سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سومرن جو دور

باب: 2

صفحو :18

 

1 - سومرن جو شجرو

ڀاڳن فقيرن جي روايت

]هي روايت اسان کي آدم فقير ڀاڳ، عمر ستر سال، حال رهندڙ دڙيلو، تعلقو سامارو کان ملي. آدم فقير سان هڪ ڪچهري 5 - مارچ 1976ع تي پٺاڻ آباد ۾، ۽ ٻي ڪچهري ڳوٺ حاجي جان محمد وسائي پوٽو (دڙيلو) ۾ 5 - مئي 1978ع تي ٿي. چيائين ته سومرن جا ’ڀاڳ‘ ڪڇ ۾ رهيا. دودي جي جنگ وقت محمد نالي ڀان هو، جيڪو ڪڇ ۾ ابڙي وٽ سامون وٺي ويو ۽ پوءِ ڀان مان ٿيو ڀاڳ. هو ’ٻوڙو ڀاڳ‘ ڪري سڏبو هو. ان جي اولاد مان ڪڇ ۾ رهندڙ ڀاڳ فقير ٿيا. سندن رهائش ڪڇ ۾ شهر رائپور کان 7 ڪوهه اوڀر طرف ڳوٺ ’ڀـُـڃائو‘ ۾، جتي هن وقت تائين آدم فقير جا مائيتا ڀائر الله ڏنو ۽ جاني رهن. ڀـُـڃائو مان ٻن ڀائرن عثمان ۽ اسحاق جو اولاد پوئين ويجهي دؤر ۾ اچي سنڌ ۾ رهيو. اسحاق جي اولاد مان ابوبڪر پٽ واحد ڏنو پٽ اسحاق هو. انهن منجهان هاڻي پويان نندي شهر کان ڏکڻ - اوڀر طرف ’کاهـِـي ٻيري‘ ۾ رهن. عثمان جي اولاد مان آدم فقير (پٽ عمر پٽ ڇٽو پٽ عثمان) جيڪو هن وقت دڙيلي ۾ حاجي جان محمد وسائي پوٽي جي ڳوٺ ۾ رهي.

آدم فقير چيو ته: اسان جي وڏن وٽ سومرن جو شجرو هو ۽ مون وٽ به هو، پر مون کان پوءِ. چيائين ته فتح محمد سومري (ويٺل هرڪن، تعلقو عمرڪوٽ) وٽ جيڪو شجرو لکيل آهي، سومرن کيس ڏنو هو. محمد هاشم سومري (ويٺل بدين) جي پنهنجي زباني موجب، هن سومرن جو شجرو، آدم جي پيءُ عمر جي ڪتاب تان اُتاريو هو.

آدم فقير کي هن وقت گهڻي ويسر آهي ۽ کيس شجرو ياد ڪونهي. اسان کيس محمد هاشم کان ورتل ۽ ڀانن جي ڪتاب تان اُتاريل شجرا پڙهي ٻڌايا، جنهن جي تائيد يا رد ۾، يا اسان جي پڇيل سوالن جي جواب ۾ جيڪي چيائين سو هيٺ ڏجي ٿو.     ن - ب[

(الف) آدم ڀاڳ جي زباني:

- سومرا سنه 221 هجري کان شروع ٿيا.

- وڏو امير شهاب الدين جنهن جو پٽ امير ساهو، جنهن کي 14 پٽ ٿيا. ٻارهن ختم ٿي ويا باقي بچيا ٻه: سومرو ۽ سومچند.

- اصل صحيح سومرا ساڍا چوڏهن ڪڙم هئا. ’ساڍ‘ يعني ’اڌ‘، پر سڄو سربستو نه ٿيو. اهو هيئن جو مـَـتـُـو کي ٻه پٽ ٿيا: هڪ همير جنهن مان ’همير پوٽا‘ ٿيا، ٻيو ’جيئو‘ جنهن مان ’جيئي پوٽا‘ ٿيا. جيئو گهوڙا ٻاري طرف رهندو هو ۽ ٻاهران پرڻيو، جنهنڪري سندس اولاد کي ’اڌ ڪڙم‘ يا ’اڌ پاڙو‘ ڪري ڳڻيائون. اڳئين وقت ۾ ’همير پوٽا‘ ۽ ’جيئي پوٽا‘ هڪٻئي سان ڪين گڏبا هئا، (پاڻ ۾ سڱ بند ڪين ڪندا هئا).

- دودو پتريو، تنهن کي چار پٽ ٿيا: مـَـتـُـو، کينئرو، عمر ۽ خفيف.

- سومرا سڀ ’همير‘ آهن. همير ڪو وڏو سومرو بادشاهه هو، جو پوءِ سومرا سندس نالي سان مشهور ٿيا. اڃان تائين چوندا ته ”همير آهيان“ معنيٰ ته ”سومرو آهيان“.

- هيٺيان ۽ ٻيا پاڙا سومرن جا سنڌ ۾ آهن:

* طائي پوٽا: واحد بخش وارا جيڪي سٽيشن ’هاسي سـَـر‘ ۽ سٽيشن ’ڇور‘ جي وچ تي نـُـهيون ۾ رهن (ضلعو ٿرپارڪر).

* خفيف: ڳوٺ نهيون ۾ رهن (ضلعو ٿرپارڪر).

* مـَـتـُـو: ڳوٺ صوفي فقير (ضلعو ٿرپارڪر).

