باب ٻارهون
سومرن جي دؤر ۾ سماجي ۽ ثقافتي صورتحال
نالو ۽ لقب
’سومرا‘ نالو غالباً سندن وڏي ڏاڏي جي ’نالي
+
سرداري لقب‘ تان پيو. دودي - چنيسر جي ڳالهه ۾
جيتوڻيڪ پوئين دؤر جي ڪن ٿورن راوين جي غلطي سببان
دودي، چنيسر يا ننگر کي ’ڄام‘ بلڪ ’خان‘ ۽
”ٻاروچل“ سڏيو به ويو آهي، مگر وڌيڪ معتبر راوين
کين دودو راءِ، چنيسر راءِ يا ننگر راءِ ئي سڏيو
آهي(1).
انهن کان اڳئين دؤر جي سومرن بادشاهن کي پڻ
’راءِ‘ يا ’راو‘ جي لقب سان سڏيو ويو آهي: مثلاً:
وڏي ڀونگر يا ننڍي ڀونگر (يعني دودي چنيسر جي ڏاڏي
يا پيءُ) کي سڀني روايتن ۾ ’ڀونگر راءِ‘ يا ’ڀونگر
راو‘ ئي سڏيو ويو آهي، جيڪو پنهنجي وقت جو طاقتور
بادشاهه هو. ٻيو نالو ”دلو راءِ“ بادشاهه جو اچي
ٿو، جيڪو پڻ سومرو بادشاهه هو(2).
سومرن جو آڳاٽو ۽ پهريون مشهور سردار ’سومار‘
هو، جنهن کان پوءِ سندس پٽ پڻ سندس نالي پويان
’ابن سومار‘ (سومار جو پٽ) سڏجڻ لڳو، حالانڪ سندس
پنهنجو ذاتي نالو ’راجپال‘ هو. ’سومار‘ جو لقب پڻ
’راءِ‘ هو ڇاڪاڻ ته ’سومار راءِ‘ جي پويان ئي سندس
اولاد ’سومرا‘ سڏجڻ لڳو. ’سومرا‘ لفظ يقيني طور
’سومار راءِ‘
]سومار
راءِ
= سومار را = سومرا[ جو ئي مخفف يا مختصر اُچار آهي، ڇاڪاڻ ته
سنڌ جي نسب نامن جي اصطلاح موجب آڳاٽي دؤر ۾
’اولاد‘ سندن وڏي ڏاڏي جي ’ذاتي نالي‘ پويان سڏبو
هو. مثلاً: چني، لاکي، سهتي، لوهاڻي، وڪيي ۽ ڪاڪي
جو اولاد پوءِ چنو، لاکو، سهتو، سمو، لوهاڻو، وڪيو
۽ ڪاڪو سڏجڻ لڳو(3).
جڏهن سومرا حڪمران خودمختار ٿيا، ته ان دؤر جي ٻين
حڪمرانن وانگر شاهي لقب اختيار ڪيائون. مثلاً: سنه
721 / 1224ع ۾ جڏهن خوارزم جو سلطان ’جلال الدين
شاهه‘ ملتان ۽ سنڌ ۾ آيو، تڏهن ملتان ۽ اتر سنڌ جو
حڪمران ’ناصرالدين‘ قباچـہ هو ۽ هيٺ ڏاکڻي سنڌ ۽
ديبل جو حڪمران ’ملڪ سنان الدين چنيسر‘ هو: يعني
’جلال الدين‘ ۽ ’ناصرالدين‘ وانگر سومري حڪمران
چنيسر جو شاهي لقب پڻ ’سـِـنان الدين‘ (’دين جو
نيزو‘) هو. انهيءَ نالي ۽ لقب جي تصديق تاريخن جي
حوالن مان ٿئي ٿي(1).
سومرن حڪمرانن جا اهڙا لقب سنڌ جي سومرن جي
خانداني روايتن ۾ پڻ ملن ٿا: مثلاً: عصام الدين
ڀونگر، شهاب الدين سنگهار، سراج الدين ڦتو يا فتح
خان، عماد الدين خفيف، جلال الدين عمر، غياث الدين
دائود، علاؤالدين خيرو، سنان الدين چنيسر وغيره.(2)
ارادت ۽ عقيدت:
سومرن جو وڏو ڏاڏو سومار عرف سومره هو، جيڪو پاڻ ۽
سندس ويجهو اولاد غالباً يا ته سنڌ جي مقامي عرب
رياستن جي حڪمران عرب اميرن جي ناناڻ يا ڏوهٽاڻ ۾
هئا. انهيءَ ڪري شروع کان ئي اسلام ۽ اسلامي
معاشري سان سندن قريبي رشتو هو. چوٿين صدي هجري ۾،
سنڌ جي انهن مقامي عرب رياستن جي اميرن تي مصر جي
فاطمي حڪمرانن جي حامين مبلغن جو اثر پيو ۽
منجهائن ڪي قرمطي، دُروزي يا اسماعيلي عقيدن ڏانهن
راغب ٿيا. سومره جي پٽ راڄپال ڏي دروزي داعي جي
لکيل خط مان تصديق ٿي ٿئي، ته سومره جو پيءُ ڏاڏو
يا ٻيا وڏا رشتيدار دروزي - فاطمي عقيدن ڏانهن
مائل ٿيا هئا. سومره جو پٽ البت اهڙن عقيدن کان
پٺڀرو ٿي ويو هو، جنهنڪري ئي کيس اهو خط لکي سندن
وڏن جي يادگيري ڏياري وئي ۽ انهن جي نقش قدم تي
هلڻ جي ترغيب ڏني وئي. ڀانئجي ٿو، ته سومره ۽ سندس
ويجهي اولاد سياسي مصلحت طور شام (جي دروزين) ۽
مصر (جي فاطمين) سان پڻ سياسي ناتا پئي نباهيا، پر
ان دؤر ۾ غزني ۽ غور جي سلطانن جا ملتان ۽ منصوره
جي رياستن تي مسلسل حملا ٿيا، جنهنڪري اتان جي
سومرن حڪمرانن پڻ شام ۽ مصر کان منهن موڙي بغداد
جي خليفي کي پنهنجو خليفو تسليم ڪيو. ان سياسي
سلسلي سان گڏ غالباً سندن ديني رشتو پڻ پري بغداد
جي عباسي خليفن سان ٿيو. ڇهين صدي هجري ۾ بغداد جي
پيشوا جناب سيد عبدالقادر جيلاني جي اسلامي تبليغ
جو دائرو وسيع ٿيو ۽ ان جو اثر سنڌ ۽ ملتان تائين
پهتو، جنهنڪري اتان جي عام توڙي خاص هن ڀلاري بزرگ
کي ’محي الدين‘ (دين جو جياريندڙ) بلڪ ’بادشاهه
پير‘ تسليم ڪري پاڻ کي سندس روحاني رشتي ۾ داخل
ڪيو. سومرن جي انهيءَ روحاني رشتي جي ياد دودي -
چنيسر جي ڳالهه جي انهن اهڃاڻن ۾ سمايل آهي، جو
- ننگر جي مڱ کيس دلداري ڏيندي چوي ٿي ته:
’مريد آهيون محي الدين جا، پنهنجي مهڙ رکندو الله‘
(ص 803)
- چنيسر حضرت پير کي سوري هاٿي ماريو:
’سوري حضرت پير کي نهرو نوايائين‘
(ص 397).
انهيءَ کان پوءِ، ٻيو روحاني رشتو ملتان جي ولي ۽
بزرگ غوث بهاؤ الدين زڪريا سان ٿيو. سنڌ ئي غوث
بهاؤ الدين زڪريا جي اسلامي تبليغ جو مرڪز رهيو ۽
هن بزرگ کي جيڪا اتي ڪاميابي ٿي، سا يقيني طور
مقامي سومرن حڪمرانن جي ساڻس عقيدت سببان ئي ٿي
هوندي. غوث بهاؤالدين زڪريا سنه 583هه / 1182ع ۾
ڄائو ۽ سنه 661/1262ع ۾ وفات ڪيائين. سندس سڄي
حياتي سومرن جي دؤر ۾ گذري ۽ اهو سڄو دؤر (1182 -
1262ع) سومرن جي حڪومت جو وچون دؤر هو. دودي -
چنيسر جي ڳالهه جي مختلف روايتن ۾ ائين بيان ٿيل
آهي، ته عالادين سان جنگ وقت ننگر ۽ ٻين سومرن،
غوث بهاؤ الحق جو نعرو هنيو(1).
