڻي ذات‘ آهيان، سو
سومريون جيڪي سامون ٿي آيون آهن، سي ڪنهن به طمع
يا لالـچ تي ڪونه ڏيندس:
سهرون ڏيان سومريون، ڏيهه گهران جي ڏات
توڙائين ڪ نيک مل، نا ته جاڙيجاڻي ذات(2)
سامون آيون پر ابڙو گهر ڪونه هو، تڏهن سٻڙ (ابڙي
جي پٽ يا ڀائيٽي) ٻاگهي کي دلداري ڏيندي چيو ته
’جاڙيجا‘ جيستائين سلامت هوندا ته اوهان کي هٿان
نه ڇڏيندا. تون اسان کي پنهنجو پيءُ يا ڀاءُ ڪري
ڄاڻ:
ابو تنهنجو ابڙو، سٻڙ تنهنجو ڀاءُ
هوندا جاڙيجا جوءِ ۾، ته ڏسي پوءِ ڏيندا.
ٻاگهي پڇيو ته جاڙيجا ڪٿي آهن، اسين ته پاڻ کي
هيڪلڙيون ٿيون ڀانيون! تڏهن سٻڙ ورندي ڏني ته:
جهجها جاڙيجا جوءِ ۾ اجهي آياسون
سومريون سلطان کي سمجهي ڏينداسون(3)
ڪڇ جا ’جاڙيجا‘ مٿان سنڌ جي سمن جي بنياد مان آهن،
الت سمن جي نسبنامي جي روايتن ۾ انهيءَ بڻ بنياد
وارين پـُـرين ۽ پيڙهين ۾ اختلاف آهي. مثلاً: هڪ
روايت موجب، جاڙيجن جو ڏاڏو ويرو پٽ ساند پٽ پلي
پٽ رائڌڻ پٽ ڪاڪو پٽ سمو پٽ انڙ پٽ لاکو پٽ ڳوراڙو
هو. ويري جي گهر ٻه جاڙا ڀاءَ ڄاوا، هڪ لاکو ٻيو
لکڌير. لاکي جاڙي جو اولاد جاڙيجا ٿيو. ٻي روايت
موجب جاڙو پٽ ساند پٽ پلي پٽ رائڌڻ(4)
تنهن کي اولاد ڪونه ٿيو، پر سندس ڀاءُ ويرو تنهن
کي جاڙا ٻار ڄاوا، هڪ لاکو ٻيو لاکيار. پوءِ جاڙي
پنهنجي ڀائيٽي لاکي کي پٽيلو ڪيو، جنهنڪري ’لاکو
پٽ جاڙي جو‘ سڏجڻ لڳو: اهو ’لاکو جاڙي جو‘ تنهن جو
اولاد ’جاڙيجا‘ ٿيا. جڏهانڪر ڪڇ جا سما ’جاڙيجا‘
سڏجڻ لڳا ته سنڌ وارا ’سنڌ سما‘ سڏجڻ لڳا.
ابڙو ابڙاڻي: تاريخ طاهري مطابق ”ابڙو ابڙاڻي“
سمون هو، جنهن ڏانهن سامون موڪليائون(1)
. ’سنڌ جي نسبنامي‘ جي اصطلاح مطابق ’ابڙو ابڙاڻي‘
معنيٰ ’ابڙو پٽ ابڙي جو‘. دودي - چنيسر ڳالهه جي
ڪن روايتن ۾ پڻ کيس ’ابڙو ابڙاڻي‘ سڏيو ويو آهي(2)
. جيئن ته:
ابڙو ابڙاڻي، سـُـڄي ڪـَـنڊ ڪـُـلاه
(ڀاڳ فقير چيو)
---
ابڙا ابڙاڻي! تو کي دودي ڏنا سلام:
’وڙهان ويريين سامهون جي تون سرڻيين جهلين سام‘!
(دودي چيو)
----
ابڙا ابڙاڻي! تو کي ماٿيلو ملتان ڏيان ٻي
جهجهي ڏيان ڀـُـون
سامون جي سومريون سي موٽائي ڏي مون!
(عالادين چيو)
هڪ روايت ۾ کيس ’ابل ابڙاڻي‘ سڏيو ويو آهي(3)
۽ ٻيءَ ۾ سندس نالو محمد ڄاڻايو ويو آهي(4)
. هڪ روايت اهڙي به آهي، جنهن ۾ سندس نالو
’جئسينگ‘ ڄاڻايو ويو آهي، جيڪو صحيح ناهي(5)
.