* کـِـينئرا: محمد عثمان سومري وارا ٺٽي لڳ (ضلعو ٺٽو)

* ڀـَـئـياڻي: جهرڪن کان ڏکڻ طرف رهن (ضلعو ٺٽو).

* عيسا: سومرا آهن، پر عيسو پوءِ ٿيو ۽ ساڍن چوڏهن مکيه پاڙن ۾ ناهي.

* ’ساجن‘ سومرا، همون جي اولاد ۾ آهن.

* رُڪن يا رُڪناڻي سومرا، ’مـَـتـُـو‘ جي اولاد ۾ آهن.

* رائيناڻي، اَبڙا، لـَـڌا، رُڪناڻ، جيئا (اڌ پاڙو) اهي سڀ سومرن جا پاڙا آهن.

* ميرڻ ۽ ان جو اولاد، ميرڻاڻي سومرا آهن، پر هاڻي بلوچ پيا سڏائين.

* ’قياس‘ يا ان جو اولاد ’قياساڻي‘ سومرا ڀاڳن واري شجري ۾ آيل ناهن.

(ب) ابوبڪر ڀاڳ جي زباني:

سال 1963ع ۾ سندس عمر 83 ورهيه هئي ۽ پنگريي کان 6 ميل اوڀر طرف هيبت اولياءِ لڳ ويٺل هو. چيائين ته: اصل سومرا سنڌ ۽ ڪڇ جي سرحد تي رهندڙ هئا ۽ وڏيرا اصل کان طائي پوٽا هئا. دودو چنيسر به طائي پوٽا هئا ۽ سندن حڪومت ڇهين سن ۾ هئي. مـَـتـُـو پوٽا صحيح سومرن جو پاڙو آهي.

2 - سومرن جو شجرو

لاڙ جي ڀانن وٽ لکيل يادداشت مطابق

]هي شجرو ٽنڊي باگي تعلقي جي ڀانن فقيرن (ويٺل کاهي ٻيرو ۽ شورن جو پتڻ) وٽ لکيل يادداشت مطابق آهي ۽ اهو مرحوم حاجي يوسف ڀان جي ڪاغذن مان، ڳوٺ خليفا مٺي وارا (خليفي نبي بخش صاحب جو اولاد) ۾ 1 - آگسٽ 1964ع تي خليفي محمد هاشم لغاري طرفان سڏايل وڏي ڪچهري جي موقعي تي اُتاريو ويو.   ن. ب[

* امير ساهـُـو: جنهن جو پٽ سومرو ٿيو، جنهن مان پيڙهي پڌري ٿي جيڪي سومرا سڏجڻ لڳا.

* ’سومره‘: جنهن جي پنجين پيڙهي ۾ ’ڀارَ مـَـل ڀين‘ ٿيو.

* ڀارَ مـَـل ڀين:  بن سـَـرهادي دودو بن ودهار خفيف بن ڪارو دودو بن ڀونگر بن سومره. ڀارمن ڀين کان وٺي امير ساهو تائين سڀئي سومرن جا پڳدار هئا. ڀارمل ڀين کان پوءِ سندس پٽ پـَـتريو دودو پڳدار ٿيو.

* پتريو دودو: جنهن کي چار پٽ ٿيا:

- کينئرو، جيڪو پاڳ وارو ٿيو.

- خفيف، لاولد گذاري ويو.

- عمر، جنهن جو اولاد ’عمر پوٽا‘ سومرا.

- مـُـتـُـو، جنهن جو اولاد مـُـتـُـو يا مـُـتـُـو پوٽا سومرا.

* کينئرو: هن کي ٽي پٽ ٿيا.

- دودو، جيڪو پاڳ وارو ٿيو.

- محمد، جنهن تي وڏي ڀاءُ دودي کان پوءِ پڳ آئي.

- طائي، جنهن جو اولاد ’طائي‘ يا ’طائي پوٽا‘ سومرا.

* دودو، جنهن کي پنج پٽ ٿيا:

- مرزو، جنهن جو اولاد ”مرزاني سومرا“

- گورچ، جنهن جو اولاد ’گورچاڻي سومرا‘

- دودو، لاولد گذاري ويو.

- چنيسر، لاولد گذاري ويو.

- شيخ رِهاڻ جـِـگري، جنهن جو اولاد ’جگري رهاڻ پوٽا‘ سومرا.

* محمد، جنهن تي سندس وڏي ڀاءُ دودي کان پوءِ، پڳ آئي. سندس پٽ عمر، جنهن جو پٽ چنيسر ٿيو.

* چنيسر پٽ عمر پٽ محمد. چنيسر کي ست پٽ ٿيالخ:

- ڀـِـيئي (ڀـِـين) جيڪو پڳ وارو ٿيو.

- هـَـمـُـون، لاولد گذاري ويو.

- کينئرو، لاولد گذاري ويو.

- جـِـيئو، جنهن جو اولاد ’جيئا سومرا‘.

- ڀونگر، جنهن جو اولاد (سندس پيڙهي مان ’ڀيئي‘ ٿيو، جنهن جي پيڙهي مان) ’ڀـِـيئاڻي سومرا‘.

- طائي، جنهن جو اولاد خليفا کٻڙاري وارا.

- نـَـبو.

* ڀيئي: پاڳ وارو هو، سندس پٽ همير.

* همير: پاڳ وارو هو، سندس پٽ خفيف.