تاريخ معصومي ۾ قلمبند ٿيل هڪ روايت موجب، دودي
نالي سومري حڪمران جي درويش شيخ حسين عرف پير پٺي
سان پڻ ملاقات ۽ رغبت ٿي(1)
. تاريخ معصومي مطابق، سنڌ جو سومرو بادشاهه دودو
سنه 644-646هه / 1246 - 1248ع وارن ٻن سالن جي
عرصي ۾ سنڌ جي درويش شيخ حسين عرف پير پٺي سان
ملتان ۾ مليو، جنهن کيس دعا ڪئي. شيخ حسين عرف پير
پٺو رحه غوث صاحب جو خليفو هو ۽ ملتان ۾ پنهنجي
مرشد سان ئي ملڻ آيو هوندو. ان وقت غوث صاحب جي
عمر تقريباً 61 - 62 سال هئي.
دودي - چنيسر جي داستان جي هڪ روايت موجب(2)
قلندر لال شهباز جا فقير لاڙ
طرف ڪنهن ماڳ منزل تي هئا، جو عالادين جو لشڪر اچي
لنگهيو. جڏهن ٻڌائون ته دودي سومري تي لشڪر چڙهيو
ٿو وڃي، ته هي نانگا فقير جوش جذبي ۾ اچي ويا ۽
لشڪر سان وڙهيا:
فقير سهڻي لال جا اچي ميا مست ٿيم
لـُـنگ تني جا لال ٿيا، الفيون آديسين.
لال شهباز قلندر سنه 671 هه / 1272ع ۾ وفات ڪئي،
سندس حياتي جو دؤر سنڌ ۾ سومرن وارو دؤر هو. ڳالهه
جي انهن اهڃاڻن مان فقط ايترو گمان نڪري ٿو، ته
سومرن حڪمرانن جو وقت جي ولين درويشن ۾ ويساهه هو
۽ ساڻن سندن سهڻو سلوڪ هو. اسان جي پنهنجي گمان
موجب، پير پٺي ۽ قلندر شهباز جي درگاهن تي جيڪي
وڏيون پيريون رکيل آهن، تن مان ڪا هڪ اڌ سومرن جي
دؤر جي هجي ۽ ٿي سگهي ٿو ته سومرن حڪمرانن طرفان
عقيدت ۽ نذراني طور ڏنل هجي. دودي - چنيسر جي
مختلف بيانن مان معلوم ٿئي ٿو ته سومرن حڪمرانن وٽ
ڀيرين وڄائڻ جو عام رواج هو(3)
.
ياڳ ۽ واڳ:
سومرن جي دؤر وارو سماجي نظام قبائلي هو. والد يا
پڳدار جي وفات کان پوءِ، پيءُ جي مائٽاڻي پڳ وڏي
پٽ تي هئي. رسم ۽ رواج اهوئي هو. پر جيڪڏهن پيءُ
راڄن جو پڻ پڳدار هو ته پوءِ، راڄن جي پڳ جو فيصلو
راڄن کي ئي ڪرڻو هو. حڪمرانن جي حالت ۾، رعيت ۽
راڄن جي پٺڀرائي کان سواءِ ذاتي لياقت ۽ اهليت پڻ
ضروري هئي. نک نسب جي لحاظ سان جيڪڏهن ڪنهن جا
ناناڻا ڌاريا هئا، ته قبائلي نظام ۾ ڌارين واري
انهيءَ نسبت کي پڻ نظر ۾ رکيو ٿي ويو ته متان نئون
حڪمران ڏاڏاڻن کان وڌيڪ ناناڻن ڏانهن مائل ٿئي.
دودي ۽ چنيسر جي پڳ واري فيصلي ۾ ان وقت هلندڙ رسم
رواج جا اهي مڙيئي رخ چٽا نظر اچن ٿا. جيستائين
اباڻي ۽ مائٽاڻي طرف جو تعلق هو، ته دودي پاڻ اها
راءِ ڏني ته پڳ ڀل چنيسر ٻڌي جو هو وڏو ڀاءُ آهي.
رعايا ۽ راڄن واري پڳ، يعني حڪومت جي گادي لاءِ پڻ
دودي پنهنجي طرفان چنيسر جي فائدي ۾ راءِ ڏني ۽
پنهنجي ذاتي اثر رسوخ سان راڄن جي سربراهن ۽
سردارن کي ماٺ ۾ مڃائي، چنيسر کي منجيءَ تي ويهاري
پڳ جو ور ڏنائين. چنيسر جڏهن پاڻ پنهنجي پختي
ارادي سان پڳ ٻڌڻ بدران ماءُ کان راءِ پڇڻ کي
ترجيح ڏني، ته امرائن ۽ سربراهن منجهس ذاتي صلاحيت
۽ اهليت جي ڪمي محسوس ڪئي ۽ کانئس ڦري بيٺا ۽ پڳ
دودي کي ٻڌايائون.
چنيسر اڃان اندر حويلي ۾ هو جو کيس خبر پئي، ته
راڄن پڳ دودي کي ڏيئي ڇڏي، رسم رواج جي مدنظر
ڳالهه ڳڻي چيائين ته: ”پاڳ دودي جي واڳ منهنجي“(1).
پر پوءِ ماڻس ۽ زال جي مهڻن تي ٻيو رخ ورتائين
۽ چيائين ته ’پڳ پيءُ جي ئي آهي‘ ۽ انهيءَ ڪري وڏي
ڀاءُ جي حيثيت ۾ هو ئي حقدار آهي. انهيءَ لحاظ سان
دودي کي پڻ چيائين ته:
پاڳ منهنجي پيءُ جي واري ڏي دودا
مهڻن ڏَڌو آهيان مون کي ڏنا آهن ماٽيجي ماءِ(2)
--
پڳ منهنجي پيءُ جي دودا مون کي ڏي
نه ته وڃان دليءَ آگري، وڃان ملتان ڏي
هت آڻيندس مغل گوري جيڪو ٽڪر ٽوٽ ڪري(3)
تڏهن دودي کيس چئن لفظن ۾ سمجهايو ته: راڄداري ۽
حڪمراني جي پڳ پيءُ ماءُ واري مائٽاڻي پڳ کان الڳ
آهي. ان جو مدار رعايا ۽ راڄن جي پٺڀرائيءَ تي
آهي. انهيءَ پڳ لاءِ چنيسر کي گهرجي ته راڄن کي
مڃائي. ٻيءَ حالت ۾ جيڪڏهن ڪنهن ’مغل غوري‘
بادشاهه وٽ وڃي، ته ڀل کيس چاڙهي اچي:
پڳ نڪا ماڃاڻي، نڪا پـِـڃاڻي هوءِ
جي توکي مغل گوري هٺِ لڳو، ڀل وڃي
آڻ اهو(1)
.
پڳ ”وڏن کان وڏاندري“ هئي(2)
، يعني ته پڳدارجو درجو ”مڙني ۾ مٿاهون هو“، پر
’پاڳ‘ (پڳ) کان پوءِ وڏي اهميت ’واڳ‘ کي هئي. ’پاڳ
وارو‘ يعني ’پڳ جو ڌڻي‘ جيڪڏهن بادشاهه هو ته ’واڳ
جو ڌڻي‘ ڄڻ وزيراعظم هو. جڏهن چنيسر دودي کان اها
راڄن جي حڪمراني واري پڳ پنهنجي پيءُ جي پڳ طور
گهري، ته دودي انڪار ڪيو ڇاڪاڻ جو کيس راڄن جي پڳ
ڪنهن ٻئي کي ڏيڻ جو اختيار ڪونه هو. پر دودي چنيسر
کي ٻيو نمبر وڏي اختياري يعني ’واڳ‘ ڏيڻي ڪئي:
پڳ منهنجي ابل جي، واري دودا ڏي!