’سمن جي نسبنامي‘ جي هڪ روايت موجب پڻ ابڙي جي
پيءُ جو نالو ابڙو هو. ان روايت موجب ابڙو پٽ ابڙي
جو ۽ اهو پٽ ’جيهي‘ جو. پوءِ اڳتي پـُـري هن طرح
ته جيهو پٽ گجڻ پٽ رتو پٽ رائڌڻ پٽ لاکو پٽ ساند
پٽ پلي(1)
. سنڌ جي هڪ ٻي روايت موجب: ابڙو پٽ ويرو پٽ گڙُ
راهو پٽ جـوڻو پٽ هوٿي پٽ ڄام هالو(2)
.
ابڙو الفاڻي: ميرپورماٿيلي ۾ ڪيل هڪ ڪچهري ۾(3)
درگاهي پٽ واليڏني فقير مڱڻهار ابڙي کي ’الفاڻي
ابڙو‘ پئي چيو. هن ڳالهه جي ڪن روايتن ۾ پڻ کيس
ابڙو الفاڻي سڏيو ويو آهي. جڏهن دودي پڇيو ته سامن
جهلڻ جهڙو ڪو مڙس آهي، تڏهن منگتي فقير نالا کنيا
جن ۾ ’الفاڻي ابڙي‘ تي دودي ڀروسو ڪيو. فقير سندس
نالو هن طرح کنيو:
الفاڻي ابڙي آهي پـُـرس اُتاهين پاڳ
جنهن ۾ سامائي سڀڪو، نـَـرُ ايڏي لاڄ(4)
جڏهن دودي طرفان منگتو ابڙي واري ڪچهري ۾ پهتو ۽
پڇيائين ته ابڙو ڪهڙو آهي، ته ويٺلن کيس
سمجهائيندي چيو ته اوهان (سنڌ وارا) کيس ابڙو
سڏيو، پر اسين سڏيون ’ابڙو الفاڻي‘:
اوهان سڏيو ابڙو، اسان سڏيون اَلفاڻي
الفاڻي اڳ هئا، هي ڪـُـوپن سندو ڪوٽ(5)
هن ڳاهه مان اهو گمان پڻ نڪري ٿو ته ابڙو ’الفاڻي‘
گهراڻي مان هو ۽ کانئس اڳ پڻ ٻيا نامور ’الفاڻي‘
ٿي گذريا. جڏهن سامون ابڙي جو پڇيائينديون ويون ته
ڏس مـِـليـُـن ته:
رٺوئي رڻ گهري، پاکر نه پائي
ابڙو الفاڻي اڃان آڳـہ تي آهي(6)
سنڌ جي نسبنامي جي اصطلاح موجب ’الفاڻي‘ معني ’الف
جو پٽ‘، يعني ابڙو پٽ الف جو. ٻيو هڪ گمان اهو
نڪري ٿو، ته ’الفاڻي‘معنيٰ ’الف وارو‘ يعني ’الله
وارو‘ يا مـُـوَحد. هڪ روايت موجب ابڙو سندس قبيلي
مان پهريون شخص هو، جيڪو مسلمان ٿيو (ٻئي هڪ بيان
موجب عالادين بادشاهه جي ايلچي سيد محمد شاهه جي
هٿ تي مسلمان ٿيو.) هو ٻاهتر ڏينهن چلي ۾ ويٺو ۽
وڏي عبادت ڪيائين. انهيءَ ڪري ئي عام ويساهه موجب،
سر لٿي کان پوءِ کيس بـُـبن ۾ اکيون ٿيون ۽ ٻاهتر
ڏينهن وڙهندو رهيو. ببن ۾ جنهن کي اکيون ٿين، تنهن
کي ’کونتو‘ يا ’کـُـونڌ‘ چئبو. ڪڇ ۾ ’کـُـونتا‘
رڳو ٻه ٿيا: اوائلي دؤر ۾ ابڙو ۽ پوئين دؤر ۾
ڀيمجي جاڙيجو(1)
.
هاشم ڀنڀري جي روايت ۾ ابڙي کي ’ابڙو ڄام‘ ۽ ڀاڻس
کي ’ڀلو ڄام‘ سڏيو ويو آهي. پر غالباً ’ڀلو ڄام‘
صحيح ناهي ۽ نالي جي اها غلطي پوئين دؤر جي راوين
کان انهيءَ ڪري ٿي آهي جو شاعر سامي جي ڳالهه ۾
آيل هيٺين ڳاهه کي صحيح طور سمجهي نه سگهيا:
مهڙ مئو ته ڀلو ٿئو، پر ڀلو ٿئو ڀاس
جنهن سوا لک واٽيو، سـُـڻي ڍڍ سـِـيڻاس.
ڀانيائون ته ابڙي جي ڀاءُ جو نالو ’ڀلو‘ هو.
بهرحال هاشم ڀنڀري ۽ ٻين جي روايت موجب ابڙي جي
ڪٽنب جو سلسلو هن طرح بيهي ٿو(2)
:
|