* خفيف: پاڳ وارو هو، سندس پٽ ڀونگر.

* ڀونگر، پاڳ وارو هو، سندس ٻه پٽ ٿيا، دودو ۽ چنيسر.

* دودو، پاڳ وارو هو، جنهن کي هڪ پٽ ٿيو، سـَـميسو عرف همير.

* سميسو عرف همير، پاڳ وارو هو، جنهن کي ٻه پٽ ٿيا:

- ڀونگر، جنهن تي پڳ آئي.

- دودو، جنهن جو اولاد ’پروت‘ ۾ ويٺل سومرا.

* ڀونگر کي ٻه پٽ ٿيا:

- ڌڻي پـَـسايو.

- قياس(1) جنهن جو اولاد قياسائي سومرا.

* ڌڻي پـَـسايو، جنهن کي پنج پٽ ٿيا:

- لـَـڌو، جنهن جو اولاد ’لڌا‘ يا ’لڌي - پوٽا‘ سومرا.

- ساڪـَـريو (يا سـَـڪـَـريو)، جنهن جو اولاد ساڪرياڻي (سـَـڪرياڻي) سومرا.

- گاگن، جنهن جو اولاد گاگناڻي سومرا.

- هـَـمـُـو، جنهن کي چار پٽ ٿيا:

- رَوو، جنهن جو اولاد ’رَوا سومرا‘.

- کيئو، جنهن جو اولاد ’کيئا سومرا‘.

- مانجهي، جنهن جو پٽ رُڪن، جنهن جو اولاد ’رڪناڻي سومرا‘(1) .

- خفيف، جنهن جو اولاد ’خفيف سومرا‘.

- محمد، جنهن مان گهڻو اولاد ٿيو.

* محمد، جنهن کي ست پٽ ٿيا:

- عيسو، جنهن جو اولاد عيساڻي سومرا.

- سـَـهيـُـون، لاولد گذاري ويو.

- سـَـميسو، جنهن جو اولاد ’سـَـميسا‘ سومرا.

- گـَـبـَـرُ، جنهن جو اولاد ’ابڙا سومرا‘ ۽ ’جاکرا سومرا‘(2) .

- رائينو، جنهن جو اولاد ’رائيناڻي‘ سوم را.

- ڀارو، جنهن جو اولاد ’ڀارا سومرا‘.

- مـَـرڪـَـندو، جنهن جو پٽ ڀونگر، جنهن جو پٽ همير، جنهن جو پٽ ڀين، جنهن جو پٽ ڀونگر.

* ڀونگر (پٽ ڀين پٽ عمر پٽ همير پٽ ڀونگر پٽ مرڪندو) کي ٻه پٽ ٿيا:

- چنيسر، جيڪو ڏاڏي پوٽيءَ مان هو ۽ لاولد گذاريائين.

- دودو، جيڪو سوڍِي مان هو ۽ لاولد گذاريائين.

 

***

3 - سومرن جو شجرو

گڏ ڪيل محمد هاشم سـَـڪـَـريي جو

]محمد هاشم سومرو، پاڙو سـَـڪـَـريو، اصل ويٺل شهر کاوَڙو، پـَـڇم ملڪ ڪڇ جو، ۽ پاڪستان کان پوءِ رهندڙ شهر بدين، سومرن جي شجري ۽ تاريخ  جو مطالعو ڪندڙ آهي. ساڻس انهيءَ سلسلي ۾ ٽي ڀيرا ملڻ ٿيو - 1975ع جي آخر ۾، 2 - جنوري 1976ع تي ۽ وري 1 - جون 1977ع تي. انهن ملاقاتن ۾ ٻڌايائين، ته هن گهڻي وقت کان وٺي سومرن جي شجري جي پڇا پئي ڪئي آهي ۽ هيٺيون شجرو گهڻي ڀاڱي هن 1927ع ڌاري عـُـمر ڀاڳ(1)- ويٺل ڀـُـڃـائو، لڳ راڻپور، ڪڇ - جي ڪتاب تان نقل ڪيو. اهو ڪتاب گجراتي اکرن ۾ توڙي، سنڌي اکرن ٻنهي ۾ لکيل هو. محمد هاشم جي عمر اُن وقت 15 سال کن هئي. محمد هاشم پوءِ ٻئي هنڌان پڇائون ڪيون، ڪتاب پڻ پڙهيا ۽ انهيءَ مسلسل مطالعي جي آڌار تي هيٺيون شجرو مرتب ڪيائين. ن.ب[

سومرا امير:

1. امير اَڀـَـن، عربن جي واري ۾ هو، جنهن جو پٽ

2. امير سومار، جنهن جو پٽ

3. امير صاحبو (ٻن شجرن موجب) يا امير صاحب دين (هڪ جدا شجري موجب)، جنهن جو پٽ

4. امير ساهـُـو، جنهن جا پنج پٽ ٿيا:

- وڏو سومرو

- ٻيو سومچند

- ٽيون ويڳو

- ٻه ٻيا نامعلوم

انهن ٻاٻي قوم کي شڪست ڏني ۽ گجرن جي ڪوٽ تي قبضو ڪيو(2) . ان بعد سومرا بادشاهه ٿيا.