چئي: پڳ ڏيندوسئين ڪانه ڪا، واڳ
چنيسر ني.(3)
ان کان پوءِ، دودي ننگر کي چنيسر ڏانهن ميڙ ڪري
موڪليو، ته به کيس ’واڳ‘ ڏيڻي ڪيائين. ننگر کان
چنيسر پڇيو ته: چاچي توکي ڪهڙو اختيار ڏيئي موڪليو
آهي؟ ننگر جواب ڏنو ته: چاچي دودي ائين چيو آهي ته
پاڳ نه، باقي واڳ تنهنجي حوالي آهي:
دودي توکي موڪليو ڪهڙي ڳالهه کڻي؟
چئي: چاچي مون کي موڪليو اها ڳالهه ڳڻي
ته پاڳ ڏيندوسانس ڪانه ڪا، واڳ
چنيسر ني.(4)
---
ٻـَـڌم جا ٻن ڪلهن ۾ سا ڪيئن ڏيان پاڳ
ويٺو حڪم هلائي، هٿ چنيسر واڳ(1)
داڳ جو رواج:
ڳالهه جي مختلف روايتن ۾ ’داڳ‘ (داغ) جو ذڪر اچي
ٿو. مثلاً: چنيسر جڏهن ڪاوڙجي دهلي ڏي روانو ٿئي
ٿو، ته پنهنجي زال کي چوي ٿو ته:
ولهيون ڪريان سومريون، دودو داڳايان
(ص 796)
يعني ته: شاهي فوج چاڙهي اچي ٿو، سومرا مارايان ۽
سومريون ولهيون ڪرايان ۽ پڻ دودي کي داڳايان.
ننگر گهوڙي جي واڳ جهلي روئي چنيسر کي موٽائڻ جي
ڪوشش ڪري ٿو، ته چنيسر کيس دڙڪو ڏيئي چوي ٿو ته:
مَ رو ننگر، ماٺ ڪر، ڇڏ گهوڙي جي واڳ
آڻيان عالادين کي، دودي ڏياريان داڳ
اهو ٻڌي ننگر به ڪاوڙجي پيءُ کي چوي ٿو ته:
دودو پاڻ داڳيڻو، دودي داڳي ڪير
اڏامي عرش تي، پٽ نه ڏئي پير
(ص 166)
ٻي روايت موجب جڏهن ننگر عالادين جي لشڪر ۾ وڃي
چنيسر کي ملي ٿو ۽ کيس مڃائڻ ۽ موٽائڻ جي ڪوشش ڪري
ٿو، ته چنيسر کيس سڌو جواب ڏئي ٿو ته:
ائين وڳـہ ڪوٽ ڏي مان ننگر ڪونه هلان
مان داڳيان دودل مير کي تون اکين سان ڏسجان
سڃيون ڪريان سڀ سومريون، جن جا
وارث مارايان. (ص 527)
اهو ٻڌي ننگر ڪاوڙ مان ٿو چويس:
دودو داڳي ٻين کي، منهنجو دودل داڳي ڪير
اُڙد عالادين جو مان ڪـَـٽي ڪندو سانءِ ڍير
(ص 527)
انهن اهڃاڻن مان معلوم ٿئي ٿو، ته ان دؤر ۾ جڏهن
ڪو وڌيڪ طاقتور حاڪم، سردار يا قبيلو، پنهنجي
مخالف يا دشمن کي شڪست ڏيئي، مٿس غلبو حاصل ڪندو
هو، ته دشمن سردارن ۽ مخالف سرڪردن کي داڳيندو هو،
يعني پنهنجي غلطي ۽ سندن شڪست جي نشان طور کين داڳ
ڏيندو هو، ڄڻ ڏاڍو هيڻي کي آڻ مڃائي پنهنجي غلبي ۽
مخالف جي دائمي شڪست طور هيڻي کي داڳ ڏيندو هو.
اها رسم آڳاٽي دؤر ۾ غلامن ۽ ٻانهن کي داڳڻ جي رسم
جي يادگار هئي، جڏهن مالڪ پنهنجن غلامن ۽ ٻانـَـهن
تي سڃاڻپ جو داڳ هڻندا هئا.
سومرن واري دؤر ۾ جنگ جي ميدان ۾ ڏاڍي حاڪم جو
هيڻي ۽ جيتيل حاڪم کي داڳڻ، يا ڏاڍي ڌر جو هيڻي کي
داڳڻ واري رسم رواج جا آڳاٽا حوالا ”تاريخ طاهري“
۾ ملن ٿا، جيڪي پوءِ ’تحفة الڪرام‘ ۾ پڻ آندل آهن.
تاريخ طاهري جي روايت موجب:
دودو سومرو ’داغ جي ظلم کان‘، يعني هيڻو ٿي داڳجڻ
جي ڊپ کان، دهلي ۾ سلطان علاؤ الدين جي آڏو فريادي
ويو، ابڙو پڻ ’سمن جي
]داڳ
واري[
آزار کان ڪڇ ملڪ ڏي ڀڄي ويو ۽ ان ملڪ کي وڃي
پنهنجو ڪيائين‘(1).
تحفة الڪرام ۾ پڻ ڄاڻايل آهي ته: عمر سومري جو
وزير جيڪو تميمي قبيلي مان هو، تنهن جي سهڻي زال
کي جڏهن طلاق ڏياري عمر سومري پاڻ شادي ڪئي، ته
اهو تميم وزير زال جي کسجڻ ۽ وڌيڪ داڳجڻ جي ڊپ کان
دهلي جي بادشاهه سلطان صلاح الدين وٽ دانهين ويو(2).
سڱ بند، رشتا ۽ ناتا:
سومرن پنهنجو قبائلي ۽ سماجي سلسلو ٻين کان الڳ
رکيو. سڱن بندن جا رشتا ناتا پنهنجو پاڻ ۾ ڪيائون.
ٻاهران شاديون ڪيائون، پر ٻاهر ٻين کي سڱ ڪونه
ڏنائون. اهو غالباً سنڌ جو آڳاٽو ۽ عام رواج هو،
پر ڪن قبيلن ۾ ان جي پوري پائبندي لازمي هئي.
سومرن ۾ ٻاهران شادي ڪرڻ تي پابندي ڪانه هئي، پر
اندروني طور سماج ۾ ٻاهران آندل ٻانـَـهن جي اولاد
کي سومرن حڪمرانن يا ويجهن عزيزن مان شادي واري
اولاد جيتري اهميت ڪانه هئي. دودي جي ڀيٽ ۾ چنيسر
کي گهٽ اهميت ڏيڻ جو هڪ سبب اهو به هو، جو چنيسر
ٻاهرين شادي مان هو ۽ دودو سومرن يا ويجهن ڏاڏي
پوٽن مان ڪيل شادي مان هو. سومرن جي سماج ۾ ان کان
وڌيڪ خاص خصوصيت اها هئي، جو کين پنهنجو سڱ ڪنهن
به حالت ۾ ٻاهر ڏيڻو ڪونه هو. پنهنجي انهيءَ سماجي
اصول کي قائم رکڻ لاءِ کين ٻه وڏيون جنگيون ڪرڻيون
پيون.
پهرين جنگ گجرن سان ٿي. غالباً صلح ڪرڻ ۽ ان کي
برقرار رکڻ لاءِ گجرن سومرن کان سڱ گهريو ۽ کين
پنهنجو سڱ ڏيڻو ڪيو، پر سومرن اها ڳالهه قبول نه
ڪئي. ان وقت وڏو دودو حڪمران هو. ڪن صلاح ڏني ته
صلح خاطر پنهنجي در جي ڪا گولي ٻانهي کڻي گجرن کي
ڏجي. پر ٻين دانائن انهيءَ راءِ کي رد ڪيو ۽
چيائون ته: هتان اسين ته ڪا گولي ٻانهي ڏينداسون،
پر اتي عام طور مشهور ائين ٿيندو ته ”دودي جي ڀيڻ“
آهي:
جـَـر نه کـُـٽن ڪنگرين، راءِ نه ڳنڍن ويڻ:
پر گولي ويندي گجرين ته به چوندا دودي ڀيڻ(1).
ٻي جنگ عالادين بادشاهه سان آخرڪار انهيءَ ڳالهه
تان ٿي، جو بادشاهه صلح خاطر ٻاگهي جو سڱ گهريو،
جيڪو سومرن جي رسم رواج جي خلاف هو. چنيسر،
بادشاهه کي ٻاگهي جو سڱ انهيءَ ڪري آڇيو هو، جو
کيس پڪ هئي ته دودو ٻيا سڀ شرط قبول ڪندو، پر سڱ
ڪونه ڏيندو ۽ انهيءَ ڪري آوَس جنگ ٿيندي. جڏهن
عالادين چڙهي آيو ۽ دودي صلح لاءِ قاصد موڪليا ۽
پڻ ننگر کي چنيسر ڏانهن موڪليائين، تڏهن عالادين
چيو ته: ڀل اوهين ڀائر پاڻ ۾ پرچو ۽ راضي ٿيو،
باقي ٻاگهي جو سڱ مون کي ڏيو. تڏهن دودي پنهنجي
صلاحڪارن ۽ وڏي عمر وارن دانائن کان پڇيو. انهن
سڀني چيو ته: اڳ ڪيتريون پيڙهيون ٿي گذريون، پر
ڌارين کي ڪنهن به سڱ ڪونه ڏنو. پوءِ اهو ساڳيو
جواب ننگر مـُـنهان مـُـنهن عالادين کي ڏنو ته:
تون ترڪ اسين سومرا، اها ڪيئن جوڙ جڳاءِ(1)
-
تون ترڪ اسين سومرا، اهڙا ويڻ مَ پاءِ(2)
شادي وقت سومرا پنهنجا ڀائر توڙي شريڪ سڏيندا هئا.
هڪ بيان موجب ابڙن کي سڏ ڏيندا هئا(3).
جيڪڏهن سومرن مان ڪو رسي ويندو هو، ته سندن رسم
موجب ان ڏي دايا ميڙ ڪري موڪليندا هئا. جڏهن ننگر
۽ ڀونگر، عالادين جي ڇانوڻي ۾ چنيسر وٽ پهتا ۽
عالادين پڇيو ته: هي ڪير آهن؟ تڏهن چنيسر چيو ته:
هي دايا آهن، جو
سيوو اسان سومرن جو اصل اهڙو آه
جي رسي ويندو سومرو ته دايا ميڙ ڪندا(4)
پٽڪي جو ڀير ۽ پوشاڪ:
سنڌ ۾ پڳ ۽ پٽڪي جو رواج آڳاٽي وقت کان وٺي هلندو
آيو آهي. گذريل صديءَ ۾ ٽوپيءَ جو رواج شروع ٿيو،
ته به پڳ ۽ پٽڪي جي ڀيٽ ۾ ’ٽوپي‘ کي گهڻو گهٽ
سمجهيو ويو. اندازاً 1930ع تائين ’مٿي اُگهاڙو‘
ماڻهو ڪو هئوئي ڪونه ۽ اصطلاحاً ’مٿي اُگهاڙو‘ ان
کي ئي سڏيو ويندو هو، جيڪو حياءِ ڇڏي سڀ سماجي
ليڪا لتاڙي بيهي. پٽڪي جي عام رواج کان سواءِ،
ڪنهن حد تائين سنڌ جي جدا جدا ڀاڱن ۾ ’پٽڪي جو
ڀير‘ پڻ جدا جدا هو. ڪن قومن قبيلن جي ’پٽڪي جو
ڀير‘ پڻ نرالو هو. سنڌ جي بلوچ قبيلن ۾ اڪثر ’پڳ‘
(وڏي شاهي پٽڪي) جو رواج هو. ڪلهوڙن جي دؤر ۾
’ٻـَـچـِـي ڀير‘ پٽڪي جو رواج پيو. ’طـَـري‘ جي
ڊيگهه ۽ بيهڪ پڻ پٽڪي جي نوع نموني کي نرالو بنائي
ٿي، پر ’پٽڪي جي ڀير‘ جو مدار پٽڪي جي ’وَرَ جي
ڀير‘ تي آهي، جنهن لاءِ ’اُبتو ڀير‘، ’آڏو ڀير،
‘ٻـَـچـِـي ڀير’ وغيره خاص نالا آهن. بهرحال ته
‘پٽڪي جو ڀير’ وَر جي پيچ ۽ ڀيچ يعني ورائڻي ۽
بيهڪ سان آهي ۽ ڪنهن حد تائين هر مرد جي پٽڪي جو
ڀير الڳ آهي ۽ اڳ به ائين هو(1).
هن عام رواج جي روشني ۾ جيڪو سنڌ ۾ آڳاٽي وقت کان
وٺي هلندو آيو آهي، ڏسجي ٿو ته سومرن جي پڳ جو هڪ
خاص ڀير هو. ٻيو ته حڪمران گهراڻي جي سومرن جي پڳ
جو آخري پيچ يا ور (جيڪو سامهون نظر اچي)
‘ميناڪاري’ رنگ جو هو. ٽيون ته سومرن ۽ سوڍن ٻنهي
جي عام پٽڪي جو ڀير يا عام پوشاڪ ساڳئي نموني جي
هئي. هيٺين اهڃاڻن مان اهي نتيجا نڪرن ٿا.
- سومرن جي حڪمران گهراڻي وارن جو پڳ جو آخري پيچ
يا ور ميناڪاري رنگ جو هو ۽ انهيءَ لحاظ سان ڄڻ پڳ
جو ‘ميناڪاري ڀير‘ هو. عالادين جي وزير پڻ ننگر کي
انهيءَ ڀير سان سڃاتو، جو چيائين ته:
پيچ سڃاتو اٿم تنهنجي پڳ جو ’ميناڪاري ڀير‘(2)
- دودي پڻ ننگر کي اهو ئي اهڃاڻ ڏنو ته هو بادشاهي
لشڪر ۾ پنهنجي پيءُ چنيسر کي پڳ جي انهيءَ
’ميناڪاري پيچ‘ سان سڃاڻي:
ور سڃاڻج پڳ جو اٿس ميناڪاري پيچ(3)
- ننگر جي بيان موجب عام سومرا ۽ ٻيا جوان به جنگ
تي چڙهائي وقت پنهنجي دليري ۽ رعب تاب خاطر
’ميناڪاري پيچ‘ ۽ ’اُبتا ڀير‘ ڏيئي پٽڪا ٻڌندا
هئا:
ميناڪاري پيچ اتي لکين لک ٻڌن
چڙهي پنهنجي ملڪ تي، اُبتا ڀير ٻڌن(4)
-
ميناڪاري مولهيا ٿا لکين لک ٻڌن(5)
- هڪ بيان ۾ سومرن جي پٽڪي بابت ڄاڻايل آهي ته:
”سومرن جي پڳ تي ميناڪاري مولهه رهندي آهي“(1)
- سومرن ۽ سوڍن جو ڀير ساڳيو هو:
سومرن ۽ سوڍن جو ڀير هڪڙو آه (ص 570)
انهيءَ اهڃاڻ جا ٻه ٽي مطلب ٿي سگهن ٿا: يعني ته
سومرن سوڍن جي پڳ پٽڪي، يا مجموعي طرح سان سڄي
پوشاڪ، يا هاٺي ڪاٺي، يا هلت چلت ساڳئي نوع نموني
جا آهن. سنڌ جي ڏاکڻي ڀاڱي ۾ جتي سومرن جي حڪومت
جا مرڪز هئا، اتي هڪٻئي کي ويجها وسندڙ قبيلا
سومرا ۽ سوڍا ئي هئا ۽ انهيءَ ڪري سندن پٽڪي ۽
پوشاڪ يا هلت چلت ۾ ساڳين اهڃاڻن جو هئڻ فطري هو.