سومر ا بادشاهه

1.      سومرو: راجا راڄپال گجر کان جنگ ڪري، وڳـہ ڪوٽ ورتائين. ان کان پوءِ هي سنڌ جو بادشاهه ٿيو. شهر ٿـَـرِي ۾. سندس پٽ

2.      ڀونگر، وِيرَ ٿـَـرِي وارو، جنهن جو پٽ

3.      ڪارو دودو: جنهن جو پٽ

4.      ويرار (ورهيا يا ورهيار) خفيف. هي منصوره جو بادشاهه هو، جڏهن سلطان محمود غزنوي سنڌ ۾ آيو. سندس پٽ

5.      سراج دين دودو(1) جيڪو سلطان مودود جي ڏينهن ۾ غزني ويو هو. سندس پٽ

6.      ڀارو ڀـِـينءُ: جنهن جو پٽ

7.      پـَـتـَـرِيو دودو (يعني پيرن فقيرن جو پتريل، دعا سان رڱيل)، جنهن کي چار پٽ ٿيا(2)

- خفيف، جو لاولد گذاري ويو.

- عمر، جنهن جو اولاد عمر - پوٽا سومرا (محمد هاشم ’عمراڻي‘ چيو)

- متو، جنهن جو اولاد متو سومرا

- کينئرو، جيڪو گادي ڌڻي ٿيو.

8.      کينئرو، جنهن کي ٽي پٽ ٿيا:

- هڪ دودو

- ٻيو طائي، جيڪو گادي تي ويٺو

- ٽيون محمد

9. طائي: هن کي اٺن سالن بعد گادي تان لاٿائون ۽ سندس ڀاءُ محمد کي گادي تي ويهاريائون. طائي جا ٻه پٽ ٿيا:

- هڪ گلو، ٻيو اجنو

- طائي جو اولاد ’طائي پوٽا‘ سڏجن.

10. محمد، پٽ کينئري جو ۽ ڀاءُ طائي جو، جنهن جو پٽ

11. عمر، جنهن عمرڪوٽ اڏايو. ان جو پٽ

12. چنيسر، مريلي ۽ ديبل وارو(1). سندس ست پٽ ٿيا:

- ڀـِـينءُ، جيڪو گادي ڌڻي ٿيو.

- همون، لاولد

- جيئو، اولاد جيئا سومرا

- کينئرو، لاولد

- ڀونگر، جنهن جو اولاد ’ڀـِـيئان‘ سومرا

- طائي، جنهن جو اولاد کـُـڻرائي وارا سومرا

- نـَـڀو، جنهن جو پٽ مـَـرڪـَـڻُ، جنهن جو اولاد مرڪڻ سومرا ۽ ننگر پوٽا سومرا

13. ڀـِـينءَ، جنهن جو پٽ

14. همير، جنهن جو پٽ

15. ڀينءُ، جنهن جو پٽ

16. همير، جنهن جو پٽ

17. خفيف، جنهن جو پٽ

18. ڀونگر، وڳـہ ڪوٽ وارو، جنهن جو پٽ

19. دودو اَسوَد، جنهن جا ٻه پٽ:

- چنيسر، جنهن جا ٻه پٽ محمد ۽ ڀونگر شهيد ٿيا:

- دودو، ملڪ جو والي ٿيو.

20. دودو عرف ’شهيد لال‘، سندس ٻه پٽ ٿيا:

- ننگر جيڪو شهيد ٿيو

- همير جيڪو ماءُ سميت ناناڻن سوڍن ۾ رهيو.

21. همير. دودي جي شهادت بعد اٺ سال ٽانڊو ڪونه ٻريو. ٻارهن سالن کان پوءِ، ماڻهو موٽيا ۽ وسنديون اچي ويٺيون. سنه 720 هه ۾ همير دودي جو جاءِ نشين ٿيو(2) .

22. ڀونگر. هن جي وقت ۾ سمن زور ورتو. هن جا ٻه پٽ

- هڪ قياسي، جنهن جو اولاد ’قياسي سومرا‘(1)

- ٻيو ڌڻي پسايو، جنهن جا پنج پٽ ٿيا:

- وڏو لڌو، جنهن جو اولاد لڌا سومرا

- ٻيو سـَـڪريو، جنهن جو اولاد سـَـڪـَـريا سومرا

- ٽيون گاگن، جنهن جو اولاد گاگن سومرا

- چوٿون پانڌي، جنهن جو پٽ ونهيون جنهن جي اولاد جي خبر ناهي(2)

- پنجون  همون، جنهن کي چار پٽ ٿيا:

- هڪ رائيو، جنهن جو اولاد رائيا سومرا(3)

- ٻيو کينئرو، جنهن جو اولاد کنيان سومرا

- ٽيون مانجهي، جنهن جو اولاد مانجهي سومرا

- چوٿون خفيف، جنهن جو اولاد خفيف سومرا

23. محمد: محمد طور يا مـُـنهن مـَـتـُـوءَ وارو، ڀونگر کان پوءِ، محمد گادي نشين ٿيو. اهو ڄاڻايل ڪونهي ته ڪو هو ڀونگر جو پٽ هو(4) سندس ست پٽ ٿيا:

- عيسو، اولاد عيسا سومرا

- سـَـنهـِـيـُـون، اولاد سـَـنهـِـيان سومرا

- سـَـميسو، اولاد سـَـميسا سومرا

- گـَـبـَـرُ، اولاد جکرا سومرا ۽ ابڙا سومرا

- رائـِـينو، اولاد رائينا سومرا

- ڀارو، اولاد ڀارا سومرا

- مرڪندو، اولاد مرڪندا سومرا

24. مـَـرڪندو، پڻس محمد کان پوءِ، گادي نشين ٿيو. سندس ٻه پٽ

- وڏو ڀونگر، ڏاڏي پوٽيءَ مان، جنهن کي سمن گادي تي نه ويهاريو.