سومرن جو سومار ڪرڻ:
سومرن جي هن خاص رسم کي سمجهڻ کان اڳ، هفتي جي
ڏينهن ’سومر‘ يا ’سومار‘ بابت سنڌ ۾ رائج ڪن رسمن
ڏانهن اشارو ڪرڻ ضروري آهي. اصل نالو ’سومَ - وار‘
آهي، جيڪو عربي ناهي بلڪ سنسڪرت آهي. باوجود
انهيءَ جي، سنڌ ۾ فقط مسلمان ئي هن ڏينهن کي
”سومر“ يا ”سومار“ ڪري سڏيندا. سنڌي هندو اهو نالو
نه وٺندا، پر پنهنجي مخصوص اصطلاح موجب ان کي
”پـِـير - وار“ سڏيندا. ٻيو ته سنڌ ۾ مسلمان رسمي
طور جمعي جي ڏينهن کان پوءِ، ٻئي نمبر ۾ سومر يا
سومار جي ڏينهن کي ڀلارو ڪري ڀانئين ”ماه پهرئين
سومار“ يعني مهيني جي پهرئين سومر يا سومار ڏينهن
کي ”سهائو سومار“ سڏين. ”سهائي سومار“ کي ڪن
درويشن ۽ درگاهن جي سلسلن ۾ خاص اهميت حاصل آهي.
مثلاً: مخدوم نوح رحه جي سلسلي وارا ”سهائو سومار“
ملهائين، ڏهر ڏين ۽ پڻ مخدوم صاحب جي مزار جي
زيارت لاءِ هالن ۾ گڏ ٿين(2)
. ميين شاه ڪريم جي درگاهه (بلڙي) تي ماه پهرئين
سومار جي رات سماع ٿيندو هو. ڪڇ جي شهر ڀـُـڄ ۾
’جيلاني پڙ وارن پيرن‘ جي درگاهه تي سندن مريد ماه
پهرئين سومار تي گڏجن.
سوال آهي سنڌ اندر مسلمانن جي معاشري ۾ سومر يا
سومار جي ڏينهن کي ڪڏهن کان وٺي ڀلارو ڪري سمجهيو
ويو؟ سنڌ ۾ عرب - اسلامي دؤر ۾ يقيني طور جمعي جي
ڏينهن کي ئي تعظيم ڏني وئي هوندي. ان بعد سومار جي
ڏينهن کي غالباً سومرن جي دؤر واري مقامي سنڌي -
اسلامي معاشري ۾ ئي اهميت ملي هوندي، جنهن بابت ڪي
ٽاڻا ۽ اهڃاڻ دودي - چنيسر جي ڳالهه جي روايتن ۾
پڻ ملن ٿا. ڇو ’سومار‘ کي اهميت ڏنائون، تنهن بابت
يقين سان ڪجهه به چئي نٿو سگهجي. البت هڪ گمان ان
طرف وڃي ٿو، ته سندن وڏي ڏاڏي ’سومار‘ جو نالو هن
ڏينهن جي نالي پويان ئي رکيل هو ۽ بعد ۾ سندس
اولاد به هن ڏينهن کي ئي پنهنجي ڏاڏي جي يادگار جي
لحاظ سان سڀاڳو ڪري سمجهيو. اسلام جي عزت ۽ عظمقِ
جي لحاظ سان جمعي جي ڏينهن کي سومرن جي دؤر ۾
اوليت حاصل هئي(1)،
پر جمعي کان پوءِ، سومار کي ئي خاص اهميت ڏنائون.
ڪچهرين ۾ هلندڙ زباني روايتن ۾ اسان اڪثر ائين
ٻڌو، ته ننگر جڏهن پڇيو ته هو ڪهڙي ڏينهن تي وڳـہ
مان روانو ٿئي، ته دودي کيس ائين چيو ته ’سومار
سولو وار‘ آهي ۽ جمعي جو ڏينهن ڀلارو آهي، پر
جيڪڏهن جمعي جي ڏينهن چڙهي، ته جمعي نماز کان پوءِ
چڙهي(2).
ٻين بيانن ۾ ائين ڄاڻايل آهي، ته ننگر وڳـہ
ڪوٽ مان ’سومار‘ جي ڏينهن چڙهيو ۽ بڪار ۾ لٿو.
پوءِ، اتان پنهنجي پيءُ چنيسر کي ملڻ لاءِ عالادين
جي ڇانوڻي ۾ پڻ ’سومار‘ جي ڏينهن ويو(3):
ڏينهن سومر جي سومري چڙهيا اُڙد اچن
--
سومر ڏينهن سومار جي ننگر ديمين منجهه ويو
’سومار‘ کي ’سولو وار‘ ۽ سڀاڳو ڏينهن سمجهڻ کان
سواءِ، سومرن ۾ ٻي هڪ خاص رسم ’سومار ڪرڻ‘ جي هئي:
ڪنهن خاص موقعي تي يا مشڪل وقت هو ’سومار ڪندا
هئا‘ يعني ته: هو پاڻ ۾ گڏبا هئا ۽ ڄڻ هڪ جلسو
ڪندا هئا، ته معاملي کي ڪيئن مـُـنهن ڏجي ۽ ڳالهه
ڪيئن نبيرجي. هڪ روايت موجب، پنهنجن پهلوانن جي
پهلواني کي آزمائڻ خاطر ’سانهـَـن جي سـِـڱن جا
وَر ڪڍي، سنوان ڪرڻ‘ جو شرط رکيائون ۽ ان موقعي
لاءِ ’سومار ڪيائون‘، يعني ته جلسو ڪيائون يا ميڙ
ڪيائون:
سومرن سومار ڪيو، مڙيو گهوڙن لک لشڪر
ته ڪو سانهـَـن سـِـڱ سنوان ڪري،
وِنگن لاهي ور(1).
ڀانئجي ٿو، ته ڪنهن وڏي ڪم جي سنبت ۽ سوڀ خاطر
’سومار ڪرڻ‘ جي اها رسم غالباً سومرن پنهنجي وڏي
ڏاڏي سومار جي نالي پويان قائم ڪئي.
سانـَـهه ويڙهائڻ:
ٻئي چوپائي مال سان گڏ ماهيو مال به سومرن جي دؤر
۾ جهجهو هو. سنڌ ۾ تلائن، ڍنڍن، ڍورن، واهن ۽ پاٽن
۽ درياءَ جي دائمي وهڪري سببان پاڻي جي گهڻائي
هئي، جنهنڪري هتي قديم دؤر کان وٺي، مينهون پڻ
جهجهيون هيون. لاڙ ۾ خاص طرح ڍنڍن سببان سڄو سال
پاڻي جي گهڻائي هئي ۽ عرب - اسلامي دؤر ۾ اتي هڪ
شاهي ڍنڍ يا ڇڇ تي نالو ئي ”ماءِ الجواميس“
(مينهـُـن جو پاڻي) پئجي ويو هو. عرب - اسلامي دؤر
۾ سنڌ جون مينهون عراق ۽ شام تائين پهتيون. ان بعد
سومرن جي دؤر ۾ پڻ ماهيي مال جو وڏو قدر هو. وڏي
دودي جي ’گـُـجر مينهن‘ هئي جنهن کي هنج ۾ کڻي وڃي
باغ ۾ چاريندو هو. جوانن جي طاقت آزمائڻ لاءِ ميلا
ٿيندا هئا، جتي پهلوان سانهـَـن جا سـِـڱ موڙيندا
هئا. هڪ بيان ۾ اهڙي هڪ ميلي جو ذڪر خاص طرح سومرن
۾ سانهـَـن ويڙهائڻ جو وڏو شوق هو ۽ سانهـَـن جا
زبردست مقابلا ٿيندا هئا. ننگر کي جڏهن دودي
موڪليو، ته هو سندس طرفان عالادين وٽ وڪيل ٿي وڃي
۽ پڻ اتي پنهنجي پيءُ چنيسر کي ميڙ ڪري پرچائي،
تڏهن چيائين ته: ڌڻي ڪندو ته بابو پرچندو، پر جي
ٻي ڪا ڪيائين، ته پوءِ سانهـَـن وارو مقابلو ڪندس:
جنگ جا نيزا کوڙيان، ڳوڌا واهيان ڳاه
جيئن سانهـَـه ويڙهائين سومرا، ڪيان پـَـٽي مغل
پاه(2)
ٻي هڪ ڳاهه ۾ آهي ته:
”جتي سانهـَـه ڪندا سومرا، اتي ٿيندا مغل پاه“(3)
ٿي سگهي ٿو، ته صحيح ائين هجي ته ”جتي سانهـَـه
نڪرندا سومرا، اتي مغل ٿيندا پاه“. پر جيئن آهي
تيئن ان مان ’سانـهـَـه ڪرڻ‘ جو گمان نڪري ٿو:
’سانـَـهـَـه ڪرڻ‘ مان مراد غالباً ’سانهـَـن واري
ويڙهه ڪرڻ‘ آهي.
سومرن جي شغلن ۽ دعوتن ۾ پاڏن جي ڪباب جون سيخون
ڪرڻ جو عام رواج هو. سومرن جي زوال واري وقت ۾ پڻ
سومرن جي هڪ گروهه ڪنهن ٻي قوم جي پاڏي کي ذبح ڪري
ڪباب جون سيخون ڪيون، جتان جنگ شروع ٿي ۽ جنهن ۾
گهڻي تباهي ٿي. ان ڏينهن کان وٺي اها چوڻي مشهور
ٿي ته ”پاڏو پيو ڙي يار! پاڏو پيو!“ يعني ته پاڏو
وچ ۾ آيو جنهن تان جنگ لڳي ۽ تباهي ٿي. هڪ روايت
موجب اهو ’لـُـنڊو پاڏو‘ هو جنهن تان سومرن ۽ سمن
جي لڙائي ٿي.
ڪتن جو قدر:
حفاظت ۽ شڪار خاطر آڳاٽي وقت کان وٺي انسان ڪتا
پئي ڌاريا آهن. سنڌ ۾ جيئن اڳ تيئن وڏا جهنگ ۽
ٻيلا هئا ۽ انهيءَ ڪري ڪتن رکڻ جي ضرورت هئي. ستين
صدي عيسوي ۾، برهمڻ چچ سنڌ تي قبضو ڪري، لوهاڻي جي
جـَـتن سان سزا طور هڪڙو قانون اهو به لڳايو، ته
ٻين خدمتن سان گڏ هو واٽن ۽ رستن تي حڪمرانن جي
رهنمائي ڪن ۽ گهر کان ٻاهر نڪرن، ته پاڻ سان ڪتا
ڪاهين(1)
. ان وقت موجوده شهدادپور ۽ سنجهوري تعلقن کان
وٺي، ڏکڻ طرف ماتلي تعلقي، يا اڃان به هيٺ تائين،
لوهاڻي پرڳڻي جي حد هئي. اها سڄي ايراضي سنڌو
درياءَ جي وچئين دو - آبي واري ايراضي هئي، جنهن ۾
درياءَ مان ان جا مکيه پاٽ ٿي نڪتا. انهيءَ کان
اڃان به هيٺ ڏکڻ - اوڀر طرف پـُـراڻ ۽ هاڪڙي جي دو
- آبي وارن پاٽن ۽ شاخن جو سلسلو جاري هو. اهڙيءَ
طرح سومرن جي حڪومت جي مرڪزي اراضي وارا علائقا
جهنگن ۽ ٻيلن سان ڇانيل هئا، جن ۾ جهنگلي جانور
هئا. دودي - چنيسر جي ڳالهه ۾ شينهن جو ذڪر اچي
ٿو. وڏي ڀونگر شينهن ماريو هو ۽ پڻ چنيسر شينهن
ماريو. اهڙين حالتن ۾ ڪتن ۽ ڪتن رکندڙن کي وڏي
اهميت حاصل هئي. ’وڏي نهري دودي‘ کي جڏهن پڻس ديس
نيڪالي ڏني، تڏهن هو پاڻ سان فقط پنهنجا ٻه خاص
ڪتا وٺي روانو ٿيو. انهن جا نالا ’ڪـَـڪڙ‘ ۽
’ڀؤنر‘ يا ’موتي‘ ۽ ’ڀونئر‘ ڄاڻايل آهن(1).
ڪتن سان دودي جو ايڏو ته پيار هو جو ان وقت به
انهن لاءِ سونيون سنگهرون گهڙايائين:
گهڙ سونارا سنگهرون سچي سون منجها
ڪتن پاءِ ڪڙولا، نڪران ڀونگر راڄ منجها(2)
ان دؤر ۾ مال جي حفاظت لاءِ ڪتا ڌارڻ ڄڻ لازمي هو.
دودي جڏهن پڳ ٻڌي، ته چنيسر کي ماءُ مهڻا ڏيندي
چيو ته: حڪومت تو کان وئي، هاڻي تون وڃي مال ڌارڻ
جو ڌنڌو ڪر ۽ مال جي سنڀال لاءِ ڪتا رک ۽ ٻيو انهن
کي ڪوڪار:
ٻيلي ٻنهين ڪنڌيين ڪـَـڪڙ کي ڪوڪار(3)
حويلي جي داين جي اولاد جو قدر:
سومرن حڪمرانن وٽ سندن حويلي جي داين ٻاين جو وڏو
قدر هو. دايون جيڪي ٻار ڄڻائينديون ۽ نپائينديون
هيون، تن جي پٽن ۽ اولاد جو گهڻو خيال رکيو ويندو
هو. خاص طرح اهي دايون، جيڪي سومرن جي ٻارڙن کي ٿڃ
پيارينديون هيون، تن جا ٻار جيڪي سومرن ٻارڙن سان
ٿڃ شريڪ هوندا هئا سي ’دايا‘ سڏيا ويندا هئا(4)
۽ انهن جو سڀ کان وڏو قدر هو. جڏهن ننگر ۽ ڀونگر،
عالادين جي ڇانوڻي ۾ ويا ۽ پنهنجي سڃاڻپ ڪرايائون،
ته چنيسر (ڳالهه لڪائڻ لاءِ) عالادين کي چيو ته:
اهي سومرا ناهن پر دايا آهن(5)
. وڌيڪ ’داين‘ جو مطلب هن طرح سمجهايائين ته:
دايو اسين چئون ان کي جيڪو اسان سان ٿڃ پئي.
--
اسين دايون چئون انهن کي جيڪو گڏ جي ٿڃ پئي(6)
ڀاڳو ڀان به عالادين کي چيو ته:
اسين دايو چئون ان کي، جو سومرن سان کير پئي(7)
سومرن جي سماج ۾ داين جو درجو سومرن کان پوءِ، ٻئي
نمبر ۾ هو. جڏهن سومرن جو پاڻ ۾ رسامو ٿيندو هو،
ته پوءِ سندن وڏي ميڙ اها هئي، جو داين کي
موڪليندا هئا. چنيسر اها ڳالهه به عالادين کي
سمجهائي ته:
سيوو اسان سومرن جو اصل ئي اهڙو آه.
جي رسي ويندو سومرو ته دايا ميڙ ڪندا(1)
’راڄ‘ ۽ ’ڀاڳ‘:
سنڌ جي نسب نامي جي هڪ روايت موجب ’ڀاڳ‘ پاڙو
’ڀان‘ جو هو، پر اهو پاڙو سومرن کي ورثي ۾ مليو،
يعني ته ڀان سومرن کان اڳ هئا، پر ڀانن جو هڪ پاڙو
’ڀاڳ‘ خاص سومرن جي خدمت ۾ آيو. هن وقت جا فقير
جيڪي پاڻ کي ’ڀاڳ‘ سڏائين ٿا، تن جي هڪ موروثي
روايت مطابق ’ڀاڳ‘ خاص طرح سومرن حاڪمن يا سندن
عزيز گهراڻن جا فقير هئا. ٻي روايت مطابق، اصل نسل
جي لحاظ سان جيڪي صحيح سومرا آهن تن جا فقير ’ڀاڳ‘
آهن. اهي صحيح نسب وارا سومرا پڻ فقيرن کي وڏي عزت
ڏيندا هئا. آدم فقير ڀاڳ چيو ته: ”اڳ رَک هئي، ڀاڳ
رڳو سومرن جا هئا. اهي سومرن جي هٿ جي ماني
کائيندا هئا، ۽ اهو به جڏهن سومرا پاڻ هٿ سان ماني
کڻي ڏيندا هئا، تڏهن کائيندا هئا“(2)
.