- ننڍو اَنـَـيو دودو، جنهن جا ناناڻا سما جن کيس گادي تي ويهاريو.

25. اَنـَـيو دودو، عرف ارمائيل. هن جي ماءُ ڄام انڙ جي ڀيڻ هئي ۽ هو ننڍي هوندي کان ناناڻن ۾ رهيو. ڄام انڙ جي زور تي اچي گادي ورتائين ۽ ’ارمائيل‘ جي نالي سان گادي ڌڻي ٿيو. وڏو ڀاڻس ڀونگر ۽ ٻيا سنڌ ڇڏي ويا. جڏهن ڄام انڙ پوري طاقت هٿ ڪئي، تڏهن سنه 752هه ۾ ارمائيل کي قتل ڪري، سندس سـِـسي دروازي تي ٽنگايائين(1) ۽ پاڻ سنڌ جو بادشاهه ٿيو.

26. ڀونگر، مرڪندي جو پٽ، جنهن پوءِ ڪجهه عرصي بعد عمرڪوٽ ۽ ٿر واري ٻاهريين خشڪ علائقي تي قبضو ڪيو. هن جو پٽ:

27. همير، جنهن جو پٽ

28. عمر، ماروئي وارو، جنهن جو پٽ

29. همير، جنهن جو پٽ

30. عمر، جنهن جو پٽ

31. همير، مومل - راڻي وارو، جيڪو سومرن جو آخري حڪمران هو. ان کان پوءِ، سومرا سمن جا جاگيردار ٿي رهيا. هن همير کي سمن ماريو. اڳين نماز پئي پڙهيائين جو ماريائونس.

 

***

 

 

 

 

4 - فقير خير محمد صوفي ۽ فتح محمد سومري

وارو شجرو

ُ]فقير مرحوم خير محمد صوفي قادري، ڳوٺ صوفي تعلقو عمرڪوٽ، شجري جو ڪجهه حصو لکايو هو، جيڪو سندس فرزند صوفي ڏاتار بخش وٽ محفوظ هو. مٿين پيڙهين وارو ٻيو شجرو فتح محمد سومري، ڳوٺ ’هـَـرڪڻ‘ تعلقو عمرڪوٽ، وٽ هو. هيٺين شجري جو مدار انهن ٻن شجرن تي آهي ۽ اهو سنه 1975ع ۾ ماستر حاجي سومر خان، ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقو سنجهورو، راقم جي چوڻ تي مرتب ڪيو. جلال الدين کان مٿي وارو شجرو، ڳوٺ صوفي فقير جي سومره خاندان جي ڪنهن مقامي روايت مطابق آهي. ن.ب[

  

       بيبي زينب                           بيبي واصل عرف

جنهن مان ٻارهن پٽ ٿيا                 واڇـَـل پـَـري

جن جو شجرو محفوظ نه رهيو            جنهن مان ٻه پٽ ٿيا

 

سومرا بادشاهه

5 - سڄاڻ سگهڙ صوفي عثمان کٽيلخ* جي زباني روايت

ُ]سگهڙ عثمان کٽي سان اسان جي 1965ع ڌاري، پني عاقل ميرپورماٿيلي - گهوٽڪي طرف ڪيل ڪچهرين ۾ ملاقات ٿي. سومرن جي حڪومت ۽ حڪمراني بابت هيٺين روايت سندس زباني ميرپورماٿيلي ۾ 22 جون 1975ع تي قلمبند ڪئي ويئي. ن. ب[ لله

* مقداد. عباسي خليفن جي دؤر ۾ شهر سامرا جو امير مـِـقداد سنڌ جو گورنر مقرر ٿيو. سندس اولاد مان پنج گورنر ٻيا ٿيا. يعني جملي ڇهه گورنر ٿيا.

* ابن سومار. مقداد جي پيڙهيءَ مان ستون گورنر هو، جنهن جي اڳواڻي هيٺ سومرن زور ورتو. ابن سومار ملتان ۾ تاجپوشي ڪئي، پر پوءِ گادي ملتان مان ڦيرائي سنڌ ۾ ڪئي.

* 19 سومرا بادشاهه ٿيا، جن چار سؤ ورهيه حڪومت ڪئي.

* دودو وڏو. اهو پهريون دودو هو ۽ وڏو پهلوان هو. مينهن کي کڻي وڃي باغ ۾ چاريندو هو.

* ڀونگر راو پوءِ ٿيو. جنهن کي ٻه پٽ ٿيا: چنيسر ۽ دودو.

* عمر. جنهن عمرڪوٽ اڏايو سو همير جو پيءُ هو.

* همير. مومل ۽ راڻي جي قصي وارو.

* عمر. مٿئين همير جو پٽ هو، عمر - مارئي جي قصي وارو.

ڪـُـرجهـِـري ۽ مامرو به ٻئي سومرا هئا. ڪـُـرجهري (مائي) جو ڪوٽ، تعلقي روهڙي ۾ ناري جي اوڀر طرف، ’پياري ٽوڙ‘ جي اولهه طرف ’نيڙَ‘ ۾ آهي.

 

6 - سومرن جا موجوده پاڙا ۽ راڄ

سنڌ جي مختلف ڀاڱن ۽ ضلعن ۾ رهندڙ

(الف) لاڙ:

ُ]سنڌ جي مختلف ڀاڱن ۽ ضلعن ۾، پنهنجن جدا ڳوٺن ۽ پاڙن توڙي ٻين سان گڏ، سومرا وڏي تعداد ۾ آباد آهن. گهڻن کي پنهنجي مٿئين شجري جي پوري خبر ناهي، مگر ڪيترن ئي کي پنهنجا پاڙا معلوم آهن. انهن مان ڪي ننڍڙا پاڙا پوئين دؤر ۾ ٻين وڏن مکيه پاڙن مان ڦٽا ۽ ڪي آڳاٽا مکيه پاڙا، انهن ساڳين اڳين نالن سان موجود آهن. انهن مان ڪن پاڙن جي فردن سان راقم جي جدا جدا وقتن تي ملاقات ٿي آهي ۽ هيٺينءَ طور پاڙن جا نالا معلوم ٿيا آهن، اڃان وڌيڪ پڇا سان اها فهرست تفصيلي طور مڪمل ڪري سگهجي ٿي. ن.ب[

ضلعو ٿرپارڪر:

هـَمـيرَ: ڪڇ ۾ مـَـڏَئي جي آسپاس ۽ ٿرپارڪر ۾ مـِـٺڙيو تعلقو

مـَـرَڪندا: مـُـهراڻي ۾، ڏيپلو تعلقو

رائينا: سومرا سـَـرَ، ڍينگاريو ۽ آمرنو، تعلقو ڏيپلو

جيئا: کاهي ۽ گـُـراڙو، تعلقو ڏيپلو

مـَـتـُـو: ڳوٺ صوفي فقير، تعلقو عمرڪوٽ

سـَـڪـَـريا: ڪاٺو، تعلقو ڇاڇرو

* کـِـينئان: پرچي ۽ هاسي - سـَـرَ، تعلقو عمر ڪوٽ

* خـَـفيفَ: ڍيٻوري، تعلقو ڇاڇرو

* رَٻـُـو: سڀ تعلقي ڇاڇري جي حد اندر، ٻاهر ناهن.

* مـُـوجا: نـَـيـَـڙ جي پاسي مارواڙ ڏانهن.

نوٽ: * اهي چارئي پاڙا، پاڻ کي هـَـمـُـون جو اولاد سمجهن. سندن وڏا ڏاڏا - کينئون، خفيف، رَبـُـو ۽ موجو - چارئي ڀائر هئا ۽ همون جا پٽ هئا (غور طلب).

ضلعو ٺٽو:

کيـِـنئرا: مرحوم محمد عثمان سومري واري، ٺٽي لڳ

عمرپوٽڙا: ويٺل ديهه پـُـونبـَـرِي، تعلقو ميرپورساڪرو(1)

دوداڻي: ڳوٺ سومراڻي يا سومرا، تعلقو ميرپورساڪرو(2)

(ب) اُتر:

سنڌ جي وچولي ۽ اُترين ضلعن ۾ سومرا ڪافي تعداد ۾ آباد آهن، پر انهن مان گهڻن وٽ سندن بنيادي پاڙن جي ڪابه يادداشت موجود ناهي. جن پاڙن جي نالن سان هو پاڻ کي سڏائين ٿا، سي پوئين ويجهي دؤر ۾ سندن وڏن ڏاڏن جي نالن پويان پيا. سندن بالڪل آڳاٽا قبيلا هيٺيان ڳڻي سگهجن ٿا.

* عـِـمران يا عـِـمراني. دَلوراءِ ۽ ڇـُـٽو درويش هن قبيلي مان هئا.

* خفيف، همير، حماد، فراس، شجاع: مرحوم مولوي عبيدالله شائق سومري سان سومرن جي تاريخ ۽ شجري بابت تفصيلي ڪچهريون ٿيون(3)(2). مرحوم چيو، ته اهي پنج پاڙا سومرن جا ڪافي آڳاٽي وقت جا آهن.

مختلف ضلعن مان اسان جي هيٺين پاڙن وارن سان ملاقات ٿي يا سندن باري ۾ معلومات ملي.

ضلعو شڪارپور:

مرحوم الله بخش ۽ حاجي مولا بخش جي مشهور ڪٽنب (شڪارپور شهر) کان سواءِ ٻيا:

- خـَـيراڻي. ڳوٺ حاجي خان ڪلهوڙو، تعلقو شڪارپور (پوئين ويجهي دؤر جو پاڙو)

- ساٿاڻي. ڳوٺ رستم، تعلقو شڪارپور (پوئين ويجهي دؤر جو پاڙو)

- حسڻاڻي. ميرپور ٻرڙو، تعلقو ٺـُـل (پوئين ويجهي دؤر جو پاڙو)

ضلعو سکر:

- حسڻاڻي. جهان پور، تعلقو گهوٽڪي (ساڳيو مٿيون پاڙو).