موجوده دؤر تائين هلندڙ انهن روايتن جو عڪس ”دودي
- چنيسر“ جي ڳالهه جي مختلف زبانين ۾ پڻ موجود
آهي، جن ۾ ان وقت جي ڀاڳن، ڀانن، لنگهن، منگتن ۽
مڱڻهارن جو ذڪر آيو آهي. سڀ کان وڌيڪ ذڪر
’ڀاڳوڀان‘ جو آهي، جيڪو ذات جو اصل ’ڀان‘ هو پر
سندس نالو ’ڀاڳو‘ هو. اهو ساڳيو نالو ڪن زباني
روايتن ۾ اسان ’ڀاڳ فقير‘ ٻڌو ۽ پڻ ’ڀاڳ فقير‘
نالو دودي - چنيسر ڳالهه جي ڪن بيانن ۾ موجود آهي(3)
. ان مان ظاهر آهي ته ڀاڳ فقير ڀان يا ڀاڳو فقير
ڀان ان دؤر جو مشهور فقير هو. دودي - چنيسر ڳالهه
۾ جنهن ڀاڳ فقير يا ڀاڳو فقير جو ذڪر آيو آهي، اهو
غالباً ڪنهن اڃان به وڏي ’ڀاڳ فقير‘ جي اولاد مان
هو. انهيءَ وڏي ڀاڳ جو اهو نالو پوءِ به هلندو
آيو. ڳالهه جي بيانن ۾ ڀاڳو فقير کان سواءِ، ٻين
ڀاڳن جا نالا پڻ آيل آهن(1)
. جيئن ته لاڏو ڀاڳ جنهن کي سومرن جون پيڙهيون ياد
هيون، محمود ڀاڳ جيڪو هڪ بيان موجب سومرين کي ابڙي
ڏانهن وٺي ويو هو. ان سان گمان نڪري ٿو، ته دودي -
چنيسر واري دؤر ۾ ڀاڳ موجود هئا، جيڪي سندن وڏي
ڏاڏي ڀاڳ فقير (ڀان) جي نالي پويان ’ڀاڳ‘ سڏبا
هئا، جيڪو گهڻو اڳ ٿي گذريو. ’ڀاڳن‘ جي سلسلي
پويان، ان دؤر ۾ ’راڄ ڀاڳ‘ (يعني ’راڄ‘ ۽ سندن
’ڀاڳ‘) جو اصطلاح رائج ٿيو، جيڪو اڃان تائين هلندو
اچي. ڀاڳن ۽ ڀانن کان سواءِ، لنگهن ۽ مڱڻهارن،
ميراثين ۽ ڀٽن جو ذڪر پڻ آيو آهي(2)
. چنڊ فقير مڱڻهار دودي کي پيڙهيون ٻڌايون(3)
. ڀاڳ فقير کي پڻ (پيشي جي لحاظ سان) مڱڻهار سڏيو
ويو آهي(4)
. بهرو نالي منگتو هو، جنهن کي دودي، ننگر سان گڏ
عالادين جي ڇانوڻي ڏانهن موڪليو ته کيس وٺي وڃي،
سندس پيءُ چنيسر سان سڃاڻپ ڪرائي(5)
.
ڀان، ڀاڳ، منگتا ۽ مڱڻهار: سندن هنر ۽ فن:
لورن، لنگهن، ڀانن، چارڻن ۽ ٻين ڪن ذاتين وارا
منگتا ۽ مڱڻهار فقير، سنڌ ۾ آڳاٽي وقت کان وٺي
موجود هئا. سندن لياقتن مان هڪ اها هئي، جو هو
اڳئين دؤر جون ڳالهيون بيان ڪنداهئا. عرب - اسلامي
دؤر ۾ ”تاريخي روايت جي تحقيق“ جي سلسلي ۾ هنن
ڏانهن توجهه ٿيو. سندن ٻي اهليت اها هئي جو ڳائڻ
جي فن ۾ ماهر هئا ۽ راڳن ۽ سازن جي کين ڄاڻ هئي.
موسيقي جي ڄاڻ کين اسلام کان به اڳ واري دؤر ۾
مشهور ڪيو(6)
. عرب - اسلامي دؤر ۾ مشهور محقق مسعودي سنڌ جي
سازن تي تحقيق ڪئي(7)
۽ انهيءَ سلسلي ۾ کيس يقيني طور سنڌي موسيقي جي
انهن ماهرن کان ئي ضروري معلومات مليا هوندا.
سومرن حڪمرانن پنهنجي دؤر ۾ هنرمند لورن، لنگهن،
ڀانن، ڀاڳن جي پوئواري ڪئي ۽ کين انعام اڪرام ڏنا.
عالادين جي آڏو چنيسر چيو ته: ”اسين ڀيٽون ڏيندا
آهيون لنگهن کي“(1)
، يعني ته قيمتي شيون انهن کي انعام طور ڏيندا
آهيون. انهيءَ ڪري انهن فقيرن کي سومرن جي سماج ۾
خاص درجو حاصل ٿيو. ڪي خاص ڪم ۽ ڪي خاص خدمتون هنن
هوشيار هنرمندن جي حوالي ٿيون. منجهانئن ڪي وقت جي
حڪمرانن جا خاص خدمتگار هئا، بلڪ سندن هڏڏوکي سڄڻ
هئا ۽ جنگ وقت سندن پاران سر ڏنائون. ڪي حڪمران
قبيلي جي حويلي جي خدمت ۾ هئا، سومرن حاڪمن ۽ سندن
عزيزن جي وچ ۾ خاص پيغام پهچائڻ، ۽ اڻبڻت ۽ نفاق
جي صورت ۾ سهڻي صلاح ڏيڻ سندن خاص ڪم هو، سومرن ۽
ٻين جي پـُـرين ۽ پيڙهين ۽ اڳين ڳالهين ۽ واقعن جي
کين خاص ڄاڻ هئي، ان کان سواءِ منجهانئن گهڻا راڳ
۽ موسيقي جا ماهر هئا ۽ وقت سر سازن ۽ سرودن تي
محفلون ٿي مچايائون. دودي - چنيسر جي ڳالهه جي
مختلف بيانن ۾ سندن انهن مڙني لياقتن ۽ خصوصيتن جا
اهڃاڻ ملن ٿا، جيڪي ڀاڳو فقير جي ڪردار ۾ خاص طرح
نمايان آهن.
ڀاڳو، دودي جي در جو خاص فقير ۽ خدمتگار هو(2)
يعني ته هو حڪمران گهراڻي جو
خاص ’ڀاڳ‘ هو. ساڳئي وقت هو دودي جو سڄڻ ۽ صلاحڪار
هو. دودي جڏهن ڀاڳو کان صلاح پڇي، ته عالادين جي
ڇانوڻي ۾ ڪنهن کي وڪيل ڪري موڪلجي ته هن کيس صلاح
ڏني ته ننگر کي موڪلجي، جو سندس پيءُ چنيسر کي به
وڃي سمجهائي ۽ مڃائي(3)
. پوءِ دودي ڀاڳو کي ئي ننگر ساڻ گڏ سندس صلاحڪار
ڪري موڪليو، ته ننگر کي هو چنيسر ساڻ ملائي، ۽ پڻ
فقير پاڻ چنيسر کي سرچائي ۽ سهڻي نموني سان
سمجهائي(4)
. وري دودي ڀاڳو فقير کان ئي صلاح پڇي ته سامون
ڪنهن وٽ ڇڏجن. ڀاڳو کي تاريخ جي ڄاڻ هئي ۽ کيس ان
دؤر جي سڀني سردارن ۽ حاڪمن جي لياقت ۽ همت جي خبر
هئي، سو سڀني مان ابڙي کي وڌيڪ ڪيائين ۽ پنهنجي
راءِ ڏنائين، ته سامون ابڙي وٽ وڃن. هڪ بيان موجب،
دودي ڀاڳو فقير کي ئي سامن سان گڏ موڪليو هو، ۽
ڀاڳو ئي سامون ابڙي وٽ وٺي ويو(5)
.