 

***


 

7 - کٽي، واڍا ۽ چاڪي سومرا

]سومرن جي دؤر ۾ ڪاسبين ڪاريگرن جو وڏو قدر هو(1) ۽ غالباً خود سومرن مان به گهڻا ڪي ڪاسبي ۽ ڪاريگر هئا. حڪومت جي زوال بعد، سندن آباد زمينون غالباً سمن زميندارن جي قبضي ۾ آيون ۽ سومرن وڃي ڌنڌا پيشا اختيار ڪيا. ويندي هن موجوده دؤر تائين گهڻا کٽي، ۽ پڻ ڪي واڍا ۽ چاڪي، پاڻ کي سومرا سڏائين ٿا. اهو بالڪل ممڪن آهي ته اهي پاڻ سومرا هئا يا سومرن سان راڄ ڀيڙا هئا، جو پاڻ کي پوءِ سومرا سڏايائون. سنڌ جي سـُـڄاڻن وٽ هي عام روايت آهي ته: ”دودي جي جنگ کان پوءِ سومرا ملڪ ۾ پکڙي ويا ۽ منجهانئن گهڻن ٻه مکيه ڪم هٿ ڪيا: هڪ ڪپڙي جو، ٻيو ڪاٺيءَ جو: پهريان کٽي“ پويان ڊکڻ سڏجڻ لڳا.“

سومرن سان نسبت رکندڙ سنڌ جي سڀني کٽين، واڍن يا چاڪين جون نکون پوري تحقيق سان معلوم ناهن ۽ خاص طرح اتر سنڌ ۾ ڪن سنڀالي نه لکيون آهن. لاڙ ۾ مرحوم مولوي محمد هاشم کٽي (ويٺل غلام الله، تعلقو ميرپورساڪرو) جي صحيح ۽ تصديق سان لاڙ واري ڀاڱي جي کٽين جون نکون هڪ تصديق - نامي جي صورت ۾ سنڀالي لکيون ويون. ٿي سگهي ٿو، ته ان ۾ وچولي ۽ اتر سنڌ جي کٽين جون نکون به شامل هجن.       ن.ب[

 

8 - کٽين جا پاڙا ۽ نکون

]کٽين جو هي شجرو مرحوم مولوي محمد هاشم کٽي ويٺل غلام الله تعلقو ميرپورساڪرو ضلعو ٺٽو جي تصديق ۽ چئن ٻين معتبرن جي صحيحن سان پڌرو ڪيو ويو. مولوي صاحب غالباً 1960ع ڌاري وفات ڪئي. پنهنجي وقت ۾ هو وڏي اثر رسوخ وارو هو. هن شجري جو سچو نقل ٽنڊي باگي تعلقي جي سڄاڻ حاجي يوسف ڀان وٽ هو، جنهن جي پوين اهو سنڀالي رکيو. اسان انهن ڪاغذن تان تاريخ 1 - آگسٽ 1964ع تي خليفي محمد هاشم لغاري وٽ (تعلقو ٽنڊوباگو) ڪچهري ۾ هي نقل ڏٺو. محترم محمد طالب لوهار ويهي اتاريو، پر اسان ڀيٽي نه سگهياسون.         ن.ب[

راهب ۽ هموئي کٽين جا يا کهنباٽين جا مائٽ آهن. کٽين جو ڏاڏو نالي سچو هو. ان جا ٻارهن پٽ هئا. ان مان عالي رنگريز ۽ بابو کي سلحدار چوندا آهن. انهن ٻارهن پٽن مان 84 يا 96 نکون ٿيون، پوءِ نکون وڌي ويون.

تفصيل نکن جو

(1) گوديا (2) جوڳي (3) جڳر (4) جاجهاڙا (5) ڀاڙا (6) لـُـولا (7) مڪوڙي جا (8) ميگهيا (9) منڇر (10) مهر گيلارا (11) وامان واڍا (12) وانجري واڍا (13) وڇين (14) ولي چمريا (15) ڇنڇري (16) سول ڀيله (17) بنڌ واهه (18) سونيجي (19) پوت (20) ڪڪڙا (21) ڀنڀريا (22) منڊيا (23) ڀگدي (24) گريا (25) ڀڙا (26) ڄاڻا (27) بنگاڙ (28) گراج اٿوا (29) سوستيلا (30)  گيلا (31) مٿورا (32) سميا (33) ڀر واهه ( 34) پپوڙيا (35) پڙيا (36) آسرا رسول (37) ايڪلا ماملا (38) مگها (39) گهندي (40) ڀهگل (41) ٺڳڻال (42) دؤرا (43) درو (44) گهڙا وريا (45) دڙا (46) گهن جات (47) نانسي ويهاڻ (48) نيوڻ (49) نائي سـِـر واڍا (50) ناگر (51) نان (52) پنجا ڀوت (53) پاٽاڻ (54) پکير (55) لڇيا ماتورا (56) پتر مهر (57) آروڳ (58) اِسلاتوا (59) ڳوڙا (60) ٽوٿريا (61) ڪڪرن (62) ڪماڪو (63) ڪاڪو سنڌي (64) ڪوڪڙا کڻندڙ (65) ڪاڏي (66) ورديو (67) ليڙيا (68) ميان (69) لوليا (70) ڪاٺ ٻانڀڻ (71) ڪندڙ واڍا (72) هرگڻا (73) حجان (74) بگڙيا (75) پاروچيا (76) هوڻ واڍا (77) حسڻ (78) مومتورا (79) ماويريا (80) وامياڻ (81) مهراڻ واڍا (82) ڪيڙي (83) مگيا (84) وڄاڻي (85) ويلا (86) ڏاڌاڻا (87) ڏنڙ واڍا (88) ڏيگها گڊيا (89) ڪئي راڄ ڪڙيا (90) پيڪلا (91) ڍاگهڙ واڍا (92) ڌاڪ (93) سوريا (94) سـُـوٺيجي (95) ڏيگهڙا (96) مهير گوريا (97) وڏيلا (98) ڏاوريا (99) ڏوڙ (100) ڏايار (101) چچين (102) بگهڙ (103) ڍونڍ يا ڏوڏيا (104) ڏانڊ ڳڙا (105) سـُـو پسئي سر (106) ڏسر واڍا (107) ڦاٽل (108) چاهه (10) ڪلاتيلا (110) ڇلا (111) کراکرا چلا (112) ڇولا (113) ويرا (114) چاڙي واڍا (115) رس ڀوتڙا (116) اوٻاري (117) ڍڳيا (118) راڄ وار (119) کڙ کوڙيا (120) مانگهو (121) آچاريا (122) روپيا (123) ڌڙ ڀڙ.

 

 

صحيح محمد هاشم کٽي      صحيح ميان محمد خليفو

صحيح محمد عثمان کٽي     صحيح اسماعيل کٽي

صحيح عبدالواحد.


لخ اهو معلوم ناهي ته ڪهڙو سڀني کان وڏو ۽ ڪهڙو ننڍو.

(1) ڀاڳن جي شجري ۾ ڪونهي (زباني آدم ڀاڳ)

(1) ڀاڳن جي شجري موجب ’رڪناڻي’ سومرا، مـَـتـُـو ۾ آهن (زباني آدم ڀاڳ)

(2) آدم ڀاڳ تصديق ڪئي ته، ’ابڙا سومرا’ ۽ ’جاکرا سومرا’ آهن.

(1) عمر ڀاڳ جو پٽ آدم ڀاڳ جيئي، جنهن سان اسان پٺاڻ آباد ۾ دڙيلي (تعلقو سامارو) ۾ ملياسون ۽ شجري بابت پڇيوسون.

(2) ضميمي پهرئين باب (ص 221) هيٺ ان جو ذڪر اچي چڪو آهي.

(1) ڀانن واري شجري موجب ”سـَـرهادي دودو”، ’سرهادي’ مان مراد ’صلاح الدين’ ئي آهي.

(2) محمد هاشم جي روايت موجب پنج پٽ، پر هڪ جو نالو معلوم ڪونهي، انهيءَ ڪري اسان ڀانن واري شجري مطابق، چار رکيا آهن.

(1) ڪتابي حوالي موجب. اهو حوالو سنان الدين چنيسر بابت آهي. ’مريلو’ غلط آهي. صحيح دَمريلو (دمريلـہ) جيڪو هاڻي ’ڏنڀرلو’ سڏجي.

(2) سن ۽ سال محمد هاشم طرفان ڏنل.

(1) آدم ڀاڳ چيو ته: قياسي ۽ قياسي سومرا ڀاڳن واري شجري ۾ ناهن.

(2) ڀانن واري شجري ۾ هيءَ نالو ڪونهي، ان جي بدران محمد آهي، جيڪو پوءِ گادي تي ويٺو.

(3) ڀانن واري شجري ۾ ’روو’ ۽ ’روا سومرا’

(4) ڀانن جي شجري مطابق پٽ هو.

(1) ارمائيل جو قتل سيوهڻ ۾ سنه 734هه ۾ ٿيو.

لخ* سگهڙ عثمان کٽي وارن جو پنهنجو ڪڙم کٽين جو.

- ڪؤڙو، بچو، گهـُـريو ۽ آهـِـيو چار ڀائر هئا، جن جو اولاد ٿيو. ڪؤڙي جا ڪوڙاڻي، بچي جا بچاڻي، گهـُـريي جا گهـُـرياڻي، آهيي جا آهياڻي.

- ڪوڙي جو حاجي مبارڪ جنهن کي چار پٽ ٿيا: حاجي عبدالله، امان الله، مست سعدالله ۽ حمزو، ويٺل حاجي مبارڪ سومري جو ڳوٺ، ديهه ٻيلو ڍورو، تعلقو ڪنڌڪوٽ، حاجي حمزو جيئي، عمر 71 سال.

- بچي جو پٽ محب جنهن جا ٻه پٽ عارب ۽ خميسو. عارب جو سائينڏنو، جنهن جو عبدالغفور ڪنڌڪوٽ شهر ۾ رهي. خميسي جو محب ۽ محمد بخش جن جو اولاد گهوٽڪي شهر لڳ ڏنگڙي واهه تي رهي.

- آهيي جو هڪ پٽ ٻڍو، ٻيو واحد بخش جن جا ٻه پٽ عثمان ۽ قادر بخش. عثمان جو سوڍو فقير جنهن جو پٽ عثمان فقير (اسان جو راوي). هي جهان پور تعلقي گهوٽڪي ۾ رهن.

(1) هنن سان اسان تاريخ 1 - اپريل 1973ع ۾ هاجي محمد سوڍي بگهياڙ وٽ ڪچهري ۾ ملياسون.

(2) ميرشاهنواز خان شاهاڻي جمالي انهن ڪچهرين جو ڪوئيٽه (آگسٽ 1968ع) ۾ انتظام ڪيو.

(3) ايضاً

(1) ڏسو مٿي ص ص 286 - 287

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org