ڀاڳو فقير کي سومرن جي پـُـرين پيڙهين جي پوري
ڄاڻ هئي. عالادين جي ڇانوڻي ۾ جڏهن هو چنيسر سان
مـُـنهان منهن ٿيو، تڏهن ڀاڳو اڳين سومرن جون
پيڙهيون ڪڍي ٻڌايون، ته ٻئي ڪنهن به سومري بادشاهه
ڌارين مان شادي ڪانه ڪئي، سواءِ دودي نهري جي،
جنهن لوهار جي ڌيءَ سان شادي ڪئي، جنهنڪري هي سڄو
معاملو متو:
ست ڀين، ست ڀونگر، ست سنڀران دودا راءِ
ٽي سـَـتا ايڪيهه ٿيا وڳـہ جا بادشاهه
اهڙو کريو ڪونڪو، جيئن کريو نهري دودو راءِ(1)
.
ڀاڳو فقير وڏو راڳيندڙ ۽ موسيقار هو ۽ سرندي تي
ڳائڻ جو سدا ملوڪ هو(2)
. دودي کيس موڪليو ته وڃي ننگر کي سڏي اچي، ته هو
کيس عالادين جي چڙهائي کان واقف ڪري ۽ عالادين جي
ڇانوڻي ڏانهن کيس وڪيل ڪري موڪلجي. اها هڪ وڏي
مـُـهـِـمُ هئي، ۽ انهيءَ ڪري دستور موجب ڀاڳو
فقير به سرندو ساڻ کڻي، ننگر کي سڏڻ ۽ خبر سڻائڻ
لاءِ چنيسر جي ڏيڍي تي(3)
وڃي پنهنجو ساز سـَـر ڪري، ڳاهون ڏيئي ڳايو.
دودل ڀان اُٿاريو ته ننگر نهاري آءُ
ساڄ سرندا پاڻ سان ڀاڳو ڀان کنيا.
(ص 723)
ساز کڻي سرندو هليو، بيٺو ڏيڍيءَ در وڄاءِ
اُٿي ماءُ ننگر جي، سا بيٺي مريم ڳالهاءِ.
(ص 782)
سرندو کنيائين سوز مان، جنهن جي تارن رکيو تاء
راڻي جي رنگ محل ۾ پيو سرندي جو سماء.
(ص 926)
هو چنگ چئنچل جي هٿ ۾ جنهن طرحين وڄايا تال
اندر حويليءَ ۾ پيو، ساري ساز سماء.
(ص 1025)
ان دؤر ۾ ڳائيندڙ ڀان ۽ چارڻ، منگتا ۽ مڱڻهار خاص
خبرون ڏيندڙ ۽ هلائيندڙ هئا ۽ انهيءَ لحاظ سان، هو
ان دؤر جا ڄڻ اخبار - نويس هئا. هو پنهنجي وقت جا
شاعر سگهڙ ۽ هنرمند ڳائيندڙ هئا، ۽ ڳاهن ۽ ڳائڻ
ذريعي ملڪان ملڪ خبرون هلائي ٿي ڇڏيائون. انهيءَ
ڪري سندن وڏو اثر رسوخ هو. هنن پنهنجي دستوري
روايت موجب، هميشه حقيقت کي بيان ٿي ڪيو: جيڪڏهن
ڪنهن چڱو ڪارنامو ٿي ڪيو، ته ان کي چڱو ٿي چيائون،
پر جيڪڏهن ڪنهن مدو ڪم ٿي ڪيو، ته ان کي مدو ٿي
ڪوٺيائون. چڱن، سڄڻن، سخين ۽ سورهين جي ساراهه ٿي
ڪيائون، ته پنهنجن جي بدخواهن، ڌارين دشمنن،
ڪنجوسن ۽ ڪانئرن جي ڪـُـوارَ (هـَـجوَ) ٿي ڪيائون.
ڀاڳو فقيرجو ڪردار به انهيءَ دستوري روايت جو
آئينو هو.
ڀاڳو فقير ڏيڍيءَ تي اچي سرندو وڄايو ۽ ڳايو، پر
ننگر جي ماءُ کيس مانُ نه ڏنو. فقير موٽڻ وارو هو
جو ننگر ۽ سندس يار اچي پهتا. ننگر خبرون پڇيون ۽
فقير جي وڏي آڌر ڀاءُ ڪيائين، کيس وڏي چاهه سان
چيائين، ته وار سڪائڻ ڏي ته سڀ ٿا گڏجي هلون ۽
پوءِ عالادين کي به مردانگي سان منهن ڏينداسون.
ننگر جي انهيءَ همت ۽ مردانگي جي مدنظر ڀاڳو فقير
دستور موجب سندس ’ساراهه‘ ڪئي:
تنهنجا باغين اڏيل، بنگلا، آهي اُچي اڏاوت تن
ٿنڀ ڪامون چندن جون، مشڪ ليپ لڳن
کٽون شيشم عاج جون، جن تي هند فراش پون
گلم اوهان دوداڻين جا، سڀ جنهور سان جڙجن
نـَـوَ ڪـُـڙهون تونـَـر جون، جت نـِـيرا ٿا نچن
بورون ۽ شهزورون، ڪميتون منجهن
سرخيون سنجافن ۾، مـُـشڪڙيون منجهن
سونهري سمندون جن تي سونا سنج پون
يابـُـون ڊڊا تن ۾، گاهي گاهه به ڪن
مهري تنهنجي ميدان ۾، سڀ ڍاٽي ڍول ڍرن
سنڌ جا سورهيه سومرا، تو وٽ ڪؤنر ڪچهريون ڪن
خان پڇين ٿو خبرون، ويهو ننگر! نوابن(1)
ننگر پاڻ ننگ ڀريو هو، جنهنڪري فقير کي عزت
ڏنائين، پر کيس اهو پڻ معلوم هو، ته جي فقير کي
مان نه مليو ۽ موٽي ويو، ته گلا ٿيندي. منگتي کي
موٽائڻ عيب هو. ڀاڳو جڏهن ننگر سان گڏجي عالادين
جي ڇانوڻيءَ ۾ ويو ۽ چنيسر کي وڃي مليو ۽ سومرن
جون پيڙهيون بيان ڪيائين، ته به سچ چيائين ۽ نهري
دودي کي ڪاڻيارو ڪيائين، جنهن لوهارن مان شادي ڪئي
هئي، چنيسر کي پڻ ’ڪـُـوارَ‘ جو دڙڪو ڏنائين، ته
آءٌ بادشاهه جي آڏو تنهنجي پـُـري پڌري ڪندس:
”پـُـريون ڪندو سئين پڌريون، عالادين اڳياء“
(ص 934)
ٻئي بيان موجب ان فقير سان سندس سـُـرندو ساڻ هو ۽
چنيسر کي سمجهائڻ خاطر پنهنجو دستوري هٿيار
استعمال ڪيائين، يعني ته سرندو کڻي ڳايائين ۽ ڳائڻ
۾ کيس ڪـُـواريائين ته:
کر چنيسر لعنتي، تو ڪيڏا ڪم ڪيا!
پڳ وڃايئي پانهنجي، پڇڻ هليو هئين ماء!
تو ۾ لـِـڇ لهار جي، ساري عالم کي اوڳاء!
مون چاڙهي ڄٽ کي ڄام ڪيو، ڇا ڄاڻين
مان منجهاء
(1)
انهيءَ تي چنيسر هڪدم اٿي سندس مرحبا ڪئي ته:
آءُ اسان جا منگتا، ڀاڳو ڀلي ڪري آئين ڀان
خوش هو دودو سومرو، خوش هئا راڄ سندان(2).
ڳالهه جي ڪن بيانن موجب، ڀاڳو فقير سامن سان گڏ
ويو هو ۽ عالادين جي جنگين کان پوءِ به جيئرو هو،
ڇاڪاڻ جو موجوده دؤر جي ڪن سگهڙن ڪچهرين ۾ ائين
چيو، ته دودي - چنيسر جي واقعن واري ڳالهه سڀ کان
پهريائين ڀاڳو فقير بيان ڪئي ۽ پوءِ اها مشهور ٿي:
ڀاڳو فقير غالباً پهريائين ڳالهه کي ڳائي بيان
ڪيو، جنهنڪري اها پوءِ هر جاءِ هـُـلي ويئي.
***
|